سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1-  1967ع

مضمون

صفحو :14

محرم خان ايم . اي

   سنڌ يونيورسٽي

شاعريءَ جي شروعات

۽

قديم سنڌ

تعارف (Introduction)

        ”شعر، عبراني زبان جي ’شِير‘ لفظ مان نڪتو آهي، جنهن جي معنيٰ ڳائڻ، گيت ۽ ڀڄن آهي. عربي زبان ۾ جو اڄ تائين شعر پڙهڻ لاءِ ’انشاد‘ لفظ عام آهي، تنهن جي معنيٰ پڻ ڳائڻ ئي آهي. مطلب ته شعر جو ماخذ هر طرح سان غِنا ۽ موسيقي آهي.“ مصر جي مشهور استاد احمد حسن ’ زيّات‘ انهيءَ سلسلي ۾ اڳتي لکيو آهي ته ”تحقيقات مان به معلوم ٿيو آهي ته انهيءَ ڏس ۾ عرب اول آزاد نثر کان مسجع نثر ڏانهن مائل ٿيا، پوءِ اتان وري مقفيٰ نثر جي طرف قدم وڌايائون. آخر ڪار مسجع ۽ مقفيٰ وٽان بتدريج ترقي ڪندي رجز تائين اچي پهتا. انهي ڪري شعر جي سڀ کان پهرين شڪل مسجع نثر ئي هئي، جنهن کي شروع ۾ ڪاهَنَ عبادتگاهن ۾ ڳائڻ لڳا، ۽ اهڙيءَ طرح عربي شاعريءَ جي پيڙهه وڌائون.

        يوناني ڪاهنن وانگر عِبراني ۽ سرياني ڪاهَنَ به مسجع ۾ ديوتائن جي ڳڻن ڳائڻ سان گڏ، عوام کي عجب ۾ وجهڻ ۽ متاثر ڪرڻ لاءِ پرولين ۾ پنهنجا ڀيد بتائيندا هئا - ۽ اها ساري ڪارگذاري سجع ۾ ئي ٿيندي هئي. ڏيک وري اهڙو ڪندا هئا، جو ڄڻ ته هو الهام جا ڄاڻو هئا ۽ ديوتائن جي وات سان ڪن لڳائي، گويا انهن سان سس پس پيا ڪندا هئا. انهيءَ واسطي ڳيتن جي ذريعي سندن حضور ۾ رحم جا خواستگار ۽ دعائن جي وسيلي غيبي معلومات ۽ الهامات لاءِ رجوع ٿيندا هئا. پوءِ پنهنجن ديوتائن جا راز مقفيٰ فقرن ۾ (مُنجهائي) عوام کي ٻڌائيندا هئا. انهيءَ عبارت جو نالو ’مسجع‘ رکيائون، ڇاڪاڻ ته ڪبوتر جي آواز (سجع) وانگر انهيءَ ۾ به هڪ قسم جي هم آهنگي ۽ غنايت محسوس ٿيندي هئي.“ پروفيسر احمد حسن زيات ” تاريخ ادبيات عربيءَ“ (اردو ترجمو) ۾ وڌيڪ لکيو آهي ته ”عربن ۽ عِبرانين ۾ جڏهن ڳائڻ وڄائڻ جو ذوق وڌيو، ته شعر، عبادتگاهن مان نڪري ميدان ۽ بيابان ۾ آيو.... مسجع ۽ مقفيٰ جي ميل کائڻ سان ’رجز‘ جي شڪل بڻجي پيئي. عبرانين ۽ شامين اول اهائي صنف سفر ۾ (حدي خوانيءَ لاءِ) ڳائڻ شروع ڪئي. رجز جو وزن اُٺ جي ٽور ۽ لوڏ تي ئي مقرر ڪيائون. انهيءَ ڪري رجز جي تقطيع به اُٺ جي پير رکڻ ۽ کڻن تي ورڇي ويئي آهي... مختلف راڳن ۽ سُرن ۾ وزن جي اختلاف سان پوءِ ته ڪئين بحر ۽ پيمانا پيدا ٿيا... هاڻي ته اوهان خود به ڏسي ورتو ته شاعريءَ جو شروعاتي سرچشمو ’ڳائڻ‘ آهي! ڪبوتر جي آواز مان سجع ۽ اُٺ جي هلڻيءَ ۽ ان جي گهيچي تان رجز جو جنم وٺڻ به انهيءَ حقيقت کي ثابت ڪن ٿا ته شاعريءَ جو اولين مصدر ’شير‘ يعني موسيقي ۽ غنايت آهي.“

        ’موسيقي‘ (Music) جو لفظ، قديم يونانيءَ توڙي يورپ جي ٻين پراڻين ٻولين ۾ هڪ جامع لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ ايتري وسيع آهي، جو شاعري ڳائڻ، وڄائڻ، نچڻ، ناٽڪ ۽ ٻيا جملي اهڙا نَوَ فن (The nine musess) آهن، جي سڀ انهيءَ هڪڙي ئي لفظ موسيقي (Music) ۾ مضمر آهن. دراصل، دنيا جي ڪل قديم قومن ۾ ڳيت ۽ ڀڄن، سانگ ۽ ناٽڪ، ڪيرت ۽ ڪلا، نچڻ ۽ پنبڻ توڙي قصا ۽ ڪٿا اهي سڀ اوائلي انسانن جي آٿت لاءِ اول وندر ۽ ورونهه جو بهانو بڻيا، جنهن مان ايندڙ زماني جي شاعريءَ لاءِ پڻ ميدان مهيا ٿيندو رهيو. اهڙيءَ طرح، ايران جي اوائلي زبان ’زند‘ ۾ شاعريءَ لاءِ ’سُرود‘ (Surood) لفظ آهي، اهو پڻ بنيادي طرح ڳائڻ جي ئي  معنيٰ رکي ٿو؛ جيڪو رقص و سرود جي علاوه سخن ۽ ترنم جي معنيٰ ۾ به استعمال ٿيو. سنڌ ۾ به مجوسين ۽ آتش پرست ايرانين جي اثر کان ’سَروز يا سَروج‘ لفظ عام ٿي ويو آهي، جو ساز – سرود (Instrumental Music) جي معنيٰ ۾ استعمال ٿئي ٿو. ان کان سواءِ، پارس جي پراڻي پهلوي ۽ زند زبانن ۾ خود شاعر کي به ’گوسم‘ (Gosam)  يعني گائڪ، گوَيو ۽ ڳائڻو چوندا هئا. انهن ڳالهين مان اندازو ٿئي ٿو ته لفظن کي ڳائڻ ڪري، انهن ۾ جيڪا ازخود ترتيب آئي، سائي شاعريءَ جي اوائلي ۽ فطري صورت هئي. ايشيا ۽ يورپ جي ٻين قديم تهذيبن وانگر خود انڊو – پاڪستان جي پراڻين ٻولين ۾ به موسيقيءَ لاءِ ’سنگيت‘ جو لفظ آهي. انهيءَ جو بنياد يا ڌاتو ’گيت‘ آهي، جنهن ۾ ’ٻول‘ يا شاعريءَ جو مفهوم سمايل آهي. ’سم‘ ان جي اڳياڙي (Prefix) آهي، جنهن جي مراد آهي ’سريلو يا سٺو ڳائڻ‘. انهيءَ هڪڙي ئي گفتي ۾ راڳ ۽ ڪويتا ٻئي گڏوگڏ، هڪ ئي وقت موجود آهن، اهي سڀ ڳالهيون موسيقي ۽ شاعريءَ جي ساڳئي سرچشمي ۽ هڪڙي ئي بنياد يا اصل جو اعلان ڪري رهيون آهن. مطلب ته شاعريءَ جي شروعات يعني اُن جي آغاز جو نقطو هر طرح سان سُر ۽ سَرواد آهي، جوئي انساني ڪائنات جو اوائلي آهنگ ۽ آواز آهي. اسان جي سنڌي شاعريءَ جي شروعات به انهيءَ ڪري ’ڳائڻ‘ مان ئي ڳولي لهڻي آهي. انهيءَ کان الڳ ٻيو ڪوبه اهڙو ڇومنتر ڪونهي، جنهن اڄ يڪايڪ شاعريءَ کي وجود  ۾ آڻي ڇڏيو هجي. انهيءَ ڪري مٿي ڏَسيل پارپتا، تاريخ مان تلاش ڪري، ان جو منڍ معلوم ڪرڻو آهي. ان جي جنم، نيپاج، ٻالجتيءَ ۽ جوانيءَ جا سڀ سلسليوار مرحلا انهيءَ اصول مطابق ئي مرتب ٿي سگهندا. اهڙيءَ مراد حاصل ڪرڻ لاءِ اسان کي اول پٺ ورائي، پنهنجيءَ پراڻي تاريخ جي تهه تائين پوري پڙتال ڪرڻي پوندي.

تاريخ جي شروعات (Beginning of History)

        سنڌ جو پرڳڻو سمنڊ مان پيدا ٿيل چيو ويو آهي. سالن جي ڳاڻيٽي موجب اهو عمل اندازاً اڌ ڪروڙ کان ويهه لک سال اڳ ٿيو آهي. ان وقت تائين انسان جو ته اڃا نالو نشان ئي نه هو، پر ساري جاندار مخلوق ئي منڍ ۾ گنگي هئي، ۽ ابتدائي جهنگلي انسان جو به شايد اهوئي حال هوندو!- ”انسان کي هن فاني جهان ۾ رهندي اٽڪل پنج لک سال ٿيا آهن.“ سنڌ ۾ به انسان جو وجود انهيءَ وقت کانپوءِ ئي شمار ڪري سگهجي ٿو. پهريون پهريون (جهنگلي) انساني نسل، جيڪو اول اچي سنڌ ۾ آباد ٿيو، سو ’جنوبي پروٽو- آسٽريلائيڊ‘ يعني آسٽريلوي نسل هو. انهيءَ نسل جي ماڻهن کي پريندي اچي، پراڻي پٿر واري زماني جي شروعات ڪئي. اها ئي سندن ايجاد هئي، جا هو لکن سالن جي نويڪلائيءَ واري ڊگهي عرصي اندر ڪري سگهيا. هي ماڻهو منڍ ۾ حيوانن وانگر ولر ولر ٿي رُلندا هئا، ۽ ڪک پن، گاهه ٻوٽا، ڦل ڦول، جيت جانور مطلب ته جيڪي به هٿ اچي ٿي سگهين، سو کائي پيٽ ڀريندا هئا. نيٺ گذريل لک-سوا سالن کان پنهنجي پيٽ گذر لاءِ پهريون پهريون ڌنڌو، جيڪو هنن اختيار ڪيو، سو شڪار جو شغل هو. پکي پکڻ، ننڍا وڏا پسون ۽ مڇيون وغيره ماري، انهن جو ڪچو گوشت کائيندا هئا. پوين ويهاري هزار سالن ۾، هي ماڻهو شڪار لاءِ بانس جو ڀالو يا ڏڦو به ڪم آڻڻ سکيا، ۽ ممڪن آهي ته انهن شڪاري ماڻهن ۾ تير ڪمان جو تصور پڻ پيدا ٿي چڪو هجي! ڇاڪاڻ ته لکين پيڙهين جي آزمائش کانپوءِ به ساڳيائي جهنگلي جانور ته نه رهيا هوندا! هي شڪاري شڪار ڪندي، پکين ۽ پسن جا آواز پڻ آزمائيندا ۽ آلاپيندا هئا، جي ئي سندن اوائلي ٻولي، شاعري، راڳ ۽ ٻيو سڀ ڪجهه هئا. ڀيل، ڪولهي، سنتال وغيره، انهيءَ بُڻ مان چيا وڃن ٿا اهڙين مٿين آزمائشن مان پار پيل، ٻيو به هڪڙو شڪاري نسل، اندازاً گذريل ڏهاڪي هزار سالن کان، عراق عجم جي اتر کان، ڀونوچ سمنڊ جي اوڀر – اتر ڪناري وٽان ڀٽڪندو، ايران عجم اورانگهي اچي مٿانئن ڪڙڪيو. تاريخ ۾ هنن کي دراوڙ (يا ڀونوچولو نسل) سڏيو ويو آهي. برائوهي، اوڏ وغيره انهن جا پونير سمجهيا وڃن ٿا. ڊگهي آزمودي سان گڏ، مٿين ٻنهي قومن ۾ وري پنهنجيون پنهنجيون نسلي خصوصيتون به هيون. ٻنهي نسلن جو اول ٽڪر ٿيو، ۽ عمل – رد عمل ٿيو، آخر منجهن ميل ميلاپ ٿيو ۽ ٻنهي گڏجي، نئين انقلابي دؤر ’نئين پٿر واري زماني‘ جو افتتاح ڪيو. هتان سندن گڏيل زندگيءَ جو ٻيو دؤر شروع ٿيو.

        ايندڙ ٻن – ٽن هزارن سالن تائين ٻنهي نسلن ۽ سندن گاڏڙ قبيلن کي سڪار ڪندي، مال ڌارڻ جي رٿ سُجهي آئي. ڪيل شڪار مان هڏن گُڏن جي بچت ۽ اوبر سوبر جي چُوس تي، جهنگلي ڪتو پاڻمرادو، سندن پٺيان پاڇي وانگر لڳي پيو. انهيءَ کي ڏسي، کين ٻين حيوانن کي هيرائڻ جو خيال آيو. اٽڪل ست هزار ق.م. کان، رڍون، ٻڪريون ۽ ٻيا پسون پڪڙي پالڻ ۽ چارڻ لڳا، تن ۾ به ڳائو مال خاص طرح سان سدورو سمجهيو ويو. اهڙيءَ طرح هو، شڪارين مان سڌري، ڌراڙ ۽ مالدار ٿيا. اها انساني ترقيءَ جي ٽين مکه منزل هئي. آئينده هزار – ٻن هزارن سالن جي چراگاهي دؤر ۾، مال چارڻ ۽ ڏٿ ڏورڻ ڪري، هنن مالوند ڀاڳين ۾، هڪ طرف سرسبز چراگاهن جي چونڊ ڪرڻ جي تميز آئي ۽ پنهنجي پنهنجي مال لاءِ هو وسندڙ جُوءِ والارڻ لڳا؛ ته ٻئي طرف وري پنهنجي پيٽ گذر جوڳيءَ نباتات ڏانهن سندن دلچسپي وڌي. اهڙيءَ طرح پيٽ پرنديءَ جهڙن اناج ڏيندڙ گاهن ۽ ڦل ڏيندڙ جهنگلي وڻن ٻوٽن جي رکوالي ڪندي، کين کيتيءَ جو هنر هٿ آيو. آخر مسيحي عهد کان اٽڪل پنج هزار کن سال اڳ، زراعت ۽ زمينداريءَ جهڙو اعليٰ ۽ عالمگير هنر ايجاد ڪيائون، جو اڄ به سنڌين جو مکه ڌنڌو آهي.

        دنيا جي سڀني قديم قومن ۽ ڪهنين تهذيبن جي تاريخ به زراعت جي بنياد پوڻ سان ئي چالو ٿي آهي. ڪاشت ڪرڻ سان گڏ ئي رولَ شڪارين ۽ خانه بدوش ڌراڙن جي زندگيءَ ۾ دائمي سڪونت آئي. پاڻيءَ جي سَٺي وارا سٺا آئٺا ۽ وسندڙ کيت والاري، اتي ڪکن پنن مان جهوپڙيون ٺاهي، وسنديون ڪري ويهندا ويا. اهڙيءَ طرح وسين ۽ واهڻن جو بنياد پيو. مٽيءَ مان ٿانوَ ٿپا ٺاهي ڪم آڻڻ لڳا- اها ئي سندن اوائلي موڙي ۽ مڏي هئي. دائمي سڪونت جي ديهي آبادين ۾ اٽڪل چار هزار سال ق.م. کان، مذهب ۽ سياست جو آغاز ٿيو. اتي ڏاها ۽ سياڻا شخص عام ماڻهن کان اُڀري اتاهان ٿيا، ۽ ڍڳو کيتيءَ جو مُکه اهڃاڻ مڃيو ويو، جيڪو گهڻو پوءِ شِوِ مهراج جي سواري سمجهي پوڄيو ويو. ڪي سهنجا ۽ سجهائتا هنڌ، هنر ۽ حرفت، صنعت ۽ تجارت جا مرڪز بڻيا ۽ ڳوٺن مان وڌي وڏا شهر ٻَڌجڻ لڳا. نيٺ عيسوي سن کان اٽڪل ٽي هزار کن سال اڳ، موهن جي دڙي جهڙا تخت شهر وجود ۾ اچڻ لڳا. اهڙن شهرن ۾ الڳ عبادتگاهه، مندر ۽ معبد اَڏجڻ لڳا، جتي سياڻا ۽ ڏاها، ڪاهَنَ ۽ ڪوي، پروهت ۽ پنڊت ديرو دمائي، واسو ڪري ويهي رهيا. اڍائي هزار ق.م. کان سنڌ جي سڀيتا دنيا جي قديم قومن تي ڪرُ کڻي پنهنجو نالو نشانبر ڪيو ۽ هن ڌرتيءَ تي پري پري تائين پنهنجو ڌاڪو وڄايو. امن امان، سک سانت ۽ سڪار ڀرئي هن ديس ۾ دنيا جي ٻين ڪيترين ئي قومن ۽ جاتين ڏيڍ هزار ق.م. کان اڳ، توران ۽ ايران کان به اچي اَجهو ورتو. انساني آباديءَ جو انداز سَون مان هزارن ۾ ۽ هزارن کان لکن تائين وڌڻ لڳو. انهن آيل افغاني ۽ ايراني، تاتاري ۽ توراني قبيلن ۽ جاتين ۾، دراوڙ ۽ داس (داهي يا دائينس) ورِسن يا ورِسي ونت، يَتي، پَڻي، آلپائيني، رواتي، واهيڪي، سمباوت، چُول، منگول وغيره مليل هئا. انهن مڙني جي مٿان گني ۽ گياني، ڪاهن ۽ پروهت (Priest-Kings.) هڪ ئي وقت ٻٽو منصب ماڻي رهيا هئا؛ جيڪي ساڳئي وقت سندن سياسي اڳواڻ به، ته وري مذهبي پيشوا به هئا. پر وهت جو ساڳيو ئي گهر، هڪ ئي وقت، مرڪزي آفيس، مندر، محلات، ڪلب، ڪورٽ، آشرم ۽ ناچ- گهر هوندو هو ڇاڪاڻ ڪاهن جو مسڪن جو ٿيو! منجهس اپسرائون ۽ ديوداسيون، ناچ ۽ نرت، وڄت ۽ ڪيرت، ڀڄن ۽ ڀڳت مطلب ته هر قسم جي حرفت جو سامان موجود هو. وقت گذرندي ’نٽ راج‘ (Dancing-God) يعني ’ناچ جو ديوتا‘ جيڪو آريائي شِو مهراج جو به ڪو پڙ- تڙ ڏاڏو هو، هتي جو مکه ديوتا مڃيو ويو، جنهن جي ريجهائڻ ۽ مڃائڻ لاءِ مٿيان سڀ مانڊاڻ منڊيا ويا. هن کانپوءِ ڳائڻ وڄائڻ ۽ نچڻ جو هنر، هاڻي پرستش جي پوشاڪ پائي، سوسائٽيءَ جي سمجهدار ۽ ذهين ماڻهن جي اچي ڪلهي چڙهيو. هيءُ آرين جي آمد ۽ سندن وئدڪ ڪال کان به ڪيئي صديون اڳ وارو دراوڙي دؤر يعني قبل از تاريخي زمانو هو، جنهن جي ڪَلا ۽ ڪوَت، ادب ۽ ساهت سڀ ماضيءَ جي اٿاهه ساگر ۾ غرق ٿي، هميشه لاءِ نيست ۽ فنا ٿي ويا.

هاڻي هن ستجڳ جي سرواد ۽ ناد، پڪار ۽ تنوار، فقط تصور ۾ ئي سڻي سگهجي ٿي. ٻيءَ حالت ۾ هزارين سالن جي تاريخ جي هن اونداهي دؤر کان سانگ ۽ سرود جي سهاري، انساني آواز جي آغاز ۽ شاعريءَ جي شروعات يعني ڪهنيءَ ڪلا جو ڪاٿو ڪرڻ ئي ڪٺن ڪم آهي. بلڪ مٿي آيل موسيقيءَ جي اهڙن اڙانگن اهڃاڻن ۽ پارن پتن پٺيان لڳي پنڌ پوڻ هڪ حد تائين جيئرو جاڳندو جنون پڻ آهي. ۽ انديشو به آهي ته اهڙي انڌي عشق اختيار ڪرڻ تي عاقل ڪوئي عتاب نه ڏين پر اهڙي پنڌ ۾ پير پائڻ کان پوءِ پڇتائڻ پڻ ڪانئر پڻو ۽ مور کائي آهي. تنهن ڪري ’همت بندا مدد خدا‘، رب تي توڪل رکي فضا ۾ تحليل ٿيل انهيءَ الست جي ابدي آواز ۽ انهد جي انادي آلاپ کي ڪَنائيندي ڪنرائيندي، ڪنهن نه ڪنهن حد کان انهيءَ جي ابتدا معلوم ڪرڻي آهي ۽ اتان هن ڪهاڻيءَ جو قافلو پوءِ ڪلجڳ ڏانهن ڦاڻهي پيو هلندو. خواجه نظام الدين اولياء رحمتہ الله عليہ ته اهو الست جو آواز سر پوربي راڳ ۾ سماعت فرمايو هو ۽ اهو واقعو سندن لاءِ ڄڻ ڪلهه ڪلهوڻي ڳالهه هو. – ”ما را در روز ميثاق نداي ”الست بربڪم“ در آهنگ ’پوربي‘ بگوش رسيده بود و آن بنوعي مشاهده مي شود ڪہ گويا ديروز بوده بلڪہ آن روز را هنوز شب نيامده است.“ پر انهيءَ جي ٻڌڻ لاءِ ”هي ڪن گڏهڻا وڪڻي، ٻيا ڪي ڪَنَ ڳنهيج“ وارو شرط نافذ ٿيل آهي، جنهن ۾ اسين ناسوتي بندا بنهه بيوس ۽ معذور آهيون. تنهن ڪري لاچار ڪوڙي ڪنين، ڪنين ٻڌيءَ تي ئي مايا جو مانڊاڻ منڊي، پنهنجي ڪامنا پوري ڪرڻي آهي.

ڳائڻ ۽ شاعري جي شروعات

(الف) ناد يا آواز (The Voice or ‘Air’) : اوائلي انسان ڪڏهن ٻوليو؟ انهيءَ اول ڪيئن ڳالهايو؟ اهڙي شروعات ڪيئن ۽ ڪڏهن ٿي؟ انهيءَ مسئلي تي لسانيات جي ماهرن اڃا ڪابه آخري فتوا ڪانه ڏني آهي. ممڪن آهي ته اوائلي ’بن مانس‘ بهادر (Ape-man) سندس حيوانيءَ يا جهنگليءَ حيثيت مان عبور ڪري، انسانيت جي عهدي حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪا جدوجهد جاري ڪئي، انهيءَ ۾ ئي سندس آواز اڀري آيو هجي ۽ سندس نڙي کُلي پيئي هجي! فرئنڪ لاريمر  (Frank Lorimcr) جي ڪتاب ’سبب جي ساڃاهه‘ (The growth of reason) موجب: امنگ ۽ ايذاءَ، ڪاوڙ ۽ ڏک، خوف ۽ خوشي يا جذبي ۽ جوش جي اظهار لاءِ نداي آواز؛  (Vocative sounds) رڙ ۽ پڪار يا واڪي ۽ تنوار جي شڪل ۾، انساني ڳلو چيري ڦاڙي، بيساخته ناد وانگر ڌوڪي ٻاهر نڪري پيا. (سر يعني پران وايو ‘Air’ جي معنيٰ ئي آهي، پاڻمرادو يا پاڻيهي پيدا ٿيل آواز.) ”اهڙو عمل، انسان جي لاءِ اول فني نوعيت وارو ضرور هو، پر ڊگهي عرصي تائين اهڙن آوازن جي مشق آخر ڪار انساني سماع لاءِ مکه وسيلو بڻي.“ اهڙي طرح، ’بي آواز بن مانس‘ مان ڦري هاڻي ’يا آواز بندو‘ بڻيو. اها ئي سندس پهرين گويائي آهي ۽ شاعري به. اڄ انهيءَ جي قدامت اسان جي اندازي منجهه به نه ٿي اچي سگهي. ڊاڪٽر برني (Dr: Burney) جي تحقيقات آهي ته ”آوازي سر ايترو ته قديم آهن، جو انهن جي شروعات به انساني ارتقا سان متوازي معلوم ٿئي ٿي. ٻيو جي نه؛ تڏهن به درد، دک، محبت ۽ مسرت جا سريلا آواز ۽ ڍار وارا ڊگها سر، دنيا جي هر ٻوليءَ، راڳ ۽ شاعريءَ جو مهاڳ آهن. جذباتي ۽ امنگ وارن آوازن ۾ صاف، قدري خاص لهجي ۽ جهيل وارو سُر کپي، جو منڍ ۾ سڄي انسانذات لاءِ ساڳيو ئي رهيو هوندو؛ سواءِ ان امتياز جي، جيڪو عمر، جنس، نڙيءَ جي اثر ۽ انداز ۾ اچي سگهيو ٿي.... ويندي جيسين مختلف قومن جي مخصوص عادت آهر الفاط مقرر ٿيا.“ خود لفظن جي تقرر ۽ ٻوليءَ جي ارتقا شروع ٿيڻ کان به اڳ، جيئن ڊاڪٽر ڪرٽ سُڪس (Dr: Curt suchs) جي دعوا آهي ته ”انسان ڳائيندا هئا. کين ڪونه ڪو آواز يا ڪوبه سر، جيڪو به ور تي چڙهي ويو ته ان کي سڌي گس ئي تنواريندا رهندا هئا. ان ۾ سکڻو سر ئي سندن امنگ جي اظهار ۽ جذبي جي تسڪين لاءِ ڪافي هو..... هيڪر سندن آواز چالو ٿيو ته يڪدم ٿيڙ کائي وڃي مٿي گهمسان جي ٽيپ تي پهچندو هو ۽ اتان ٿڙڪي هيٺ ڪِرندو، قسم قسم جا جهنگلي جذباتي ۽ خوفناڪ آواز ۽ واڪ ڪندو رهندو هو.“ هن حوالي مان اها ڳالهه آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچي سگهي ٿي ته بي معنيٰ، ڊگها ۽ جهِيل وارا آواز (Long – vovels) جهڙوڪ: آ، هو، او، ها، اِي، هي وغيره، انسان جا ابتدائي ۽ اوائلي ’ڳيِا‘ آهن. غالباً اهڙي اڪيلي ئي آواز کي هر وقت ڳائيندو رهڻ سٻوجهن کي سٺو نه لڳو هوندو، تنهن ڪري ممڪن آهي ته باشعور ۽ جدت پسند سگهڙن پوءِ ان ۾ اضافو آڻي اندازاً اڌ لک سالن کان ٻِٽا حرف علت ڳائڻ شروع ڪيا هوندا!جهڙي طرح آ هو، او هو، آ هي، ها اِي، او ها هي او... وغيره، جيڪي آوازن جي صورت ۾ گويا بي معنيٰ ننڍڙا لفظ آهن، تن مان هر هڪ پنهنجيءَ جاءِ تي هنن لاءِ پورو گيت يا ڳيِو هوندو. رڳو اڄ ئي ڏسو، جهنگ ۾ ڳنوار ۽ ڌراڙ، مال کي هونگار ڏيندي بلند آواز سان جيڪو (سر پهاڙيءَ ۾) آلاپ ڪندا آهن، تنهن جي متن ۾ اڄ تائين به اهڙا بي معنيٰ، ڊگها ۽ ٻٽا حرف علت هوندا آهن. اهو هونگارو ڪجهه هن طرح هوندو آهي، ’هو (اُون) هو، آ هو هو، آ هو، هو آ هو، هو هو، آ هو... وغيره. اها هونگار اڄ به قديم شڪارين جي ’آوازي ڳيت‘ جي ڄڻ ته ياد ڏياري رهي آهي. پروفيسر ايڊورڊ مئڪڊوويل (Edward Macdowell) جو دليل آهي ته ”تهذيب جي شروعاتي تاريخ مان اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته منڍ ۾ انسان ڪوبه آواز يا سر چٽو ڪڍي نه سگهندا هئا. انهن جو آواز مختلف مقامات ڏانهن ٿڙندو رهندو هو. انهيءَ سبب ڪري، سندن سُر لاشعوريءَ ۽ بيخبريءَ ۾ مقرر آستان کان هڪڙو ڏاڪو هيٺ يا مٿي، چڙهندو ۽ ڪِرندو رهندو هو.“ مٿئين حوالي مان هي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته انهيءَ سبب انسان لاءِ هاڻي ’هڪ – سري‘ راڳ کي ٽن مختلف سرن ۾، يا گهٽ ۾ گهٽ هيٺ مٿي جي ٻن  آوازن (کرج ۽ رکب) ۾، جهونگارڻ جو اوائلي آزمودو اتان ئي ٿيو هوندو! ڊاڪٽر بوشر (Bucher) جي انڪشاف مطابق ”ظاهر آهي ته اهي لاتيون، جهيلون ۽ جهونگارون ڳائڻ جي ٻالجتيءَ واري زماني جو هڪڙو ابتدائي خاڪو، هڪڙو پڃرو يا ڍانچو هيون. انهن ۾ لئي تال جي مطابق اڃا لفظن جو ڀراءُ ٿيڻو هو، جن جي سرائتي صورت ايندڙ ڳيت سنگيت جي پيڙهه رکڻ ۾ مکه وسيلو ثابت ٿي. اها ايندڙ زماني ۾ جتي ڪٿي غنايت جي بناءَ بڻي.“

       (ب) سرائتو لفظ (Word Poem) : ڊاڪٽر ڪرٽ سُڪس (Dr: Curt Suchs) ٻڌائي ٿو ته ”انهيءَ سان گڏوگڏ ٻيو به هڪڙو سلسلو اُسري رهيو هو. ڪي سڄاڻ، شروعاتي  ٻوليءَ جي ڪن اُچارن جا ماهر ٿي چڪا هئا. انهيءَ ڪري هڪڙو بي معنيٰ لفظ هڪ تمام ننڍڙو بي مطلب گفتو، بطور متن جي اهڙي جهونگار ۾ مڙهيو ويندو هو ۽ اهو لفظ يا گفتو، اهڙن ٻن (ٽن؟) سُرن جي وچ ۾ آلاپيو ويندو هو، جيڪي هڪ ٻئي کان ڪيتري به مفاصلي تي هيٺ يا مٿي هوندا هئا. اهي ٻه – ٽي آواز هر هڪ جاتي يا خانه بدوش قبيلو (Tribal) پنهنجي پنهنجي نموني سان ڳائيندو، مِلائيندو، مَاٽيندو ۽ ورجائيندو رهندو هو. پر ساڳي گفتي يا محاوري لاءِ اڪثر ۽ ساڳي جاءِ تي (Clan) جي سڀني جهونگارن (Tribal- airs) لاءِ خاص طرح، انهن سرن کي ملائڻ ۽ ڳائڻ جي ترتيب ساڳي هوندي هئي. هن کي ’هڪ – لفظو ڳيت‘ (Worde song) چيو ويو آهي.“ ڀارت مُني شايد انهيءَ کي ئي ’ورت‘ (Bar) ڪوٺيو آهي. منڍ ۾ اهڙا بي معنيٰ لفظ ۽ ٻول، نڙي جي غير مانوس ۽ غير فني هوندي اڻڄاڻائيءَ سان چرپر جا ڪي پڙلاءَ (Sounds) هوندا، انهن اڳتي اچي باترتيب آوازي مرڪبات يا بامعنيٰ لفظن جي شڪل ورتي هوندي ۽ جيڪي پوءِ ڳائڻ توڙي ڳالهائڻ جي ڪم آيا هوندا! پر ڪن جو ته ماڳهين هيءُ رايو آهي ته: بلڪل منڍ واري ’آوازي ٻولي‘ (Sound language) ئي اصل ۾ قديم ترين ماخذ آهي، جنهن مان ڳائڻ ۽ ڳالهائڻ ٻنهي جنم ورتو. ڳاچ جو مزاج ته لئي – تار جي تنظيم ڏانهن ئي مائل رهيو، پر ٻولي ان جي برخلاف، خيال کي آسانيءَ سان اظهار ڪرڻ لاءِ اهڙيءَ پابنديءَ مان آزادي اختيار ڪندي رهي. هيءَ ’هڪ – لفظي شاعري‘ (Word – poem) انهيءَ زماني جو لوڪ ڳيت آهي، جڏهن ٻوليءَ جو هڪڙو هڪڙو ڇڙهو ڇڙمل لفظ به سڄيءَ بامعنيٰ گفتار جو حامل هو. انهيءَ کي اٽڪل پنجٽيهه هزار سال ٿيا هوندا! منڍ واري ٻولي به گهڻو ڪري ٽڙيل پکڙيل ۽ ڇڙو ڇِڙ لفظن جو ڪشڪول هئي. لفظن ۾ نحوي رابطو گهڻو پوءِ آندو ويو.

(ج) فقرو يا تڪ (Phrase-song): ”شروع ۾ جهڙيءَ طرح اڪيلو لفظ به مڪمل جملي جي حيثيت رکندو هو، تهڙيءَ طرح ڇڙهو آلاپ يا اڪيلي جهونگار (Phrase tone) پڻ انهيءَ زماني جو مڪمل ترانو هو. ساڳئي سلسلي ۾ ايڊورڊ مئڪڊو ويل وڌيڪ ايترو به ٻِڌايو آهي ته: اهي آلاپ ۽ لاتيون يا تنوارون به لفظي محاوري يا فقري (Word sentence) سان موافق ۽ متوازي هونديون هيون“ اهڙيءَ طرح، اندازاً ست هزار ق.م. کان، چراگاهي دؤر ڌاري، ٻن لفظن جي ننڍڙن فقرن يا محاورن (Phrase-song) جي ڳائڻ جو دؤر چالو ٿيو، جي فقط ٻن – چئن سُرن جي ميلاپ سان ڳايا ويندا هئا. اهڙا ڇوٽڙا فقرا ۽ ننڍڙا محاورا پوءِ جيتوڻيڪ پوري ڳيت جي حيثيت ڪڏهوڪي وڃائي ويٺا، تڏهن به راڳن ۾ زائد يا ثانوي حيثيت سان پوءِ به ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ ايندا رهيا. اهڙا سريلا فقرا ۽ ٻول (Phrase-tunes)  جن جو مٿي حوالو آيو آهي، ڪجهه مٽيل شڪل ۾، ڪنهن نه ڪنهن صورت ۽ ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان تڳندا آيا آهن. مٿين محاورن جي مترادف ڪي ٻول هتي پيش ڪجن ٿا، جي مقفيٰ، مسجع يا سادا آهن. مثال: اڄڪلهه راڳ چالو ڪرڻ وقت عقيدت وچان جيڪو ’سبحان الله‘، ’هريرام‘ وغيره چوندا آهن، تنهن جو مطلب ته صاف آهي. پر ڳائيندي ڳائيندي وچ ۾ جو ’ڀلوڙي ڀلو، ڀلوڙي يار، ڀلو ٻيلي، ڀلو ميان، الو ميان، الو الو، وو وو...‘ وغيره چوندا آهن ۽ پنجاب جي بيلوا ڳيتن ۾ وري ’هلا بيليا، هلا بيليا‘، ۽ مرزا صاحبان جهڙن رومانوي داستانن ڳائيندي وچ ۾ جيڪي ڊگها ڍار وارا ۽ سريلا ’سڏ‘وجهندا آهن ’او بيليا هو‘، يا پنجابي جاٽن جون ’ٻوليون‘ جيڪي ناچ جي مستيءَ ۾ ڇڙواڳ ٿي ٻوليندا آهن؛ اهڙي طرح پشتو ’ٽپي‘ (لنڊيءَ) جي کڻڻيءَ ۾ پختون خوا، ويهن ئي نَهن جو زور لڳائي چوٽ تي چوندا آهن ’ياڪہ زار‘ ۽ ’يا قربان‘ وغيره؛ اهي سڀ قديم آوازي فقري (Phrase tone) ۽ پراڻي ٻول (Word sentence) جو ئي ميل معلوم ٿين ٿا. ڇو ته جديد شاعريءَ توڙي معياري ٻوليءَ ۾ انهن جو ٻيو ڪوبه مفهوم يا ڪابه معنيٰ ڪانه آهي.

       (د) ڳائڻ ۽ ڳالهائڻ (Poetry & language) : قديم شاعري جي قافلي جو مٿين منزل تي اچڻ کان اڳ، استادن جو هڪڙو وڌيڪ ويچار پڻ ورجائڻ جهڙو آهي. ”جڏهن بي اُچار ۽ غير مرتب ٻولي ، ڪن علامتن ۽ اچارن جو سهارو وٺي، خيال جي اظهار ڪرڻ لاءِ قابل ٿيڻ لڳي، تڏهن ڊگهن ۽ سرائتن آوازن واري اظهار جو طريقو ترڪ ڪري، پنهنجي جداگانه حيثيت قائم ڪرڻ لڳي ۽ اتان ئي ٻولي جي امتيازي شروعات ٿي. لفظن ۽ معنيٰ جي ترتيب ۾ هيءُ هڪ وڏو فني ۽ لساني ڪارنامو هو. هن ئي حد تائين ڳيچ يا ڳيو به انساني امنگ ۽ جذبات جي ترجمانيءَ لاءِ مخصوص ٿي ويو ۽ رواجي گفتار کان هميشه جي لاءِ ممتاز بڻجي ويو.“ هن کان پوءِ وارا انسان ٻي ته ساري ڳالهه ٻولهه لفظن، گفتن، محاورن ۽ فقرن ۾ نڀائيندا رهندا هئا، پر جڏهن به ڳائڻ جو امنگ اٿندو هونِ تڏهن پنهنجا احساس ۽ مشاهدا وري به جهِيل ۽ ڍار يا سُر ۽ تار ۾ ئي پلٽيندا هئا(3).“ – ”هاڻي اهو ڳائڻ يا ڳيت جيڪو هزارين سالن کان رواج ۾ اچي چڪو هو، سو وڌندو ويجهندو ترقيءَ جي هڪ اهڙيءَ فنيءَ  منزل تي اچي پهتو هو؛ جتان علحده بنيادن تي ان جا ٻه مختلف حصا معلوم ڪيا ويا. انهن مان ’پهريون‘ ڀاڱو، مئڪڊو ويل جي چوڻ موجب، ’خاص اعتقادي بنياد وارو هو، جيڪو ديوتائن يا بزرگن جي واتان نڪتل وائيءَ (واڻيءَ) جو رسمي پڙاڏو يا ڌرمي روپ هو، ۽ خطابت جو فن به انهيءَ حصي مان اُسريو – جنهن ۾ جوش وارو ڳالهاءُ، ان وقت جي نفسياتي طرح اظهار جو تقريباً مڪمل طريقو هو، تنهن ۾ آواز جي لات وري ان کي ابدي اولاڻو عطا ڪيو.‘ (ان ۾ اول تڪون ۽ ڪليون، ٻول ۽ جملا ڳائجڻ شروع ٿيا، جن، پوءِ ڀڄن ۽ ڀڳتيءَ جو بنياد وڌو.) ڳائڻ وڄائڻ جوٻيو مکه ڀاڱو وري ’تخميني يا اندازي‘ هو، جيڪو هٿن پيرن جي حرڪتن يا جسم جي جهومڻ ۽ جهولائڻ مان پيدا ٿيو. تنهن گهربل تڙپ ۽ ولولو پيدا ڪيو. ناچ، نرت ۽ رقص جو رواج اتان ئي اسريو.“ انهن ٻنهي ڀاڱن مان هيل تائين فقط پهرئين اڌ يعني ناد سُر (Air) جي پچاڙ ٿيندي پئي آئي آهي، جنهن ۾ آوازن ۽ لفظن، گفتن ۽ محاورن، فقرن ۽ تُڪن، ڪَلين ۽ ٻولن يا جملن ۽ مصراعن جي ڳائجڻ تائين بيان ٿي آيو آهي. اهي سڀ ٽن – چئن سُرن اندر ڳايا ويندا هئا. هاڻي ڳيت جي ٻئي، ’فني يا قياسي‘حصي يعني لئي، تال ۽ نَٽَ جو به ڪجهه ذڪر چورجي ٿو.

اوزان ۽ پيمان: (The time & tempo)

       هيستائين فقط ڳائڻ، ڳالهائڻ، شاعريءَ ۽ ٻولي جي پچار ٿيندي پئي آئي آهي. انهن سڀني جو سرچشمو ’ناد‘ يعني آواز (Voice) آهي، جيڪو انسان جي ڄمڻ کان ئي ساڻس گڏ ’اُئان، اُووان‘، ڪندو آيو آهي. انهيءَ مان ئي تلفظ ۽ اُچار، آلاپ ۽ تنوار، لات ۽ جهونگار، لفظ ۽ گفتو، ڪلي ۽ تڪ، ٻولي ۽ ٻول يا ڳائڻ ۽ شاعري؛ اهي سڀ هڪ ٻئي پٺيان اُسرندا پئي آيا آهن. انهن سڀني جي جوڙ جڪ، ماپ ڪَڇ ۽ ونڊ ورڇ (Scansion) ڪيئن ٿي، تنهن جي آکاڻي به عجيب آهي: ابتدائي انسان آواز ڪڍندي ئي پاڻهي پنهنجي سُر ۾ محو ۽ مگن ٿي ويو. ڊگهو هوڪو جاري رکندي، انهيءَ سان گڏ مستيءَ جي اظهار لاءِ والهانه انداز ۾ تاڙيون وڄائڻ لڳو. اهو ئي اوائلي انسان جو پهريون پهريون ساز هو، جنهن راڳ سان رفاقت ڪئي. بلڪ ائين چوڻ جڳائي ته هيءُ ئي اُن اوائلي زماني جو مڪمل سازينه هو، جنهن سان سنگيت جي سنگت ٿي. ابتدائي آرڪيسٽرا (Jazz) ، ساز سنگت مطلب ته سڀ ڪجهه اهو ئي ترين جو ڦهڪائڻ هو، جيڪو مٿي ڳيت جو ٻيو مکه حصو مڃيو ويو آهي. انهيءَ تريءَ جي وڄائڻ تان ئي ’تار‘ جو تخمينو ڪيو ويو. هندستاني ٻولين ۾ به هٿيليءَ (Palm) يعني تلي يا تاليءَ مان ’تال‘ (Time) لفظ ٺهيو آهي. جهڙيءَ طرح عبراني ۽ سامي لوڪن اُٺ جي هلڻ ۽ سندس داڦوڙي جي ٿڦڪي تان وزن (meter) جي شروعات ڪئي، يا جهڙيءَ طرح قديم رومين ۽ يونانين انڌاڌنڌ هنبوڇين هڻندي ’ردم‘ (rhythm) جو راز ڳولي ورتو، تهڙيءَ طرح سنڌو ماٿريءَ جي واسين وري تريءَ جي تار تي ئي ’ماترائون‘ مقرر ڪيون. انهيءَ مان اڳتي اچي ’لئي‘ (Tempo) ۽ ڇند (عروض Prosody= جا ماپا ۽ ڪاڇا بڻايا ويا ۽ اتان ئي اوزان ۽ پيمان جي ونڊو هِٽ ۽ جوڙ جڪ پوءِ پاڻهي اڳتي اُسري.

       اوائلي انسان، رات جي رهاڻ ۾، جيڪڏهن سڄيون راتيون، باهجي چوڌاري ويهي ڳائين ۽ تاڙيون ڦهڪائين، ته صبح جو سندن هٿ ضرور سور ڪندا يا سُڄي پوندا هوندا. تنهن ڪري سياڻن انهيءَ جو بدل سوچيو ۽ ڪاريگرن کي موسيقيءَ جي آله سازيءَ جي ڪارخانن قائم ڪرڻ جو خيال آيو. اول انهيءَ مطلب لاءِ پنج هزار ق.م. ڌاري، ٺڪريون آزمائي ڏٺائون.پر اهي اوچتو پڄيو پون، ته بزم جو سارو ئي رنگ ’شُون‘ ڪري اُڀ ڏي اڏاميو وڃي ۽ گائڪ نائڪ وات ڦاڙي وائڙا ٿي ويهو رهن‘ هاڻي ڪلاڪار وڏي ويچار ۾ پئجي ويا. آخر ڪار استادن هوش هلائي، ڪاٺ جي ٻن چپڙين مان ’کڙتال‘ (Castanets) جهڙو انوکو ۽ عجيب ساز ايجاد ڪري ئي ڏيکاريو! هاڻي ته ڳائڻ لاءِ مڪمل وڄت (Jazz- Drums) وجود ۾ اچي ويئي. (پوءِ ته ڏاڍو مزو ٿيو هوندو!) سنڌو ماٿريءَ جي ڪيترن ئي ڪهنن ڀڙن مان به کڙتالون هٿ آيون آهن. کڙتال لفظ جي معنيٰ به هٿ جي تِري (palm) آهي. گهڻو پوءِ، ٻه هزار ق.م. ڌاري، جڏهن مسترين ٽامون ۽ ڪنجهو (Bronze) ڪمائڻ شروع ڪيو، تڏهن ڪي شوقين شاعر ۽ نٽراڄ پنهنجي لاءِ پتل جا گول کڙتال (جانجهه) ۽ ٿالهيون (Cymbals) ايجاد ڪرڻ لڳا. تلفظ جي اعتبار کان ٿالهي يا ٿالي لفظ به تالي يا تاڙيءَ مان نڪتل معلوم ٿئي ٿو. آثار قديمه وارن کي به اهڙيون ننڍڙيون ٿاليون (جانجهه) مليون آهن. اهڙو انڪشاف پروفيسر اسٽوئرٽ پگٽ به ڪيو آهي. هنن نون سازن وري ڇيڄ هڻڻ لاءِ جادو جاڳايو. ڇو ته ناچ ۽ تال اول کان ئي هڪ ٻئي جي جند ۽ جان آهن. سماع جي وجد ۾ جهولڻ جهومڻ، ۽ تار تي پيرن جي پنبي هڻڻ سان ئي هيءُ لطيف فن جاري ٿيو. انهيءَ ڪري ساهت، سنگيت، ڇند ۽ گائن وديا ۾ اڄ به ’چَرن‘ (Foot) لفظ جي معنيٰ تُڪ يا ڪلي (stanza) آهي. شايد ناچ جي هڪڙي ’وَرَتَ‘ (Bar) سان گڏ جيڪو ٻه – لفظو ٻول يا گفتو ڳائيندا هئا، انهيءَ کي اول ’چرن‘ چوندا هئا. (پيرن جي ٺمڪ تي ’ٺمري تال‘ به ٺهيو آهي، انهيءَ تال ۾ جيڪي ڳايو ويو سو به ’ٺمري‘ سڏجڻ ۾ آيو.) جهمر ۽ رقص جو رواج واديءَ مهراڻ ۾ موسيقيءَ جي بلڪل پهرينءَ پڪار يا اولين صدا (The first cry) سان گڏ ئي شروع ٿيو.

       موسيقيءَ وانگر نرت ۽ رقص پڻ شاعريءَ جو بنيادي محرڪ آهي ۽ انهيءَ جي پرورش ۽ پالنا ۾ پڻ پورو حصو ورتو اٿس. رقص جي قدامت به ڪٿڻ کان ٻاهر آهي. دنيا جي پراڻن پهاڙن ۽ ’انهن جي غارن ۾ هزارين سال اڳ وارن جهنگلي انسانن جي ڪماڻ سان شڪار ڪرڻ ۽ ناچ جون تصويرون جبلن ۽ غارن جي ڀتين تي نڪتل مليون آهن. تنهن کان سواءِ ”هڪڙو هو بادشاهه.... وغيره“ اهڙيون اڻ لکيل يا زباني لوڪ ڪهاڻيون، جي دنيا جو اوائلي ادب توڙي تهذيب ۽ تمدن جي تاريخ جو منڍ آهن؛ انهن آکاڻين ۾ عاشق (سورمون) اڪثر پَرين جي ملڪ ۾ پهچي ٿو، يا ڪنهن بادشاهزاديءَ جي باغ ۾ وڃي ٿو نڪري. تلاءَ جي ڪناري تي ڪماريءَ جون سٺ سهيليون مڙن ٿيون، يا پرين جي ڪا ٽولي اوچتو لهي اچي ٿي. پريون چانڊوڪيءَ ۾ ناچ ڪن ٿيون، يا راڄڪماريون باغ ۾ گڏجي ڳائين ۽ نچن ٿيون. اتي آکاڻيءَ جو سورمون ساڻن ’سنگت‘ ڪندي، سدائين ڍولڪ وڄائيندو نظر ايندو آهي. ڏيڍ هزار ق.م. کان گهڻو اڳي، اهو فن هتي وڏو عروج کي پهتو.- ”موهن جي دڙي مان ديوداسيءَ يا ’نرتڪيءَ‘ (رقاصه) جو ڪَنجهي مان ٺهيل پتلو ۽ هڙپه مان پٿر جو پتلو، جنهن ۾ ’نٽ راڄ‘ يعني ناچ جو ديوتا عالمِ رقص (Dancine-pose) ۾ مجسّم ڪري ڏيکاريو ويو آهي. انهيءَ ڳالهه جو کليل ثبوت آهن، ته واديءَ مهراڻ ۾ ناچ کي انهن قديم ماڻهن جي مذهبي رسمن ۾ مکه جڳهه هئي ۽ پوڄا جو خاص حصو سمجهيو ويندو هو.“ ڪاٿي ميئر (Kathi meyer) قديم مذهبي رقص لاءِ چيو آهي ته ”ڪافي مدت تائين ڳائڻ جو دارو مدار ئي ناچ تي هو، جو ڪڏهن به ان کان الڳ نه رهيو. ڇاڪاڻ ته تمام آڳاٽي زماني ۾ انسانن جي زندگيءَ تي ريتين رواجن جو هڪ تمام ڊگهو ڄار ڇانيل هو، جيڪي گويا انهيءَ زماني جون مذهبي رسمون هيون. بلڪ هي ڄڻ ته نج پوڄائون هيون، جيڪي بلڪل سچيءَ دل سان مڃيون منايون وينديون هيون. انهن ۾ دعائون ۽ ڳيت رڳو ناچ جي ساٿ ڏيڻ لاءِ هئا ۽ جن کي فقط ثانوي حيثيت هوندي هئي. ناچ انهن سڀني تي حاوي هوندو هو، ڇاڪاڻ ته ان کي ئي ڪرشمي ۽ ڪرامت جو راز سمجهيو ويندو هو. انهيءَ ڪري ئي آڳاٽن ڳيتن ۾ هر هنڌ سنگيت جو هنر هيٺئين درجي تي ئي رهيو. هري هري مذهب جي رغبت جڏهن لفظي اظهار ڏانهن وڌندي ويئي، تڏهن دعائون ۽ منتر به ڌرمي ناچ جي برابر اڀري آيا. پر دنياوي جشن ملهائڻ ۾، وندر جو ڳائڻ ته پوءِ به ناچ جوئي ٻانهون رهجي ويو.“

        مٿي چپٿڙين ٺڪرين ٽڪرائڻ جو اشارو اچي چڪو آهي. دراصل، ڪاٺيءَ ۽ ڪنجهي ڪمائڻ کان گهڻو اڳ، واديءِ سنڌ جا رهواسي اٽڪل 5000 ق.م. ڌاري، مٽيءَ مان مَٽ ۽ دلو (ڊمبرُو) بنائي باهه ۾ پچائڻ سکيا هئا. گهڻو پوءِ گهڙي جي منهن تي هٿ هڻڻ سان ڪنهن کي ’گُهمَڪ‘ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، سو کڻي اچي مندر جي مقدس تبرڪات ۾ شامل ڪيائينس ته ڪيرت ۽ ڀڄن ۾ ڀيڙو ٿئي. ديوان جيرامداس دولترام جي کوجنا آهي ته ”انهيءَ کي گهٽ ۾ گهٽ به 3000 سال ق.م. ته ضرور ٿيا هوندا.“ – ”پراڻي زماني جا اهڙا گهڙا به مليا آهن، جن جي منهن تي کل مڙهي انهن کي وڄائيو ويو هو. انهيءَ هڪ – منهين گهڙي تان ڪنهن کي وري ٻه – منهين گهڙي بڻائڻ جو خيال آيو. انهيءَ لنبوتري گهڙي کي ٻنهي پاسن کان مڙهي ’مِرڌنگ‘ (Mirdang) تيار ڪيائون.“ انهيءَ ڪري مرڌنگ لفظ جي معنيٰ ئي آهي ’مٽيءَ جو ٺهيل‘، جيڪو اڃا تائين مهاراشٽر ۾ ’گهومٽ‘ جي نالي سان جيئرو آهي ۽ آڱرين سان وڄائڻ جي بجاءِ هٿ جي ترين سان وڄائڻ جو ساز آهي.

       هيڪر قديم سنڌين کي جو کل مڙهڻ جو ڏانءُ اچي ويو، سو وڻ جي پوري ٿڙ کي ٻنهي پاسان چمڙو مڙهي ’پَکاوج‘ ٺاهيائون. پکاوج پوءِ ’ڌُرپد‘ ڳائڻ جي ڪم آيو، جيڪو اڄ تائين ٻنهي پاسان هٿن جي ترين سان وڄائبو آهي.“ مرڌنگ ۽ پکاوج ۾ هيءُ فرق آهي، جو پهريون واڄو مٽيءَ مان ٺهيو ۽ پويون ڪاٺ مان، تنهن ڪري ’پڪو واڄو‘ يا ’پڪواج‘ سڏجڻ ۾ آيو. (ايراني اثر کان پڪواج مان ڦري هاڻي پڪواز يعني طبلو ٿيو آهي، جو پکواج کي ٻه اڌ ڪري بنايو ويو آهي). هي ايجادون آرين جي اچڻ کان گهڻو اڳ ٿيون آهن. – ”موهن جي دڙي مان لڌل هڪڙيءَ مهر تي ’مرڌنگ‘ اُڪريل آهي ۽ ٻيءَ هڪڙيءَ مهر تي پوجاريءَ جي ڳچيءَ ۾ ’پکواج‘ پيل ڏيکاري ويئي آهي. ٽينءَ مهر تي ڪوئي سورمون شينهن جي اڳيان ’پڪواج يا ڍولڪ‘ وڄائيندي ڏيکاريل آهي. چوٿينءَ مهر تي، هڪڙي ديوداسي، سانَ (ڍڳي) جي سامهون نچي رهي آهي، ۽ پنجينءَ مهر تي وري مڱڻهار وچ تي ’دهل‘ وڄائي رهيو آهي، ۽ پوڄاري پاسن کان نچي رهيا آهن. اهڙن آثارن مان پڌرو آهي ته دنيا جي ٻين پراڻين تهذيبن وانگر سنڌ جي مندرن ۾ به ديوداسيون رهنديون هيون ۽ پوڄا جو بنياد ديوتا جي اڳيان ناچ ڪرڻ ۽ ڳائڻ وڄائڻ تي هو. هن مقالي جي منڍ ۾ عيسوي سن کان چند هزار سال اڳ جا، سامي ۽ عبراني ڪاهن (Semetic Priests) ديوتائن جي اڳيان مقفيٰ ۽ مسجع تُڪون ڳائيندي معلوم ڪيا ويا آهن. يقيناً موهن جي دڙي جا پروهت ۽ پوڄاري به ساڳيءَ طرح مٿئين ديوتا جي اڳيان ڇوٽيون تُڪون ۽ ڪَليون، ٻول ۽ ڳِيا ضرور ڳائيندا هوندا! (هيءُ سارو مضمون جيئن ته سنگيت جي ڪتابن ۽ موسيقيءَ متعلق مقالن ۽ مضمونن مان مواد ڪٺو ڪري مرتب ڪيو ويو آهي، تنهن ڪري پڙهندڙن کي انهيءَ ۾ بظاهر ’شروعاتي شاعري‘ جي بجاءِ ڳائڻ جو ڳچ سارو مواد محسوس ٿيندو. پر اهڙيءَ جستجو ۾ موسيقيءَ جي ذريعي استعمال ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ته ڪو چارو به ڪونهي.)


(1)  ”تاريخ ادبيات عربي“ ص 66. پروفيسر احمد حسن زيات (مصر) اردو ترجمو عبدالرحمان طاهر سورتي 1961ع

(1)  ”تاريخ ادبيات عربي“ص 64 ۽ 65 پروفيسر احمد حسن زيات (مصر)، اردو ترجمو عبدالرحمان طاهر سورتي 1961ع

(1)  ”تاريخ ادبيات عربي“ ص 25 ۽ 66 استاد احمد حسن زيات (مصري). اردو ترجمو: عبدالرحمان طاهر سورتي.

(2)  انسائيڪلوپيڊيا برٽئنيڪا جلد 16، ص 3 کان 19، تائين ”موسيقي“.

(1)  پروفيسر  ڊاڪٽر قاضي نبي بخش، صدر شعبهء فارسي، سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد کان، زباني ٻڌي قلمبند ڪيل.

(1)  ”واديء سنڌ کي تهذيب“: محمد اديرس صديقي، محڪمه آثار قديمه پاڪستان، ڪراچي 1959ع.

(1)  مٿيان جيڪي به  سن آهن، سي Dawn of Civlization تان ورتل آهن.

(1)  ”هماري موسيقي“: اداره مطبوعات پاڪستان، پوسٽ باڪس نمبر 183 ڪراچي، 1961ع.

(1)  Prof: O. GosvamiL “The Story of Indian Music. (Asia publishing house). p.I

(1)  PrajnananadaL Historical Development of Indian MusicL p.49

(2)  ProfL O. GosvamiL The Story of Indian Music. (1961) p.2

(1)  Projnananada Swami: Historical Development of Indan Music, p.46

(1)  Prof: O. Gosvami: The Story of Indian Music-Bombay. p.3

(1)  Prof: O. Gosvami: The Story of … Music: p.2

(2)  Projnananada Swami: Historical development of music, p.48

(1)  Projnananada Swami: Historical Development of Indian Music. PP. 44-46

(1)  ۽ (3) Historical development of Indian Music, P. 43

(1)  Historical development of Indian Music. Pp 48-49

(1) ”واديءَ سنڌ کي تهذيب“: ص 155 ۽ 190 محمد ادريس صديقي محڪمه اثار قديمه پاڪستان

(1)  ”واديءَ سنڌ کي تهذيب“: صفحو 155 ۽ 174، محمد ادريس صديقي، محڪمه آثار قديم پاڪستان،

(1)  Prof: O. Gosvami: The Story of Indian Music. P. 20

(2)  هند واسي، مئي 1957ع.

(1)  ”هماري موسيقي“: صفحو 108. اداره مطبوعات پاڪستان. _انٽرنئشنل پيرس ڪراچي).

(2)  Hidstorical development of Indian Music. P. 44.

(*)  هن ديوتا لاءِ ڪي رايا گڏ ڪري، پڇاڙيءَ ۾ رکيا ويا آهن.

(1)  ”واديءِ سنڌ کي تهذيب“: صفحو 155 ۽ 190 محڪمه آثار قديمه پاڪستان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com