سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2/ 1955ع

مضمون

صفحو :13

ٺٽي ۾ اڄ تائين شاهه مسڪين جو وڏي ڌوم ڌام سان عرس ٿئي ٿو. سوين ماڻهو روزانو زيارت ڪندا رهن ٿا. خانقاهه جي مرمت هرسال ٿيندي رهي ٿي. ٽالپرن جي عهد ۾ هڪ اهل خير بزرگ، ملا غلام احمد ولد ملا عبدالڪريم، 1228هه ۾، درگاهه جي مرمت ڪرائي هئي، جنهن تي مير مائل هيٺيان قطعه تصنيف ڪيا.

(1) باجاهه حق چون اين زمان يمن شهه مسکين نواز،
بگرفت باز اين مقبره زين نو بنا رشد گزين،
از خير آنکس کو بجان صادق غلام احمد است،
چون باب خود عبدالکريم در زمره ارباب دين،
سال بنايش صبحدم گفته چنين روح القدس،
”بر بانيء اين مقبره باجاه حق صد آفرين.“

1228 هه ص 100

مٿين قطعن مان معلوم ٿئي ٿو ته سڀ کان پهريون خانقاه ۽ مقبرو ملا غلام احمد ٺهرايو، جنهن کي اڄ تائين هر سال ٺٽي جا اهل خير مرمت ڪرائيندا اچن ٿا.

علي آباد جو قلعو: ٽالپرن، سنڌ جي دفاع لاءِ راجپوتانا ۽ ڪوهستان طرف ڪيئي مستحڪم ۽ مضبوط قلعا پنهنجي دور ۾ ٺهرايا. رني ڪوٽ جو قلعو، ڪوهستان ۾ ٺهرايائون. تاڪ قلات جي حملن کي اتي روڪي سگهجي، ۽ اهڙيءَ طرح ريگستان جي وسيع سرحد ۾ 8-9 قلعا تيار ڪرايائون، تاڪ راجپوتن جي پيش دستن کي سندن سرحد تي ئي ٻنجو ڏئي سگهجي. چند قلعا اڃا ڪن جاين تي موجود آهن، جن جي طرز تعمير ۽ پختگي ڏسي ٽالپرن جي دفائي اهتمام ۽ مضبوطيءَ جو داد ڏيڻو پوي ٿو.

(1) نئون ڪوٽ، جنهن جو اصل نالو فتح ڳڙهه هو، سو مير فتح علي خان، 1204هه ۾ ٺهرايو، جيڪو اڃان تائين موجود آهي. جهڏي لائين تي، نبي سر ڏانهن ويندي، واٽ تي نئين ڪوٽ جي اسٽيشن اچي ٿي، جتان لهي نئين ڪوٽ جي ڳوٺ ۾ وڃجي ٿو، قلعو موجود آهي، ۽ ڳوٺ به چڱو موچارو آهي.

(2) اسلام ڪوٽ يا اسلام ڳڙهه به ساڳئي سال 1204هه ۾، مير فتح علي خان فتح ڳڙهه کان چاليهه ڪوهه پري اتر طرف ٺهرايو، اهو به اڄ تائين موجود آهي، ۽ ڳوٺ، ٿر ۾، وڏو واپاري مرڪز آهي.

مير حسن علي خان مصنف ”شاهنامهء سنڌ“ انهن ٻنهي قلعن لاءِ لکي ٿو.

انهيءَ طرح دو قلعئه شاهوار،
بنا ڪيئن به سرحد يڪ يڪ حصار،
نئون ڪوٽ هن وقت جنهنکي چون،
اهو فتح ڳڙهه قلعو ٿيو بي سخن،
ٻيو اسلام ڳڙهه مير جو يادگار،
جڙيا ٿر ۾ هي ڪوٽ ٻئي استوار.

ص 75

(3) رني ڪوٽ، مير ڪرم علي خان جي دور ۾، نواب ولي محمد خان لغاريءَ جي نگهداريءَ هيٺ، 1812ع ڌاري، تيار ٿيو. اهو قلعو، سن جي شهر کان اتر تي 8-10 ڪوهه پري ٿيندو، مٿي پهاڙ تي آهي، رنيءَ جي نئين به منجهانس ٿي لنگهي، تعمير جي قابليت حيرت انگيز حد تائين ڏيکاري وئي آهي. مير حسن علي خان انهيءَ ڪوٽ جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته:

رنيءَ جو ٻُڌو ڪوٽ هوندو اوهان،
هي ان جي عمارت جو شرح و بيان،
عجب جهڙو ڪوٽ آه در ڪوهسار،
بزرگن کان منهنجي رهيو يادگار،
ائين سنگتراشن تراشيا پهڻ،
تراشيو ٿي جيئن بي ستون ڪوهه ڪن،
سراسر بنا ٿيو ز سنگ رخا،
ٿي ڪوهن ۾ ديوار ان جي بپا،
بنا هن تي ان ڪوٽ جي استوار،
بپا ڪيا سوين برج استاد ڪار،
انهيءَ ڪوٽ جي وچ ۾ محڪم مڪان،
بنا ڪيئون رکيئون شير ڳڙهه ان جو نانءُ،
جڙي ٻي به ان طرح محڪم سرا،
چون جنهن کي ميري ٿا از ابتدا،
عجب تر ته ان ڪوٽ جي درميان،
وهي نئين ٿي ان ۾ به آب روان،
قلعي کان ٻهر نئين جي اندر ميان،
نه ڏسندين تون پاڻيءَ جو نام و نشان،
فقط ڪوٽ جي وچ ۾ ڏسندين تون آب،
درن کان پوءِ ٻاهر سراسر سراب،
تري ۾ پوءِ ان نئين جي بهر گذر،
اُلهندي اڀرندي بيهاريئون ٻه در،
سوين لوهه جا مڻ مٿس صرف ٿيا،
مگر زور پاڻيءَ جي موڙي ڇڏيا،
چيئون ستره لکه سترهه سؤ ٿيا هزار،
ٿيا خرچ ٿيو راس تڏهن حصار،
در آهني ڪين ٿيا ڪارگر،
رهڻ ات تڏهن ٿيو به دشوار تر،
اچيو ڪوٽ ڀي ڪم وڃي گاه گاه،
نه ڄاڻو قلعه محض بيڪار آه.

ص 92

رنيءَ جو ڪوٽ واقعي ميرن جي تعميري ڪاوشن ۽ قابل تعريف يادگار آهي. رنيءَ جي نئين کي جنهن نموني تي قلعي ۾ اندر بند ڪيو ويو آهي، سو پڻ ڪاريگريءَ جو تعجب انگيز مثال آهي. نئين جو قلعي کان ٻاهر ڪوبه رخ نظر ڪونه ٿو اچي، جنهن مان دشمن فائدو وٺي سگهي.

اهڙيءَ طرح ڪوهستان خواه راجپوتانا جي سرحدن تي ميرن ڪيئي قلعا جوڙايا، ٿر جي سرحد وارن قلعن جي مضبوط قطار، راجپوتن کي سيخ پاڪيو، گهڻوئي اعتراض ڪيائون، ليڪن ميرن ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري پنهنجو دفاعي بندوبست سمورو پورو ڪري ڇڏيو، جنهن بعد جوڌپور ۽ بيڪانير طرفان هرقسم جي حملي جو خطرو هميشه لاءِ دور ٿي ويو.

ميرن جي انهن چند قلعن جا نالا تاريخ ۾ ملن ٿا، پر ڪن ڪوٽن جا نالائي تاريخ جي صفحن تان مفقود آهن، جيئن ته قلعي علي آباد جو نالو تاريخ ۾ موجود ڪونه آهي. اهو قلعو مير ڪرم علي خان ٺهرايو. قلعو ڪٿي ٺهيو، انجو پتو ڪونه آهي، التبه مير مائل جي بياض مان تعمير جي تاريخ جا قطعا ملن ٿا.

(1)

صد شکر حق که يمن نبي و علي و آل،

کز يمن شان شهان زمان اند نامدار،

شاهه زمانا کرم علي شه مراد بخش،

فرمان رواي سند بصد عز و اقتدار،
 

روشن چو مهر و ماه ز انوار خسروي،

والا نسب خجسته حسب عالي اعتبار،

يکدل به بزم و رزم بهم همچو جسم و جان،

از يک دلي بشاهد عيش و ظفر دو چار،
 

کر دند طرح بر سر کوهي فلک شکوه،

با صد شکوه تازه فصل جهان مدار،

گردون بنا وسيع فضا ما من الوريٰ،

خيبر نما ............ در صف شمار،
 

از بسکه در عمارت سنگين نموده اند،

سنگين بکوه آمده بر سنگ اين حصار،

از بسکه اين حصار فلک رفعت آمده،

بگرفته از حصار فلک تازه افتخار،
 

فکر رسا برفعت شانش نمي رسد،

گر حرف وصف او بکند جمله روزگار،

تا سرفراز جمله حصار جهان شده،

سر کوبيء عدوي شهان کرده اختيار،
 

عالي حصار آنکه بهر برج باره اش،

ميبارد از حصار فلک دخل کرد نار،

هر شير همچو روبه گريزان شود ز وي،

گيرد ببرج سير گرش کر گس قرار،
 

بهرِ صفات محکميش کي توان نمود،

باشد به روم و روس کجا هم چنين حصار،

عون علي چو ساخته آباد از کرم،

بگرفته طرفه با ”علي آباد“ اشتهار،
 

من جاءِ فيہ کان لہ.................،

فقش است روي باب بلندش بصد نگار،

هوش و خرد بطول صفايش چو ماند گم،

ديده دلم بسال بنايش در انتظار،
 

سال شروع اين علي آباد نام حصن،

بهر نشان نامِ شهان نکو شعار،

فرمود بامراد چنين صبحدم خرد،
 

”کرد از کرم علي آباد اين حصار“،

تا برقرار باد حصار فلک مدام،

باد اين حصار و شاهه شهان دائم القرار!

ص 78

اهو قلعو ڪنهن پهاڙ تي ٺهرايو ويو هو. تمام ڪشادو ۽ مضبوط هو. شان شڪوه ۾ به بي مثل هو. سڄو پٿر جو ٺهيل هو، ۽ ايڏو محفوظ ۽ مضبوط هو، جو ڇڙو ڳجهه قلعه جي مٿان ويهي رهي، ته شينهن به لومڙ وانگر دم دٻائي ڀڄي وڃي. مير مائل، مبالغي جي حد ڪري ڇڏي آهي، جڏهن لکي ٿو ته انهيءَ قلعي جو مثال روم ۽ روس ۾ به ڪونه هوندو!

(2)

خوش به رشد کرم زعون علي،
بمراد شه اين گزين حصن است،
نامور زين شهان نيکو نام،
علي آباد نام اين حصن است،
بسکه برکوه آسمان فرسا ست،
در نظر آسمان زمين حصن است،
آسمان رفعت و زمين وسعت،
کي بروي زمين چنين حصن است،
با کمال متانت و رفعت،
حبذا آسمان قرين حصن است،
بسکه آباديش ز حفظ علي ست،
همچو حصن حصين همين حصن است،
تا سر فتنه از سرش ببرد،
طرفه سر کوب خصم اين حصن است،
بهر فتح المبين دين متين،
همچوياسين به سي مبين حصن است،
گفت سال از ستيش هاتف،
”علي آباد بهه متين حصن است“،
حق کند عافيت قرين شهان،
الحق اين عافيت قرين حصن است،
ورد ”مائل“ بحق دعاي شهان،
هردم الحق بوصف اين حصن است،
اصل آهن چوسنگ مي باشد،
طرفه از سنگ آهني حصن است.

ص 79

شاهه مبين:

مير مائل هڪ قطعو لکيو آهي، جيڪو ٺٽي جي مشهور ولي الله، حضرت شاهه مبين رحمت الله عليه، جي سلسلي ۾ آهي. حضرت شاهه مبين جنهن کي شاهه منبو به سڏيو وڃي ٿو، سو حضرت غوث الثقلين جي اولاد مان هو، ۽ شاهه حسين ارغون جي ڏينهن ۾ 927هه سيد شڪرالله شيرازيءَ سان گڏجي ٺٽي ۾ آيو. سيد ڪمال شيرازي ۽ شاهه عبدالله حسيني به انهيءَ سنگت ساڻ هتي آيا. قاضي سيد شڪرالله ۽ شاهه صاحب جي وچ ۾، تحفته الڪرام جي لکڻ مطابق، ڏاڍو گهرو مٺ محبت جو رستو هو (245/3 مير علي شير لکي ٿو ته:

”حصور و مجرد در گذشت، کراماتش اظهر و خوارق آياتش
اشهر، زيارتش بر آرندهء حاجات عموم خلق الله.“

ص 245/3

هيءُ بزرگ، ٺٽي ۾ پنهنجي هڪ مريد جي گهر ۾ اچي رهيو. جڏهن انتقال ڪيائين ته سندس لاش انهيءَ گهر ۾ ئي دفن ڪيو ويو. جنهن مريد وٽ رهيو، اهو ۽ ان جي والده به سندس پيرانديءَ کان دفن ٿيل آهن گويا جتي هاڻي مقبرو آهي، دراصل اهو گهر آهي جنهن ۾ بزرگ قيام پذير ٿيو. اهو گهر (يعني، اهو مقبرو) گدا بازار ۾ هو، انهيءَ محلي کي ئي محله گدا بازار سڏيو ويندو هو. اڄ اهو پير منبي جو محلو ڪري سڏجي ٿو. تحفته الطاهرين جي مصنف هنن القابن سان دوريش کي ياد ڪيو آهي.

زبدهء عارفان کامل، سلاله واصلات اهل دل، مخزن هدايت،
معدن ولايت، شاهباز اوج جبروت، محرم خلوت سراي
لاهوت، نخلبند گلستان توحيد، رنگ بخش بوستان تفريد،
شارب رحيق تحقيق، سالک مسالک توفيق،
قدوة الموحدان وارسته، حضرت سيد منبه.....“
 

اڳتي هلي لکي ٿو ته:

”گم گشتگان تبه حالات را بشهرستان هدايت رهبري مي فرمود،
وسر گشتگان ظلمت جهالت را بشغل معرفت راه مي نمود،
مقامات عاليش ازان بلند تر است، که طائر کلک بر اوج،
بيانش پرواز نمايد و مرغ بيام بر فراز اوصافش بال پرواز کشايد.“

سندس مزار جي زيارت لاءِ لکي ٿو.

”مزار فيض آثارش مهبط انوار الاهي، و مرقد پر انوارش محل تجليات لا متنهائي است، سائلان در گاهيش را هردم گل اميد بد امان، و آب مراد در زير ران.“

سيد شڪر الله، اسان جي شاعر غلام علي مائل جو وڏو ڏاڏو هو، ۽ سيد مبين ان جو ساٿي سنگتي ۽ محبتي هو، تنهن ڪري مير صاحب پنهنجي هيٺئين قطعي ۾ انتهائي معتقدانه جذبات پيش ڪيا آهن، اهو قطعو زيارت ڪندي ڪندي، شاعر، مزار پرانوار جي ضيا بارين ۽ تجليات کان متاثر ٿي لکيو آهي، فرمائي ٿو.

بدر گاهت اي شاه سيد مبين،
مرا از قديم است چو راهي نياز،
ازين راه و رسم نياز قديم،
که دارم بدرگاهت از فرط ناز،
به تقديم عجز و نياز دلم،
به رويم بفرما در فيض باز،
که سازم بدر گاه فيض تو عرض،
ز عجز و نياز دلي جمله راز،
 

بس اين عرض عجزاست ز ”مائل“ بحق،
ببين عجزم اي شاهه عاجز نواز.

ص 119

قطعي ۾ تخاطب ائين ڪيو اٿائين، ڄڻ پاڻ شاهه ميبن جي دربار ۾ حاضر آهي، ۽ سندس روبرو پنهنجا معروضات پيش ڪري رهيو آهي.

3. سنڌ جا سياسي ۽ سماجي واقعا:

مير مائل جي بياض ۾، انهيءَ زماني جي سياسي ۽ سماجي واقعن تي پڻ ڪيترا قطعا ملن ٿا، جن کي سنڌ جي تاريخ ۾ هر لحاظ سان اهميت حاصل آهي. هن هيٺ ترتيب وار اُهي قطعا پيش ڪجن ٿا.

زمان شاهه افغان:

نادر شاهه جي ڪاهه کان پوءِ سنڌ جي دامن دهليءَ کان ڇٽي، ليڪن وري وڃي افغانن سان اٽڪي، نادرشاهه جي قتل بعد، افغانستان ۾ درانين جي حڪومت قائم ٿي. سنڌ، حسب دستور، ڪلهوڙن واري رسم رواج کي ٽالپري عهد ۾ به قائم رکندي آئي. احمد شاهه ابداليءَ بعد، تيمور شاهه تخت تي ويٺو. ان جي زماني ۾، سنڌ سان سندس نئون عهدنامو ٿيو، اهو عهدنامو 1207هه (1792ع) شڪارپور ۾ ٿيو، ۽ سنڌ جي حڪومت جو پروانو، هڪ جوهردار تلوار ۽ هڪ هاٿيءَ سميت، مير فتح علي خان تي عنايت ٿيو، جنهن جي قيمت ۾ 24 لک روپيا سنڌ بقايا ۾ ڏيڻ قبول ڪيا. تيمور شاهه کان پوءِ زمان شاهه تخت تي ويٺو، ليڪن سخت ظالم ۽ خونخوار هو، جنهن ڪري افغانن ان کي لاهي، ان جي ڀاءُ شجاع الملڪ کي تخت تي وهاريو. زمان شاهه تخت تي وهندي شرط ڍل جي وصوليءَ لاءِ سنڌ تي ڪاهه ڪئي، ليڪن پٺِان جي انتشار سبب کيس واٽ تان ئي موٽڻو پيو. مير مائل انهيءَ خوشيءَ ۾ هڪ قطعو چيو آهي.

چگويم ز تشريف شه سوئي سند،
که در شور تشريف يکماه رفت،
ولي باز آمد بخير اين خبر،
که واپس ز ره شاهه جمجاه رفت،
مگر بهر پيش آمدِ فوج شاهه،
ز دلهائي ما لشکر آه رفت،
ببين حکم شاهنشه عالمين،
که حکمش چسان بر سر شاهه رفت!
بوجه طرب سال اين خوش خبر،
بفر مود هاتف ”شه از راه رفت“.

1208 هه

ڀانئجي ٿو ته عهدنامي موجب، جيڪا ڍل سنڌ جي حڪومت کي ڏيڻي هئي، سا پهچي ڪانه سگهي، جنهن ڪري ز مان شاهه چڙهائي ڪئي هئي.

1218هه ( 1803ع) ۾ شاهه شجاع الملڪ سان وري عهدنامو ٿيو، جنهن مطابق 10 لک روپيا روڪ هن بقايا ۾ وصول ڪيا، ۽ 5 لک سالياني جو واعدو ٿيو. اهو عهد نامو مير غلام علي خان سان ٿيو. شجاع الملڪ جي حالت به گهرو لڙائيءَ سبب ڪمزور ٿي وئي، جنهن ڪري 1240 هه (1824ع) ۾ آخري طرح سنڌ پنهنجي جند هميشه لاءِ ڇڏائي ڇڏي، ۽ نه فقط ايترو بلڪ شڪارپور جو صوبو جيڪو هميشه کان وٺي افغانستان جو هڪ حصو ٿي ويو هو، سو به اتان آزاد ڪرائي، سنڌ سان شامل ڪيو ويو.

مير مائل زمان جي موٽڻ تي ٻيو به قطعو تصنيف ڪيو.

شاها بتو اين مزده نوباد مبارڪ،
واز بهر شهان فتح خداداد مبارڪ،
زين مزده که رفت شاهه واپس از سند،
شاهنشه دين با تو فرستاد مبارڪ!

ص 88

ايران سان تعلقات: سنڌ جي ٽالپري حڪومت جا ايراني حڪومت سان دوستانه تعلقات تمام استوار هئا. سفير وڪيلن جي به ڏي وٺ ٿيندي رهندي هئي. سوکڙيون پاکڙيون به هڪ ٻئي ڏانهن اينديون وينديون هيون. غالباً انهن تعلقاتن جو اهو نتيجو نڪتو جو ايراني تمدن سنڌ جي درٻار تي ڇانئجي ويو، جنهن ٽالپرن جي مذهبي اعتقاد تي به اثر ڪيو، ۽ منجهان ڪي شيعت ڏانهن مائل ٿي ويا. منشي آوتراءِ پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جا مير“ ۾ لکي ٿو ته ”ٽالپر ڏاڏي پوٽي مڙئي مذهب جا سني هئا، مير نصير خان کان سواءِ، جو شيعو هو ۽ تابوت جهنڊا وغيره ڪڍندو هو“ (41). اها ساڳي راءِ ڊاڪٽر برنس به لکي آهي.

"The Talpurs were originally soonnees like balochees and sindhians in general. But their connection with Persia has infected the court with the heresies of that kingdom, and with the exception of Muradali & Sobdar, who are still attached to the orthodox doctrines, they have become sheah's or followers of Ali". P.81

مٿيئن شهادت مان به معلوم ٿئي ٿو ته ٽالپر ابي ڏاڏي ته شيعا ڪونه هئا، ليڪن ايراني دربار سان دوستانه وابستگيءَ سبب منجهن اهو اثر آيو، مگر تنهن هوندي به منجهانئن ڪي حڪمران پنهنجي اصلوڪي عقيدي تي قائم رهيا.

ٽالپرن، ايران ڏانهن سفيرن موڪلڻ جو سلسلو غالباً سڀ کان پهريون 1214هه ۾ شروع ڪيو. ان وقت ايران جو بادشاهه فتح علي شاهه قاچار هو. ميرن، مرزا محمد عليءَ نالي هڪ وڪيل ايران موڪليو، جيڪو واپسيءَ ۾ مرزا اسماعيل نالي ايراني سفير ورتيون آيو. انهيءَ کان پوءِ اها آمد رفت برابر قائم رهي. مير ڪرم علي خان جي زماني ۾ ملا محمد اسماعيل سفارت وٺي ويو هو، جيڪو واپسيءَ ۾ پاڻ سان گڏ خسرو خان گرجي خريد ڪيون ورتيون آيو، جيڪو اڳتي هلي سنڌ جو وزير ۽ امير ٿيو.

پهرئين سفير مرزا محمد عليءَ جي واپسيءَ ۽ ايراني سفير مرزا احمد اسماعيل جي آمد تي اسان جي شاعر، مير مائل، هيٺيان قطعا تصنيف ڪيا.

قطعه در مبارک باد آمدن ميرزا محمد علي وڪيل از ايران، بمعه وڪيل سلطان فتح علي خان قاچار.

بنازم کز ايران دگر در وطن،
محمد علي ميرزا آمده،
ز سلطان ايران گرفته وڪيل،
باقبال شاهان ما آمده،
خوش آمد که خوشنودي طبع من،
زبشنيدن اين صدا آمده،
دل من بشکرانهء اين نويد،
بشارت دهه مرحبا آمده،
بحمد الله کاين مسلم پاک دين،
سلامت بفضل خدا آمده،
فبلغ دعائي اليٰ من لہ،
نويد حصول رجا آمده،
فبلغ تساليم شوقي اليہ،
پيامم به پيکِ صبا آمده،
ببزم شهان با روي سرخرو،
ز ”مائل“ بحق اين دعا آمده.

ص 168

قطعه مبارک باد تاريخ تشريف آوري ميرزا محمد اسماعيل وڪيل سلطان ايران در سند.

مزده اي دل کاين زمان از حضرت خاقان و شاهه،
مزده تشريف مرزاي بما خوش آمده،
 

ميرزايم سيد اسماعيل ذوالمجد و شرف،
بارک الله خير مقدم مرحبا خوش آمده،
 

خوش ز سوي شاهه ايران جانب شاهان سند،
از صداقت آن وڪيلِ با صفا خوش آمده،
 

در قدومِ پر نشاط آن نشاط افزائي دل،
گفت از شادي دلم صبح و مسا خوش آمده،
 

از صداقت شاد دل آمد ز ايران چون بسند،
شاديءَ دوران بکام اصدقا خوش آمده،
 

سال تشريف شريفش زان مکان در ملک سند،
چون ز دل جستم بگفتا ”ميرزا خوش آمده“.

   1214هه

باد دائم فضل حق بر مدعائش کام بخش،
از دل ”مايل“ بحق عرضِ دعا خوش آمده.

ص 118

ميرن جو وڪيل، مرزا محمد علي، خود ايراني نسل جو معلوم ٿئي ٿو. ايران سان تعلقات ڪلهوڙن جا به هئا، ليڪن تمدن جا اثرات هنن قبول نه ڪيا، ۽ پڇاڙيءَ تائين نيٺ سنڌي رهيا. نادر شاهه جي ڪاهه کان پوءِ ايرانين جي آمدرفت جو سلسلو دوباره تازو ٿيو هو، نادر شاهه جا ڪيترا وڪيل وصوليءَ لاءِ هتي آيا، جن مان آقا محمد ڪريم صفاهاني به هڪ هو، جيڪو وڪالت ڇڏي سنڌ ۾ رهي پيو. ڪلهوڙن جا به وڪيل ايران ويندا هئا. مير ابراهيم شاهه، ڪلهوڙن جي دور جو سنڌي سفير هو، جيڪو حڪومت طرفان ڪيئي دفعا ايران ۽ خراسان ويو. انهيءَ آمدو رفت جي سلسلي ۾ مرزا محمد عليءَ جو خاندان به هتي آيل ٿو ڏسجي، ۽ ٽالپري دور ۾ هو سنڌ مان پهريون وڪيل ٿي ايران ويو، ۽ ٻنهي حڪومتن جي نئين سر دوستي قائم ڪرايائين.

عمر ڪوٽ جي فتح: عمر ڪوٽ، ڪلهوڙن جي حڪومت ۾ شامل هو. ميان عبدالنبيءَ جي چوڻ تي، جڏهن جوڌپور جي راجا پنهنجا ٻه ماڻهو موڪلي مير بجار خان کي 1194هه (1781ع) ۾ شهيد ڪرايو، تڏهن ميان انهيءَ معاوضي ۾ بطور شڪراني جي، عمرڪوٽ جو شهر ۽ آس پاس جو علائقو راجا کي ڏئي ڇڏيو.

هالاڻيءَ واريءَ جنگ جو نتيجو جڏهن جوڌپور جي راجا کي معلوم ٿيو، ان وقت هن عمر ڪوٽ تي مڪمل طرح پنهنجي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ راجپوتن جو چونڊ لشڪر قلعي جي حفاظت لاءِ موڪليو. مير فتح علي خان کي جڏهن اها خبر پئي، تڏهن جيتوڻيڪ هالاڻيءَ واريءَ جنگ کان پوءِ سندس لشڪر ٽڙي پکڙي ويو هو، تاهم ڪجهه سپاهي گڏ ڪري، هن مير سهراب خان جي ننڍي ڀاءُ مير غلام محمد خان جي ڪمان هيٺ ڏياري موڪليا. مير صاحب جوانمرديءَ سان وڃي مقابلو ڪيو، پر جنگ ۾ ٽالپري لشڪر کي شڪست آئي ۽ مير غلام محمد پاڻ به شهيد ٿي ويو. مير فتح علي خان اها خبر ٻڌي، پاڻ لشڪر سميت اوڏانهن روانو ٿيو. ليڪن جيسين پهچي پهچي، ان کان اڳ راجپوت قلعو خالي ڪري هليا ويا، جنهن ڪري مير صاحب موٽي آيو. اهو واقعو تقريباً 1201هه يا 1202هه ۾ ٿيو، پر ان کان پوءِ به ڀانئجي ٿو ته راجپوتن جو قبضو عمر ڪوٽ تي رهندو آيو.

ڪرم علي خان جي زماني ۾، مير سهراب خان، مير صاحب کي عمرڪوٽ تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ اڀاريو. مير سهراب خان کي راجپوتن ڏانهن پنهنجي ڀاءُ جو وير رهيل هو، سو سالن کان وٺي تمنا هيس ته عمر ڪوٽ فتح ڪري، راجپوتن کان اهو وير وٺجي. نيٺ مير ڪرم علي خان پنهنجو لشڪر تيار ڪيو، هوڏانهن مير سهراب خان به تياري ڪئي. اهي خبرون جوڌ پور جي راجا کي به پيون. انهيءَ زماني ۾ ٽونڪ جو نواب، امير خان روهيلو، راجپوتن جو وڏو مددگار هو، راجا ان کان مدد طلب ڪئي. مير ڪرم علي خان کي جڏهن خبر پئي، تڏهن هن ڏانهس فارسي نظم ۾ هڪ دردناڪ خط لکيو. مير حسن علي، سنڌ جي شاهنامي ۾ لکي ٿو.

انهيءَ وقت روهيلو هو مير خان،
مدد تي ٿيو راضي ۽ همداستان،
ٻڌي مير صاحب به ايها خبر،
ته ڪئي مير خان شرتي محڪم ڪمر،
لکيو ان ڏي خط هڪڙو با آب و تاب،
ته ”بيدار ٿي، ناهي هي وقت خواب،
مسلمان آهين بدين نبي،
مسلمان تي ڪينءَ ٿو ٿئين اجنبي،
خدا کي تون ڏس، ڪهڙو ڏيندين جواب،
جتي ڏيڻو آهي حساب و ڪتاب،
بکفار دين گشتئه همرڪاب،
رسولِ خدا را چه گوئي حساب!“

ص 91

مير صاحب قادر الڪلام فارسي شاعر هو. چوندا آهن. ”از دل خيزد بر دل ريزد“ جڏهن خط وڃي امير خان کي مليو، ان وقت امير خان جون اکيون کلي ويون. هونءَ به مرد مجاهد ۽ پڪو مسلمان هو، تنهن راجا ڏي جواب ڏياري موڪليو.

هيڏانهن ٻنهي ميرن پنهنجا پنهنجا لشڪر تيار ڪيا، مير حسن علي خان لکي ٿو.

ٿيو حڪم لشڪر جي جمع آوري،
وڃي راجپوتن تي ڪن داوري،
ولي محمد جو هو نامور،
ٻيو طاهر جو هو جنگجوشيرنر،
روانا پوءِ في الفور ٿيا باسپاهه،
عمر ڪوٽ جي ڏس ورتائون راه

ص 91.

مير مائل جي بياض ۾ انهيءَ جنگ تي هڪ تاريخي فتح نامو آهي، جيڪو اڳتي هلي پيش ڪنداسين، ليڪن ان کان زياده اهم ٻيو منجهس تاريخي دستاويز آهي، جيڪو معلوم ٿئي ٿو ته مير ڪرم علي خان جو يا مير مراد علي خان جو لکيل آهي، ۽ جنگ جي سموري روئداد ان ۾ ڏنل آهي. انهيءَ نثري دستاويز جا اهم حصا هي آهن.

(1) عمر ڪوٽ جي فتح لاءِ جيڪو لشڪر عمرڪوٽ روانو ٿيو، ان جا سرڪردا هي هئا.

برادران مهربان: ميان ڄام خان، ميان ولهيو خان، ميان غلام علي خان، ميان ڪرم خان، ۽ اخوت پناهان ميان ولي محمد لغاري، موسيٰ کٽياڻ، بهار خان کوکر، دريا خان نظاماڻي، فضل محمد ٽالپر، سيادت و شرافت پناهه: مير علي اڪبر،

فدوي شعاران: طاهر ۽ ڇٽو خدمتگار، ۽ الهه بخش خدمتگار، برادرم مهربان مير ٺاري خان جي طرفان، ۽ سيادت و شرافت پناه، سيد گولو شاهه، عمويم صاحب مهربان مير سهراب خان جي طرفان.

مٿين القابن مان معلوم پيو ٿئي ته اها روئداد ضرور ڪنهن حڪمران ٽالپر جي لکيل آهي، ازانسواءِ هي فقرو پڻ ان ۾ اتي لکيل آهي، جيڪو به ان ڳالهه جي تصديق ڪري ٿو. ”برائي تسخير قلع مذڪور و قلع قمع پتخانهء هستيء ڪفارفجار تعين و تزئين نموديم.“

(2) اهو قلعو ٽيهه ورهيه راجپوتن جي حوالي هو.

(3) عمر ڪوٽ جي علائقي ۾، ان وقت سخت ڏڪار هو، گاهه جو هڪ ڪک ۽ ان جو هڪ داڻو به مهيا ڪونه ٿي ٿيو.

”در آن مرزبوم آشيانهء بوم، از ممر خشک سالي قحط غله نوعي رخنما بود که يکدانه غله پيدا نمي شد، و قلت گياه بحدي هويدا بودکه خلالي بدست کسي نمي رسيد“.

(4) ٽالپري لشڪر، هيٺيئن طرح پنهنجا بندوبست ڪيا.

”غازيان ظفر نشان خيام گلوگون و سراوقات رنگا رنگ ”برافراشته“ آن زمين را چون چمن چمن رنگين و مانند فضائي گلشن ”طراوت آگين“ ساختند، و هزاران شتران گياه از مسافت صدهاي کروه آورده، ”تودهاي“ کوه نما مهيا ساخته، هزاران خروار از اجناس غلات فراهم آورده انبارها کردهه، واسطئه آسائش آدميان و دواب نمودند.“

(5) جنگ جو نقشو انهي دستاويز ۾ هن طرح ڏنو ويو آهي.

”گولهاي توب و تفنگ قلعه گيان را مانند قطرات باران رحمت انگاشته پيشتر رفته، سلامت کوچه هاي کنديده، بعضي بمفاصلهء بيست قدم و برخي بمفاصلهء پانزده قدم، و بندي به مسافتها قدم قلعه را از هر چهار طرف چون نقطئه پرکار در دائرهء محاصره سخت گرفته، دمدمه هاي قائم نموده، بکطرف جزنا(؟) ضرب توبخانه و خم پارها مانند لوارق (؟) آسماني بر روي زمين درخشيدن و دود شان بسان ابر بر روي فلک پوشيدن و گوله هاي مانند.... بالاي قلعه باريدن، و صداي اتواب زهره اعداي را دريدن گرفت. و از يکطرف تبرزنان گزين کار، که در تراشيدن کوه چون فرهاد را ديوانه و مجنون مي دانند، بکار گنج کا (؟) و نواقب متعين کردند، نقب زنان کوه کن مانند غواصي بحار در زمين غوطه زدند، و يک نقب را از زير خندق قلعه را بقدر بيست دست عمق داشت، رسانيدند، از ضرب تيشئه آنها آوازي از گاؤ زمين برخواست، وبگوش کفاران گابر پرست رسيد، کفار فجار از آنجا بکندگي خندق روي نقب مذکور را ضياع کردند، غافل از اينکه باز اجل از سوراخ ديگر برسر، و برق بلا از آسمان بر خرمن حيات شان مي اوتد، در جنگ توب و تفنگ پيش از پيش چستي و چالاکي بکار بردند، سرکردگان لشڪر ظفر پيکر، بنابر... جلوبر قلعه دم بدم معروض(؟) مي داشتند، از حضور ممانعت صادري شد، که بر قلعه جلو نکنند، مبادا... ضايع بشود. از آن قرار غازيان پيل تن و بهاد ران کوه افگن، در ضرب و شلف توبخانه دران نقب هاي چنان کوششان دليرانه بکار بردند، که ديوار قلعه بقدر بيست دست بر زمين افتاد و سو نه مله (؟) گوله انداز، که سرحلقه مُفسدان بود، بر خاک عدم غلطيد، بطرفي ديگر بعضي نقب زنان تيز دستي بکار برده يک نقب به اهتمام اخوت پناهان موسيٰ کهتيان، وبهادر خان کهوکهر، و دريا خان نظاماني، وفدويت شعاران طاهر و چُهته خدمتگاران از پشت کهائي به عمق پنج دام کنديده از خندق غرب کهائي دهانيده، در برج قلعه فرو برده، در آنجا فوج عظيم ترتيب داده پنجاه خروار باروت ريخته آتش داد، خشت خشت برج قلعه را چون کاغذ باري برهوا پرانيدند، چند کس کفار فجار درهمان برج بگور هلاڪت تدفين يافتند، در اين اثنا دلاوران تفنگ بردار، داد مردانگي داده جلو ريز شده، بر کنکرهاي کلان جستيد در... آن شدند، که بالاي قلعه بر آمده قلعه گيانرا طعمئه تيغ بي دريخ سازند، همان وقت کفار فجار تصاوير مرگ را از هر طرف ديوار قلعه ديده، بانگ ملک الموت را بگوش جان شنيده بعضي از ديوار شکستهء توبخانه رو بفرار نهادند.

چنان ترسناک و حراسان گريخت
که زُنار را از گراني گسيخت.

واکثري زناز خود پرستي را از گردن جان گسيخته داغ اطاعت و انقياد راقشقه وار.... ناصيه... خود ساخته از قلع برون آمده، الامان الامان گويان نزد سرگروه هاي عساکر محضور آمده، مکاليد قلعه را معه اسلاح خود تسليم قلع کشا يان فيروزمند ساختند، و امان جان خواستند، غازيان شير شکار بمقتضاي عفو من الاقتدار جان بخشي آنها نموده، از قلع اخراج دارند، و قلعه را تحت نصرف خود آور دند.“

(6) انهيءَ فتح بعد دستاويز ۾ لکيل آهي ته ٽالپر سرڪردن، قلعي ۾ پنهنجو قلعه دار مقرر ڪيو، تحفظ لاءِ ڪجهه لشڪر به ڇڏيائون، ۽ علائقي جو انتظام ڪري پٺٽي خير سلامتيءَ سان موٽي آيا.

(7) انهيءَ دستاويز جي تحرير جي تاريخ ماه ربيع الاول 1228هه آهي. ڪنهن به تاريخ ۾ انهيءَ جنگ جو چشمديد حال ڏنل ڪونه آهي، فقط هيءَ ئي هڪ تحرير آهي، جنهن مان انهيءَ جنگ جو مفصل حال معلوم ٿئي ٿو، ۽ انهن جرنيلن جي فهرست به ملي ٿي، جيڪي انهيءَ معرڪي ۾ شامل هئا. مرزا قليچ بيگ، عمر ڪوٽ جي فتح جو سال 1269هه لکيو آهي، جيڪو هن تحرير جي ڏسڻ کان پوءِ غلط ثابت ٿئي ٿو، انهيءَ معرڪي جو مهينو به هن مان ئي ملي ٿو.

مير مائل، هيءَ تحرير پنهنجي بياض ۾ بطور يادداشت جي نقل ڪئي آهي. منهنجو ذاتي خيال آهي ته اها تحرير ٽالپر حڪمرانن مان ڪنهن لکي آهي، ڇاڪاڻ ته ملڪ ۾ انهيءَ فتح جي خوشيءَ ۾، چراغ بندي ڪرڻ جو به حڪم ڏنو ويو آهي. تحرير جو خاتمو هن فقري تي ٿئي ٿو.

”بايد که شکرانه اين مرتبت عظميٰ را برخود لازم داشته شاديانه شادي بلند آوازه و در هر شهر چراغ بندي نمايند، و خاطر خود جمعداشته احوالات را معروض داشته باشند، درين باب تاکيد تمام دانند“


(1) تعلقي ٽنڊي باگي ۾، ڪارياڻو ۽ نئين ڏاڏاهه جي ڀرسان، علي آباد ديهه، ۽ براج جي علي آباد ڊسٽريبيوٽري موجود آهن. اتي، قريب ئي، ڳوٺ ۽ قلعي جا ڦٽل آثار به ڏسڻ ۾ اچن ٿا، ممڪن آهي ته اتي قلعو علي آباد هجي اها جاءِ ٽنڊي باگي کان 7-8 ميل پري آهي. ليڪن هن قطعي مان معلوم ٿئي ٿو ته اهو قلعو ڪنهن بلنديءَ تي يا ٽڪريءَ تي هو. ڳوٺ علي آباد جن ڏٺو هوندو اهي بهتر اندازو ڪري سگهندا!

(1) اميرالدوله امير الملڪ نواب محمد امير خان بهادر شمشير جنگ واليء ٽونڪ، ضلعي مرادآباد جي سنبهل ڳوٺ ۾، 1182هه (1768ع) ۾، هڪ معمولي سپاء محمد حيات خان جي گهر ۾ پيدا ٿيو. محمد حيات جا وڏا، علائقه بنير (افغانستان) مان، محمد شاهه جي زماني ۾ هندوستان آيا، ۽ مختلف زميندارن وٽ بطور سپاهيءَ جي جنگي ڪم ڏيندا رهيا. ويهن ورهن جي ڄمار ۾، روزگار کان پريشان ٿي، مفلسيءَ کان تنگ ٿي، امير خان ملازمت لاءِ گهر کان نڪتو. رفته رفته نوڪريون ڪندي، بهادر جرنيل ٿي پيو، روهيلن، راجپوتن، ۽ مرهٽن جي درميان سندس وجود فيصلي ڪن ثابت ٿيو، جنهن ڏي امير خان ٿيندو هو، فتح ان جي حوالي ٿيندي هئي. ٿيندي ٿيندي، وٽس به وڏو لشڪر جمع ٿي ويو. بيڪانير، گواليار، ۽ ٻين راجپوت رياستن کي وقت بوقت امداد ڏئي، وڏين مصيبتن مان بچايائين. مهاراجا هولڪر جڏهن انتقال ڪيو ۽ راجپوت رياستن جو انگريزن سان صلح ٿي ويو، ان وقت امير خان تنها رهجي ويو، ۽ آخر انگريزن ساڻس صلح ڪري، کيس رياست ٽونڪ ڏني. نواب، 30 سپٽمبر 1834ع جو انتقال ڪيو. نواب، سيد احمد شهيد بريلويءَ جو خاص معتقد هو. سيد صاحب سالن جا سال ساڻس گڏ رهيو. جهاد جي تياريءَ ۾ به نواب صاحب هر وقت سندس امداد ڪندو رهيو. سيد صاحب جي شهادت بعد، مجاهدن جا ٻار ٻچا ۽ اهل و عيال، پير سائين پاڳاري وٽ پير ڳوٺ ۾ رهيل هئا، تن کي نواب صاحب ٽونڪ ۾ گهرائي ورتو ۽ سڀني مصيبت زدن سان آخري وقت تائين نباهيندو آيو.

(1) مير حسن علي خان سرنگهه هڻڻ جو واقعو هن طرح بيان ڪيو آهي.

ڦري ڪوٽ کي ويو اسان جو سپاهه،
ڪيئون بند اچ وڃ جا رستا ۽ راه،
هڻين سرنگ طاهر* سا ٿي پر خطر،
رسائيو عمر ڪوٽ کي ان ضرر،
ڀڄي ڪوٽ جي ٻانهين پئي سرنگهه سان،
لنگهي فوج ساري وئي ان منجهان،
زبردست هن طرح جو هو سپاهه،
مري فوج رجپوت سڀ ٿي تباهه،
ڪي ماريا ڪي ٿيا قيد ڪي ويا ڀڄي،
ٻڌي چؤ کنڀو ڪن کي آيا وٺي،
انهيءَ طرح سان ڪوٽ تسخير ٿيو،
نه پوءِ دشمنن جو ڪو نالو رهيو.

                                                   ص 91

* اهو طاهر خدمتگار مشهور بهادر ۽ جرنيل هو، حيدرآباد جي طاهر بازار انهيءَ جي نالي تي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com