سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1960ع

مضمون

صفحو :10

ٽي. ايس. اِيليٽ

سنڌيڪار: محمد ابراهيم جويو

 

شاعريءَ جو سماجي ڪارج

] ٽي. ايس. ايليٽ (ٿامس اِسٽيئرنس ايليٽ) ويهين صديءَ جو عظيم انگريزي شاعر ۽ نقاد آهي. هو سن 1888ع ۾ آمريڪا ۾ ڄائو، ۽ پوءِ سن 1927ع ۾ برطانوي شهريت حاصل ڪيائين. ايليٽ جو نالو پهرين سن 1922ع ۾ ماڻهن جي زبان تي آيو، جڏهن هن جو شهره آفاق نظم ”دي ويسٽ لئنڊ“ شايع ٿيو. ان کان پوءِ هن جا ادبي شاهڪار مسلسل شايع ٿيندا رهيا، جن هن جو نامچار گهڻيءَ تيزيءَ سان، عام طور سڄيءَ دنيا ۾ ۽ خصوصاً يورپ ۽ آمريڪا ۾ وڌايو. هن جي ادبي شاهڪارن ۾ هيٺيان تمام گهڻو مشهور آهن: ”ائش وينسڊي“، ”مرڊر اِن دي ڪئٿڊرل“، ”دي ڪاڪ ٽيل پارٽي“ ۽ ”ڪانفيڊينشل ڪلارڪ“. 1948ع ۾ ٽي. ايس. ايليٽ کي ادب لاءِ دنيا ۾ وڏي ۾ وڏو انعام، ”نوبل پرائيز“ ڏنو ويو. هن وقت مغربي دنيا ۾ هو پهريون نمبر شاعر، ۽ ادب جو نقاد تسليم ڪيو وڃي ٿو. [

هن مضمون جو عنوان ڪجهه اهڙي قسم جو آهي، جو مختلف ماڻهو ان مان مختلف شيون مراد وٺي سگهن ٿا؛ تنهنڪري مون کي معاف ڪيو وڃي، جيڪڏهن پهريائين مان هيءَ ڳالهه واضح ڪريان ته آءٌ ان مان ڪهڙي ڳالهه مراد نٿو وٺان، ۽ پوءِ اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪريان ته دراصل منهنجي ان مان ڪهڙي مراد آهي. جڏهن اسين ڪنهن شي جي ’ڪارج‘ جوذڪر ڪريون ٿا، ته غالبا اسين ائين سوچيون ٿا ته ان شي کي ڇا ڪرڻ گهرجي، بجاءِ انجي ته هينئراها ڇا ڪري رهي آهي يا ماضيءَ ۾ ڇا ڪيو اٿس: اهو هڪ اهم فرق آهي، ڇو ته منهنجو اهو ارادو نه آهي ته ان بابت ڳالهايان ته منهنجي خيال موجب شاعريءَ کي ڇا ڪرڻ گهرجي. اُهي ماڻهو، جيڪي اسان کي ٻڌائين ٿا ته شاعريءَ کي ڇا ڪرڻ گهرجي- خاص ڪري جيڪڏهن اهي پاڻ شاعر آهن- سي ذهن ۾ گهڻو ڪري اها مخصوص شاعري رکندا آهن، جا هو پاڻ لکڻ چاهيندا آهن. اهو ته خير هميشه ممڪن آهي ته مستقبل ۾ شاعريءَ جو ڪم ان کان مختلف هجي، جيڪو ڪم ان جو ماضيءَ ۾ رهي چڪو آهي:  جو ائين واقعي هجي به، ته به اهو مناسب آهي ته پهريائين ان ڳالهه جو فيصلو ڪجي ته ماضيءَ ۾ ان جو ڪارج ڪهڙو رهي چڪو آهي. ٻنهي طرحن سان- هڪ دور يا ٻئي دور ۾، ڪنهن هڪ زبان يا ٻيءَ زبان ۾، پڻ عالمي طور- آءٌ ان ڳالهه بابت سولائي سان لکي سگهيس ٿي ته آءٌ پاڻ شاعريءَ وسيلي ڇا ڪندو آهيان، يا ڇا ڪرڻ چاهيندس، ۽ پوءِ اوهان کي ترغيب ڏيڻ جي ڪوشش ڪريان ته درحقيقت ماضيءَ ۾ سڀني وڏن شاعرن شاعريءَ وسيلي اهو ئي سڀڪجهه ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي، يا کين ائين ئي ڪرڻ کپندو هو. رڳو هُو ان مقصد ۾ ممڪن آهي ته مڪمل طرح ڪامياب نه ٿيا هجن، جنهن ۾ به وري شايد سندن ڪو ڏوهه ڪونه هجي. بهرحال، مون کي اهو صاف نظر اچي ٿو ته جيڪڏهن شاعريءَ جو- ۽ منهنجي مراد سموريءَ عظيم شاعريءَ سان آهي- ماضيءَ ۾ ڪو سماجي ڪارج ڪونه هو، ته عين ممڪن آهي ته مستقبل ۾ به ان مان ڪو ڪارج سڌ ٿي نه سگهي.

جڏهن آءٌ سموريءَ عظيم شاعريءَ جو ذڪر ڪريان ٿو، ته منهنجي مرضي ان ٻئي طريقي کي نظرانداز ڪري ڇڏڻ جي آهي، جنهن موجب به هونئن آءٌ هيءُ موضوع بحث هيٺ آڻي سگهيس ٿي- مثلاً، ڪو ماڻهو شاعريءَ جا مختلف قسم هڪٻئي پٺيان کڻي، ۽ ان مان هر هڪ قسم جي جدا جدا سماجي ڪارج تي واري سان بحث ڪري، حتاڪ هن عام سوال تائين پهچي ئي نه سگهي ته شاعريءَ جو بحيثيت شاعريءَ جي ڪهڙو ڪارج آهي! تنهن جو مطلب ته آءٌ شاعريءَ جي عام ۽ خاص ڪارجن ۾ امتياز ڪرڻ گهران ٿو، ته جيئن اسان کي پتو پوي ته ڪهڙيءَ ڳالهه بابت اسين سردست بحث نه ڪري رهيا آهيون. ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن شاعريءَ جو ارادتاً ۽ شعوري طور ڪو خاص سماجي مقصد هجي، ۽ شاعريءَ جي زياده اوائلي قسم ۾ اهڙو مقصد گهڻو ڪري صاف ظاهر پڻ آهي. مثلا، ڪي قديمي گيت ۽ راڳ آهن، جن مان ڪن جو عملي مقصد جادو ڪرڻ جو هوندو هو- جيئن ته بدنظر کي ٽارڻ، بيماريءَ جو علاج ڪرڻ، يا ڪنهن ديوتا کي ريجهائڻ. شاعري شروع ۾ مذهبي ڪرياڪرم ۾ ڪم ايندي هئي، ۽ هاڻي به اسين جڏهن ڪو مذهبي راڳ (مولود، مداح يا ڀڄن) رچيون يا ڳايون ٿا، ته شاعريءَ کي هڪ خاص سماجي ڪارج لاءِ ڪم آڻيون ٿا. رزميه ۽ داستان گوئيءَ واريءَ شاعريءَ جا اوائلي نمونا، جيڪي هلندي هلندي نيٺ هاڻي رڳو قبائلي وندر جي خاطر وڃي زنده رهيا آهن، تن اوائل ۾ اُن شي کي محفوظ رکڻ ۾ منتقل ڪرڻ جو ڪم ڏنو هوندو، جنهن کي ”تاريخ“ تصور ٿي ڪيو ويو؛ ۽ لکيل ٻوليءَ جي استعمال کان اڳ نظر ۾ اهو هڪ باقاعده نمونو واقعي حافظي جي لاءِ انتهائي مددگار ثابت ٿيو هوندو، ۽ اوائلي ڀَٽن ۽ چارڻن، ڪهاڻين ٻڌائيندڙن ۽ عالمن جو حافظو به واقعي غضب جو هوندو. وڌيڪ سڌريل سماجن ۾، جهڙوڪ قديم يوناني سماج ۾، شاعريءَ جا اجتماعي مڃيل سماجي ڪارج پڻ صفا ظاهر آهن. يوناني ناٽڪ مذهبي تقاضائن ۽ رسمن مان اُسريو، ۽ عام ماڻهن جي منظم ۽ باقاعده اجتماعي جشنن جي حيثيت سان، جيڪي سندن روايتي مذهبي ڪرياڪرم سان وابسته هئا، قائم رهيو؛ ’پنداري‘ گيت پڻ ساڳئي قسم جي هڪ خاص سماجي موقعي جي نسبت سان، ۽ اُن جي پس منظر ۾ وٽن پيدا ٿيا ۽ وڌيا. يقيناً، شاعريءَ جي اِن قسم جي واضح ۽ مقرر استعمال شاعريءَ کي هڪ اهڙو ڍانچو ڏنو، جنهن جي وسيلي انهن مخصوص قسمن جي شاعريءَ ۾ ڪاملپڻو ۽ عروج حاصل ڪرڻ ممڪن ٿي سگهيو.

جديد تر شاعريءَ ۾ اُنهن منجهان ڪي نمونا اڃا به موجود آهن- جيئن ته مذهبي راڳ (مولود، مداح يا ڀڄن)، جن جو آءٌ ذڪر ڪري چڪو آهيان. ”ناصحانه ۽ اصلاحي يا اِفادي شاعريءَ“ جي اصطلاح جي منعيٰ ڪنهن حد تائين بدلجي چڪي آهي. انهن لفظن جي هڪ معنيٰ ته ’معلومات پهچائيندڙ‘ به ٿي سگهي ٿي؛ سندن مطلب خالص ’اخلاقي هدايتون ڏيندڙ‘، يا ٻي ڪا اهڙي معنيٰ به وٺي سگهجي ٿي، جنهن ۾ اهي ٻئي معنائون سمايل هجن. مثلا، رومي شاعر ”ورجل“ (ولادت 29 – آڪٽوبر 70 ق.م.، ۽ وفات 50 ورهين جي عمر ۾) جا ”جيارجڪس“ نالي شعر تمام سهڻا شعر آهن، ۽ منجهن کيتيءَ جي باري ۾ تمام مفيد معلومات ڏنل آهي. پر اڄ اها ڳالهه ناممڪن نظر ايندي ته کيتيءَ بابت هڪ جامع ڪتاب لکجي، جو ساڳئي وقت بهترين شعر پڻ هجي: هڪ ته ان ڪري جو موضوع تمام پيچيدو ۽ سائنسي نوعيت جو ٿي ويو آهي، ۽ ٻيو ته ان کي بهتر نموني ۾ نثر ۾ ئي نباهي سگهجي ٿو. نه وري اڄ اسين ائين ڪري سگهون ٿا، جيئن رومين ڪيو هو، ته علم نجوم ۽ فلڪيات تي ويهي رسالا قلمبند ڪريون. اهڙي قسم جي نظم تي، جنهن جو واضح مقصد معلومات پهچائڻ هجي، نثر سبقت ۽ فوقيت حاصل ڪري چڪو آهي. هن قسم جي ’معلوماتي يا افادي شاعري‘ هاڻي آهستي آهستي يا ته رڳو ’اصلاحي شاعريءَ‘ تائين محدود ٿي چڪي آهي، جنهن جو مقصد پڙهندڙ کي ڪنهن ڳالهه بابت مصنف جي نظريي ڏانهن مائل ڪرڻ آهي. ان ڪري، منجهس هاڻي اهو ڪي پڻ شامل ٿي ويو آهي، جنهن کي ”طنز“ سڏيو وڃي ٿو- جيتوڻيڪ ’طنز‘ جي دائري ۾ خالص ’ٺٺول يا سِٺ‘ يا ’مزاح‘ پڻ اچي وڃن ٿا، جن جو مقصد بنيادي طور صرف کل ڀوڳ ۽ خوشدلي پيدا ڪرڻ آهي. ”ڊرائيڊن“ جا ڪي نظم، سترهين صديءَ ۾، ان معنيٰ ۾ ’طنز‘ شمار ٿين ٿا، جو انهن جو مقصد انهن شين تي ٺٺول ۽ چٿر ڪرڻ آهي، جن جي خلاف اُهي لکيا ويا، ۽ ساڳئي وقت اُهي ’اصلاحي شاعريءَ‘ ۾ به شامل آهن، جو انهن جو هڪ مقصد پڙهندڙ کي هڪ خاص سياسي نظريي ۽ مذهبي نقطه نگاهه ڏانهن مائل ڪرڻ آهي؛ ۽ ان ڳالهه جي حاصلات واسطي انهن نظمن ۾ حقيقت کي افساني جي وسيلي بيان ڪرڻ وارن تمثيلي نمونن کان پڻ ڪم ورتو ويو آهي. ان قسم جي نظمن ۾، هن جو نظم ”دي هائينڊ ائنڊ پئنٿر“ (هرڻي ۽ چيتو) تمام گهڻو اهم آهي، جنهن جو مقصد پڙهندڙ کي ان ڳالهه ڏانهن مائل ڪرڻ آهي ته انگلنڊ جي ڪليسا جي مقابلي ۾ روم جي ڪليسا حق تي هئي. ساڳيءَ طرح، اوڻيهين صديءَ ۾، ”شيليءَ“ جي شاعريءَ جو گهڻو حصو سماجي ۽ سياسي سڌارن آڻڻ جي ولولي کان متاثر آهي.

جيستائين ناٽڪ واري رنگ جي يا ’ڊرامائي‘ شاعريءَ جو تعلق آهي، هينئر ان جو سماجي ڪارج به ان قسم جو آهي، جو خود ان سان مخصوص آهي: ڇاڪاڻ ته اڄڪلهه گهڻي ڀاڱي شاعري اهڙي لکي وڃي ٿي، جا اڪيلائيءَ ۾ پڙهجي يا هڪ ننڍي حلقي ۾ وڏي آواز سان پڙهجي؛ ۽ ’ڊرامائي شاعري‘ ئي اُها واحد شاعري آهي، جنهن جو اهو هڪ ڪارج آهي ته ماڻهن جي هڪ هجوم تي، جو اسٽيج تي هڪ خيالي حقيقت ڏسڻ لاءِ جمع ٿيو آهي، فورا ۽ اجتماعي اثر پيدا ڪري. ’ڊرامائي شاعري‘ ٻئي هر قسم جي شاعريءَ کان مختلف آهي. جيئن ته ان جا خاص قاعدا قانون، ڊراما يا ناٽڪ جي قاعدن قانونن سان هم آهنگ آهن، جنهنڪري ان جو ڪارج سرسري طور ناٽڪ جي مخصوص ڪارج ۾ ئي سمايل آهي: ۽ ظاهر آهي ته هتي ناٽڪ يا ڊراما جو سماجي ڪارج منهنجي موضوع سان واسطو نٿو رکي.

جيستائين فلسفيانه شاعريءَ جي خاص ڪارج جو تعلق آهي، ته ان کي سمجهڻ لاءِ ڪافي ڇنڊڇاڻ ۽ تاريخي جائزي وٺڻ جي ضرورت آهي. مان سمجهان ٿو ته مان اڳي ئي شاعريءَ جا ڪافي قسم اهو واضح ڪرڻ لاءِ ڄاڻائي چڪو آهيان ته منجهانئن هر هڪ جو خاص ڪارج ڪنهن نه ڪنهن ٻيءَ شي جي ڪارج سان لاڳاپيل آهي- ’ڊرامائي شاعريءَ‘ جو ڊراما يا ناٽڪ سان، ’معلومات پهچائيندڙ افادي شاعريءَ‘ جو ان جي نفس مضمون جي ڪارج سان، فلسفي يا مذهب يا سياست يا اخلاقيات جي ’اصلاحي شاعريءَ‘ جو انهن موضوعن جي ڪارجن سان. تنهنڪري، ائين ٿي سگهي ٿو ته اسين انهن منجهان ڪنهن به خاص قسم جي شاعريءَ جي ڪارج تي غور ڪريون؛ پر خود ’شاعريءَ‘ جي ڪارج جو سوال پوءِ به ائين جو ائين رهجي ٿو وڃي، ڇو ته اهي سڀ مٿي ذڪر ڪيل شيون نثر ۾ به نباهي سگهجن ٿيون.

پر، اڳتي وڌڻ کان اڳ، آءٌ هڪڙي اِعتراض کي ختم ڪرڻ چاهيان ٿو، جو هتي ڪري سگهجي ٿو. بعضي ماڻهو شاعريءَ جي اهڙي قسم کي، جنهن کي ڪو خاص مقصد سامهون آهي، شڪ جي نظر سان ڏسندا آهن. مثلاً، اهڙي شاعري، جنهن ۾ شاعر ڪن خاص سماجي، اخلاقي، سياسي يا مذهبي خيالن جي تبليغ يا وڪالت ڪندو هجي. ان صورت ۾، ماڻهو جيڪڏهن اهي خيال پسند نه ڪندا آهن، ته فوراً ائين چوندا آهن اها شاعري شاعري ئي نه آهي. بلڪل ائين ئي، جيئن ڪي ماڻهو وري ڪنهن خاص شاعريءَ کي سچي پچي شاعري سمجهندا آهن، محض ان لاءِ ته اُن ۾ جن ڳالهين جي اپٽار ڪيل آهي، تن سان هنن جو اتفاق راءِ هوندو آهي. مان سمجهان ٿو ته اهو سوال اهميت نٿو رکي ته شاعر ڪنهن مخصوص سماجي لاڙي جي خلاف آهي يا فائدي ۾. ٿي سگهي ٿو ته ڪا خراب شعر گوئي عام مقبول ٿي وڃي، ڇو ته ان ۾ اُن وقت جي عام لاڙي سان مطابقت هجي؛ پر سچي پچي شاعري نه رڳو ڪنهن خاص مقبول عام لاڙي جي بدلجڻ کان پوءِ به باقي رهندي آهي، پر خود انهن مسئلن ۾ عام دلچسپيءَ جي مڪمل طور ختم ٿي وڃڻ کان پوءِ به زنده رهندي آهي، جن سان خود شاعر جي پنهنجي جذباتي وابستگي هئي. رومي شاعر ”ليوڪريشس“ جو نظم اڄ به هڪ عظيم نظم آهي، توڙي جو علم نجوم ۽ طبعيات بابت هن جي نظرين جي هاڻي ڪابه اهميت نه رهي آهي. اهڙيءَ طرح ”ڊرائيڊن“ جو نظم، توڙي جو سترهينءَ صديءَ جي سياسي ۽ مذهبي جهڳڙن سان هاڻي اسان جو ڪوبه واسطو وجهه ڪونهي، ماضيءَ جي هڪ شاندار نظم جي حيثيت ۾ اڄ به اسان کي لطف ڏيئي سگهي ٿو- حالانڪ ان جو موضوع اهڙو آهي، جو اڄ ان کي نثر ۾ ئي بهتر نموني نباهي سگهجي ٿو.

هاڻي، جيڪڏهن اسان کي شاعريءَ جو لازمي سماجي ڪارج ڳولڻو آهي، ته پهريائين ته اسان کي ان جي انهن ظاهر ظهور ڪارجن ڏانهن- بشرطيڪ ان کي ڪي ڪارج پورا ڪرڻا آهن- ڏسڻ گهرجي، جيڪي ان کي واقعي پورا ڪرڻا آهن. انهن منجهان پهريون، منهنجي خيال ۾، جنهن بابت اسان کي خاطري ٿي سگهي ٿي، سو هيءُ آهي ته شاعريءَ کي لطف يا ورونهن ڏيڻ گهرجي. جيڪڏهن اوهين پڇندا ته ڪهڙي قسم جو لطف يا ورونهن؟ ته آءٌ چوندس ته اهڙي قسم جو، جيڪو شاعري ڏيندي آهي! ڇو ته ان کان وڌيڪ صاف يا مفصل ٻيو ڪوبه جواب اسان کي جماليات جي وسيع ۽ ڏورانهين دائري ۾ ۽ فن جي اصلي ماهيت جي سوال ڏانهن کڻي ويندو.

آءٌ سمجهان ٿو ته هيءَ ڳالهه پڻ مڃي ويندي ته هر سٺي شاعر کي، پوءِ هو ڪو وڏو شاعر هجي يا نه، لطف سان گڏ پنهنجن پڙهندڙن کي ٻيو ڪجهه به ڏيڻو آهي؛ ڇو ته جي هو خالي ۽ محض لطف ڏيندو، ته اهو لطف بذات خود به ڪنهن ڪمال درجي جو نٿو ٿي سگهي. اهڙن خاص مقصدن کان علاوه، جن جا مثال آءٌ شاعريءَ جي مختلف نمونن جي بحث ۾ اڳي ئي ڄاڻائي چڪو آهيان، شاعريءَ ۾ هيمشه ڪنهن نئين تجربي جي ورکا ٿئي ٿي، يا ڪو مانوس يا ڄاتل تجربو نئينءَ ادراڪ يا ڄاڻ سان پيش ٿئي ٿو؛ يا وري ان ۾ ڪنهن اهڙيءَ شي جو اظهار ٿئي ٿو، جنهن جي اسان کي ڄاڻ ته آهي پر ان جي بيان ڪرڻ لاءِ اسان وٽ لفظ نه آهن، ۽ اهو اظهار اسان جي ڄاڻ کي وڌائي ٿو ۽ اُن کي سڌاري ۽ سنواري ٿو. ليڪن، منهنجي هن مضمون جو تعلق نه ته شاعريءَ جي هن انفرادي فائدي سان آهي، ۽ نه وري ڪنهن انفرادي لطف ۽ ورونهن جي نوعيت سان. آءٌ سمجهان ٿو ته اسين سڀ اُن ورونهن ۽ ان لطف مان واقف آهيون، جيڪو اسان کي شاعريءَ مان ملي ٿو؛ ۽ تنهن سان گڏ، ۽ ان کان اڳتي وڌي ڪري، اسين اُن فرق کي به محسوس ڪريون ٿا، جو شاعري اسان جي خود زندگيءَ ۾ پيدا ڪري ٿي: انهن ٻن اثرن پيدا ڪرڻ کان سواءِ شاعري شاعري نه آهي. هيءُ سڀڪجهه قبوليندي به، عين ممڪن آهي ته شاعري اسان کي اسان جي اجتماعي حيثيت ۾-- يعني سڄي سماج کي—جو ڪجهه ڏئي ٿي، تنهن کي نظرانداز ڪري ويهون؛ ۽ جڏهن آءٌ اها ڳالهه چوان ٿو، تڏهن ان جو سارو وسيع مفهوم منهنجي خيال ۾ آهي، ڇو ته مان سمجهان ٿو ته هيءَ هڪ اهم چيز آهي ته هر قوم کي پنهنجي شاعري هئڻ گهرجي—نه رڳو انهن ماڻهن واسطي، جيڪي شاعريءَ مان لطف حاصل ڪن ٿا (اهڙا ماڻهو ته هر وقت ڌاريون ٻوليون به سکي سگهن ٿا، ۽ انهن جي شاعريءَ مان لطف به حاصل ڪري سگهن ٿا)—پر ان ڪري، جو اها ڳالهه سڄي سماج لاءِ وڏي فرق ۽ امتياز جو باعث آهي: يعني انهن ماڻهن ۾ آءٌ اهي ماڻهو به شامل ڪريان ٿو، جن کي پنهنجن قومي شاعرن جا رڳو نالا به ياد نه هجن. هن مضمون جو بس اهوئي اصل موضوع آهي.

اسين ڏسون ٿا ته شاعري هن لحاظ کان ٻين هنرن کان هڪ نرالو هنر آهي ته ان جي قدر ۽ قيمت، جيڪا شاعر جي پنهنجي قوم ۽ زبان لاءِ ٿئي ٿي، اُها ڪنهن ٻيءَ زبان يا قوم لاءِ نٿي ٿئي. اهو سچ آهي ته موسيقي ۽ مصوري پڻ پنهنجيءَ جاٰءِ تي مقامي ۽ قومي يا نسلي خصوصيتون رکن ٿيون، ليڪن انهن هنرن جي تور – تڪ ڪرڻ ۽ انهن کي سمجهڻ پرجهڻ جون مشڪلاتون هڪ ڌارئين شخص لاءِ گهڻيون گهٽ آهن. اهو به سچ آهي ته نثري لکڻين کي به پنهنجيءَ زبان ۾ مخصوص اهميت آهي، جا ترجمي ۾ ختم ٿي وڃي ٿي؛ پر اهو اسان سڀني محسوس ڪيو هوندو ته ترجمي ٿيل ناول يا قصي کان زياده اسين ترجمي ٿيل نظم ۾ گهڻي ڪجهه کان محروم ٿيون ٿا، ۽ ڪنهن سائنسي تصنيف جي ترجمي ۾ ته شايد ڪنهن شي جي ڪمي ئي محسوس ڪانه ٿي ٿئي. نظم ۾ نثر کان زياده مقامي رنگ ۽ خصوصيت موجود رهي ٿي، اها ڳالهه يورپي زبانن جي تاريخ جي مطالعي مان آسانيءَ سان معلوم ڪري سگهجي ٿي. وچئين دور کان وٺي چند صديون اڳ تائين يورپ ۾ لاطيني زبان ئي فلسفي، دينيات ۽ سائنس جي زبان هئي، تان جو مختلف قومن ۾ پنهنجيءَ زبان کي تحريري ۽ ادبي طور استعمال ڪرڻ جي تحريڪ پهريائين شاعريءَ سان ئي شروع ٿي. ۽ اها ڳالهه عين فطري پڻ هئي، ڇاڪاڻ ته اسين ڏسون ٿا ته شاعريءَ جو واسطو بنيادي طور احساس ۽ امنگ جي اظهار سان آهي، ۽ احساس ۽ امنگ مخصوص ٿئي ٿي؛ ۽ خيال ان جي برعڪس هڪ عام شي آهي. ڌارينءَ زبان ۾ سوچڻ سولو آهي، محسوس ڪرڻ ڏکيو آهي. تنهنڪري ڪوبه فن ايترو مڪمل طور قومي نه آهي، جيترو شاعري. ڪنهن به قوم جي زبان ان کان کسي وڃي، ان کي سختيءَ سان دٻايو وڃي، ۽ ٻي ڌارين زبان اسڪولن ۾ زبردستيءَ رائج ڪئي وڃي، پر جيستائين ان فن جي ماڻهن جي ”ڌارينءَ زبان ۾ محسوس ڪرڻ“ نه سيکاريو ويو آهي، تيستائين اصلوڪي زبان ختم ٿي نه سگهندي: اها شاعريءَ جي وسيلي، جا احساس جي اظهار جو وسيلو آهي، وري هوش ۾ ايندي ۽ نروار ٿيندي.

’ڌارئينءَ زبان ۾ محسوس ڪرڻ‘ جي جيڪا هينئر مون ڳالهه ڪئي، تنهن مان منهنجي مراد ”ڌارينءَ زبان ۾ احساس جي اظهار ڪرڻ“ کان ڪجهه مٿڀري آهي. ڌارينءَ زبان ۾ ظاهر ڪيل ’خيال‘ بلڪل ممڪن آهي ته اهو ساڳيو خيال هجي، جو دراصل ذهن ۾ موجود هو، پر جيستائين ’احساس ۽ امنگ‘ جو تعلق آهي، ته اهو ڌارينءَ زبان ۾ ڪڏهن به اهو ساڳيو رهي نٿو سگهي، جنهن جو اظهار مطلوب هو. گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڌارينءَ زبان جي چڱيءَ طرح سکي سگهڻ جو هڪ سبب هيءُ آهي، جو اسين هڪ قسم جي ثانوي شخصيت حاصل ڪريون ٿا؛ ۽ پنهنجيءَ زبان کان علاوه ٻيءَ ڪنهن زبان جي نه سکڻ جو هڪ سبب هيءُ به رهي ٿو ته ماڻهوجو ڪجهه آهي، تنهن کان سردست مختلف ٿيڻ هو نٿو گهري. مطلب ته هڪ اعليٰ زبان کي تيستائين ختم نٿو ڪري سگهجي، جيستائين ان زبان ۾ ڳالهائيندڙن کي ختم نه ڪيو ويو آهي. جڏهن هڪ زبان ٻيءَ زبان جي جاءِ والاري ٿي، ته ان جو سبب هي آهي ته ان ۾ ڪي بهتر ۽ قبولڻ لائق صلاحيتون آهن، ۽ اها زبان دٻجي ۽ مٽجي ويل زبان کان نه رڳو سوچڻ لاءِ، پر احساسَ ۽ امنگ جي دائري ۾ پڻ نه رڳو مختلف پر گهڻو بهتر آهي: تنهن جي معنيٰ ته امنگ ۽ احساس، قوم جي عام زبان ۾ ئي بهترين حد تائين ظاهر ٿي سگهن ٿا. هتي ’قوم جي عام زبان‘ مان مراد اها زبان آهي، جا قوم جي سمورن طبقن – غريبن توڙي شاهوڪارن، شهرين توڙي ڳوٺاڻن—جي زبان هجي. زبان جي بيهڪ، ترنم، آواز ان جا اصطلاح، ورجيسون ۽ پهاڪا—اهي سڀ ان جي ڳالهائيندڙن جي شخصيت جو اظهار ۽ ترجماني ڪن ٿا.

جڏهن آءٌ چوان ٿو ته نثر جي بجاءِ نظم احساس ۽ امنگ جي اظهار سان واسطو رکي ٿو، تڏهن منهنجو مطلب اهو نه آهي ته شاعريءَ ۾ ذهني مواد يا مفهوم جي ضرورت نه آهي، يا هيءُ ته عظيم شاعري معنيٰ جي لحاظ کان گهٽ درجي واريءَ شاعريءَ کان گهٽ مائيدار هوندي اهي؛ پر ڳالهه جي هن پهلوءَ کي زياده ڇيڙڻ سان آءٌ پنهنجي فوريءَ مقصد کان پري هٽي ويندس، تنهنڪري مان، هيءُ ڳالهه هتي تسليم شده سمجهي، اڳتي وڌندس ته ماڻهو پنهنجي عميق ترين احساس ۽ امنگ جو شعوري ۽ ڀرپور اظهار صرف پنهنجيءَ زبان جي شاعريءَ ۾ ئي پائيندا آهن، ۽ ٻئي ڪنهن به فن يا ٻيءَ ڪنهن به ڌارينءَ ٻوليءَ جي شاعريءَ ۾ اها شي کين نه ملي سگهندي. ان جو اهو مطلب به نه آهي ته سچي پچي شاعري رڳو انهن احساسن ۽ امنگن جي اظهار تائين محدود آهي، جن کي ان ٻوليءَ جي ڳالهائيندڙن مان هرڪو شخص سڃاڻي ۽ سمجهي سگهي ٿو. شاعريءَ کي رڳو مقبول عام شاعريءَ تائين اسان کي محدود سمجهڻ نه گهرجي. انهيءَ سلسلي ۾ ايترو چوڻ ڪافي آهي ته هم آهنگ قوم جي زياده پڙهيل لکيل ۽ روشن خيال ماڻهن ۾ عام سڌن سادن ۽ ناپخته ماڻهن جي احساسن ۾ هڪڙي اهڙي ڳالهه ضرور مشترڪ آهي، جا سندن ۽ ٻيءَ ٻوليءَ جي ساڳئي درجي وارن ڳالهائيندڙن جي وچ ۾ هرگز موجود نه آهي: ۽ جڏهن ڪنهن قوم جو تمدن صحتمند ۽ اڀرندڙ آهي، ته سندس عظيم شاعر وٽ پنهنجن سڀني همزبان ۽ هموطن ڀائرن کي پيش ڪرڻ لاءِ، سندن الڳ الڳ تعليمي سطح جي لحاظ بنا، ڪجهه نه ڪجهه ضرور هوندو آهي.

اسين هتي چئي سگهون ٿا ته شاعر جو، هڪ شاعر جي حيثيت ۾، پنهنجيءَ قوم ڏانهن فرض اڻسڌيءَ طرح ئي آهي. هن جو سڌيءَ طرح فرض پنهنجيءَ زبان ڏانهن آهي—يعني پهريائين ان جي حفاظت ڪرڻ، ۽ ٻيو ان کي وڌائڻ ۽ سڌارڻ. جو ڪجهه ٻيا ماڻهو محسوس ڪري رهيا آهن، تنهن ڪري ظاهر ڪري، شاعر انهن جي احساس کي باشعور بنائي ٿو، ۽ ائين خود ان احساس کي بدلائي ٿو. هو ماڻهن کي، جيڪي ڪجهه اڳي ئي محسوس ڪري رهيا آهن، تنهن بابت وڌيڪ ڄاڻ مهيا ڪري ٿو، ۽ ائين هو کين سندن ذات متعلق زياده باخبر بنائي ٿو. پر هو ٻين کان رڳو زياده باشعور نه آهي، پر انفرادي طور ٻين کان، خود ٻين شاعرن کان به، مختلف پڻ آهي؛ ۽ شعوري طور پڙهندڙن کي انهن احساسن کان به روشناس ڪري سگهي ٿو، جن جو ان کان اڳ هنن کي تجربو نه ٿيو آهي. اهو آهي اصل فرق، هڪ حقيقي شاعر ۽ هڪ خبطي ۽ ڇڙواڳ شاعر ۾. هڪ خبطي شاعر وٽ به اهڙا احساس ٿي سگهن ٿا، جي بنهه ذاتي هجن، پر جن ۾ ڪو ٻيو شريڪ نٿو ٿي سگهي، ۽ ان ڪري اهي بيڪار آهن؛ پر هڪ حقيقي شاعر ادراڪ ۽ احساس ۽ امنگ جي انهن نين صورتن کي اظهار بخشي، هو ان زبان کي وڌائي مالا مال ڪري ٿو، جا هو پاڻ ڳالهائي ٿو.

آءٌ هڪ قوم ۽ ٻيءَ قوم جي احساس جي اُن غير محسوس فرق بابت ڪافي ڪجهه چئي چڪو آهيان؛ اهو فرق سندن مختلف زبانن ڪري آهي، ۽ اُهي زبانون ئي ان فرق کي تيئن وڌائين ٿيون. پر قومون مختلف تجربن سان، نه فقط مختلف جاين تي پرمختلف دورن ۾ پڻ دوچار ٿين ٿيون. درحقيقت اسان جو شعور ۽ احساس اسان جي بدلجندڙ دنيا سان گڏ هميشه بدلجندو رهي ٿو. اسان جو شعور ۽ احساس اڄ نه فقط اهو ساڳيو نه آهي، جو چيناين يا يويانين جو آهي، پر اهو ساڳيو به نه آهي، جو ڪئين سو سال اڳ خود اسانجن وڏن جو هو؛ اسان جو شعور ۽ احساس هينئر اهو به ساڳيو نه آهي، جو اسان جي پنهنجي والدين جو هو، ۽ خود اسين پاڻ به جيئن هڪ سال اڳ هئاسين، هينئر ائين نه آهيون. اِهو ته ظاهري آهي: پر جا ڳالهه اهڙي ظاهر نه آهي، سا هيءَ ته بس اِهوئي سبب آهي جو اسين ڪڏهن به شعر لکڻ بند ڪري نٿا سگهون. اڪثر پڙهيل ماڻهو پنهنجيءَ زبان جي وڏن اديبن ۽ مصنفن لاءِ فخر محسوس ڪندا آهن، توڙي جو هنن کي انهن کي ڪڏهن پڙهيو به نه هوندو آهي؛ بلڪل ائين، جيئن هو پنهنجي ملڪ جي ٻين ڪن اهڙي قسم جي نرالين خصوصيتن بابت فخر محسوس ڪندا آهن: ڪي اديب ۽ مصنف ته ايڏا مقبول ٿي ويندا آهن، جو سياسي تقرير بازين ۾ به هنن جا حوالا ڏنا ويندا آهن. پر، اڪثر ماڻهو اهو نٿا محسوس ڪن ته اِهو ڪافي نه آهي: ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن هو مستقل طور نوان نوان وڏا اديب ۽ مصنف، خاص ڪري وڏا شاعر، پيدا نه ڪندا رهندا، ته هنن جي زبان کي زوال اچي ويندو، هنن جي تمدن کي زوال اچي ويندو، ۽ اُهو شايد ٻئي ڪنهن طاقتور تمدن ۾ جذب ٿي وڃي.

هڪ ڳالهه هيءَ به ته صاف آهي ته جيڪڏهن اسان وٽ پنهنجي دور جو نئون زنده ادب نه هوندو، ته اسين پنهنجي ماضيءَ جي ادب کان به ڇڄي وينداسون: جيستائين اسين ادب جي اوسر جو هيءُ سلسلو قائم نه رکنداسين، تيستائين اسان جو ماضيءَ جو ادب به اسان کان جيئن پوءِ تيئن هٽندو ۽ پري ٿيندو ويندو، تان جو اُهو اسان لاءِ اجنبي ٿي ويندو- جيئن ڪنهن ٻيءَ ڌارينءَ قوم جو ادب؛ ڇو ته اسان جي زبان بدلجندي رهي ٿي، ۽اسان جي رهڻيءَ ڪهڻيءَ جو نمونو، اسان جي ماحول ۽ بدلجندڙ مادي حالتن جي اثر ۽ دٻاءَ سبب، هر وقت ۽ هر طرح بدلجندو رهي ٿو: ۽ ان حالت ۾ جيڪڏهن اسان وٽ ڪي اهڙا ماڻهو نه آهن، جيڪي پنهنجي غير معمولي احساس ۽ شعور کي، لفظن تي غير معمولي قدرت رکندي، ظاهر ڪرڻ ۽ پختگي بخشڻ جي صلاحيت رکندڙ هجن، ته ان صورت ۾ نه فقط اسان جي پنهنجي اظهار جي صلاحيت، بلڪ، سواءِ خسيس محسوسات جي، ٻيءَ ڪنهن شي جي محسوس ڪرڻ جي طاقت به نستي ۽ نابود ٿي ويندي.

اها ڳالهه ڪا خاص اهميت ڪانه ٿي رکي ته ڪنهن شاعر جي چاهيندڙن جو حلقو سندس حياتيءَ جي دور ۾ وسيع هو يا نه. اهم ڳالهه اها ته هر نسل ۾، ۽ هميشه، هن جي چاهيندڙن جو ڪجهه نه ڪجهه حلقو موجود هجي. بهرصورت انهيءَ منهنجي چوڻ جو هو مطلب نڪري ٿو ته شاعر جي اهميت پنهنجي دور لاءِ ئي آهي، ۽ گذري ويل شاعر اسان جي ڪنهن ڪم جا نٿا رهن، جيڪڏهن اسان وٽ زنده شاعر موجود نه آهن. مان ته پنهنجيءَ پهرينءَ ڳالهه تي ايترو به زور ڏيندس ته جيڪڏهن ڪنهن شاعر جي مقبوليت، سندس جيئري، تمام جلد وڌي وڃي ٿي، ته اها صورتحال خود شڪ جو باعث بنجي ٿي، ڇاڪاڻ ته ان مان اهو انديشو ٿئي ٿو ته هو ڪا نئين شي پيش ڪانه ڪري رهيو آهي، بلڪ جيڪي ڪجهه پيش ڪري رهيو آهي، سو اهو ئي ڪجهه آهي، جنهن تي ماڻهو اڳي ئي هريل آهن—يعني اهو سڀڪجهه، جيڪواهو اڳي ئي پنهنجن اڳين نسلن جي شاعرن کان حاصل ڪري چڪا آهن. پر اها ڳاله اشد ضروري ۽ نهايت اهم آهي ته شاعر کي پنهنجي دور ۾ صحتمند ۽ باشعور چاهيندڙن جو هڪ ننڍو حلقو ضرور هجي. هيءَ نهايت ضروري آهي ته پيشور ماڻهن جو هڪڙو مختصر حلقو موجود هجي، جي شعر جا قدردان هجن، جي فڪر ۾ آزاد هجن، ۽ جي پنهنجي دور کان ٻه قدم اڳتي هجن— يعني اهڙا، جو نئينءَ شي کي جلد قبول ڪرڻ لاءِ تيار هجن.

تمدن ۽ ثقافت جي ترقي جي معنيٰ اها نه آهي ته هر شخص کي سردست اڳتي آڻي محاذ تي بيهارجي. اها ڳالهه ائين ئي ٿيندي ته هر شخص کي زورمس ڪري رڳو قدم سان قدم ملائي هلڻ لاءِ گهلي آڻي اڳيان بيهارجي. بلڪ، ان جي معنيٰ صرف هيءَ آهي ته هر دور ۾ ادب شناس ۽ باذوق ماڻهن جو هڪ منتخب ۽ ڌُڻيل حلقو موجود هجي، جن کان عام پڙهندڙن جي مُک جماعت ذوق ۽ ادب دوستيءَ ۾، هڪ – اڌ نسل جي ويڇي کان زياده پٺتي نه هجي. شعور ۽ ادراڪ جون تبديليون ۽ واڌارا، جيڪي اول ڪن ٿورڙن وٽ ظاهر ٿيندا، سي، پنهنجي اثر ذريعي، ٻين ترت مقبول ٿيندڙ مصنفن معرفت، آهستي آهستي زبان تي پنهنجا هلڪا هلڪا نشان ۽ نقش پيدا ڪندا؛ ۽ جنهن وقت اهي ان تي ڄمي، دائمي جڳهه والاري بيٺا، تڏهن وري هڪ نئين قدم، هڪ نئينءَ پيشقدميءَ جي ضرورت ٿيندي. ازانسواءِ، زنده اديب ئي آهن، جن جي وسيلي مئل اديب زنده رهن ٿا. مثلا، ”شيڪسپيئر“ جهڙي شاعر انگريزي زبان تي جيڪو گهرو اثر ڇڏيو آهي، اهو اثر رڳو کانئس فورا پوءِ واري نسل جي شاعرن جي ذريعي ئي نه ڦهليو آهي؛ ڇو ته عظيم شاعرن ۾ ڪي خصوصيتون هونديون آهن، جي ترت ظاهر ٿي نه سگهنديون آهن، ۽ صديون پوءِ وارن شاعرن کي سڌي طرح متاثر ڪري، اهي عظيم شاعر زنده زبان تي هميشه اثر وجهندا رهندا آهن. اڄ جيڪڏهن هڪڙو انگريزي ٻوليءَ جو شاعر اهو ڄاڻڻ چاهي ٿو ته موجوده دور ۾ پنهنجي ٻوليءَ جا لفظ هو ڪيئن استعمال ڪري، ته هن کي لازمي طور انهن اديبن جو گهرو اڀياس ڪرڻو پوندو، جن پنهنجي زماني ۾ لفظن کي صحيح استعمال ڪيو،جن پنهنجي دور ۾ زبان کي نئون روپ ڏنو ۽ نئين زندگي بخشي.

هيستائين مون ان آخري ڳالهه ڏانهن اشارو ئي ڪيو آهي، جنهن تائين، منهنجي خيال موجب، شاعريءَ جي اثر جي انتها ليکي سگهجي ٿي: ۽ اها ڳالهه هن نموني ۾ بهتر طور ادا ڪري سگهجي ٿي ته شاعريءَ دوران آخرڪار ماڻهن جي ڳالهه ٻولهه، ماڻهن جي احساس ۽ ادارڪ، ۽ ماڻهن جي روزمره توڙي عام زندگين ۾ امتياز ۽ فرق—هڪ بنيادي فرق هڪ خاص امتياز—واقع ٿئي ٿو؛ ۽ اُهو امتياز ۽ فرق سماج جي سڀني فردن، قوم جي سڀني شخصن، بلڪ سڄيءَ قوم جي حالت ۾ مجموعي طور واقع ٿئي ٿو—پوءِ منجهانئن ڪي کڻي شاعريءَ کي پڙهندا هجن يا نه پڙهندا هجن، ان مان لطف اندوز ٿيندا هجن يا نه به ٿيندا هجن، يا کين پنهجي عظيم شاعرن جا رڳو نالا به کڻي ياد نه هجن. شاعريءَ جو اثر، پنهنجين آخري حدن تائين، درحقيقت، نهايت وٽڙيل، تمام اڻسڌو، ۽ ثابت ڪرڻ ۾ انتهائي مشڪل آهي. ان جو مثال ائين آهي، جيئن آسمان ۾ اڏامندي ويندڙ پکيءَ يا هوائي جهاز ۾ اک وجهي بيهي جانچجي: پوءِ جي اوهان ان کي تڏهن نظر ۾ رکيو هو، جڏهن اُهو اوهان کي چٽو ڏسڻ ۾ ٿي آيو، ۽ ائين اوهين ان کي برابر نظر ۾ رکيو آيا، ته اوهين ان کي تڏهن به برابر ڏسندا رهندا، جڏهن اُهو تمام پري هليو ويو هجي—اصل ايترو پري، جو جيڪڏهن اوهين ان وقت ٻئي ڪنهن شخص کي اشارو ڪري اُهو ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندا، ته هن جي اَڻهِريل اک ان کي ڏسي ئي ڪانه سگهندي. ساڳيءَ طرح، شاعريءَ جو اثر به جيڪڏهن اوهين پهريائين انهن ماڻهن ۾ جاچيندا، جن تي شاعريءَ گهڻو گهاٽو اثر ڇڏيو آهي، ۽ پوءِ انهن کي جاچيندا، جن ڪڏهن شاعريءَ کي پڙهيو به ڪونهي، ته اوهان کي اهو اثر تڏهن ته ضرور نظر ايندو، جڏهن ان قوم جو تمدن صحتمند ۽ زنده  آهي؛ ڇو ته هڪ زنده سماج ۾ ان جي هڪ حصي جو ٻئي حصي تي باهمي اثر مستقل طور پوندو ئي رهندو آهي. ۽ آءٌ شاعريءَ جي ’سماجي ڪارج‘ مان اها ئي ڳالهه، سندس وسيع معنيٰ ۾، مراد وٺان ٿو: يعني هيءَ، ته شاعري پنهنجي رفعت، زور ۽ تاثير جي مناسبت سان سڄيءَ قوم جي ٻول چال، ۽ شعور ۽ ادراڪ تي اثر وجهي ٿي.

اوهان کي ائين سمجهڻ نه گهرجي ته منهنجو مطلب ڪو هيءُ آهي ته اسين جيڪا زبان ڳالهايون ٿا، تنهن جو تعين فقط اسان جا شاعر ئي ڪن ٿا. ثقافت جو ڍانچو انهيءَ کان زياده پيچيدو ۽ وسيع آهي. درحقيقت اِها ڳالهه به پنهنجيءَ جاءِ تي درست آهي ته اسان جي شاعريءَ جي لياقت انهيءَ ڳالهه تي منحصر آهي ته ٻوليءَ جا ڳالهائيندڙ ٻوليءَ کي ڪهڙي نموني استعمال ٿا ڪن؛ ڇو ته شاعر کي لازمي طرح پنهنجي زبان بلڪل ائين ئي پنهنجي مواد طور کڻڻي پوي ٿي، جيئن اُها سندس اردگرد ڳالهائي وڃي ٿي: جيڪڏهن اُها بهتر کان بهتر ٿي رهي آهي، ته ان مان هو فائدو وٺندو، ۽ جيڪڏهن اُها هيڻي پوندي ٿي وڃي، ته هن لاءِ ان ئي پوڻيءَ زبان جو بهتر کان بهتر استعمال ڪرڻ لازمي آهي. شاعري، ڪنهن حد تائين، ٻوليءَ جي سونهن کي قائم رکي سگهي ٿي؛ شاعري ٻوليءَ کي پيچيده حالتن ۽ زندگيءَ جي بدلجندڙ مقصدن لاءِ اهڙيءَ ڪاميابيءَ سان اظهار خيال جي موزون ذريعي بنجڻ ۾ مدد ڏيئي سگهي ٿي، جهڙي طرح اها گذريل ساده زندگيءَ جي سڌن سادن مقصدن لاءِ هڪ موزون ذريعو هئي. پر، ساڳئي وقت، شاعري پنهنجي سر ان پُراسرار سماجي ڪرشمه ڪاريءَ جي ٻئي عنصر وانگر، جنهن کي اسين ”ثقافت“ سڏيون ٿا، اهڙي وسيع ۽ متعدد حالتن تي مدار رکي ٿي، جي سندس پنهنجي اختيار ۽ ضابطي کان ٻاهر آهن.

هيءَ ڳالهه مون کي ڪن زياده عام قسم جي خيالن ڏانهن وٺي وڃي ٿي، جن کي هتي آخر ۾ پيش ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان. هيستائين مان شاعريءَ جي مقامي قومي ڪارج تي زور ڏيندو رهيو آهيان، ۽ ان ڳالهه جي سلسلي ۾ مون کي هڪ صفائي پيش ڪرڻي آهي. مان اهو تاثر ڇڏڻ نٿو چاهيان ته شاعريءَ جو ڪارج قومن کي هڪٻئي کان الڳ ڪرڻ آهي، ڇو ته مان اهو نٿو مڃان ته مختلف قومن جون ثقافتون ۽ تمدن هڪٻئي کان علحدگي اختيار ڪري ترقي ڪري سگهن ٿا. جيتوڻيڪ ان ڳالهه ۾ شڪ نه آهي ته ماضيءَ ۾ ڪيتريون تهذيبون ٿي گذريون، جن اعليٰ فن، فڪر ۽ ادب پيدا ڪيو، ۽ اهي تهذيبون هڪٻئي سان لڙهه وچڙ ۾ نه هيون؛ پر انهن جي باري ۾ به مان ڪامل يقين سان چئي نٿو سگهان، ڇو ته ٿي سگهي ٿو ته انهن مان ڪي تهذيبون، جي بظاهر اسان کي الڳ ٿلڳ نظر آيون، سي درحقيقت ٻين سان ربط ۾ رهيون هجن. پر يورپ جي تاريخ ۾، بهرحال، ائين ڪين ٿيو آهي. خود قديم يونان مصر کان گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو، ۽ ڪنهن حد تائين ايشيائي سرحدي ملڪن کان پڻ. خود يوناني رياستن جي باهمي تعلقات ۾ اسان کي، سندن ٻولين ۽ طور طريقي جي اختلاف جي باوجود، باهمي اثر نظر اچي ٿو—بلڪل اهڙو ئي، جهڙو يورپ جي مختلف ملڪن جو هڪٻئي تي. يورپي ادب جي تاريخ ۾ ته اها ڳالهه خاص طرح نظر ايندي ته هڪ زبان جو ادب ٻيءَ زبان جي ادب جي اثر کان ڪڏهن به الڳ ۽ آزاد نه رهيو آهي؛ منجهن هميشه آزادانه ڏي – وٺ ٿيندي رهي آهي، ۽ پڻ منجهانئن هر هڪ هڪٻئي کان نئين قوت ۽ توانائي حاصل پئي ڪئي آهي. ثقافت ۽ تمدن جي معاملي ۾ مڪمل علحدگيءَ مان ڪجهه به وري سري ڪين ٿو سگهي: ڪنهن به ملڪ جي ثقافت جي زنده جاويد رهڻ جو مدار ان تي آهي ته اُها ٻين ثقافتن سان آزادانه ڏي – وٺ ڪندي رهي. پر يورپ جي امن ۽ اتحاد لاءِ ثقافتي علحدگي جيڪڏهن هڪ خطرو آهي، ته اُهو ساڳيو خطرو اُن ثقافتي اتحاد ۾ پڻ موجود آهي، جيڪا يڪرنگيءَ ۽ يڪسانيت طرف وٺي وڃي. ڪثرت ۽ تنوع ايترو ئي ضروري آهي، جيترو اتحاد. مثلا، ڪن محدود مقصدن جي حق ۾ هونئن ته گهڻو ئي ڪجهه چئي سگهجي ٿو—جيئن ته يورپ جي ”هڪ گڏيل ٻوليءَ“ جي سلسلي ۾ بيجا آسانيءَ سان ”اپسپرنٽو“ يا ”بنيادي انگريزيءَ“ جا نالا وٺي سگهجن ٿا—پر سمجهو ته ملڪن جي سموري لکپڙهه ۽ ڳالهه ٻولهه ان جڙتو ٻوليءَ وسيلي شروع ڪري ٿي ڏجي، ته اُها ڪيتري نه اڍنگي ۽ اڻپوري لڳندي. شايد ائين به ٿئي ته ڪن معاملن ۾ ته اُها زبان مقصد کي پورو ڪري سگهي، ۽ ڪن ۾ بلڪل بيڪار ثابت ٿئي. هيڏانهن شاعري مستقل طور انهن شين جي يادگيري ڏياريندي رهي ٿي، جي فقط هڪ زبان ۾ چئي سگهجن ٿيون، ۽ انهن جو ترجمو ناممڪن آهي. هڪ قوم جو ٻيءَ قوم سان روحاني ڏي – وٺ جو رستو تيستائين قائم ٿي نٿو سگهي، جيستائين ڪي اهڙا ماڻهو نه هجن، جن پنهنجي ٻوليءَ کان علاوه ٻي گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڌارين زبان ايتري چڱيءَ طرح سکي هجي جيتري پنهنجيءَ زبان کان سواءِ ڪا ٻي زبان سکي سگهجي ٿي، ۽ نتيجي طور، اُن ڌارينءَ ٻوليءَ ۾ ڪنهن نه ڪنهن حد تائين پنهجيءَ زبان وانگر ئي محسوس ڪري سگهندا هجن. ان طرح، جيڪڏهن ڪو شخص ڪنهن ڌارينءَ قوم کي سمجهڻ چاهي ٿو ته هو پهريائين انهن شخصن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو، جن پنهنجيءَ زبان کان علاوه سندس زبان کي سکڻ جي تڪليف ورتي هوندي- ۽ اهڙيءَ طرح هو هڪٻئي کي پنهنجيءَ پنهنجيءَ قوم کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا.

هتي ضمني طور هيءَ ڳالهه به ڪري ڇڏيان ته ڪنهن ٻيءَ قوم جي شاعريءَ جو اڀياس هڪ خاص انداز جي معلوماتي نوعيت جو ٿئي ٿو. مان چئي چڪو آهيان ته هر زبان جي شاعريءَ ۾ ڪي اهڙيون خصوصيتون آهن، جي فقط اهي سمجهي سگهن ٿا، جي اهل زبان آهن. پر ان ڳالهه جو ٻيو رخ به آهي. مون ڪڏهن ڪنهن اهڙيءَ زبان جي پڙهڻ جي ڪوشش ڪندي، جا مون کي چڱيءَ طرح نه پئي آئي آهي، ائين محسوس ڪيو آهي ته مان ان جي نثر کي ان وقت تائين سمجهي نٿي سگهيس، جيسين مون ان کي اسڪول جي استاد جي معيار ۽ دستور مطابق نه پڙهيو- يعني ان کي سمجهڻ لاءِ مون کي هر لفظ جي معنيٰ جي پڪ ڪرڻي پيئي، ان جو گرامر پڙهڻو پيو، وغيره؛ پر ڪڏهن ڪڏهن مون ائين محسوس ڪيو آهي ته ڌارينءَ زبان جي ڪنهن شعر کي پڙهڻ مهل، جنهن جو مان ترجمو ڪري نٿي سگهيس، ۽ جنهن ۾ مون لاءِ ڪيترائي ڏکيا لفظ به موجود هئا، ۽ اهڙا جملا به درپيش هئا جن جو مطلب مان سمجهي نٿي سگهيس، مون کي فورا ڪنهن اهڙي واضح خيال يا تاثر جو احساس ٿيو، جو نه رڳو نرالو هو، پر انگريزيءَ ۾ جيڪي ڪجهه آهي تنهن کان به مختلف هو، ۽ ان ۾ مون کي هڪ اهڙي شي نظر آئي، جنهن کي مان لفظن ۾ ته بيان نٿو ڪري سگهان، پر ته به مون ڄاتو ته مان ان کي سمجهي ويو آهيان. پوءِ جڏهن مون اها زبان چڱيءَ طرح سمجهي ورتي، ته معلوم ٿيو ته اهو تاثر ڪو منهنجو وهم ڪونه هو، ڪا محض اهڙي خيالي شي نه هئي جا صرف منهنجي ذهن جو اختراع هجي، پر اها شي درحقيقت ۽ واقعي ان شاعريءَ ۾ پنهنجيءَ جاءِ تي موجود هجي. هن مان منهنجو مطلب هيءُ آهي ته شاعريءَ جي وسيلي اوهين ڪڏهن ڪڏهن هڪ ڌارئين ملڪ ۾، پاسپورٽ ۽ ٽڪيٽ حاصل ڪرڻ کان اڳ ئي، جيڪڏهن چاهيو ته داخل ٿي سگهو ٿا.

يورپ جي حدن اندر مختلف زبانن ليڪن ملندڙ جلندڙ ثقافتن رکندڙ ملڪن جي رشتي جي هن مسئلي ڏانهن، شاعريءَ جي سماجي ڪارج جي تحقيق ڪندي، اسين شايد غير متوقع طور نڪري آيا آهيون. آءٌ يقينا هن نقطي کان اڳتي وڌي، خالص سياسي مسئلن ۾ داخل ٿيڻ نٿو چاهيان، پر آءٌ اهو چاهيان ٿو ته جيڪي اهڙن مسئلن سان سڌيءَ طرح واسطو رکن ٿا، سي انهن سوالن جي سرحدن ۾، جن تي آءٌ مٿي بحث ڪري چڪو آهيان، ڪڏهن ڪڏهن ضرور داخل ٿين؛ ڇو ته هي سوالَ انهن سياسي مسئلن جو روحاني رخ پيش ڪن ٿا، جن جو مادي رخ سياست جو موضوع آهي. منهنجي پنهنجي بحث جي دائري ۾ ماڻهوءَ جو واسطو انهن زنده ۽ مئل شين سان آهي، جن جي وڌڻ ويجهڻ جا قاعدا قانون بنهه پنهنجا آهن، جيڪي، توڙي جو هميشه مدلل ۽ معقول نه به آهن، ته به عقل ۽ دليل کي اهي تسليم ڪرڻا ئي آهن. اهي اهڙيون شيون آهن، جن جي دستوري رٿابندي نٿي ٿي سگهي، ۽ جيڪي ضابطي هيٺ ايتروئي رهي سگهن ٿيون جيترو موسمون، مينهن يا هوا.

آخر ۾ آءٌ هي چوندس ته جيڪڏهن آءٌ اهو سمجهڻ ۾ حق بجانب آهيان ته شاعري کي شاعر جي سڄيءَ همزبان قوم لاءِ هڪڙو سماجي ڪارج ادا ڪرڻو آهي—توڙي جو قوم پنهنجي شاعر جي وجود کان باخبر هجي به يا نه – ته پوءِ ان مان هيءُ نتيجو نڪري ٿو ته يورپ جي هر قوم وٽ اها ڳالهه اهميت رکي ٿي ته ٻين قومن وٽ شاعريءَ جو سلسلو قائم رهڻ گهرجي. مان ناروي زبان جو شعر ته پڙهي ڪونه ڄاڻان، پر جي مون کي ٻڌايو وڃي ته ناروي زبان ۾ نئون  شعر نٿو لکيو وڃي، ته مان ان کي هڪ خطرو سمجهي، اهڙي نموني ۾ ڇرڪبس، جو منهنجو اهو اظهار ’ڪشاده دليءَ واري همدرديءَ‘ جي اظهار کان گهڻو وڌيڪ هوندو: مان ان کي هڪ اهڙيءَ بيماريءَ جي نشاني سمجهندس، جي شايد سڄي برعظيم ۾ پکڙجي ويندي: اها هڪ اهڙي زوال جي نشاني ٿي سگهي ٿي، جنهن جو مطلب اهو ٿيندو ته ماڻهو هر هنڌ تهذيبي جذبات جي قوت کان محروم ٿيندا ويندا، ۽ نيٺ محسوس ڪرڻ جي صلاحيت کان محروم رهجي ويندا-- ۽ ائين واقعي ٿي سگهي ٿو. هر هنڌ مذهبي اعتقاد جي زوال جي پذيريءَ بابت ڪافي ڪجهه چيو ويو آهي؛ پر مذهبي احساس ۽ شعور جي زوال پذيريءَ ڏانهن ايترو توجهه نه ڏنو ويو آهي. موجوده دور جي مشڪل رڳو اها نه آهي ته خدا ۽ انسان بابت ڪن انهن عقيدن ۾ ويساهه رکي نٿو سگهجي، جن ۾ اسانجن ابن ڏاڏن جو اعتقاد هو؛ پر اصل ڳالهه اها آهي ته جيئن اسان جا اڳيان بزرگ خدا ۽ انسان بابت محسوس ڪندا هئا، ائين هينئر محسوس نٿو ڪيو وڃي. هڪڙو عقيدو، جنهن ۾ هينئر اوهان جو اعتقاد نه رهيو آهي، بهرحال، اهو هڪ اهڙي شي آهي، جنهن کي ڪنهن حد تائين اوهين پوءِ به سمجهي سگهو ٿا؛ پر جڏهن مذهبي احساس گم ٿئي ٿو، تڏهن اهي لفظ جن جي وسيلي ماڻهن ان احساس جي اظهار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، سي بي معنيٰ ٿي پون ٿا. اهو سچ آهي ته مذهبي احساس فطرتي طرح ملڪ ملڪ ۾ مختلف آهي، ۽ دور دور ۾ به مختلف آهي—ائين ئي، جيئن شاعرانه احساس مختلف آهي. احساس بدلبو رهي ٿو، توڙي عقيدو ۽ نظريو ساڳيو ئي رهي؛ اهو ته انساني زندگيءَ جو هڪ اٽل شرط آهي. مون کي دراصل جنهن ڳالهه جو خوف آهي، سا آهي هن احساس جو مڪمل موت. ساڳيءَ ريت هيءَ ڳالهه پڻ ايتري ئي ممڪن آهي ته شاعريءَ لاءِ احساس، ۽ اهو احساس جيڪو شاعريءَ جو بنيادي مواد آهي، سو ڪنهن وقت هر هنڌ بنهه مري ۽ ختم ٿي وڃي: ۽ اهڙي صورتحال پوءِ دنيا ۾ يڪسانيت قائم ڪرڻ لاءِ شايد آساني به پيدا ڪري وجهي، جيڪا يڪسانيت ڪي ماڻهو محض يڪسانيت خاطر محبوب ۽ مطلوب سمجهن ٿا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com