سيڪشن؛رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2012ع (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلو خاص نمبر)

مضمون

صفحو:5

ڊاڪٽر غلام علي الانا

 

هڪ گهڻ رُخو ودوان

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو تعارف ڪيئن ڪرائجي ۽ ڪهڙن لفظن سان ڪرائجي. اهو تمام مشڪل آهي. اسان جو هيءُ بزرگ، علم التعليم، ادبيات، لسانيات، علم اللغات، سنڌي ادب، سنڌ جي ثقافت، آثار شناسيءَ، لطيف شناسيءَ، لوڪ ادب ۽ سنڌ شناسيءَ تي وڏي دسترس رکندڙ، بين الاقوامي دانشور هجڻ جي حيثيت رکندڙ سنڌ جو اهو فرزند هو، جنهن تي سنڌ وارا جيترو فخر ڪن، اهو ٿورو آهي.

ڊاڪٽر صاحب هڪ گهڻ- پهلو ۽ ٻهڳڻو دانشور هو. سندن ڄاڻ جو اهو پهلو چاهي علم التعليم جو هجي يا ادبيات جو، اهو پهلو چاهي علم اللسان جو هجي يا علم اللغات جو، اهو پهلو چاهي سنڌ جي آثار شناسيءَ جي باري ۾ هجي يا سنڌ جي ثقافت جي باري ۾، اهو پهلو سنڌ شناسيءَ متعلق هجي يا لطيف شناسيءَ متعلق، اهو پهلو اساسي ادبيات بابت هجي يا لوڪ ادب جي باري ۾ هجي؛ ڊاڪٽر صاحب انهن سڀني علمن ۾ وڏي ڄاڻ رکندڙ عالم ۽ مبلغ هو. انهن سڀني علمن مان ڊاڪٽر صاحب جي ڪهڙي علم جي ڄاڻ جي باري ۾ لکجي، اهو آسان نه آهي.

جيڪڏهن سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد جي باري ۾ ڪو تحقيقي ڪم ڪبو ته ان سلسلي ۾ به اسان جو هيءُ عالم، هڪ رهبر مثل، بورائو بڻجي اڳيان اڳيان هلي، رهبري ڪندي محسوس ڪجي ٿو. جيڪڏهن سنڌي لغات جي باري ۾ قلم کڻبو ته اسان جو هيءُ بزرگ دانشور، علم اللغات جي جديد فن جي ماهر جي حيثيت ۾ موجود ملندو. جيڪڏهن سنڌ شناسيءَ جي باري ۾ ڪنهن رٿا تي تحقيق ڪبي ته سنڌ جو هيءُ ودوان هڪ سونهين جي حيثيت ۾ محقق جي مدد ڪندو.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب هڪ عالم به هو، هڪ شاعر به هو، سنڌ جو سيلاني به هو ۽ سنڌ شناس توڙي لطيف شناس ودوان به هو. اسان جي هن بزرگ عالم هر موضوع تي لکيو آهي. هن سنڌ جي موسيقيءَ جي تاريخ کان وٺي سگهڙپائيءَ واري فن تي تمام گهڻو ڪجهه لکيو هو، ۽ زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين روزانه باقاعدگيءَ سان لکندو رهيو. لهٰذا ڊاڪٽر صاحب ”بسيار نويس“ عالم هو.

مون سنڌ وطن جي هن بين الاقوامي عالم کي سنڌ کان ٻاهر، سنڌ سان، سنڌ وارن سان، سنڌ دوستن سان، قرب ۽ محبتون ونڊيندي ڏٺو. اسلام آباد ۾ مون کين ڪجهه ٻيءَ شخصيت جي حيثيت ۾ محسوس ڪيو، ۽ سنڌ اندر ڪنهن مختلف شخصيت جي حيثيت ۾.

ڊاڪٽر صاحب اسان کي سنڌي ادب جي تاريخ، نئين مواد ۽ نئين سوچ سان پڙهائي، ڊاڪٽر صاحب سنڌي لوڪ ادب جي تاريخ جي حوالي سان سنڌ وارن کي وير- ڪهاڻين، رزميه بيتن، لوڪ ڪهاڻين ۽ مقامي روايتي رسم ۽ رواج وارن موضوعن واريءَ لوڪ شاعريءَ کان واقف ڪرايو، جن کان سنڌ جا ماڻهو اڳ تمام گهٽ واقف هئا.

شروع شروع ۾ لکيل سنڌي ادب جي هڪ اڌ تاريخ ۾، ڀاڳو ڀان جي حوالي سان، سنڌ جا ماڻهو البت دودي چنيسر واريءَ ڳالهه جي ڪن ٿورن بيتن کان ضرور واقف هئا، پر ڊاڪٽر بلوچ صاحب هن سلسلي ۾ وڏي تحقيق ڪري ٿر، راجسٿان، لاڙ، لس ٻيلي، ڪوهستان ۽ بلوچستان جا سئر سفر ڪري، سنڌي ٻوليءَ جي هن گم ٿيل خزاني کي هٿ ڪري، سنڌ جي ماڻهن جي اڳيان آندو، جنهن ڪري هند سنڌ جا سنڌي اديب، شاعر، عالم ۽ فاضل، سنڌ جي هن گم ٿيل  علمي خزاني کان واقف ٿيا. ڊاڪٽر بلوچ صاحب کان اڳ جيتوڻيڪ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي، موسوي برادران، الله بچائي سمي ۽ ڪن ٻين ماهرن ڳجهارتن، هنرن، پرولين، ڏٺ، ڏور، ڏهس ۽ سينگار جي بيتن جو انفرادي طور ذڪر ضرور ڪيو هو. ڊاڪٽر سنديلي صاحب هن سلسلي ۾ ٻه ڪتاب ” سنڌ جو سينگار“ ۽ ”ڏهس نامو“ ڇپائي پڌرا ڪيا، پر ڊاڪٽر بلوچ صاحب لوڪ ادب جي علم کي، هڪ فن ۽ تحريڪ طور سنڌ جي ٻهراڙي توڙي شهري عوام تائين پهچايو، جنهن ڪري سنڌ جي عوام ۾ هيءُ علم ۽ هيءُ ادب مقبوليت جي درجي تي پهتو.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب سنڌ ۽ لس ٻيلي جي پاڪستان جو پهريون عالم ۽ سخن شناس هو، جنهن ڳوٺن ۾ رائج ”عوامي ادب“ کي پهريون ڀيرو ”لوڪ ادب“ جي نالي سان سنڌ ۾ متعارف ڪرايو ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ ان جي وصف مقرر ڪئي. سنڌي ادبي بورڊ طرفان سندن تيار ڪيل ”لوڪ ادب رٿا“ تحت ڇپايل پهرين ڪتاب ”مداحون ۽ مناجاتون“ جي مهاڳ ۾ ”لوڪ ادب“ جي سنڌي زبان ۾ پهريون ڀيرو وصف بيان ڪندي ۽ فرمايو اٿن ته:

”سنڌي ٻوليءَ جي عام ادب جون اهي جملي جنسون، جيڪي هن وقت تائين ٻهراڙيءَ جي عوام ۾ مروج آهن، تن کي ”لوڪ ادب“ تسليم ڪيو ويو آهي. انهيءَ ذخيري ۾ سنڌي ادب جون معياري جنسون پڻ شامل آهن، مثلاً: مداحون، مولود، ٽيهه اکريون ۽ ڪافيون وغيره. مگر جيئن ته اهي هن وقت تائين ٻهراڙيءَ ۾ عام مقبول ۽ مشهور آهن، انهيءَ ڪري انهن کي پڻ لوڪ ادب جي دائري ۾ شمار ڪيو ويو آهي. هن تجويز هيٺ گڏ ڪيل لوڪ ادب کي بعينہ ”فوڪ لور“ (Folk lore) جي مغربي مفهوم سان تعبير ڪرڻ صحيح نه ٿيندو.“

ڊاڪٽر صاحب اڳتي لکي ٿو ته:

”اسان جي ملڪ ۾ شهري زندگي اڃا ايتري وسعت يا خاص نوعيت اختيار نه ڪئي آهي جو اها خواص جي زندگيءَ ۽ تمدن جو، يا ”معياري ادب“ جو سرچشمو بنجي. سنڌي زندگيءَ جو مرڪزي دائرو اڃا تائين ڳوٺ آهي ۽ انهيءَ ڪري سنڌي ادب جو وڏو ذخيرو اهو ئي آهي، جو عوام جي زندگيءَ جو آئينو آهي. انهيءَ ڪري هن مرحلي تي سنڌي ٻوليءَ جي لوڪ ادب ۽ معياري ادب جي وچ ۾ حد فاصل ڪري نٿي سگهجي(1).“

سنڌ جا نقاد، ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن طرفان ”لوڪ ادب“ جي بيان ڪيل انهيءَ وصف کي مقبول ڪن يا نه ڪن، پر اهو ضرور مڃڻو پوندو ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب پهريون سنڌي محقق هو، جنهن سنڌي لوڪ ادب جي تحقيق جي سلسلي ۾ ڪا وصف ۽ ڪي اصول مقرر ڪيا، جن پوءِ اڳتي هلي هن ادبي سلسلي کي وڌايو ۽ ترقي وٺرائي.

ڀارت ۾، ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتيءَ ”سنڌي لوڪ- ساهت“ جي عنوان تي پنهنجي Ph.D جي ڊگريءَ لاءِ ٿيسز لکي هئي، پر ڀارتي صاحب، علم ادب جي هن ميدان ۾ ڊاڪٽوريت جي ڊگريءَ لاءِ وڏي جاکوڙ، تحقيق ڪرڻ جي باوجود هو سنڌ جي دانشورن، جهڙوڪ: ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي، موسوي برادران ۽ سنڌ جي بزرگ عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ڀيٽ ۾، هن ڏس ۾، لوڪ ادب جي سماجي، ثقافتي، لسانياتي ۽ ادبي خوبين ۽ خصوصيتن جي سلسلي ۾ وڌيڪ تحقيق ڪرڻ جي سگهه ساري نه سگهيو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي
”لوڪ ادب جي رٿا“ تحت چاليهه ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا.

”سنڌي لوڪ ادب رٿا“ جي شروع ڪرڻ، بلڪه اهڙي رٿا لاءِ سوچڻ کان اڳ، ڊاڪٽر بلوچ صاحب لس ٻيلي جا چڪر لڳايا، ۽ پهريون ڀيرو نه فقط لس ٻيلي جي سنڌي ٻوليءَ جي شاعرن جي جوڙيل ڪلام سميت لوڪ ادب جي ڌار ڌار صنفن کي، ڌار ڌار عنوانن موجب گڏ ڪيو، پر ان سموري مواد تي عالمانه تحقيقي ۽ تنقيدي تبصرو پڻ ڪيائون. ان تي ڀرپور مقدمو پڻ لکيائون، جنهن ڪري لوڪ ادب واري شاعري، ان جون صنفون ۽ لس ٻيلي واري پوري علائقي ۾ رهندڙ لوڪ ادب جا سنڌي شاعر، سنڌ ۾ پهريون دفعو مانوس ٿيا. لس ٻيلي مان هٿ ڪيل ”لوڪ ادب“ جي مجموعي کي ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن ”ٻيلاين جا ٻول“ نالو ڏنو.

هن ڪتاب (ٻيلاين جا ٻول) ۾ لوڪ ادب جي شاعرن جي ٻوليءَ جي حوالي سان ڊاڪٽر بلوچ صاحب جيڪو مهاڳ لکيو هو، اهو سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ادب جي تاريخ ۾ بي بها علمي خزاني جي حيثيت ٿو رکي. انهيءَ مهاڳ کي بار بار پڙهڻ سان ڊاڪٽر صاحب جي سخندانيءَ، حسن بيانيءَ ۽ اسلوب کي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي. ”ٻيلاين جا ٻول“ جي پهرين ڇاپي ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب سنڌي ٻوليءَ جي انهيءَ ادبي سرمايي کي ”عام سنڌي شاعري“ سڏيو آهي، جنهن کي پوءِ ”لوڪ ادب“ وارو عنوان ڏنائون. ”ٻيلاين جا ٻول“ ڪتاب جي مقدمي ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو ته:

”سنڌ جي دهقاني شاعري يا نج سنڌي شاعري خاص طرح سنڌين جي حيات جو آئينو آهي، جنهن ۾ اک وجهڻ سان اهل سنڌ جي رهڻي ڪهڻيءَ جي اصليت پنهنجي سڄي جوڀن، جنسار، رنگ روپ، خيال وخط، خوبين توڙي خامين سميت سربستي نظر اچي ٿي(2).“

عوامي شاعريءَ جي وصف جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر صاحب جن اڳتي فرمائين ٿا ته:

”سنڌ جي نج عوامي شاعري هڪ اعليٰ ۽ عجيب فن آهي، جنهن کي قابل استادن سموهي، سينگاري، هڪ مستقل علم يا سائنس جي درجي تي پهچايو آهي. هن فن جون گوناگون شاخون آهن. سٽاءَ جي لحاظ کان ’ڳاهه‘، ’بيت‘ ۽ ڪافي ٽي مکيه قسم آهن. ۽ معنوي لحاظ کان ’ڏٺ‘، ’معما‘، ’هنر‘،’ڏور‘،
’مولود‘ ۽ ’سينگار‘ مڙيئي هن فن جا مظهر آهن. وري هن فن کي پکيڙڻ ۽ پڌري ڪرڻ لاءِ به سمجهه وارن جو هڪ خاص نظام آهي. هڪڙا ”شاعر“ جي اڻ سيون ۽ اڻ ڏٺيون ڳالهيون پنهنجي شعرن ذريعي نروار ڪن؛ ٻيا سگهڙ يا انهن شاعرن جا راوي جي شاعرن جي گفتن ۽ بيتن کي ياد ڪري، ٻين تائين پهچائين.

سڻڻ ٻڌڻ وارن مان هڪڙا ”سالڪ“ جي ڳالهه جو سُر سَهي ڪن ۽ گفتن جي معنيٰ ۽ مراد ڪڍن؛ ٻيا ”سمجهو“ جي ٻڌي سمجهي واهه واهه ڪن ۽ ٽيان ”نالي ماڻهو“ جي سڻن پر سمجهن ڪين. اهڙن اڄاڻن کي عام شاعرن، جانورن برابر ڪيو آهي ته:

”رڍن اڳيان رباب، وڄائيندي ورهيه ٿيا(3).“

منهنجي خيال موجب لوڪ ادب جي وصف ۽ شاعرن، سگهڙن، سالڪن، سمجهو ماڻهن ۽ عام ماڻهو جي وصف ۽ ڪلاس بندي، هن کان اڳ ڪنهن به محقق، ماهر، شاعر يا نقاد مقرر ڪانه ڪئي آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن جي انهيءَ وصف ۽ ڪلاس بنديءَ جي آڌار تي اهو چئي سگهجي ٿو ته هاڻي سنڌ جي سگهڙن جي ڪچهرين ۾ شريڪ ٿيڻ کان پوءِ اهو محسوس ڪيو ويو آهي ته سگهڙپائيءَ وارو فن، جنهن جو ذڪر ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن ڪيو آهي، ڪچهرين مان ختم ٿيندو وڃي. اڪثر احباب، سگهڙ هجڻ جي دعوا ته ڪن ٿا پر ڏٺو ائين ويو آهي ته انهن منجهان سگهڙپائيءَ واري خصوصيت گهٽبي وڃي. هنن مان اڪثر ماڻهن کي کانئن اڳ وارن شاعرن جون جوڙيل لوڪ ادب واريون صنفون، ڊگها بيت، سينگار جا بيت، هنر، ڏٺ ۽ ڏهس وغيره ياد ئي ڪونه هوندا آهن، جنهن خصوصيت جي ڪري انهن کي ”سگهڙ“ يا ”راوي“ چئي سگهجي، جنهن وصف موجب هو کانئن اڳ وارن شاعرن جي جوڙيل گفتن، ٻولن ۽ بيتن وغيره کي ياد ڪري، سنڌ جي ڌار ڌار ڳوٺن ۽ وستين ۾ ٿيندڙ ڪچهرين ۾ زباني طور پڙهڻ ۽ ماڻهن کي اهي ٻڌائين.

مون ويجهڙائيءَ ۾ ٿيل اڪثر ڪچهرين ۾ ڏٺو آهي ته اهي ماڻهو جيڪي پاڻ کي سگهڙ سڏائين ٿا، يا سنڌ جا ملوڪ سگهڙ هجڻ جي دعويٰ ڪن ٿا، اهي اهڙين ڪچهرين ۾ فقط پنهنجو جوڙيل ڪلام يا پنهنجا جوڙيل بيت، هنر، ڏٺون ۽ ڳجهارتون وغيره ته ٻڌائين ٿا پر انهن مان اڪثريت کي سانوڻ فقير، شيخ ابراهيم، ڪبير شاهه، نم، چڱي جت، جلال کٽيءَ، صابر موچيءَ توڙي لوڪ ادب جي ٻين سرواڻ شاعرن جو ڪلام بلڪل ياد ڪونه هوندو آهي. اهڙا ماڻهو پنهنجو ڪلام- سينگار جا بيت وغيره به گهڻو ڪري عروضي شاعريءَ جي وزن تي جوڙيندا آهن. اهڙن ماڻهن کي شاعر ته چئي سگهجي ٿو پر انهن کي ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي مقرر ڪيل وصف موجب سگهڙ هرگز چئي نه سگهبو، توڙي جو هو لوڪ ادب سلسلي جا ڪيڏا ئي وڏا شاعر ڇو نه هجن.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن جتي لوڪ ادب جي وصف ۽ لوڪ ادب جي شاعرن، سگهڙن ۽ لوڪ ادب جي ڪچهرين ۾ شريڪ ٿيندڙ ماڻهن جي ڪلاس بندي ڪئي آهي، اتي لوڪ ادب جي ذخيري ۾ ڪم آندل ٻوليءَ جي خوبين جي باري ۾ به معلوماتي ۽ علمي ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي. مثال طور ”ٻيلاين جا ٻول“
ڪتاب ۾ ڊاڪٽر صاحب لوڪ ادب جي صنفن ۾ ڪم آندل ٻوليءَ جي باري ۾ لکي ٿو ته:

”عام شاعري لغت جي اڻ کٽ کاڻ آهي، عام جو شاعر سرزمين سنڌ جي هر خطي ۽ هر ماحول جو نيپاج آهي، هو عام فهم زبان ۽ ان جي اصطلاحن جي علاوه، پنهنجي تر ۽ جوءِ جي خاص لفظن ۽ محاورن جو به ماهر آهي، جن کي هُو پنهنجي شعر ۾ فطري طور، ان جي اصلي ۽ حقيقي خواهه اصطلاحي معنيٰ ۾ استعمال ڪري ٿو. اهڙيءَ طرح هر ماحول ۽ هر ڀاڱي جي شاعرن، پنهنجيءَ ٻوليءَ کي شعر جي ماٽيءَ ۾ ولوڙيو ۽ ڪيترن ئي نون ۽ انوکن لفظن کي مکڻ جي ڦُٽين مثال پنهنجي کٽي مٺي جهڻ گاڏيون، پارکن جي آڏو پيش ڪيو آهي. جيڪڏهن ملڪ جي هر ونهيبن ولوڙيندڙ شاعرن وٽان، انهيءَ مهيءَ ۽ جهڻ جي ورڇ وٺجي ته هوند لفظن ۽ لغت جي گيهه مکڻ جا ڍڳ لڳي وڃن ۽ اسان جي سنڌي زبان سائي، سرهي ۽ سڻڀي ٿي پوي(4).“

ڊاڪٽر صاحب اڳتي لکي ٿو ته:

”عام جا شاعر، اصلي ۽ نج سنڌي ٻوليءَ جا ابا آهن. هنن جي ارد گرد، روزمرهه جي گفتگوءَ ۾ لفظن جي وڍ ٽُڪ ۽ اصطلاحن جي فطري گهڙ ڀڃ لڳي پئي آهي. نوان نوان محاورا ۽ الفاظ برجسته زبانن مان نڪري، عام ڪچهرين ۾ پچي، پختا ٿي، پيا، رواج ۾ اچن. ٻوليءَ جو، اصلي لفظن جو ذخيرو به نج ٻهراڙين ۾، جن کي شهري هوا اڃا گندو ڪونه ڪيو آهي، محفوظ ۽ سلامت آهي ۽ وڏڙن جي صدري دفتر ۾ سمايل آهي، ۽ پشت بپشت موروثي طور هلندو اچي. هر ڪنهن فن ۽ ڌنڌي جي اطوارن، اوزارن، محاورن ۽ معنائن جا نج سنڌي نالا، اصلي سنڌي ڪاريگرن وٽ محفوظ ۽ مروج آهن. لوهارن، واڍن، ڪورين، ڪنڀارن ۽ ملاحن وٽ انهن فني نالن جون فهرستون موجود آهن(5).“

لوڪ ادب رٿا ۽ لوڪ ادب جي خزاني ۾ ڪم آندل ٻوليءَ تي تجزئي کان پوءِ ڊاڪٽر صاحب جو ٻوليءَ جي حوالي سان ٻيو ڪمال جهڙو ڪم، ”جامع سنڌي لغات“ هڪ شهپارو آهي جيڪو پنجن جلدن تي مشتمل آهي. سنڌي ادبي بورڊ جي اها هڪ ٻي اهم ۽ وڏي رٿا هئي، جنهن جو ڪم شروع ۾ اسان جي بزرگ شخصيت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي حوالي ڪيو ويو.

سنڌي علم اللغات جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر بلوچ جو اهم ڪارنامو ”جامع سنڌي لغات“ آهي، سا پنجن جلدن تي مشتمل آهي، سا سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپائي پڌري ڪئي وئي. هن لغات جو پهريون جلد 1960ع ۾ شايع ٿيو ۽ پنجون جلد 1988ع ۾ ڇپايو ويو.

ڊاڪٽر صاحب ”جامع سنڌي لغات“ جهڙيءَ رٿا جي پنجن ئي جلدن تي ڪم ڪري، انهن مان پهريان ٻه جلد ڇپائي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي لاثاني خذمت ڪئي. هن لغت جا پويان جلد علامه غلام مصطفيٰ قاسمي جن ايڊٽ ڪري سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپايا. سنڌي ٻوليءَ جي باري ۾ اهي اهڙا اهم موضوع آهن، جن تي کوجنا ڪرڻ ۽ ڪم ڪرڻ جي تمام گهڻي ضرورت هئي. انهن پنجن ئي جلدن جي مڪمل ڪرڻ کان پوءِ به لفظن جو ڪيترو ئي خزانو رهجي ويو ۽ يا نوان لفظ ٺهي ويا آهن، جن کي انهيءَ رٿا ۾ بتدريج شامل ڪرڻ گهربو هو؛ يعني سنڌي ادبي بورڊ جي کي پنهنجي انهيءَ رٿا کي هميشه لاءِ مسلسل جاري رکڻ گهرجي ها ته جيئن سنڌي ٻوليءَ جي هيءَ اهم رٿا قائم ۽ دائم رهي.

هن دعوا ۾ مون سان ڪوبه ماهر انڪار نه ڪندو ته ڊاڪٽر صاحب علم اللغات جو وڏو ڄاڻوهو. سنڌي ٻوليءَ ۾ هن قسم جي تحقيق، هڪ وڏي ۽ اهم ڪارنامي جهڙي حيثيت رکي ٿي.

سنڌي زبان ۾ لغت نويسيءَ جي ابتدا 1836ع ۾، مسٽر ڊبليو.ايڇ.واٿن ڪئي. هن جي تيار ڪيل لغت جو عنوان هو ”سنڌي زبان جي ووڪيبيولري“. ان کان پوءِ ڪئپٽن جارج اسٽئڪ ۽ ٻين هن موضوع تي تحقيق ڪئي. انهن لغتن جي هڪ وڏي فهرست آهي، پر اسان جي همعصرن ۾ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جا نالا وڏا نالا آهن، جن جي تحقيقي ڪم جي آڏو اسان جا سر جهڪيو وڃن.

ڊاڪٽر صاحب بلڪل درست فرمايو آهي ته:

”لغت سازي هڪ مسلسل عمل آهي. ڪنهن به ٻوليءَ جي لغت هڪ ڀيرو ٺاهي پوءِ ڇڏي ڪانه ڏبي، پر وري وري پئي ٺاهبي. اهو انهيءَ ڪري جو ڪنهن به ٻوليءَ جي جملي لفظن ۽ اصطلاحن کي فقط هڪ ئي ڪوشش سان سهيڙڻ مشڪل آهي، خاص طرح سنڌي ٻولي پنهنجي لغت جي سرمايي جي لحاظ سان ايڏي وڏي شاهوڪار ٻولي آهي، جو ڪنهن پهرينءَ ڇپيل لغت جا ڏهه ٻيا ايڊيشن شايع ڪجن ۽ هر ايڊيشن ۾ رهجي ويل لفظن ۽ اصطلاحن جو اضافو ڪجي ته به اڃا ڪي لفظ ۽ اصطلاح رهجي ويندا.

ٻيو ته علمي ۽ فني لحاظ سان به لغت جي پهرئين ايڊيشن کي سنوارڻو پوندو ۽ اها سوڌ سنوار هر ايڊيشن ۾ هلندي ايندي.

ٽيون ته هر زندهه ٻوليءَ ۾ ڪجهه عرصي بعد ڪي نوان لفظ ۽ اصطلاح رائج ٿين ٿا، جن کي وقت جي معياري استعمال مطابق لغت جي هر نئين دور ۾ داخل ڪرڻو پوندو(6).“

ڊاڪٽر صاحب جن جنهن جذبي تحت ”جامع سنڌي لغات“ تي تحقيق ڪرڻ جو ذڪر ڪيو آهي، اهو به پڙهندڙن جو ڌيان لهڻي: ڊاڪٽر صاحب جن لکن ٿا ته:

”جامع سنڌي لغات جي تياري ۽ تڪميل هڪ جذبي ۽ جوش جو نتيجو هو. ان وقت سڀني سڄاڻن کي وڏي افسوس وارو افسوس دامنگير هو ته: مار! اڃا سنڌي ٻوليءَ جي پنهنجي (سنڌي- مان- سنڌي) لغت به موجود ڪانهي(7)!“

هن لغات (جامع سنڌي لغات) جو مواد 3088 صفحن ۾ ڇپيل آهي، جنهن ۾ شامل لفظن ۽ اصطلاحن جو تعداد بقول ڊاڪٽر بلوچ صاحب نوي کان ٽيانوي هزارن تائين آهي.

ڪنهن به لغات جي مطالعي کان اڳ پڙهندڙن جي ذهن ۾ هي سوال ضرور پيدا ٿيندا آهن ته:

(الف) لغت ڇا کي چئبو آهي؟

(ب) لغت نويسي ڇا آهي؟

(ت) لغت نويسيءَ جا ڪهڙا ڪهڙا اصول ۽ پئمانا آهن؟

(ث) لغت جا ڪهڙا ڪهڙا قسم آهن؟

(ج) روزمرهه جي استعمال ۾ رائج لفظن تي مشتمل لغات لاءِ ڪهڙيون ڪهڙيون ڳالهيون ضروري آهن؟

ڊاڪٽر نبي بخش خاب بلوچ جن پنهنجن مرتب ڪيل لغات ”جامع سنڌي لغات“ جي باري ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ قبله مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“ سائينءَ جن جي مرتب ڪيل ڪتاب ”لغات سنڌي محففات“ لاءِ منهنجو لکيل تفصيلي مقدمو پڙهي سگهجي ٿو. انهيءَ مقدمي ۾ لغت جي وصف ڏيڻ کان پوءِ، لغات جا قسم به ڄاڻايا ويا آهن. مثال طور لغت جا خاص خاص قسم هي آهن:

(الف) لهجي وار يا اپڀاشا- اپڀاشائن تي مشتمل لغات: هن قسم وارين لغتن ۾ ڪنهن به ٻوليءَ جي ڪنهن به هڪ لهجي يا هڪ کان وڌيڪ لهجن ۾ رائج ٿيل لفظن ۽ اصطلاحن جي ذخيري کي گڏ ڪيو ويندو آهي.

سنڌ ۾، سنڌي ٻوليءَ لاءِ هن ڏس ۾ سنڌي ٻوليءَ جي لهجن تي گهڻو ڪم ڪونه ٿيو آهي. ڪاڪي ڀيرومل پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ ۾، سنڌي ٻوليءَ جي لهجن جي باري ۾ ڪجهه قدر ڇنڊ ڇاڻ ڪئي آهي، ان جو مدار به گريئرسن جي ڪتاب: ”لنگئسٽڪ سروي آف انڊيا“ جي اٺين جلد ۾ شامل ڪيل مواد تي آهي. سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ هن سلسلي ۾ ڪن لهجن تي تحقيق ڪرائي، اهي ڪتاب شايع ڪرايا آهن. في الحال سنڌي ٻوليءَ جي جن  جن لهجن تي تحقيقي ڪم ٿيو آهي، ان ۾ انهن لهجن وارن خطن ۾ اتي جي روز مرهه واريءَ ٻوليءَ/ ٻولين تي ڪافي معلومات ملي ٿي. اهڙي معلومات هيٺ ڄاڻايل ڪتابن مان ملي سگهي ٿي:

(1) سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، ڪاڪو ڀيرومل آڏواڻي

(2) ٻيلاين جا ٻول، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

(3) سير ڪوهستان، مصنف الله بچايو سمون

(4) لاڙ جو سير، مصنف الله بچايو سمون

(5) تاريخ ريگستان (2 جلد) مصنف رائچند راٺوڙ

(6) بدنصيب ٿري، مصنف محمد اسماعيل عرساڻي

(7) آفتاب ادب، مصنف حڪيم فتح محمد سيوهاڻي

(8) سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ، مصنف ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

(9) لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ، مصنف ڊاڪٽر غلام علي الانا.

(10) سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي، مصنف ڊاڪٽر غلام علي الانا

(11) ڪڇين جا قول، مصنف ماستر محمد سومار شيخ

(12) لاڙ جي لغت، مصنف ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو

(13) سبيءَ جي ٻولي، مصنف ڊاڪٽر داد محمد خادم بروهي

(14) شڪارپور جي ٻولي، مصنف ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي.

(15) ماٿيلي ۽ اٻاوڙي جي ٻولي، مصنف شيخ محمد فاضل

(16) ٿر جي ٻولي، مصنف ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ۽ ڊاڪٽر هدايت پريم

(17) اترادي ٻولي، مصنف ڊاڪٽر هدايت پريم

(18) ماڃر، ڪڪرالي ۽ کاري جي ٻولي، مصنف حافظ حبيب سنڌي

(19) سنڌي ۽ براهوئيءَ جو تقابلي مطالعو، مصنف ڊاڪٽر داد محمد خادم بروهي

هن ڏس ۾ ڀارت ۾ ڀاشا وگيان جي مشهور سنڌي ودوان، ڊاڪٽر پرسي گدواڻيءَ پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جي زيارت“ ۾ تمام گهڻي رهنمائي ڪئي آهي. هو لکي ٿو ته:

”ٻنيءَ ۽ ڪڇ جي دوري کان اڳ منهنجي من ۾ هميشه پيڙا هوندي هئي ته اڄ ڀارت جي غير- سنڌي ڀاشاوگيانين کي پنهنجا ڳوٺ آهن، نه فقط ايترو پر ڳوٺن ۾ ڳالهائيندڙ انيڪ اپڀاشائن جا قسم به آهن. ان سبب انهن لاءِ انيڪ ٻوليائي فرقن تي ڪم ڪرڻ جو وسيع دائرو آهي، پر منهنجي لاءِ فقط شهري سنڌي ٻوليءَ جا نمونا ڪم ڪرڻ لاءِ موجود آهن، خاص ڪري جڏهن الڳ الڳ پرديسن ۾، سيمينارن، ڪانفرنسن ۽ سمپوزيئن ۾ ويندو هوس ۽ پنهنجي ڀاشاوگياني دوستن کي الڳ الڳ جاتياتي اپڀاشائن (جيئن جت، سوڍا، سما، سومرا ۽ ٿيٻا وغيره) يا وري الڳ الڳ ڌنڌي جي آڌار تي ٺهيل اُپڀاشائن، جيئن ڪنڀر، مهاڻا، لوهار ۽ رازا وغيره جي اڀياس تي مقالا پيش ڪندي ڏسندون هوس، تڏهن بيحد پيڙا محسوس ڪندو هوس(8).“

ڊاڪٽر گدواڻيءَ هن ڏس ۾ وڏو ڪم ڪيو آهي. هن الڳ الڳ جاگرافيائي يا ٻوليائي اپڀاشائن کان سواءِ ڌار ڌار جاتياتي اپڀاشائن تي مشتمل لفظن جو ذخيرو گڏ ڪري، انهن جون لغتون ٺاهيون آهن. ڊاڪٽر گدواڻيءَ هن ڏس ۾ وڏو ڪم ڪيو آهي. هن جي راءِ موجب: جت، سوڍا، سما، سومرا ۽ ٿيٻا وغيره الڳ الڳ جاتيون آهن جن جي جاتيوار اُپڀاشائن ۽ محاورن ۾ وڏو فرق آهي. يعني انهن جون جاتيوار اُپڀاشائون آهن، جن جي لفظن کي گڏ ڪري هن ڌار ڌار جاتيوار لغتون ٺاهيون(9). ڀارت ۾ ڏکڻ هندستان جي انملائي يونيورسٽيءَ جي ڌراوڙي ٻولين واري اداري ۾ ته تمام گهڻو ڪم ٿيو آهي.

سنڌ ۾ به هن قسم وارين لغتن تي تحقيق ٿي سگهي ٿي؛ مثلاً: خواجن، ميمڻن، ٺڪرن، سوڍن، سوٽهڙن، مالهين، مهيشورين، ميگهواڙن، مهاڻن، جتن، ريٻاڙين، اوڏن، ڪولهن، ڀيلن، شڪارين، باگڙين، سمن، سومرن، شيدين، جوکين ۽ جاکرن وغيره جاتين جي جاتيوار ٻولين جون لغتون ترتيب ڏيئي سگهجن ٿيون.

ڊاڪٽر گدواڻيءَ پنهنجي مذڪوره ڪتاب ۾ ڌنڌي وار لغتن جو به ذڪر ڪيو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پڻ پيشه ور ۽ ڌنڌي وارن جي ٻوليءَ جو ذڪر ڪيو آهي. انهن جي اوزارن ۽ محاورن وغيره جو ذڪر، لوڪ ادب سلسلي جي ڪتابن ۽ جامع سنڌي لغات ۾ به ملي ٿو. دراصل لوڪ ادب سلسلي واريءَ رٿا کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي اهڙي ذخيري کي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪنهن به سنڌي عالم ڪانه ڪئي هئي. ڊاڪٽر صاحب، سنڌ جي ڌار ڌار ڳوٺن ۾ رهندڙ ماڻهن ۽ هنرمندن وٽ ويهي، انهن وٽ سندن ڌنڌن سان واسطو رکندڙ جيڪو به لغوي خزانو هو، ان کي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش  ڪئي.

سنڌ ۾ سيد محمد صالح شاهه به انهيءَ قسم جي لغات تيار ڪئي هئي. ڪنهن به ٻوليءَ ۾ ڌار ڌار ڌنڌن ۾ ڪم ايندڙ ڌار ڌار لفظن جي ذخيري تي مشتمل لغات، ٻوليءَ جي اڀياس لاءِ اهم سمجهي ويندي آهي. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر گدواڻيءَ جو رايو آهي ته:

”ڌنڌي وارين اپڀاشائن جو شبد- ڀنڊار ڪٺو ڪرڻ ۽ انهن لفظن جو اشتقاقي اڀياس ڪرڻ ته جيئن سنڌي ٻوليءَ جي اصلوڪن لفظن جي ڄاڻ پوي(10).“

لغات ۾ هڪ قسم اهو به آهي، جنهن کي ”ڌاتو ڪوش“ يعني Etymological ڊڪشنري چئبو آهي. هن قسم وارين لغتن ۾ لفظن جا ڌاتو، بنياد، ماده ۽ اشتقاق ڏنا ويندا آهن. هن قسم واريون لغتون، ٻولين جي تاريخي ابتدا ۽ ارتقا جي اڀياس ۾ مدد ڪنديون آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ هن کيتر ۾ ڪو گهڻو ۽ معياري ڪم اڃا تائين ڪونه ٿيو آهي.

جيڪڏهن ڪن لغتن تي ڪم ٿيو به آهي ته اهو يا ته ’يڪطرفي‘ مطالعي وارو آهي يا ته ايتري معيار وارو ڪونهي. پر مڙيئي ٻين لغتن تان نقل ڪري خانه پوري ڪئي وئي آهي. سنڌ جي ماهرن، سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جا ماده، ڌاتو، بنياد يا اشتقاق، صرف سنسڪرت يا عربي ۽ فارسي ٻولين جي مادن يا ڌاتن جي بنياد تي ڪڍيا آهن، جڏهن ته هاڻي سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد واري سوچ ۾ انقلابي فرق اچي چڪو آهي. اهو ئي سبب آهي جو مون اهڙين لغتن کي ’يڪ طرفا‘ ’ڌاتو ڪوش‘ سڏيو آهي. هن سلسلي ۾ هن وقت تائين سنڌي ٻوليءَ جا جيڪي به ڌاتو ڪوش (Etymological dictionaries) ڇپجي ظاهر ٿيا آهن، اهي هي آهن:

(1) جامع سنڌي لغات

(2) وئتپتي ڪوش

(3) تحقيق لغات سنڌي

(4) هڪ جلدي سنڌي لغت

(5) Philological Curibsities

انهن ڌاتو ڪوشن کان سواءِ سنڌ جي ڪن شاعرن جي ڪلامن جا ڪوش پڻ لکيا ويا آهن، پر اهي به يڪطرفي نظرئي تي مدار رکن ٿا.

منهنجي نظر ۾ معياري ۽ گهڻ پاسائون ڌاتو ڪوش اهو چئي سگهجي ٿو، جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جا ڌاتو، مصدر يا اشتقاق، گهڻ پاسائين مطالعي يعني پراڪرت، پالي، سنسڪرت، دراوڙي ٻولين، عربي، فارسي، گريڪ، پورچوگيزي، ڪشميري، داردي، منڊا، اوڏڪي، بروهڪي، بانگڙو، هڙوتي، مارواڙي، ميواڙي، ڀيلي، باگڙي/ واگڙي ۽ گجراتي ٻولين جي لفظن جي ڌاتن جي آڌار رکندو هجي، ڇاڪاڻ ته هاڻ اهو نظريو يا سنڌي ٻوليءَ جي پنهنجن اصلوڪن لفظن تي ٿي چڪو آهي ته سنڌي ٻولي ڪا سنسڪرت مان ڦٽي نڪتي آهي.

عزت مآب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي جوڙيل ”جامع سنڌي لغات“ هڪ ”گهڻ- مقصدي“ يا
”گهڻ- پاسائين لغات“ مڃي سگهجي ٿي. هن لغات ۾ به لهجيوار لفظن ۽ اصطلاحن جو وڏو خزانو، جاتيوار اپڀاشائن جا شبد ڀنڊار، لفظن جا اچار، ڌاتو، ماده ۽ اشتقاق ڏنا ويا آهن، لهٰذا سنڌي ٻوليءَ جي مڙني لغتن ۾ ”جامع سنڌي لغات“ هڪ بهترين ۽ بامقصد لغت چئي سگهجي ٿي. پنهنجي هن شهپاري ۾ ڊاڪٽر صاحب خود فرمائي ٿو:

”هن لغات لاءِ سڄيءَ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان، عام رائج لفظن ۽ اصطلاحن کي سهيڙڻ لاءِ خاص ڪوشش ڪئي وئي. سنڌ جي هر ضلعي جي مکيه ڀاڱن ۾ مڪاني ماڻهو مقرر ڪيا ويا. انهيءَ لاءِ ته اُهي پنهنجي تر جي ٻوليءَ جا الفاظ ۽ اصطلاح هٿ ڪري موڪلين. مثلاً: ڪاسبن، ڪنڀارن، لوهارن، ڪورين، واڍن ۽ وگهاملن وغيره جا الفاظ ۽ اصطلاح؛ جنسن جا نالا، جهڙوڪ: گاهن، جيتن، گلن ۽ پکين وغيره جا نالا؛ مقامي ريتين رسمن جهڙوڪ: شادي غمي، ميلن ملاکڙن جا اصطلاح؛ گهرو الفاظ جهڙوڪ: عورتن جا اصطلاح ۽ ڀرت جا نالا وغيره؛ اٺن ۽ گهوڙن جي سازن، سنجن، پنڌن، بيمارين جا الفاظ ۽ اصطلاح؛ پوک جي مڙني قسمن جي پوکڻ ۽ سنڀارڻ جا الفاظ ۽ اصطلاح؛ ميوي جي فصلن جهڙوڪ: انب ۽ کجيءَ وغيره جا اصطلاح ۽ الفاظ. هن سلسلي ۾ هي احتياط پڻ رکيو ويو آهي ته جيئن سنڌي ٻوليءَ جي مڙني مکيه محاورن، جهڙوڪ لاڙ، سري، ٿر، ڪاڇي، کاري، ڪڇ ۽ لس ٻيلي جي مخصوص ٻولين جا انوکا عام رائج الفاظ ۽ اصطلاح، هن لغات ۾ شامل ڪري سگهجن(11).“

”جامع سنڌي لغات“ ثقافتي قسم واري لغت پڻ آهي، ڇاڪاڻ ته هن لغات ۾ سنڌ جي ثقافت سان واسطو رکندڙ موضوعن وارا لفظ پڻ شامل ڪيا ويا آهن. ڌار ڌار قومن ۽ جاتين جي جاتيوار ثقافت جي جهلڪ وارا لفظ ۽ اصطلاح پڻ هن لغات ۾ گهڻي قدر شامل ڪيا ويا آهن.

ڊاڪٽر صاحب جاتيوار ۽ ڌنڌن وار لغتن کان سواءِ ثقافت واري دائري واريءَ لغت جون جيڪي خصوصيتون بيان ڪيون آهن، اهي سڀ خصوصيتون ”جامع سنڌي لغات“ ۾ موجود آهن. مثلاً: هر ڪرت ڪندڙ، هر جاتيءَ، هر پکي پسونءَ، جانور، جيت ۽ جنتر، وڻن ٽڻن، گاهن ۽ ٻوٽن، هنرن ۽ ڪاريگرن، گهرو قسم جا الفاظ، هار سينگار، سونهن سجاوٽ سان واسطو رکندڙ لفظ، اصطلاح ۽ پهاڪا، معياري ادب، ادب،لوڪ ادب ۽ ادبيات جي ڌار ڌار صنفن سان واسطو رکندڙ لفظ ۽ اصطلاح وغيره هن لغات ۾ شامل ٿيل آهن. ان لحاظ سان جامع سنڌي لغات کي ”گهڻ- مقصدي“ يا ”گهڻ- پاسائين لغات“ چئي سگهجي ٿو. هن لغات جي مطالعي سان سنڌ جي تاريخ، علم ادب، قومن، قبيلن، جاتين ۽ انهن جي ماڻهن کان سواءِ سنڌ جي ثقافت جي اڀياس لاءِ تمام گهڻي مدد ملي سگهي ٿي. انهيءَ نُڪتهء نگاهه کان هيءَ هيءَ لغات، سنڌي ٻوليءَ جي هر لحاظ کان لاثاني لغت چئي سگهجي ٿي.

مون شروع ۾ عرض ڪيو آهي ته اسان جو هي بين الاقوامي عالم، سنڌي ادب، لسانيت، سنڌي ثقافت، لوڪ ادب، تاريخ ۽ علم التعليم جي گهڻن- پهلوئن تي مهارت رکندڙ سنڌي عالم آهي. هن عالم، سنڌي ادب جي ڌار ڌار موضوعن، هر موضوع جي ڌار ڌار پهلوئن تي لاثاني خدمت ڪئي آهي. هن بزرگ جن جن موضوعن تي تحقيق ڪئي آهي، انهن مان هر پهلوءَ تي ڌار ڌار ڪتاب لکي سگهجن ٿا، جن جي ضرورت پڻ آهي.

 

حوالا

1- نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر: 1959ع، مداحون ۽ مناجاتون، لوڪ ادب سلسلي جو پهريون ڪتاب، سنڌي ادبي بورڊ ڪراچي/ حيدرآباد: مهاڳ، ص الف

2- نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر: 1970ع، ٻيلاين جا ٻول، (ٻيون ڇاپو)، حيدرآباد، زيب ادبي مرڪز، مقدمو، ص 1

3- نبي بخش خان بلوچ: ڊاڪٽر: 1970ع، ڏسو حوالو 2

4- نبي بخش خان بلوچي ڊاڪٽر: 1970ع، حوالو 2، ص 14

5- نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر: 1970ع حوالو 2، ص 15

6- نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر: 1998ع، هڪ جلدي لغت، حيدرآباد: سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو.

7- نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر: 1960ع جامع سنڌي لغات، (جلد پهريون) ڄام شورو، حيدرآباد: سنڌي ادبي بورڊ

8- پرسو گدواڻي، ڊاڪٽر: 1989ع، سنڌي ٻوليءَ جي زيارت گانڌي نگر: گجرات اڪادمي، ص ص 2 ۽ 3

9- پرسوگدواڻي، ڊاڪٽر: حوالو 8،

10- پرسوگدواڻي، ڊاڪٽر: حوالو 8

11- نبي بخش خان بلوچ ڊاڪٽر: ڏسو حوالو 7، مهاڳ

 

مطالعي هيٺ آيل ٻيا ڪتاب

1- نبي بخش خان بلوچ ڊاڪٽر، سڀ رنگ

2- ڀيرومل آڏواڻي: 1956ع، سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ حيدرآباد: سنڌي ادبي بورڊ

3- الانا غلام علي ڊاڪٽر: 1970ع، لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ.

4- الانا غلام علي، ڊاڪٽر: 1993ع، سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي (ٽيون ڇاپو).

5- الانا غلام علي، ڊاڪٽر: 1984ع، سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس

خديجه بلوچ

 

سنڌ جو وڏو ماڻهو

]محترمه خديجه بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جن جي رفيقه حيات هئي، موصوفه 22- آڪٽوبر 2011ع تي وفات ڪئي. هيءُ مضمون، سندن لکيل آهي. دراصل هيءُ مضمون موصوفه ماهوار ”نئين زندگي“ رسالي لاءِ لکيو هو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي مناسبت سان هتي پيش ڪجي ٿو. انچارج[

پاڻ هڪ نهايت همدرد، پيار ڪندڙ ۽ گهڻي سهپ وارو خاوند، تمام مشفق ۽ مهربان پيءُ ۽ انتهائي مخلص دل رکڻ واري شخصيت هئا. سندن اهي خوبيون، مون ساڻن گڏ رهندي ڏٺيون ۽ محسوس ڪيون.

مان جڏهن 1965ع ۾ ساڻن شادي ڪري ڊاڪٽر صاحب جي گهر ۾ آيس ته ان وقت اسان جو گهر سنڌ يونيورسٽيءَ کان مليل هڪ ننڍڙو ٽن ڪمرن تي مشتمل هو، جنهن ۾ اسان کان علاوه ڊاڪٽر صاحب جو مامو ۽ ٻيا عزيز، جن مان ڪي شاگرد هئا ته ڪي نوڪريون ڪندا هئا، رهائش پذير هئا. ان کان علاوه گهر کان ٻاهر هڪ ڪچي ڪوٺي، هڪ ورانڊو ۽ غسل خانو جڙيل هئا. گهر جي هڪ اسٽور ۾ ڪجهه بسترا، جن ۾ رليون ۽ وهاڻا شامل هئا، جن بابت ڊاڪٽر صاحب مون کي ٻڌايو ته اهي هنڌ انهن مهمانن لاءِ آهن، جيڪي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ڪهي اچي حيدرآباد ۾ پنهنجن ڪمن ڪارين يا علاج معالجي لاءِ ايندا آهن، ۽ ڇاڪاڻ ته هو غريب هوندا آهن ۽ ٻئي هنڌ رهڻ جي وصيت نه هوندي اٿن، تنهنڪري هنن لاءِ هي هنڌ ۽ ٻاهرين ڪوٺيءَ ۾ پيل کٽون آهن. ان کان سواءِ مون کي اهو به چيائون ته اسين انهن کي ٻوڙ پلاءُ ته نه کارائي سگهنداسين، پر دال چانور  ضرور حاضر ڪندا رهنداسين. اهڙن مهمانن جو تعداد ڪڏهن گهٽ هوندو هو ته ڪڏهن ايتريقدر وڌي ويندو هو، جو گهر جي فردن جي مانيءَ جو حصو به انهن کي ڏئي ڇڏڻو پوندو هو پر مان ائين چونديس ته ڊاڪٽر بلوچ جي گهر تي هر وقت ماڻهو نظر ايندا هئا.

انهن ضرورت مند ماڻهن کان سواءِ غريب شاگرد به اچي رهيا ۽ پڙهيا. انهن ۾ نه رڳو مسلمان، پر ڀيل ۽ اوڏ به هئا. انهن مان هڪ ڀيل ميٽرڪ پاس ڪئي ۽ مختيارڪار يا ان کان مٿي درجي تائين پهتو. شاگردن وارو سلسلو اڄ به موجود آهي. اڄ به ڪجهه شاگرد اسان وٽ  رهندا آهن، جن جي هڙان وڙان مدد ٿيندي رهندي آهي.

ان کان سواءِ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ڪي راڳي فقير ته ڪي سگهڙ حيدرآباد ريڊئي تي پروگرام ڪرڻ ايندا هئا ته انهن جي رهائش به اسان وٽ هوندي هئي. پنهنجو پروگرام ختم ڪرڻ کان پوءِ اهي ڊاڪٽر صاحب جي حاضري به ڀريندا هئا ۽ راڳ جون محفلون به ٿينديون هيون، جن ۾ اوڙي پاڙي جا ماڻهو به اچي شريڪ ٿيندا هئا. اهو سلسلو ايستائين قائم رهيو، جيستائين اسان 1976ع ۾ سنڌ جا وڻ ڇڏي وڃي اسلام آباد رهياسين. اسان جي وڃڻ کان پوءِ به هڪ جت فقير اسان جي گهر مهمان طور رهيو پيو هو، جنهن سان ڊاڪٽر صاحب اسلام آباد مان ايندو هو ته شاهه جي رسالي بابت ڳالهائيندو هو. ان وفات به اتي اسان جي گهر ۾ ڪئي.

اسلام آباد ۾ چوڏنهن سال گذارڻ بعد جڏهن اسين واپس حيدرآباد آياسين ته اهو سلسلو ڪي قدر ختم ٿي چڪو هو، پر تنهن هوندي به اڄ تائين ڪونه ڪو غريب مسڪين مهمان اسان وٽ موجود هوندو آهي.

ڊاڪٽر صاحب جي زندگي تمام منظم قسم جي رهي آهي. پاڻ اوائلي زندگيءَ ۾ جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڊائريڪٽر انسٽيٽيوٽ آف ايڊيوڪيشن هئا ته هفتي جا ڇهه ڏينهن باقاعدگيءَ سان پنهنجي ڪم ۾ رڌل رهندا هئا. صبح جو سويل اٿڻ، نماز کان فارغ ٿي پنهنجي لکڻ پڙهڻ جي ڪم ۾ دل و جان سان مشغول ٿي ويندا هئا، ايتري قدر جو جيڪڏهن ساڻن ڪو ڳالهائيندو هو ته پاڻ ٻڌندا به نه هئا، ٻه ٽي دفعا سڏڻ کان پوءِ ائين ڇرڪجي جواب ڏيندا هئا ڄڻ نهايت گهريءَ ننڊ مان جاڳيا هجن. تنهن کان پوءِ آفيس ويندا هئا. منجهند جو گهر اچي ماني کائي ڪجهه آرام ڪندا هئا ۽ پوءِ شام جو ڪلاس وٺڻ ويندا هئا. منهنجي زندگي پڻ درس و تدريس سان وابسته رهي، مان ڪجهه وقت کان پوءِ اهو سمجهڻ شروع ڪيو ته مون ۾ ايتري سمجهه اچي وئي آهي، جو ڪلاس کان اڳ تياريءَ جي ضرورت باقي نه رهي آهي پر ڊاڪٽر صاحب هر وقت ڪلاس وٺڻ کان اڳ ضرور پنهنجن نوٽس کي نظر مان ڪڍندا هئا. پاڻ جڏهن وائيس چانسلر ٿيا، تڏهن به باقاعدگيءَ سان پنهنجا ڪلاس وٺندا رهيا. آخر ۾ جڏهن ڪم جي گهڻائي ٿي ته کين پنهنجا وقت بدلائڻا پيا. ڪلاس کان فارغ ٿي، رات دير تائين لغت واري آفيس ۾ ڪم ڪندا رهيا. اها آفيس اڃا تائين آباد آهي. پاڻ باقاعده شام جو پنجن ڪارڪنن سان گڏ اتي ويهي ڪم ڪندا هئا.

هفتي ۾ آچر جو ڏينهن، يا ڪڏهن ان ۾ ڇنڇر به شامل ٿي ويندو هو، آچر سندن گهمڻ، ڦرڻ ۽ شڪار لاءِ وقف هوندو هو. مان جڏهن سندن گهمڻ ڦرڻ جي ڳالهه ٿي ڪريان ته ان مان مراد اها اٿم ته پاڻ انهن ڏينهن تي ڪوشش ڪري سنڌ جا اهي ماڳ ڏسندا هئا، جتان کين سنڌ متعلق مواد حاصل ٿئي. سڄاڻ سگهڙن سان ڪچهريون ڪري مواد حاصل ڪندا رهيا، جنهن مان آخر سنڌي لوڪ ادب جا 42 ڪتاب ظهور پذير ٿيا. هتي پڙهندڙن کي هڪ ڳالهه ٻڌائيندي هلان، جيڪا مون کي ان وقت جي باٽني ڊپارٽمينٽ جي سربراهه ڊاڪٽر اسلام ٻڌائي ته هڪ دفعي ڊاڪٽر صاحب ڊاڪٽر اسلام کي ٿر گهمائڻ ۽ اتان جي گاهن ۽ ٻوٽن تي ريسرچ ڪرڻ لاءِ وٺي ويو، سڄو ڏينهن ٿر گهمي رات جو سڀ ٿڪجي سمهي رهيا. ڪنهن وقت سندس اک کلي ته ڏٺائين ته ڊاڪٽر صاحب لالٽين جي روشنيءَ ۾ سگهڙن سان ڪچهريءَ ۽ لکڻ ۾ مشغول هئا.

سياري ۾ آچر جو ڏينهن اڪثر ڪري شڪار لاءِ مخصوص هوندو هو. شڪار سندن بهترين مشغلو هوندو هو. سندن چوڻ مطابق هڪ ته شڪار جي شوق ۾ هلڻ چلڻ ٿئي ٿو ۽ ٻيو بندوق هلائڻ ۽ نشان وٺڻ جو تجربو به حاصل ٿئي ٿو.

پاڻ جڏهن لکڻ پڙهڻ جي ڪم ۾ مصروف ٿي ويندا هئا ته ان وقت سندن واسطي ٻه شيون ضروري هونديون هيون؛ هڪ چانهه ۽ ٻيو سگريٽ. انهن کي ماضيءَ جي صيغي ۾ ان ڪري وڌو آهي، جو ڊاڪٽر صاحب هميشه به ان اهتمام سان ڪم ڪندا رهيا، پر پوءِ اڳتي هلي سگريٽ صفا ڇڏي ڏنائون ۽ پوءِ چانهه به گهڻي گهٽ ڪر ڇڏيائون. پاڻ سگريٽ جي معاملي ۾ عجيب ٽيسٽ رکندا هئا، ڪڏهن ته 555 جا دٻا چٽ ته ڪڏهن ڪي. ٽو جي پاڪيٽ تي وڃي بيهندا هئا. سگريٽ ڇڏيائون ته سگار شروع ڪيائون. ان کان پوءِ پائيپ سان دل وندرايائون، پر دل جي آپريشن کان پوءِ انهن سڀني عادتن کي خدا حافظ چئي ڇڏيائون.

تفريح جي لحاظ کان ڊاڪٽر صاحب کي ٽي.وي ڏسڻ به وڻندو هو، سندن پسنديده ”نيشنل جاگرافڪ چينل ۽ اسپورٽس“ ۾ ڪُشتيءَ جا ڪرتب خاص شامل هئا. ڪشتيءَ جي پروگرام کي ته ائين ڏسندا هئا، ڄڻ پاڻ به انهن جي وچ ۾ موجود هجن! راندين ۾ هاڪي سندن پسنديده راند هئي. جڏهن اسان جو ننڍو فرزند فريد، هت هوندو هو ته ان سان شطرنج به کيڏندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن ٻارن سان گڏ پيس ڪوٽ، ڇڪي راند وغيره به کيڏندا هئا.

ڊاڪٽر صاحب کي جانورن سان به گهڻو لڳاءُ رهيو ۽ ٻليون کين بيحد پياريون هيون. ڪنهن وقت اسان جي گهر ۾ يارنهن ٻليون هونديون هيون، جن جي کاڌ خوراڪ خود ڊاڪٽر صاحب جي ذمي هوندي هئي. انهن مان هر هڪ جا نالا هئا ۽ جنهن کي سڏبو هو، اها اچي حاضر ٿيندي هئي. ائين لڳندو هو، جيئن پاڻ ابو هريره جا جانشين هجن. تنهن کان سواءِ گهر ۾ هڪڙي ڦاڙهي ۽ ڪجهه سيهڙ به هوندا هئا، جيڪي اسان وٽان ڀڃي ويا. پاليل ڦاڙهي راڻي باغ جي حوالي ڪري ڇڏيائون، جنهن کي ڪڏهن ڪڏهن ڏسڻ به ويندا هئا. اڄ انهن سڀني جانورن جي جاءِ ڪڪڙين والاري هو. پاڻ باقاعدگيءَ سان صبح و شام انهن کي داڻو به ڏيندا هئا، انهن سان ڳالهيون به ڪندا هئا. ائين لڳندو آهي ته جيئن اهي سندن هر ڳالهه سمجهنديون هجن. ممڪن آهي ته ائين به هجي!کين ننڍڙي ڀولڙي رکڻ جو شوق رهيو ، پر منهنجي ڪري سندن اهو شوق تڪميل تي پهچي نه سگهيو.

خوبصورتي، قدرتي نظارا، آرٽ ۽ آرٽسٽڪ شين جو کين بيحد شوق هو. ائين چوان ته اهي سڀ سٺيون شيون آڻيندا، جيڪي آرٽ زمري ۾ شامل ٿين، پوءِ ٺاهيل مجسما يا پينٽنگس وغيره هجن. مطلب ته آرٽ جي پٺڀرائي ڪندا رهندا هئا. اجرڪ ٺاهڻ وارا ڪاريگر، لنگين ۽ کيس ٺاهيندڙ، جنڊي ۽ ڪاشيءَ جا ڪاريگر، تن سان سندن ملاقاتون ۽ محبتون هيون، انهن مان هڪ مرحوم حاجي عبدالڪريم هو، جنهن شاهي بازار ۾ اهڙو هڪڙو دڪان قائم ڪيو، جتي سنڌي آرٽ جا سامان، اجرڪ، لنگيون، کيس، سوسيون ۽ ٻيو سڀ سامان موجود هوندو هو. جڏهن به ڪي ٻاهريان مهمان ڊاڪٽر صاحب وٽ ايندا هئا ته انهن کي حاجي صاحب جي دڪان تي ضرور وٺي ويندا هئا. اڄ حاجي صاحب جي نيڪ فرزندن پنهنجي پيءُ جي ڪم کي ڪافي وڌايو آهي، ميوزڪ سان به سندن لڳاءُ گهڻو هئن. پاڻ ميوزڪ تي به ڪافي حد تائين تحقيق ڪيائون. منهنجي خيال ۾ سنڌ جي موسيقيءَ تي جيترو توجهه ڊاڪٽر صاحب جن ڏنو، اوترو ٻئي ڪنهن به نه ڏٺو آهي. سندن موسيقيءَ بابت لکيل ڪتاب ۽ سنڌ جي سازن بابت انگريزيءَ ۾ ننڍڙو ڪتاب دنيا ۾ اهميت حاصل ڪري چڪا آهن. شاهه محمد نابينا، مائي ڀاڳي، فيض محمد بلوچ، مصري خان، علڻ فقير ۽ ٻيا گهڻا ڊاڪٽر صاحب جي دريافت آهن.

ڊاڪٽر صاحب جن هڪ نهايت بااصول استاد رهيا. سندن پڙهائڻ جو طريقو اهڙو هوندو هو، جو هڪ ڀيرو ليڪچر توجهه سان ٻڌڻ کان پوءِ ان کي وري پڙهڻ جي ضرورت ڪانه پوندي هئن. مان بي- ايڊ ڪرڻ وقت سندن شاگرد رهي آهيان. پاڻ هميشه وقت تي ڪلاس وٺڻ ايندا هئا. ڪڏهن به هڪ منٽ جي دير نه ڪندا هئا. سندن دستور هوندو هو ته اچڻ شرط ڪلاس جو دروازو بند، جيڪي اندر سي اندر، جيڪي ٻاهر سي ٻاهر رهجي ويندا هئا. انهيءَ ڪري سڀ وقت تي ايندا هئا. سندن ڏيا اهڙي هوندي هئي، جو ڪنهن کي ساڻن گهڻي حجت ڪرڻ جي همت نه رهندي هئي.

پاڻ جڏهن به ڪنهن جي ڪم ۾ رهنمائي ڪندا هئا ۽ چاهيندا هئا ته سندن رهنمائي وٺندڙ جو ڪم به اهڙو سهڻو ۽ معياري هجي، جهڙو سندن پنهنجو ڪم هوندو آهي. نتيجي ۾ جيڪڏهن ڪنهن جو ڪم معيار مطابق نه هوندو هو ته ان کي ٻيهر ڪرڻ لاءِ چوندا هئا. ان ۾ جيڪي ڪم ڪرڻ ۾ خلوص رکندڙ هوندا هئا، سي ته سندس طبعيت مطابق ڪم ڪري پار پوندا هئا، پر ڪي مون جهڙا سست ڪاهل ۽ short cut ڳوليندڙ، ائين چئي هٽي ويندا هئا ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب رهنمائي نٿو ڪري سگهي. سندن رهنمائيءَ سان جن Ph.D جون ڊگريون ورتيون، سي ڪامياب ٿيا، جن ۾ ٻه ٻاهر جا هئا، جيڪي پنهنجن ملڪن (ايران ۽ فلپائن) ۾ وڏن درجن تي پهتا ۽ ڊاڪٽر صاحب ڏانهن شڪريي جا خط لکندا رهيا.

ڊاڪٽر صاحب هڪ نهايت شفيق والد هئا. پاڻ پنهنجن ٻچن سان گهڻو پيار ۽ عزت سان پيش ايندا هئا. ۽ تربيت تي تمام گهڻو توجهه ڏنائون، نتيجي ۾ اسان جون نياڻيون نهايت اعليٰ تعليم يافته ۽ پنهنجي حيثيت مڃائڻ ۾ ڪامياب ٿيون آهن. اسان جي ڌيءُ آمنه C. S.S  امتحان ۾ نمايان ڪاميابي حاصل ڪري فارين سروس ۾ وئي آهي. ڪجهه وقت لاءِ انڪم ٽيڪس ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر به رهي ۽ پنهنجي والد صاحب وانگر هڪ بااصول آفيسر جي حيثيت سان پنهنجو نالو قائم ڪيو اٿس. وڏي نياڻي حميده B.Ed  ۽ M.A ڪرڻ کان پوءِ تعليم کاتي ۾ ٽيچر آهي. ننڍي اميمه انگريزيءَ ۾ M.A نمايان ڪاميابي حاصل ڪري اسلام آباد ۾ انگريزيءَ جي ٽيچر آهي. سندن فرزندن اعليٰ تعليم حاصل ڪئي ۽ وڏن عهدن تي فائز رهيا.

ڊاڪٽر صاحب هڪ نهايت سادي طبعيت رکندڙ شخصيت هئا. کين دنياوي ٺٺ ٺانگر سان بلڪل لڳاءُ نه هو. ڪڏهن به اوچي کائڻ ۽ اوچي پائڻ طرف توجهه نه ڏنائون. سندن ڪپڙن لٽن جو خيال به مان ۽ ڌيءَ آمنه رکنديون هيونسين.

ڊاڪٽر صاحب هونئن ته تمام باهمت شخصيت هئا، پر بيماريءَ جي معاملي ۾ تمام ننڍي دل رکندا هئا. کين ٿوري تڪليف ٿي پوندي هئي ته ائين محسوس ڪندا هئا ته ڄڻ کين وڏي تڪليف ٿي پئي آهي. معمولي زڪام، جيڪو ٻيو ماڻهو هلندي چلندي گذاري، ان کي وڏي تڪليف تصور ڪندا هئا، کين سيءُ به تمام گهڻو لڳندو هو. گرميءَ جي موسم ۾ کين گرمي ايترو نه ستائيندي هئي، جيترو کين سردي ستائيندي هئي.

پنهنجن ۽ پنهنجي خاندان لاءِ هرڪو پتوڙيندو آهي، پر اهڙو شخص، جيڪو ٻين جي بهتريءَ ۽ بهبود لاءِ ڪم ڪري ٿو، سو وڏي مان وارو اهي. ڊاڪٽر صاحب جي ڳوٺ (جعفر خان لغاري، ضلعي سانگهڙ) ۾ اڄ جيڪا جاڳرتا آئي آهي، سان سندن محنت ۽ ڪاوشن جي نتيجي جو ثمر آهي. پاڻ اُتي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ جدا جدا پرائمري، مڊل ۽ هاءِ اسڪول قائم ڪرايائون. اڄ ڳوٺ جون ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا تعليم جي زيور سان آراسته ٿي رهيا آهن. پاڻ هميشه ماڻهن کي تعليم ۽ ان جي اهميت متعلق همٿائيندا هئا. نتيجي ۾ اڄ ان ننڍي ڳوٺ جعفر خان لغاريءَ جا انيڪ ماڻهو ڊاڪٽر، انجنيئر، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ٻين وڏن عهدن تي فائز آهن. ٽي ڄڻا C.S.S  امتحان ۾ ڪامياب ٿيل آهن. پنهنجي ڳوٺ کان سواءِ ٻين ڪيترن ئي جاين تي دوستن کي چيائون، مدد ڪيائون ۽ اسڪول قائم ڪرايائون. ڪوٽ مير محمد تعلقي ڪنگريءَ ۾ پنهنجي ڏاڏي جي ياد ۾ (جيڪو اتي مدفون آهي)، ڇوڪرن لاءِ پرائمري ۽ هاءِ اسڪول قائم ڪرايائون ۽ ڇوڪرين لاءِ پرائمريءَ کان پوءِ مڊل اسڪول، جنهن کي هاءِ اسڪول بنائڻ جي فڪر ۾ رهيا.

اها ته آهي ڊاڪٽر صاحب جي ذاتي زندگي. سندن ادبي زندگي ان کان الڳ آهي. سياست کان دور، خاموشيءَ ۽ دل جي لگن سان ڪم ڪندا هئا ۽ هميشه سڄي ملڪ جي خدمت سان گڏ سندن زندگي سنڌ ۽ سنڌ جي ڳالهين کي اجاگر ڪرڻ ۾ مصروف رهيا. پاڻ جيڪو به ڪم هٿن ۾ کڻندا هئا ته انهيءَ کي محنت ۽ جانفشانيءَ سان پوري ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مگن رهندا هئا. مون ساڻن زندگيءَ جا پنجٽيهه سال گڏ گذاريا ، پر کين ڪڏهن به فارغ ۽ گپ شپ ڪندي نه ڏٺو. سندن زندگي سراسر پنهنجي ڪم سان وابسته رهي. پاڻ ڪڏهن به ڪنهن جي مخالفت جو ڪونه سوچيائون. ڪيترا ماڻهو کين تنقيد جو نشانو بڻائيندا هئا، پر پاڻ انهن متعلق هڪ لفظ به نه ڳالهائيندا هئا. ڪڏهن مان ڪاوڙ ۾ ڪجهه چئي وجهندي هئس ته مون کي به روڪيندا هئا ۽ چوندا هئا ته هرڪو راءِ جي اظهار جو حق رکي ٿو، اسين ڇو انهن کي روڪيون. انهن کان علاوه  پاڻ هڪ دفعي مون سان اظهار ڪيائون ته: ”مون جڏهن لکڻ پڙهڻ جو ڪم شروع ڪيو ته پاڻ سان هڪ وعدو ڪيو هوم ته منهنجو قلم ڪڏهن به ڪنهن جي مخالفت نه لکندو“ ۽ ماشاءَ الله پاڻ وفات تائين پنهنجي ان وعدي تي قائم رهيا.

منهنجي سامهون ننڍا ننڍا ڪم پاڻ ڪيا، پر وڏا پراجيڪٽ جن تي، تن من ۽ ڌن لڳائي ڪم ڪيو، سو آهي شاهه جو رسالو، جنهن کي ڏهن جلدن ۾ مڪمل ڪيائون. اهو ڪم تحقيق جو هڪ اعليٰ معيار آهي. هن کان پوءِ منهنجي ناچيز خيال ۾ ان کيتر ۾ ٻيو ڪو سوچي قدم رکندو پر افسوس جو اڄ سنڌ ۾ ان کي پڙهڻ ۽ مڃڻ وارا تمام ٿورا وڃي رهيا آهن. ٻاهر اڄ به ماڻهو ڊاڪٽر صاحب کي سندن علمي ۽ ادبي ڪاوشن جي ڪري سڃاڻن ٿا ۽ سندن نالو عزت سان ورتو وڃي ٿو. نه صرف پاڪستان ۾، پر ٻاهرينءَ دنيا ۾ به ڊاڪٽر صاحب هڪ ڄاتل سڃاتل شخصيت رهيا. پاڻ سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن جا عاشق هئا. خاص طور تي ٻهراڙين جا اهي ماڻهو، جن وٽ بنا تعليم جي به علم ۽ عقل جو خزانو آهي ۽ سندن ڪوشش رهي ته سنڌ متعلق هر قسم جي ڄاڻ دنيا جي سامهون پيش ڪريان. پاڻ ان ڏس ۾ ڪافي حد تائين ڪامياب ويا.

ڊاڪٽر صاحب جڏهن به ڪنهن ڪم ۾ هٿ وڌو ته ان کي پنهنجي صلاحيتن مطابق اعليٰ نموني سان نڀائڻ جي ڪوشش ڪيائون. اسلام آباد ۾ قيام دوران کين ڪيترن اهڙن چئلينجن جو مقابلو ڪرڻو پيو، اتي کين اسلامي يونيورسٽيءَ جو پهريون پايو وجهندڙ وائيس چانسيلر مقرر ڪيو ويو ۽ نهايت جانفشانيءَ ۽ محنت سان معجزي وانگر  تمام قليل مدت ۾ يونيورسٽي قائم ڪيائون. تعليم جا ۽ ٻيا سڀ انتظام مڪمل ٿيا. ايتري قدر جو امتحان به وٺڻ شروع ڪيائون. ان کان پوءِ هجري ڪائونسل اسلام آباد تحت هڪ سئو ڪتابن جي رٿا کي به عمل ۾ آندائون.
بين الاقوامي سطح تي هڪ سئو ڪتابن جي چونڊ مڪمل ڪيائون ۽ ڏهن کن ڪتابن جا انگريزيءَ ۾ ترجما شروع ٿيا ۽ چار پنج ڪتاب سندن رهبريءَ ۾ مهاڳن سوڌو ڇپجي ويا. پاڻ انهن ڪمن ۾ ايتري ته جانفشانيءَ سان محنت ڪيائون، جو کين دل جي تڪليف ٿي پئي ۽ باءِ پاس ڪرائڻي پئي.

سندن سماجي زندگي به عام ماڻهن کان مختلف هئي. سندن دوست، غريب، مسڪين ۽ سنڌ جا سادا سودا ماڻهو، سگهڙ ۽ مختلف پيشن سان وابسته رهيا. انهن جو تعداد سڄي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڦهليل آهي. پاڻ سندن صحبت مان حظ حاصل ڪندا هئا، سندن دل گهريا خاص دوست به ڪافي آهن، ۽ انهن چند دوستن مان ڪي ته جهان مان هليا ويا آهن، انهن مان هڪ مرحوم محمد اسماعيل نون صاحب، مير شاهنواز خان شهلياڻي ۽ حاجي محمد سوڍو بگهياڙ ميرپور ساڪري وارو انهن جا ڳڻ ياد ڪري ڊاڪٽر صاحب غمگين ٿي ويندا هئا.

بهرحال هر انسان ۾ خوبين سان گڏ خاميون به هونديون آهن، پر تارازيءَ ۾ توري ڏسجي ته ڪهڙو پُڙ وڌيڪ وزندار آهي. منهنجي خيال ۾ ڊاڪٽر صاحب جي خوبين جو پُڙ وڌيڪ وزندار هوندو. اهو رايو سندن گهرواريءَ جو نه آهي، پر انهن ماڻهن جو آهي، جيڪي ڊاڪٽر صاحب جي ويجهو رهيا آهن ۽ سندن طبعيت جو مطالعو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿن.

اسدالله قاضي

 

  ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ          

         هڪ گهڻ رخي شخصيت

ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنجهه ،

ڪنهن ماڻهو منجهه، اچي بوءِ بهار جي .

                                  (شاههؒ)

سنڌي لوڪ ادب، سنڌي ٻولي، تعليمي نظام جو سرواڻ ۽ لطيف جو پارکو، روشنيءَ جو مينار سائين نبي بخش بلوچ، اڄ اسان وٽ موجود نه آهي پر هن جون يادون قائم ۽ دائم آهن، سائين گهڻ رُخي شخصيت جو مالڪ هو. پاڻ تتيءَ ٿڌيءَ ۾ محنت ڪري هڪ روشنيءَ جو مينار قائم ڪيائون ۽ ان جا پاڻ ئي معمار هئا. مون ۾ ايتري صلاحيت نه آهي ته بلوچ صاحب بابت ڪجهه لکان ته سائين ٻالپڻي کان وٺي پنهنجي منزل مقصود تي ڪيئن پهتا. ان جو احوال نيوز اينڊ اوپينيئن جي جولاءِ- آگسٽ 2007ع واري مخزن ۾ ڏنل آهي، ۽ وڌيڪ وري هڪ سنڌي ٽي.وي چينل تي ڏنل سائين جي رهاڻ مان ظاهر آهي ته پاڻ جفا ۽ محنت سان جعفر خان لغاري ۾ اسڪول نه هئڻ سبب ڀر واري ڳوٺ پيرين پنڌ وڃي پرائمري اسڪول مان ميٽرڪ پاس ڪيائون. ڊي.جي ڪاليج ڪراچيءَ ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ مزو نه اچڻ سبب بهاءُالدين ڪاليج جهونا ڳڙهه مان بي.اي پاس ڪيائون. ايم اي ۽ ايل.ايل.بي وري مسلم يونيورسٽي عليڳڙهه مان ڪري سنڌ ۾ پير الاهي بخش جي محنت سان قائم ڪيل سنڌ مسلم ڪاليج ۾ پڙهائڻ لڳا. انگريز سرڪار جي 1945ع ۾ ڏنل اشتهار تي D.Ed  لاءِ وظيفو حاصل ڪري ڪولمبيا يونيورسٽيءَ ۾، جيڪا نيويارڪ ۾ آهي، اتي M.Ed ۽ D.Ed  جون ڊگريون حاصل ڪري، اتي ئي United Nations  جي Information Department  ۾ نوڪري ڪرڻ لڳا، ايتري ۾ پاڪستان ٺهي ويو ۽ پاڻ موٽي ملڪ آيا.

بلوچ صاحب ان وقت انڊو-پاڪ  ۾ پهريون شخص هو جنهن کي ايجوڪيشن ۾ D.Ed   جي ڊگري حاصل هئي، پر ان کان پوءِ سائين بلوچ صاحب کي جيئن رُلايو ويو اهو هڪ وڏو داستان آهي. ٽي.وي تي سائين جي اها ڳالهه ٻڌي مون کي روئڻ اچي ويو، ڇاڪاڻ ته مون سان به ڪجهه ائين ئي ٿيو هو.

ذڪر ڪندو هلان ته سائين کي لکڻ پڙهڻ جو شوق ننڍي هوندي کان ئي هوندو هو. لکڻ جي شروعات 1945ع ۾ ”گڏهه“ جي نالي سان ڪتاب لکڻ سان ڪيائين. اهو ڪتاب 1946ع ۾ سائينءَ جي آمريڪا وڃڻ کان اڳ شايع ٿيو. ان ڪتاب ۾ مسلمان سياستدانن کي طنزيه طور ”گڏهه“ نالي سان منسوب ڪيو ويو هو. ڪتاب ۾ هڪ هنڌ لکيل آهي ته بهتر ٿيندو ته سياسي ليڊرن بدران گڏهه کي پنهنجو ليڊر بنائجي، جيڪو خلق جو سچو خادم ۽ وڏو پورهيت آهي.

بلوچ صاحب جي سياست ۾ دلچسپي ان مان ظاهر آهي جو جهوناڳڙهه واري دور ۾ پاڻ خاڪسار تحريڪ سان لاڳاپيل رهيا. عليڳڙه ۾ وري مسلم ليگ ۾ ڪم ڪرڻ جو منجهن جذبو جاڳيو.

بلوچ صاحب کي مون پهريون ڀيرو B.Ed  جي ماسترن کي نور محمد هاءِ اسڪول ۾ ليڪچر ڏيندي ڏٺو. آءٌ ان وقت گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو هوس ۽ پنهنجي چاچي سان جيڪو ٽريننگ ڪاليج ۾ استاد هو، ان سان گڏجي ويو هوس، ليڪچر جو عنوان ته الائجي ڇا هو، پر بلوچ صاحب بانس جي ڪاني مان بانسري ڪيئن ايجاد ٿي، ان جو ذڪر ڪيو، آءٌ بيحد متاثر ٿيس.

بلوچ صاحب سان منهنجي ملاقات تڏهن ٿي جڏهن آءٌ لنڊن جي Imperial College  ۾ Ph.D ڪندو هوس. سائين جن لنڊن آيل هئا ۽ مون ۽ مرحوم وڏل شاهه گڏجي بلوچ صاحب کي مانيءَ تي مدعو ڪيو. قصو مختصر ته مانيءَ کان پوءِ مون سائين سان شڪايت ڪئي ته سنڌي ماڻهن کي ڪاوڙ آهي ته اوهان علم ڏيڻ ۾ ڪنجوس آهيو ۽ اوهان وٽ ڪيترا  سارا شاگرد Ph.D ڪري رهيا آهن پر اوهان Ph.D هڪ کي به نه ڏني آهي. بلوچ صاحب فرمايو ته نوجوان مون وٽ فلاڻا استاد ۽ اديب Ph.D لاءِ رجسٽرڊ ٿيل آهن، جڏهن نڪرن ته پوءِ ٻين کي وارو ملي. بلوچ صاحب وڌيڪ ٻڌايو ته شاگرد نڪو ٿا لکن، ۽ نڪو پڙهن، انهن کي مفت ۾ ڊگري کپي، ۽ اها ڏيڻ لاءِ آءٌ تيار نه آهيان. پوءِ پاڻ پڇيائون ته تون فلاڻي کي سڃاڻين، مون چيو ته سائين ها آءٌ سڃاڻانس. پاڻ فرمايائون ته هڪ دفعي اهو شخص مون کي ٿيسز  جو هڪ باب  پڙهڻ لاءِ ڏئي ويو، جنهن ۾ مون ڪجهه اصلاح ۽ وڌيڪ ڪم لاءِ هدايتون لکيون. همراهه ڪاوڙجي پيو ۽ هُلايائين ته بلوچ ڪير ٿيندو آهي منهنجي ٿيسز  ۾ ترميم ڪرڻ وارو. هن کي ته سنڌي به ڪانه ٿي اچي ۽ اهڙي طرح مون تي لعنت جو ٺڪر لڳي ويو ۽ آءٌ بدنام زمانه ٿي ويس.

آخر ۾ بلوچ صاحب چيو ته ها هيءُ ڪم ڪر جو جڏهن Ph.D  ڪري پاڪستان پهچين ته آءٌ توکي هڪ ٻن شاگردن جون ٿيسز جي لکن، ته توکي پڙهڻ لاءِ ڏيندس، پوءِ تون ئي فيصلو ڪجانءِ ته هنن جو ڇاڪجي. اتي مون کي علامه آءِ.آءِ.قاضي جا اهي قول ياد اچي وڃن ٿا، جن ۾ قاضي صاحب فرمايو ته "To understand is to stand under"  اهو شاگرد ڪٿان سکندو، جيڪو سمجهي ته آءٌ استاد کان وڌيڪ ڄاڻو آهيان.

بلوچ صاحب جيڪي ڏينهن لنڊن ۾ هو، ڪچهريون ٿينديون رهيون. بلوچ صاحب جي هڪ ڏينهن، هڪ اهڙي سنڌيءَ سان ملاقات ڪرائي وئي جيڪو اسپين ۾ سائين ميران محمد شاهه سان گڏ هو. هيءُ شخص گٽار وڃائڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو ۽ 'Spanish music'  تي هن کي خاص مهارت هئي. وڄائيندي ۽ ڳائيندي هن جي اکين ۾ پاڻي تري آيو، هو ڳائي رهيو هو: ”مان شل ڪيچ وڃان، پنهون پاڻ پسان“.

ان شخص بلوچ صاحب کي ڪجهه سنڌي راڳن کي 'Musical Language'  ۾ لکي ڏيکاريو ۽ ٻڌايو ته سنڌي راڳ کي سکڻ لاءِ هي ڪافي آهي، ان ۾ ڌُن به آهي ته وري راڳ به. اسان دوستن کي گهڻو سمجهه ۾ نه آيو، پر بلوچ صاحب هن جي ڪم مان ڪافي متاثر ٿيو ۽ پاڪستان اچي ان موضوع تي هڪ ڪتاب به لکيائون.

پاڪستان ۾ اچڻ کان پوءِ منهنجو، جتي پنهنجن قدر ڪو نه ڪيو، اتي ڌارين مانُ ڏنو ۽ مون کي 'West Pakistan University of Engineering and Technology, Lahore' ۾ نوڪري ملي وئي. لاهور ۾ هڪ دوڪان تان مون کي Dr. H.T. Sorely   جو Gazetteer of Sindh  هٿ اچي ويو. ان جو ذڪر مون بلوچ صاحب سان ڪيو، پاڻ ان ۾ دلچسپي ڏيکاريائون ۽ مون کين اهو ڪتاب تحفي طور پيش ڪيو. موٽ ۾ بلوچ صاحب مون کي Prof. M.B. Pithawalla جو  'Sindh's Changing Map'  نقشن وارو ڪتاب ڏنو. اهو ڪتاب منهنجي لاءِ ڏاڍو مفيد ٿيو، ڇو جو آءٌ سنڌو درياء جي پراڻن وهڪرن جي ڳولا ۾ هوس ۽ بلوچ صاحب سان ان سلسلي ۾ M.R Haig  جي ڪتاب 'Indus Delta Country'  جو ذڪر پڻ ڪري چڪو هيم.

بلوچ صاحب موٽي اچڻ کانپوءِ هڪ ڏينهن علامه آءِ.آءِ.قاضي سان، جيڪي ان وقت سنڌ يونيورسٽي جا وائيس چانسلر هئا، مليا ۽ سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايائونس ۽ چيائونس ته مون کي دمشق ۾ پاڪستان پاران Information Officer  جي نوڪري جي آڇ آهي ۽ آءٌ تيارين ۾ آهيان. علامه صاحب چيو ته تون دمشق ۾ ويندين ته سنڌ جو ڪم ڪير هلائيندو. سائين بلوچ، علامه صاحب کي ٻڌايو ته سائين آءٌ اچان به کڻي پر حڪومتن تي اعتبار ڪونهي ۽ جي مون کي ڪڍي ڇڏين ته پوءِ ڇا ٿيندو. ان تي علامه صاحب کين چيو ته آءٌ توکي  Life-time نوڪري ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، ۽ اهڙي طرح علامه صاحب بلوچ صاحب کي  Life-time پروفيسر جي حيثيت سان نوڪري ڏني.

اهڙي طرح بلوچ صاحب پهريون ۽ واحد پروفيسر هو، جنهن کي اهڙي قسم جي نوڪري ملي. بلوچ صاحب کان پوءِ ڊاڪٽر عبدالواحد هاليپوٽو جيڪو Oxford University   مان D.Phil  ڪري آيو، ان کي به پروفيسر ڪري رکيائون، ۽ ٽيون پروفيسر ممتاز علي قاضي هو جيڪو پڻ London University مان Ph.D  ڪري آيو هو.

منهنجي اسريٰ يونيورسٽيءَ ۾ وائس چانسلر جي حيثيت ۾ اچڻ کان پوءِ بلوچ صاحب اسريٰ يونيورسٽي جي Board of Governors  جو ميمبر مقرر ٿيو. مدي ختم ٿيڻ کان پوءِ جڏهن ملاقات ٿيندي هئي ته سائين خير آفيت ڪرڻ کان پوءِ سدائين پڇندا هئا ته اسريٰ ڪيئن آهي ۽ پوءِ وري سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ تدريسي ماحول تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي هئي ۽ علامه آءِ.آءِ.قاضي جو ذڪر به ٿيندو هو.

هڪ ڀيري مون بلوچ صاحب کان ڳالهين ڪندي پڇيو ته سائين زندگيءَ تي اعتبار ڪونهي، الله اوهان کي وڏي ڄمار ڏئي، پر توهان پنهنجي آخري آرام گاهه بابت ڪجهه سوچيو آهي. پاڻ وراڻيائون ته ها. ان کان پوءِ ٻڌايائون ته جنهن جرمن معمار ڄام شوري ۾ يونيورسٽيءَ جا نقشا ٺاهيا هئا ان ۾ هڪ هنڌ پروفيسرن جي قبرستان جي جاءِ پڻ مخصوص هئي. يونيورسٽي ٺهڻ کان پوءِ هو هڪ دفعو آيو ۽ پڇيائين ته پروفيسرن جو قبرستان ڪٿي آهي، مون چيومانس في الوقت ته علامه صاحب جن هتي مدفون آهن، باقي عام ماڻهن لاءِ قبرستان سنڌ يونيورسٽي ريلوي اسٽيشن جي ڀرسان آهي. اهو چئي بلوچ صاحب ٿورو رڪجي ويا ۽ ساهي پٽيندي چيائون آءٌ سنڌ يونيورسٽي جو پهريون پروفيسر ۽ Life-time نوڪري جو اعزاز ماڻيندڙ آهيان، منهنجي حسرت آهي ته مون کي علامه صاحب جي پيرن ۾ جڳهه ڏني وڃي.

بلوچ صاحب جي ان حسرت بابت مون اِن وقت جي وائس چانسلر، جنهن لاءِ مون کي نهايت عزت آهي، سان ڳالهه ڪئي. انهن وراڻيو ته ڪيترائي ماڻهو آهن جيڪي علامه آءِ.آءِ.قاضي جي ڀر ۾ دفن ٿيڻ جي خواهش ظاهر ڪندا. انهن جو ڇا ٿيندو. مون عرض ڪيو ته سائين بلوچ صاحب جن عام ماڻهو نه آهن. جهڙي طرح علامه صاحب يونيورسٽي ۾ تدريسي عمل ڪرائڻ وارو پهريون وائس چانسلر هو، اهڙيءَ طرح سائين بلوچ به پهريون پروفيسر آهي ۽ سندس سنڌي لوڪ ادب ۽ تعليمي نظام ۾ بيحد گهڻيون خدمتون آهن. وي.سي صاحب وراڻيو ته اها ڳالهه درست آهي ۽ مون کي به بلوچ صاحب لاءِ تمام گهڻو احترام آهي، پر ان مسئلي لاءِ سينڊيڪيٽ کان اجازت وٺڻي پوندي. پاڻ وڌيڪ فرمايائون ته توکي خبر آهي ته سينڊيڪيٽ ۾ ڪجهه ماڻهو آهن جيڪي ان ڳالهه جي مخالفت ڪندا ۽ جي اهو فيصلو ٿي ويو ته علامه صاحب جي مزار وٽ ڪنهن کي به دفن نه ڪيو وڃي ته اهڙي صورت ۾ بلوچ صاحب جي حسرت پوري ڪانه ڪري سگهبي. آخر ۾ وي سي صاحب چيو ته في الحال ان ڳالهه کي ڇڏي ڏجي ۽ جڏهن وقت ايندو ته پوءِ ڏٺو ويندو.

ان ڳالهه ۾ به مصلحت هئي. نيٺ وقت اچي ويو ۽ نذير احمد مغل جيڪو هن وقت سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائس چانسلر آهي، بنا ڪنهن ججهڪ جي هن عظيم شخصيت جي وصيت کي پوري ڪرڻ جي لاءِ ڪنهن به سينڊيڪيٽ کان اجازت جي ضرورت محسوس نه ڪئي، ۽ درحقيقت ٿيڻ به ائين ئي گهرجي ها، ڇو ته بلوچ صاحب جهڙي خداداد ۽ هڏ ڏوکي شخصيت جا مالڪ صدين ۾ ئي پيدا ٿيندا آهن ۽ انهن جي ڀرپور خدمتن جي عيوض ٻه گز زمين ڏيڻ لاءِ سينڊيڪيٽ يا ڪنهن اداري کان اجازت طلب ڪرڻ يقيناً نامناسب ٿيندو. شال الله تعاليٰ بلوچ صاحب کي جنت نصيب فرمائي (آمين)

 

 ڊاڪٽر حبيب الله صديقي

 

 

 

 

 

           ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ- علم جو روشن مينار

 

علم هڪ بيڪنار سمنڊ آهي جيڪو دنيا جي سڀني ڪنارن سان لڳي ٿو. منهنجو استاد ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ به علم جو هڪ سمنڊ هو، جيڪو اسان جي سوالن جي سڀني ڪنارن سان ملندو هو. تاريخ جاگرافي، سنڌي ساهت، آثارِ قديمه ۽ جديد سنڌ جي باري ۾ اسان جي سوالن جا جواب سائين وٽان ئي ملندا هئا، جيڪي مدلل ۽ مفصل هوندا هئا. ڊاڪٽر بلوچ صاحب علم جي اُڃ اُجهائيندڙ استاد هو، جنهن کي هاڻي سندس تحقيق، تحرير، تدوين ۽ ڪتابي صورت ۾ موجود مواد ۾ پرکي سگهون ٿا.

اسان جي ٽهي، جنهن ڊاڪٽر بلوچ صاحب کي ڏٺو، ٻڌو ۽ ساڻس رهاڻيون ڪيون، سا سندس علمي، ادبي ۽ شخصي ورثي کي آسانيءَ سان سمجهي سگهي ٿي، ليڪن ٻي ٽين ۽ چوٿين ٽهي وٽ سندس شناس، ڄاڻ ۽ فائدو ضرور پهچڻ گهرجي.

انهيءَ مقصد خاطر سندس وفات جي تاريخ 16- اپريل 2011ع کان وٺي اڄ تائين متعدد گڏجاڻيون قرارداد، مڃتائون ۽ ڀيٽائون پيش ڪيون ويون آهن ۽ وڃن پيون.

هي اوائلي دور آهي ڊاڪٽر بلوچ صاحب شناسيءَ جو ۽ سندس ڇڏيل ورثي کي بچائڻ ۽ وڌائڻ جو. پويان انهيءَ مان لاڀ حاصل ڪندا.

تاريخ 9- مئي 2011ع تي سنڌ اسيمبلي سائين ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي خدمات ۽ شخصيت جي مڃتا جو هڪ ٺهراءُ پاس ڪيو.

محض ثناخواني، ساراهه ۽ مڃتا ڪو مقصد نه آهي، اهو وقتي وڌاءُ به ٿي سگهي ٿو، جيڪو وقت پڄاڻان ماٺو ٿي ويندو. مقصد انهيءَ ڳالهه سان آهي، جنهن جي پٺيان ڊاڪٽر بلوچ پنهنجي سڄي ڄمار جاکوڙيندو رهيو. اهو مقصد هو، سنڌ شناسي، علمي آسودگي، قومي ترقي، تعليم، تهذيب، وڏڙن جي ورثي جي ڄاڻ ۽ سنڀال ڪرڻ.

سائين جو گهر به هڪ ننڍڙو ميوزم ۽ جانورن جو واڙو به هوندو هو، انهيءَ باري ۾ پڻ گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي، جيڪو پڙهڻ گهرجي.

سائين مرحوم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هڪ ذاتي سبق ڏنو، سهپ جو، برداشت جو، صوفي مت جو سبق، مخالفن کي برداشت ڪرڻ ۽ ڪنهن سان ڪينو نه رکڻ جو سبق. مون سائينءَ کان سکيو، مخالف نڪتچينيءَ جو سڌو جواب نه ڏيندا هئا، ليڪن بعد ۾ پنهنجي ڪتابي تحرير ۾ انهيءَ جي موزون وضاحت ڪري ڇڏيندا هئا.

وقت، قول ۽ فرض جي پابنديءَ جا سبق به سائين مرحوم پنهنجي ذاتي ڪردار جي ذريعي ڏنا. وسندڙ مينهن، سيءَ جي لُهري ۽ آچر جي ڏينهن کي ڏسندي اسان شاگردن سمجهو ته ڊاڪٽر صاحب جن اڄ سيمينار پوئتي ڪري ڇڏيندا، ليڪن عين ٽائيم تي ڏٺوسين ته سائين ڇٽي کوليو، گپ ۾ پير پُسائيندو اچي پيو! اچڻ سان چيائين:

"A very lovely Season! Let us get to work!"

يعني- ”ڏاڍي پياري موسم آهي، اچو ته ڪم کي لڳي وڃون!“

سائينءَ مرحوم جون اهڙيون سوين ڳالهيون آهن، جيڪي هاڻي اسان کي سهيڙي ڇڏڻ گهرجن، اُنهن مان هلندڙ ۽ ايندڙ پيڙهين کي لاڀ حاصل ٿيندو ۽ عملي زندگيءَ جي لاٽ لڀندا!

سائين پاڪستان کان ٻاهر ملڪن جي علمي ۽ ادبي حلقن ۾ سڃاتو ويندو هو، تنهنڪري سندس مهابي سنڌ جي دنيا ۾ جديد سڃاڻپ ٿي، جڏهن هتان جي ڪو سنڌي ڪنهن ٻاهرين ملڪ ۾ ويندو هو ۽ ٻڌائيندو هو ته هو سنڌ (پاڪستان) کان آيو هو، ته هڪدم کانئن سوال پڇيو ويندو هو:

"Oh! where Dr. Baloch Belongs to?"

”اڇا! جتان جو ڊاڪٽر بلوچ آهي؟“

انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي هڪ رٿا موجب زندهه مثالي شخصيتن جا سندن ذاتي زندگي بابت ڊگها انٽرويو ورتا هئا. انهيءَ شرط سان، ته اهي آڊيو، وڊيوز شخصيت جي وفات يا پنجاهه سالن گذرڻ بعد ظاهر ڪيا ويندا. سائين ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو اُهو انٽرويو جلد از جلد پڌرو ٿيڻ گهرجي.

زندگيءَ ۾ ڊاڪٽر صاحب جا مداح به گهڻا هئا، پر مخالف به هئا، انهن مان ڪي منهن تي تعريف ۽ تعظيم ڪندا هئا، پر پَرپُٺ گِلا ۽ نڪتچيني به ڪندا هئا. هن عظيم استاد ۽ مثالي شخصيت جي گِلا ٻُڌي، مون کي خليفي هارون الرشيد جو پنهنجي ڪم ظرف مخالف کان شڪواه ٻڌي، ورجايل محاورو ياد ايندو هو:

اُنفٌ فِي الماءِ اسِتٌ في السَّماءِ

يعني نڪ پاڻي ۾ ۽ مقعد آسمان ۾. انهن گِلاخورن جو اصل مقصد پاڻ کي مٿاهون ڏيکارڻ هوندو هو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب پاڻ سان واعدو ڪري ڇڏيو هو ته هو ڪڏهن به ڪنهن جي اجائي تنقيد جو جواب نه ڏيندا، جنهن سان وقت ضايع ٿئي ۽ سندن علمي ۽ ادبي ڪم ۾ رڪاوٽ پيدا ٿئي.

وَفا کنيم و ملامت کشيم و خوش باشيم،

که در طريقت ما کفرسيت رنجيدن.

(وفائون ڪندا آهيون ۽ انهن جي عيوض طعنا ۽ مهڻا سهندا آهيون، پر پوءِ به خوش رهندا آهيون، ڇاڪاڻ ته اسان جي دين ۾ وفائن جي عيوض ملندڙ مهڻن تي ناراض ٿيڻ ڪفر آهي).

ڊاڪٽر بلوچ صاحب علم جا سمنڊ هئا، پاڻ هميشه سڀني کي پنهنجي علم سان فيضياب ڪيو ۽ رهنمائي ڪئي. پاڻ پنهنجي وڏن، مٽن، مائٽن ۽ استادن جا ٿورا ۽ احسان هميشه پيا ڳائيندا هئا، انهن کي ڪڏهن به نه وساريائون، جنهن سان اسان کي به اهو سبق ملي ٿو ته اسين به پنهنجي وڏن جي نقشِ قدم تي هلون. جن جا اسان تي احسان ۽ ٿورا هوندا آهن، تن کي هرگز نه وساريون. اسان وٽ ته اڪثر ائين ئي ٿيندو آهي ۽ ڪنهن جي چڱائي جي بدلي ۾ اسين ان کي تڪليفون ڏيندا آهيون ۽ چوندا آهيون ته فلاڻو ته منهنجي علم جي اڳيان ڪجهه به ڪونهي، پر ڊاڪٽر صاحب هر ننڍي وڏي جي رهنمائي ڪئي، انهن کي علم سيکاريو ۽ انهن کان سکيا به ۽ انهن جي همت افزائي ڪئي.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب کان اسان ڪڏهن به ائين نه ٻڌوسين ته فلاڻو ڏکيو ڪم ٿي نه سگهندو، بلڪ ائين چوندا هئا ته ڪم ٿيندو ۽ جلد ٿيندو ۽ انهيءَ جذبي سان اسين به جڏهن ڪو ڪم ڪنداسين ته يقيناً اهو به ٿي ويندو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب 64 سالن جي عمر ۾ وڏا وڏا ڪم ڪرڻ جا ارادا رکندو هو، جنهن مان صاف ظاهر آهي ته ڊاڪٽر صاحب پنهنجي هڪ هڪ پل کي سجايو ڪندا هئا، ڪڏهن ان طرف خيال ئي ڪونه ڪيائون ته عمر وڏي ٿي وئي آهي، هاڻ آرام ڪرڻ گهرجي. ڊاڪٽر صاحب جيترا ڪتاب لکيا آهن، اسين انهن کي اڃا تائين پورو پڙهي به نه سگهيا آهيون. جڏهن ته ڊاڪٽر صاحب اهي ڪتاب لکڻ لاءِ تحقيق کان وٺي، پروف ريڊنگ ۽ پوءِ ڇپائي تائين ڪيڏي نه محنت ڪئي هوندي. پاڻ گهٽ ۾ گهٽ 5 ڀيرا هر ڪتاب جي پروف ريڊنگ ڪندا هئا.

سنڌ يونيورسٽيءَ جي قيام ۾ قبله علامه آءِ.آءِ.قاضي سان پاڻ پيش پيش هوندا هئا. سنڌ يونيورسٽي واري علامه آءِ.آءِ قاضي ڪئمپس ڄام شورو جي سرزمين به ڊاڪٽر صاحب تجويز ڪئي. جڏهن ته علامه صاحب ڊاڪٽر صاحب کي سنڌ يونيورسٽيءَ جو سڀ کان پهريون پروفيسر مقرر ڪيو. ڊاڪٽر صاحب 2010ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ کي پنهنجي ذاتي کيسي مان ڏهه لک رپين جي رقم ڏني، ته جيئن يونيورسٽي وارا هر سال ٽن پوزيشن هولڊر شاگردن کي پنهنجي سوني جا تمغا علامه صاحب جي نالي سان ڏيندا رهن، خير سان اهو ڪم 2010ع ۾ سنڌ يونيورسٽي شروع به ڪري چڪي آهي. اهڙي طرح ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جي پرنسيپال صاحب محمد يوسف شيخ کي 20 لک رپيا به ذاتي عطيي طور ڏنائون، ته اهي هُتي ”مينارِ علم“ پنهنجي استاد محترم علامه آءِ.آءِ قاضي جي نالي سان تعمير ڪرائن. اهو مينار پڻ 90 سيڪڙو تعمير ٿي چڪو آهي ۽ ڊاڪٽر صاحب فيبروري 2011ع ۾ لاڙڪاڻي ڪيڊٽ ڪاليج جو تعليمي دورو ڪري، ان مينار کي ڏسي ڏاڍا خوش ٿيا. ڊاڪٽر صاحب پنهنجا سمورا ڪتاب ادارن کي ڇپائڻ لاءِ بنا معاوضي ڏنائون، ڪڏهن به ڪنهن کان رپيو نه ورتائون.

سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي چيئرمن ڊاڪٽر صاحب کي هڪ جلدي لغت جي اشاعت جي رائلٽي طور هڪ لک رپين جو چيڪ موڪليو، ڊاڪٽر صاحب هڪدم اهو چيڪ اٿارٽيءَ کي واپس ڪيو ۽ لکيو ته مون پنهنجي ڪنهن ڪتاب جي رائلٽي نه هن کان اڳ ۾ ڪڏهن ورتي آهي ۽ نه هاڻي وٺندس.

ڊسمبر 2010ع تي ڊاڪٽر صاحب جن گوڏن ۾ تڪليف هئڻ ڪري علامه آءِ.آءِ قاضي چيئر ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو ۽ وائيس چانسيلر صاحب کي لکي موڪليائون ته 31- ڊسمبر تي توهان جو ڪو نمائندو اچي ۽ مون کان آفيس جي چارج وٺي، پر افسوس انهن جي طرفان انهيءَ ليٽر جونه ڪو جواب آيو ۽ نه ئي وري ڪو ماڻهو چارج وٺڻ لاءِ پهتو، جڏهن ته سنڌ يونيورسٽي وارن کي گهرجي ها ته هو ڊاڪٽر صاحب کي سنڌ يونيورسٽي جي خدمت جي عيوض علامه آءِ.آءِ قاضي چيئر جون سڀ سهولتون گهر ۾ مهيا ڪري ڏين ها، پر اهو به ڪونه پيا ڪري سگهن ته گهٽ ۾ گهٽ ڊاڪٽر صاحب کان چارج وٺڻ لاءِ سندن شان ۾ ڪو پروگرام ملهائن ها.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن ڪچهرين جا ڪوڏيا ۽ محفلن جا مور هوندا هئا. سندن اصل مقصد زميني حقيقتن، مقامي روايتن ۽ تاريخ تي تحقيق ڪرڻ هو. هو پاڻ کي علم جو خادم لکندا هئا ۽ انهيءَ جي حصول لاءِ هنڌ هنڌ هلي ويندا هئا. پاڻ شاهه ڪريمؒ جي هن بيت تي عمل پيرا هئا:

پنندي پرينءَ لاءِ، ويلا ڪندي وَتُ،

ڪٿان ملندءِ ڀورڙو، ڪٿان ملندءِ ڀَتُ.

اهڙي طرح 1953ع جي بهار رُت کان وٺي 2000ع جي نومبر جي ٿڌڙي موسم تائين ٻائيتاليهه ڪچهرين جو وچور ”ڊاڪٽر بلوچ- هڪ مثالي عالم“ ڪتاب ۾ ڏسي سگهجي ٿو. تاهم اهو وچور مڪمل نه آهي. منهنجي ڳوٺ پاٽ شريف جيڪا سڄي رات ڪچهري ڪيائون، انهيءَ جو ذڪر ڪيل نه آهي، جنهن مان سمجهجي ٿو ته اهڙيون ڪٿي ڪچهريون ذڪر ڪرڻ کان وانجهيون رهجي ويون آهن، جن کي ياد هجن، سي ظاهر ڪن ته علم ۾ اضافو ٿيندو.

منهنجي استاد مرحوم جون ڳالهيون اڻکٽ آهن سندن مثالن ۽ اصولن کي جمع ڪرڻ لاءِ وقت ۽ محنت درڪار آهي. اُنهيءَ ڪم ۾ سندن نالي سندن ئي زندگي ۾، حڪومت سنڌ جي طرفان قائم ڪيل، ڊاڪٽر اين.اي بلوچ انسٽيٽيوٽ فار هيريٽيج ڊيولپمينٽ کي پنهنجو حصي جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

و

کَن پلڪ، گهڙي، هَوَ.

ٿوري نرت، دَنءُ، دَوَ.

سوَڙ پوش چون ڇَوَ.

ڪَپ، گهٻ، کَٻ، ڪَوَ.

ڳريل لاک، ڄؤ، ڄَوَ.

جُڃون، جَمّ، قوتَ، ڍَوّ.

ڊپ، ڊاءَ، وڏا ڀَوَ.

ڪن جوان ڪُڏَ، رَوَ.

تک تاب وڏا تَوَ.

پوکين جَوَ لڻين جَوَ.

دل صاف سڄڻ سَوَ.

هه

کَرَ! ڪيم ڪنهن سان کَهُه.

ڪري بهنش ڪيم بَهُه.

کائي ٽاهه ڪيم ٽهه.

پنهنجي ڳالهه تان ڪي لهه.

ڇڏي گوڙ، ڇڏي گهَه.

ڪري ٺاهه ڪجهه ٺهه.

ڪري ڍؤ ڪين ڊهه.

ڪجهه کاءُ، ڪجهه وهه.

ڪجهه ويهه، ڪجهه ڪهه.

ڪجهه سڻ، ڪجهه سهه.

ڪري بهنش ڪيم بهه.

- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

ٽماهي ”مهراڻ“ 1-2/1969ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25  26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com