سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2۽3/ 2017ع

باب:

صفحو:19 

عبدالحئي ڀٽو

 

 

 

اڄوڪي ڏات جا ڏيئا جلايون

(شاعر امير بخاريءَ جي شاعريءَ تي تبصرو)

اچو ڪي ڏات جا ڏيئا جلايون،

اچو انياءَ جي اوندهه ڀڄايون،

پکيڙي روشني آس ۽ امن جي،

سڄي عالم کي جنت گهر بڻايون.

(امير بخاري)

سنڌ جي ڌرتي وڏي مانائتي آهي، جيڪا هر پهر پنهنجي ڪُک مان اديبن، دانشورن محققن، شاعرن ۽ صحافين کي جنم ڏيندي رهي ٿي. انهن مان سيد امير علي شاهه بخاري عرف امير بخاري به هڪ آهي. جنهن ماٿيلو مومل جي ماڙي لڳ ٻيرڙي ۾ سيد جعفرعلي شاهه بخاري جي گهر ۾ 1- ڊسمبر 1941ع تي اک کولي.

امير بخاري شروعاتي تعليم سنڌ جي تاريخي گورنمينٽ پرائمري اسڪول ماٿيلو مومل جي ماڙي ۾ حاصل ڪئي، بعد ۾ هن فائينل سنڌي 1956ع ۾ فرسٽ، اديب سنڌي 1960ع ۾ فرسٽ، اديب عالم 1961ع ۾ سيڪنڊ، اديب فاضل سنڌي 1962ع ۾ فرسٽ، انٽر ڊرائنگ 1962ع ۾ فرسٽ، مئٽرڪ 1964ع ۾ فرسٽ، بي.اي 1970ع ۾ فرسٽ، اديب فاضل اردو 1972ع ۾ فرسٽ ۽ ايم.اي (سياست) 1973ع ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ ڪيائين.

امير بخاري 1960ع ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو. هن نظم جي شروعات چوٿين درجي سنڌي کان ڪئي، منڍ ۾ ڪافيون ۽ دوهيڙا چيائين، اڳتي هلي 1965ع ۾ جنگي ملي نغمن کان متاثر ٿي، سنڌي ۽ سرائيڪي ۾ نغما لکيا ۽ هن شاعري جي تقريباً سمورن صنفن ۾ طبع آزمائي ڪئي. نظم ۽ غزل سندس خاص سڃاڻپ بڻيا. امير بخاري نثر جي شروعات ڪهاڻين ۽ مزاحيه طنزيه ڪالمن سان 1960ع واري ڏهاڪي کان ڪئي. ٻولي جي سلاست، رواني ۽ بي ساخته سچائي امير بخاريءَ جي نثر جي خاص سڃاڻپ آهي.

سنڌي ادب جو امير، امير بخاري پنهنجي حياتيءَ ۾ تقريباً سمورن سنڌي اخبارن ۽ سنڌي رسالن ۾، مضمون، ڪهاڻيون، ڪالم ۽ شاعري لکي پاڻ ملهايو. انهيءَ سنڌي اخبارن ۽ رسالن سميت اردو اخبارن ۽ رسالن ۾ به گهڻو ڪجهه لکيو. امير بخاري جي ڇپيل ڪتابن ۾ خالد الله جي تلوار (ٻارن لاءِ)، طارق بن زياد (ٻارن لاءِ)، غازي صلاح الدين (ٻارن لاءِ)، اسان جو قائد اعظم (ٻارن لاءِ)، اشتراڪيت جو آئينو (ترجمو) ،سنڌ ۽ سنڌين جي ڀلائي جي واٽ (مضمون)، اک ڇنڀ جو ڦهلاءُ (ڪهاڻيون) شامل آهن. سندس اڻڇپيل ڪتاب، سچيون ڳالهيون (مضمون)، سنڌي سنڌ لاءِ جاکوڙ (مضمون)، استاد بخاري جي شاعري ۽ شخصيت (تنقيدي مطالعو)، آجون اڏامون (تجريدي شاعري)، دل دهڪو ڳوليان ٿو (شاعري)، جيئي جيئي سنڌڙي (انقلابي شاعري)، سنڌو ماٿر جي سڀيتا (تاريخ)، دلِ نادان ڪي باتين (اردو شاعري) ڪالم، ڪالم (اخباري ڪالمن جو مجموعو) سنڌي نعتن ۽ مولودن جو منظوم (اردو ترجمو)، سنڌي وائين ۽ ڪافين جو منظوم (اردو ترجمو) بخاريات (اردو مضمونن ۽ ڪالمن جو مجموعو) غلامي جا زنجير ڪڏهن ٽٽندا (انقلابي ليک) جيڪي ڏيهه ۾ ڏينهن گذاريم (آتم ڪٿا، انٽرويو، خط، تبصرا)، امير بخاري جا مضمون (علمي، ادبي ۽ تنقيدي مضمون)، سوچون سڪارتيون (جديد شاعرن جو مطالعو ان کان علاوه ٻيا ڪافي ڪتاب اٿس. پر! افسوس اميربخاري جي وڇوڙي کي سال گذري ويا آهن، پر هن وقت تائين سنڌ جي علمي، ادبي يا سرڪاري ادبي اداري امير بخاري جي اڻڇپيل ڪتابن مان هڪ به ڪتاب نه ڇپايو آهي ۽ اهي ڪتاب ڇپائيءَ ۾ پيل آهن.

هتي آءٌ سنڌ جي سرڪاري علمي، ادبي ادارن کي اپيل ڪريان ٿو ته امير بخاري جا اڻڇپيل ڪتاب ڇپايا وڃن. امير بخاري کي زندگيءَ ۾ گهوٽڪي جو بهترين صحافي اوارڊ، رهبر ڊائجسٽ طرفان ليکڪ اوارڊ، ٻالڪ ادبي فورم سنڌ پاران سنڌي ٻاراڻي ادب جي خدمتن عيوض اوارڊ سنڌي ساهت گهر حيدرآباد پاران ڪينجهر اوارڊ، استاد بخاري اڪيڊمي دادو پاران بهترين محقق اوارڊ مليا.

اميربخاري هڪ سچو پچو ۽ صاف سٿرو صوفي هجڻ سان گڏ دل جو صاف ماڻهو هو. هن پنهنجي حياتيءَ ۾ ڏاڍ ۽ انياءَ خلاف عملي جدوجهد ڪئي. هُو انسان دوست ۽ امن پسند شاعر هو. هُو سنڌي ٻولي ۽ ادب جو سونهن ۽ سينگار هو. هُن پنهنجي خوبصورت تخليقن ۽ تحريرن ذريعي سنڌي قوم جي راهنمائي ڪئي. اميربخاري سنڌي ٻولي کي زنده رکڻ لاءِ پاڻ گهڻو پتوڙيو ۽ هڪ هنڌ لکي ٿو ته:

ڀٽ ڌڻي، استاد بخاري، يار امير جي سنڌي ٻولي،

جيڪا اِهڙي آهي جهڙي پنهنجي امڙ جي لولي.

(امير بخاري)

امير بخاري پنهنجي زندگيءَ ۾ سنڌ جي تاريخي ماڳ ماٿيلو مومل جي ماڙي تي گهڻائي تحقيقي مضمون لکيا ۽ هن ماڳ کي بچائڻ لاءِ آواز اٿاريو ۽ مومل جي ماڙي بچايو ڪاميٽي جو بنياد رکيو. انهيءَ علائقي کان علاوه گهوٽڪيءَ جي ماڻهن ۾ علمي، ادبي، صحافتي ۽ سياسي ماحول جوڙيو ۽ هو صحافتي دنيا ۾ تمام گهڻو اڳتي هو. هُن هميشه ظلم خلاف مزاحمتي ڪالم ۽ مضمون لکي هڪ سچي صحافي هجڻ جو عملي ثبوت ڏنو. اميربخاري کي اڄ به ادبي لڏي جا ساٿي ياد ڪن ٿا. اميربخاري سنڌ جو بهادر، خودار ۽ روشن صحافي، اديب ۽ دانشور هو. هُن جي ادبي ۽ صحافتي خدمتن کي سنڌ ڪڏهن به وساري نه سگهندي. هن سڄي زندگي قوم کي ڏنو ئي ڏنو، پر قوم کان ڪجهه به نه ورتو.

حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته امير بخاري هڪ عظيم انسان، وطن دوست ۽ اٻوجهه ماروئڙن سان محبت ڪندڙ هو. هُو هن وقت به سنڌي ماڻهن سان گڏ علائقي جي ماڻهن جي دلين ۾ زنده آهي. امير بخاري اسان کان 25- جنوري 2007ع تي وڇوڙي ويو. پر هن وقت به اميربخاريءَ کي ساٿي ۽ شاگرد بيحد پيار سان ياد ڪن ٿا:

هيءَ پاڻ کي پُختي پَڪ آهي،

هر حال ۾ فاتح ٿينداسين.

(اميربخاري)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org