سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2/ 1955ع

مضمون

صفحو :5

مرزا مدد علي بيگ ”مدد“

خدا را ڏس اچي هيڪر، تون حالت دلربا منهنجي،
ٿي گذري زندگي، ڪهڙيءَ طرح سان، تو سوا منهنجي!
 

ذرو مرڪي، مٺا ڳالهاءِ، مڃ تون التجا منهنجي،
جهان ۾ ياد رهندي، نه ته جفا تنهنجي، وفا منهنجي!
 

مونکي ٿيو عشق رشڪ گل ۽ هنکي درد گل آهي،
جي ڪجهه آهي ته بلبل آهي يارو، همنوا منهنجي!
 

ٿي غيرت هيڏي دامن گير، هوڏي جذبهء الفت،
ڪشا ڪش ۾ وئي ڦاسي، دل بيدست و پا منهنجي!
 

چيم هي ناز سان پاليل اٿئي دل، خيال سان رکجان،
چيائين ڪهڙي دل؟ ڪنهن کي ڏنئي؟ ڄاڻي بلا منهنجي!
 

خيالِ زلف ۾ ڪاهيو وڃي ٿي دل، خدا حافظ،
بلا جي منهن ۾ ڪوٺيو ٿي وڃي مونکي قضا منهنجي!
 

ڪريان ٻي ڪنهن جو ڪئن شڪوو، جڏهن خود منهنجي دل يارو،
وئي پهلوءَ مان ايئن نڪري، نه هئي ڄڻ آشنا منهنجي!
 

چڙهي سوليءَ تي سر، پر راز الفت هڏ نه ٿئي ظاهر،
رضا چاهين ٿو جي منهنجي اها آهي رضا منهنجي!
 

لبن تي دم سندم پهتو، اڃا آ شرم مانع ٿيو،
الٰهي خير ڪج، گڙٻڙ ۾ پئجي وئي دوا منهنجي!
 

شهيد ناز جي تربت تي آيو نازنين آهي،
مرڻ کانپوءِ به ڏس ڪهڙي نه ٿي قسمت رسا منهنجي!
 

”مدد“ کي گردش ايام، بس لوڏيو گهڻو آهي،
حمايت بهر خالق هاڻ ڪر مشڪلڪشا منهنجي!
 

رباعيون

غلام محمد ”گرامي“

هر زرهء ڪائنات کي پوڄيو اٿم،
هو ڏس آ اٿيو ابرِ بهار، اي ساقي!
يعني ڪ فقط صفات کي پوڄيو اٿم،
ڏي جام مئي خود شڪار، اي ساقي!
صنما! تفريق ڀڄي ٿيو پرزا،
فردا جو نه ڪر فڪر، ڀري ڏي ساغر،
جڏهين کان پنهنجي ذات کي پوڄيو اٿم.
فردا جو نه آ اعتبار، اي ساقي!
 

هر جاءِ تي لامڪان کي پوڄيو اٿم،
شيشي جي ٻنجي کول، ۽ کول، اي ساقي!
يعني ڪ زمين ۽ زمان کي پوڄيو اٿم،
تو تان مان وڃان ”اول ۽ گهول،“ اي ساقي!
صنما! بت ”توما“ کي ڀڃي ڪيم پرزا،
باران، لب جو، نغمه سرا آ بلبل،
جڏهن کان ڪ انسان کي پوڄيو اٿم،
منهن کول، مٺو ٻول ته ٻول، اي ساقي!
 

ڀري ڏي جام مٿي لاله فام، اي ساقي!
آ شغل سندم، باده پرستي يا رب!
وڇايو آهه عدو هاڻي دام، اي ساقي!
ٿي مون کي وڻي، موج ۽ مستي يا رب!
وطن جو خير ”گرامي“ گهران ٿو صبح ومسا،
ڏس، قاقلِ مينا به دعائون ٿي گهري،
زماني جو ويو بدلجي نظام، اي ساقي!
برباد ڪندين! ظلم جي بستي يا رب،!
 

لفظن جو نه ٿي غلام، اي ساقي!
بي سود نه ڪر ڪلام، اي ساقي!
بي معنيٰ، زبان دراز نه ٿي، رهه خاموش،
بي بادهء عرفان جو ڪو جام، اي ساقي!
 

آزاد نظم

شيخ عبدالله قادر بخش

”اوهان ڪڏهن خيال به ڪيو آهي؟“

اوهان ڪڏهن خيال به ڪيو آهي؟

انسان! انسان ڇا آهي؟

سنئون سڌو هڪ جانور، زمين جو حيوان،

هڪ اهڙو ساهه وارو،

جو زمين کانسواءِ رهي نه سگهي.

هو ڪري ڇا ٿو؟

پنهنجين ضرورتن پورين ڪرڻ کان سواءِ،

ٻيو ڪجهه به ڪين.

هن کي جاچي ڏسو،

هن جي محنتن، ڪوششن،

تحقيقاتن ۽ کوجنائن کي

اُٿلائي پٿلائي سو.

هن جو هرڪو حيلو، وسيلو،

مطلب ته سڀ ڪجهه،

زمين سان ڳنڍيل نظر ايندو.

سندس ترقي ۽ عجائبات!

بي شمار ۽ بي انداز!

پر هن لاٿي ڪانهي،

ڪا هڪڙي به شي، آسمان تان.

هو پاڻ ڇا آهي؟

زمين جو ذرو، مٽيءَ جو ٽڙيل پکڙيل جزو،

وري به گڏجي، سڏجي،

وڃي چنبڙندو ۽ چهٽندو،

زمين جي سيني کي.

جتان آيو هو،

اُتيئي وري واپس ويندو.

هن فرشتي کان،

زمين جون ۽ زمين واريون،

نعمتون، کسي وٺو،

وٽس باقي،

باقي ڇا بچندو؟

ڪجهه به ڪين.

...      ...      ...      ...

اوهان ڪڏهن خيال به ڪيو آهي؟

زمين ۽ زمين جي خزان سان،

جيڪو مالا مال آهي، سو مالڪ آهي،

۽ ٻيا، اُن تي دارو مدار رکندڙ،

سڀ، سڀئي، سندس رعيت ۽ غلام.....

هر صورت ۾ هر حالت ۾، غلام ۽ باندي.

بانديءَ جو اٿڻ ويهڻ، کائڻ پيئڻ،

جيئڻ ۽ مرڻ، ڦرندو گهرندو رهندو،

انهن، پنهنجن آقائن جي ادنيٰ اشارن تي.

زمين جو مالڪ زميندار ۽ حاڪم!

غلامي ۽ ٻانهپ.....

ته ختم ٿي چڪي،

ڪير ٿو چئي؟

چڱيءَ طرح جانچو، وري ڏسو،

هن ظاهري لباس اندران،

ڇا ٿو جهاتيون پائي؟

ساڳيو نڪ، ساڳيو نقشو،

اهائي غلامي بد صورت ۽ بڇڙي،

چيٻارا ڪڍندي، پئي ٿي وڌي ويجهي!

جيسين هوندو هيءُ ڪاروبار،

۽ ساڳيو ئي وڻج واپار،

کلم کلا، ٿيندا رهندا سودا،

۽ وڪامنديون رهنديون جنسون؛

اڳي ته هڪڙي شيء هوندي هئي،

پر، هاڻي بازار ۾ آهن،

هزارين شيون.

...      ...      ...

اوهان ڪڏهن خيال به ڪيو آهي؟

هيءَ ترقي يافته ۽ تهذيب زده دنيا،

هڪ ڪم ڪندڙ ڪاسبيءَ کي،

ڇا ٿي سمجهي؟

کيس ڪهڙيءَ نظر سان ٿي ڏسي؟

نالائق، نيچ ۽ حقارت لائق!

مفلس، غريب ۽ ڦٽڪار جي لائق!

هن کي تڇ سمجهي،

ڌڪن ۽ ٿڏن سان،

هيٺئين طبقي ۾ ڪيرايو ٿو وڃي!

هن کي ذليل سمجهو ٿو وڃي!

ڇو؟

هوش ۽ عقل، جي ميراث آهن

هر انسان جي،

اهي سڀئي، ڪيڏانهن گم ٿي ٿا وڃن؟

هڪ اهڙي وجود کي خيال ۾ رکو،

جنهن هيءَ دنيا اڳ ۾ نه ڏٺي هجي،

جو هن سڌريل زماني ۾،

دنيا جي تختي تي،

آسمان جي هيٺان،

اچي سگهي، پهرين دفعي،

۽ جي ڪرڻ چاهي مشاهدو ۽ سير،

ته اوهين کيس ڇا ڏيکاريندا؟

هو، ڇا ڇا نه ڏسي سگهندو؟

سرسبز ميدان، کيت کرا،

جهوپڙيون، گهر، ڪارخانا،

محلاتون، حڪومتون،

۽ ٻيون اسانجي لاءِ ضروري شيون،

لذيذ کاڌا...۽... نفيس ڪپڙا!

محنت ۽ پورهئي سان ئي

کيس اهي سڀ، ٺهندا ڏسبا.

اسان جي هرڪا شيء،

هن محنت جي جنت ۾،

انسان جي خون پسيني سان،

پيدا ٿيندي نظر ايندي.

پوءِ، هو پڪ ائين سمجهندو،

- ته ساري ڪائنات جڪڙيل آهي،

- ڪوشش، همت ۽ محنت سان:

- ڪاسبي ۽ ڪرت ڪرڻ وارا،

- ضرور هوندا هنجا حاڪم:

- نيري آسمان سان

- لڪ لڪوٽي ڪندڙ محلاتن ۾

- هونديون سندن محفلون ۽ مجلسون

آسائشون ۽ فرحتون،

هونديون انهن جون چاڪر.

پر، اوهان جيڪي اڳيئي هت رهو ٿا،

تن کي ته خبر آهي،

ته حقيقت ڇا آهي؟

...      ...      ...

اوهان ڪڏهن خيال به ڪيو آهي؟

ساري دنيا ڏسو،

ڇنڊي ۽ ڇاڻي،

اهي محنت ۽ ڪم ڪندڙ پرزا،

محلاتن جي بدران،

رستن ۽ گهٽين ۾ آٿڙندا،

ٿيلبا ۽ ڀٽڪندا،

ڪچري وانگر ڍڳ ۾ ليٿڙندا،

سرجندا ۽ ڦٿڪندا،

نظر ايندا اوهان کي!

حسن ۽ سونهن ۾ اضافو ڪندڙ،

در در ڌڪن ۾ ٿاٻن ۾ خاڪ بسر:

کين امير جي اُڇلايل اوبر،

۽ موٽر جي طبيلي جهڙي جاءِ،

به نصيب ڪانهي:

پر....

سست ۽ بيڪار بيهودن وٽ، آهن،

عيش عشرت جا اڏا،

گناهن ۽ ثوابن جا انبار،

ڪهڙي نه تلخ حقيقت!

ڪهڙو نه عجيب نظارو!

غربت ۽ مفلسي،

هڪڙو آهي وڏو گناهه.

هر ڪنهن کي جنهن کان، آهي اٿاهه نفرت؛

سڀ ڪنهن کي،

آهي اُنجي ڌڪارڻ جو سبب.

محنت ۽ مشقت آهي،

اسانجي ڏات ۽ ذات:

اهي آهن، بي بها پارس؛

جنهنکي ۽ جنهن تي لڳن،

سون ڪيو ڇڏين:

انڪري هر ڪنهن ڪم ڪندڙ،

۽ پورهئي ۾ ايمان رکندڙ

جي عزت ڪيو.

...      ...      ...

اوهان ڪڏهن خيال به ڪيو آهي؟

محنتن جي ميون جي هيءَ

اجارهه داري، ٺيڪيداري ۽ هڪ هٽي

فريبن جو ڦندو؛

ظاهر ظهور،

ڏٺو وائٺو، هرکائيندو-

ڦاسائيندو،

سرڪائيندو ۽ ڦٻائيندو،

رهي ٿو،

پورهيتن جي پورهئي کي،

۽ محنتن جي مزدورين کي:

اُنهن ٺڳيءَ جي ٺيڪيدارن جو،

اهو طلسمي مکر ۽ مڪر،

ٻين جا ورهائي ٿو کڻي انعام:

مست الست،

هو الوليون ڪندا ٿا وتن!

ڇو نه ڪن!

هنن کي ڏسڻ وارو ڪير آهي؟

اُنهن کي سمجهڻ وارو ڪير آهي؟

اُنهن کي روڪڻ وارو ڪير آهي؟

انساني خون پسيني جي پيدائش،

وڌيڪ آهي قيمتي-

هيرن کان جواهرين کان،

شهيدن جي رت رڱيل ميدانن کان؛

پر اڄ به اها لٽجي رهي آهي.

ڏٺي وائٺي،

هرهڪ جي اڳيان،

سڀڪنهن جي سامهون،

جهڙو اڳ ۾ ڪجهه ٿيندو آيو آهي.

’جيڪو وهي، سو لهي‘،

اها آهي، قدرت جي ڪسوٽي،

جا هر هڪ حاصلات کي بخشي رهي آهي،

سونهن ۽ ڪشش.

پر انهن جا خلقيندڙ خالق-

مضبوط، جانٺا، بانڪا، بهادر،

انسان!

سڏجن ٿا، ويچارا! غريب!

سچ پچ، ته هو، ڪيا ويا آهن غريب:

تجربو ۽ نتيجو، سامهون آهي.

آخر به، هو ڇو ٿيا آهن،

ههڙا غريب؟

...      ...      ...

اوهان ڪڏهن خيال به ڪيو آهي؟

محنت جو عيوضو، ٻين کي ٿو ملي.

ڪابه شي خريد ڪيو:

انجو اُجورو اوهان کي اوس ڏيڻو پوندو؛

ڇو جو اُن تي ٿيل آهي،

تڪليف ۽ پورهيو،

۽ جڏهن وٺو ٿا زمين

جو ٽڪرو ته اُن جي به ڏيو ٿا،

مقرر ٿيل قيمت،

اهڙي هڪ انسان کي،

جنهن ڪابه ورتي ڪانهي تڪليف،

ان زمين جي پيدا ڪرڻ ۾!

زمين کي ڪنهن به آدم

جي ٻچي ٺاهيو يا بنايو ته ڪونهي:

اها اسان کان اڳ ۾ ئي،

وجود ۾ هئي.

پر، ڇاڪاڻ ته هوءَ پوريون

ڪري ٿي اسان جون گهرجون،

۽ آهي اسانجي راحتن جو واحد وسيلو،

تنهنڪري اسين ڏيون ٿا،

اُنجي ناجائز ۽ بي واجبي قيمت-

جنهن وٽ زمين آهي،

جنهن وٽ ان جي پيداوار آهي،

سو آهي زميندار ۽ شاهوڪار؛

۽ زمين تي محنت ڪرڻ وارا،

ان جي قيمت پيدا ڪرڻ وارا،

خون پسينو هڪ ڪرڻ وارا،

رت پت ڏيڻ وارا،

آهن، مفلس، مريض،

بکيا، ڏکيا، ننگا،

اگهاڙا ۽ غريب.

...      ...      ...

اوهان ڪڏهن خيال به ڪيو آهي؟

انسان جي آسائش،

۽ آرام لاءِ،

آهن نه ڪيتريون شيون؟

سندن تعداد آهي بي شمار.

پر ڇا انهن جي وڌائڻ جي اڃا

ڪانهي ڪا درڪا؟

ڇا اهي آهن سڀني کي ميسر؟

ڇا انهن جي ڪنهن کي گهرج ڪانهي؟

گهرج ڇو ڪونهي؟

پوءِ اهي شيون ڇو نه آهن،

سڀني کي نصيب؟

انهن جي خريد ڪرڻ جا ذريعا،

انهن کي حاصل ڪرڻ جا وسيلا،

آهن بلڪل ٿورڙا.

گهڻا انسان اهي آهن،

جي بلڪل ٿورو ٿا ڪمائين،

پورهئي ۽ محنت ڪندڙ کي،

ڪٿي به ايترو ڪونه ٿو ملي،

جو هو زندگيءَ جون گهرجون،

۽ ضرورتون ڪري سگهي پوريون:

نه ته، ڪير چاهيندو، پاڻ کي سڪائڻ؟

سور سختيون ڏسي،

ڪجهه نه ڪڇڻ،

سڀڪجهه ڪرڻ چاهيندي به،

ڪجهه به نه ڪري سگهڻ،

- ڪمزوريءَ ۽ لاچاريءَ جي بدترين انتها،

ٻي ڪهڙي ٿي سگهندي؟

ڪو پنهنجو زندهه رهڻ لاءِ

وڌيڪ نه طلبي،

پورو عيوضو به نه گهري:

ان جي سامهون، لانڍ هجي،

ٻين هزارن بيروزگارن جي،

جي تيار آهن وڪڻڻ واسطي،

پنهنجي محنت،

پنهنجي طاقت،

پنهنجي عصمت؛

ته پوءِ، هن ڪوڙيءَ ڪشمڪش،

ڊپ ۽ چٽاڀيٽيءَ ۾،

هيءُ ساهه کڻندڙ حيوان،

وڪڻيو ڇڏي،

تين وار ڪري،

ڄاڻي واڻي،

ڏسي وائسي،

پاڻهيئي پاڻ،

پنهنجي هٿن سان،

خود پنهنجي زندگي،

۽ پلجي پيو،

ذليل ٿي، هن هن جي

ڦٽي ڪيل، اڇلايل اجوري تي!!

...       ...      ...

اوهان ڪڏهن خيال به ڪيو آهي؟

هيءُ ڌنڌي ۽ روزگار جو جهڳڙو،

سڀني کي اهو ڪجهه ڇو نه ٿو ملي،

جنهن مان پڙ پي سگهي،

ڪنهن حد تائين، اهو سڀيئي

جنهن جا هو آهن حقدار؟

محنت ۽ مزدوري ڪندڙ،

ڇو نٿا ٿين پنهنجا مالڪ؟

هن دنيا جي گولي تي،

نجات جا پيچرا ته آهن هزارين.

هن هڪ ٻئي جي محتاجيءَ،

دک درد ۽ دل آزاريءَ،

تڪليفن ۽ مصيبتن کان،

دنيا جي عذابن کان،

دوزخ جي حسابن کان-

ماڻهو پنن ٿا پناهون،

۽ نوڙي، نياز سان،

درگاهه خدا جي ۾،

ڪن ٿا آزيون ۽ التجائون،

ته اي ڌڻي بخش تون،

اسانجا عيب ۽ خطائون،

۽ مقبول ڪر دعائون!

پر، قدرت ۽ خدا!

جنهن جي قانون ۾

آهي جڏهن رڳو اٽلپائي،

جيڪا هلي اچي ازل کان،

۽ هلندي ايندي آخر تائين،

سا ڪيئن ڦري سگهندي،

رڳو اسانجي مرضيءَ موافق؟

ڪچو ۽ اڻ پورو سامان،

تبديل ٿيندو رهي ٿو،

تڪليف ۽ محنت سان،

دولت جي خزانن ۾.

اهائي آهي،

اسانجي ميون جي باغات،

اهائي آهي،

اسانجي سچي پچي سوغات،

زمين، هوا، سج ۽ پاڻي،

ڇا اهو سڀ ڪجهه،

اسان سڀني کي،

سونپيو ۽ بخشيو

ڪونه ويو آهي، هڪجهڙو،

هميشه هميشه جي واسطي؟

اسان جي غربت، مفلسيءَ،

مسڪينيءَ ۽ بي سمجهيءَ

جي پوڄا پاٺن سان،

۽ نرڙ گسائڻ سان،

جي ڦري سگهي،

هن دنيا جو چرخو،

جيڪو هليو اچي هزارها سالن کان،

ته ڇا ٿي سگهندو؟

اسان تي، وڌ ۾ وڌ،

۽ گهڻي ۾ گهڻي، مهرباني

ڪهڙي ٿي سگهندي؟

...      ...      ...

اوهان ڪڏهن خيال ڪيو آهي؟

سج وڌيڪ روشني ڏئي،

زمين زيادهه آباد ٿئي،

ساهوارا اڳي کان ٿين تمام گهڻا؛

اسان کي بس اهوئي ڪجهه نصيب

ٿي سگهندو نه!

جيڪڏهن اسانجي اگهامي به سگهي ڪا دعا،

۽ کڻي وسي به

روپين ۽ گنين جو مينهن،

ته پوءِ اُنهن بي پايان رحمتن سان،

ته پوءِ اُنهن بي انت نعمتن سان،

اسان کي، پنهنجن دک دردن کان،

آخر ڪيئن ملندو ڇوٽڪارو؟

اسان جي عرض معروض جو

پهچندو ڪنهن کي اهو فائدو؟

جڏهن ساريءَ دنيا تي،

ساري زمين آهي ورهايل،

چند پاٿاريدارن ۾!

اهي پاٿاريدار،

ساڳيائي ٿيندا،

اُنهن جا حصيدار؛

جن کي جيئن وڻندو،

تيئن پيا ڪندا،

اُنهن جا حصا ۽ ٽڪرا:

سامان ۽ ضروري شيون،

ٿينديون ڀانڊن ۾ گڏ،

۽ وڪرو ٿيندو، انهن جو،

اڃان به وڏين قيمتن تي؛

پوءِ هيءَ ناجائز سوداگري،

ٿيندي رهندي،

هميشہ لاءِ،

گهنڊ گهڙيال ڀلي وڄندا رهن،

دعائن گهرڻ وارا،

لولڙاٽ ڪندا رهن،

آسرن ۽ اميدن تي جيئڻ وارا،

ڀلي مرندا رهن،

حقيقت کي نه سمجهي،

ڪوڙ کي سچ ۽ سچ، کي ڪوڙ ڄاڻي،

دغا دولاب جو،

ٺڳيءَ ۽ فريب جو،

ڀلي ٿيندا رهن صدقو،

مفلسيءَ، غربت، جهالت

۽ ظلم جو هوندو راڄ،

هن آسمان جي هيٺان.

اوهين ڀلي حڪومتون ٺاهيو،

اوهين بيشڪ لشڪر وڌايو،

ٽئنڪون، هوائي اڏا،

موتمار ائٽم بم بنايو،

چنڊ ۽ آسمان تي

سوار ٿيڻ جا خواب لهو،

ٽٻيون هڻي،

سمنڊن جي تهه تائين پهچو،

بين الاقوامي انجمنون ۽ عدالتون ٺاهيو:

پر....

قدرت جي زمين تي،

جيسين اڻ پورو

۽ ناجائز قبضو هوندو،

ڪن ٿوررن ماڻهن جو؛

تيسين، هر هڪ انسان کي،

انسان ٿي رهڻ جو

موقعو ڪيئن ملندو؟

اوهان ڪڏهن، اهو خيال به ڪيو آهي؟

 

سراج الحق ”بسمل“

پريم پارڪ ۾....!

رات آءٌ سوچيندو رهيس، چپ چاپ،

ڪيڏي عظمت آ چنڊ تارن ۾!

دل چيو ته پر لڳائي اڏامجي،

نيلگون آسمان جي اڱڻ ۾.

چنڊ تارن سان گڏجي رقص ڪجي!

رات جي دلنواز دوشيزه،

جڏهن سنواري دراز زلفن کي؛

- مان، سحر جي شعاع نور سان گڏجي،

گل جي سيني ۾ جذب ٿي وڃان!

۽ پنهنجي ذي حيات خوشبوءَ سان،

حسن تخليق کي بخشيان اهڙي سڳنڌ،

جا منهنجي معصوم لڙڪن سان واسجي،

ڪائنات جي عظيم وسعتن ۾،

زندگيءَ جي اداس ويرانين کي

- ڪا نئين حيات بخشي...!

- ۽ جيڪڏهن،

”هوءَ“ ڪٿي نظر جي سامهون،

رقص ڪندي ۽ مرڪندي اچي،

هن جي نرم ۽ گداز سيني ۾،

دائمي خواب بنجي سمهي رهان!

پر هن ڪار گاهه هستيءَ ۾،

ايڏي فرصت ڪٿي، جو ڪو ڏسي سگهي،

- پنهنجي خوابن جو هيءُ حسين تعبير!

ڪاري رات ۽ پريم پارڪ ۾،

آءٌ زندگيءَ جي ساز تي نغمه گو،

خاموشين جي سيني ۾ جذب ٿي،

سوچيندو رهيس، چپ چاپ

اڄ به پيرن ۾ آهي اهائي زنجير،

اهي ئي پابنديون، اهوئي دستور،

- چند جابر- ۽ هزارها مجبور....!!

 

غلام محمد ”گرامي“

اٿي اٿي، سجاڳ ٿي،

سجاڳ ٿي، سجاڳ ٿي.

چمن ۾ ناهه تازگي،

گلن تي آه مردگي،

دلين ۾ ناهه زندگي،

چمن جا باغبان اُٿ!

وطن جا پاسبان اُٿ!

...      ...      ...

هي رنج و غم! آ تابکي؟

هي ڪيف و ڪم! آ تابکي؟

هي پيچ و خم! آ تابکي؟

اٿي اٿي قدم کي کڻ!

سجاڳ ٿي، سجاڳ ٿي.

...      ...      ...

آ هر قدم، مقابلو،

۽ دمبدم، مقابلو،

بي تيغ وبم، مقابلو،

اٿڻ، هلڻ، رسڻ، وڙهڻ،

ٿي تيز گام، هوشيار،

سجاڳ ٿي، سجاڳ ٿي.

...      ...      ...

هي بيڪسي، نه ديدني!

هي بيبسي، نه ديدني!

هي نارسي، نه ديدني!

آ زندگي خوديءَ جو راز،

۽ شعور جو غمار،

جاڳ اٿ، سجاڳ ٿي،

ٿي تيزگام، هوشيار،

...      ...      ...

دلين کي بيقرار ڪر،

اکين کي اشڪبار ڪر،

وطن کي لاله زار ڪر،

اي راز دار ڪيف و ڪم،

وڌي، وڌي، اڳي قدم،

ٿي تيزگام، هوشيار،

جاڳ، اٿ سجاڳ ٿي.

...      ...      ...

دلين کي بيقرار ڪر،

اکين کي اشڪبار ڪر،

وطن کي لاله زار ڪر،

اي رازدار ڪيف و ڪم،

وڌي، وڌي، اڳي قدم،

ٿي تيزگام، هوشيار،

جاڳ، اٿ سجاڳ ٿي.

...      ...      ...

نه مصلحت شناس ٿي،

نه بي خبر، اداس ٿي،

تون امتحان ۾ پاس ٿي،

خرد کي تار تار ڪر،

جنون کي اختيار ڪر،

نظر کي تيز ڌار ڪر،

شڪار ڪر شڪار ڪر،

ٿي تيزگام، هوشيار،

اٿي، اٿي سجاڳ ٿي.

...      ...      ...

هي ولولا، هي غلغلا،

هي چهچها، هي قهقها،

هي دلربا، هي جانفزا،

رهه عمل ۾ سنگ ڄاڻ،

تن کان دور ڪر تون پاڻ،

تيزگام هوشيار،

جاڳ اٿ، سجاڳ ٿي،

سجاڳ ٿي، سجاڳ ٿي.

...      ...      ...

جهان ۾ جنگ جنگ آ،

امن جو پير لنگ آ،

زمين وسيع تنگ آ،

”۽ تو تي منهن جو ننگ آ،“

جهان جو توتي ننگ آ،

امن جو توتي ننگ آ،

زمين جو توتي ننگ آ،

سما جو توتي ننگ آ،

اي ننگپال، اٿ سگهو،

اي پائمال، اٿ سگهو،

اي باڪمال، اٿ سگهو،

اي نونهال، اٿ سگهو،

اي خوش خصال، اٿ سگهو،

جهان ۾ جنگ جنگ آ،

امن جو پير لنگ آ،

زمين وسيع تنگ آ،

اٿي اٿي سجاڳ ٿي،

سجاڳ ٿي، سجاڳ ٿي.

محمد ابراهيم جويو

”او سنڌ....!“

او سنڌ!

منهنجي پنهنجي سنڌ!

اڄ ٿو آءٌ توکان پڇان،

ٻڌاءِ!

تون مون کان ڇا ٿي گهرين؟

تون مون کان ڇا ٿي طلبين؟

آءٌ ڪير آهيان؟

تون ٿي مون کان پڇين!

.................. ماءُ!

آءٌ........ تنهنجو اولاد!

تنهنجي مامتا جي گهراين،

تنهنجي شادابين، سبزين،

تنهنجي مٽيءَ، تنهنجي پاڻيءَ، تنهنجيءَ هوا،

۽ تنهنجي وسعت مان اٿيل هڪ ٻالڪ!

تنهنجو اولاد...!

تنهنجو آنڊو، تنهنجو هڏ، تنهنجو رت!

منهنجو جسم تون، منهنجو جياپو تون،

تو مون کي ڄڻيو،

تو مون کي پاليو، نپايو، وڏو ڪيو،

تنهنجي ئي هنج ۾، مون توکي ڏٺو:

تنهنجي سدا حيات سنڌو درياهه،

تنهنجون ٻنيون، تنهنجا ٻيلا،

تنهنجون ماٿريون ۽ ميدان،

تنهنجا جبل ۽ پهاڙ،

تنهنجون جهوپڙيون، تنهنجا واهڻ ۽ ڳوٺ-

هي تنهنجا هاري، ڪمي، ڪاسبي ۽ پورهت-

منهنجا ڀائر،

هي تنهنجي آسمان جا قسمين قسمين پکي،

هي تنهنجي تلائن ۽ ڍنڍن ۾،

ڀانت ڀانت جون مڇيون، ۽ ننڍڙا ننڍڙا جيت،

هي تنهنجي ٻيلن ۽ جبلن ۾،

گهمندڙ ڦرندڙ طرح طرح جا جانور ۽ حيوان،

هي اسان جا رنگ، اسان جا آواز، هي اسان جون نگاهون،

....تنهنجائي رنگ، تنهنجائي آواز، تنهنجون ئي نگاهون ته آهن!

هي سڀيئي!

هي ۽ آءٌ.... اسان سڀئي تنهنجو ئي ته اولاد آهيون!

اسان سڀني جو ساهه، تنهنجي ساهه سان ئي ته ڳنڍيل آهي!

اسان سڀني جو جسم، تنهنجي جسم سان ئي ته جڪڙيل آهي.

اسان مان هر ڪوئي، پنهنجي پر ۾ تو سان

ڳالهائي ٿو،

۽ تون،

جيڪي ڪجهه تو وٽ آهي،

سو سڀڪجهه اسان سڀني کي،

اڻ گهريو ۽ اڻ ميو، پئي ٿي هميشه ڏين!

۽ آءٌ......

انهيءَ جي عوض ڪجهه ڏيان،

ڪجهه ڏيڻ چاهيان ٿو،

- ۽ ڪجهه ڏيندس-

اهو ڪجهه، جو توکان،

تنهنجي وسعتن مان،

تنهنجي شادابين مان،

چورائي ويو....

ديده دانسته ۽ ڏٺو وائٺو!

۽ تون هڪ سوال بنجي وئينءَ،

منهنجي لاءِ، منهنجي ڀائرن لاءِ،

ڪمين، ڪاسبن ۽ پورهيتن لاءِ!

جيجل....!

اهوئي سوال....

...... تڏهن ٿو اڄ توکان آءٌ پڇان!

سنڌ! منهنجي پنهنجي سنڌ!

منهنجي مهرباني مٺڙي ماءُ!

ٻڌاءِ.....

تون مون کان ڇا ٿي گهرين؟

تون مون کان ڇا ٿي طلبين؟

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com