سيڪشن؛رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2012ع (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلو خاص نمبر)

مضمون

صفحو17

شوڪت حسين شورو

 

 

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ:

         هڪ بيمثال عالم!

فرانس جي صدر ڊيگال، نامور فلاسافر ۽ ليکڪ سارتر لاءِ چيو هو ته ”سارتر پاڻ فرانس آهي.“ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پڻ سراپا سنڌ هو. جهڙي ريت سنڌ ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي پايي جو ٻيو ڪو شاعر پيدا نه ٿي سگهيو آهي، اهڙيءَ ريت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي پايي جو ٻيو ڪو عالم پيدا نه ٿي سگهيو آهي. هو سنڌ ۾ صدين کان پوءِ پيدا ٿيندڙ هڪ اهڙو يڪتا عالم آهي جنهن جي املهه علمي خزاني مان سنڌ جو نه رڳو موجوده نسل، پر ايندڙ ڪيترن نسلن جا لکندڙ ۽ پڙهندڙ فيضياب ٿيندا رهندا. ڊاڪٽر بلوچ جي گڏ ڪيل علمي ذخيري جي وسيلي ٻاهرين ملڪن جا عالم سنڌ کي سڃاڻي سگهندا. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ 16- ڊسمبر 1917ع تي شهدادپور تعلقي جي ڳوٺ جعفر خان لغاريءَ ۾ ڄائو. سندس والد علي محمد لغاري هاري هو. ڊاڪٽر بلوچ اڃا چئن پنجن مهينن جو هو ته سندس والد گذاري ويو. سندس والد وصيعت ڪئي هئي ته منهنجي ڇوڪري کي پڙهائجو“ ننڍڙو نبي بخش جڏهن چئن سالن جو ٿيو ته سندس ڏاڏي ڳوٺ جي دڪاندار واسومل وٽ هٽ تي وٺي وڃي کيس ويهاريو ته هٽڪا اکر سکي، واسومل هن کي پٽيءَ تي ٿورا ٿورا اکر لکي ڏنا ۽ ڊاڪٽر بلوچ سگهوئي سڄي پٽي ياد ڪري ويو، پوءِ ڀر واري ڳوٺ ۾ سنڌي اسڪول کليو ته کيس اتي داخل ڪرايو ويو. هو ٻن ٽن ٻارن سان گڏجي اتي پڙهڻ لاءِ ويندو هو، سندس پير اگهاڙا هوندا هئا. آرهڙ جي اُس ۾ سڙندا هئا ۽ ڪنڊا لڳندا هئا، پرائمري تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ هن مدرسه هاءِ اسڪول نوشهري فيروز ۾ داخلا ورتي. هن ٽئين درجي ۾ اسڪالرشپ جو امتحان پاس ڪيو ۽ سڄيءَ سنڌ ۾ پهريون نمبر آيو، کيس ماهوار 9 رپيا وظيفو ملڻ لڳو. 1936ع ۾ مئٽرڪ جي امتحان ۾ ٻيو نمبر اچڻ جي ڪري هن کي ماهوار 20 رپيا اسڪالرشپ ملي. جهوناڳڙهه جي نواب، ڪاليج قائم ڪرايو هو، جتي مسلمان شاگردن کان في ڪانه ورتي ويندي هئي، ڊاڪٽر بلوچ بهاءُالدين ڪاليج جهوناڳڙهه ۾ پڙهڻ ويو، اتي هو خاڪسار تحريڪ ۾ شامل ٿيو، خاڪسار ورهاڱي جي حامي ڪانه هئي. ڊاڪٽر بلوچ کي خاڪسار جي ورهاڱي مخالف رويي متاثر ڪيو هو، ڊاڪٽر بلوچ 1941ع ۾ بي.اي جي امتحان ۾ پنهنجي ڪاليج عليڳڙهه ۾ داخلا ورتي. 1943ع ۾ ايم.اي ڪرڻ کان پوءِ هو خاڪسار ڇڏي مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو. هو سنڌ ۾ موٽي اچڻ کان پوءِ سنڌ مسلم ڪاليج ڪراچيءَ ۾ استاد مقرر ٿيو، انگلنڊ جي سرڪار پرڏيهه لاءِ اسڪالر جو اعلان ڪيو ته ڊاڪٽر بلوچ دهلي وڃي چٽاڀيٽيءَ جي امتحان ۾ ويٺو ۽ چونڊجي ويو، کيس ايم.ايڊ ۽ پي ايڇ.ڊي ڪرڻ لاءِ ڪولمبيا يونيورسٽي نيويارڪ موڪليو ويو، آمريڪا مان واپس اچڻ کان پوءِ علامه آءِ.آءِ قاضيءَ کيس سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پهريون پروفيسر مقرر ڪيو، جتي هن 25 سال اسلام آباد ۾ وزارت تعليم ۽ وزارت ثقافت ۾ اهم عهدن تي ڪم ڪيائين کيس نئين قائم ٿيل اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد جو وائيس چانسيلر مقرر ڪيو ويو.

ڊاڪٽر بلوچ لکڻ جي شروعات 1945ع ۾ ”گڏهه“ جي نالي سان ڪتاب لکڻ سان ڪئي. سنڌ جي ماڻهن کي اميد هئي ته بمبئيءَ کان جدا ٿيڻ کان پوءِ سنڌ ترقي ڪندي، پر مسلمان اڳواڻ اميدن تي پورو لهي نه سگهيا. ڊاڪٽر بلوچ مسلمان سياستدانن تي طنزيه طور ”گڏهه“ نالي سان ڪتابڙو لکيو: ”بهتر ٿيندو ته سياسي ليڊرن بدران گڏهه کي پنهنجو ليڊر بنائجي، جيڪو خلق جو سچو خادم ۽ وڏي ۾ وڏو پورهيت آهي، ان کان پوءِ هن ٻيو ڪتاب ”ٻيلاين جا ٻول“ لکيو، جيڪو لسٻيلي جي سنڌي سگهڙن بابت هو. اها ڄڻ سنڌي لوڪ ادب گڏ ڪرڻ جي شروعات هئي، ان کان پوءِ ڊاڪٽر بلوچ لوڪ ادب اسڪيم تحت 42 ڪتاب سهيڙيا. ڊاڪٽر بلوچ ڏکيا ۽ تڪليف وارا سفر ڪاٽي سنڌ جي جهرجهنگ، ڪوهستان، ڪاڇي، لاڙ، ٿر ۽ اُتر جي ڪنڊڪڙڇ ۾ وڃي پهتو، سنڌي اساسي (ڪلاسيڪي) شاعري کي سهيڙڻ جو ڪم به ڊاڪٽر بلوچ ڪيو. جامع سنڌي لغات کانسواءِ هن سنڌ جي تاريخ، سنڌي ٻولي، ادب ۽ موسيقيءَ جون تاريخون، سنڌي ثقافت تي تحقيقي ڪم کان سواءِ شاهه جي رسالي جا ڏهه جلد مرتب ڪيا. هن اٽڪل 2 سؤ کن ڪتاب ۽ ٻيا ڪيترائي مضمون سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ لکيا. ڊاڪٽر بلوچ جي مختلف ادبي محفلن ۾ ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جا موقعا ته مون کي گهڻا مليا. پر هن سان ويجهڙائپ تڏهن ٿي جڏهن 24- جنوري 2001ع ۾ آءٌ سنڌالاجي جو ڊائريڪٽر ٿيس، ستت پوءِ ڊاڪٽر بلوچ جي خدمت ۾ حاضر ٿي مون کيس رهنمائي وٺڻ جو عرض ڪيو. پاڻ نهايت شفقت سان مليو ۽ چيائين ”سنڌالاجي کي سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت تي گهڻي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ان کي هڪ بين الاقوامي سطح جو ادارو بنائڻ کپي، جيڪڏهن تون اهو ڪم ڪرڻ چاهين ٿو ته آءٌ ضرور تنهنجي مدد ڪندس.“ مون سنڌالاجي ۾ ڪانفرنسون ۽ سيمينار ڪوٺائڻ ۽ ميوزيم ۾ نمائش ڪرائڻ جي رٿا جوڙي. ان سلسلي ۾ پهريون سيمينار: ”21 صديءَ جون گهرجون ۽ سنڌ ۾ تعليم جو معيار“ 28- آگسٽ 2001ع تي ڪوٺايو ويو، جنهن لاءِ مون ڊاڪٽر بلوچ صاحب کي خاص مهمان طور شرڪت ڪرڻ جو عرض ڪيو، چيائين ته ”ڳچ سالن کان سنڌالاجي جا دروازا مون تي بند رهيا آهن، پر هاڻي تون آيو آهين ته آءٌ ضرور ايندس.“ ان کان پوءِ سنڌالاجي ۾ سندس اچڻ جو سلسلو باقاعدي شروع ٿيو ۽ فون تي به ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهي، هن مون کي شروع ۾ چئي ڇڏيو هو ته: ”توکي مون سان ملڻ لاءِ ٽائيم وٺڻ جي ضرورت ڪانهي، جڏهن به اچڻ چاهين، مون کي رڳو فون تي اڳواٽ ٻڌائي ڇڏيندو ڪر.“ مون کي ياد ڪونهي ته پاڻ ڪڏهن مصروفيت جو سبب ڄاڻائي ملڻ کان انڪار ڪيو هجي. مون سوچيو ته ڊاڪٽر بلوچ جا ٻين ماڻهن کي لکيل خط هٿ ڪري سنڌالاجيءَ طرفان شايع ڪجن. جڏهن کيس اها ڳالهه ٻڌايم ته چيائين ”بلي! پر خط هٿ ڪرڻ جو ڪم ڪير ڪندو؟ ماڻهن وٽ پاڻ هلي وڃڻو پوندو، تڏهن ڪم ٿيندو.“ مون چيو: ”سائين آءٌ پاڻ وڃي خط هٿ ڪندس.“ مون اها رٿا سنڌ يونيورسٽي جي تڏهوڪي وائيس چانسيلر مظهرالحق صديقيءَ جي اڳيان رکي. هن خوشيءَ سان رٿا منظور ڪئي ۽ سڄي سنڌ جي دوري ڪرڻ لاءِ يونيورسٽي طرفان هڪ گاڏي به ڏني. عثمان منگي، سگهڙ عبدالرحمان مهيسر ۽ ارشد بلوچ انهيءَ دوري ۾ مون سان گڏ هئا. ان کان پوءِ هڪ دورو ٻيو ڪيم. خط گڏ ڪري ڊاڪٽر صاحب جي خدمت ۾ آڻي حاضر ڪيم. جيڪي پاڻ نظر مان ڪڍي مون کي ڇپجڻ لاءِ ڏنائين. سندس لکيل خطن جو اهو ڪتاب ”سڄڻ ساريندي“ جي نالي سان سنڌالاجيءَ طرفان شايع ٿيو. ڊاڪٽر بلوچ جي خواهش هئي ته سنڌالاجي ريسرچ لائبريريءَ ۾ سندس نالي سان بڪ ڪارنر قائم ڪيو وڃي. حقيقت ۾ اها سنڌالاجيءَ لاءِ فخر جي ڳالهه هئي. ڊاڪٽر صاحب پنهنجي ذاتي لائبريريءَ مان پنهنجا انگريزي، فارسي، عربي ڪتاب، رسالا، قلمي نسخا ۽ ٻيا لکپڙهه جا اهم ڪاغذ منهنجي حوالي ڪيا. اهو شاندار ڪارنر سنڌالاجي لائبريريءَ ۾ قائم ڪيو ويو. سنڌالاجي جي ميوزيم ۾ پڻ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي نالي سان ٻه ڪارنر قائم ڪيل آهن. پاڻ ڪجهه ناياب شيون ميوزيم لاءِ ڏنائين، جيڪي هڪ ڪمري ۾ سندس نالي سان محفوظ ڪيل آهن. ميوزيم ۾ سنڌ جي گذاري ويل نامور شخصيتن جا ڪارنر آهن، جن ۾ سندن ذاتي استعمال جون شيون رکيل آهن. مون کي خيال آيو ته ڊاڪٽر بلوچ Living Legend آهي. ايڏي وڏي شخصيت جو ڪارنر سندس حياتيءَ ۾ ئي قائم ٿيڻ کپي. پهرين ته کيس اها ڳالهه نه آئڙي. پر پوءِ منهنجي زور ڀرڻ تي راضي ٿيو، هن پنهنجي ذاتي استعمال جون شيون منهنجي حوالي ڪيون، سنڌالاجي ميوزم جي ڪارڪنن محنت ڪري نه رڳو ڊاڪٽر بلوچ جو ذاتي ڪارنر سهڻي نموني روشناس ڪيو، پر سنڌ ۾ ملهه راند جو به هڪ خوبصورت ڊايوراما تيار ڪيم، جنهن ۾ ملهه وڙهڻ جي منظر سان گڏ ملهه بابت ڊاڪٽر بلوچ جي لکيل هڪ مضمون کي پينا فليڪس تي ڇپرائي رکيو ويو. منهنجي رٽائر ٿيڻ کان فقط پنج ڏينهن اڳ ڊاڪٽر بلوچ جي ڪارنر ۽ ملهه جي ڊايوراما جو افتتاح ڊاڪٽر بلوچ پاڻ ۽ مظهرالحق صديقيءَ گڏجي ڪيو. 2008ع ۽ 2009ع ۾ مون سياري جي مند ۾ سنڌالاجي پاران مچ ڪچهريون سجايون هيون، ڊاڪٽر بلوچ ٻئي ڀيرا انهن ۾ خاص مهمان طور شريڪ ٿيو هو ۽ سنڌي لوڪ ادب بابت ڳالهايو هو.

ڊاڪٽر بلوچ ۾ مون ڪڏهن به هڪ وڏي عالم جو تڪبر ۽ وڏائي نه ڏٺي، باقي اهو ضرور هو ته هو پنهنجي راءِ تي مضبوطيءَ سان قائم رهندو هو، ڊاڪٽر بلوچ بابت ڪجهه غلط فهميون به پيدا ڪيون ويون، پر حقيقت اها آهي ته هن کي سنڌ سان لڳاءُ ۽ بيحد محبت هئي. هن سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت کي مٿانهون رکيو ۽ ان جي مٿانهين پڻي کي دليلن ۽ حوالن سان ساراهيو آهي. سنڌ جي مان شان کي وڌائڻ ۾ ڊاڪٽر بلوچ جو هڪ وڏو ڪارنامو آهي، جنهن لاءِ هو سالن کان چپ چاپ، بنا پاڻ پڏائڻ جي ڪم ڪندو رهيو.

هُش چئجي ٻڪري، رڍ چئجي هُڙ،

ڪڪڙ پوي انّ ۾، تنهن کي چئجي ڪُڙ،

اُڀ ۾ جي ڪڪر ٿين، ٿن کي چئجي جُهڙ،

پُڙ رکي پُڙ تي، جنڊ کي چئجي جُڙ،

سڄڻ مليا سڄڻين، ڳالهيون مڙيئي ڳُڙ.

خيال

ڪِرت ڪَٿا

ويئي هَٿا،

سورن سَٿا

جملي جَٿا

مردن مَٿا-

هٻڪن نَٿا،

کهرا کَٿا

ڦاٽل ڳَٿا-

مڙسن مَٿا،

ڪُڏندي لَٿا.

- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

ٽماهي ”مهراڻ“ 1-2/1969ع

 

 

اشتياق انصاري

 

علم ۽ قلم جو ڌڻي

 

حيدرآباد ڪلب مان دستور مطابق جاگنگ ڪري، سنجها بعد گهر لاءِ ٻاهر نڪتس، اڃا پنهنجي گاڏي موڙِي مس، ته ان جي روشني هڪ بزرگ تي وڃي پئي. اهو بزرگ ان سنسان ۽ خالي روڊ تي، ٻنهي هٿن ۾ پڪڙيل لڪڻ جي سهاري آهستي وک وک کڻي، هلڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. هن پوڙهي جي همت ۽ اڃا زندگي سان پيار ڏسي. منهنجي وات مان ”واهه..... واهه....“ نڪري وئي. مان سوچڻ لڳس ته سنڌ ۾ اڃا اهڙا حوصلي وارا پوڙها آهن جيڪي کٽ تي ڪري کرڙيون هڻڻ ۽ ٻين تي بارُ ٿيڻ کان بچڻ لاءِ زندگي سان ويڙهه جاريون رکيون اچن ٿا. مان دل ئي دل ۾ هن بزرگ جو جذبو ڏسي، کيس داد ڏيندو. سندس ڀرسان تمام آهستگيءَ سان گاڏي ڪاهي هليو ويس.

مون کي اهو شلوار قميص پهريل بزرگ اڪثر ائين اونداهيءَ ۾ واڪ ڪندي نظر ايندو هو. حالانڪ ڀرسان ئي ڪلب جو شاندار جاگنگ ٽريڪ ۽ سرسبز ميدان هو. پر هي غيرتمند پوڙهو شايد ٻين جي سامهون پاڻ کي ڪمزور ۽ هيڻو ڏيکارڻ نه پيو چاهي، انڪري ئي هو لوڪ کان لهوارو ٿي، اونداهي ۽ اڪيلائي ۾ واڪ ڪري رهيو هو. منهنجي گاڏي جي روشني جڏهن به هن تي پوندي هئي ته هن پراسرار پوڙهي جو پاڇولو نياز اسٽيڊيم جي بلند پويلين کان به مٿي چڙهي ويندو هو.

هڪ رات جيئن ئي ڪلب مان نڪتس ته اونداهيءَ کي چيريندڙ گاڏي جون لائٽون، سڌو ان بزرگ جي چهري تي وڃي پيون. هن کي ڏسندي ئي حيرانگيءَ مان رڙ نڪري وئي. ”اڙي هيءُ ته اسان جو ديومالائي ڪردار سائين نبي بخش بلوچ آهي جيڪو جهور جسم سان به جنگ جُوٽيون بيٺو آهي.“ هن کي ائين پنهنجي ٻهاريل سگهه سان وڙهندو ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي. دل چاهيو ته گاڏي مان لهي کيس سمورين سچاين سان سلام ڪريان. پر چاهيندي به مان ڪڏهن به سندس چهل قدمي ۾ رنڊڪ وجهڻ مناسب نه سمجهيو. اڪثر ڊاڪٽر نبي بخش جي ڀرسان گذرڻ مهل عقيدتاً گاڏي جهڪي ڪري گذرندو هئس.

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سان منهنجي پهرين ملاقات 1992ع ڌاري جاتي ۾ ٿي. جاتي ۾ ان وقت واپڊا جو صرف هڪ ئي ريسٽ هائوس هو. اسان ان مهل سامونڊي ڪناري ڪنهن پراجيڪٽ تي ڪم ڪري رهيا هئاسين. ريسٽ هائوس جي سڀني ڪمرن ۾ اسان جا آفيسر رهيل هئا. هڪ ڏينهن اتان جو اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار سهڪندا آيا ته ”سڀاڻي اسان جو ڪمشنر صاحب هت منزل ڪندو، اسان کي ڪجهه ڪلاڪن لاءِ اوهان جو ريسٽ هائوس کپي.“ اسان کين آٿت ڏنو. ”ڪمنشر صاحب ڀلي اچي، جيڪو حال آهي، حاضر آهي.“

اسان منجهند ڌاري سائٽ تان واپس ورياسين ته ڊرائينگ روم ۾ اڳ ئي ڪمشنر عبدالغفار سومرو ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ويٺا هئا. عبدالغفار سومرو لاڙڪاڻي لاهوري محلي ۾ اسان جو پاڙيسري آهي. هڪ پاڙي ۾ وڏا ٿيا آهيون. پر ڊاڪٽر بلوچ سان منهنجي اها پهرين ملاقات هئي، ان مهل تائين مان اڃا ادبي دنيا ۾ قدم نه رکيو هو. هڪ بي فڪرو الهڙ رانديگر هئس. ريسٽ هائوس جي باغيچي ۾ منهنجو ويٽ ٽريننگ ۽ ٻيو ورزش جو سامان ٽڙيو پکڙيو پيو هوندو هو. ساڳي وقت منهنجو ڪمرو به ڪتابن سان ڀريل هوندو هو.

ريسٽ هائوس ۾ منهنجو ڪمرو آرامده هئڻ ڪري ڊاڪٽر بلوچ کي ان ۾ رهايو ويو. اتي ڪتابن جي موجودگي ڏسي ڊاڪٽر صاحب، مون  سان ڪجهه دير ڊرائنگ روم ۾ ويهي ڪچهري ڪئي، جيئن ته ان مهل مان سنڌ جي ڊيلٽا تي ڪم ڪري رهيو هيس. روزانو لانچ تي چڙهي سمنڊ ۾ اندر تائين هليو ويندو هيس. موتمار سامونڊي ڇولين ۾ موت سان وڙهندڙ مهاڻن جو هوڙهن، رنگ برنگي پکين ۽ تمرجي گهاٽن ٻيلن سان واسطو پوندو رهيو. ان ڪري ڊيلٽا جي گپ چڪ ستل قديم تاريخي کنڊرن رتوڪوٽ، جاڪي بندر، ملاڪي ڪوٽ سنڍا بندر، شاهه بندر وغيره کي بار بار ڏسڻ جو موقعو ملندو هو. ڪڏهن سروي دوران Hover Craft تي. انڊيا ۽ پاڪستان سرحدي، سير ڪريڪ ۽ ٻين ڪريڪس ۾ به اڏار ڪندا وتندا هئاسين.

اتي ڪچهري دوران ڊاڪٽر بلوچ، مون کان ڊيلٽا ۽ ان ۾ دفن ٿيل آثارن جي باري ۾ سوال ڪيا. حالانڪ مون کي اها خبر هئي ته بلوچ صاحب اهي ماڳ ڪيترا دفعا ڏسي چڪو آهي. کين ان باري ۾ مون کان هزار دفعا وڌيڪ ڄاڻ هئي. پر ان وقت گفتگو ۾ بلوچ صاحب ائين پئي محسوس ڪرايو ته کين ان باري ۾ گهڻي معلومات نه آهي.

هو هروڀرو معصوماڻا سوال ڪري مون کي ڳالهائڻ لاءِ آماده ڪري رهيو هو. هن مون سان راوڙ قلعي، نند ڪوٽ ۽ ٻين آسپاس جي تاريخي هنڌن بابت پڻ ڪچهري ڪئي. مان سمجهي رهيو هئس ته بلوچ صاحب اهڙا سوال صرف منهنجي همت افزائي ۽ پُٺي ٺپڻ لاءِ ڪري رهيو هو.

اها حقيقت آهي ته ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ هميشه کان اسان جو پيش رو رهيو آهي. هن اسان کي ڏيکاريو آهي ته تحقيق ڪيئن ٿيندي آهي. هو پاڻ پنڌ، گهوڙن، اٺن ۽ کيکڙن تي چڙهي سارو ٿر، ڪاڇو ۽ ڪوهستان گهميو آهي. هو ان دور ۾  سهولتن جي گهٽتائيءَ باوجود اهڙن ڏکن ماڳن مڪانن تي پهتو آهي جتي پکي به پر هڻي نه سگهن. اسان سان اڄ به اڪثر ائين ٿيندو آهي جو جڏهن به ڪنهن اهڙي دور دراز ۽ ڏکي ماڳ تي پهچي، پنهنجي پر ۾ ائين سمجهندا آهيون ته شايد اسان پهريان ماڻهو، ايڏا ڪشالا ڪري. ان گمنام هنڌ پهتا آهيون پر اتي اڪثر ماڻهن مان اها خبر پوندي آهي ته هيترا سال اڳ ڊاڪٽر بلوچ هتان ٿي ويو آهي. سنڌ جي هن جاکوڙي محقق ساري عمر ۾ ايترا ته پنڌ ڪيا آهن جيترا اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به محقق ۽ اديب نه ڪيا آهن. هن پيرين پنڌ اذيت ناڪ ڪاڙهن ۽ سرد سياٽن ۾ ٿر، بر ۽ جبل جهاڳي لوڪ ادب جا ڪيترائي جلد سهيڙيا آهن. هن شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ڏهن جلدن کي ترتيب ڏني. سنڌ تي وڏو احسان ڪيو آهي. ان کان سواءِ بلوچ صاحب حمل فقير، ولي محمد لغاري، لطف الله قادري، شاهه شريف ڀاڏائي ۽ ٻين ڪيترن شاعرن جو ڪلام ڪَٺو ڪيو آهي. اهو بلوچ صاحب جو ئي ڪمال آهي. جنهن سنڌ جي تاريخ جا قديم ماخذن جهڙوڪ: چچ نامو، لب تاريخ سنڌ، تاريخ طاهري، تاريخ معصومي کي ايڊٽ ڪري، سنڌ جي اوائلي دفن ٿيل تاريخ تان ڪجهه دز لاٿي آهي. خاص ڪري هن اکر اکر پروئي جيڪا سنڌي ڊڪشنري جوڙي آهي. ان لاءِ جس لهڻي. اسان کي گهڻو ڪري بلوچ صاحب جي ادبي گڏجاڻين ۽ سيمينارن ۾ مدبرانه گفتگو ٻڌڻ جو موقعو به ملندو رهندو هو. ڪڏهن ڪنهن محفل ۾ ملاقات به ٿي ويندي هئي.

هڪ دفعو اسان جي ڪنهن پروفيسر دوست ويجهن دوستن جي دعوت ڪئي. جنهن ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ به مدعو هو. ڊاڪٽر بلوچ جي اچڻ جو ٻڌي مان به وڏي شوق سان اتي پهتس. خيال هو ته محدود ماڻهن جي گڏجاڻي ۾ ڊاڪٽر صاحب سان سٺي ڪچهري ٿيندي.

ان پروفيسر صاحب دعوت ۾ پنهنجي قبيلي جي سردار کي به گهرايو هو. جيڪو اڳ ۾ اتي پهچي چڪو هو. بلوچ صاحب ٿوري دير سان آيو. هو اچڻ سان ئي جڏهن ان جي اصول سردار کي پيرين پئي مليو ته مون کي بلوچ صاحب جو اهو عمل ڏاڍو ناگوار گذريو. مون کي ڪافي افسوس ٿيو ته اسان جي سنڌ جي هن ڏاهي ۽ علم جي درياهه، هڪ ظالم ۽ قوم دشمن سردار اڳيان جُهڪي علم دوست ۽ اديبن جي توهين ڪئي آهي. بهرحال نبي بخش بلوچ جي ان عمل مان اهو محسوس ٿيو ته هو ايڏين ڊگرين ۽ ڄاڻ هوندي به هڪ روايت پسند سادو انسان آهي. جنهن پنهنجي بزرگن جي روايت رکندي هڪ سردار جا پير چميا هئا. حالانڪ اسان جي خيال ۾ ان سردار کي ته علم جي بادشاهه جا پير چمڻ کپن ها.  

ڊاڪٽر بلوچ صاحب سان منهنجي آخري ملاقات. سندس وفات کان ڪجهه ڏهاڙا اڳ ئي ٿي هئي. ان وقت منهنجو هڪ مضمون سنڌي ادبي بورڊ ٽماهي رسالي مهراڻ ۾ چاڪر ڪوٽ نالي سان ڇپيو هو. مون ڊاڪٽر بلوچ جي ڪتاب ”رهاڻ هيرن کاڻ“ (جلد اٺون)، مان به مدد ورتي هئي، جنهن ۾ هن چاڪر ڪوٽ کي گنباٽ جو قلعو به سڏيو هو. ”مهراڻ“ ۾ مضمون ڇپجڻ بعد مون ڪٿي پڙهيو ته هڪڙو گنباٽ جو ڪوٽ ڀٽ شاهه جي ڀرسان به آهي. ۽ گنباٽ ڪنهن علائقي کي به سڏيو وڃي ٿو. اهو پڙهي مون کي احساس ٿيو ته شايد مون ڪٿي غلطي ڪئي آهي، ان باري ۾ سانگهڙ ۽ شاهپور چاڪر جي دوستن کي وڌيڪ تصديق  لاءِ چيو. پر هنن وٽان ڪوبه خاطر جواب نه مليو. مون وٽ هاڻي آخري حل اهو هو ته ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سان ملي، ان باري ۾ حقيقت معلوم ڪريان. مون ان ڳالهه جو ذڪر پنهنجي مهربان گل محمد عمراڻيءَ سان ڪيو. جنهن ڊاڪٽر بلوچ کان وقت وٺي ڏنو. مان مقرر ڏينهن تي صبح جو سائين بلوچ جي مسلم هائوسنگ سوسائٽي ۾ سندس رهائش تي پهتس. مون کي خبر هئي ته بلوچ صاحب وقت جو ڏاڍو پابند آهي. هن جون ايڏيون حاصلات صرف وقت جي پابندي ڪري ئي ٿي سگهيون آهن. چون ٿا ته بلوچ صاحب ۾ اها خوبي هئي ته سنڌ جي ڪنهن به ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جنهن به ماڻهو کي تاريخ ۽ وقت ڏيندو هو. هو ٺيڪ ان مقرر وقت ۽ جاءِ تي پهچي ويندو هو. ڀلي پوءِ زمين اٿلي ڇو نه پئي.

مان به مقرر ٽائيم تي سندس رهائشگاهه تي پهتس. سائين اچڻ ۾ ٿوري دير ڪئي. شايد طبعيت جي ناسازي ڪري جنهن تي هن معذرت ڪئي. ڊاڪٽر صاحب هشاش بشاش، صاف سٿرا ڪپڙا پاتل. وارن کي تازو ڪارو رنگ لڳل. هن جي ڪنهن به عمل مان ائين محسوس نه پيو ٿئي ته هي چورانوي سالن جو پوڙهو صرف چند ڏينهن جو مهمان آهي.

بلوچ صاحب سان مختصر تعارف بعد پنهنجا لکيل ڪجهه ڪتاب کيس تحفي طور ڏنا. ان بعد هن کي ”مهراڻ“ ۾ ڇپيل پنهنجو مضمون چاڪر ڪوٽ جا نقشا، فوٽو وغيره ڏيکاريم، آخر ۾ بلوچ صاحب کي ٻڌايو ته توهان ان ڪوٽ کي گنباٽ جو قلعو به لکيو آهي. پر مون ٻڌو آهي. ته سنڌ ۾ گنباٽ نالي ٻيا ڪوٽ به آهن.

ڊاڪٽر بلوچ وڏي ڌيرج سان مون کي ٻڌڻ کان پوءِ چيو ”تو صحيح لکيو آهي. ان ساڳي چاڪر ڪوٽ کي گنباٽ جو قلعو به سڏيو وڃي ٿو.“ هن وڌيڪ وضاحت ڪندي ٻڌايو ”جيڪو به ڪوٽ ڪچي مٽي وڃن گنڀ مان ٺهيل هجي، ان ڪچي ڪوٽ کي گنباٽ جو ڪوٽ به چئي سگهجي ٿو. تو ان چاڪر ڪوٽ جي گنباٽ قلعي جون ماپون 1971ع ڌاري آثار قديمه پاڪستان جي ڊائريڪٽر فضل احمد سان گڏ ورتيون هيون.“

ڪجهه دير ڪچهري بعد مان ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کي هڪ گذارش ڪئي ته ”اوهان کي جي وقت هجي ۽ مناسب سمجهو ته منهنجي ايندڙ ڪتاب ”سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا“ جي ٻه حصي جي بئڪ ٽائٽل لاءِ ڪجهه لکي ڏيو.“ بلوچ صاحب چيو ”بلڪل مان لکي ڏيندس. ان لاءِ اوهان پنهنجو ٿورو تعارف ۽ ان ڪتاب جي مواد سهيڙڻ دوران ڪيل ڪوششن جي باري ۾ لکي ڏيو. جيئن مان ان جي مدد سان ڪجهه لکي سگهان.“

مان ڏينهن ڏيڍ بعد پنهنجو هلڪو تعارف لکيل مواد جي باري ۾ ڪجهه سٽون سائين کي پهچايون. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ مون سندس ڏوهٽي ارشد لغاريءَ سان ان باري ۾ رابطو ڪيو. جنهن مون کي حيدرآباد ڪلب ۾ پنا واپس ڪندي چيو: ”ڊاڪٽر صاحب کي اوهان جو بئڪ ٽائٽل لکڻ جو وقت نه مليو. توهان جا ڪاغذ واپس ڪيا اٿس. البت توهان لاءِ هي خط ڏنو اٿس.“ يقين ڪريو ته بلوچ صاحب لکڻ جي حامي ڀري وري جواب ڏيڻ تي مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو. بلوچ صاحب هڪ علم جو پهاڙ آهي. ان جي سامهون اسان معمولي ذري برابر به نه آهيون. هن کي هڪڙي ننڍڙي ماڻهو جي همت افزائي ڪرڻ ۾ ڪهڙي قيامت هئي. مون کي بلوچ صاحب جي ان رويي ڪافي ڏکارو ڪيو.

تاج جويو ٻي ڏينهن تي ڪنهن سلسلي ۾ گهر اچڻ جي مهرباني ڪئي. ڳالهين دوران بلوچ صاحب جي لکيل چٺي کيس ڏيکاري. تاج جوئي خط پڙهي حيرت جو اظهار ڪندي چيو: ”بادشاهه! بلوچ صاحب، توهان لاءِ ته هيءَ وڏي راءِ لکي آهي. هو ڪنهن لاءِ به راءِ ڏيڻ جي معاملي ۾ ڏاڍو محتاط هوندو آهي.“ تاج جوئي جي اهڙي اظهار بعد مون بلوچ صاحب جون لکيل چند سٽون وري غور سان پڙهيون. واقعي هن جا لکيل چند لفظ مون لاءِ سرٽيفڪيٽ جي حيثيت ٿيون رکن. بلوچ صاحب لکيو آهي.

ادا اشتياق انصاري صاحب،

اسلام عليڪم: اڄ شام جو اوهان آيا. آءٌ ڊاڪٽر ڏي ويل هوس. ڪي ڪاغذ اوهان موڪليا هئا. اهي واپس ڪجن ٿا. اوهان آئنده لاءِ دستاويزي ڪم ڪري رهيا آهيو، جنهن کي جاري رکجو. اڳئين دور بابت مستند مواد جمع ڪرڻ البت ڏکيو آهي ۽ ڀُلون چڪون ٿي سگهن ٿيون. پر هن دور ۾ جيڪي ڪجهه ڪن ٿا ۽ لکن ٿا سي آئينده جي ڀيٽ ۾ اڳئين دور کان ويجها آهن. اميد ته اوهان جو وڌندڙ تجربو سڀني لاءِ مشعل راهه ثابت ٿيندو.

مخلص

نبي بخش

 

5 اپريل 2011ع جو سج اڀرڻ کان اڳ ئي بلوچ صاحب جي اوچتي موت جي خبر ساري سنڌ ۾ پکڙجي چڪي هئي. ان دردناڪ خبر ڪيترن علم دوست ماڻهن تي سڪتو طاري ڪري ڇڏيو. شايد مان چند انهن ماڻهن مان هيس، جن کي بلوچ صاحب سان پوئين ڏينهن ۾ ڪچهري جو شرف مليو هو. شام جو ڊاڪٽر نبي بخش جي جنازي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ پهتاسين. جنازي کي ڪلهو ڏيڻ لاءِ سنڌ جي هر حصي کان سوڳوار آيل هئا. اتي وزير، وائيس چانسيلر، ڪامورا، وڏيرا، سگهڙ، لوڪ فنڪار، شاعر ۽ اديب افسرده بيٺا هئا. اتي اهڙا ماڻهو به غمزده ڏٺا، جيڪي ڪڏهن به روبرو بلوچ صاحب سان نه مليا هئا. نه ئي بلوچ صاحب جي پونئيرن مان ڪنهن کي سڃاڻن پيا. تنهن هوندي به هو هن عظيم هستي کي عقيدت طور آخري سلام ڪرڻ پهتا هئا.

بلوچ صاحب کي سنڌ يونيورسٽي ۾ علامه آءِ. آءِ قاضي جي مزار وٽ دفن ڪرڻ لاءِ آندو ويو. ڪفن دفن ۾ به اديب ۽ سگهڙ اڳڀرا هئا. ڊاڪٽر صاحب جي تدفين مهل به غم ۾ بي حال اڪثر ماڻهن کي علم ۽ ادب جي باري ۾ گفتگو ڪندي ڏٺو. محترم حڪيم عبدالحميد چانڊيو، جيڪو ڪجهه گهڙيون اڳ نبي بخش بلوچ جي تڏي تي دِڌڪارون ڏئي روئي رهيو هو. هاڻي ڪجهه ماٺار ۾ هو. هو مون کي ٻانهن کان وٺي ماڻهن کان پاسيرو ڪري تمام معدبانه نموني چيو: ”تنهنجو ڪتاب گورک“ مليو. مون کي ۽ بلوچ صاحب کي ان گورک لفظ تي اعتراض آهي. اصل لفظ ”گورغ“ آهي. جنهن جي معنيٰ آهي.“ اهو هنڌ جتي بوندا باندي ٿيندي رهي.“ مون کي حڪيم عبدالحميد چانڊيو جو ڪنهن جي اصلاح جو اهو بزرگانه انداز ڪافي وڻيو. حالانڪ مون ڪتاب ۾ گورک لفظ جي مختلف معنائن سان گڏ، گورغ لفظ جي اها معنيٰ به ڏني آهي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کي ٽم ٽم تارن جي روشني ۾ سنڌ يونيورسٽي جي هنج ۾ سمهاري واپس ٿياسين. ان مادر علمي جو بنياد رکندڙن ۾ ڊاڪٽر بلوچ به شامل هو. ان کان سواءِ سنڌي ادبي بورڊ، سنڌي لينگئيج اٿارٽي ۽ ٻين ڪيترن ادارن کي سينگارڻ ۽ سنوارڻ ۾ ڊاڪٽر صاحب جو وڏو هٿ هو.

مون واپسي تي ڊاڪٽر بلوچ لاءِ تعزيتي ڪتاب کيس ڀيٽا ڏيندي لکيو ”سنڌ جي تاريخ تي اسان جي محققن ۽ اديبن سڀني گڏجي به ايترو ڪم ڪري نه سگهيا آهن جيترو اڪيلي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ خان ڪيو آهي.“

 

ڊاڪٽر تهمينه مفتي

 

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جا ابتدائي ڪتاب

 ۽ لوڪ ادب جون نثري صنفون

 

سنڌ جي تاريخ ۽ علم ادب جو اڀياس ڪندي معلوم ٿئي ٿو ته ناليوارن، سدا حيات تاريخي شخصيتن اديبن ۽ عالمن مان هڪ منفرد ۽ اعليٰ شخصيت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي آهي. جن جو تحقيقي ڪم جداگانه آهي.  سندن تقرير مختصر ۽ تحرير جامع ۽ نظر منفرد آهي. ٿورن لفظن ۾ پنهنجي ڳالهه کي بيان ڪرڻ لاءِ ڏانءُ آهي، جيڪو ڊاڪٽر بلوچ جي شخصيت جو حصو هو. هڪ استاد جي حيثيت ۾ سمجهاڻيون واضح هونديون هيون، جنهن جو هڪ مثال مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي جي پهرئين ورسيءَ تي سندن تقرير هئي. سنڌ جي آگاٽي درسگاهن ۾ رائج تعليمي سرشتي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي قدامت ۽ مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي جي قابليت ۽ علميت بابت جنهن اِعتماد سان ڳالهايائون، اهو علمي ثابيتن سان هو. ان ڪري ضروري آهي ته سندن تقريرون پڻ محفوظ ڪيون وڃن، ته جيئن هڪ استاد جو لهجو ۽ طريقو ايندڙ نسلن لاءِ محفوظ ٿي وڃي.

ڳاهن، نظمي قصن، عشقيه داستانن، آکاڻين جي مقدمن کان وٺي، شاهه لطيف تاريخي تعليقات تائين ۽ اساسي شاعري کان ويندي رزميه شاعري (دودي چنسير جي ڳالهه) تي عرق ريزي ۽ تحقيق ڪندي زندگي جا ڪيترائي سال ان علمي ڪم ۾ گذاريا. ٻولي، ادب، ثقافت ۽ لوڪ ادب جي قدامت، فڪري ۽ سماجي گڻن جي ڇنڊ ڇاڻ، لوڪ شاعريءَ ۽ اساسي شاعري جي اعليٰ ذخيري کي منظر عام تي آڻڻ لاءِ ادبي ۽ فڪري خزاني کي محفوظ ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪندا رهيا. روايتن ۽ مسودن جي ڀيٽ ڪري، درست ۽ نج مواد کي ترتيب ڏيندا رهيا. سندن زندگيءَ ۾ ڪيل تحقيقي ڪم کي ڏسندي راءِ قائم ڪري سگهجي ٿي، ته سنڌ وطن جي علمي ۽ فڪري مواد ۽ سلسلي جي اهميت ۽ مقصد کي اولين ترجيح ڏني. ٻين لفظن ۾ هو سنڌ جا عاشق هئا.

ڊاڪٽر بلوچ علمي، ادبي ۽ فڪري ذخيري جي ڳولها کي زندگيءَ جو مقصد بنايو. کين ڊاڪٽر آف ايجوڪيشن جي ڊگري ملڻ کان پوءِ اقوام متحده ۾ نوڪريءَ جي آڇ ٿي، پر پاڻ وطن جي خدمت جي جذبي ۾ مئي 1949ع ۾ سنڌ موٽي آيا. جنهن ملازمت جو کين آسرو هو، اُها کين نه ملي. جيسين ڪا ٻي نوڪري ملي. ”ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ خاڪي ڪپڙن جا ٻه وڳا ٺهرائي سنڌ کي ڏسڻ پسڻ لاءِ مئي 1949ع کان آگسٽ 1950ع تائين ڪنڊ ڪڙڇ گهميو ۽ علمي، ڪچهريون ڪندو رهيو ۽ تاريخي هنڌن کي ڏسندو رهيو(1).“

1950 ۾ کين انفارميشن براڊ ڪاسٽنگ ڊويزن ۾ O.S.D مقرر ڪيو ويو. ان بعد مرڪزي پبلڪ سروس ڪميش کيس ڪلاس ون ۾ چونڊيو ۽ کين تعلقات عامه جي شعبي ۾ دمشق مقرر ڪيو ويو. پر جيئن ته کين سنڌ ۾ تعليم وسيلي سجاڳي آڻڻ جو خيال هو، ٻيو اهو ته علامه آءِ.آءِ.قاضيءَ جي صحبت ۽ ترغيب هئي، تنهنڪري هن ان عهدي تان اِستعفيٰ ڏيئي 1951ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ شعبي تعليم جا پروفيسر مقرر ٿيا. ان بعد سنڌي شعبي کولڻ لاءِ اعزازي پروفيسر ۽ سربراهه ٿيا، گهڻي محنت ڪيائون، ان ڪري سنڌي شعبي ۾ تحقيق جو بنياد سندن محنتن ۽ ڪوششن جو مرهون منت آهي. پاڻ 1958ع تائين سنڌي شعبي جا سربراهه رهيا. 1973ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جا وائيس چانسيلر مقرر ٿيا. 1976ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ خدمتون سرانجام ڏنائون.

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو صاحب لکن ٿا ته:

”تحقيق ۽ لکڻ پڙهڻ جو دور ڊاڪٽر صاحب هڪ مُهم جُو شخص وانگر گذاريا(2).“

منهنجي مشاهدي موجب وقت جا پابند هئا. منهنجي ملاقات سندن گهر تي ٻه دفعا ٿي. منهنجي ڪتاب تي مهاڳ لکڻ لاءِ هائوڪار ڪيائون ۽ وقت تي پوسٽ ڪري موڪلي ڏنائون. 8- جنوري 2011ع تي انٽرنيشنل صوفي ڪانفرنس ٿي، ان ڪانفرنس ۾ مهاڳ بابت اڃان مان شڪريو ادا ڪرڻ لاءِ سوچي ئي رهي هيس ته پاڻ چيائون ته: ”بابا ڪاغذ پهتا؟“

پيار ۽ پاٻوهه مان سندن واتان نڪتل اُهي لفظ هميشه مون کي ياد رهندا ۽ اُهو احساس به مون کي پريشان ڪندو رهندو ته مان ڇو نه اَڳتي وڌي، سندن ٿورا مڃيا. ڪن لاءِ هي ڳالهيون ننڍيون هجن پر منهنجي لاءِ وڏيون ڳالهيون آهن، منهنجي ڪيريئر لاءِ اَهم ۽ اُتساهه ڏيندڙ آهن. ماڻڪ موتي تنظيم پاران’سڄڻن جا سلام‘ميرپورخاص ۾ کين لکيل خطن بابت هڪ پروگرام ۾ مون هڪ پيپر پڙهيو، ڏاڍو خوش ٿيا ۽ شاباس ڏنائون، اُتي اڳوڻو وائيس چانسيلر مظهرالحق صديقي ۽ شوڪت شورو به موجود هئا. مٿي مون صوفي ڪانفرنس جو ذڪر ڪيو. اها ڪانفرنس انٽرنيشنل صوفي فائونڊيشن ۽ بزم باهو سنڌ پاران منعقد ڪرائي وئي هئي.
8- جنوري 2011ع تي ٿيل هن ميڙاڪي ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي اها آخري شرڪت هئي. بحثيت هڪ عالم جي سلطان باهو تي پاڻ نهايت سهڻي ۽ علمي انداز سان ڳالهايائون ۽ حسبِ معمول حاضرين کي سانت ڪرائي ڇڏيائون. هن ڪانفرنس ۾ ڊاڪٽر بلوچ کان علاوه ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي، گل محمد عمراڻي، حميد سنڌي، تاج جويي ۽ ٻين شرڪت ڪئي هئي.

سنڌي ۾ لکيل پهريان  ٻه ڪتاب ۽ لوڪ ادب جون نثري صنفون:

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جا پهريان ٻه ڪتاب ’گڏهه‘ ۽ ٻيو ’ٻيلاين جا ٻول‘ آهن. ’گڏهه‘ جي عنوان سان هڪ ننڍڙو ڪتابڙو آهي. جنهن جو موضوع ان وقت جي سياست، سياسي ليڊرشپ تي ٽوڪ طنز ۽ پيروڊي (Parody) طور لکيو. 1937ع ۾ جڏهن سنڌ بمبئي کان جدا ٿي هڪ صوبو ٿيو ته اُميد اها هئي ته اقتصادي ۽ تعليمي ترقي ٿيندي پر ائين نه ٿيو. نوجوان نبي بخش بلوچ جي نظر ان وقت جي سياسي حالتن ۽ واقعن تي هئي. جن کانئس گڏهه جهڙو تخليقي ڪم ڪرايو. ان ڪتاب جي لکڻ ۾ مددگار هڪ ٻيو سبب هيءُ به هو ته ان وقت غلام مصطفيٰ شاهه وڏيرن تي هڪ ننڍڙي ڪتابڙي ۾ تنقيد ڪئي هئي. ٽيون سبب هيءُ به هو ته بقول ڊاڪٽر بلوچ جي:

”ان وقت اسان ڪاليج، يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ نوجوان اهڙن ليڊرن خلاف بغاوت جي موڊ ۾ هئاسين(3).“

1945ع ۾ ’ٻيلاين جا ٻول‘ سرجيائين. پاڻ ڦوهه جوانيءَ ۾ هئا، سخت گرمي ۾ لس ٻيلي پهتا ۽ لس ٻيلي جي شهر ’اٿل‘ ۾ سگهڙن سان مليا. ٻيلي مان هٿ ڪيل بيتن کي سگهڙ سائينداد جي روايت سان ڀيٽيو، جيئن ته کين آمريڪا وڃڻو هو سو سفر دوران به ڪم کي جاري رکيائون. 1949ع ۾ وطن ورڻ تي سڄي ڪتاب جو مسودو ترتيب ڏنائون ۽ هيءُ ڪتاب 1951ع ۾ شايع ٿيو.

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکن ٿا ته: 1951ع ۾ پهرئين ڇاپي بعد به ڊاڪٽر صاحب هن موضوع تي ڪم ڪندو رهيو ۽ وري ٻه ڀيرا لس ٻيلي جو سفر ڪري گهڻو مواد حاصل ڪيائين. اهڙي طرح ڪتاب جي ٻئي ڇاپي کي گهڻو وڌائي 1970ع ۾ زيب ادبي مرڪز حيدرآباد مان شايع ڪيائين. ٻئي ايڊيشن ۾ ڪل 21 باب آهن مقدمو ’عام سنڌي شاعري‘ وڏي اهميت وارو آهي ۽ چئجي ته سنڌي ادب ۽ سنڌي نثر جي سونهن ۾ هڪ تخليقي ڪارنامو آهي(4).“

مان هتي ان مقدمي مان هي چند سٽون حوالي طور ڏينديس:

”عام شاعري هڪ بي بها بٺي آهي، جنهن جي ذريعي نوان لفظ ۽ محاورا زبان زد عام ٿي، پيَا پچي راس ٿين ۽ رائج ٿين. عام شاعري پنهنجي آزاد ٻولي ۽ آزاد خياليءَ سبب نهايت پختي ۽ زوردار آهي(5)“.

سندن ابتدائي زندگيءَ جا يعني نوجوانيءَ وارا سال جاکوڙ ۽ محنت سان شروع ٿيل آهن، جنهن مان شوق ۽ محنت نظر اچي ٿي.

لغت، شاهه لطيف، تاريخ ۽ لوڪ ادب سندن خاص موضوع هئا. شاهه جي رسالي کي ڏهن جلدن ۾ آندائون ۽ 2009ع ۾ شاهه سائين جي سمورن ڇپيل ۽ اَڻ ڇپيل مسودن کي ڀيٽي هڪ مستند رسالو ترتيب ڏنائون پر اها به حقيقت آهي، ته سنڌ سان لاڳاپيل ڪو به موضوع اهڙو ڪونهي، جنهن تي محترم ڊاڪٽر بلوچ قلم نه کنيو هجي، ماروئڙن سان جهنگن ۾ ڪچهريون، ماڳ مڪانن جي سار لهڻ، تاريخ ۽ جاگرافي، ڍنڍون ڍورا، ريتون رسمون، رواج، وغيره جنهن تي قلم نه کنيو هجي.

لوڪ ادب، انسان ذات جي مطالعي، تهذيب ۽ تمدن جو سرچشمو آهي. ان سان گڏ سياسي ۽ سماجي حالتن جو آئينه دار پڻ آهي. آکاڻيون ’قصا ۽ داستان‘ جن ۾ رنگيني، خوشي، حيرت، مهم جوئي، عشق، محبت، عجب جهڙا ڪردار صدين گذرڻ جي باوجود، انسان ذات انهن ڏانهن متوجهه رهي آهي ۽ انساني شعور انهن مان سبق سکندو رهيو آهي. ان قديم ورثي مان انسان ذات نواڻ ۽ جدت ڏي مائل ٿيو آهي. جديد افسانوي ادب ۾ نواڻ آئي آهي، خاص طرح سان يورپ ۾ Hary Potter جهڙو ناول جنهن جي ليکڪا J. k. Rowling هلچل مچائي ڇڏي. ننڍا وڏا ان ناول کي پڙهڻ ۽ خريد ڪرڻ جاريڪارڊ ٽوڙي وڌا.

سنڌ ڌرتي سان لاڳاپيل، آکاڻين، قصن ۽ داستانن کي ڊاڪٽر نبي بخش سهيڙي، انهن جي درجه بندي ڪئي. انهن جي علمي وصف ۽ اصطلاحي تشريح پڻ ڪئي. هو لکن ٿا: ”عام اصطلاح ۾ ڪهاڻي، آکاڻي ۽ ڳالهه ۾ فرق ڪونهي. البت لوڪ ادب جي علمي اصطلاحي ۽ فني پهلوئن کان انهن جي مفهومن ۾ تخصيص ضرور آهي(6).“ جنهن کي ڊاڪٽر صاحب تفصيل سان سمجهايو آهي. مان هتي مختصر ان جو جائزو ڏيان ٿي.

(1) علمي نظريي خاطر ڪلاسيڪي يا ڪهني قالب وارين حڪايتن کي ڪهاڻي يا ڪهاڻيون سڏيو ويو. هنن جا ڪردار: ديو، پريون ۽ جن آهن. آکاڻين جو تاريخي ۽ جاگرافيائي، پس منظر ۽ اتهاس معلوم نه آهي. ڇاڪاڻ ته انهن ۾ انسان ذات جي ڪهنين يادگيرين، وهمن، وسوسن ۽ تجربن جو گهرو اڀياس معلوم ٿئي ٿو. آکاڻي ۽ ڪهاڻي ۾ ڪنهن نه ڪنهن دور، شعوري ارتقا ۽ سماجي پس منظر معلوم ٿئي ٿو. (2) ڳالهه جي پويان تاريخي ۽ جاگرافيائي پس منظر لازمي ۽ جڙيل آهي. آکاڻي ان کان آزاد آهي. ڳالهه جا واقعا توڙي ڪردار تاريخي يا نيم تاريخي آهن. ڳالهه جي موقعن مڪانن لاءِ مقامي جاگرافي ۾ جاءِ آهي. تاريخي يا نيم تاريخي مان مراد اها آهي ته ان جو واسطو تاريخ سان آهي. لفظ نيم جي معنيٰ ڪجي ته اها بيهي ٿي: اڌ- اصول، ڌرمي ريت ۽ رواج، عبادت روزمره جي ڪرت. اهڙي طرح ڳالهه يا ان جا ڪردار ۽ واقعا تاريخ کان ڌار ٿي وڃن ٿا. ان جو سبب، تخيل ۽ روايت آهي. عوام جو انهن ڪردارن سان تعلق، محبت وارو ۽ ڪرشماتي بنجي وڃي ٿو. ان ڪري تاريخ ان جو ذڪر نٿي ڪري ۽ نه ٿيل هوندو آهي.

تخيل ان کي ڌار ڪرڻ جو سبب آهي جيتوڻيڪ انهن ڪردارن ۽ واقعن جو تعلق تاريخ سان ۽ ماڳن مڪانن سان هوندو آهي. انهن ڳالهين ۽ مڪانن مان تاريخ جا لڪيل سرا ڳولهي سگهجن ٿا.

(3) ننڍيون حڪايتون جن ۾ زندگي جا، سماج جا، ننڍا وڏا ڪردار نظر اچن ٿا. هي حڪايتون سٽاءَ ۾ ساديون آهن ۽ ننڍيون آهن. جن کي ٻارن جون ڪهاڻيون چيو ويو آهي.

دودي چنيسر جي ڳالهه ۽ ٻيون ڳالهيون سنڌ جي ماڳن مڪانن ۽ جاگرافيءَ سان لاڳاپيل آهن. آڳاٽن ڳالهين ۽ داستانن مان ڀوري ۽ ڦل وڌوئو، مري ۽ مڱ ٿر، موکي ۽ متارا، تاريخ، آڳاٽي سماج ۽ سگهڙن جي تخيل ۽ تصور جي بنياد کي ۽ ان ماحول جي تاريخ کي بيان ڪن ٿا، جن ۾ اُهي وڌيا ويجهيا ۽ هڪ هيئت وٺي بيٺا. (مري ۽ مڱ ٿر جو داستان قديم سماج جو عڪس آهي، جڏهن انسان غارن ۾ رهندو ۽ شڪار ڪندو هو).

دودي چنيسر جي ڳالهه، سنڌ جو رزميه داستان ٿيو. ڀوري ۽ ڦل وڌوئو، ڪوٽ ڏيجي جي آڳاٽي تهذيب ۽ تمدن جو ثبوت ۽ سنڌ جي قديم معاشي حالتن ۾ ڀاڱي ڀائيوار ڪپهه ڪَتڻ وارين ڪاپائتن جو ذڪر ملي ٿو.

آڳاٽيون ڳاهون ئي شاعريءَ جو بنياد آهن ۽ آڳاٽيون ڳالهيون پنهنجي اندر ڳالهه جي صورت ۾ تاريخي اُهڃاڻن ۽ سماجي وهنوارن، ٽاڻن، ماڳن جنگ جي سامان، مڪانن کي سموهيو اَڄوڪي، دور ۾ به ڌيان ڇڪائين ٿيون. مثال هيٺ ڏجن ٿا:

سڻو! راڄ روپاه جو، جتي ڀونگر پيڙهي- دار

ڀونگر پيڙهي بادشاه آهي عاقل عقلدار.

سيج سٽاڻي سومري پيو ڏسين ۾ ڏهڪار

اَڏ چلايو اَپڻي، ماڻي سيلي - ڪار.

معنيٰ:-

سيلي ڪار- تيرن جي رسم (جنگ)

سمان، سوڍا سومرا، راڄ سڀ مڙن،

پاڳ ته دودي شير تي ڌمر دهل وڃن،

خلقون اُت اچن، دودل جي درٻار ۾.

پاڳ= پڳ ٻڌائڻ، رسم. راڄن ۾ رائج ريت. چنيسر جو علاءالدين وٽ دانهين ٿيڻ.

سما، سوڍا، سومرا، جن جا ڏکڻ راڄ رهن، تني منجهان هيڪڙو آهيان دانهين تو درن.

اهڙا ٻيا ڪيترائي بيت ۽ ڳاهون موجود آهن. جن ۾ اِهڙو خزانو سمايل آهي. جن جو واسطو، سنڌ سان آهي.

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جا اهي ڪارناما ۽ تحريرون ادب ۾ هميشه اَهميت واريون رهنديون. جن کي رجوع ڪرڻ کان سواءِ علمي تحقيق اڌوري رهندي.

حوالا:

(1) جوڻيجو عبدالجبار ڊاڪٽر- ”ڊاڪٽر بلوچ: هڪ مطالعو“. لاڙ ادبي سوسائٽي، بدين سال 1998ع، ص 18

(2) ساڳيو، ص 15

(3) ساڳيو، ص 17 ۽ 18

(4) ساڳيو، ص 23

(5) بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر- ’ٻيلاين جا ٻول‘ زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد سال 1950ع، ص 1

(6) بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر- ”ڳاهن سان ڳالهيون“
مقدمو، ص 1 ۽ 2، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو

مددي ڪتاب

مشهور سنڌي قصا، سنڌ جو رزميه داستان 1، دودو چنيسر، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ
سال 1976ع، ص 14 43 .

غلام رباني آگرو، غلام شبير آگرو، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ افتخار عارف، هڪ گڏجاڻيءَ دوران

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25  26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com