سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 2012ع

مضمون

صفحو :7

خليل عارف سومرو

سِتارن جِهڙيون سِٽُون

آرسيءَ جهڙا اکر،

پنکڙي جهڙا اکر،

حرف تنهنجي نانءَ جا،

روشنيءَ جهڙا اکر.

 

هاءِ هي جَلوه گري،

سونهن ڀي توتي چَري،

خوبصورت خواب تون،

تون خدا جي شاعري.

 

عاشقي آهيون اسان،

شاعري آهيون اسان،

سچ پُڇو جهان لئه،

روشني آهيون اسان.

 

چنڊ جهڙو چِٽ لڳين ٿي،

ڀِٽ ڌڻي جي سِٽ لڳين ٿي،

اوپري سنسار ۾،

تون ئي دل جي مِٽُ لڳين ٿي.

 

مينهن وانگر وَسي پئو،

روح تائين رَسي پئو،

رنگ ٿي روشني ٿي،

يا ته ٿي آرسي پئو.

 

هوءَ آرس ٿي ڀَڃي،

وقت بيهي ٿو وڃي،

آسمانن کي ڇُهان،

ڳالهه جي عارف مڃي.

وائي

نئون نئون نِج نبار،

ساٿي پنهنجو سِج اُڀار.

ڪرڻا ڪهڙا ڪالهه جا،

اڄ ڪا آڳ اُٿار.

ساٿي پنهنجو سِج اُڀار

چڱي آهي چِڻنگ ڀي،

ڏيئو ڀلي ٻار.

ساٿي پنهنجو سِج اُڀار

ڏائڻ بڻي ڏيهه لئه،

اوندهه انڌوڪار.

ساٿي پنهنجو سِج اُڀار

عارف بنا آجپي،

جيون ڪچي گار

ساٿي پنهنجو سِج اُڀار

وائي

ڪينَ چوٽِ ڏِجان،

ٿانءُ مِٽي جو آهيان.

منهنجي جيون ديپ کي،

هٿن اوٽ ڏجان.

ٿانءُ مِٽي جو آهيان.

منهنجي نازڪ پيار کي،

اُوچو ڪوٽ ڏجان،

ٿانءُ مٽي جو آهيان.

ڏيندي رهجان راحتون،

ڪڏهن نه کوٽ ڏجان،

ٿانءُ مٽي جو آهيان.

چاهڻ واري چُونڊ ۾،

مون کي ووٽ ڏجان،

ٿانءُ مٽي جو آهيان.

’عارف‘ کي هن عشق ۾،

سُهڻي موٽ ڏجان،

ٿانءُ مٽي جو آهيان.

رياضت ٻرڙو

غزل

در کڙڪيو منهنجي سپني جو،

مَن تـڙپيو منهنجي سپني جو.

جَهٽَ ٿورِي تـنهنجي نيڻن ۾،

ڇا سرجيو منهنجي سپني جو؟

مان ٻي گھر ۾، تون ٻي گھر ۾،

گھر اُجڙيو منهنجي سپني جو.

اُس نيڻن ۾ ڇا ساڙيو، جو-

رُخ ٽِڙڪيو منهنجي سپني جو.

تنهن لمحي ڳولا تنهنجي ڪَئي،

جو ڌڙڪيو منهنجي سپني جو.

تون رياضتَ ئي بس ناهين، ٻيو-

ڇا وڇڙيو منهنجي سپني جو.

 

غزل

هورڙي هورڙي ڌارَ ٿيندو ويو،

شاعري ۾ رهي، سار ٿيندو ويو.

سُونهن جا ڏَس پَتا، سونهن ئِي ٿي ڏنا،

پارَ پُڇندي پَڪا، پارَ ٿيندو ويو.

هُن جو ويراڳ ورتو، تصوفي بَڻِي،

رمز جا ريشمي ڄارَ ٿيندو ويو.

بي رُخين جو نشانو بڻِي بار بار،

زندگِي جِي کٽِي ڦارَ ٿيندو ويو.

دردَ ئي دل وڍِي، رُوپ رهزن ڪري،

دردُ ئي هينئڙي-ٺار ٿيندو ويو.

جنهن به ’رياضت‘ ڏٺو، مُنهن سڃاتو نه تنهن،

پوڙهپڻ جا سوين ڏارَ ٿيندو ويو.

 

غزل

پيار مان هر گھڙِي ڏِٺن توکي،

نيڻ ڏوهي، ڪَڍِي ڦِٽا ڪر تون.

وَڍَّ ڏيندا وڃن پَيا جانان!

شوخ، چنچل ڀِرُون، ڍِلا ڪر تون.

چُپ رهِي گفتگو ڪَيم تو سان،

گفتگو ائن ئِي اڄ، مِٺا ڪر تون.

تنهنجي واتان ٻُڌم گِلا پنهنجي،

ڪجھ سُٺو ٿيو، ڀلِي گِلا ڪر تون.

رنگ وڻندڙَ محبتن جا هِن،

دل تي دلبر، ٻِٽا ٽِٽا ڪر تون.

حسنُ آوارگيءَ جو آ سبب،

سُونهن پنهنجي سان ابتدا ڪر تون.

دردَ هِن بي رُخين ڏنا، ’رياضت‘!

موهَه ميڙي، مقابلا ڪر تون.

غزل

اوهان جي اکين ۾ ستارا سوين،

اسان جون اکيون ڪن نظارا سوين.

گلابي هٿن جِي تِرين  تي، پرين!

لِکيل نانوَ جا هِن اشارا سوين.

عجب جستجُو آهه ڌرتيءَ تي!

سمنڊ نينهَن جو هِڪُ، ڪنارا سوين!

ٿِئي ڪيئن آجِي، ڏکويل مِٽي؟

رَهن ڀُونِ تي ٿا هچارا سوين.

پرينءَ کي ڏسِي، پئي ٿو ’رياضتُ‘ ٽِــڙي،

اچن شعر ۾ ٿا لِکارا سوين.

استاد لغاري

غزل

 

رات اسان سيان رانجهي،

ڪُنڍيون چاريون ڪنڌي تي.

ميران مَٽَ کڻي آئي،

پنهنجا دوها لوڙهڻ لئي.

چنگ اسان کي ڏنگ هنيو،

او جوڳيئڙا! اڄ لوڪ سُتي.

اهڙو ڪو منتر ڪونهي؟

جيڪو آڻي ساجن کي.

پَتِ پيئڻ جي رهجي ويندي،

توسان ساقي! آهي طئي.

اسان محبت وارا ماڻهو،

مُرڪي تُون ڀي ماکي ڏي.

رات اسان جي هولي هُئي،

ڦاٽل جهولي تنهنجي لئي.

ڪير بيراڳي آيو راڻا!؟

بينَ وڳي هَئي! هَئي! هَئي!

ننگري ننگري ديپڪ راڳ،

بستي بستي باهه ٻَري.

بند ڪر پنهنجو راڻو راڳ!

هاڻِ مُسافر ننڊ ڪري.

غزل

هِي پنجوڙ پري کان پَڌرو،

اِهو ڪيئن لڳايو آهي تو؟

مون کي به وَٺئو هلڪان تون،

او ڪوريئڙا! اڄ سانجهي جو.

مون مومل جي ماڙيءَ تي،

ويهي پيتو کير وَٽو.

تون اچڻو آهين، سو ايندين،

ڪنهن واچوڙي سان وچڙندو.

مون چانڊوڪي جو قسم کنيو!

راز فاش نه ٿيندو ڪو،

هيل به آئي ڊيل اُڏامي.

تنهنجي زلفن جي چوڌاري،

پوپٽ کاڌو آ ڦيرو.

رات به مون آ گيت لکيو،

هڪڙو هڪڙو لک رُپئي جو.

پريم پتافي

غزل

 

اوهان لئه اُداسي، اسان جون اکيون،

صُبح توڙي سانجهي، اسان جون اکيون.

سندءِ نيڻ ڪينجهر، سندءِ آر نُوري،

بڻيون ڄڻ تماچي، اسان جون اکيون.

سدا نيڻ آلا، سدا ويس گيڙو،

اٿئي يار جوڳي، اسان جون اکيون.

سڄي سنڌ پنهنجي، بدن جان لڳي ٿي،

انهي ۾ ڪراچي، اسان جون اکيون.

لڳي روح ”امداد“، ”اُستاد“ پنهنجو،

”اياز“ ۽ ”ڀٽائي“، اسان جون اکيون.

 

غزل

مسجد، سوچي، مندر سوچي،

ماڻهو جو ٿو، اندر سوچي.

 

بيدرديءَ سان، اُڇليو ويو آ،

ڪنهن جو لاش! سمندر سوچي.

 

ماڻهوءَ ۾، احساس مَري وَيو،

هن جي هٿ ۾، خنجر سوچي.

 

پُوڄارڻ ڇو، سنڌ ڇڏي وَئي!؟

رات رُنو پئي، مَندر سوچي.

  

وائي

 

ڪاٿي الائي!

هن جا جوڀن ڏينهڙا،

ڪيڏا گهنج نِراڙ تي،

وقت ويو ڳڙڪائي.

هن جا جوڀن ڏينهڙا،

ناهي نانءُ نشان ڪو،

دريا ويو پائي،

هن جا جوڀن ڏينهڙا،

ڳولي، سوچي ۽ رُئي،

شايد ڪو موٽائي،

هن جا جوڀن ڏينهڙا.

وائي 

ڍوليا وسرن ڪيئن!

ڳانڍاپي جون ڳالهڙيون.

اُڀريو اچن اوچتو،

منهنجي تن من ڪيئن،

ڳانڍاپي جون ڳالهڙيون.

آيا سانوڻ مينهڙا،

تو ريءَ مهڪن ڪيئن،

ڳانڍاپي جون ڳالهڙيون.

آهن توکان وسريون،

او ڙي جوڀن! ڪيئن؟

ڳانڍاپي جون ڳالهڙيون.

حبدار سولنگي

غزل

 

شاعري، زندگيءَ جو رستو آ،

زندگي روشنيءَ جو رستو آ.

سوچَ سيراب ٿي، وئي منهنجي،

ياد تُنهنجي، نديءَ جو رستو آ.

فطرتي حُسن، عورتون ۽ ٻنيون،

چارِ گهر ۽ مِٽيءَ جو رستو آ.

منزلِ عشق تي، پُڄڻ جي لئه،

پارِ ڪرڻو، نفيءَ جو رستو آ.

پاڻَ سان آهِه، دُشمني حبدار!

لوڪ سان ڀائپيءَ جو رستو آ.

غزل

جيون جو هر ڀاڪر، خالي خالي آ،

۽ لمحن جو آڳُرُ، خالي خالي آ.

تنهنجي پويان، منهنجو پيارُ اُڏامي ويو،

هاڻي منهنجو اندرُ، خالي خالي آ.

اُن ۾ نيڻَ رهن ٿا، منهنجي ماضيءَ جا،

ڪيئن چوين ٿو، کنڊرُ خالي خالي آ.

ڪيڏو لنبو، تنهائيءَ جو پاڇو آ،

آءٌ اڪيلو ۽، گهر خالي خالي آ.

جيون ۾ ڪا موسم ئي، ناهي حُبدار!

نيڻن جو هر منظر، خالي خالي آ.

 

غزل

شام ويلي جڏهن، هَٿَ دريءَ جا کُليا،

نيڻ ڪنهنجا، هوائن ۾ اُڏري وَيا.

فطرتن پاند مان، سُونهن آزادُ ڪئي،

پيارُ مُرڪيو، جوانيءَ به ڪَرَ موڙِيا.

وئي اُداسي اکين مان، پکيءَ جيئن اُڏري،

اوچتو هن ڪلهن تي، اچي هٿ رکيا.

ڪا سفر جي پڄاڻي، ٿئي يا نه ٿئي،

هو مسافر هئا، پنڌ ۾ ئي رهيا.

موسمون رنگ، جيڪي وساري ويون،

سي اکين سان سڀئي، هن سنڀالڻ گهريا.

ڪين هڪٻئي، هُو الوداع چئي سگهيا،

موڪلائڻ مهل، ٻئي پٿر ٿي ويا.

  

غزل

مند خوشبوءِ جو، هندورو ٿِي پئي،

ڳَهَرَ جو ڄڻ ڳيچُ، مورو ٿِي پئي.

ٽهڪ ڏيئي ڳالهه، جيڪا تو ڪئي،

ڳالهه سا، ڄڻ ڄام شورو ٿِي پئي.

جرڪندڙ تنهنجي، جواني او سکي!

موهه ۽ مَڌُ جو، ڪٽورو ٿِي پئي.

جسم کي جوڀن، نئين جدت ڏني،

هوءَ غزل ڪوئي، نڪورو ٿِي پئي.

واٽ ويندي مُرڪ، تنهنجي اجنبي!

عمرِ ساريءَ لاءِ، ٿورو ٿِي پئي.

امتياز عادل سومرو

ڪافي

ڏاڍا ڏئي ٿي سور ستائي!

منهنجي دل کي ڪو سمجهائي!

پيار پريت جي اوکي پنڌ تي،

آخر آڻي اهڙي هنڌ تي،

مون کي ناحق وئي ڦاسائي!

 

منهنجي دل کي ڪو سمجهائي!

 

هڪڙو ڇا سؤ ڀيرا ٽوڪيم،

بيهي راهون رستا روڪيم،

پو به هلي وئي ڪيئن الائي!

منهنجي دل کي ڪو سمجهائي!

 

پيار ڏئي جي پرچايان ٿو،

جيئن جيئن ويهي سمجهايان ٿو،

تيئن تيئن پئي ٿي خارون کائي!

منهنجي دل کي ڪو سمجهائي!

 

عرض ڪيان ٿو همدرديءَ سان،

ليڪن ڏاڍي بيدرديءَ سان،

منهنجون منٿون ٿي موٽائي،

منهنجي دل کي ڪو سمجهائي!

 

پاڙو ڇا پر وستي پوري،

’عادل‘ مون تي سنڌ سموري،

ويٺي ٿي هر روز کِلائي!

منهنجي دل کي ڪو سمجهائي!

 

غزل

 

آخر پنهنجو پيار کسي وئي،

هيڻن کان هٿيار کسي وئي.

 

تحفا ۽ تصويرون ڏيئي،

ديدن کان ديدار کسي وئي.

آخر ڪهڙي ڳڻتي توکان،

سرمو ۽ سينگار کسي وئي،

زور ۽ زر جي ڳولها ڦولها،

ماڻهن کان معيار کسي وئي.

ذات پرستي فرقي بازي،

قومن کان ڪردار کسي وئي.

ڪئنسر کي ڪا ڪاتي پئي شل،

ماڻهو مڻيادار کسي وئي.

مون لئه جيون جيل بنائي،

آزاديون اختيار کسي وئي،

خواب ڏٺو ٿم محبت سنڌ کان،

تلخيون ۽ تڪرار کسي وئي.

گڏجاڻيون ۽ قرب ڪچهريون،

ٽي.وي ۽ اخبار کسي وئي.

روزيءَ روٽيءَ جي مجبوري،

اسڪولن کان ٻار کسي وئي.

سالن جي سڀ ڪاوڙ عادل،

نيٺ چميون ڏئي چار کسي وئي.

امر کهاوڙ

غزل

 

ڇا ڪجي ڀروسو، تنهن يار تي،

جو مٽي روپ ٿو، هر وار تي.

دوستو! پيار، ايندو ئي اٿم،

هر دفعي، دشمنن جي ٻار تي.

ٿو ڊڄان وار، هوندو آ ڏکيو،

پڪ اٿم، دوستن جي پيار تي.

اڄ ويو ڳوٺ، سارو واسجي،

تو وڳو جئن، سُڪايو تار تي.

زندگيءَ جو، پيو گاڏو گِڙي،

صرف ئي، سار جي آڌار تي.

هو نه آيو، نه آيو جَهٽَ لڙِي،

ڪانءُ لنوندو، رهيو ديوار تي.

سانگ ٿا پوپٽن لئه، ٿي پون،

شل نه ڪو گل، ٽڙي ڪنهن ٽار تي.

بک وچان بت ننگا، سڏجن ملنگ،

ڇو نه حيرت، وٺي ڏاتار تي!

تئن امر ٿو پُڄي، جهٽ سونهن ڏي،

جئن ڀؤنر ٿا، پُڄن مهڪار تي.

 

غزل

مِلو مُرڪي، ڇڏيو ٺاري اسان کي!

برهه ٿو باهه ۾، ٻاري اسان کي.

هلون ٿا اوپرن وانگي، گسن تي،

نظر سان ئي، کيڪاري اسان کي.

لکايئه ٻانهن تي، نالو ته ڇا ٿيو!

ڇڏيئه پر دل تان، ميساري اسان کي.

ضرورت آ، ته حاضر هون خوشيءَ سان،

ڀلي ڪو ٻاٽ ۾، ٻاري اسان کي.

اسان هن دؤر جا، منصور، سرمد،

هلو سوريءَ تي، سينگاري اسان کي.

اسان سارا، سٻاجها، روز دنيا،

نوان نت ڏيک ڏيکاري اسان کي.

ڏنيون سين جيءَ ۾، جايون حاسدن کي،

ڪَکيو ڪهڙي هُيو، ڪاري اسان کي!

ٻُڏون ٿا پاڻ، نيڻن جي نديءَ ۾،

هتان ڪئن ناکئو، تاري اسان کي!؟

ڪڏهن جا پاڻ، مِٽجي ئي وڃون ها،

”امر“ هون، موت ڪئن ماري اسان کي.

گلبدن جاويد

غزل

 

دلبر ته آهي دل ۾، اعتبار ساڻ کڻجي،

ڇڏي سڀئي بهانا، اظهار ساڻ کڻجي.

 

قدم سندءِ جتي سُجهن، سو پار ساڻ کڻجي،

ها منٺار ساڻ کڻجي، دلدار ساڻ کڻجي.

 

ڪٺن آ راهه الفت، ڪهڪشان نه ڄاڻ ان کي،

رکي حوصلو پهاڙ ۽ سمنڊ سار ساڻ کڻجي.

 

اغيار ڀي ڪي ايندا، تڪرار ڀي ڪي ٿيندا،

انڪار هُن جي بدلي، اقرار ساڻ کڻجي.

 

حاضر ٿيندا زمانا، ايندو هلي جڏهن هو،

آجيان سندءِ ڪرڻ لئه، سنسار ساڻ کڻجي.

 

باغن جا گل سمورا، گلڙن جي ساري خوشبو،

تحفو ڏيڻ لاءِ هن کي، بهار ساڻ کڻجي.

 

صدقي ڪري جواني، ساري هي زندگاني،

بس يار ساڻ کڻجي، ها پيار ساڻ کڻجي.

 

”جانب“ جوان سومرو 

ڪافي

 

نشو نينهن وارو، نظارن ۾ ڪونهي،

ويو، قرب ڪوئي، قرارن ۾ ڪونهي.

 

گلابن جا گفتا، ويا باهه ٻاري،

اُهي ڇار شعلا، ڀلا ڪير ٺاري،

رهي ڪا بهاري، بهارن ۾ ڪونهي.

 

جلن ٿا پچن ٿا، نڪي ڪجهه ڪُڇن ٿا،

اَندرَ جو اندَر ۾، رڌل پيا رَجهن ٿا،

سنڀالڻ سنوارڻ، سهارن ۾ ڪونهي.

 

هتي دل ۾ آهن، رڳو درد دانهون،

خزا وئي اُجاڙي هي، راحت جون راهون،

مزو موج مستي، ملهارن ۾ ڪونهي.

 

آهي عشق اوکو، اهو ڪونه ڄاتم،

متل آهي من ۾، رڳو يار ماتم،

خوشي ڪابه سِڪَ جي، ستارن ۾ ڪونهي.

 

ڀڳا يار ڀيرا، ٿيا ڀاڳ ڀيلا،

مَتا ڪونه من ۾، محبت جا ميلا،

اَثر آهه جو ڪو، اُچارن ۾ ڪونهي.

 

جياپي جا ”جانب“، ڪيئي جوڙ ٽوڙي،

ڪيا قِيس ڪيڏا، هي ويريءَ وڇوڙي،

شبابي شرابي، خمارن ۾ ڪونهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com