سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1960ع

مضمون

صفحو :5

علي بابا

 

پڃري جا پکي

مارلَ جي دل چاهيو ٿي ته هوءَ ڳوٺ ڇڏي ڪيڏانهن پري هلي وڃي. پر وڃي به ڪيڏانهن؟ کيس ته چوڌاري اوندهه ئي اوندهه ٿي نظر آئي. سندس دنيا تاريڪ ٿي چڪي هئي. هن چاهيو ٿي ته انهيءَ تاريڪيءَ جي گهرائين ۾ گم ٿي وڃي، ڪنهن اونهي ۽ اونداهي کوهه  ۾ پاڻ کي اڇلائي ڇڏي؛ جي دنيا کيس ڳولي به، ته سندس ڪو نشان به ڪنهن کي نه ملي سگهي: پر هوءَ ائين نٿي ڪري سگهي. انهيءَ خيال ايندي ئي هن جي دل ڏڪيو ٿي ويئي.

’گلوءَ جو ڇا ٿيندو؟‘ گُلو، اٺن سالن جو معصوم، هن جي جگر جو ٽڪرو، ان جو کانئس پوءِ ڪهڙو حال ٿيندو؟ ائين سوچيندي ئي مارل جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. ڳوڙهن کان سواءِ وٽس هو ئي ڇا؟ هوءَ هڪ بيواهه عورت هئي- خوبصورت بيواهه، جنهن جو ڪوبه اوهي واهي هن دنيا ۾ ڪونه هو. بيواهه عورت کڻي ڪيترا به ڳرا ۽ ڍلا ڪپڙا پائي، ته به ڄڻ اُگهاڙي. عورت جو سچو ڍڪ ته ان جو مڙس ئي هوندو آهي. مڙس مُئي کان پوءِ هوءَ سچ پچ اگهاڙي هئي. هر ڪنهن جون نظرون هن جي جوان جسم تي اچي کُپي وينديون هيون. ٻيا ته ٻيا، مڙسس جا دوست به کيس تڪڻ لڳا. ڪنهن اشارا ٿي ڪيا، ڪو ٿڌا ساهه ڀري سيٽيون وڄائڻ لڳندو هو، ته ڪي موراڳو اڪيلائيءَ ۾ سندس دڳ جهلي بيهي رهندا هئا. پنهنجي انهيءَ بيوسيءَ تي هو دل ئي دل ۾ پيئي ڪڙهندي هئي، پر ڪنهن سان منهن ڏيئي ڳالهائڻ پسند نٿي ڪيائين. پر جڏهن به وڏيري جو تصور سندس اڳيان ايندو هو، ته هوءَ ذري گهٽ دهلجي ويندي هئي. هن جون وڏيون وڏيون مُڇون ۽ ڳاڙهيون ڀوائتيون اکيون، سندس ذهن ۾ هڪ مستقل خوف ڄمائي چڪيون هيون. ڪلهه ئي وڏيري ڏانهس سلامن سان گڏ ڪجهه سوکڙيون به ڏياري موڪليون هيون، ۽ مارل اهي سڀ شيون غيرت ۽ غصي وچان ڌوُتيءَ جي منهن تي موٽائي هنيون هيون- ۽ هينئر هوءَ اهوئي سوچي رهي هئي ته ان جي جواب ۾ وڏيرو ضرور ڪو اڍنگو قدم کڻندو. اڄ سڄو ڏينهن هوءَ پنهنجيءَ پر ۾ روئندي رهي- ايتريقدر جو ڇهه مهينا اڳ پنهنجي پياري مڙس جي اوچتي اجل تي به نه روئي سگهي هئي. ڳوٺ ۽ ڳوٺ جي هر ماڻهوءَ کان هن کي نفرت ٿي چڪي هئي. هن بار بار سوچيو ته هِتان ڪنهن پاسي منهن ڪري هلي وڃي؛ پر پري پري تائين کيس اُميد جو ڪو معمولي روشن ڪِرڻو به نظر نٿي آيو. هن لاءِ ته جيئڻ ئي جنجال ٿي پيو هو. وري به ڪنهن اونداهي کوهه ۾ ٽپ ڏيڻ جو خيال آيس؛ پر بي اختيار سندس اکيون گلوءَ ڏانهن کڄي ويئون، ۽ سندس لونءَ لونءَ ڪنبڻ لڳي. مامتا ڀريل دل ڇڪي کاڌي، هن ننڍڙي گلوءَ کي کڻي ڇاتيءَ سان چنبڙايو، ۽ سندس اکين مان مجبوريءَ جا موتي لارون ڪري وهڻ لڳا.

سج اُلهندي جي هنج ۾ وڃي آرامي ٿيو، ڏينهن بدلجي رات ٿيڻ لڳو، تارن سان گڏ چنڊ به نڪري نروار ٿيو، پر مارل اڃا پنهنجن غمن ۾ غلطان هئي.

مارل سوچيو ته هوءَ صاف انڪار ڪري ڇڏي، وڏي واڪي چئي ڏئي ته هوءَ هاڻي پيٽ خاطر عزت کي خطري ۾ وجهڻ نٿي چاهي. ليڪن، پيٽ جون مجبوريون ئي نراليون آهن! ڪڏهن ڪڏهن پيٽ ديوتا جي قدمن ۾ عزت ۽ غيرت جون انتهائي قيمتي قربانيون ڏيڻيون پونديون آهن. مارل ڪجهه به ٻولي نه سگهي، ڄڻ ته سندس گلي کي ڪنهن زور سان گهُٽي ڇڏيو هجي. هوءَ اڪيلي ته ڪانه هئي، هڪ کائيندڙ پيئندڙ پٽ به سندس پيٽ جي تقاضا ۾ شريڪ هو! پنهنجن ٻچن لاءِ هڪ ڪمزور پکي ته ڄار مان به داڻو کڻڻ ويندو آهي، پوءِ ڀل ته هو ڦاسي ڇو نه پوي. ڪجهه دير هوءَ سوچيندي رهي، ۽ پوءِ چپ چاپ اٿڻ لڳي. لاباري تي ضرور ويندي، ڀل ته کيس ڦاسائڻ لاءِ ڪو ڄار ئي ڇو نه وڇايل هجي؛ هوءَ انهيءَ ڄار جي تار تار کي ٽوڙي ڇڏيندي. مامتا جي پرجوش جذبي هن جي حوصلن کي جاڳائي ڇڏيو هو. پنهنجي ٻچي لاءِ هوءَ ساريءَ دنيا جا خطرا کڻڻ لاءِ تيارهئي. هن اڳتي وڌي ڏاٽو کنيو، ۽ گندي سنڀالي ٻاهر نڪتي.

چوڌاري چانڊوڪي ڇانيل هئي. صاف آسمان ۾ چنڊ پنهنجي آب تاب سان چمڪي رهيو هو. ائين ئي، کيس خيال آيو، ضرور ڪنهن ڏينهن سندس قسمت جي چنڊ تان به گرهڻ لهندي، ضرور ڪنهن ڏينهن سندس سُکن جي آسمان تان ڏکن جا ڪارونڀار هٽي ويندا- جڏهن گلو جوان ٿيندو! هن خيال ڪيو ته هوءَ ان لاءِ وڌيڪ محنت ڪري، وڌيڪ معاوضو حاصل ڪري. ڏاٽي هلائڻ ۾ ته اڳيئي ڀڙ هئي، مڙد به سندس مقابلو نه ڪري سگهندا هئا. هوءَ تيز قدمن سان ٻنيءَ ڏانهن ويندڙ ڪچي رستي تي هلي رهي هئي. چوڌاري چپ چپات لڳي پئي هئي. هڪ هنڌ، گهاٽين ڄارين جي جُهنڊ وٽ پهچي، الائي ڇو هن جا قدم وڌيڪ تيز ٿي ويا. ڪنهن نامعلوم خوف کان هوءَ ٿڙ ٿڙ ڏڪڻ لڳي. ايتري ئي ۾ پويان ڪنهن جي پيرن جو تمام ويجهو آواز ٿيو، ۽ ٻيءَ گهڙيءَ ڪنهن سندس ٻانهن کي مضبوطيءَ سان جهلي ورتو. بي اختيار، مارل کان هڪ دردناڪ چيخ نڪري وئي- وڏيرو! هن ٻانهن ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي، ته وڏيري کيس ڀاڪر ۾ آڻي ڇڏيو. ڏاٽو سندس هٿن مان ڇڏائجي ويو. غيرت، غصي ۽ نفرت وچان مارل هن جي پٺيءَ تي ٻنهي هٿن سان مُڪون هڻڻ لڳي، پر وڏيري تي انهن جو ڪوبه اثر نٿي معلوم ٿيو.

”ڇڏ، مون کي ڇڏي ڏي! ڪجهه حيا ڪر... پنهنجون ڄايون نپايون اٿئي... وڏيرا، آءٌ مسڪين بيواهه آهيان... مون کي ڇڏي ڏي!...“

”ڇڏيان ٿو توکي!... تو ڪلهه سوکڙيون ڇو ورايون؟...“

”انهن ترن تيل نه ٿيندءِ، وڏيرا! مون کي اهڙي نيچ نه سمجهه... اهو خيال ئي دل مان ڪڍي ڇڏ...! مون کي ڇڏي ڏي!“ ”آءٌ ڪو ٻار ته ڪونه آهيان. تون ڪوبه فڪر نه ڪر، ڪنهن کي ڪَنو ڪَن خبر نه پوندي...“ وڏيري پنهنجيءَ گرفت کي وڌيڪ مضبوط ڪري ڇڏيو. ”هن رات وڳڙي ۾ ڪابه پهر ايڏانهن ڪانه ايندي... ڏس. مارل، اجايو وقت نه وڃاءِ، نه ته آءٌ...“

پنجوڙ ۾ ڦاٿل شينهن جيان، مارل هاڻي وڏيري جي بازن ۾ ڦٿڪي ڦٿڪي سهڪي رهي هئي. هوءَ روئڻ ۽ اوڇنگارون ڏيڻ لڳي. ”خدا جي واسطي من ڇڏين! رسول جي واسطي، وڏيرا مون بيواهيءَ تي ايڏو ظلم نه ڪر!...“

”بڪ نه ڪر‘...“ وڏيري هڪ ئي جهٽڪي سان کيس ليٽائي وڌو.

”ڇڏ، مئا، ڪُتا، پليت!... ٿُو“ هن وڏيري جي منهن تي ٿُڪ هڻي ڪڍي. وڏيري سندس وات بند ڪرڻ چاهيو، ته هن اهڙي زور سان وڏيري جي هٿ ۾ چڪ پاتو، جو ان جي ٻئي هٿ به پنهنجي گرفت ڇڏي ڏني. مارل انهيءَ موقعي مان فوراً فائدو وٺي، پنهنجي پوريءَ طاقت سان کيس پرتي ٿيلهو ڏنو. پوءِ هن تڪڙو تڪڙو ڀڄي وڃڻ چاهيو، ته وڏيرو اُٿي رهيو هو. مارل سٽ پائي ڏاٽو کنيو، ۽ جيئن ئي وڏيرو ڏانهنس وڌيو ته هن زور سان مٿس وار ڪيو- هڪ، ۽ ان کان پوءِ ٻيو وار. وڏيرو فقط رڙ ڪري سگهيو، ۽ پوءِ اُتي ئي ڊهي پيو. چانڊوڪيءَ ۾ سندس آنڊا پيٽ کان ٻاهر ٿي ڏٺا، ۽ رت جا گهارا لڳي ويا.

شڪاري خود شڪار ٿي چڪو هو. وکريل وارن سان، هٿ ۾ ڏاٽو جهلي، وڏيري جي لاش وٽ، مارل چنڊ جي روشني ۾ ائين بيٺي هئي، جيئن شينهن پنهنجي غظفريءَ جي حالت ۾ هوندو آهي. ان وقت مارل کي ائين محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ سندس دل تان ڪئين مڻ بوجهه هميشہ لاءِ کڄي ويو هو.

يڪا يڪ مارل کي پنهنجي جرم جو احساس ٿيو. ”خون!“ هن جي دل وسامجي وئي. اکيون ڦاٽي ويس. ڏاٽو هٿن مان ڇڏائجي ويس. ڄڻ زمين ۽ آسمان ڦري رهيا هئا. ڄڻ بيهوش ٿي رهي هئي. کيس سُجهيو ئي نٿي ته هاڻي ڇا ڪري. ڪجهه دير هوءَ ائين ئي گم سم بيٺي رهي. پوءِ هن پاڻ سنڀاليو، ۽ اُتان ڀڄي وڃڻ چاهيو. ٿڌيءَ هوا هوندي، سڄي پگهر مان شل ٿي رهي هئي. هوءَ ڊوڙي رهي هئي، پر کيس ائين محسوس ٿيو، ڄڻ سندس پيرن ۾ ڪي ڀاري زنجير جڪڙيل هئا. ٿڙندي، ٿڙندي، آسپاس ڏسندي، هوءَ رات جي راڄ ۾ پنهنجي گهر تائين پهچي آئي. ڀانيائين، گلو روئي رهيو آهي. ”گلو!“..... بي اختيار اڇل کائي، ستل ٻارڙي تي اچي ڪِري پيئي. ٻالڪ ڇرڪ ڀري اٿيو. سڄو هراسجي ويو. زور سان روئڻ لڳو. ٻئي روئڻ لڳا. هن تمام زور سان اهڙيءَ طرح گلوءَ کي ڇاتيءَ سان چنبڙائي ڇڏيو جو ٻوساٽجڻ لڳو- ڄڻ ته ڪو کانئس سندس پٽ کي زوريءَ کسيندو هجي. سس اُٿي آئي. مارل جي حالت ڏسي گهٻرائجي وئي. ڪيترو ئي پڇيائين، پر هوءَ ڪجهه به نه ٻڌائي سگهي؛ رڳو روئي رهي هئي. گلوءَ کي ڇاتيءَ سان لڳائي، هوءَ سڄي رات روئندي رهي. اها سندس زندگيءَ جي سڀ کان ڀوائتي رات هئي. ’صبح جو ڇا ٿيندو؟... جيل! ڦاسي!..... ۽ گلو؟‘ هن کي ائين محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ سندس گهر جي چوگرد ڪيترائي ڀيانڪ پاڇولا گشت ڪري رهيا هئا.

*      *      *

صبح ٿيو. وڏيري جي خون جي خبر سڄي ڳوٺ ۾ هُلي وئي. منجهند ڌاري پوليس جي وٺ – پڪڙ پئجي وئي. سڄي ڳوٺ جو ساهه مُٺ ۾ ٿي پيو. پوليس اچي مارل جي در تي بيٺي. ماڻهن جو ميڙ لڳي ويو. گهر ۾ روڄ مچي ويو. مارل جي فرياد هئي- ’آءٌ بيگناهه آهيان... منهنجي پُٽڙي تي قياس ڪريو!‘ ٻالڪ روئڻ سان حد ڪري ڇڏي، اصل اُهمو ٿي ويو. ماءُ مان هٿ ئي نه ڪڍي، چولي کان چنبڙي پيس. پوليس زور ڪري مارل کي پاڻ سان ورتو، ۽ گُلوءَ کي ڌڪو ڏيئي، دروازو بند ڪري ڇڏيو.

*      *      *

مارل کي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو. هوءَ ڏوهارين جي ڪٽهڙي ۾ بيٺي هئي. جج انصاف جي پُروقار مسند تي جلوه افروز هو. قانون جا محافظ اڳيان ڪرسين تي ويٺل هئا، ۽ پويان عام ماڻهن جو ميڙ هو.

سرڪاري وڪيل نرمائيءَ سان چيو، ”مائي، قانون ظالم نه آهي. تون پنهنجي صفائي پيش ڪر.“

”آءٌ بيگناهه آهيان، سائين!“ مارل چيو، ”مون کي ناحق جهليو اٿن. مون تي رحم ڪريو. آءٌ غريب بيواهه آهيان، منهنجي اٺن سالن جي يتيم تي قياس ڪريو. خدا جي واسطي رحم ڪريو-“ هو وڪيل کي پنهنجو همدرد ڄاڻي، روئي روئي کيس منٿون ڪرڻ لڳي.

”تو وڏيري محمد شريف جو خون ڪيو آهي. تون ان لاءِ ڇا ٿي چوين؟“

”مون خون ڪونه ڪيو آهي، سائين! وڏيرو پاڻ...“

”تون هي شيون سڃاڻين ٿي!“ وڪيل مارل کي سندس گندي ۽ ڏاٽو ڏيکاريندي پڇيو. ”هيءَ گندي تنهنجي آهي! ۽ هن ڏاٽي سان-“

”گندي!... ڏاٽو!... نه سائين، هيءَ گندي... مون کي ڪا خبر ڪانهي، سائين! مون کي ڪا خبر ڪانهي!... الا، منهنجو مٿو ٿو ڦري...“

”حضور، مائي انڪاري آهي-“ وڪيل جج کي مخاطب ٿي چيو. قابل جج مارل جي نادانيءَ تي مُرڪي ڏنو.

”ڇا تون سمجهين ٿي ته تنهنجي ايتري چوڻ سان قانون کي اعتبار اچي ويندو؟“ وڪيل چيو، ڳوٺ جا سڀ چڱا مڙس شاهدي ڏيئي چڪا آهن ته هي ٻئي شيون تنهنجون آهن-“

مارل جي وائي بند ٿي وئي. ڪنڌ جهڪي اچي ڪٽهڙي تي پيس ڪجهه دير لاءِ سڀني تي يڪسان خاموشي ڇانئجي وئي. يڪايڪ مارل پنهنجو جهڪيل ڪنڌ مٿي کنيو، پري پري تائين ويٺل سڀني ماڻهن تي نظر ڦيرائي، سرڪاري وڪيل، جُوري، ۽ آخر ۾ جج کي گهورڻ لڳي. سندس چهري تي عجيب گنڀيرتا ڇانيل هئي. اکين مان جوش ۽ بيباڪي بکي رهي هئي. آخر سندس چپن کي جنبش آئي:

”ها، هيءَ گندي منهنجي آهي هي ڏاٽو به منهنجو آهي! مون وڏيري جو خون ڪيو آهي!“

”حضور“، وڪيل خوش ٿي وچ ۾ ئي جج کي چوڻ لڳو، ”ڏوهي پنهنجي ڏوه جو اقرار ڪري رهيو آهي! ’مون وڏيري جو خون ڪيو آهي‘!“

”ها ها، مون وڏيري جو خون ڪيو آهي، انهيءَ ڏاٽي نه فقط مون بيواهه کي پيٽ جي ماني ڏني آهي، پر منهنجي لڄ ۽ آبرو کي بچايو آهي! منهنجي گنديءَ تي رت جا داغ، منهنجي عزت ۽ شرافت جو نشان آهن! وڏيرو ڪميڻو، منهنجي بيحرمتي ڪرڻ لڳو... پنهنجيءَ لڄ بچائڻ لاءِ مون ان کي خون ڪري ڇڏيو. ڇا اهو گناهه آهي؟ ڇا اوهان جو قانون ائين ٿو چوي ته مون کي پنهنجي لڄ لٽائي ڇڏڻ کپي ها؟...“

”حضور، ڏوهارڻ سڀڪجهه قبولي چڪي آهي.“ وڪيل تڪڙو تڪڙو چوڻ لڳو، ”ڏوهارڻ لاباري تي وڃي رهي هئي- رات جي اوندهه ۾، اڪيلي، جڏهن ٻيا سڀ وڃي چڪا هئا؛ انهيءَ لاءِ ته هيءَ بدچال هئي، پنهنجي يار سان ملڻ لاءِ وڃي رهي هئي. وڏيرو محمد شريف هن کي سدائين روڪيندو هو. هو ڳوٺ جو چڱو مڙس هو، اهو هن جو فرض هو. هن انهيءَ رات به ڏوهارڻ کي روڪيو،..... ۽ ڏوهارڻ هميشہ لاءِ پنهنجو رستو صاف ڪري ڇڏيو، هڪ شريف انسان کي پنهنجي بدڪاريءَ لاءِ قتل ڪري ڇڏيو!...“

وڪيل جي زبان ڪينچيءَ جيان هلي ويئي، جنهن مارل تي خون جي الزام کان وڌيڪ اثر ڪيو. سندس دل جنسي لڇڻ لڳي، ۽ دماغ تي ڏک ۽ اذيت جا غبار ڇانئجي ويا؛ پر هوءَ هاڻي رُني نٿي، فقط وڪيل کي اکيون ڦاڙي تڪي رهي هئي؛ ماجسٽريٽ کانئس آخري ڀيرو صفائي طلب ڪئي، ته هن جي دل جو سمورو ذرو، وڏن وڏن ڳوڙهن جي صورت وٺي، سندس اکين ۾ اچي بيهي رهيو.

”آءٌ هڪ ماءُ آهيان!... منهنجن جذبن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو! منهنجي ٻچي تي رحم ڪريو!“ وڏا وڏا ڳوڙها هڪ هڪ ٿي وهڻ لڳا، ۽ هوءَ بيحال ٿي هيٺ ڪري پيئي.

ڪورٽ سڳوريءَ، ڪمال رحم ۽ ڪرم کان ڪم وٺندي، مارل کي صرف ويهه سال پورهئي سان سزا ڏيڻ جي فتوا ڏيئي ڇڏي.

*      *      *

مارل جيل جي چوديواريءَ ۾ قيد هئي. هوءَ نهايت بيچين ۽ بيقرار هئي. ٻيون قيدي عورتون هن جي انهيءَ حالت کان بلڪل بي نياز هيون. انهن لاءِ هيءَ ڪا نئين ڳالهه ڪانه هئي؛ انهن ڄاتو ٿي ته هرڪو نئون ڦاٿل پکي پهرين ائين ئي ڦڙ ڦڙائيندو آهي، ۽ پوءِ اهو ئي پڃرو سندس گهر بنجي ويندو. مارل سڄي رات جاڳندي رهي. اها هن جي پهرين رات هئي، جيڪا هن گلوءَ جي خيال ۾ روئندي گذاري. ’سڄا سارا ويهه سال ڪيئن ڪٽبا؟‘ هوءَ اها ڳالهه سوچي ئي نٿي سگهي ته اهڙا ئي ٻيا به هزارين بيگناهه انسان پنهنجيون ساريون ڄمارون انهن ئي ڀتين جي بند ۾ گذاري ويا، انهن به ائين ئي سوچيو هوندو.

آچر ڏينهن کيس گلوءَ سان ملاقات ملي- ماءُ ۽ پٽ جي مختصر ملاقات، انوکي ۽ دردناڪ جيڪا سيخن جي ٻنهي پاسن کان اُڇنگارن ۾ ختم ٿي.

آهستي آهستي ڏينهن گذرڻ لڳا، ۽ آچر جو ڏينهن مارل جي زندگيءَ جو خاص ڏينهن بنجي ويو. آچر کان آچر تائين هوءَ مري مري جيئندي هئي. آچر جو ڏينهن هن جي زندگيءَ جو محور هو. هر آچر تي هوءَ گلوءَ سان ملندي هئي؛ ۽ هر آچر هن کي نوان غم  نيون خوشيون، نوان ارمان ۽ نيون اُميدون بخشيندو هو. اهڙيءَ طرح سوين آچر گذري ويا. وقت جي رفتار ساڳي رهي، پر مارل جي چهري تي گهنج پئجي ويا، ۽ وار اڇا ٿي رهيا هئس. جيل ۾ آئي کيس سورهن سال گذري چڪا هئا، پر لڳي ائين ٿي ڄڻ سٺ سال کان به مٿي هئي. گلوءَ به مچي مڙس ٿيو هو. هو هر ملاقات تي ماءُ لاءِ سٺيون سٺيون کائڻ جون شيون کڻي ايندو هو، ۽ مارل پنهنجين ساٿي عورتن کي وڏي فخر سان ٻڌائيندي هئي ته سندس پٽ هاڻي ڪمائڻ لڳو آهي.

*      *      *

انهيءَ ڏينهن به آچر هو. صبح کان شام ٿي ويئي، رات به گذرڻ لڳي، پر گلو آيوئي ڪونه! مارل سڄو وقت سيخن جي ڀر جهلي بيٺي رهي. سڀ عورتون وڃي آرامي ٿيون، پر هن سڄي رات اکين ۾ گذاري ڇڏي. انتظار ۽ اضطراب جي حالت ۾، طرح طرح جا وسوسا سندس ذهن ۾ ايندا رهيا- ’گلو ڇو نه آيو؟... بيمار ٿي پيو؟... موڪل نه مليس؟... ڇا هو پنهنجيءَ ماءُ کي ائين ئي وساري ڇڏيندو؟... نه نه، هو ائين نه ڪندو، ٻئي آچر تي ضرور ايندو!‘ ليڪن ٻئي آچر تي گلو وري به نه آيو، ۽ ڪيترا ئي هفتا مسلسل هو پنهنجيءَ ماءُ سان ملڻ نه آيو. مارل جي زندگي وري عذاب بنجي ويئي. گلو ته هن جي زندگيءَ جو سهارو هو، ان بنا هي جيل جا ڪٺن ڏينهن ۽ ڏُکاريون راتيون ڪيئن بسر ٿينديون؟ ملول ۽ اداس، هوءَ انهيءَ اميد تي پنهنجو پاڻ جئاريندي رهي ته ڪڏهن نه ڪڏهن کيس پنهنجي اکين جي روشني نظر اچي ويندي.

*      *      *

ٿورن ئي ڏينهن ۾ مارل کي آزاد ڪيو ويو. ملڪ جي هڪ وڏي جشن جي موقعي تي ڪيترا ئي قيدي رها ڪيا ويا، ۽ مارل کي به سزا جا باقي چار سال معاف ڪيا ويا. سورهن سال اڳ جا ڪپڙا پائي ۽پنهنجي پگهار جا اسي رپيا مُٺ ۾ دٻائي جڏهن هوءَ ٻاهر جي فضا ۾ آئي، ته سندس خوشيءَ جي ڪا حد ڪانه هئي. هاڻي هوءَ پنهنجي ڳوٺ وڃي سگهي ٿي، پٽ کي ملي سگهي ٿي، ان کي گلي لاءِ پيار ڪري سگهي ٿي، ۽ اُهي سڀئي  ارمان پورا ڪري سگهي ٿي، جيڪي هن گلوءَ لاءِ ان جي ننڍپڻ کان پالي پالي جوان ڪيا هئا. تڪڙي تڪڙي هوءَ لاريءَ تي پهتي. پٽ کي گهڻيون گهڻيون ميارون ڏيندي، پرچائيندي، پيار ڪندي- دل ئي دل ۾ انهن جذبن کي ورجائيندي، هوءَ ڳوٺ جي قريب پهچي وئي. لاريءَ تان لهي هيٺ ٿي ته اهي جذبا اڃا وڌيڪ تيز ٿي ويا. جيئن ئي هوءَ ڳوٺ جي ڄاتل سڃاتل پيچرن تان هلڻ لڳي، ته ڪجهه لمحن لاءِ هن کي گذريل واقعا ذهن تي تري آيا، ۽ خودبخود سندس اکيون آليون ٿي وييون. سورهن سالن جي عرصي ۾ هوءَ ڪيترو نه بدلجي وئي هئي. سڄي دنيا بدلجي وئي هئي. رستا ۽ راهون، ۽ ڳوٺ جا ماڻهو به بدلجي ويا هئا. هوءَ ڪنهن کي به نٿي سڃاڻي سگهي، ۽ ڪنهن به هن کي ايندي ڏسي توجهه نٿي ڪيو. نه وري هن کي ئي ڪنهن جو ڌيان هو. کيس ته فقط گلوءَ جي ئي اون هئي، هوءَ ڍنگرن سان گهريل گهرن جي وچان، تڪڙي تڪڙي، ور-وڪڙ پيچرا لتاڙيندي وڃي رهي هئي ته اوچتو ڪنهن آواز ڪيو-

”متان مارل آهين؟“ هڪ ٻڍڙيءَ کيس سڃاڻي ورتو هو. پوءِ ته ڪيتريون ئي عورتون ۽ ٻارڙا اچي ميڙ ڪري ويا.

”گلو ڪٿي آهي؟ ڪيئن آهي؟ ڇا ٿو ڪري؟ هينئر ڪٿي هوندو؟ مون کي ڏٺي گهڻا ڏينهن ٿي ويا آهن. الله ججهي ڄمار ڏئيس، پهرين مون کي اوڏانهن وٺي هلو...“ مارل يڪساهيءَ چئي وئي.

”اما، ڇا ٻڌندينءَ!“ پوڙهيءَ ڏُکاري آواز ۾ چيو.

”ماءُ آئي پٽ لاءِ، ته پٽ وڃي ماءُ جي جاءِ والاري-“

”ڇا ٿي چئين!“ مارل کان رڙ نڪري ويئي.

”ها، اما، گلوءَ ويچاري کي ست سال سزا اچي وئي. ڪمدار جي پٽ مولوءَ سان جهيڙو ڪري وڌائين. اجها، هيءَ بيٺي آهي، صفوران..... گلوءَ ڪو ڪمدار جي پٽ کي نينگريءَ سان هٿ چراند ڪندي ڏٺو، سو منهن ڏئي بيهي رهيو. مولوءَ جي هڪڙي ٽنگ صفا ڪهاڙيءَ سان ڪپجي ويئي-“

پوڙهي اڃا ڳالهه پوري نه ڪئي هئي ته مارل اوڇنگارون ڏيندي پوئتي موٽي.

ٻئي ڏينهن، صبح جو سويل، سينٽرل جيل اڳيان نيم پاڳل پوڙهي عورت بجليءَ جي ٿنڀي کي ٽيڪ ڏيو بيٺي هئي. وارن ۾ مٽيءَ جا ٻُڪ، ڦاٽل ميرا ڪپڙا، اکيون جيل جي شاهي دروازي ۾ کُتل هيس. جيئن ئي جيلر اندر وڃي رهيو هو، هوءَ ڊوڙي اچي سندس پيرن ۾ ڪري پيئي-

”مون کي آزاديءَ نه کپي، مون کي قانون جو رحم نه کپي... آءٌ پنهنجو حق وٺڻ آئي آهيان، منهنجا چار سال اڃا رهيل آهن!“

”توکي قانون جي ڪهڙي خبر، مائي!“ جيلر چيو.

”قانون کي ته منهنجي خبر آهي!... مون کي پنهنجي پٽ سان ملڻ ڇو نٿو ڏنو وڃي؟“

”تون آچر ڏينهن اچجانءِ، توکي ڪوبه ڪونه روڪيندو-“

جيلر هليو ويو، ۽ هوءَ مايوس ٿي، مٿي کي هٿ ڏيئي ويهي رهي. گوڏن ۾ منهن وجهي، لڳاتار سڏڪندي رهي. شام ٿي ويئي، ۽ انڌيرو ڇانئجڻ لڳو مارل جي زندگيءَ جو سج به لڙهڻ لڳو. بت ساهه ڇڏڻ لڳس، ته هوءَ آهستگيءَ سان زمين تي پئجي رهي.

رات گذري، ۽ صبح ٿيو. جيلر، اندر ويندي، لاش ڏسي وڌي آيو.

’واقعي ڏاڍي دکدائڪ آهي تنهنجي ڪهاڻي،‘ جيلر ڀڻڪو، ’ليڪن توکي قانون جي ڪهڙي خبر!‘

 

اسد قاضي

 

غير مذهب

هوءَ مِسيءَ کي ايندي ڏسي خوشيءَ کان ڪپڙن ۾ نٿي ماپي، پر مِسيءَ جي لٿل ۽ ذري گهٽ روئڻهارڪي منهن سان ساري خوشيءَ کي پل ۾ ڪافور ڪري ڇڏيو.

مسي ايندي ئي چوڻ لڳي: ”توکي خبر آهي، آءٌ تو وٽ ڇو آئي آهيان؟“

فيضيءَ، جا ان وقت اهڙي سوال بابت سوچي به نٿي سگهي، ڪجهه قدر هٻڪندي چيو: ”اوهين... گهمڻ آيون هونديون، هي به اوهان جو ئي گهر آهي.“

”نه، آءٌ توکان هڪڙي ڳالهه پڇڻ آئي آهيان!“

”ڳالهه؟ ها ها، سدا پڇو، خير ته آهي؟... اوهين ويهو ته سهي!“

مسي ڪرسي ريڙهي فيضيءَ جي ڀر ۾ ٿي ويٺي. هن پنهنجون ٻئي ننڍڙيون گول اکيون کڻي فيضيءَ جي منهن ۾ وڌيون، ۽ ڏانهنس نوڙندي چوڻ لڳي: ”فيضي، آءٌ چري آهيان ڇا؟... سچ ٻڌائج!“

فيضي مسيءَ جي واتان اهڙي قسم جا لفظ ٻڌي وائڙي ٿي ويئي. ”هي اوهان کي ڇا ٿي ويو آهي!... اوهين چئو ڇا پيئيون!“

”آءٌ چري آهيان؟“ مسيءَ پنهنجو سوال زور سان ورجايو، ۽ ٻئي ٺونٺيون ڪرسيءَ تي رکي جواب لاءِ منتظر ٿي ويٺي.

”اوهين ته بلڪل ٺيڪ آهيو-“

”سچ!“ مسيءَ اهڙي نموني ۾ چيو، ڄڻ کيس انهيءَ ڳالهه تي اعتبار نٿي آيو.

فيضي عجيب ذهني ڪشمڪش ۾ مبتلا ٿي وئي. کيس سمجهه ۾ نه پئي آيو ته مسيءَ کي ڇا ٿي ويو هو.

”سچ ٿي چوين، فيضي؟“

”هاها،... پر اوهان کي اهو خيال ڪيئن آيو؟“ مسيءَ پڇيو.

”سڀ ٿا چون،... سڀ ائين ٿا چون.“

”پر اوهين ته بلڪل ٺيڪ آهيو.“

”تڏهن ماڻهو ڇو ٿا چون ته آءٌ چري آهيان؟“

”ڪهڙا ماڻهو؟“

اسڪول جو سمورو اسٽاف ائين ٿو چوي.

”ڪمال آهي! اوهين به انهن تي اعتبار ٿيون ڪريو؟“

دروازي تي ٺڪ- ٺڪ جو آواز ٿيو، ۽ مسيءَ اُٿي وڃي دروازو کوليو. سندس مڙس، ڊاڪٽر اختر، اندر لنگهي آيو.

”مسي آئي اٿوَ“، فيضيءَ چيو، ”الائي ڇا ٿي ويو اٿس.“

”ڇا ٿي ويو اٿس؟“ اختر اٻهرائيءَ سان پڇيو. ”اچو، مسي، ڪهڙو حال آهي؟“

”شڪر آهي.“ ائين چئي، مسي اُٿي بيٺي. ”اوهين خوش آهيو؟“

”ڇا ٿيو آهي اوهان کي؟ ڪهڙي تڪليف آهي؟“

”ڊاڪٽر صاحب“، مسيءَ پاڻ کي گنڀير بنائيندي چيو، ”آءٌ چري  آهيان ڇا؟“

”جي!“ ڊاڪٽر اختر وائڙو ٿي ويو. هو چپ چاپ مسيءَ جي منهن ۾ ڏسڻ لڳو.

”آءٌ چري آهيان ڇا؟“ مسيءَ وري پڇيو.

”اوهين ته بلڪل ٺيڪ آهيو.“

”سچ، ڊاڪٽر! آءٌ بلڪل ٺيڪ آهيان؟“ مسي خوشيءَ وچان ڪرسيءَ تان کڄي ويئي.

”بلڪل، بلڪل!... اوهان کي شايد پنهنجي باري ۾ ڪجهه غلط خيال ويٺو آهي-“

”غلط خيال؟ تڏهن ٻيا ڇو ٿا ائين چون؟“

”ٻيا ڪير ٿا چون؟“ اختر پڇيو.

”منهنجي اسڪول جو سڄو عملو ٿو چوي!“

”ڇا ٿو چوي؟“

”ته آءٌ چري آهيان!“

”سڀ غلط ٿا چون!“ اختر چيو. ”ڀلا، اوهين سمجهي سگهو ٿيون ته اُهي ائين ڇو ٿا چون؟“

”ها، ڊاڪٽر صاحب،“ مسيءَ وراڻيو، ”شايد انهيءَ ڪري جو آءٌ غير مذهب آهيان.“

”هون-“ اختر اهڙي نموني ۾ چيو، ڄڻ هو سڄي ڳالهه سمجهي چڪو هو. ”اوهين بلڪل ٺيڪ آهيو، مسي! ڪوبه فڪر نه ڪريو، ڪنهن جي چوڻ سان ٿورو ئي ائين ٿي پوندو آهي! هاڻي اوهين آرام ڪريو، اوهان کي آرام جي ضرورت آهي.“

*      *      *

مسيءَ ۽ فيضيءَ جي گڏجاڻيءَ تڏهن ٿي، جڏهن فيضي هن جي اسڪول ۾ پهريون ڀيرو ماسترياڻي ٿي آئي. مسي اسڪول جي هيڊماسترياڻي هئي. فيضيءَ سنڌيءَ ۾ ايم. اي. ڪئي هئي. سڄي اسڪول ۾ سنڌي ماسترياڻي فقط فيضي هئي. پنهنجي پُرڪشش شخصيت جي ڪري هن جلد ئي مسيءَ کي پنهنجو ڪري ورتو. مسي به وري جيئن هوءَ چوندي هئي تيئن ڪندي هئي. فيضي اڪثر مسيءَ وٽ گهر ايندي ويندي هئي. هڪڙي ڀيري، ڳالهين ڪندي، ڀت تي لڳل هڪ تصوير بابت فيضيءَ پڇيو، ”مسي، هيءَ تصوير ڪنهن جي آهي؟“

”مسيءَ جي منهن تي غمگينيءَ جا آثار نمايان ٿيڻ لڳا. هن فيضيءَ ڏانهن ڏٺو، ۽ پوءِ وري تصوير ڏانهن نهاريو: ”هوءَ منهنجي ماءُ آهي، ۽ هو منهنجو پيءُ.“

فيضي وري تصوير کي گهورڻ لڳي، ۽ ڪجهه چوڻ تي هئي ته مسيءَ پاڻ چيو: ”ها، منهنجو پيءُ سنڌي هو، ۽ ماءُ انگريز نسل جي.“

”مون به ائين ئي سمجهيو هو.“ فيضي چيو.

”منهنجيءَ ماءُ مان منهنجي پيءُ کي ٻه ڌيئرون ٿيون، جن مان هڪ آءٌ آهيان.“ ائين چئي مسي اُٿي هڪ ٻي تصوير کڻي آئي. ”هيءَ منهنجي ننڍي ڀيڻ آهي... پر تون تنگ ته نه ٿي رهي آهين، فيضي؟“

”نه نه، مون کي ته پاڻ اوهان جي ڳالهين ۾ دلچسپي ٿي رهي آهي.“

”جڏهن آءٌ ٻارهن ورهين جي هيس،“ مسيءَ چوڻ شروع ڪيو، ”ته منهنجي ماءُ گذر ڪري وئي؛ ۽ جڏهن آءٌ چوڏهن سالن جي ٿيس ته منهنجي پيءُ ٻي شادي ڪئي. بس، اتان کان منهنجي دردن جو داستان شروع ٿئي ٿو.“

مسي ڪجهه دير خاموش رهي، وري چوڻ شروع ڪيو: ”بابا کي اسان جي ٻيءَ ماءُ مان پٽ ٿيو، ۽ هو هاڻي اسان ٻنهي ڀينرن کي ڇينڀڻ لڳو. آءٌ ان وقت جوان هيس. مون کي اڪثر اها ئي آرزو رهندي هئي ته ڪو ساٿي ملي، مون کي پيار ڪري، ۽ آءٌ پنهنجو هڪ نئون گهر آباد ڪريان. نيٺ مون پنهنجو ساٿي ڳولي لڌو.“

فيضي ڪرسيءَ کي ريڙهي ڪجهه اڳتي ٿي ويٺي. هن کي مسيءَ جي ڳالهين ۾ دلچسپي وڌي رهي هئي.

”منهنجي پيءُ کي شادي ڪئي ٽي سال مس ٿيا ته هو به گذاري ويو.“ مسي تصوير کي ڏسڻ لڳي. ”مون کي ۽ منهنجيءَ ڀيڻ کي اسان جي ماٽيليءَ ماءُ گهر مان ڪڍي ڇڏيو.“

”ڪيڏي نه ظالم چئبي!“ فيضيءَ همدردي ظاهر ڪندي چيو.

”پوءِ اسان ٻنهي وڃي هڪ اسڪول ۾ ماستري ڪئي.“

”پر اوهان جي انهيءَ ساٿيءَ جو ڇا ٿيو؟“ فيضيءَ سوال ڪيو.

”اسين ٻئي هڪٻئي جي ويجهو ٿيندا وياسين. روز هڪٻئي سان پيار محبت جون ڳالهيون ٿينديون هيون. آءٌ هن کي پنهنجي زندگيءَ جو سهارو سمجهڻ لڳيس. دنيا ۾ ته منهنجي لاءِ بس اهو ئي هو. اسين ٻئي چانڊوڪين جو لطف ماڻڻ لاءِ پري نڪري ويندا هئاسين. هڪٻئي کي قريب محسوس ڪري، اسين بي انتها خوش ٿيندا هئاسين. هڪڙي ڏينهن هو منهنجي ايترو ته قريب آيو جو آءٌ هن جي دل جي ڌڪ- ڌڪ ٻڌي رهي هيس. ان رات مون هڪ وڏو گناهه ڪيو، جنهن جو احساس هينئر ٿيو اٿم.“

مسي ڪنڌ جهڪائي خاموش ٿي وئي، ته فيضيءَ کان ٿڌو ساهه ڀرجي ويو. ”پوءِ ڇا ٿيو؟“ فيضيءَ اشتياق سان پڇيو.

”جيئن وقت وڌندو ويو، اسان کي اهو گناهه راند ٿي آئي. هڪ ڏينهن مون کيس سندس وعدو ياد ڏياريو-“

”ڪهڙو واعدو؟“ فيضي وچ ۾ سوال ڪيو.

”شاديءَ جو.“ مسيءَ وراڻيو.

”هن ڇا چيو؟“

”هن ڳالهه کي ٽاري ڇڏيو.“ مسي جواب ڏنو. ”آءٌ هاڻ هر روز کيس اهو وعدو ياد ڏياريندي هيس. هڪ ڏينهن گهڻو اصرار ڪيم ته چيائين، ’سڀاڻي ٻڌائيندس‘. پوءِ، ٻئي ڏينهن هو نه آيو، ۽ ٽئي ڏينهن مون کي سندس خط مليو.

”ڇا لکيل هو ان ۾؟“

مسي اٿي ۽ هڪ لفافو کڻي آئي. ”اچي، هي پڙهه.“

فيضي خط کولي پڙهڻ لڳي.

”وڏي سڏ پڙهه.“ مسيءَ چيو.

”—’منهنجي جارج، مون کي افسوس آهي جو آءٌ وعدو پورو ڪري نٿو سگهان. مون جڏهن اڄ پنهنجيءَ ماءُ سان ذڪر ڪيو ته هن اها ڳالهه نه مڃي. يقين ڪر ته مون کيس گهڻوئي سمجهايو، پر تنهنجي غير مذهب هجڻ سبب هوءَ مون سان متفق نه ٿي سگهي. مون کي معاف ڪج. تنهنجو اسلم.‘“

فيضيءَ خط پڙهي پنو اٿلايو ته کيس عجيب ڳالهه نظر آئي. خط جي پويان ڪيترا دفعا لکيل هو- غير مذهب، غير مذهب! هن سڃاتو ته اهي اکر مسيءَ جا هئا.

”مون کي اهو خط اسڪول ۾ مليو. آءٌ ڪلاس اڌ ۾ ڇڏي گهر موٽي آيس. هر هر انهيءَ خط کي پڙهڻ لڳيس. منهنجي دل ۾ ذري ذري ’غير مذهب‘ جو اکر هُري رهيو هو. انهيءَ ڏينهن آءٌ ڪيترو پريشان هيس، سو بيان نٿي ڪري سگهان. سڄو وقت اهوئي سوچيندي رهيس، ’ڪاش، آءٌ غير مذهب نه هجان ها!...‘“

انهيءَ ڏينهن کان فيضيءَ کي مسيءَ سان ڏاڍي همدردي ٿي ويئي؛ ۽ مسيءَ کي به فيضيءَ سان گهڻو اُنس ٿي ويو. ٻئي چاهينديون هيون ته هو گهڻو وقت هڪٻئي سان گڏ هجن.

مسي سخت قسم جي هيڊماسترياڻي هئي. طبيعت جي چيڙاڪ به ڏاڍي هئي. ڪڏهن ڪڏهن دورو پوندو هوس، ته سڄو ڏينهن پيئي اسڪول جو چڪر هڻندي هئي. شل نه ڪا ڇوڪري ڪلاس کان بيٺل ڏٺي هجيس! سندس خيال هو ته ماسترياڻين کي ٺاهه ٺوهه ۽ نخرن بدران پنهنجو وقت پڙهائڻ ۾ صرف ڪرڻ کپي. شڪي ۽ ضدي به ڏاڍي هئي- شل نه ڪنهن ڳالهه تي چڙهي! سڀئي ماسترياڻيون- سواءِ فيضيءَ جي- کيس ’چري‘ چونديون هيون. هڪ ٻن ماسترياڻين ته کيس منهن تي به چئي ڏنو ته ’تون چري آهين!‘ ۽ مسيءَ جيئن پوءِ تيئن طبيعت جي چيڙاڪ ۽ سخت ٿيندي ويئي.

فيضيءَ جي شادي ٿي ويئي ته هن نوڪري ڪرڻ ڇڏي ڏني. فيضيءَ کي ڇڏڻ تي مسيءَ جي دل ته نٿي ٿي، پر مجبورا کيس ائين ڪرڻو پيو.

*      *      *

رات مسي فيضيءَ وٽ ٽڪي، پر کيس هڪ پل به آرام نه آيو. صبح جو کيس ضرور گاڏيءَ تي پهچڻو هو. صبح جو سوير هِتان ڪابه سواري اسٽيشن تائين ملي نٿي سگهي، ۽ انهيءَ ڪري فيضيءَ کيس ٻڌايو ته سندن ائمبولنس گاڏي هن کي پوري وقت تي اسٽيشن کڻي ويندي.

صبح جو فجر ساڻ ڊرائيور هارن هنيو، ته فيضي مسيءَ کي اٿارڻ آئي. مسي ته اڳي ئي جاڳي رهي هئي.

”گاڏي آئي آهي“، مسيءَ چيو، ”جلدي تيار ٿي وٺو، نه ته پوءِ ڏاڍي تڪليف ٿيندي.“

مسيءَ جو منهن لهي ويو، ۽ اکين ۾ پاڻي تري آيس. ”ته ڇا، فيضي، اڄ تون به مون کان بيزار ٿي پيئي آهين؟ هاها، آءٌ وڃان ٿي. آءٌ غير مذهب آهيان نه! چري آهيان نه!“ ۽ هن ٻئي هٿ کڻي پنهنجيءَ بئگ ۾ وڌا.

”نه نه، اوهان غلط سمجهيو، منهنجو اهو مطلب هرگز نه هو.“

مسيءَ کان ڇرڪ نڪري ويو، ڄڻ ته ڪنهن ڌڪ هڻي ڪڍيو هجيس. ”آءٌ غلط آهيان!... سچ ٿي چوين، سڀ ائين چوندا آهن!“

فيضيءَ پوءِ کيس گهڻي ئي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي،پر هن نه مڃيو ۽ هلي ويئي.

*      *      *

مسي جيئن فيضيءَ کان موٽي، تيئن عجيب ذهني ڪشمڪش ۾ مبتلا هئي. اڄ ’آءِ. جي. ايس.“ سندس اسڪول جي چڪاس تي اچي رهي هئي. سڄو اسڪول صفائيءَ  سٿرائيءَ سان ٻهڪي رهيو هو. مسيءَ کي ٻه- چار ڀيرا اڳ ’آءِ. جي. ايس.‘ هدايت به ڪئي هئي ته ماسترياڻيون سندس شڪايت ٿيون ڪن، تنهنڪري کيس پنهنجو رويو بدلائڻ گهرجي. اڄ آفيس ۾ هن جي دل ئي ڪانه ٿي لڳي. هن جي آڏو رکي رکي ’آءِ. جي. ايس.‘ جي شڪل ڦري ٿي آئي، جا ڄڻ چئي رهي هئي- ’تون غلط آهين!... ڏوهه تنهنجو آهي!‘

مسيءَ جي دل ڌڪ- ڌڪ ڪرڻ لڳي، ۽ جيئن پوءِ تيئن اها ڌڪ– ڌڪ تيز ٿيندي ويئي. هڪ ڀيرو هوءَ ڪرسي تان اُٿي بيٺي، ۽ پوءِ وري يڪدم ويهي رهي. سامهون رکيل پنو کڻي، پين کولي، لکڻ لڳي- ’چري... غير مذهب... تون غلط آهين... فيضي... آءِ. جي. ايس... ڏوهه تنهنجو آهي‘.

موڪل ۾ باقي هڪ ڪلاڪ اچي رهيو هو ته ’آءِ. جي. ايس.‘آئي. هوءَ سڌي مسيءَ جي آفيس ۾ گهڙي. مسي ڪرسيءَ تي ويٺي هئي. سندس ساڄو هٿ پين تي هو، ۽ ڪنڌ ميز جي شيشي تي. ’آءِ. جي. ايس.‘ کيس اُٿارڻ چاهيو، پر هوءَ نه اُٿي ۽ اُتي ئي پيئي رهي.

مسيءَ جي اوچتي موت سبب، ٻه ڏينهن اسڪول بند رهڻ جو اعلان ڪيو ويو، ۽ ٻارڙن کي موڪل ڏني ويئي.

 


 

گوورڌن محبوباڻي

 

مان روئڻو آهيان

گهر وارا چوندا آهن، مان روئڻو آهيان؛ پاڙيسري چوندا آهن، مان روئڻو آهيان؛ ۽ مان به قبول ٿو ڪريان ته مان روئڻو آهيان. روئڻو آهيان، ڇاڪاڻ ته مان اڀاڳو آهيان. ٻالپڻ ۾ ماءُ مري ويم. پيءُ جي پيار کان به محروم رهيس. ڀاڀيءَ برابر پالي نپائي وڏو ڪيو، پر وٽس ’ماءُ واري دل‘ ڪانه هئي. پيئي ڏڙهيون ڏيندي هئي. مان سندس سامهون ته ڪڇندو ئي ڪونه هوس، پر ڪنهن ڪنڊ ۾ وڃي سِسڪندو هوس، سڏڪا ڀريندو هوس، ڳوڙها ڳاڙيندو هوس.

ڀاڀي چوندي هئي ته مان روئڻو آهيان، هاڻ به چوندي آهي ته مان روئڻو آهيان، مان به قبول ٿو ڪريان ته مان روئڻو آهيان. اجهو هينئر به روئندو روئندو موٽيو آهيان، ۽ ڪل ڪانهي ته ڪيستائين روئندو رهندس. روئندو رهندس، ڇو ته مان اڀاڳو آهيان. ٻالپڻ ۾ ئي ماءُ مري ويم، ۽ هاڻ جوانيءَ ۾ پنهنجي ’ننڍڙيءَ ماءُ‘ به وڃائي ويٺو آهيان. ننڍڙي ماءُ؟ ها، هوءَ منهنجي ننڍڙي ماءُ هئي!

هن جو نالو هو ’نرملا‘. اٽڪل تيرهن سال اڳ، هڪ ڏينهن، مان جيئن ڪاليج مان موٽيس ته هن کي پنهنجي گهر ٻاهران روئندو ڏٺم. ستن – اٺن سالن جي اٻوجهه ٻالڪي، گهگهري ڦاٽل، وار اڀوڳا ۽ اڻ سنواريل، چڳون چيڙهه چيڙهه، چهرو داغ داغ، ۽ هٿ پير ڌڌڙ ئي ڌڌڙ. هوءَ گم سم روئي رهي هئي. منهنجي دل ڀرجي آئي. مون پرچائڻ لاءِ کيس ڳراٽڙي پاتي. منهنجو سنيهه پائي، هوءَ سڏڪا ڀرڻ لڳي. مون کيس ڇڪي ڇاتيءَ لاتو، سندس ميرو منهن چميو، سندس ڳوڙها اُگهيم، ۽ کيس گهر وٺي آيس.

ڀاڀيءَ مون کي ٻڌايو ته هوءَ ڇوري ڇني هئي؛ نه ماءُ هيس، نه پيءُ. اسان جي گهر ڀرسان ئي پنهنجي ماسيءَ وٽ رهندي هئي. ماسي، جا کيس پيڙيندي هئي، پٽيندي هئي ۽ ماريندي هئي. ماسي، جا کيس اَسر جو اُٿاري گهر جي چاڪري ڪرائيندي هئي. هوءَ سڄي گهر ۾ ٻهاري پائيندي هئي؛ گهاگهر کڻي، ڀر واري نل تان پاڻي ڀريندي هئي؛ ماسيءَ جي ٻارن جا غليظ ڪَڇا ڌوئيندي هئي؛ کاڌي پيتي لاءِ باهه ٻاريندي هئي، جوٺا باسڻ مليندي هئي، ۽ آخر رکو سڪو کائي اسڪول ويندي هئي. اسڪول ۾ ماسترياڻي به مٿس ڏمربي هئي. چوندي هئي، ’اصل موڳي مٽر آهي. دماغ بلڪل کوکلو اٿس. ڪجهه به نٿي سمجهي.‘ وري ڪو ٿورو ئي کڻي چويس ته ميڪ – ميڪ ٿي ڪري. گدلي ڇوري! نه وار ٺاهي، نه گهگهري بدلائي. جهڙي ڀوت! نه هوش اٿس نه افعال..... ويچاري نرملا! گهر ۾ ماسيءَ جي مار کائيندي هئي، ۽ اسڪول ۾ ماسترياڻيءَ جي.

مان به اهڙي دور مان گذريو هوس، ان ڪري مون کي هن سان بيحد همدردي هئي. هن به منهنجي سنيهه جي سايي ۾ سک پاتو. اسين ٻئي رلي ملي وياسين. هاڻي روز شام جو هوءَ منهنجو انتظار ڪندي هئي. مون کي ڏسي ڊوڙي ايندي هئي. منهنجي هٿ مان ڪتاب وٺي، مون کي ٻانهن کان ڇڪيندي هلندي هئي. گهر پهچي مان بوٽ لاهيندو هوس ته هوءَ پاڻيءَ جو لوٽو ۽ ٽوال کڻي ايندي هئي. هٿ منهن ڌوئيندو هوس ته ڀاڀيءَ کان روٽيءَ جي ٿالهي وٺي ايندي هئي. روٽي کائي، مان کيس ٻنهي ٻانهن کان جهلي ڦيري پارائيندو هوس. هوءَ پيارا پيارا ٽهڪ ڏيندي هئي. منهنجي ڳچيءَ ۾ ٻانهون وجهي لٽڪي پوندي هئي. مان سندس وارن تي پيار مان هٿڙا ڦيريندو هوس، سندس صوفن جهڙا ڳل چمندو هوس، ۽ آخر کيسي مان ڪا نه ڪا شي ڪڍي کيس ڏيندو هوس- ڪڏهن کٽمٺڙو، ڪڏهن بسڪوٽ، ڪڏهن ريوڙيون.

اهو سنيهه جو سَلو برساتين ۾ ڦُٽو. وسڪارا ٿيندا رهيا، سلو وڌندو رهيو. ڪڪر وسي وسي وٽڙي ويا، سلو وڌندو رهيو. سيارو آيو، سلو وڌندو رهيو. ڏينهن ننڍڙا، راتيون وڏيون ٿيون، سلو وڌندو رهيو. بهار آئي، سلو وڌندو رهيو. گل ٽڙيا، وڻن ٻور جهليو، سلو وڌندو رهيو، وڌندو رهيو...  هڪ ڏينهن مون کي بمبئيءَ مان چاچي جي چٺي ملي ته مون کي بمبيءَ جي ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا ملي هئي.

مون اجمير ڇڏي بمبئيءَ جي شرڻ ورتي، ڀاڀيءَ کي ڇڏي چاچيءَ جي شرڻ ورتي، ۽ نرملا کي وساري  ڪتابن جي ڍير ۾ گم ٿي ويس. ايم. بي. بي. ايس. پاس ڪرڻ لاءِ پنج سال ڪافي آهن، پر مون ست سال لڳايا. اها ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي. آخر به ڊاڪٽر ٿيڻ لاءِ دماغ گهرجي، محنت گهرجي،... ۽ محنت آخر منهنجو سرير جهوري وڌو. پڇاڙيءَ جي سال ۾ اڪثر عليل رهيس. امتحان هلندي بيمار به ٿي پيس، پر تڏهن به پيپر سٺا ڪيم. سوچيم، ’شايد بمبئيءَ جي هوا ڀانءِ نٿي پوي، ذرا اجمير مان هوا بدلائي اچان.‘

اجمير پهتس ته ڀاڀي منهنجو ڏٻرو سرير ۽ زرد چهرو ڏسي ڏڪي ويئي. اُن ڏينهن به بخار هوم، سو بستري ۾ آرام ڪرڻ لاءِ تاڪيد ڪيائين، پر دل نه مڃيو. اجمير جي دوستن کي ڏٺي ڏينهن ٿي ويا هئا، سو شهر ۾ چڪر ڏيڻ لاءِ سنڀريس. مون کي ويندو ڏسي، ڀاڀيءَ رڙو رڙ مچائي ڏني: ”ڪيڏانهن ٿو وڃين؟ بخار جا بٺ پيا ٻرنئي، ۽ هليو آهين گشت تي! اندر وڃي سمهي پئه، نه ته شام جو ڀاڻهين کي چئي ڇنڊ ڪڍائينديسانءِ!“ پر هاڻ مون کي ڀاڀيءَ جي دڙڪن جو ڀؤ ڪونه هو. آخر به ڊاڪٽر ٿيڻ وارو هوس! کيس ٻڌو اڻٻڌو ڪري، مان ٻاهر وڃڻ لڳس. مگر ڪمپائونڊ جي لوهِي ڦاٽڪ وٽ پهچي منهنجا قدم ازخود رڪجي ويا. سامهون نرملا بيٺي هئي!

”ڪيڏانهن ٿو وڃين؟ هل واپس!“

اِهو عرض هو يا حڪم، مان ڪوبه فيصلو ڪري نه سگهيس. منڊيل نانگ وانگر، يڪ ٽڪ نرملا ڏي نهاريندو رهيس؛ لنبا چلڪڻا وار، ڳاڙهين ربينن سان سجايل ٻه چوٽيون، ليمي جي ڦاڪن جهڙيون موڪريون اکيون، ڀريل رت رتولا ڳل، سنهڙا سرخ چپ، ۽ سڊول سرير. هوءَ هاڻ اٺن سالن جي نه، پر پنڌرهن سالن جي هئي؛ پر سندس منهن تي اُها معصوميت جهلڪي رهي هئي، ۽ دل ۾ اها ئي اڪير. هن پيار مان منهنجي ٻانهن جهلي چيو، ”اندر هل!“ مان چپ چاپ ائين موٽڻ لڳس، گويا مون تي جادو ٿي ويو هو. ڀاڀيءَ وٽ پهچي نرملا کلي ڏنو: ”ڏس، ڀاڀي، پڪڙي وٺي آئي آهيانس!“ ڀاڀيءَ جواب ۾ صرف مرڪيو. مان اچي بستري تي ليٽيس. نرملا منهنجي مٿن کان ويهي پنهنجو هٿ منهنجي نرڙ تي گهمايو. اُهو ٿڌو وڻندڙ ڇهاءُ، منهنجيءَ نس نس ۾ ڦهلجي ويو. ڪل ڪانهي، مون کي ڪيڏيءَ مهل ننڊ اچي ويئي.

ڀاڀيءَ کي جنهن ڳالهه جو انديشو هو، سا سچ پچ ثابت ٿي. ڏينهون ڏينهن منهنجي صحت بگڙندي ويئي. ٽي ڊاڪٽر به آيا. هڪ چيو، ’ڪُهني مليريا آهي‘؛ ٻئي چيو، ’مدو آهي‘، ۽ ٽئين ’خون جي ڪميءَ‘ جي شڪايت ڪئي. ڪمزوريءَ ۽ بخار جي شدت سبب مان اڪثر نيم بيهوشيءَ جي حالت ۾ رهندو هوس. مان گهٻرائجي چوندو هوس، ”نرملا، تنهنجي ماسي غصي ٿيندي، تون گهر وڃ.“ هوءَ بهانو بڻائيندي هئي، ”غصي ڇو ٿيندي؟ اڃا هاڻ ته آئي آهيان!“ مان محسوس ڪندو هوس ته هوءَ ڪوڙ ڳالهائي رهي آهي، پر جي ضد ڪندو هوس ته هوءَ روئي ڏيندي هئي. عجيب ڇوڪري هئي نرملا! منهنجي بيماريءَ جي عرصي ۾ ماسيءَ جون ملامتون سهي به هن هر طرح سان منهنجي شيوا ڪئي، ۽ بيماريءَ بعد به کيس منهنجو اونو رهندو هو.

هڪ ڏينهن قنڌاري ڏاڙهونءَ جو اَڌ آڻي مون کي ڏنائين. مون حيرت مان پڇيو، ”هي ڏاڙهون ڪٿان آندءِ؟“

”ماسڙ جيپور کان آيو آهي، اُن ڏنم.“

”ته تون کاءُ نه!“

”نه، تون کاءُ!“

”ڇو؟“

”تو کاڌو، سو مون کاڌو.“ ۽ ڏاڙهون جا داڻا ڪڍي، هوءَ مون کي کارائڻ لڳي. منهنجي دل ڀرجي آئي. مون کيس ڀاڪر ۾ ڀري، سندس ڳل چمي چيو، ”نرملا، تون ڪهڙي نه سٺي آهين!“

هوءَ کن پل لاءِ سانت رهي. پوءِ ڌيمي آواز ۾ چيائين، ”هڪ ڳالهه چوانءِ؟“

”چئه.“

”تون اڳتي منهنجا ڳل نه چمندو ڪر.“

”ڇو؟“

”مان وڏي ٿي ويئي آهيان!“

مون کي ڄڻ ڪنهن زور سان ڌڪو ڏنو. ڏاڙهونءَ جا داڻا منهنجن هٿن مان ڪري پيا. چهرو زرد ٿي ويو. اکيون جهڪي وييون. منهنجي پريشاني ڏسي، هوءَ به گهٻرائجي ويئي. منهنجون ٻانهون پڪڙي چيائين، ”هي ڇا؟ چريو آهين ڇا؟ تون الائي ڇا جو ڇا پيو سمجهين! ائين چئي، هوءَ منهنجو منهن چمي، کلڻ لڳي.

مون محسوس ڪيو ته نرملا سچ پچ وڏي ٿي ويئي هئي. وڏي، پنهنجيءَ عمر کان گهڻو گهڻو وڏي. گويا هوءَ منهنجي عمر جي هئي، ۽ مان ستن اٺن سالن جو ٻار! اسان جو وهنوار به هاڻ اُلٽو ٿي چڪو هو. اڳ مان نرملا کي سنڀاليندو هوس، سهارو ڏيندو هوس، ۽ هاڻ هوءَ مون کي سنڀاليندي هئي، سهارو ڏيندي هئي. اڳ مان کيس ٽول کارائيندو هوس، ۽ هاڻ هوءَ مون کي کارائيندي هئي.

هڪ ڏينهن سندس گهر پلاءُ پڪو. هوءَ پنهنجو حصو مون لاءِ کڻي آئي. مون پڇيو، ”اڄ وري ڇا آندو اٿئي؟“

”پلاءُ.“

”تون کاءُ!“

”نه، تون کاءُ!“

”ڇو؟“

”مان ڪمزور ٿوروئي آهيان! تون کاءُ، توکي طاقت ڏيندو.“

”طاقت ڏيندو، يا پيٽ ۾ بار ڪندو؟ مان نه کائيندس.“

”زوريءَ کارائينديسانءِ!“ هوءَ ڳٽيون ٺاهي منهنجي وات ۾ وجهڻ لڳي. کائيندي کائيندي مون پڇيو، ”نرملا، تون منهنجي ڇا ٿين؟“

”تون ئي کڻي ٻڌاءِ ته مان تنهنجي ڇا ٿيان؟“ هن کلي وراڻيو.

”ٻڌايانءِ؟“

”ها، ٻڌاءِ.“

”تون منهنجي...... ننڍڙي ماءُ آهين!“

”هشت!... چريو!“ ۽ منهنجي ڳل تي هن هلڪي ٿڦڙ وهائي ڪڍي.

مان ايم. بي. بي. ايس. ۾ پاس ٿيس، ۽ اجمير جي ريلوي اسپتال م نوڪري مليم. هوڏانهن نرملا جو مڱڻو ٿيو، شادي ٿي، ۽ اجمير ڇڏي دهلي هلي ويئي. ٻن مهينن بعد مان ساڻس ملڻ لاءِ دهليءَ ويس. هوءَ بيحد خوش هئي. مون ڏٺو ته هن جون اکيون مرڪي رهيون هيون، چپ مرڪي رهيا هئا، سرير جو انگ انگ مرڪي رهيو هو. اڌ ٽڙيل مکڙي هاڻ گل بنجي چڪي هئي. ڏاڍيءَ اُڪير مان هن مون کان حال احوال ورتو. شام ٿي ته مون چيو، ”نرملا، هل ته انڊيا گيٽ تان گهمي اچون.“

”نه ڙي! اَمي موڪل ئي ڪانه ڏيندي.“

”ڇو؟“

”هوءَ پراڻن خيالن جي آهي.“

”ته مان گوبند کي ٿو چوان.“

”هوءَ ته ماءُ جو مريد آهي. ماتا کي پرماتما ڪري سمجهندو آهي.“

مان ڪرسي سيري وڃي بالڪنيءَ ۾ ويٺس، نرملا به منهنجي ڀرسان اچي بيٺي. ڪا مهل اسين ٻئي چپ رهياسين، آخر نرملا آهستي چيو،

”ٻڌين ٿو، مون تنهنجي لاءِ ڪنوار ڳولي آهي!“ هوءَ ڀر واريءَ بالڪنيءَ ڏي نهاري مرڪڻ لڳي.

مون ڪنڌ ورائي ڏٺو ته اُتي هڪ سنهڙي، سهڻي جوان ڇوڪري وار سنواري رهي هئي. نرملا ۽ مون تي نظر پوندي ئي هوءَ اندر هلي ويئي.

”ڏٺئه، توکي ڏسي ڪيئن ڀڄي ويئي! ويچاري ماٽيلي ماءُ جي ستايل آهي. شاديءَ ٿينديس ته مون وانگر سکي ٿي پوندي. ماڻس به مون سان ڪيترا دفعا ڳالهه چوري آهي.“

”نالو ڇا اٿس؟“

”سندري.“

”نالو ته سهڻو اٿس!“

”۽ پاڻ؟“

”پاڻ به سهڻي آهي.“

”پوءِ، ... ماڻس کي پڪ ڏيان؟“

”نه—“

”ڇو؟... منهنجو چوڻ به موٽائيندين؟“

”تون ڪير آهين؟“

”تنهنجي ننڍڙي ماءُ!“ اسين ٻئي کلڻ لڳاسين.

دهليءَ مان موٽڻ وقت نرملا وري سندريءَ جي ڳالهه ڇيڙي. مون چيو، ”چڱو، اجمير پهچي توکي پنهنجي فيصلي کان آگاهه ڪندس.“ پر چئن سالن تائين مون ان بابت ڪوبه فيصلو نه ڪيو. اُن عرصي بعد جڏهن مان وري دهليءَ ويس، ته نرملا جي شڪل ڏسي ڏڪي ويس. هوءَ ڳري ڪنڊا ٿي ويئي هئي، لنڀا چلڪڻا وار ڇڻي ويا هئس، اکيون اندر پئجي وييون هئس، ۽ ڳلن جا هڏا ٻاهر نڪري آيا هئس! هوءَ ٻارن جيان مون کي چنبڙي روئڻ لڳي. مان سمجهي ويس ته سندس سک جا ڏينهن پورا ٿي چڪا هئا. هاڻ هوءَ وري دُکن جي دور مان لنگهي رهي هئي. سس جي سهمن ۽ ڇڙٻن کان سواءِ، هن تي هڪ ٻي مصيبت به نازل ٿي هئي: گذريل چئن سالن ۾ ٽي دفعا هن جو حمل ضايع ٿيو هو. هن جي مامتا واري دل ٽڪرا ٽڪرا ٿي چڪي هئي. سندر سرير، صدمن سبب جهڄي جهُري پيو هو. اُن ڏينهن ئي مان گوبند کي ساڻ ڪري کيس هڪ ليڊي ڊاڪٽر وٽ وٺي ويس. تپاس بعد، اسان ٻنهي جي ساڳي راءِ بيٺي. مون نرملا کي سمجهايو، ”هن کان پوءِ وڌيڪ اسقاط تو لاءِ موت برابر ٿيندو.“ مون گوبند کان به انجام ورتو ته هو نرملا جي زندگيءَ صدقي پرهيز ڪندو. ٻنهي ڳالهه جي گنڀيرتا محسوس ڪئي، ٻنهي منهنجي روبرو قسم کاڌو، پر—

ستن اٺن مهينن بعد ئي مون کي گوبند جي تار ملي. مان ننهن کان چوٽيءَ تائين پگهرجي ويس. ان رات ئي مان دهليءَ ڏي روانو ٿيس. نرملا جي گهر مساڻ جهڙي سانت لڳي پيئي هئي. گوبند، ڊاڪٽر سان گڏ، اسپتال ويو هو. بالڪنيءَ ۾ نرملا جي سس ويٺي هئي. مون کي ڏسي، هن منهن ڦيري ڇڏيو. مان چپ چاپ، آڳنڌ ۽ ٻه ڪمرا لتاڙي، ٽئين ڪمري ۾ پهتس. نرملا مرڻينگ حالت ۾ کٽ تي پيئي هئي. وسامندڙ نظرن سان هن مون ڏانهن نهاريو. مون هن جا ڏڪندڙ هٿ پنهنجن هٿن ۾ جهلي چيو، ”نرملا، تو هي ڇا ڪيو!“

نرملا چپ چاپ روئڻ لڳي. مون سندس وارن ۾ پنهنجون آڱريون ڦيري چيو، ”مون ته توکي چتاءُ نه ڏنو هو... پوءِ به—“

”بس، لاچاري—“ هن ٻڏندڙ آواز ۾ چيو.

”لاچاري؟“ مون البت جوش مان ورجايو، ”هيءُ سڀ گوبند جي نادانيءَ جو نتيجو آهي!“

نرملا پنهنجو ڪمزور هٿ منهنجي وات تي رکي چيو، ”هُن کي ڏوهه نه ڏي، ڏوهه منهنجو ئي آهي.“

”تنهنجو؟... ڇا، ڄاڻندي ڪندي به تو پاڻ کي موت جي منهن ۾ اڇليو!“

”ڇا ڪريان، مون لاءِ ٻنهي طرفين موت هو. اَمِي پراڻن خيالن جي، سندس اڪيلي پٽ کي اولاد نه ٿيڻ سان خاندان جي ختم ٿيڻ پاپ ٿي سر تي پيس. اُٿندي ويهندي پيئي ٽوڪيندي هئي- ’ڇوڪرن لاءِ ڇوڪريون کُٽيون؟ مان گهر ۾ ٻي ننهن آڻينديس!‘ سندريءَ ماءُ به پيئي ڪن ڀريندي هيس.“

”پر گوبند ته توسان هو؟“

نرملا جي اکين ۾ وري پاڻي ڀرجي آيو. ٻڏندڙ آواز سان چيائين، ”تنهنجو چوڻ مڃي هن کان ڪنارو ته ڪيم، پر کيس گويا وڃائي ويٺيس. ٿورن ئي ڏينهن ۾ هن جو ارواح مون تان کڄي ويو. اڪثر مون کان دور دور رهندو هو. گهڻو وقت ته سندريءَ جي گهر ۾ گذاريندو هو. ٻه ٽي دفعا هن سان گڏ سئنيما به ڏسڻ ويو. مان سهي نه سگهندي هيس. هڪ ڏينهن گهر ۾ وڏو ممڻ متو. سندريءَ ماءُ جي هُشيءَ تي، اميءَ مون کي گهٽ وڌ ڳالهايو... طلاق جي ڌمڪي به ڏني.“

”طلاق... ۽ گوبند ڇا چيو؟“

”توکي ٻڌايو ته هوم ته هو ماءُ جو مريد آهي، ماتا کي پرماتما ڪري سمجهندو آهي. طلاق بعد مان ڪيڏانهن وينديس، ڪٿي اَجهو وٺنديس—اِهو سوچي، ان رات مان بستري تي لڇندي ڦٿڪندي رهيس. اميءَ کي خاندان قائم رکڻ لاءِ پوٽو گهربو هو، ۽ پتيءَ کي پيار—هر طرح جو پيار. منهنجي جيءُ ۾ الائي ڪهڙو جولان آيو. سوچيم ٻنهي طرفن موت آهي، ڇو نه قسمت آزمائي ڏسان... آڌيءَ رات جو مان هن جي ڪمري ۾ هلي ويس. هن گهڻي ئي منع ڪئي، پر... پر مون نه مڃيو—“ نرملا جا ڪمزور چپ ڏڪڻ لڳا، آواز بند ٿي ويو، نبض ڍري ٿي ويئي، سو هٿ پير ٿڌا ٿي ويا.

نرملا مري ويئي، پر الائي ڇو، منهنجي اک آلي به نه ٿي. اَرٿيءَ کڄڻ وقت سسڻس ڪوڙا سچا پار به ڪڍيا، پر مون هڪ لڙڪ به نه هاريو. شمشان-ڀوميءَ ۾ گوبند زار زار رنو، پر مون هڪ سڏڪو به نه ڀريو...

رات جو مان پنهنجي ننڍڙي بئگ کڻي اجمير موٽڻ لاءِ تيار ٿيس. ڏاڪڻ لهي رهيو هوس، ته پٺيان سندريءَ ماءُ جو آواز ٻڌم: ”گوبند ماءُ! پوءِ ڪڏهن ٿي مصري وٺين؟“

”مُئي، آهستي ڳالهاءِ، ذرا هن کي وڃڻ ته ڏي!“

منهنجن پيرن کي ڄڻ ڪاٺ لڳو. ٽاهه ٽاهه ڪري اکين مان آنسن جو درياهه اُٿلي پيو... اهو سيلاب اڃا بند نه ٿيو آهي.

گهر وارا چوندا آهن، مان روئڻو آهيان؛ پاڙيسري چوندا آهن، مان روئڻو آهيان؛ منهنجا سڀ دوست چوندا آهن، مان روئڻو آهيان؛  مان به قبول ٿو ڪريان ته...

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com