سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 1

باب: --

صفحو :4

مترجم: منظور احمد ميمڻ

 

ماڪڙ جي واڌ ۽ اڏامڻ تي موسمن جو اثر

 

ماڪڙ جي واڌ ۽ اڏامڻ تي موسمن جو ڪهڙو اثر پوي ٿو، تنهن جي جاچ هڪ نئون ڪم آهي. هن ڪم ۾ صحيح جاچ ۽ معلومات وسيلي ماڪڙ جي آزار کي ختم ڪري سگهجي ٿو.

ماڪڙ جي آفت، اتر-اولهه ايشيا ۽ آفريڪا جي ٽيهارو کن ملڪن جي ترقيءَ ۾ وڏي رنڊڪ آهي. انهن ملڪن ۾ ڪروڙين انسانن جي پيٽ ڀرڻ جو مسئلو ڏينهون ڏينهن مشڪل ٿيندو ٿو وڃي. انهيءَ حالت ۾ اناج جو هڪڙو سنگ به هڪمڪڙن جي پيٽ ۾ وڃڻ هڪ وڏو زيان آهي.

مڪڙن جي حملي سببان ٿيل تباهيءَ جو اندازو هن ڳالهه مان ئي ٿي ويندو ته ڪينيا (آفريڪا) ۾، فيبروري 1955ع ۾ مڪڙن جي هڪ ڪٽڪ پنجن چورس ميلن جي علائقي تي حملو ڪيو. مڪڙ- مار دوائن جي استعمال بعد، اندازو لڳايو ويو ته اُن ڪٽڪ ۾ اٽڪل هڪ ارب مڪڙ موجود هئا، جن جي تور پنجاهه هزار مڻ هئي. اها به سُڌ پيئي آهي ته هڪ مڪڙ کي روزانو پنهنجي وزن جيتري کاڌي جي ضرورت ٿئي ٿي. انهيءَ مثال مان هيءَ سڌ پوي ٿي، ته فقط پنجن چورس ميلن ۾ پکڙيل مڪڙن جي ڪٽڪ، فصلن کي ڪيتري قدر نقصان پهچايو هوندو. اندازو لڳائجي ٿو ته اٽڪل پنجاهه هزار مڻ اناج ٿوري ئي وقت ۾ مڪڙن جي حوالي ٿي ويو هوندو. مڪڙن جا اهڙا ڪٽڪ دنيا ۾ ڪيترن هنڌن تي پکڙيا پيا آهن

ماڪڙ جي حملي کان بچاءُ ۽ کين ختم ڪرڻ جون ڪوششون ڪافي عرصي کان ٿي رهيون آهن. هي ته ظاهر آهي ته ماڪڙ سياست، مذهب، رنگ ۽ نسل جي پابندين جو لحاظ نٿي ڪري، ۽ بنا ڪنهن اطلاع جي سرحدون پار ڪري، سرسبز فصلن تي حملو ڪري ٿي. انهن حالتن ۾ دنيا جي سڀني قومن جو هڪٻئي سان ساٿ ڏيڻ تمام ضروري ٿي پيو آهي ۽ اڄ ان جو هي نتيجو نڪتو آهي ته گڏيل قومن جا مڙيئي ادارا، هن خير جي ڪم ۾ هڪٻئي سان ڀاڱي ڀائيوار ٿيا آهن.

مڪڙ ۽ موسم:

موسم جو انساني زندگيءَ جي هر شعبي ۾ دخل رهي ٿو؛ چاهي اها مڇيءَ جي شڪار لاءِ مناسب ڏينهن جي ڳولا هجي، يا هوائي جهاز ۽ راڪيٽ جو اڏامڻ هجي. انسان وانگر مڪڙن جي واڌ ۽ اڏامڻ تي به موسم جو گهرو اثر پوي ٿو. تازو  انهيءَ ڳالهه جي معلومات ڪئي ويئي آهي ته موسم جي خيال رکڻ کانسواءِ مڪڙن کي مڪمل طور تباهه ڪرڻ جو انتظام ڪري نٿو سگهجي.

مڪڙ جو جسم ۽ رهڻي ڪرڻي:

مڪڙن جي هلت ۽ رهڻي ڪرڻيءَ جي طريقن کان واقف ٿيڻ نهايت ضروري آهي. هڪ جوان مڪڙ جي ڊيگهه ان جي ٽنگ جي هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين ڇهه انچ هوندي آهي ۽ وزن هڪ گرام کان ٽن گرامن تائين. وارياسيءَ ۽ نرم زمين ۾ جتي گِهم موجود هوندي آهي، اُتي مادي مڪڙ زمين ۾ ٻه چار انچ اندر آنا لاهيندي آهي. آنن لاهڻ لاءِ ٻاويهين کان چوويهن درجن جي گرميءَ جو هئڻ ضروري آهي. هن حقيقت مان ئي موسم جو تعلق ظاهر ٿئي ٿو. اُهي هنڌ جتي ذڪر ڪيل گرميءَ جو درجو موجود هوندو آهي ۽ مينهن پوڻ بعد زمين گهمبي آهي، اتي مڪڙ جي آنن ۽ ٻچن کي ڳولي هٿ ڪرڻ، وڌيڪ ڪارائتو آهي.

پيدائش جو واڌارو:

مڪڙن جو نسل تمام تيز رفتار سان وڌي ٿو ۽ هڪ مادي مڪڙ اٽڪل هڪ هزار آنا روز ڏيندي آهي. آنن مان ٻچن جو ڦٽي نڪرڻ به گرميءَ جي درجي تي دارومدار رکي ٿو. ٻچن ڦٽڻ جو عرصو پنجٽيهن درجن سينٽي گريڊ تي ڏهه ڏينهن هوندو آهي ۽ ارڙهن درجن تي اٽڪل ٻه مهينا پنجن – ڇهن هفتن کانپوءِ مڪڙ جا ٻچا اڏامڻ لائق ٿي ويندا آهن.

اڏامڻ تي گرميءَ جو اثر:

مڪڙن جي اڏامڻ جو گرميءَ سان گهاٽو لاڳاپو آهي. پنجويهه درجا سينٽي گريڊ کان گهٽ گرميءَ واري ماحول ۾ مڪڙ اڏامي نٿو سگهي ۽ پنجٽيهن درجن کان وڌيڪ گرميءَ جي مند ۾ مڪڙن جو اڏامڻ ختم ٿيو وڃي. انهيءَ مان ظاهر آهي ته زمين تي لٿل يا اڏامندڙ مڪڙن جي ڳولا تڏهن ڪامياب ٿي سگهي ٿي، جڏهن گرميءَ جي درجي متعلق صحيح ڄاڻ هجي.

موسم جي هڪڙي ٻئي اهم جزي يعني هوا جي رُخ ۽ رفتار جو پڻ مڪڙن جي ڏامڻ سان گهاٽو تعلق آهي- عام طرح مڪڙ ٻه –ٽي هزار فوٽ بلنديءَ تي اڏامي سگهي ٿو. هن جي اڏامڻ جي رفتار اٺ – ڏهه ميل في ڪلاڪ ۾ هوندي آهي ۽ هو لاڳيتو ويهن ڪلاڪن کان وڌيڪ عرصو اڏامي نٿو سگهي. مڪڙ جو اڏامڻ هوا جي رخ جي تابع هوندو آهي. تجربي مان ثابت ٿيو آهي ته مڪڙ انهيءَ طرف اڏامي ٿو، جنهن طرف هوا جو رخ هوندو آهي. ان ڪري ٻه –ٽي هزار فوٽ بلنديءَ تي مڪڙن جي ڳولا ڪرڻ ۽ کانئن بچاءَ لاءِ هوا جي رخ جو مطالعو ڪرڻ نهايت ضروري آهي. انهيءَ سببان نه فقط مڪڙن جي مختلف هنڌن تي هئڻ ۽ مختلف وقتن تي لڀڻ جو اندازو پڻ ٿئي ٿو پر ڌرتيءَ جي هوائي جهازن تان مڪڙ مار دوائن ڇٽڪارڻ جو انتظام به آسانيءَ سان ڪري سگهجي ٿو؛ مثلاً، مڪڙ اوڀر کان اولهه طرف وڃي رهيا هجن ته سوال پيدا ٿئي ٿو ته ان وقت مٿانئن اولهه طرف کان دوائون ڇٽڪارجن يا اوڀر کان، جيئن ته مڪڙن جواڏامڻ اولهه طرف آهي ۽ هوا جو به ساڳيو ئي رخ آهي ته انهيءَ صورت ۾ اوڀر کان مڪڙ- مار دوائن جو ڇٽڪارڻ بيڪار ثابت ٿيندو. فقط اولهه کان ئي دوائن جو استعمال مڪڙن جو خاتمو آڻي سگهي ٿو.

تازو معلوم ٿيو آهي ته مڪڙ ان هنڌ گڏ ٿين ٿا، جتي هوائن جو پاڻ ۾ ميلاپ ٿيندو آهي. اهڙا ڪي علائقا ڄڻ دائمي هوندا آهن، جتي فقط موسم جي تبديليءَ سان گڏوگڏ پنهنجي جڳهه بدلائيندا رهندا آهن. اهڙي قسم جو هڪ علائقو ڪوسي ڪمر بند جو پٽو آهي، جتي اُتر ۽ ڏکڻ طرف کان بري هوائن جو پاڻ ۾ ميلاپ ٿئي ٿو. اهڙن هنڌن تي تمام گهڻا مڪڙ گڏ ٿين ٿا ۽ اتي انهن جي جاچ پڙتال مڪڙ ماريندڙن لاءِ نهايت ضروري آهي. انهيءَ کانسواءِ، ٻين اهڙن هنڌن تي به مڪڙ گڏ ٿين ٿا، جتي هوائن جو وقتي طور پاڻ ۾ ميلاپ ٿئي ٿو. اهڙن هنڌن جو اڳواٽ پتو لهڻ به تمام ضروري آهي.

طوفان جو اثر:

تازو موسمي حالات جي جائزي وٺڻ کانپوءِ، خبر پيئي آهي ته مڪڙن جو اڏامڻ، هوا جي چڪر ۽ طوفاني هنڌن تي پڻ دارومدار رکي ٿو. اهڙيءَ طرح موسم جو هڪ ٻيو اهم جزو پڻ مڪڙن جي اڏامڻ جي مطالعي ۾ شامل ٿي ويو آهي. انهيءَ مثال مان ظاهر ٿي ويندو ته مڪڙن جو هڪ ڪٽڪ 23 جون 1961ع تي، اولهه طرف پنجگور علائقي ۾ نظر آيو. ٻن ڏينهن کانپوءِ هندستان ۾، ڪڇ جي علائقي ۾ مڪڙن جو اطلاع مليو. ان ڏينهن پنجگور جو علائقو مڪڙن کان صاف هو. موسمي تپاس مان خبر پئي ته اهي مڪڙ جيڪي هوا جي رخ ڪري اولهه کان پنجگور پهتا، سي اوڀر طرف وڌيڪ وڃي نه سگهيا؛ ڇاڪاڻ ته انهن ڏينهن ۾ هوا جو هڪ چڪر (سائيڪلون) عربي سمنڊ کان اتر طرف وڌي رهيو هو. اهڙن طوفانن ۾ هوا گولائيءَ ۾، واچ جي ڪانٽن جي ابتڙ ڏس ۾ چڪر ڪاٽي ٿي. پنجگور ۾ آيل مڪڙ جڏهن هن چڪر جي ضد ۾ آيا ته کين طوفان واري رخ ۾ وڃڻ کانسواءِ ٻيو ڪو چاروئي ڪونه هو. اهڙيءَ ريت ٻه ڏينهن سمنڊ تي سفر ڪرڻ بعد جيڪي مڪڙ جيئرا بچيا، اهي ڪڇ جي علائقي ۾، جتي سڀ کان اول خشڪ زمين ملي، اتي لهي پيا ۽ ٻن ڏينهن کانپوءِ اتي ئي ڏسڻ ۾ آيا.

مڪڙن جي واڌ، اڏامڻ ۽ انهن کي ختم ڪرڻ جو موسم سان گهاٽو تعلق آهي، محڪمه ء موسميات ۽ جاگرافيءَ جا شاگرد هاڻي هنن ۾ ڪافي دلچسپي وٺي رهيا آهن. اميد آهي ته انسانذات ڪجهه وقت بعد هن آفت کي هميشھ لاءِ ختم ڪري، سک جو ساهه پٽيندي.

 

 

ممتاز مرزا

 

پکين جي دنيا

 

هيءَ ڳجهارت ايڏي پراڻي آهي، جيڏي هيءَ دنيا:

ڳجهارت آهي ته ”پکي اڳ ۾ آيو يا آنو؟“

ان جو جواب سولو آهي.

ڪروڙين سال اڳ، دنيا ۾ هڪڙا جاندار رهندا هئا، جن کي ”ڊينو سائر“ چيو ويندو آهي. اهي ڌرتيءَ تي پيٽ ڀر رڙهندا هئا. انهن مان ڪن ننڍن ڊينوسائر جاندارن پنهنجن وڏن ڀائرن جي ڊپ کان پنهنجا گهر ٽڪرين جي چوٽين تي وڃي ٺاهيا هئا.

گهڻي زمان گذرڻ کانپوءِ، انهن کي پَرَ نڪتا ۽ پوءِ اهي اڏامندڙ پکي ٿي پيا.

اڄ اسان وٽ هزارين قسمن جا ننڍا وڏا پکي آهن. چون ٿا ته دنيا ۾ ڪل 200،000 قسمن جا پکي رهن ٿا. ڪي رنگا رنگي ۽ ڏسڻ ۾ ڏاڍا سهڻا ته ڪي ڳائيندڙ، ڪي تمام ننڍڙا، ته ڪي وري تمام وڏا پکي ڇا کائيندا آهن؟

اوهان ڏٺو هوندو ته جهرڪيون، ڪڪڙيون، ڪانءُ ۽ ٻيا ڪيترائي گهريلو ۽ رولاڪ پکي اُڏامندي، ٽپندي، ماڪوڙن ۽ ڪِينئن کي ڳهندا رهندا آهن. پکي دراصل، اسان کي ڪيترن خطرناڪ ڪينئن جي مصيبت کان بچائين ٿا. انهيءَ کانسواءِ ، هو اَن به کائيندا آهن.

پکين ڏسڻ جي وندر

اوهان ڪڏهن باغ يا ٻنيءَ ڏانهن گهمڻ وڃو ۽ ڪنهن هنڌ ويهي، پکين کي جاچي ڏسندا ته اوهان کي ڏاڍو مزو ايندو. ان کانسواءِ، اوهان انهن جي رنگن، ٻولين ۽ عادتن کان پڻ واقف ٿيندا رهندا. اوهان جو اهو شوق آهستي آهستي وڌندو ويندو. ڪن ملڪن ۾ اهڙا ماڻهو به هوندا آهن، جن جو ڪم ئي پکين بابت معلومات حاصل ڪرڻ هوندو آهي.

پکين کي ڪيئن جاچجي؟

دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪيئي پکي آهن. انهن کي جاچڻ جو بهترين طريقو آهي ته آهستگيءَ ۽ آرام سان لڪي ويهڻ. ٿوروئي وقت ائين ڇَپُ هڻي ويهندا، ته ڪيئي پکي اچي اوهان جي ويجهو گڏ ٿيندا، جهڙوڪ: ڪانءَ، جهرڪيون، ڪبوتر، ڳيرا، ڪاٺڪُٽا، چتون، وغيره وغيره. جيڪڏهن اوهان وٽ هڪ ننڍي دروبيني هجي ته پوءِ  ڏاڍو سٺو ٿيندو!

اڏامندڙ پکي:

پکي ڪيئن ٿا اڏامن؟ قدرت کين ٻه مضبوط پَر ڏنا آهن، جن ۾ سنها ۽ ٿلها کنڀ ٿين ٿا. اهي مضبوط هئڻ سان گڏ وزن ۾ ڏاڍا هلڪا آهن. پکين جا هڏا به ڏاڍا هلڪا ۽ لچڪيدار ٿين ٿا، جنهن ڪري انهن کي هوا ۾ اُڏامندي تمام آساني ٿئي ٿي.

پکين کان سواءِ ڪي نانگ، مڇيون، جيت ۽ ڏيڏر به ڪن ملڪن ۾ اُڏامندا ڏٺا ويا آهن.

اڏامڻ جا نمونا:

پکين کي ڪجهه وقت غور سان ڏسڻ بعد اوهان کي معلوم ٿيندو ته انهن جي اڏامڻ جو نمونو هڪجهڙو ناهي؛ هڪڙا پَرن کي زور زور سان هڻندا آهن، ته ڪي وري لس اڏامندا آهن. جڏهن هوا ۾ مٿي چڙهندا ته اڏامڻ جو نمونو ٻيو هوندن. وري جڏهن ڪو باز شڪار کي پڪڙڻ لاءِ هيٺ لهندو، ته ان جو نموني ئي نيارو هوندو.

جهنگ جا پکي:

چيهو

چيهو هڪ ننڍڙو رنگا رنگي پکي آهي. جڏهن چيهن جي جوڙي کي ٻچا ڪرڻا هوندا آهن، ته نر ۽ مادي ٻيئي گڏجي ڪنهن وڻ، ٻوڙي يا گهر جي ڇڄهريءَ ۾ آکيرو ٺاهيندا آهن. انهن جو آکيرو گپ، ڪکن ۽ سنهين ڪاٺڙين جو ٺهيل هوندو آهي. اندران ڏاڍو نرم هوندو آهي. چيهن جي آنن جو رنگ به ڏاڍو سهڻو هوندو آهي. چيهي جي مادي موسم ۾ نيري-سائي رنگ جا پنج آنا لاهيندي آهي.

جهرڪي

چيو وڃي ٿو ته دنيا جي جدا جدا ملڪن ۾ جهرڪيءَ جا 600 مختلف نمونا آهن. هيءُ ننڍڙو پکي اوهان کي جهنگ جهر، گهرن ۽ وڻن ۾ هر هنڌ، شور مچائيندو ڏسڻ ۾ ايندو.

مادي جهرڪي آنن لاهڻ جي موسم ۾ ٽن کان چار آنا لاهيندي آهي. آکيرو، نر ۽ مادي ٻيئي گڏجي ٺاهين. ٻچن ڦٽڻ کانپوءِ، ٻيئي ڄڻا کين رات ڏينهن کارائيندا رهن. ڪي جهرڪيون خاڪي ۽ ڪي ناسي رنگ جون به ٿين. هي پکي ڪينئن مارڻ ۾ ڏاڍو هوشيار آهي.

ڪانءُ

ڪانءُ لاءِ هڪ روايت آهي، ته هُو شڪاريءَ جي ڌڪ هڻڻ جو مفاصلو ڄاڻندو آهي ۽ انهيءَ ڪري هو آسانيءَ سان هر ڪنهن شڪاريءَ کان نه مرندو آهي.

هي پکي ولرن جي صورت ۾ اُڏامي ٿو. چيو وڃي ٿو ته ڪانءَ جتي رهندا آهن، يا کائڻ لاءِ هيٺ لهندا آهن، ته پنهنجا چوڪيدار اوچن وڻن تي نظرداريءَ لاءِ ويهاريندا آهن. اهي چوڪيدار خطرو ڏسي، سڀني کي هڪدم سجاڳ ڪندا آهن.

عام شهري ڪانءَ کان سواءِ، هڪ ٽاڪرو ڪانءُ به ٿئي ٿو، جنهن جو رنگ گهاٽو ڪارو آهي. ان جو آواز به رواجي ڪانءَ کان ڳرو ٿئي. ڪانءَ جو آواز عام طرح اڻوڻندڙ هوندو آهي.

چٻرو

هي پکي قدرتي طور سُڃ ۽ ويراني پسند ڪندڙ آهي. هي اڪثر ڪري دنيا جي هر هڪ ملڪ ۾ ملي ٿو. عام طور چوندا آهن ته چٻرو شهر ۾ نظر اچي، ته ڪو ماڻهو مرندو. حقيقت ۾ اها چوڻي هن جي ويراني پسند طبيعت هئڻ ڪري ٿي آهي.

 

 

هي پکي ڏينهن جو سُتل رهي ۽ رات جو شڪار تي نڪري. هن جي شڪل به ڀوائتي ٿئي ٿي. سندس اکيون چمڪندڙ ۽ وڏيون ٿين ٿيون ۽ هو ڏاڍو هوشيار ۽ خبردار ٿئي ٿو. يورپ ۽ آمريڪا ۾ انهيءَ ڪري چٻري کي سياڻپ ۽ دانائيءَ جي نشاني سمجهيو ويندو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com