سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1-  1967ع

مضمون

صفحو :2

انڌي تقليد نه گهرجي

”اوهان لاءِ سڀ کان اهم ۽ وضاحت  طلب مسئلو اهو آهي ته اوهان ان تي ويچار ڪيو ته اسلام جا بنيادي اصول ڪهڙا آهن؟ ٻيو ته اهي طريقا ڪهڙا آهن، جن  سان اسلام جي بنيادي اصولن کي عمل ۾ آڻي سگهجي ٿو. ان مسئلي جي اهميت هر حال ۾ مقدّم آهي. ڇالاءِ ته، اهڙي اهم ۽ بنيادي مسئلي ۾ ڪابه الجهن ۽ پيچيدگي نه هئڻ گهرجي ته   اسلام ۾ اهي ڪهڙا اصول آهن، جي بلڪل غير متبدل آهن، جن ۾ ڪڏهن به تبديلي آڻي نه ٿي سگهجي. ۽ اهي ڪهڙا مسئلا ۽ فروعات جا معاملا آهن، جن ۾ زماني جي تقاضا آهر، تبديلي آڻي سگهجي ٿي.

”سڀ کان وڏي غلطي جا ايامن کان هلندي آئي آهي، سا اها اهي ته ماڻهن کي چيو ويو ته هو پاڻ ڪنهن به فيصلي ڪرڻ جي لائق نه آهن. کين ذهن نشين ڪرايو ويو ته کين جو ڪجهه به چيو وڃي، هو ان جي تقليد، اکيون ٻوٽي ڪندا رهن ۽ عقل ۽ فڪر کان ڪو به ڪم نه وٺن، ليڪن هن دؤر ۾ ماڻهو ان طرح انڌي تقليد کي تسليم رڪڻ لاءِ تيار نه آهن. اڄ جون حالتون گهڻو بدلجي چڪيون آهن.

”اهو به ياد رهي ته اگر هن دؤر ۾ به اهائي تقليد واري حالت  موجود رهي، ته پوءِ ويهن ٽيهن سالن کان پوءِ ڪو به شخص اوهان جي آواز کي ٻڌڻ لاءِ تيار نه ٿيندو. جيستائين اوهان اهڙي ڳالهه نه ڪريو، جا عام عقل کي اپيل ڪري سگهي ۽ زماني جي تقاضائن سان ساٿ ڏئي سگهي. (انسٽيٽيوٽ آَف اسلامڪ ريسرچ ڪراچي، 13 جون، 1960ع)

ايام الله

”علامه اقبال، جنهن جو شمار جديد دؤر ۾، روح اسلامي جي بهترين ترجمانن ۾ ٿئي ٿو، تنهن، ڪهڙي نه سچي ڳالهه چئي آهي ته ”اسلام جو پيش ڪيل تصورّ هيءُ آهي ته حيات جو روحاني بنياد ازلي ۽ ادبي آهي، ليڪن ان جي ترقي ۽ نمود، تغيرات ۽ تنوع جي صورتن ۾ ٿئي ٿي.

”اها ڳالهه برابر آهي ته هڪ معاشري لاءِ سندس اجتماعي زندگيءَ جي نظام لاءِ ڪي مستقل ۽ ابدي اصول هجن،  ڇالاءِ ته هن دنيا ۾، جتي ترقي ۽ نمود، تغيرّ ۽ تبديليءَ جو دؤر آهي، ان ۾ اهي ابدي اصول ئي آهن، جن جي مضبوط سهاري تي ماڻهو پنهنجا پير ڄمائي سگهي ٿو. پر سوچڻ جي  ڳالهه اها آهي ته باوجود ان جي، اگر  اهو سمجهيو وڃي ته ابدي اصول هميشہ جي لاءِ ابدي ۽ ازلي آهن، انهن ۾ تغيّر ۽ تبديليءَ جو ڪو به امڪان ڪين آهي، ته پوءِ ائين چوڻ صحيح نه ٿيندو.

”قرآن، تغيّر ۽ تبديليءَ کي ايام الله ۾ شمار ڪيو آهي، ته پوءِ ائين قبول ڪرڻو پوندو ته زندگي، جا ارتقا پذير ۽ حرڪت پذير آهي، ان جي ڪنهن به مرحلي تي اگر ڪي اصول رڪاوٽ پيدا ڪندا، ته انهن  سان لازمي طرح سان اها زندگي جامد، بيقوّت ۽ بي حس رهجي ويندي، ان مان حرڪت ۽ ترقيءَ جو روح نڪري ويندو.

”يورپ جي سياسي  ۽ روحاني دائري ۾ جا ناڪامي ٿي چڪي آهي، ان جو وڏو سبب اهو آهي ته انهن، ابدي اصولن تي ڪا نظر نه رکي، مذهب ۽ روحانيت کي تغيّر ۽ تبديليءَ کان بي نياز ڪري ڇڏيو. ان طرح گذريل  ڪيترين صدي کان اسلام جي قوت ۾ جا ضعيفي آئي آهي، ان جو ڪارڻ به اهو ساڳيو ئي آهي. ابدي ۽ ازلي اصولن جي آڙ ۾، فڪر ۽ نظر جي اجتهادي  ترقيءِ کي روڪڻ سان، جمود ۽ بيروح تعطل جو پيدا ٿيڻ لازم ٿي  پيو.

”اسلامي تاريخ ۾ هي پهريون دؤر آيو آهي، جو اسان  هن جديد دؤر جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ۽ پنهنجي ايمان ۽ زندگيءَ جي مسئلن ۾ ميلاپ پيدا ڪري هڪ بهترين نظام پيدا ڪري سگهون ۽ هن سونهري موقعي کي هٿان نه وڃايون.

”قرآن جي تعليم ۾ نهايت اهم  چيز اها آهي ته زندگي، هڪ ترقي پذير ۽ مسلسل تخليقي عمل آهي. ان ڪري، هر نئين نسل کي اهو حق ڏنو ويو آهي ته هو  پنهنجي مشڪلات جو حل پاڻ سوچي، ان سلسلي ۾ ٻي ڪا به راءِ، مٿن جبر جي انداز سان نه آندي وڃي ۽ نه ڪو سندن فڪري صلاحيتن کي اجايو بندش هيٺ آندو وڃي.

”مان ايترو ضرور چوندس ته نئين نسل کي بلڪل ڇڙواڳ نه ڇڏڻو آهي. هو پنهنجي اسلاف جي علمي ذخيري مان رهنمائي حاصل ڪري سگهن ٿا. پر اسلاف ڪرام جا فيصلا، سندن راهه ۾ رڪاوٽ پيدا ڪري نه ٿا سگهن. اهي رايا ۽ فيصلا هن دؤر جي تقاضائن کي حل ڪرڻ ۾ روشني پيدا ڪري سگهن ٿا، اهي مڃڻ جهڙا آهن، ٻيا نه.

اسان جي سامهون پهريون مقصد اهو آهي، ته اسان پنهنجي معاشري کي نئين سر  نظم ۽ ضبط ۾ آڻيون ۽ اسلامي نظريه حيات کي ان جو بنياد قرار ڏيون.

حقيقت اها آهي ته اسان جي آزادي جي بنيادي مقصدن ۾، سڀ کان وڌيڪ توجهه ڪرڻ جي لائق اهو مقصد آهي.

”ان عظيم مقصد ڏانهن پهرين قدم وڌائڻ جي سلسلي ۾ ضروري آهي ته اسان پنهنجي دل ۽ دماغ، ذهن ۽ فڪر کي ٻن قسمن ۾ نفسياتي الجهنن کان آزاد ڪرايون.

”هڪ پريشاني اها آهي، جا جديد تعليم جي ناقص نظام ۽ اڻ پوري نصاب مان پيدا ٿي آهي. اهو سارو تعليمي نظام اسان جي غلاميءَ جي دؤر جي پيداوار آهي، ان مان نتيجو اهو نڪتو آهي، جو اسان جي هر شئي، فيشن جي خلاف قرار ڏني پئي وڃي.

”ٻي پريشاني اها آهي، جا جامد ۽  بيروح عقائد مان پيدا ٿي آهي، ان جامد عقائد جي بيروح نظام، دين جي روح کي، تعصب، وهم پرستيءَ، زبان بنديءَ ۽ گردن مروڙڻ وارن خيالن جي کڏ ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي.

”ظاهري طرح سان اها ڳالهه عجيب لڳندي، پر اها آهي حقيقت، اسان جو نام نهاد تعليميافته طبقو، توڙي غير تعليميافته  طبقو، ٻئي هڪ مشترڪ قسم جي پليٽ فارم تي متفق الخيال ٿي بيهي رهيا آهن. اهو پليٽ فارم آهي، ’دين متعلق اڻ ڄاڻائي‘ يعني دين جي حقيقي روح متعلق نه جديد ماڻهن کي علم آهي ۽ نه قديم ماڻهن کي.“

(فوجي انقلاب جي ٻي سالگرهه تي، ريڊيائي پيغام: 26، آڪٽوبر: 1960)

علم جي طلب

علامه آءِ آءِ قاضي

شاگردن جي لاءِ، سنڌ جي عظيم مفڪر، حضرت علامه آءِ آءِ قاضي، مده ظلہ العالي جن، ’عبرت‘ روزانه کي 4 مئي 1966ع تي هڪ پيغام ڏنو هو اهو پيش ڪجي ٿو(ادارو)

’اسٽڊي‘ ۽ سندس معنيٰ،  جيئن عام طرح سمجهي وڃي ٿي ته اها فقط ’علم جي طلب‘ آهي، سا غلط آهي، ’اسٽڊيءَ‘ جي معنيٰ آهي ڪنهن به شئي ڏانهن متوجهه ٿي، جدوجهد ۽ ڪوشش، توجهه ۽ ڌيان سان ان جو اڀياس  ڪرڻ. مثلاً ائين  چئي سگهجي ٿو ته مون کيسي ڪترڻ جا سمورا طريقا ’اسٽڊي‘ ڪيا آهن، ۽ هاڻ  مان ڌنڌي ۾ تجربيڪار ۽ مشاق آهيان.

بهرحال، جي اسٽڊيءَ جي معنيٰ فقط علم جي طلب رکجي، ته به مسلمان لاءِ اڃان ٻي هڪڙي ڳالهه جو فيصلو ڪرڻو آهي، ته هو علم جي طلب ڪهڙي نيت سان ٿو ڪري؟ ڇا لاءِ ته مسلمانن جي دين ۾ ’نيت‘ کي ’عمل‘ کان وڌيڪ ضروري سمجهيو ويو آهي.

ان متعلق رسول خدا جو ارشاد آهي:”انما الاعمال بالنّيات“ پر اتي به ڳالهه جو  خاتمو نه ٿو ٿئي. ان کان به  وڌيڪ زور ڏنو ويو آهي ته ’نيت المومن خيرا من عملہ‘ جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته ’مومن جي نيت، سندس عمل کان گهڻو زياده قيمتي آهي.‘

نماز به نيت کان سواءِ نه ٿيندي، هاڻي آءُ پڇان ٿو ته اسان منجهان ڪهڙو ماڻهو، ڪهڙي علم  سکڻ جو قصد، ڪنهن خاص نيت سان ڪري ٿو؟ جي دل جو آواز پڇو ته ماءُ جي نيت به اها آهي، ته منهنجو پٽ مختيار ڪار ٿيندو، پر هيترا ڪين هيترا پئسا  ڪمائيندو، جنهن مان بنگلو  به ٺهرائيندو ۽ موٽر ڪار به وٺندو.

جيڪڏهن علم پرائڻ جي اها نيت آهي ته پوءِ ظاهر آهي، ته مسلمان يا نه مسلمان هئڻ تنهن سان سندس مناسبت ئي ڪانهي!

هاڻي اسان اسٽڊيءَ کي ڇڏي، ”پيغام“ ڏانهن ٿا اچون، لفظ پيغام هيڪاري  وڌيڪ تشويش جو باعت ٿيندو. ’پيغام‘  لفظ اسان کي ’پيغمبر‘ جو لفظ ياد ڏياريو، پارسين لفظ ’پيغامبر‘ کي ڇوٽو ڪري ’پيغمبر‘ ڪيو.

’پيغمبر‘ کي انگريزي زبان ۾ (Prophet) ٿو سڏجي.

P لفظ اڄ ساري دنيا ۾ ڪٿي به ڪم ٿو اچي، ته پوءِ ان جي ’نسبت‘ ’خدا جي رسول‘ سان ڪئي وڃي ٿي. ڄڻ ته (Prophet) P لفظ جي معنيٰ  ئي آهي محمّد! (صلي الله عليه وسلم).

”محمد صلي الله عليه وسلم هڪ ’پيغام‘  آندو، ان جو نالو ئي آهي. ”پڙهڻي!“ (قرآن) هاڻي ٻڌايو ته انهيءَ ’پڙهڻي‘ (قرآن) کي ڪيترن مسلمانن پڙهيو؟ جو پڙهيائون ته پوءِ سمجهيائون ڇا؟

جڏهن ان ’پيغام‘ کي پڙهڻ کان به اسان محروم آهيون، تڏهن ٻين ’پيغامن‘ پڇڻ يا وٺڻ کان اسان ڪهڙو منهن ٿا کڻون‘.

’پڇاڙيءَ جو پيغام‘ سو ته سڄي آدم ذات کي ملي چڪو آهي، پر آهي ڪو پڙهڻ وارو؟  آهي ڪو سمجهڻ وارو؟  آهي ڪو ان تي عمل ڪرڻ وارو؟

غزالي ٿو چوي ته:”جيڪڏهن ڪنهن دوست کي ٻئي دوست جو خط اچي، ۽ انهيءَ ۾ ڪي ضروري احوال لکيل هجن، ۽ ڪن ضروري ڪمن ڪرڻ جي تاڪيد  ٿيل هجي، اهو جڏهن آءُ صبح جو کڻي پڙهان ۽ پوءِ وري ڍڪي رکي ڇڏيان ۽ وري ٻئي صبح جو  کولي پڙهان ۽ انهيءَ طرح عمر گذاريان، ته پوءِ چريو چئبس يا سنئون؟“

منهنجو منهنجو، جنهن اميد رکي، ڪن ضروري ڪمن ڪرڻ لاءِ پيغام موڪليو آهي، سو ڇا چوندو، منهنجي سياڻپ ۾ ڪو چريو شڪ نه آڻيندو.

هاڻي آئون پڇان ٿو ته اسان ۾ ’قرآن‘ پڙهندڙ آهي، ته ڪو نه، پر جيڪڏهن ڪو آهي ته  برابر ائين ٿو ڪري، جيئن غزاليءَ بيان ڪيو، يا حقيقت کي سمجهڻ جي ڪوشش ئي نه ٿو ڪري.

ٿورو گهڻو جيڪي مون سمجهيو آهي، ان آڌار تي آءُ يقين سان چئي سگهان ٿو ته ٻه سٽون (قرآن) سندس سڄي دنيا جي بناوت ۽ آئنده آدميءَ جي حالت جي لاءِ صاف صاف خبر مهيا ڪري سگهن  ٿيون، پر  آهي ڪو پڙهڻ وارو؟ يا ڪو سمجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ وارو؟ جيڪڏهن هڪڙو پڙهندڙ به اهڙو ڪو نه ٿو ملي ته پوءِ ’علم جي طلب‘ ڪرڻ ڇا آهي؟ ۽ ’پيغام‘ پڇڻ جو مطلب ڪهڙو آهي!

ڇوڪرا ته پري رهيا، پر اسين سندن مائٽن کان ٿا پڇون ته قصور ڪنهن جو آهي؟ ڇوڪرن جو يا اوهان جو؟ ان طرح ادب سان، استادن کان ٿا پڇون ته ڏوهه توهان کي ڏيون يا پڙهندڙن کي ڏيون؟

دين جو طريقه حيات

اي ڪي بروهي

دين  ۽ مذهب هڪ قديم انساني اداري جي حيثيت ۾، بشري آزاديءَ جي صحيح استعمال ۾ وڏو مفيد ۽ قابل قدر فرض سر انجام ڏنو آهي، جتي آزادي موجود نه هجي، اتي ديني زندگيءَ جو موجود هجڻ ممڪن نه آهي. ڇاڪاڻ ته عمل جي آزاديءَ سان ئي انسان جي افعالن بابت ڏوهه ۽ ثواب جو سوال پيدا ٿي سگهي ٿو. ان ڪري دين ۾ امربالمعروف ۽ نهي عن المنڪر کي سڀ کان اُتم درجو حاصل آهي. ان جو حاصل مقصد اهو آهي ته انسان جي خالق، انسان کي آزاديءَ ۽ اختيار جو  هڪ عظيم عطيو عطا ڪيو آهي. ۽ اهو ان کي صحيح ۽ بجا مصرف ۾ صرف ڪري سگهي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو دين جي انتخاب ۾ جبر و تشدد نه رکيو ويو آهي. قران مجيد ۾ ارشاد آهي:”الااِڪراهه في الدين“(دين جي معاملي ۾ ڪابه زبردستي نه آهي) جتي جبر هوندو، اتي انتخاب جي آزادي گم شده هوندي ۽ دين جي اصل منشا ۽ مدعا انهيءَ ”انتخاب جي آزاديءَ“ لاءِ قاعده ۽ قانون مقرر ڪرڻ آهي. زور ۽ تشدد سان انساني آزاديءَ ۾ سليقو ۽ سنجيدگي پيدا نٿي ٿئي. بلڪه جبر سان بشري حريت جو بلڪل خاتمو ٿي وڃي ٿو.

ذي شعور انسان جي پيدائش کان ئي دين، انسان جي تعليم ۽ تهذيب جي ميدان لاءِ ٻيڻي خدمت  سر انجام ڏني آهي. يعني دين، پهرين انسان کي حق ۽ باطل جو هڪ تصور ۽ معيار عطا ڪيو آهي. ۽ پوءِ ان کي هڪ اهڙي جذبي سان سرشار ڪيو ويو آهي، جو هو جنهن رستي کي حق سمجهي، ان کي اختيارڪري سگهي ٿو. حق ۽ ناحق جي معاملي ۾ جيتوڻيڪ انساني تصورات تبديل ٿيندا رهن ٿا، پر هيءَ ڳالهه پنهنجي جاءِ تي بلڪل صحيح آهي ته انسان حق ۽ باطل جي درميان امتيازي تصور کان ڪڏهن به خالي نه ٿو رهي. ريڊ انڊين لاءِ پنهنجي دشمن جي کوپريءَ کي وڍڻ اخلاقاً صحيح آهي. پر هڪ نرم دل راهبه جيڪڏهن جمع جي ڏينهن گوشت کائي ٿي ته پوءِ ان کي سڄي عمر جهنم جي خوف کان ڊڄڻو پوندو. انهن ٻنهي جا تصورات جيتوڻيڪ هڪ ٻئي کان مختلف آهن، پر ٻئي  ڌريون بهرحال اهڙي صورتحال سان دو چار آهن، جنهن ۾ انهن کي جائز ۽ ناجائز جي درميان تميز ڪرڻ ناگزير هوندي آهي. ان حق ۽ باطل، جائز ۽ ناجائز کي جاچڻ جو معيار هميشہ انسان جا ديني تخيلات مهيا ڪري  ڏين ٿا. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ۽ بعض فلاسافرن  اخلاقيات جي بنياد کي عقلي علوم تي رکڻ جي ڪوشش ڪئي. پر ان ڳالهه جو اعتراف فلسفي جي ذهين طالب علمن بار بار ڪيو آهي ته جيڪڏهن اخلاق جا بنياد ڪنهن ديني شعور يا اصول تي رکيل نه آهن ته پوءِ اهو ياد رکڻ گهرجي ته محض منطقي استدلال جي ڪچي بنياد تي اخلاق جي عمارت نه ٺهي سگهندي. ان لحاظ کان هيءَ حقيقت ناقابل انڪار آهي ته انسان جي فطري بناوت ۾ دين ۽ مذهب جو شعور شروعات کان ئي پيوست ڪيو ويو آهي. هي حقيقتون عالمگير شريعتن جي پيش ڪرڻ وارن انبياءِ عليهم السلام تي ظاهر ٿين ٿيون.

ڊي – ٽاڪي  وائل پنهنجي مشهور ڪتاب ”آمريڪا ۾ جمهوريت“ ۾ خالق ڪائنات ۽ فطرت انسان جي متعلق قطعي ۽ متعين عقيدت جي ضرورت کي واضح ڪندي بيان ڪري ٿو.ته مذهب ان انساني ضرورت کي بطريق احسن پورو ڪندو آهي.

مذهب جو اولين مقصد ۽ اهم ترين فائدو اهو آهي ته اهو عام ماڻهن جي لاءِ انهن بنيادي سوالن جا جواب ڏئي ٿو. جيڪي بلڪل، صاف، عام فهم، معقول ۽ پائيدار هوندا آهن. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته بعض مذهب باطل ۽ لغو آهن. پر جيڪو مذهب  پنهنجي تعليمات کي مٿين حقائق جي دائري تائين محدود رکي ٿو ۽ پڻ انسان جي دل ۽ دماغ کي چئن ئي طرفن کان محدود  ۽ مسدود نٿو ڪري، اهو در حقيقت ذهني قوت جي لاءِ فائديمند بندش جو ڪم ڏئي ٿو. ۽ اها ڳالهه ناقابل انڪار آهي ته هر مذهبي ضابطو خواهه اهو ايندڙ دنيا لاءِ نجات جو باعث هجي يا نه، پر گهٽ ۾ گهٽ اهو اسان کي هن دنيا ۾ عزت، عظمت ۽ خوشيءَ سان همڪنار ڪري ٿو.

دين اسان کي گهڻن ۽ بيڪار ڳڻتين ۾ مبتلا ٿيڻ کان نجات بخشي ٿو. هن اجنبي ڪائنات اندر دين اسان کي اڪيلائيءَ جو احساس ڏياري ٿو ۽ اسان جي زندگيءَ جي گهرجن ۽ ناموس وارن پهلوئن کي نرم ڪري، اسان جي طاقت کي ڪفايت شعاريءَ سان خرچ ڪري ٿو.

دين جون حقاني تعليمات اسان کي انبياءَ عليه السلام جي ذريعي حاصل ٿين ٿيون، انبياءَ عليهم السلام ئي آهن، جن ديني طرز فڪر ۽ حيات جو بنياد رکيو آهي. انهن وحي جي ذريعي پيغام الاهي وصول ڪري اسان تائين پهچايو آهي. هي ڪم انهن ادراڪ ۽ شعور جي هڪ اهڙي بلند مقام  تي رهي ڪري سر انجام ڏنو آهي جنهن تائين پهچڻ يا جنهن جو براه راست مشاهدو ڪرڻ، اسان لاءِ محال آهي. رسالت جي پيغام تي ايمان آڻڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته اسان ان ڳالهه تي به ڪامل يقين رکون ته اهو هڪ نادر ۽ غير معمولي علم جو ذريعو آهي. جيڪو عام بشري شعور ۽ احساس کان پري آهي. اهو ئي سبب آهي جو فلسفيانه نظريات ۽ ديني تعليمات جو پاڻ ۾ مقابلو يا موازنو غير ممڪن ۽ بي معنيٰ آهي. انساني علم عارضي آهي. جنهن ۾ هر وقت ۽ هر گهڙيءَ، وقت جي تقاضا موجب ترميم ۽ تغير ڪرڻ سگهجي ٿو. پر انبياءِ عليهم السلام جن جي تعليم جو بلڪل الڳ بنياد آهي. جنهن ۾ ڪنهن به وقت تبديلي جي ضرورت ڪانه ٿي پوي.

اچو ته ڏسون ته امام غزالي رحمت الله عليہ پنهنجي مشهور ڪتاب”المنقذمن الضلال“ ۾“ هن موضوع تي ڇا ارشاد فرمايو آهي. فرمائين ٿا ته:

”ايمان بالرسالت جي باوجود جيڪي ماڻهو ديني احڪامن کي فلسفيانه اصولن ۽ نظريات جي بنياد تي سمجهن ٿا، سي در حقيقت رسالت  جو  انڪار ڪن ٿا. ڇاڪاڻ  جو اهڙي ماڻهوءَ جي نزديڪ، نبيءَ جي حيثيت مان هڪ مرد دانا کان وڌيڪ نه آهي. جنهن کي هڪ بالاتر هستيءَ رهنما ڪري مقرر ڪيو آهي. تنهن کي ائين سمجهڻ سان منصب نبوت تي هڪ زبردست چوٽ اچي ٿي. ايمان بالرسالت جو حقيقي مطلب اهو آهي ته اسان جي علم ۽ حواس کان بالاتر، هڪ ٻيو عالم اهڙو  به موجود آهي، جنهن سان تعلق رکندڙن تي اهڙين حقيقتن جو انڪشاف ٿيندو  آهي، جنهن کي عام عقل ۽ شعور وارو انسان سڌيءَ طرح سمجهي نه سگهندو. بلڪل اهڙي طرح ڪن مشيتن جو اسان مشاهدو نه ٿا ڪري سگهون، جن کي اکيون پڻ ڏسي سگهن ٿيون، پر ذهني تخيلات، حواس خمسه جي هيٺ نه ٿا اچي سگهن.“

غرض، صورتحال اها آهي ته هڪ طرف انساني عقل پنهنجي ضعيف قوت مشاهدي جي ڪري ڪُلي نظام ڪائنات کي چڱيءَ طرح نه سمجهي  سگهندو. تنهن ڪري ئي ڪاروبار حيات کي ڪاميابيءَ سان هلائڻ لاءِ اهڙو ڪوبه ضابطه عمل واضح ڪري نٿو سگهي پر ٻئي طرف ان معاملي ۾ ڪنهن اهڙي بزرگ ۽ مجاز شخصيت جي اشدت ضرورت آهي. جو انهن معاملن ۾  ذميدارانه ڳالهائي سگهي. تنهنڪري ئي بني نوع انسان انهن بزرگن جا احسان  مڃيندي انهن ڏانهن رجوع ٿيندا هئا. ڇاڪاڻ جو انهن وحي جي ذريعي، انسان جي ماضي ۽ مستقبل جي بار ي۾ علم جي دعويٰ ڪئي ۽ پنهنجي اسوه حسنه جي ذريعي انسان ذات جي نجات جو رستو ڳولي لڌو آهي. علم جديد جي مدد سان قدرتي طاقتن کي دريافت ڪري سگهجي ٿو.  پر ائين چوڻ سراسر غلط آهي ته جيڪا حقيقت پردي ۾ آهي، انهيءَ جا سڀ راز سربسته ظاهر ڪيا ويا آهن. جديد يورپ جو مرد حڪيم ۽ سوئٽزرلينڊ جو مشهور ماهر نفسيات  سي جي جنگ، اسي سالن جي عمر ۾ پنهنجي سوانح عمري شايع ڪيل نمبر 1960ع (Memories Dreams, Reflections) ”خواب خيال ۽  ياد ايام“ ۾ هيٺينءَ طرح فرمائي ٿو:

”منهنجي لاءِ ان ڳالهه جو تعين ڪرڻ ناممڪن آهي، ته آخر ڪار ڪهڙي شئي قدر قيمت جي حامل آهي، ۽ نه مان پنهنجي يا پنهنجي زندگيءَ جي باري ۾ ڪوئي اندازو ٿو ڪري سگهان. مون کي ڪنهن شئي جو يقين حاصل نه آهي منهنجا في الحقيقت ڪنهن به معاملي ۾ پختا ۽ واضح عقيدا نه آهن. مون کي صرف ايترو  معلوم آهي ته  مان پيدا ٿيو هوس ۽ زندهه آهيان، ۽ مون کي ائين  ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته مان خود نه آيو  آهيان پر مون کي آندو ويو آهي، منهنجو وجود ڪنهن ٻيءَ اهڙيءَ هستي تي مبني آهي، جنهن کي مان نٿو ڄاڻان.“

اسرار حقيقي جي مقابلي ۾ انسان آّخر ڪار ائين ئي بي بسيءَ ۽ بيچارگيءَ ۾ مبتلا آهي، جنهن کان نجات ڏيارڻ لاءِ دين جي آفاقي دعوت جي صدا ان جي ڪنن ۾ پهچي ٿي، ۽ ان کي نسل  انسان کي نجات ڏياريندڙ انبياءَ عليهم  السلام جي وسيلي سڌو رستو ڏيکاري ٿي، انسان  اهو ڏسي ٿو ته ان جو وجود مقيد و محدود آهي. ۽ هو موت جي چنبي کان ڇوٽڪارو حاصل نه ٿو  ڪري سگهي. موت جو يقين، دائمي ڪشمڪش، توڙي غم ۽ الم انسان کي مجبور ڪن ٿا ته هو عقده حيات جي حل  ڪرڻ ۾ مجرد عقل و فڪر جي زد ۾ نه آهي. انسان جيئن جيئن زندگيءَ جو سفر طئي ڪري ٿو، تيئن تيئن ان جي طاقت گهٽجي وڃي ٿي. موت جي منزل ان کي قريب تر نظر اچڻ لڳي ٿي ۽ هو هن هيڏي وسيع ۽ ڪشادي ڪائنات ۾ پنهنجو پاڻ کي اڪيلو ضعيف ۽ بيوس محسوس ڪرڻ لڳي ٿو. ان وقت فڪر تخيل جون سڀ هٺ ڌرميون غير حقيقي ۽ بي سود معلوم ٿين ٿيون. هيءَ اهو وقت هوندو آهي، جڏهن پيغمبر اسلام صلي الله عليہ وسلم تي نازل شده قرآن کي ٻڌڻ لاءِ آماده ٿي ويندو آهي.

”برڪت واري  آهي اها ذات، جنهن جي هٿ ۾ بادشاهي آهي. ۽ اهو  هر چيز تي قادر آهي. جنهن پيدا ڪيو موت ۽ زندگيءَ کي، تان ته توهان کي آزمائي ته  توهان مان عمل ۾ ڪهڙا بهتر آهن ۽ اهو زبردست ۽ بخشڻهار آهي.“(الملڪ 1-2)

”اهي ماڻهو، جي زياده پسند ڪن ٿا دنيوي زندگيءَ کي آخرت تي، ۽ منهن ڦيرائين ٿا، الله جي رستي کان ۽ ان ۾ ڪجي چاهين ٿا  ۽ اهي ئي تمام پري واري گمراهي ۾ آهن.“(ابراهيم، 3)

قرآن مجيد، رسول الله صلي الله عليہ وسلم ۽ ان جي تابعدار جماعت جو طريق ڪار اهڙن لفظن ۾ بيان ڪري ٿو. جو انهن لفظن کان وڌيڪ سٺا لفظ ملي  ڪونه ٿا سگهن.

”توهان هڪ اهڙي امت آهيو، جنهن کي ڪڍي ظاهر ڪيو ويو آهي سڀني انسانن لاءِ، ته توهين حڪم ڪريو ٿا ڀلائيءَ جو ۽ روڪيو ٿا برائي کان.“(آل عمران – 109)

دين اسلام هڪ عملي ضابطه حيات آهي، جو انسان کي سندس مستقبل کان آگاهه ڪندو آهي. ۽ ان کي دانائي  ۽ پاگيزگي سيکاريندو آهي. هي ماڻهوءَ کي تلقين ڪندو آهي ته هو الله جي رضا جي حڪم اڳيان سر تسليم خم ڪري ۽ ان سان گڏ، خير ۽ اصلاح جي رستي  جي پابندي ڪري.

اسلام پنهنجي مڃيندڙن کي حڪم ڏنو آهي ته هو نيڪيءَ جي تابعداري ڪن، پنهنجن نفساني خواهشن جي پويان هلڻ کان پاڻ کي باز رکن ۽ باطل اڳيان مغلوب نه ٿين. انسان جي اڳيان اسلام جيڪو ڪمال جو معيار رکيو آهي. ان تي عمومي طرح اسان ٻن طرفن کان نظر وجهي سگهون ٿا. انفرادي نقطه نظر کان هن معيار جي تقاضا اها آهي ته هر مسلمان متقي بڻجي، ٻين لفظن ۾ کڻي ائين چئجي ته هر مسلمان شخص جي اندر ضبط نفس جو مادو پيدا ٿي سگهي. هڪ فرد جي شخصي زندگيءَ ۾ قانون جي منشا اها آهي ته انسان کي پنهنجي نفس مٿان پورو ضابطو حاصل ٿي وڃي. ماڻهوءَ جو اهڙو حال نه هئڻ گهرجي، جو هو هر وسوسي جي سامهون پنهنجا  هٿيار  کڻي ڦٽا ڪري، جيڪو عارضي طور تي نمودار ٿيو هجي، پر ان کي پنهنجي طبيعت تي پورو پورو ڪنٽرول  هئڻ کپي. ماڻهوءَ کي هر وقت بيدار رهڻ کپي ۽ ان کي پنهنجي رب جي مرضيءَ جي تڪميل لاءِ دل ۽ جان سان آماده  هئڻ کپي. جيستائين ڪه اجتماعي معاشري جو تعلق آهي، خواهه اهو هڪ گروهه هجي، هڪ قوم هجي، رياست هجي، يا پوري دنيا هجي. ان ۾ مسلمان جو اصل مقصد اهو آهي ته هو انساني وحدت ۽ يڪتائيءَ لاءِ ڪوشش ڪري ۽ انهن تمام جڳهڙن ۽ اختلافن کي ختم ڪرڻ جي جدوجهد ڪري، جيڪي انسان کي انسان کان الڳ ڪن ٿا ۽ لڙائي جهڳڙي کي جنم ڏين ٿا. اسلام ۾ اهڙن سڀني فرقن ۽ اختلافن وغيره کي ڪابه وقعت ڪانهي، جيڪي لساني ۽ نسلي بنياد تي يا محض دولت يا اقتدار جي بنياد تي قائم ٿين ٿا. ان جي ابتڙ اسلام بني نوع انسانن کي هڪ اهڙي روحاني ۽ ايماني رشتي ۾ پوئي ٿو، جو پوري انسانيت کي پاڻ ۾ مضبوطيءَ سان ڳنڍي ڇڏي ٿو.

جيستائين تڪميل ذات جو تعلق آهي، اسلام سڀ کان پهريائين هڪ هڪ فرد جي عادتن کي نفس جي ذريعي بهترين بنائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. اسلام جي نقطهء نظر ۾ اصلاح، ذات سان ئي وابسته آهي.

تڪميل ذات جو نظرياتي پس منظر هنن ٻن اعلانن مان صاف ظاهر ٿئي ٿو، جن جو مطالبو هر ان ماڻهوءَ کان ڪيو ويندو آهي. جيڪو اسلام جي دائري ۾ داخل ٿيندو آهي. پهريون اعلان آهي ته لاالہ الاالله(الله کان سواءِ ڪوئي الله ڪونهي). ٻيو اعلان آهي محمدّ رسول الله (محمد الله جو رسول آهي) هي ٻئي اعلان هر مسلمان تي لازم ۽ واجب آهن.  اسلام ۾ ان کي ڪلمه طيب جو نالو ڏنو ويو آهي. اهڙيءَ طرح هڪ مسلمان ان ڪلمي جي هر هر پڙهڻ سان گويا اهو مسلسل اقرار ڪندو رهي ٿو، ڇاڪاڻ ته ان توحيد جي علم جي ذريعي الله جي رسول حضرت محمد ڪريم صلي الله عليہ  وسلم جي رسالت جو اعلان به لازمي آهي. جيڪڏهن ان لحاظ سان ڏٺو وڃي ته توحيد الاهي هڪ اهڙي سچائي آهي، جنهن تائين رسائي محض وحيءَ رسالت تي ايمان بالغيب آڻڻ سان ئي حاصل  ٿي سگهي ٿو.

قرآني وحي اسان کي ٻڌائي ٿو:

”چئو اهو الله هڪ آهي.

”۽ اسان جو ۽ توهان جو خدا هڪ آهي.

”اها ئي ذات آهي، جنهن توکي  هڪ جان مان پيدا ڪيو.“

اهي اهڙا حقائق آهن، جن جي ثابتي محض تجرباتي طريقي سان ٿي نه ٿي سگهي. ۽ نه وري ڪو عام انساني شعور جي طاقت سان ئي ان کي پرکي سگهجي ٿو.  پر هتي رڳو هڪ رسولَ محمد صلي الله عليہ وسلم جي حوالي  ۽ ذريعي سان ئي ان تي ايمان آڻي سگهجي ٿو.

ڪلمي طيبه جو شمار اسلام جي بنيادي ارڪان ۾ آهي. ۽ ڪلمي  شريف جا ٻئي اعلان تمام وڏي افاديت جا حامل آهن. هيءُ انسان جو توجهه انهيءَ حقيقت ڏانهن ڇڪائي ٿو، جيڪي ڪجهه ان ۾ مضمر آهي. ۽ اها حقيقت اها آهي ته انهن تمام اختلافن ۽ تنازعن جي باوجود جن انسان ذات کي قومن ۽ طبقن ۾ تقسيم ڪري ڇڏيو آهي، بنيادي طور تي پوري انسانيت هڪ وحدت ۽ اِڪائي آهي. ۽ هڪ انسان جي اڳيان اعليٰ ترين نصب العين اهو ئي ٿي سگهي ٿو ته هو پوري نسل انسانيءَ جو رستو وحدت ۾ منسلڪ ڪري ڇڏي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com