سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1-  1967ع

مضمون

صفحو :18

سندن وفات تي، سکر ۽ روهڙي جا ڪاليج بند ڪيا ويا ۽ وڏي جلوس سان، سندن نعش کي، سکر جي پراڻي اباڻي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.

شيخ رحيم بخش مرحوم.

سنڌ جي علمي ۽ تعليمي حلقن لاءِ اها خبر نهايت ڏک پهچائيندڙ آهي ته، سنڌ جي مشهور قانوندان، سابق سيشن جج، انجمن حمايت الاسلام جي صدر، سچل سرمست جي مڪتب، فڪر سان وابسته صوفي، شيخ رحيم بخش، 15 فبروري 67ع تي، وفات ڪئي آهي.

        مرحوم، سردار بهادر محمد بخش مرحوم جو ننڍو ڀاءُ هو. سندن وفات کانپوءِ، انجمن حمايت الاسلام جو سارو بار مٿن آيو. پاڻ انجمن جي تعليمي ۽ تعميري ڪمن کي نهايت خوش اسلوبيءَ سان، تڪميل تي پهچائيندي، وڃي رب سان مليو.

        انجمن حمايت الاسلام جي تعميري ڪمن، ۽ تعليمي ترقيءَ ۾ سندن نگاهه ۽ تجربي جو وڏو دخل هو. انجمن جي پاران، حيدرآباد کان سواءِ نوابشاهه ۽ راڻيپور ۾ به ڪاليج هلي رهيا آهن. ان طرح سچل سرمست تي، جو ڪجهه به تعميرات جو سلسلو رهيو آهي، ان ۾ مرحوم شيخ صاحب وڏو ڪم ڪيو آهي.

        پاڻ سخي قبول محمد سائينءَ جي معتقدن مان هو، کين خلافت پڻ عطا ڪئي ويئي هئي.

        مرحوم شيخ صاحب، هڪ رلڻو ملڻو، خوش خلق، خاموش طبع ۽ درويش صفت انسان هو. صوفيانه مجلسن ۾ شريڪ ٿيندو هو. کين پنهنجي وڏي ڀاءُ، سردار بهادر محمد بخش جي مقبري ۾، انجمن حمايت الاسلام جي ايوان ۾ دفن ڪيو ويو.

        هن صدمه جانڪاهه ۾، اسان سندن فرزند ۽ سندن ڀائٽين سان شريڪ غم آهيون ۽ دست بدعا آهيون ته الله تعاليٰ، مرحوم کي مرهي ۽ جنت ۾ جاءِ ڏئي ۽ سندن پسماندن کي صبر جميل جي توفيق ڏئي. اناللهِ وانا اليہ راجعون.

مولانا علي محمد ڪاڪيپوٽو.

هيءَ خبر، علمي ۽ مذهبي حلقن لاءِ نهايت ڏک  رسائيندڙ آهي ته سنڌ جو وڏو عالم ۽ فاضل بزرگ، علامه علي محمد ڪاڪيپوٽو، 3 مارچ 67ع تي، هن دار فانيءَ مان رحلت ڪري، سراءِ جاودانيءَ ڏانهن راهي ٿيو.

        مرحوم علامه ڪاڪيپوٽي جو شمار، برصغير هند و پاڪ جي وڏن عالمن، محققن، اديبن، شاعرن ۽ مدرسن ۾ ٿئي ٿو. پاڻ ديوبند جو فاضل هو ۽ ان سان گڏ، مولوي فاضل ۽ منشي فاضل پڻ هو.

        قديم فلسفي ۾، سندس مطالع ۽ نگاهه نمايان حيثيت جي شهرت حاصل ڪري چڪي هئي. سندس فلسفه جي ڄاڻ متعلق، سنڌ جي مشهور صوفي ۽ عارف، فلسفي ۽ عالم، دين، حضرت مخدوم بصر الدين سيوستاني رحه، پڻ مدح ڪئي آهي. ڪيترن اهم مسئلن جي سلجهائڻ جي سلسلي ۾ حضرت مخدوم صاحب جن، پنهنجن مريدن ۽ صحبتين کي هميشه مولانا ڪاڪيپوٽه جوڏس ڏيندو هو.

        ان کان سواءِ اها به فخر جهڙي ڳالهه آهي ته شاعر مشرق، علامه اقبال مرحوم، قديم فلسفه جي ڪيترن دقيق ڪتابن جي حل ڪرڻ جي سلسلي ۾، علامه ڪاڪيپوٽي جي شاگردي قبول ڪئي. فلسفي ۽ منطق جي انهن مسئلن کي حل ڪرڻ جي سلسلي ۾، علامه اقبال، علامه سيد سلمان ندويءَ سان به خط وڪتابت ڪئي هئي، پر اهي مسئلا حل نه ٿي سگهيا. ڪاڪيپوٽي سان، علامه اقبال جي ملاقات جي تقريب به عجيب آهي. پاڻ هڪ ڏينهن اورينٽيئل ڪاليج پنجاب جي سربراه، ميان محمد شفيع سان گڏ، لئبريري ڏسندي، اهو رجسٽر طلب ڪيائون، جنهن ۾ قديم فلسفي ۽ منطق جي ڪتابن پڙهندڙن جا نالا داخل هئا. ڏسڻ کانپوءِ کين حيرت ٿي ته اهي ڪتاب فقط هڪ سنڌي عالم مطالع لاءِ ورتا آهن، جو علامه ڪاڪيپوٽو!

        ان کان پوءِ کين علامه اقبال گهرايو ۽ سندن شاگرديءَ ۾ اهي مسئلا حل ڪيا. مختلف فلسفيانه مسئلن مان هڪ دقيق مسئلو، ”رئيت“ جو آهي. ان مسئلي ۾ چيو ويو آهي ته ”شعاع معڪوس“ جي رد عمل سان ئي ”نظر“ جو تعلق آهي، ’اَک‘، فقط هڪ آلو ۽ واسطو آهي. جديد سائنس به اهو ئي ٿي چوي. علامه اقبال، يوناني عالمن ۽ مسلمان عالمن جي بحث کي سمجهڻ کان پوءِ، کين اعتراف نامو لکي ڏنو.

        سندن عربي ادب ۽ قديم شعراء عرب تي لکيل مقالا، اڄ به اورنٽيئل ميگزين لاهور ۾ ڏسي سگهجن ٿا. سندن عربي شاعرن تي، جي لغت ۽ قافيه ۽ رديف متعلق بحث ڪيل آهن، اهي نهايت دقيق ۽ عالمانه آهن. مولانا مرحوم عربي ادب تي سَندَ جي حيثيت جو مالڪ هو.

        ان سلسلي ۾ فقط هڪ مثال پيش ٿو ڪريان. ”ڪتاب النوادر“ مشهور عالم ابو زيد انصاري (215هه) جو لکيل آهي. ان جي 1894ع واري بيروت جي ڇاپي جي ”فهرس القوافي“، ’عيون الاخبار‘ (اصحاب دارالڪتب المصريه) (ايڊيشن 4884هه) پاران ڇپيل، جي طرز تي لکيائون. اها فهرست اورنٽيئل ڪاليج مخزن فبروري 1934ع ۾ مڪمل شايع ٿي آهي، ان مان سندن تبحّر علمي جي خبر پوي ٿي.

        علامه مرحوم، پنهنجي دور جي ڪامياب مدرسن مان پڻ هو. پاڻ سرڪاري سڪولن ۾ عربي جو استاد پڻ رهيو. پاڻ جڏهن ٺل اسڪول ۾ عربي جو استاد هو، تڏهن ساڻس هالا نوان ۾ ملاقات ٿي هئي.

        سندس سادگي ۽ ساده دلي ڏسي حيرت وٺي ويئي. کين ترڪي ٽوپي پيل هئي، ۽ خضاب لڳل هو. ان ادبي ڪانفرنس ۾ پير الاهي بخش (ان وقت جو وزير اعليٰ سنڌ) ۽ علامه دائود پوٽو به شريڪ ٿيو هو. ان ڪانفرنس ۾ علامه ڪاڪيپوٽه، عربي ادب تي هڪ عالمانه تقرير پڻ ڪئي هئي.

        اسان مولانا مرحوم جي وفات حسرت آيات کي، علمي ۽ ديني حقلن لاءِ ناقابل تلافي نقصان سمجهون ٿا. دعا آهي ته رب ڪريم شال کين جنت ۾ جاءِ ڏئي ۽ سندن پسماندن کي صبر جميل عطا فرمائي.

محمد. اي. حافظ.

سنڌ جي مشهور صوفي طبع ۽ درويش صفت بزرگ، جناب محمد. اي. حافظ، 4 مارچ 67ع تي، حيدرآباد ۾ وفات فرمائي آهي. مرحوم جو تعلق، حيدرآباد جي مشهور سيٺ خاندان سان هو. لنڊن ۾ علامه آءِ. آءِ قاضي صاحب سان گڏ، پاڻ بار ايٽ لا ڪيائون. ان موقعي تي لنڊن ۾، سندن قائداعظم سان دوستانه تعلقات پيدا ٿيا: لنڊن ۾، اوائلي دور ۾ جا مسلم ليگ جي تشڪيل لاءِ ميٽنگ ٿي هئي، ان ۾ مرحوم، صلاحڪار ڪميٽيءَ جي سرگرم رڪن جي حيثيت سان شرڪت ڪئي. بار ايٽ لا ڪرڻ کان پوءِ هت سڌي طرح ڊپٽي ڪليڪٽر ٿيا.

        قيام پاڪستان کان پوءِ، پير پاڳاره جي گادي بحال ڪرائڻ جي سلسلي ۾، مرحوم وڏو ڪم ڪيو. ان لاءِ پاڻ وزيراعظم، قائد ملت لياقت علي خان، سان بار بار ملاقاتون ڪري، مٿن زور آڻيندا رهيا.

        مرحوم آخري وقت تائين، ٿياسوفيڪل تحريڪ سان وابسته رهيا. ان سلسلي ۾ مائي ايني بيسنت سان سندن تعلقات رهيا. پاڻ ان تحريڪ جي وڏن سرگرم ليڊرن ۾ شمار ٿين ٿا. مرحوم، حيدرآباد ٿياسوفيڪل سوسائٽيءَ جا 10 سال متواتر صدر رهيا. سندن علمي دوستن ۾ هندو ۽ مسلمان، پارسي ۽ مسيحي عالمن جو وڏو تعداد موجود آهي.

        آخري دؤر ۾ پاڻ خلوت نشين رهيا. آخر تائين صوم و صلواة جا پابند رهيا. سندن روشن چهرو، سندن دل جي پاڪائيءَ جو دليل هو. سندن ديني جذبو ۽ صوفيانه طبع هڪ مثال آهي. اسان هن ڏک ۾ سندن پسماندن مان سندن ڀاءُ، مسٽر عبدالصمد، ۽ سندن فرزندن مسٽر محبوب عالم، مسٽر مقبول عالم ۽ مسٽر مشڪور عالم سان شريڪ غم آهيون. دعا آهي ته رب کين مرهي، ۽ سندن پسماندن کي صبر جميل جي توفيق ڏئي.

مولانا ابوبڪر شبلي.

سنڌ جي نوجوان اهل قلم، صاحب طرز انشا پرداز، مولانا ابوبڪر شبليءَ ٿريچاڻيءَ، عين عالم، شباب ۾، 6 مارچ 67ع تي وفات ڪئي آهي.

        مرحوم شبلي، حضرت امروٽيءَ جي مشهور خليفي مولانا عبدالعزيز ٿريچاڻيءَ جو پوٽو هو. ديني علوم ۽ علوم عاليه جي تڪميل جي سلسلي ۾، سندن استادن ۾ مولانا غلام مصطفيٰ قاسميءَ جو اسم گرامي موجود ڏسي، مرحوم شبليءَ جي ذهانت ۽ مطالع جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

        مرحوم شبليءَ کي، عربي علوم تي هڪ خاص مقام حاصل هو. ان سلسلي ۾، بغداد ۾ به ڪجهه عرصو رهيو. اداره تعليمات اسلام پاڪستان پاران، ڪيترن عربي ڪتابن کي پڻ ايڊٽ ڪيائين. سندس سنڌي اخبارن ۽ ديني رسالن مان موحد، مبلغ ۽ الّرحيم ۾ موجود آهن. خاص طرح سان، حضرت امروٽيءَ جا ڪارناما، جنهن محققانه انداز ۾ مرحوم لکيا آهن، انهن کي تاريخي حيثيت حاصل آهي.

        مرحوم شبليءَ جي هن جوانيءَ جي وفات حسرت آيات تي اسان سندن پسماندن سان شريڪ غم آهيون. دعا آهي ته رب ڪريم شال کيس مرهي ۽ علمي دنيا کي ڪو اهڙو نعم البدل عطا ڪري ۽ سندن پسماندن کي صبر جميل جي توفيق عنايت فرمائي.

انا لِلهِ وا انا اليہ راجعون

(غ.م.گ)

علمي، ادبي ۽ ثقافتي سرگرميون

مارئيءَ جو ميلو

(ڳوٺ ڀالوا – ملير-، ٿرپارڪر- 6 مارچ 1967ع)

        واديءَ مهراڻ جي عظمت ۽ عصمت جي لافاني ڪردار، آزادي ۽ حب وطن جي لاثاني پيڪر، حريت ۽ سچائيءَ جي مثال داستان، غيرت ۽ حميت جي املهه ورثي – ”مارئي“ – جي ياد ۾ اٽڪل ستن صدين کان پوءِ، گذريل 6 مارچ 1967ع تي، سندس آبائي وطن ملير (ٿر) جي پُر سڪون ڳوٺڙي ”ڀالوا“ ۾، وڏي پيماني تي ادبي ۽ ثقافتي ميلو منعقد ٿيو، جنهن جي ياد جا نقش، شرڪت ڪندڙن جي ذهن تان ميسارجڻ مشڪل آهن.

        ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ٿرپارڪر جي مخلص ۽ ادب ذوق وائيس چيئرمن ۽ ٿر علائقي جي محبوب نمائندي، الحاج مير محمد بخش خان ٽالپر جي ذاتي ذوق، جدوجهد ۽ ڪوشش سان، سنڌ جي عالمن، اديبن، شاعرن، صحافين، سگهڙن، فنڪارن ۽ اهل علم دوستن کي، ”مارئي“ جي وطن ملير جي سرزمين تي حاضر ٿي، عظيم تهذيبي ۽ تاريخي ڪردار کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو موقعو مليو.

6- مارچ 1967ع تي، ڀالوا ۾، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۽ دور دراز علائقن مان لارين ۽ جيپن ذريعي پهتل شاعرن، اديبن، صحافين، فنڪارن، آفيسرن، پنجن هزارن کان مٿي عام هندو مسلمانن، ٿر جي ڀٽن ۾ منعقد ڪيل هن ميلي ۾ اچي مارئي جهڙي عظيم ڪردار کي بي انتها خلوص ۽ سچائيءَ، عقيدت ۽ محبت جو خراج پيش ڪيو.

مارئيءَ جي ميلي جو هي دلڪش نظارو، گذريل ستن صدين جي ادبي، تهذيبي ۽ تاريخي دؤر جو هڪ اڻ مٽ نشان پئي معلوم ٿيو. جهنگ ۾ رنگ ۽ بَر ۾ بازار وانگر، مارئيءَ جي کوهه جي ڀرسان، عاليشان پنڊال لڳايل هو، جنهن ۾ ميڪرافون جي وسيلي سان، هزارين سامعين آرام سان ويهي، ڪار گذاري ٻڌي سگهيا. اديبن، شاعرن، آفيسرن ۽ مهمانن لاءِ جدا تنُبو لڳايل هئا. مارئيءَ جي نالي تي هڪ بازار لڳائي وئي، جنهن ۾ ٻين ميلن وانگر مختلف قسمن جا دڪان سينگاريل هئا. اهي دڪان، جن ۾ هوٽلون به اچي ويون، پنجاهه کن هئا. انهن کان سواءِ هڪ نمائش به لڳايل هئي، جنهن ۾ ٿر جي دستڪاري، ڀرت ۽ هنر جون شيون ۽ کيس، کٿا، لويون وغيره رکيل هئا.

        ميلي جي تقريب صبح جو شروع ٿي. ماروئڙن، مختلف هنڌن تي ويهي، محفل مچائي، مارئيءَ جي بيتن کي ڳايو وڄايو. ان کان سواءِ خريد ۽ فروخت به چالو رهي. منجهند جو ساري ميلي جي هزارن مهمانن ۽ ماروئڙن کي، مير صاحب پاران ”ڏُٿ“ جي مهماني کارائي ويئي، جنهن ۾ نهايت عمدو کاڄ پيش ڪيو ويو.

        شام جو اُٺن ۽ گهوڙن جي ڊوڙ جو پروگرام پيش ڪيو ويو. ان ڊوڙ ۾ هوشيار سوارن، دل کولي حصو ورتو.

        سج لهڻ تي، ساري ميدان ۾ چانڊاڻ ٿي ويئي. مير صاحب، بجليءَ جو جنريٽر لڳارايو هو. اها چانڊاڻ، ساري ميدان تي ڄڻ نور جي پالوٽ ڪري رهي هئي. سارو ميدان، مارئي بازار، پنڊال، تنبو، بجليءَ جي جگمگاهٽ سان ٻهڪي رهيا هئا. ايتريقدر جو ميلي ۾ بيٺل وڻن ۾ به رنگارنگي بلب لڳايا ويا هئا.

        شام جو ستين بجي پنڊال ۾ ادبي ڪانفرنس شروع ٿي، جنهن ۾ تقريباً پنج هزار سامعين ۽ انهن کان سواءِ، شاعر، اديب، صحافي، فنڪار، استاد، شاگرد، چڱا مڙس، يونين ڪائونسلن جا چيئرمن ۽ ميمبر، مهمان ۽ ٿر جا ”ماروُ“ موجود هئا.

        تلاوت ڪلام پاڪ کانپوءِ، هن يادگار ڪانفرنس جي صدارت، سنڌ جي مشهور اديب ۽ عالم، رسالي ”مهراڻ“ جي ايڊيٽر جناب مولانا غلام محمد گرامي صاحب کي سونپي وئي. بروقت مير حاجي محمد بخش خان ٽالپر (سابق ايم. پي. اي.) مرحبائي خطبو پيش ڪيو. مير صاحب نهايت والهانمه انداز سان، ٿر جي تاريخي حيثيت ۽ معاشرت متعلق دلنشين پيرايي ۾ تعارف ڪرائي، مارئيءَ جي ڪردار ۽ عصمت جو موجود حالتن سان موازنو ڪري، حب الوطنيءَ جا جذبات پيش ڪيا.

        مير صاحب جي مرحبائي خطبي جو جواب، پنهنجي صدارتي تقرير ۾ مولانا غلام محمد گرامي ڏنو، جا نهايت پسند ڪئي وئي.

ان کانپوءِ، مقالن جي نشست شروع ٿي، جنهن ۾ هيٺين اديبن مقالا پڙهيا.

(1)              ”خراج عقيدت“ – حاجي محمود هالائي، ايڊيٽر ’همدرد‘ ميرپورخاص، (2) ”مارئي ۽ ماروُ – ڀٽائي بادشاهه جي نظر ۾“ – مولوي عبدالحميد مڱريو، (3) ”ماضي ۽ حال جي مارئين جا مذڪور“ – لغاري محمد هوت ’مجرم‘، (4) ”مارئي“- مولوي عبدالستار ساند، (5) ”مارئيءَ جو ميلو“ – غلام محمد لغاري، (6) ”ستيءَ جو سيل“ – بنيسنگهه سوڍو، ننگر پارڪر، (7) ”مارئي ۽ حب وطن“ – رائچند راٺوڙ، چيلهار، (8) ”مارئي ۽ ملير“ – موهن لال سروپچند، ننگر پارڪر، (9) ”مارئيءَ جو ڪردار – روحاني روشنيءَ ۾“ – سيد جعفر شاهه مورائي.

مقالن جي نشست کانپوءِ، هيٺين عالمن ۽ اديبن، تقريرون ڪيون. (1) مولانا محمد عثمان ڏيپلائي، (2) مسٽر فضل محمد ڪپري، ميمبر ضلع ڪائونسل ٿرپارڪر، (3) مسٽر ممتاز مرزا، (4) شيخ محمد اسماعيل.

ان کانپوءِ مشاعره جي نشست شروع ٿي. ان نشست ۾ هيٺين شاعرن مارئيءَ کي خراج تحسين پيش ڪيو: (1) ”ساجد“ سرشاري، (2) لغاري محمد هوت ”مجرم“، (3) مجذوب“ لاشاري، (4) مولوي عبدالحميد مڱريو، (5) پرڀو ”ناشاد“، (6) نند لال ”نندن“، (7) محمد سليم دل، (8) ”محسن“ سمو، (9) موهن لال سروپچند، (10) رڻجيت چارڻ، (11) مجنو فقير، (12) بقا ڪرڻ، (13) خمدان چارڻ، (14) سروپيو مڱڻهار، (15) سگهڙ حاصل فقير وسايه پوٽو وغيره .

مشاعري کان پوءِ، راڳ جي محفل لاءِ ٿر علائقي جا چونڊ راڳيندڙ موجود هئا. اول فقير الهڏني رند بلوچ (شڪارپور مان آيل) مشهور صوفي ٻڍل فقير جي ڪافين سان، محفل جي شروعات ڪئي. ان بعد ٿر جي مقبول ڳائڻيءَ، مائي ڀاڳان (مِٺيِءَ واري) لطيف جون ڪافيون ڳائي، مجلس ۾ روح پيدا ڪيو. مِٺيءَ واري مُراد فقير مڱڻهار ۽ ڪالو مڱڻهار به خوب ملهايو. محمد هوت درس، گيندو خاصخيلي ۽ ڀڳڙي ڀيل جون بينون به ساراهيون ويون.

اسلامڪوٽ ۽ ننگر پارڪر هاءِ اسڪولن جي شاگردن، ڊرامه، فيچر، مولود، قصيدا ۽ راسوڙا وغيره پيش ڪيا ۽ آخر ۾ سگهڙن جي ڪچهري شروع ٿي. سگهڙ بخشو شر، ٻيڙو فقير ڪنڀر، مارُ ٿيٻو، شير محمد درس ۽ ٻين سگهڙن جي ڏور ۽ ڳجهارتن سان پرهه ڦٽڻ تي هئي. صبح جو 5 بجي، هي يادگار ادبي ڪانفرنس ڪاميابيءَ سان ختم ٿي.

آخر ۾ زراعت کاتي طرفان دستاويزي فلمن جا رول ڏيکاريا ويا. ٿر جي جن مختلف يونين جي چيئرمنن، هاءِ اسڪولن جي استادن ۽ شاگردن، چڱن مڙسن، مُکين، وغيره جي تعاون سان هي ڪانفرنس ۽ ميلو انتهائي ڪامياب رهيا، تن جا چند مکيه نالا اهي آهن: ڪامريڊ غلام محمد لغاري، وڏيرو عبدالعفور سمون – ڳوٺ لوڻيه (ننگر پارڪر)، رئيس ڪاپڙي خان کوسو- چيئرمن يونين ڪائونسل هاڙهو (ننگر پارڪر)، فقير محمد پناهه هاليپوٽو – چيئرمن يونين ڪائونسل چوٽل (ننگر پارڪر)، سيٺ سوگارو مل لوهاڻه – ميمبر صلع ڪائونسل (ڳوٺ ڏنو ڏانڌل، ننگر پارڪر)، وڏيرو حبيب الله ساند – چيئرمن يونين ڪائونسل پيلو (ننگر پارڪر)، مکي ايشور لال – يونين ڪائونسل ننگر پارڪر، فضل محمد ڪپري – ميمبر ضلع ڪائونسل، مکي نهالچند رامچند (اسلام ڪوٽ)، آچار خان بجير – چيئرمين يونين ڪائونسل مٺي، الحاج غلام حسين طاهراڻي – وڪيل، حاجي محمد ابراهيم مومن (ڪنري)، حاجي اميد علي خان لغاري (ميرپور پُراڻي)، مُکي لکميچند (مٺي)، حاجي محمود هالائي – ايڊيٽر ”همدرد“ (ميرپورخاص)، مسٽر صاحبڏنو ميمڻ – هيڊ ماستر هاءِ اسڪول مٺي، مسٽر احمد علي ميمڻ – هيڊ ماستر هاءِ سڪول ڇاڇرو، مسٽر لڇمڻداس – هيڊ ماستر هاءِ اسڪول اسلام ڪوٽ، مُکي شيو ڪرام (اسلام ڪوٽ)، ڊيزرٽ جو ڊپٽي ڪليڪٽر، ڊويزنل فاريسٽ آفيسر – ريگستان، ۽ ننگر پارڪر جو مختيار ڪار وغيره.

سڀني مهمانن جي رهائش ۽ خوراڪ جو نهايت اعليٰ درجي جو انتظام، محترم مير صاحب طرفان رکيل هو.

ٻئي ڏينهن، 7 مارچ 67ع، واپسيءَ وقت، شاعرن، اديبن ۽ مهمانن کي، گس تي آثار قديمه جا مشهور ”گوڙيءَ جا مندر“ گهمايا ويا، جي تاريخي ۽ تهذيبي طور ’جينَ ڌرم‘ جي دؤر جا چيا وڃن ٿا. جن ڏانهن سرمارئيءَ ۾ لطيف پڻ اشارو ڪيو آهي.

مارئيءَ جي پهرين ئي ميلي ۽ ادبي ڪانفرنس جي ڪاميابيءَ جي مد نظر، ضرورت آهي ته انهيءَ روايت کي برقرار رکندي، سال بسال اهو ڏهاڙو منعقد ڪيو وڃي، جيئن عظيم تهذيبي ورثي جي ياد تازه ٿيندي رهي ۽ مارئيءَ جي پاڪيزه ۽ بين الاقوامي ڪردار تي عمل ڪرڻ جي عهد لاءِ موقعو ميسر ٿئي. ان سلسلي ۾ سنڌ جي اهل ذوق اديبن ۽ شاعرن کي توجهه ڪرڻ جڳائي.

ان سلسلي ۾ جناب مير محمدبخش خان ٽالپر مبارڪ جي لائق آهي، جنهن هن قسم جو تاريخي ۽ تهذيبي ميلو مچائي، سنڌي ادب ۾ هڪ نئين ۽ انوکي روايت کي جنم ڏنو آهي. ان سان گڏ سندن توجهه ان طرف ڇڪائڻ به مناسب آهي ته هو صاحب، ان ميلي جي پوري ڪار گذاري، ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرائي؛ جنهن ۾ مضمون، مقالا، شعر ۽ سگهڙن جا بيت ۽ مختلف تصويرون هجن – اها هڪ تاريخي خدمت ٿيندي.

مارئي ڪانفرنس ۾ پيش ڪيل مرحبائي ۽ صدارتي خطبا، تقريرون ۽ مقالا، مختصر طرح سان، ’مهراڻ‘ جي پڙهندڙن لاءِ پيش ڪجن ٿا.

خطبا

مرحبائي خطبو – مير حاجي محمد بخش خان ٽالپر

محترم و مڪرم معزز مهمان، مرحبا!

السّلام عليڪم

        اڄ 600- 700 سال بعد، مائي مارئيءَ جي پراڻن پڊن تي هيترو ۽ ههڙو اجتماع ڏسي، نه رڳو مون کي پر هر هڪ آزاديءَ ۽ وطن پرستيءَ سان محبت رکندڙ جي دل خوشيءَ سان معمور آهي.

        جناب عالي:

        آءُ هڪ پاڪستاني، سنڌي ۽ ٿر واسي هئڻ سبب فخر محسوس ٿو ڪيان ته اڄ هن ملير ڄائيءَ مارئيءَ جي لاءِ اسان وٽ ان کان تمام وڏو درجو آهي، جيڪو انگلش قوم ۾ ”جون آف آرڪ“ جو آهي. مارئيءَ جو داستان تمام مشهور آهي، ان ڪري هت فقط مثال پيش ڪنداسين؛ ليڪن هن لڄ ۽ ننگ پرور جي عظمت ايتري ته بلند آهي جو اسان هر ڳالهه ۽ هر مثال ۾ سندس لوئيءَ جو ۽ لڄ جو ننگ وجهندا آهيون ته مارئيءَ جي لوئيءَ جي لڄ رکجو. هن مان توهان سندس عزت ۽ احترام جو مقام معلوم ڪري سگهو ٿا، جيڪو اسان جي دلين ۾ موجزن آهي.

        معزز مهمان!

        مارئي هڪ افسانو يا روماني داستان نه بلڪ هڪ حقيقت آهي. سندس پهريون بيان اسان کي مير طاهر محمد جي ”تاريخ طاهريءَ “ مان ملي ٿو، جا تاريخ 1621ع ۾ جڙي راس ٿي يعني اڄ کان ٽي سؤ ڇائيتاليهه سال اڳ. ان ساڳئي مصنف جي هڪ ٻي تصنيف ”ناز و نياز“ ۾ سنڌ جون جهونيون ڪهاڻيون نظم بند ڪيون آهن، ان ۾ پڻ هن صاحب عمر مارئيءَ جو قصو وڏي شد و مد سان بيان ڪيو آهي. مگر افسوس جو اهو ڪتاب ڪم از ڪم سنڌ ۾ موجود نه آهي.

        چوڻ ۾ ٿو اچي ته سڀ کان اول سنڌي شاعر، جنهن جا شعر اسان تائين پهچي سگهيا آهن، سو آهي حضرت ميون شاهه عبدالڪريم رحه، جيئن پاڻ فرمائين ٿا ته:

”ڪاڻياريون ڪيئن ڪن، عمر اڇا ڪپڙا،
جن جا هُتِ ٿرن ۾، ور ٿا ويڻ سهن!“
 

ٻئي هنڌ چون ٿا ته:

”صورت ليکي هِتِ، معنيٰ ليکي ماروئين،
”عمر مون جي چت، اوطاقون ٿرن ۾!“
 

ٽئين هنڌ آهي.

”اکڙيون ملير ۾ جني راتو ڏينہ،
عمر آسائن سين هاڻي ڪندي ڪيءَ؟“
 

        ان ۾ ته ڪوبه اختلاف ڪونه آهي ته مارئي واقعي ٿر جي هئي. البت ڪن صاحبن، تعلقي کپري ۾ ڍورو جي لڳ، مارئي مهاڻيءَ جي قبر کي مارئي ڪري مشهور ڪيو آهي ته ڪي صاحب ان خيال جا آهن ته مارئيءَ جو ڳوٺ عمر ڪوٽ جي نزديڪ هئڻ گهربو هو؛ اها سندن حقيقت کان غير واقفيت آهي ۽ سندن خيال موجب ’ملير‘ يا ’ڀالوا‘ سومرن جي هٿ هيٺ هئوئي ڪونه. همير جنهن کي عمر جو والد ڪري شمار ڪيو ويندو آهي، جنهن جو ڀڙو يا دڙو اڄ صوفي فقير جي ڳوٺ لڳ موجود آهي، تنهن بقول ولبر فورس بيل جي، يا Roos Malla of Gujrat-History of Kathiawar، ڪيرنٽي يا ڪيرٽي گڍ، همير سومري مڪواڻن راجپوتن کان فتح ڪيو هو. ڪي ڪيرٽيءَ کي ڪڇ ۾ ته ڪي مٺيءَ تعلقي جي ڪيرٽيءَ کي شمار ڪن ٿا. ڪهڙو به قول صحيح هجي، ٿر ۾ سومرن جي حڪومت جو مڪمل قبضو هو. لوڪ ادب جي ”سنڌي لوڪ ڪهاڻيون“ نمبر 7، مرتب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صفحه 113 ۾ همير سومري، ڪاٺياواڙ جي دنگ تي راجا وير گجر جي مدد ۾ ڪاهه ڪري، دشمن راجا کي جيتيو. عمر ڪوٽ کان ڪڇ تائين جو آسان رستو ننگر پارڪر مان ٿي سگهي ٿو. ڪڇ جو راجا جيڪڏهن، همير ۽ سندس وچ ۾ ٻيو ڪو طاقتور حڪمران هجي ها ته ان کان مدد وٺي ها؛ اگر اهو حڪمران، راجا وير گجر جو مخالف هجي ها ته همير سومري کي هرگز ٿر مان لنگهڻ نه ڏئي ها. ان مان پڻ ثابت آهي ته ٿر جا حڪمران سومرا هئا. اگر ڪي ننڍا سردار هئا، ته به سومرن جي ماتحت هئا. خود اُهي صاحب جيڪي مارئيءَ کي عمر ڪوٽ جي نزديڪ هئڻ جو استد لال سهڻي لطيف جي رسالي مان وٺن ٿا؛ تن جو اهو دليل به غلط آهي. بيشڪ شاهه صاحب عمر سومري کي ٿر جو حاڪم ضرور ڄاڻايو آهي. ليڪن شاهه صاحب يا ٻين شاعرن مان به ڪجهه حوالا ڪم آڻيون ته بهتر. ان سان گڏ ٿر جي نالن تي به ضروري آهي ته ڌيان ڌريون.

        ٿر جي هر هڪ حصي کي پنهنجو نالو آهي. ’کوکراپار‘ ريل جي اتر طرف، کپري تعلقي جي ٿر کي، ”اڇڙو ٿر“ چيو ويندو آهي ۽ ڇوڙ کان ريل کان بلڪل ڏکڻ طرف پنج – ڇهه ميلن جي پٽيءَ کي ”روهي“ چيو ويندو آهي. باقي ڇاڇري تعلقي جي اڪثر حصي ’تڙ احمد‘ کان ’کينسر‘ ۽ اُتان ڇوڙ تائين حصي کي ”کائر يا کائڙ“ چيو ويندو آهي. مٺيءَ تعلقي جي رڻ سان لڳ واري حصي کي ”سامروٽي“ ۽ تعلقي ننگر پارڪر جي پارڪر واري حصي کان سواءِ باقي حصي کي ”پائر“ چيو ويندو آهي. اهڙيءَ طرح ٻين تعلقن جي ايراضين جا ٻيا ڪي نالا آهن، جيئن ”موهر يا مهراڻو“ ۽ ”ونگو“ وغيره، جنهن جو طوالت جي خوف کان ذڪر نٿو ڪيو وڃي. مگر سموري وارياسي حصي کي ٿر چيو ٿو وڃي جو لفظ، سنسڪرت لفظ ”سٿل“ مان نڪتل آهي، معنيٰ ”پاڻي کان سواءِ“. اسان هت ٿر جي طبعي حالت يا جاگرافي ته بيان نٿا ڪري سگهون، تنهن ڪري هاڻ شعراءَ ڪرام جي ڪلام مان هر هڪ احوال ڏيون ٿا.

        حضرت ميون شاهه عنايت رحه پنهنجي ڪلام سرمارئيءَ ۾ فرمائين ٿا ته:

”ڏهه ڏونہ اڀي ڏي، سنيها سيد چئي،
نياپا نينهن گاڏئان، ڪو پائر پانڌي نئي،
آنءُ پڻ تنهين کي، ڇنڊيان کهه آکين سين.“
 

        يعني مارئي جا مائٽ يا وطن ’پائر‘ ڄاڻايو ويو آهي. اسان جو ملير يا ڀالوا به ان ’پائر‘ ۾ آهي.

ٻئي هنڌ فرمائين ٿا ته:

”وس چرن ويڙهه رهن، ڪنڊن هيٺ قرار،
سوئي ساريم سومرا، پائر جو پنهوار،
لٿو ڏيهه ڏڪار، عمر جو عنات چئي.“

هن ۾ مارئيءَ پنهنجا پنهوار مائٽ ’پائر‘ جا رهاڪو سڏيا آهن.

ٻئي هنڌ فرمائين ٿا ته:

 ”سنجهي سنجن کوهه، صبح ساڏوين ۾،
پونياڻي پکن ۾، لاڻي جي لهه چُوهه،
سونهنَ سبز سيد چئي، ٻونگر مٿي ٻُوهه،
راتئو ڏينهان روح، منهنجون اکيون مهر ملير ڏي.“
 

معلوم هجي ته ’کائر‘ جيڪو عمر ڪوٽ جي اوڀر ۾ آهي، اتي ڪٿ به ’کارو لاڻيءَ‘ جو ٻوٽو نظر نه ايندو؛        ليڪن هن ’ڀالوا‘ کان چند ميلن جي مفاصلي تي ’ڪاري تڙ‘ جي ’ٺٺر‘ (سخت زمين) وٽ اڄ به ’کاري لاڻيءَ‘ جا ٻوٽا موجود آهن.

ٻئي هنڌ فرمائين ٿا:

”ڪنين ٿرين ڪنين ٿوهرين، ڪَنين اباڻي چئجانءِ،
پائر جي پيرن کي، آئين ڪو عرض ڪجاءِ،
الله ات نجاءِ، ته لوئيءَ جي لڄ رهي!“
 

        هن مان مارئيءَ جي وطن ’پائر‘ جو واضح ثبوت موجود آهي. ڀٽائي گهوٽ جي ڪجهه حوالن ڏيڻ کان اڳ ايترو عرض ڪنداسين ته جملي ٿر کي شاهه سائين، مارئيءَ جو وطن تصور ڪري، جملي ’ٿر‘ جو ذڪر ڪيو آهي. ليڪن هن مارئيءَ جي خاص خطي کي پڻ نه وساريو آهي. جيئن ته اسان ٿري عام طرح پڇڻ تي پاڻ کي پهرين ٿري ۽بعد ۾ ڳوٺ جو نالو وٺندا آهيون، جيئن شاهه صاحب جن هڪ جڳهه تي فرمائين ٿا ته:

”کاروڙئان کڻي، ’ويڙهي جهپ‘، ويا،
سڄڻ منهنجا سپرين، هتي ڪالهه هئا.“
 

هاڻ ’کاروڙو‘ ڏيپلي جي ميمڻن جو قديم ڳوٺ آهي. ’ويڙهي جهپ‘ پڻ ڏيپلي تعلقي ۾ آهي. ان جي معنيٰ اها هرگز ڪانه آهي ته ڪو مارئي کاروڙي يا ڏيپلي جي هئي. جيئن شاهه لطيف جي فرمائين ٿا ته:

”مينڍا ڌوئي نه مارئي، پيس پنهواريون چت،
راج رئاري هنجون هاري، هيءَ هُتي جي هت،
آهس پائر پار جو، کجڻ ۽ کپت،
وينگس ويڙيچن ريءَ، مس ڪا سڻي مت،
سومرا سپت، ڪر ته ڪوٽئا نڪري!“
 

يعني مارئيءَ هت هر وقت ’پائر‘ جي يادگيري ۽ اوسئڙو ڏيکاري ٿي. ٻئي هنڌ آهي ته:

”مينڍا ڌوئي نه مارئي، ٿيس ڪرنون وار،
ستيءَ سيئي ساريا، جي پائر جي پنهوار،
عمر انهيءَ ڌار، مور نه رهي مارئي!“
 

يعني مارئيءَ کي خواب ۾ به پائر جا پنهوار ياد پئي پيا. ٻئي هنڌ آهي ته:

”ويٺو وجهه وجهي، هنيون پر ۾ پنهوارن،
ات اڪنڊي آهييان، پائر ۽ پرينَ،
ڪريان ٻي نه ڪن، وينديس وطن سامهين!“

يعني پرين يا عزيز ٻئي مارئي کي ياد هئا.

”تن ساڏوهين سڏ مران، ڏنگا جنين ڏار،
ڀڻي سان ڀتار، پائر پيرون چونڊيا!“

ياوري:

”ڏٽين پٽين دير، مهين ماروئڙن جا،
پائر سڀ پچي پيو، گهر گهاريندي ڪير،
ڪوٽين لڳن ڪير، محلن منهنجي مون هيون!“

يا وري:

”پاسا پولڙين ۾، ٻانهون سر ٻيئي،
اکيون نڪ آريج ريءَ، ٽمايم ٽيئي،
ڏور ٿيا ڏيهي، پرين پائر وٽ ۾!“
 

        هن بيت ۾ شاهه سائين مارئيءَ بابت بلڪل واضح ثبوت ڏنو آهي. پارڪر جي ٿر لڳ واري حصي کي ”وٽ“ به چيو ويندو آهي. يعني هت چوي ٿو ته ’پائر‘ به اهو جو ’وٽ‘ جي نزديڪ آهي يعني ’ڀالوا‘ به ’وٽ‘ کان چند ميلن تي آهي. ٻئي هنڌ آهي ته:

”ٿا جا ٿربر جهل، پپون ’پائر‘ ’وٽ‘ ۾“

يا

”هت م پارج هيڪڙو، ’پائر جي پساه.“

يا

”چانڪ پيندس پرينءَ سين، ’پائر‘ جو پنير“

يا

”’پائر‘ سڀ پسائيو، وسي وڄڙين“

مارئيءَ جي ’پائر‘ جي وطن هئڻ جون ٻيون به ڪيتريون ٻين شاعرن جون شاهديون موجود آهن.

شاهه عنايت جي پوٽي شاهه شريف جو بيت آهي ته:

”ڏيهي رهي راڄ، وطن وس وسنديون،
مون سڱيڻا سومرا، هت نه اچن هاج،
پائر منجهه پچي پيا، خوب کٿيرين کاڄ،
ستين جا شريف چئي، اگهائين آواڄ،
لوئڙياري لاڄ، قادر وجهه مَ ڪوٽ ۾!“
 

شاهه قطب، شاهه عنايت جي ٻئي پوٽي جو ڪلام آهي ته:

”چارين ۽ وارين، پهون ’پائر‘ ’وٽ‘ ۾،
مائٽ منهنجا سومرا، اهڙو ڌڻ ڌارين،
ڪارڻ قوت قطب چئي، سومريون سارين،
ڊاٻر جي ڍارين، تن جو سيل م ڀڃج سومرا!“

خليفي نبي بخش لغاريءَ پنهنجي ڪلام ۾ ته ڳالهه بلڪل واضح ڪئي آهي:

”ڪٿ ’کائڙ‘ ڪٿ کير، ڪٿ ’پائر‘ ڪٿ پنهواريون،
مون سر چڙهي سومرا، وڇوڙي جي وير،
هوند نه هت همير، گهڙي گهاريان ان ريءَ.“
 

يعني پنهوار ’پائر‘ جا آهن، کير ’کائر‘ جو، جيئن ته ’کائڙ ۽ پائر‘ ٻئي ٿر جا حصا آهن، ان ڪري ٻنهي جو ذڪر آهي، پر پنهوار ’پائر‘ جا ٻڌايا اٿس.

ٻئي هنڌ چيو اٿس ته:

”پکا ’پائر‘ ڪنڌين، سونهن سائي ريل،
منهن گولاڙن مکڙيون، ڦليا جيئن ڦليل،
ڀلي ڀاروڙن جي، چٽي ان چنبيل،}
لون ڀانيان، سيل، لوئي هريا لڱڙا!“
 

        اهڙي طرح شاعرن جون سوين شاهديون ملي سگهن ٿيون، ته مائي ’مارئي‘ ٿر جي پائر جي حصي جي ”ڀالوا“ جي ڳوٺ ۾ رهندڙ هئي. هندي، ڪڇي، ٻين ڪتابن ۽ پستڪن مثلا ڪڇ جي ”رس ڌار“ يا ”ڪڇ جي گجراتي اتهاس“ وغيره ۾ پڻ جو ڪجهه ذڪر آهي، ان ۾ پڻ مارئيءَ جو ملڪ ’ملير‘ ۽ ’ڀالوا‘ ڄاڻايو ويو آهي.

        هر ملڪ، هر خطي، هر شهر يا هر ڳوٺ ۾ ڪي نه ڪي خاص پنهنجون روايتون هونديون آهن. هن مٿئين ريگستاني حصي کي پڻ پنهنجون مخصوص حالتون آهن. سڀ کان اول جيئن ته زندگيءَ جي ضرورتن جو مدار بارش تي آهي، جا ڪنهن انساني طاقت کان ٻاهر آهي، ان ڪري خدا تعاليٰ تي ڀاڙڻ، رضا تي راضي رهڻ، ظلم، ڏک، بک ۽ تڪليف سهڻ، صبر ۽ شڪر جو مادو، هن ٿر جي ماروئڙن، جهانگيئڙن، ڏوٿيئڙن، سانگيئڙن ۽ ڏاٽيرن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڏسندا. زندگيءَ جي تلخين سهڻ سبب هو نهايت قانع، صابر ۽ حليم آهن. شاهه صاحب پڻ مارئيءَ جي وطن جو ذڪر هن ريت ٿو ڪري ته:

        ”ٿوري قوت قرارئا، رهن سٻر ست،

        کٿي ۾ کهه پڪلڻا، ڀوڻڻ اهڙي ڀت،

        پنهوار ڪي پت، پنهي پڇ ملير ۾.“

        جيئن ته ٿر ۾ ڪنهن به مال چارڻ لاءِ بندش يا جهل نه آهي، نه ڪو وري ڍل يا ڪو چوريءَ جو اڊڪو آهي. مال، بنان ڌنار جي اڄ به چرندو آهي. ڏٿ گڏ ڪرڻ، پڻ ٿرين جي عادت آهي، جيئن اجائي ۽ بي فائدي ڪابه شيءِ زيان نه ٿئي ۽ اها پڻ ڏک ۽ ڏڪار ۾ ڪم اچي. ان لاءِ شاهه صاحب جن هيٺين ريت بيان ڪيو آهي:

”نڪا جهل نه پل، نه ڪو رائر ڏيہ ۾،
آڻيو وجهن آهرين، روڙيو رتا گل،
مارو پاڻ امل، مليرئون مرڪڻو!“
 

        ان وقت ٻنيون ٿوريون ۽ گئوچر ۽ چراگاهه گهڻا هئا. ان تي شاهه صاحب جن فرمائين ٿا ته:

”پاڻ پچي پيون، ريءَ واهيت ريءَ واڙ،
جوءِ ڪشادي جيڏيون، ملير موڪ مهار.“

يا وري چون ٿا ته:

”چرن چڻڪن چتِ ۾، گهارن مٿي گهٽ،
کهه مانڌاڻو مکڻي ڍوئن، پاسي ڍٽ.“

      يا

”ور اهائي وير، جن ڌڻ تسي تڙ آئيو،
سرتين ڏٿ سبيل ڪئو، اڱڻ ڌوئي ڍير،
هنيو ان جي همير، ٿو جهڄي جهروڪن ۾.“
 

جيئن ته بيتن جي معنيٰ سليس ۽ سادي آهي، ان ڪري معنيٰ تي وڃي وقت وڃائڻ واجب نٿا سمجهون. هي هيٺئين بيت ۾ ته نه رڳو پائر جي، بلڪ سموري ٿر ملڪ جي حالت جو شاهه سائينءَ نقش ويهي چٽيو آهي. چي:

”بير کنيائون بر ۾، پيارين پهون،
سنجن ساٺيڪن تي، وڏي وير وهون،
پايو جر جنڊن ۾، ڪوڏا ڪن ڪهون،
ڏينهان ڏينهن نئون مون کي ورهه ويڙيچن جو!“

وري فرمائي ٿو:

کوهر ٿوهر ٿر، جت ساٺيڪا سٽيون،
چارن اُت چاهه منجهان، پاسي ڦوڳن ڦر،
ڪنءَ لهندم ڪر، جن مارو پاڻ اُپاريا!“

وري اهي ته:

جهڙ ڦڙ جت ٿيا، اُت اڏيائون پکڙا.

يا

جهڙ ڦڙ مٿي مارئين، جت چيها چلڙ چڪ.

 

شاهه سائين ماروئڙن کي ايڏو ته واضح ۽ وسيع ڳايو آهي، جو ماروئڙن جي هر ريت، رسم، اُٿڻ ۽ ويهڻ سڀ ڪجهه رسالي مان ملي سگهي ٿو. جڏهن ته سڀني تي بحث ڪرڻ جو نه وقت آهي ۽ نه وري ايتري سمع خراشي ڪري تنگ ڪرڻ موزون آهي. باقي ايترو سو چئبو ته ٿر جو ملڪ جيئن اڳ وسريل هو تيئن اڄ به وسريل آهي. اڳ ته ائين هو جو شاهه صاحب جن فرمائين ٿا ته:

ايءَ نه مارُن ريت، جيئن سيڻ مٽائين سون سين،
اچي عمر ڪوٽ ۾، ڪنديس ڪانه ڪريت،
پکن جي پريت، ماڙين ساڻ نه مٽيان!
 

ليڪن اهو هو عمر ڪوٽ جو ست صديون اڳ وارو ديوُ، جنهن پائر جي پدمڻيءَ کي زوريءَ کڻي ٿر سان ظلم ڪيو. پر اهي ديوَ اڄ به هڪ نه ٻئي روپ ۽ شڪل ۾ موجود آهن. ان ڪري ماروئڙن کي خبردار رهڻ کپي، جيئن مارئي هميشه لاءِ وٽن محفوظ ٿي وڃي. اگر هو خود مارئيءَ کي وڪڻندا ته پوءِ کين لوئيءَ جي لڄ جو ڪهڙو ننگ! منهنجي ملڪ جا مارو، جي هميشه خوش ۽ شادباد هوندا هئا، انهن ۾ هڪ نالائق ڦوڳ ست صديون اڳ پيدا ٿيو هو، جنهن پنهنجي خود غرضيءَ ۽ نالائقيءَ سبب، ماروئڙن کي مامري ۾ وڌو هو. ملڪ ۽ راڄ، ڪڙم ۽ قبيلي جو دشمن ٿيو هو، تڏهن مارئي ڏولائي ۾ پئي هئي. تنهن ڪري اسان سانگين، ماروئڙن، ڏوٿين، پنهوارن، ٿرين، ڍاٽين ۽ پارڪرين جي روايت آهي ته پاڻ ۾ ڦوڳ پيدا ٿيڻ نه ڏيون. اها ڦوڳ واري ذهنيت اسان لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيندي آئي آهي، ۽ ٿيندي رهندي.  اسان جا عزيز، مائٽ، همدرد دوست اهي آهن، جن کي اسان جي ملڪ، ديس، ايراضيءَ، حالتن ۽ تڪليفن جو احساس آهي. ان ڪري ئي شاهه صاحب فرمايو آهي ته:

سڳا سيئي سيڻ، پَکا جنين اوڏڙا.

        يعني مارو اهي جي اسان جي خيالن جا همراهه ۽ ڏک سک جا ساٿي آهن. مگر ڦوڳ جو خود ماروئڙن جي ملڪ جو هو، پر انهن جي خلاف هو. ان ڪري ان کي ماروئڙن ۾ هرگز شمار نه ڪيو ويندو آهي. جيئن شاهه صاحب فرمايو آهي ته ”ڪي وساريا نه وسرن، ڪي مور نه ياد پون“. سو اسان کي به گهرجي ته ’ڦوڳ‘ ۽ ’کيت‘ ۾ فرق ڪرڻ سکون!

        ٿر هڪ آزاد خطو آهي جتي ٿوري کٽئي گهڻي برڪت، نه ڪنهن کي ڏين نه ڏکوئين. پر چند خود غرض عناصرن سبب هاڻي هن ملڪ ۾ ڪلفت وڃي وڌندي ۽ ڪنهن چڱي ۽ مٺي جي سڃاڻ وڃي مٽبي. ٻيو آهي ٻنين تان پاڻ ۾ فساد ۽ جهيڙا، اگر زمين سروي ڪئي وڃي ته هي خرخسو هميشه لاءِ مٽجي وڃي، نڪي وري ڪامورن جي ڪاڻ ڪڍڻي پوي. گورنمينٽ اهو اصول قبول ڪيو آهي، پر هاڻ ڪوشش ڪير ڪري. هي تعلقو ننگر پارڪر، دوريءَ جو تعلقو آهي، جت سواءِ شڪار جي شوق جي وڏا ڪامورا مشڪل سان پهچن ٿا. خود ننڍا ڪامورا به هن دوريءَ تي رهڻ پسند ڪونه ٿا ڪن. ٿر ۾ سڌارن لاءِ ونڊ ملون، ٽيوب ويل ۽ پارڪر ۾ ننڍا بند ٻڌايا وڃن، اناج ۽ گاهه گڏ ڪرڻ جو انتظام ڪيو وڃي، ۽ عمارتون تعمير ڪرايون وڃن. ٿر جي هنرن کي بنا وياج قرض ۽ سٺا اوزار ڏنا وڃن. لکين مڻ تر ۽ هيرڻ پيڙڻ جو ٿر ۾ ڪارخانو قائم ڪيو وڃي. ڪو آپريٽو بنياد تي شيپ بريڊنگ فارم، جهڙا ڪوهستان ۾ قائم ڪيا ويا آهن، اهي قائم ڪجن ته پوءِ هي ماروئڙا  ۽ پارڪريا به پنهنجي حالت بهتر بنائي سگهن ٿا. پر سڀ کان اول ضرورت آهي ته ننگر پارڪر کي ڪنهن ريلوي اسٽيشن سان پڪي ميٽل روڊ ذريعي ڳنڍيو وڃي ته پوءِ اميد ڪري ٿي سگهجي ته هن ڏڪار ۽ قحط جي مصيبت کان جيڪر ماروئڙا هميشه لاءِ ڇٽي پون. هن لاءِ اسان گورنمينٽ يا حڪومت کي نه بلڪ ٿرين کي به جوابدار ٿا ٺهرايون ته ڇو نه هو پاڻ ۾ اتفاق ۽ اتحاد پيدا ڪن. جيستائين منجهن ’کيت‘ پيدا ڪرڻ جي ذهنيت پيدا نه ٿيندي، اوستائين سڪار ۽ سک جي مارئيءَ کي عمرڪوٽ جي محلن مان واپس آڻڻ محال آهي!

عاليجاهه، آخر ۾ ڪجهه ميلي بابت عرض ڪندس.

قصص الاولين عبرت الآخرين خيرين چيو ويو آهي. بيشڪ اها قوم جلد ختم ٿي ويندي، جا پنهنجن مشهور ماڻهن ۽ قومي هيرن کي وساري وهندي. مارئي جنهن اسان جي ٿر کي امر رکيو، جنهن تي اسين فخر ڪري سگهون ٿا: حتيٰ ڪه پنهنجي غرض ۽ مطلبن خاطر ’لوئيءَ‘ جي لڄ جو ننگ وجهندا آهيون، ان کي ۽ ان جي يادگيريءَ کي وساري ويهون، ان لاءِ اسان تي حيف هجي! سوَن سالن بعد، مارئيءَ جي مشتاقن ۽ ٿر سان محبت رکندڙن جي ڌُنِ ان خيال کي عملي جامو پهرايو، جو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ٿرپارڪر يڪراءِ ٺهراءُ پاس ڪري، هڪ هزار رپيا هن ميلي لاءِ بطور امداد منظور ڪيا. هن وقت ڏڪار جي موسم آهي. زندگي سمورين تلخين سان سامهون آهي. هر ڪو پنهنجي نفسا نفسيءَ ۾ مبتلا آهي. ان ڪري ڪيترن دوستن جو اهو به خيال هو ته ميلو برسات جي موسم ۾ لڳائجي، جنهن ۾ چؤطرف هريالي ۽ ساوڪ هوندي آهي. قدرتي زمردين غاليچا هر طرف وڇايا پيا هوندا آهن، ته جيئن آيل مهمانن کي به ملڪ وڻي ۽ هو پسند ڪن. ليڪن اسان ڄاڻي واڻي ڏڪار جي موسم ۾ ميلو مقرر ڪيو، جڏهن هر طرف اناج جي تنگي آهي. ان جا به چند سبب آهن. هڪ ته ميلي جي منتظمين طرفان مفت خوراڪ جو بندوبست ڪيل آهي، جيئن غريب ٿري ڀائرن جي ڪجهه کاڌي جي مدد ٿئي. ٻيو اسان وٽ سک جا ساٿي سوين آهن، پر هن مها ڪالَ ۾ ڪي مڙس ئي مڙسي ڪري سگهندا.

        اخبارن ۾ پڙهيو وڃي ٿو، ان مان، کين اسان ٿرين جي تڪليف جو احساس نه ٿيندو هوندو. جيئن ته هينئر ڪيترائي گورنمينٽ ملازم، ٻاهر جا شاعر، اديب، اخبار نويس، فوٽو گرافر، محب وطن، سگهڙ ۽ فنڪار هت پاڻ آيا آهن ۽ ڏڪار جي حالتن جو معائنو ڪيو اٿن؛ اسان کي اميد آهي ته سندن بي باڪ قلم ۽ همدرديون يقيناً اسان ٿرين سان شامل حال رهنديون. اسان کي افسوس آهي ته اسين آيل معزز مهمانن جو سندن شايان شان استقبال ڪري نه سگهيا آهيون، جنهن لاءِ معذرت خواهه آهيون. اسين سڀني معزز مهمانن جو تهدل سان شڪريو ادا ڪيون ٿا، جيڪي ماروئڙن ۽ سانگيئڙن جي سڏ تي شامل ٿيا آهن.

        آئون اوهان جو خادم، جملي ٿرين ۽ استقباليه ڪميٽيءَ جي ميمبرن طرفان اوهان جو شڪريو ادا ڪيان ٿو جو اوهان پاڻ ڀَلائي، غريباڻي ڪکن تي اچي، اسان جي عزت افزائي ڪئي آهي.

صدارتي تقرير- مولانا غلام محمد ”گرامي“، ايڊيٽر ”مهراڻ“ رسالو.

        سڪر ۽ سڪار جي مارئيءَ جا هم وطنو، جناب مير صاحب محترم، ۽ مارئيءَ جي ملير جا مارو، عزيزو!

        سڀ کان اول، مان پنهنجي هم سفر پيارن دوستن، اديبن، شاعرن ۽ سگهڙن جي طرفان اوهان سڀني جو ٿورائتو آهيان، جن ههڙي اوکي پنڌ تي اسان کي پهچايو آهي، ۽ مارئيءَ جي ملير، ان جي مِٺي مٽيءَ ۽ ٿر جي ٿڌي واريءَ جي زيارت ڪرائي آهي. خدا ڪري هي ڪشالا ساب پون ۽ سڪار ۽ سک جي مارئي، ڪوٽن ڪڙولن مان نڪري، وري پيرون چونڊي، پائر ۾ پير گهمائي، کيت سان کِلي، ڊٻن ٿي ڇيلڙا چاري، هن کوهه تان ٻوڪا ڇڪي، ڦرڙن کي پاڻي پياري، هن ڪونڊيءَ کي سنواري، هن پائر جو پنير واپرائي، کٿيرين سان کاڄ کائي، کائر جو کير ۽ پلر جو پاڻي پئي، گولاڙن کي پَٽي، سرتين ۽ جيڏين سان رهاڻيون ڪري، سڱر ۽ ٻور روڙي، کٿيءَ ۾ ڀرٽ ۽ ڏٿ گڏ ڪري، للر ۽ لاڻا آڻي، سڳڻ سيڻن سان سهج ڪري، پونهارن سان پرچي ۽ سنگهارن سان سرچي، ۽ ڦٽل ڦوڳ جو ائين ئي نصيب ڦٽي، جيئن، ست صديون اڳ ٿي چڪو آهي!

        -ملير جي سرزمين، جا اسان لاءِ هڪ عظيم ۽ قديم تهذيبي ۽ تاريخي ورثو ٿي چڪي آهي، ان جي ڊٻن ۾، ان جي گسن ۾، ان جي پيچرن ۾، ان جي واٽن ۾، مارئيءَ ۽ ان جي ڇيلڙن جا نقش موجود آهن. هن غير ذي زرع ۽ لق و دق صحرا جي ذري ذري تي، انسان جي عظمت ۽ عصمت جا ڪيئي روح پرور ۽ وجد انگيز داستان موجود آهن. هن اٿاه ۽ اڻ کٽ واريءَ جي بيابان ۾، مارئيءَ جي سڪ ۽ پوترتائيءَ، سادگيءَ ۽ غيرت، عصمت شناسيءَ ۽ پريتڻي جا هر هنڌ نشان کتا پيا آهن. هن کائر ۽ ڀالوا جي راه ۾ اوچيون ۽ اتاهيون ڀٽون، اڄ به اوچي ڳاٽ بيٺيون آهن، ۽ هر ايندڙ ويندڙ کي، ٻڌائي رهيون آهن، ته هن کائر جي مٽيءَ مان مارئيءَ جو خمير ٺاهيو ويو، هتي جي پاڪ پلر سان کيس ڳوهي، ڇنڊي ڦوڪي تيار ڪيو ويو. هتي جي غيرت ۽ حميت، هتي جي پريتڻي ۽ عصمت جو روح منجهس ڦوڪيو ويو. هتي جي لڄ جي لوئي کيس اوڍي وئي، هتي پُسين ۽ گولاڙن جا گل کيس پارايا ويا، هتي جي لين ۽ لاڻن، للر ۽ ڏٿ جي کيس پهرين سُتي چکائي وئي، هتي جي کائر جو خوشبو دار کير کيس پياريو ويو، هتي ئي کيس لڄ ۽ پاڪبازيءَ جون لوليون ڏنيون ويون. هتي ئي کيس سيل ۽ ست جا زيور پهرايا ويا. هتي ئي مارئي، وڌي وڏي ٿي، هتي جي کٻڙن ۽ ڄارين ۾ مارئي ڇيلڙا چاريندي هئي، هتي ئي ڏٿ چونڊيندي هئي، هتي ئي للر ۽ لاڻا ميڙيندي هئي، هتي ئي سانئون ۽ لنب سڪائيندي هئي، هتي جي سامهون واري کوه تان پاڻي ڇڪيندي هتي، ان سامهون واري ڪونڊيءَ مان کين پاڻي پياريندي هئي، هتي ئي کائر تي کنوڻن جي چمڪاٽ تي خوشيءَ کان نچندي ۽ ٽپندي هئي، هتي ئي پلر جي پاڻيءَ ۾ پيرڙا گهمائي، ڇپڪ ڇپڪ ڪندي هئي، هئي ئي، بند ٻڌي، پلر جي پاڻي کي روڪيندي هئي، هتي ئي جهانگين جي ڪکاون جهوپن ۽ چونرن ۾ چلولايون ڪندي هئي، هتي ئي ٻڪريون ۽ ڇيلا ٽپندا ۽ ڪڏندا هئا، هتي ئي ٻڪرين کي ڏهندي هئي، هتي ئي کير ڄمائيندي هئي، ۽ هتي ئي کير ولوڙيندي هئي، هتي ئي مکڻ جا چاڻا ڪڍي منگهه سينگاريندي هئي. هتي ئي ڏٿ، لنب ۽ سانئي کي سڪائي، پينهين ۽ پچائي کائيندي هئي!

        هتي ئي کيس کيت سان مڱايو ويو، هتي ئي کيس لڄ واري لال ۽ لاکيڻي لوئي ڍڪائي وئي، هتي ئي کيس سُڃ ڳڻائي، ڏيج ڏنو ويو!

        بيشڪ هيءَ زمين اسان لاءِ زيارت گاهه آهي، هتي جي اوچاين اڳيان سر جهڪايون ٿا، پنهنجي علم ۽ فن جا جهنڊا سرنگون ڪريون ٿا، پنهنجي شعر ۽ ڪلام سان ورکا ڪريون ٿا، پنهنجي روح ۾ وجدانگيز ڪيفيتن کي محسوس ڪريون ٿا، پنهنجي دل ۾ عجيب خوشي ۽ مستي موجزن ڏسون ٿا، اسان جي مشام، جان تائين، اڄ به اها هير پئي اچي، جنهن هير مارئيءَ جي دل سڌير ٿي ڪئي. جذبات ۽ ڪيفيات جو آماجگاهه، بنجي ويا آهن اسان جا ارواح! اسان جا دماغ ۽ اسان جا پساهه! هڪ عجيب ۽ اڻمٽ سڳنڌ ۽ ساءَ سان اسان جون دليون واسجي ويون آهن.!

        مارئي، اها تاريخي علامت آهي، اهو شاعرانو ڪنايو آهي، اهو صوفياڻو استعارو آهي، جنهن کي اسان جي صوفي شاعرن، عالمن، بزرگن ۽ سگهڙن ڳايو وڄايو آهي.

        ان مارئيءَ سان ڪنهن کي ريس آهي، جنهن کي ميين شاهه عنات، لطيف سائين، سچل سرمست، خليفي نبي بخش لغاري، صديق فقير صوفي، مخدوم عبدالرحيم گروهڙوي، مخدوم محمد زمان لواريءَ واري، جهڙن شهره آفاق بزرگن بيان ڪيو آهي! جنهن جي صورت ۽ سيرت، خوراڪ ۽ پوشاڪ غيرت ۽ حميت، حب الوطنيءَ ۽ پريتڻي جا داستان، سنڌي ادب جو روح بڻجي چڪا آهن.

        جنهن جي سيلَ ۽ سَتَ کي مقدس روايت جي حيثيت ملي چڪي آهي. جنهن جي ڪردار جي انگ انگ کي، صوفيانه اصطلاحات ۽ انساني شعور جي ترجمانيءَ لاءِ انتخاب ڪيو ويو آهي.

        ڀلا مارئيءَ جو ڪردار ڪو وسرڻ جو آهي! اڄ به عمر آهي، ڪلهه به هو ۽ اڳتي به ايندو؛ عمر جا ڪوٽ ۽ ڪنگرا، نئين نئين دور ۾، نئين نئين لباس ۾ پيا اچن وڃن؛ ظلم ۽ استبداد جا زنجير ۽ طوق، نئين سج نوان پيا گهڙجن؛ ۽ انهن جي فند ۽ فريب کي نئين سج نئين مارئي پئي للڪاري ۽ لتاڙي. نئين سج نوان ’ڦوڳ‘ پيا اچن وڃن، ۽ پيا فساد مچائن‘

        قرآن، ان ڦوڳ کي ’شيطان‘ سڏيو آهي، ۽ ان جي فتنه پروريءَ ۽ منافقت تي لعنت وسائي آهي. ان ’ڦوڳ‘ ئي آدم کي حق کان دور ۽ مهجور ڪيو. اهوئي ڦوڳ آهي، جو اڄ به لڄَ لاهي، پيو مارئيءَ کي هيسائي ۽ عمر کي برغلائي. اڄ به ان ڦوڳ جي فساد ۽ چُرچ تي، عمر بادشاهه، آب حيات جي چشمي تان، آزاديءَ جي مارئي پيو کڻي.

        اڄ مارئي ڪا هڪ اڌ نه رهي آهي، اڄ ملڪ مڙيئي ’مارئي‘، ٿي چڪو آهي. سک ۽ سڪار جي مارئي، سيل ۽ سَت جي مارئي، عمر ڪوٽ جي ڪڙولن ۾ قابو آهي. اڄ مارئي پئي ماروئڙن ڏي واجهائي، ڪانگ ڏسي، محلن تي چڙهي، بيابانن ڏانهن ڪَرَ کڻي، پونهار پئي پڇائي، قاصد پئي ڳڻي ۽ ڳائي، خواب پئي لهي، للر ۽ لاڻا، لنب ۽ ڏٿ پئي طلبي. اڄ به عمر پيو زوريون ۽ زاريون ڪري، پٽ پٽيهر باسي، کاڄ پيو کارائي، محلن ۽ ماڙين جي آرام جا ڏٽا پيو ڏئي، کٿيريءَ کي ريشم ۽ پَٽ پيو آڇي. پونهار کي پيو ريجهائي ۽ برغلائي اهي ڇيلا حيران آهن، کوه ويران آهي، ڪونڊي چپ آهي، مارو مونجهه ۾ آهن، ملير اٻاڻڪو آهي، ٿريليون ڏک ۾ آهن، سانگيڙا ۽ جهانگيڙا، ڏاڍ ۽ ڏمر کان ڏڪي رهيا آهن، ڦوڳ پيو اِٽون اڇلائي، پر الله ڪندو، اهي ڪوٽ ۽ ڪڙول، ڪنگرا ۽ ماڙيون، مارئيءَ جي سيل ۽ ست اڳيان ڪَنبي اٿندا! هي زنجير جهُري پوندا، اهي بند کلي پوندا، اهي ڪشٽ ڪَٽجي ويندا. نه رهندا عمر ۽ نه سندس ڪوٽ! مارئي، ماڳ ايندي ۽ ڦوڳ جو منهن ڪارو ٿيندو! مارئي کيت سان خوش ٿيندي- ٿر ۾ عيدون ٿينديون. ٿر تي گهنگهور گهٽائون ڄاڻ ته آيون، ترايون پلرجي پالوٽ سان تار ٿينديون، چَڙن جي چونگار ٿيندي ۽ ’هو-هو‘ جي هونگار ٿيندي، ماروئڙا خوش ٿيندا، وڄڙيون وسڻ جو ويس ڪنديون، ۽ پونهار ڌڻ ڪاهي پهربا، کائر ۾ کير ٿيندو، ۽ اناج سهانگو ٿيندو!

اچو ته الله توهار ڪريون. لطيف جا آخر ۾ ٻه بيت پيش ڪندس، جي منهنجي روح جي گهراين ۾ رچي ويا آهن:

ڏينهان ڏورنِ ڏُٿَ سين، راتيون ڪن رهاڻ،
عمرِ تنين ڪاڻ، منهنجو روح رڙيون ڪري!

مارئيءَ جي لفظن ۾:

پهرين وڃان لوءِ، پوءِ مَرُ پڄنم ڏينهڙا!
جا عمر تو مل عيد، سا اسان سوءَ ورتي سومرا،
ويچارن وسري وئي، خوشي ۽ خريد.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com