سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2/ 1955ع

مضمون

صفحو :15

انهيءَ هندو مسلم تلخيءَ جي لپيٽ ۾ ڀانئجي ٿو ته ٺٽي جا سادات زياده اچي ويا آهن. سيد صاحب جا ٻه طولاني قصيدا نهايت دلچسپ آهن، جن مان معلوم ٿئي ٿو ته هندو سڀ متحد هئا، مسلمانن ۾ نفاق هو، ساداتن سان هندن جو خاص دشمنو هو، ٺٽي جي شهر جو صوبه دار هڪ هندو هو، جنهن ڪري هندن جون دليون وڌي ويون هيون. پهرئين قطعي جو عنوان آهي. ”قطعه گذارش، که در ايام خرخشه وجهة هندو کلامي(؟)، وتقويت کفاران وعدم اتفاق مسلمان و داد خواهي، اين گذارش نموده بود.“

داد بخشا ز ظلم اعداد، داد،
بشنو از اهلبيت اين فرياد!
بر سر آل پاک مصطفوي،
کم نبوده است ظلم پور زياد،
که کنون باز کافران عنيد،
ظلم هاي کنند بر اولاد،
گهه به بي حرمتيء......،
حرمتيء آل مي دهند به باد،
زان تظلم که مي رود بر ما،
خانہء ظلم شد ز نو آباد،
گوئيا نيست مومني در شهر،
که با آل نبي کند امداد،
مومنان که مانده اند کنون،
رفته از ياد شان طريق و داد،
کافران جمله در رفاقت هم،
مسلمانان همه بهم بفساد،
چه بگويم ز ظلم کفاران،
غير از آه و ناله و فرياد،
حاکم شهر هست چون کافر،
مي نمايد بکافران امداد،
در دل آزاريء مسلمانان،
سخت دل همچو تيغهء فولاد،
حکم حق جاري است برهمه کس،
اين حکومت باين خبيث که داد،
ورنه در عهد داد بخشيء مير،
هيچ جا نيست اين چنين بيداد،
شد کجا اجتماع اين امت،
بود آن هم مگر پئي اولاد،
کافران جمله يک دل و يک جان،
مسلمانان همه ز هم آزاد،
از ديانت چو نيست غير از نام،
کي شود کس به امر اين منقاد،
الحق از اهل بيت مصطفوي،
خانه اي نيست در جهان آباد،
عالمان هم در اختلاف هم اند،
من ندانم چه اختلاف افتاد،
علم غير از عمل نيايد کار،
کار علما ست از چرا افساد؟
قاضيء ماست در قضا حيران،
از قضاؤ قدر ندارد ياد،
محتسب در حساب اخذ زر است،
نيست يادش کنون حساب معاد،
مفت فتويٰ نمي دهد مفتي،
هست فتويٰ از و که چيزي داد،
خوشتر آن کس که رفت ازين عالم،
گوئيا شد ز قيد غم آزاد،
جمله از خوف اجتماع هنود،
جز صبوري نمي کنند ارشاد،
تابکي صبر مي توان کردن،
بر جفاؤ ستيز اهل عناد،
گر چنين است حال ما مردم،
بعد ازان ما و داد اين بيداد،
اين قضيه که رفته است ز قضا،
که قضاؤ قدر ندارد ياد،
عرض اين حال در حضور شريف،
دوش در خواب شد مرا ارشاد،
که رساند کسي بحضرت مير،
از دل اهلبيت اين فرياد،
تابتائيد امر دين منيف،
اهل دين را بجان نمايد شاد،
جهد بايد بسعي رونق دين،
زانکه سعي امت بکار دين چو جهاد،
تا در اسلام آرد آن کافر،
آنکه دشنام بهر سيد داد،
با کند امر قتل در حق او،
با برحمش کند بما ارشاد،
تا شود تقويت بدين متين،
هم بگيرند عبرت اهل عناد،
”قاتلوا“ اهل کفر در قران،
هست در شان اهل کفر ارشاد،
حکم قتل است براي آن کافر،
آنکه بر طعن دين زبان بکشاد،
نيست طعني چو سب آل نبي،
طبق قول نبي به استشهاد،
زانکه تعذير و حبس و ضرب شديد،
هست در شان کلمه گو ارشاد،
چه بگويم ز مفسدان دلير،
کار شان دائما ست فسق و فساد،
................ اند مفسد دين،
آن چو فرعون و اين دگر شداد،
مفسدان را سزا بود لازم،
تا فساد از ميان سود برباد،
هست در شان اين جماعت دون،
گوئيا آيہء ”لبا المرصاد“،
شو درين غم دلا تو ”مائل“ حق،
بعد ازين ماؤ هوچه بادا باد،
بعد ازين در دعاي دولت وي،
ميتوان تازه کرد استعداد،
باد دائم بمير فتح علي،
فتح و نصرت ز شاهه دين امداد!
زانکه از جان و دل بود آن مير،
هم غلام علي وهم اولاد،
بادما آن امير بزم کرم،
از علي مزدهء حصول مراد!
باد از يمن داد بخشيء مير،
باد ما مزدهء مبارک باد!
 

بارک الله في ديانت مير،
بهر ما ......... دعائش بادا باد!

ص 50-52

ساداتن ۽ هندن جو تنازعو، مير فتح علي خان جي زماني ۾ ٿيو. مٿئين قطعي مان انهيءَ زماني جي ٺٽي جو پورو اندازو ٿئي ٿو. حسب دستور هندو سڀ متفق هئا، ۽ مسلمان هميشه جيان پاڻ ۾ دست و گريبان. شهر جو حاڪم ان وقت هندو هو، جنهن جي موجودگيءَ هندن جي اتحاد ۽ اتفاق کي تقويت پهچائي هئي. مير صاحب چوي ٿو ته ”هتي اهڙو ظلم ڇو ٿيو آهي، ڪنهن هنکي مقرر ڪيو آهي، ٻين شهرن ۾ ته مير صاحبن جي عدل ۽ انصاف جي هاڪ آهي!“ علمائن جي حالت بيحد خراب هئي، سو مير صاحب، مايوسيءَ مان، پاڻ کان سوال ٿو پڇي.

علم غير از عمل نيايد کار،
کار علماست از چرا افساد؟
 

شهر جو قاضي حيران هو. انهيءَ حد تائين جو کانئس قضا جا ڪتاب به وسري ويا هئا. محتسب پنهنجي حساب ڪتاب ۽ اوڳاڙيءَ جي جمع خرچ ۾ مشغول هو. مفتيءَ جي حالت هيءَ هئي جو جنهن ڪجهه هٿ تي رکيو ٿي انجو ٻيڙو پار هو، غريب غريبي ۽ مفلس داد خواهن جو ٻيڙو لهرين ۽ لوڏن ۾ هوندو هو، مير صاحب چوي ٿو ته ”حالتون ايتريءَ حد تائين مايوس ڪندڙ ٿي ويون آهن، جو هن وقت مري جان ڇڏائڻ ۾ زياده مصلحت آهي.“

خوشتران کس که رفت زين عالم،
گوئيا شد ز قيد غم آزاد.
 

اهلبيتن سان انهيءَ هندو عملدار جو سخت آزار هو، سيدن جي حق ۾ هن گنده ذهنيءَ کان به ڪم ورتو ٿو ڏسجي، ازانسواءِ دين متين جي سلسلي ۾ به هن گستاخي ڪئي ٿي ڀانئجي، جنهن ڪري مير صاحب جو خيال آهي ته ان کي يا ته سزا طور مسلمان ڪيو وڃي يا کيس قتل ڪري ڇڏجي(!).

تا شود تقويت بدين متين،
هم بگيرند عبرت اهل عناد.
 

تعذير، حبس، ضرب شديد ته کلمه گوء جي غلطين ۽ گناهن جي لاءِ آهن. هيءُ ته ڪافر آهي، جنهن ڪري سواءِ قتل ڪرڻ جي ٻي ڪابه صورت ڪانه آهي.(!)

”مفسدان را سزا بود لازم،
تا فساد از ميان شود برباد.“
 

ڀائنجي ٿو ته مير صاحب جي فرياد جو داد ڪونه ٿيو، جنهن ڪري هن وري درد دل جو اظهار ٻئي قطعي ۾ ڪيو، جنهن جو عنوان آهي، ”قطعه گذارش مذمت کفار نابکار و عرض تنبيه شان مطابق شريعت حضرت احمد مختار.“

در حيرتم شها که بعهد ديانتت،
ارباب کفر بهر چه در شور گشته اند!
و از شور شان که کرد شر کفر آشکار،
ارباب دين بگوشهء عزلت نشسته اند!
مشتاق سنگ بجمله سگان گروهه کفر،
عوعو کنان بخبث دل از حد گذشته اند،
اين دستهء سگان که خدا خوار کرده است،
از خار خار کين همه چون خار دسته اند،
ابن مفسدان که دشمن اولاد اطهر اند،
صد تهمت فساد بر اولاد بسته اند،
اين مبغان که نار جهنم سزاي شانست،
از نار بغض و کين همه چون شعله تفته اند،
گاهي بطعن آل نبي گه بطعن دين،
دلهاي اهل دين همه يکبار خسته اند،
اين کافران که جنگ به اسلام مي کنند،
ز اسلام شيخ جمع به ماتم نشسته اند،
بد کام شان که باز نمايند مرقدش،
زين ارتداد نو همه از کام رفته اند،
زين ار تداد کفر توان گفت کواين سگان،
بوزينہ سان ز ممبر اسلام جسته اند،
مابي زريم و سر بگريبان ز فکر شان،
بر زور و زرچه خود سرو مغرور گشته اند!
کفار شهر ڻهڻه کنون دار حربي اند،
چون بر خلاف شرع درين حکم رفته اند،
از حکم حاکمان بسر عند مستقيم،
گويا درين مقدمه يکسر گذشته اند،
بايد نهاد جزيه براين دار حربيان،
در حير تم که بهرچه از جزيه رسته اند!
بايد بحکم حق همه بتهاي شان شکست،
شان حاليه چو عهد اطاعت شکسته اند،
فرض است بدين مير محمد قتال شان،
چون شان بدين امجدوي خصم گشته اند،
ارباب دين که حاميء شان از کرم علي ست،
خوش داد خواه از کرم شه نشته اند،
بخشد مراد مير علي بلکرم مدام،
ارباب دين بشغل دعايش چورفته اند،
خوش اين دوشه براوج ديانت بصد جلا،
هر هفت روز رشد چو ماه دو هفته اند،
بايد کنون ز ”مائل“ حق حرف حق شنيد،
ارباب حق ز بسکه شها دل شکسته اند.
 

هي قصيدو، مير فتح علي خان ۽ مير غلام علي خان جي زماني کان پوءِ جو چيل آهي ان وقت مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان سنڌ جي تخت و تاج جا مشترڪ وارث هئا. جهڳڙو، مير فتح علي خان جي دور کان وٺي شروع هو، جنهن جو فيصلو آخري طرح ڪرم علي خان جي دور کان وٺي شروع هو، جنهن جو فيصلو آخري طرح ڪرم علي خان جي دور ۾ به ٿي ڪونه سگهيو، ۽ سيد صاحب برابر دانهون فريادون ڪندو آيو. سيد کي شڪايت وڏي ۾ وڏي هيءَ هئي ته ساداتن کي هندو گاريون گند ڏين ٿا ۽ مذهب اسلام تي چٿرون ڪن ٿا، جنهن ڪري مسلمانن جون دليون ڦٽجي پيون آهن.

”گاهي بطعن آل نبي گهه بطعن دين،
دلهاي اهل دين همه يکبار خسته اند“
 

پنهنجي حالت هيءَ ٿو بيان ڪري.

”مابي زريم و سر بگريبان ز فکر شان،
بر زور و زر چه خود سرو مغرور گشته اند!“

مير صاحب، غصي ۾ اچي عرض ڪري ٿو ته ”ٺٽي جي هندن اطاعت جا فرائض ٽوڙي ڇڏيا آهن، جنهن ڪري دار حربي آهن، ۽ مٿن جزيه وجهڻ کپي، سندن بت ڀڃي ڇڏڻ گهرجن ۽ کين قتل ڪيو وڃي.“

”بايد بحکم حق همه بتهاي شان شکست،
شان حاليه چو عهد اطاعت شکسته اند،
فرض است بدين مير محمد قتال شان،
چون شان بدين امجد وي خصم گشته اند“.

انهيءَ فساد ۽ تلخيءَ جا اسباب فقط اهي نه هئا. بلڪ سڀ کان زياده محرڪ مسلمانن جي اقتصادي بدحالي ۽ هندن جي سماجي برتري هئي. ازانسواءِ سنڌ جي هندن جون همدرديون ان وقت جيسلمير ۽ جوڌپور جي راجائن سان ٻڌايون وڃن ٿيون، جن جو ميربجار جي قتل کان پوءِ، ٽالپرن سان وير ٿي پيو هو. مخدوم ابراهيم ”نشر حلاوي المعارف و العلوم في الرد علي من نصر الکفار و اهل رسوم“ ۾ جيڪي لکيو آهي، ان مان انهيءَ زماني جي هندن ۽ مسلمانن جو اندازو ٿي سگهي ٿو، ۽ حڪومت جي متعلق ٺٽي جي مخدومن جو ڇا خيال هو، اهو به معلوم ٿئي ٿو. مخدوم ابراهيم جو ڌپور جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته:

”اتي مسلمانن سان سخت آزار آهي. ٺٺول ڪرڻ خاطر هڪ نامعقول مسلمان کي قاضي بڻائي، ان جو نالو قاضي گنگارام رکي ڇڏيو اٿن. جيڪڏهن ڪو مسلمان حلال جانور ذبح ڪري ٿو، ته ان کي قتل ڪري، ان جا ٻار ٻچا نيلام ڪيا وڃن ٿا. سنڌ سان به انهن جو سخت آزار آهي. مرحوم مير بجار کي جوڌپور جي راجا ڌوڪو ڏئي قتل ڪرائي ڇڏيو، ۽ سنڌ ۾ ايڏو عظيم فتنو برپا ڪيو ويو، جنهن جي باهه جا اُلا اڄ تائين وسامي نه سگهيا آهن. اسان جي ملڪ تي هنن ڪيترا دفعا چڙهائي ڪئي آهي، هڪ ۾ مير فتح خان ٽالپر زخمي ٿيو، ٻئي معرڪي ۾ مير سهراب جو ڀاءُ، غلام محمد، قتل ٿيو. اڄ تائين سنڌ جي اميرن کان اهو پڄي نه سگهيو جو کڻي عمرڪوٽ جو قلعو انهن کان خالي ڪرائين، ۽ نه ڪنهن کان اهو پڄي ٿو ته مير بجار ۽ مير غلام محمد جي خون جو بدلو وٺي، حالانڪ انهن جي جانشينن ۾ مير فتح علي خان، مير غلام علي خان، مير ڪرم علي خان، مراد علي خان، غلام حسين خان، مير بهرام ۽ مير سهراب جهڙا سورهيه به موجود آهن.“

سنڌ ۾ هندن ۽ مسلمانن جي حالت بيان ڪندي لکي ٿو ته:

”اسان جي ملڪ مان اسلام جو غلبو غائب ٿي چڪو آهي. علانيه شراب ڪڍيو وڃي ٿو. شطرنج ۽ چوسر رات ڏينهن کيڏي وڃي ٿي. رنڊين کان سندن ناجائز آمدنيءَ تي ٽيڪس ورتي وڃي ٿي، کدڙن تي به ٽيڪس لڳائي وئي آهي. چانورن مان شراب ڪڍيو وڃي ٿو. دڪانن تي عام بت پرستي چالو آهي. مسجدون غير آباد آهن. هندن جي عبادتگاهن جا ڏيا آسمان تائين روشن آهن، ۽ مسجدن ۾ انڌيرو آهي. مقدما مکين جي حوالي ڪيا وڃن ٿا. قاضي جيڪڏهن فيصلي ۾ مکين جي مخالفت ڪري ٿو ته انکي سخت تڪليف ڏني وڃي ٿي. مان، انهيءَ آزار کان ٺٽو ڇڏي ڪراچيءَ هليو ويس، حالانڪ اتي بدعت ۽ فساد جو ڪافي زور هو، ليڪن مير فتح علي خان جي عملداريءَ کان گهٽ. اتي جو حاڪم مير محمد نصير خان هو، ان جي وفات بعد، جڏهن اهو بندر به مير فتح علي خان جي هٿ آيو، ته اتي به ساڳي حالت شروع ٿي وئي. ٽالپرن جي زماني ۾ ڪيترن هندن، مسلمان عورتن سان خرابيون ڪيون، ڪيترا مسلمان مرد ۽ عورتون هندن وٽ غلام آهن. ڪراچيءَ ۾ پنيو نالي هڪ قاصائي هو، جنهن ڳئون ذبح ڪئي، هندن گهڙيءَ جو گهڙيءَ ۾ ان کي شهر بدر ڪري، سندس گهر ٻار لٽي ڇڏيو، ڪنهن به مسلمان کي طاقت ڪانه ٿي. جو کڻي حرف ڪُڇي سگهي. نواب مير فتح علي خان جي زماني ۾، هندن جو اقبال ۽ اثر وڌي ويو آهي.“

اهي اسباب هئا جنهن ڪري ٺٽي جي هندن ۾ مسلمانن ۾ تلخي هئي، جيڪا شايد حڪومت جي دور ڪرڻ کان ٻاهر هئي! مير مائل جي بياض ۾ هڪ قطعو آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته مير فتح علي خان جي زماني ۾، مسلمانن، هڪ ڪلاميءَ(؟) نالي هندوءَ کي، ٺٽي ۾ قتل ڪري ڇڏيو، مٿس ڏوهه اهو هو ته هن دين اسلام جي خلاف لبڪشائي ڪئي، هئي، جنهن بعد هو غالباً توبه تائب ٿيو ۽ پڻ معافي ورتائين. انهيءَ تي مسلمانن ۾ اختلاف ٿي پيو. هڪڙن جو چوڻ هو ته معافيءَ وٺڻ بعد هن کي قتل ڪرڻ جائز نه هو، ٻين جو خيال هو ته کيس قتل ڪرڻ جائز هو! قطعي جو عنوان آهي.

”قطعه در جواب شخصي که حرف گيري،
بر قتل ڪلامي (؟) موذي مي نمود“.
چو در پاس کلامي گفت شخصي،
که جائز قتل وي در شرع کي بود!
بگفتم بس جوابش سال قتلش،
”به حکم شرع جائز قتل وي بود“.

1209

شمرده سال قتلش گفت توبه،
چو تائب شد دگر اين بحث طئي بود.

ص 120


(1) ڏسو مضمون ”کڏي جي ڪتب خاني جا مخطوطا“ از مولانا عبدالرشيد نعماني، مطبوعه رساله ”دعوت الحق“ جنوري، 1953.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com