سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 1973ع

مضمون

صفحو :10

”هيءُ آهي، اما، هيءُ آهي اهو شخص!“

جيجيءَ آهستي آهستي هن نئين ماڻهوءَ تي نگاهه وڌي، جو جهنگل جي وڻ وانگر مضبوط بيٺو هوپوءِ چيائين:

”مان تنهنجي چهري کي ڏاهپ جي روشنيءَ سان ٻهڪندو ڏسان ٿي. ڀلي ڪري آئين، جيءُ ڪري آئين منهنجا ٻچڙا، پر اهو ته ٻڌاءِ ته تون ڪير آهين؟“

هن نوڙي ادب سان سلام ڪيو ۽ چيو:

”جيجي، مان هڪ پورهيت آهيان. هي هٿ ئي اٿم، جي مان تنهنجي نياڻيءَ کي آڇي سگهان ٿو. اهي ئي منهنجي سڄي دولت آهن. مان پورهئي جي تلاش ۾ نڪتو آهيان. مون کي پورهئي جي ئي ڄاڻ آهي ۽ پورهيو ئي منهنجي قوت آهي. اهائي منهنجي سڄي ڪهاڻي آهي.“

ڦاپان چيو ”امڙ“ ڌارين کي هن ڌرتيءَ تان ڌڪڻ لاءِ هن جيل سَٺا، هن گوليون کاڌيون. هو هاريءَ جو پٽ آهي، پاڻ ڪاليج پڙهي به هاري ٿيو. هن جو پنهنجي ديس جي ڌرتيءَ ۾ ساهه آهي.

هي اهو آهي جنهن پرمارن سان جنم کان وٺي جنگ جوٽي، جنهن صدين جي سُتلن کي جهنجهوڙي جا ڳايو.“

عجب آهي ته جيجيءَ، ڦاپان جو هٿ هن نئين شخص جي هٿ ۾ ڏيڻ ۾ دير نه ڪئي.

ڳوٺ ۾ غم ۽ غصي جي لهر ڊوڙي ويئي. ڪي ته ظاهر ظهور چوڻ لڳا ته ”مغرورن جو منهن ڀت سان لڳو.“

پر جلد، تمام جلد، ڪيريفاسو جي ڳوٺاڻن، هن نئين شخص کي نئين نظر سان ڏسڻ شروع ڪيو. ڪي چوڻ لڳا ”هي ڪير مڙس آهي جو پورهئي ۽ راڳ جو ميلاپ ڪري ٿو. ۽ جنهن لاءِ محنت ۽ ڪشالو، مسرت ۽ فخر آهي ۽ جنهن لاءِ زندگي اٿاهه آهي، ڀرپور آهي؟“

ٻيا چوڻ لڳا ”۽ ڏسو ته هن جي اڻٿڪ محنت ۽ لڳاتار ڪوشش ڪري هن جو فصل ڪهڙو نه ڀلو ٿو ٿئي.“

”هن آلي چيڪي مٽي کڻي ڪارب ۾ وجهي سرون ٺاهيون آهن، ۽ انهن مان ڪهڙو نه سهڻو گهر اڏيو اٿائين، جو اسان جي ڳوٺ جو شان وڌائي رهيو آهي.“

”هن جي هٿن جي هنرن کي به ڏسو؛ ڇٻيون توڙي ڇڄ، تڏا توڙي موڙاسڀ هي شخص ٺاهي ٿو.“

”۽اسان جا ٻارڙا ڪيئن نه هن جي چوڌاري جهرمٽ ٺاهي بيهن ٿا ۽ هن کي اچرج ۽ خوشيءَ وچان گهورين ٿا.“

پوءِ هنن ماڻهن کي انبن جي وڻن جي ڇانوَ ۾ نڪمو ويهي نوٽڻ کيڏڻ ۾ شرم محسوس ٿيڻ لڳو.

”ڏسو ته ڦاپان جي مڙس ڇا ڇا نه ڪري ڏيکاريو آهي“، هو چوندا هئا، ”ڇا اسين هن ڳوٺ جا رهاڪو ائين ڪري نٿا سگهون؟“

پوءِ ترت ئي هو ان نئين شخص وٽ وڃي هن سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ لڳا ۽ هن کان صلاح مشورو وٺڻ شروع ڪيائون. سگهوئي هو پڻ سڀئي محنت مزوريءَ ۾ جنبي ويا. ان دفعي هنن جي کيتن مان ايترو فصل پيدا ٿيو جيترو اڄ تائين ڪڏهن به ڪونه ٿيو هو. ضاعفون به مردن سان ٻنين تي ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺيون، ڳوٺ ۾ نئون روح ڦوڪجي ويو. ڪَچا، اڍنگا ۽ ڏنگا ڦڏا گهر هڪ هڪ ٿي ڊهندا ويا ۽ انهن جي جاءِ، نئين ماڻهوءَ جي نئين ٺاهيل گهر جهڙا گهر والاريندا ويا. ائين پئي ڏسڻ ۾ آيو ته ڪيريفاسو ڳوٺ ڪو نئون جنم وٺي رهيو آهي.

خود ماڻهن جي جياپي جا نوان اهڃاڻ پيدا ٿي ويا، ۽ هنن ۾ نئون جذبو ڏسڻ ۾ آيو.اڳي هو زمين مان رڳو ايترو اُپائڻ لاءِ ڪم ڪندا هئا، جيئن حالي سندن پيٽ جو پورائو ٿئي ۽ سندن وقت گذرندو رهي. پر هاڻي هو زمين کي نئين نظر سان ڏسڻ لڳا هئا ۽ زمين سندن رت ست ۾ سمائجي چڪي هئي، سندن انگ انگ جو حصو بنجي ويئي هئي: هو ان ۾ پنهنجي ايندڙ نسل لاءِ ۽ پنهنجي ديس لاءِ ڪم ڪرڻ لڳا هئا. هنن پنهنجي زمين کي پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي ٻارن لاءِ ۽ پنهنجي ديس لاءِ سهڻي ۾ سهڻو ٽڪرو ۽ بهترين ڌن بنائڻ  ٿي گهريو.

وري جشنن جي مند آئي، هو ڳائڻ لڳا:

”اسان هڪٻئي سان نه وڙهنداسين،

اسان هڪٻئي جو رت نه وهائينداسين،

اسانجن وڏن اسان لاءِ پيچرا بنايا،

اسان انهن تي پڪا رستا ٺاهينداسين،

هنن پنهنجي رت سان زمين خريد ڪئي،

اسان ان زمين کي محنت ۽ پيار سان ٺاهينداسين،

اسين پنهنجي دل ۽ دماغ سان ان تي تخليق ڪنداسين.“

مردن پٺيان ضاعفون ۽ ٻار هئا. هنن مٿي تي ٻنيءَ جي هرقسم جي پيدائش ۽ هٿ جون ٺهيل شيون کنيون هيون. ساوا ٻوٽا ۽ پيلا ڪيوڙا ڪاٺ جي خومچن ۾ هئا. ٻٽالو، ٽماٽا، سرنهن ۽ کارڪون ٺڪر جي پاٽين ۾ کنيل هيون. نارنگيون، ڪچالو ۽ مڪئي جا سنگ، پتل جي سونهري ٽالهن ۾ رکيل هئا. ٻارن وڏي فخر سان پنهنجيون هٿ جون ٺاهيل چيزون کنيون هيون، جهڙوڪ رنگبرنگي  تڏا، ٽوڪريون ۽ رانديڪا.

ڳوٺ جي نئين راندين جي ميدان تي هن جلوس کي گڏ ٿيندي ڏسي، جيجي ڏاڍو گد گد ٿي رهي هئي. تازن مينهن ڪري هن ميدان تي ساوڪ ئي ساوڪ ٿي ويئي هئي. ڳوٺاڻن کي بيفڪريءَ جي ناچ جي لهرن ۾ لڏندي ڏسي هن جي دل ڀرجي آئي. هي هجوم هاڻي هن جي گهر طرف اچي رهيو هو. هن ڦاپان کي به ڏٺو. هن مٿي تي پِتل جي ٿالهه ۾ ڪوئلا کنيا هئا، ۽ ڪوئلن جي چوڌاري ڪناري تي ڳاڙها گل سجايا هئائين. هن جي نچڻ تي ٿال به لڏي رهيو هو. پنهنجي ڌيءَ کي ان حالت ۾ ڏسي هوءَ خوشيءَ سان ڀرجي ويئي.

پوءِ هن نظر جي ڦاپان جي مڙس تي پيئي. هن ڪڇ ۾ اڇي ڇيلي کنئي هئي۽ هوخوشيءَڀرئي وڻندڙ آواز ۾ ٻين مردن سان گڏجي ڳائي رهيو هو. جيجيءَ هن ڏي فخر مان نهاريو. جلوس هاڻي سندس ٻنڀي تي پهچي چڪو هو.

هارين جي پريي مڙس چيو ”ڏسو دنيا ۾ سڀ کان سٺي اسان جي جيجي بيٺي آهي. اسان جي جيجي اسان لاءِ ترسي بيٺي آهي. هوءَ ترسيل آهي ته اسان جي نرڙن تي محنت واري ڌڌڙ، امن جي درياهه جي ٿڌاڻ سان ڌوئي وڇايون. هن جي قدمن ۾ چادرون وڇايو، تمام عزت ۽ نرميءَ سان، وڏي شان مان سان ٻنين جي پيدائش هن جي قدمن آڏو رکو، پنهنجي هٿن جو فن هن جي سامهون رکو، تمام آهستي، وڏي شان مان سان.“

جيجي امن ۽ خوشيءَجو مجسمو بنجي بيٺي رهي.

·                   هينري بيٽس                                 (سائنسي ڪهاڻي)

سنڌيڪار: غلام نبي ميمڻ

خلامان اچڻ کان پوءِ

رات جو هڪ ٿيو هو. مشهور سائنسدان آرٿر ايلي سن پنهنجي تجربيگاهه ۾ ڪم ڪري رهيو هو. هو هڪ تجربيڪار خلاباز به هو ته مختلف انساني نسلن جي علمن جو ماهر پڻ هو. انهيءَ وقت جڏهن ته سڄو شهر مٺڙي ننڊ ۾ ستل هو، هو هڪ طويل رپورٽ مرتب ڪرڻ ۾ مشغول هو. صبح جو اها رپورٽ کيس اعليٰ سطح واريءَ هڪ سائنسي ڪانفرنس ۾ پيش ڪرڻي هئي. ڪيترن مهينن جي لڳاتار محنت سان هو اهو ثابت ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو هو ته مريخ سياري ۾ انسان سان ملندڙ جلندڙ هڪ نسل آباد آهي. اوچتوئي اوچتو کيس ائين محسوس ٿيو ته ڄڻ سندس سامهون ڪو شخص بيٺو آهي. اها ڳالهه ڏاڍي عجيب هئي، ڇو ته شام ٿيڻ سان ئي هن سڀ دروازا بند ڪرائي ڇڏيا هئا۽ چاٻيون به سندس کيسي ۾ پيون هيون. هن ڪنڌ مٿي کڻي ڏٺو ته هڪ قداور شخص هڪ ڪاريءَ چادر ۾ ويڙهيل کيس گهُوري  رهيو هو. ان جي پيشاني ويڪري، اکيون تمام ننڍيون ۽ نڪ ڄڻ ته هئس ئي ڪونه. سڄو جسم هڪ طرف جهُڪيل، ڪُلها ايترا ته وڏا هئس جو انهن ۾ اندر سندس منڍي به لِڪي ويئي هئي. ڊاڪٽر ايلي سن ڏسڻ شرط سمجهي ويو ته هو ڪنهن ٻئي سياري جي مخلوق آهي. اجنبي هڪ قدم اڳتي وڌيو ۽ انگريزيءَ چيائين:

”ڇا توهان ڊاڪٽر ايلن سن آهيو؟“

”جي، جي ها.“ ڊاڪٽر گهٻرائجي چيو، ”۽ توهان پاڻ؟“

”مان توهان سان ملڻ چاهيان ٿو، مان هڪ سياري کان آيو آهيان.“

”ڪهڙي سياري کان؟“

”توهان کي سڀ ڪجهه معلوم ٿي ويندو. توهان اجازت ڏيو ته مان پنهنجي اچڻ جو مقصد بيان ڪيان.“

”ضرور بيان ڪيو، اچو ڀلا ويهو نه.“

اجنبي ويهي رهيو ۽ پُر وقار لهجي ۾ چيائين:

”مان اهڙي سياري جو رهواسي آهيان، جو توهان جي نظام شمسي کان ٻاهر آهي. توهان هزارن سالن کان پوءِ به انهيءَ تائين پهچي نٿا سگهو، ڇو ته هڪڙي نظام شمسيءَ کان ٻئي نظام شمسيءَ تائي پهچڻ توهان جي وس ۾ نه آهي. توهان هن وقت تائين جيڪي سيارا دريافت ڪيا آهن، اهي توهان جي پنهنجي نظام شمسيءَ ۾ آهن. منهنجو خيال آهي ته توهان منهنجي ڳالهه سمجهي ويا هوندؤ.“

”توهان ڳالهه جاري رکو، مان ٻڌي رهيو آهيان.“

”اسان چاهيون ٿا ته توهان جي دنيا جي ڪنهن فرد کي پنهنجي دنيا جو سير ڪرايون ۽ انهيءَ مقصد لاءِ توهان کي منتخب ڪيو ويو آهي. توهان کي منتخب ڪرڻ جو هڪڙو سبب اهو به آهي ته توهان انساني علمن جا ماهر آهيو ۽ اسان به دنيا جا ئي رهاڪو آهيون. ائين کڻي سمجهو ته اسان وارو انسان توهان جو سئوٽ آهي_ منهنجو مطلب آهي نسل جي اعتبار کان_ اسانجي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي توهان جي سائنس کان اٽڪل چار لک ڀيرا وڌيڪ ترقي يافته آهي. توهان اسان جي صلاحيتن جو ته تصور به ڪري نٿا سگهو. صرف هڪڙو مثال وٺو. اسان جيڪڏهن چاهيون ته ڪره  ارض کي پنجن ڏينهن ۾ مڪمل طور تباهه ڪري سگهون ٿا. انساني نسل کي تباهه ڪرڻ لاءِ اسان کي صرف تيرهن ڪلاڪن جي ضرورت آهي. هن نظام شمسيءَ کي تباهه ڪرڻ لاءِ پندرهن ڏينهن جي درڪار آهي. تنهن هوندي به اسان ائين هرگز نه ڪنداسين، ڇو ته اهي سڀ اسان جي لاءِ ڪااهميت نٿا رکن. اسان کي توهان سان ڪو بغض نه آهي. ڪڏهن ڪڏهن اسان دنيا وارن مان ڪنهن به هڪ شخص کي منتخب ڪري پاڻ وٽ وٺي ويندا آهيون ۽ کيس پنهنجيءَ دنيا جو سير ڪرائيندا آهيون. انهيءَ سير دوران ان کي اسان جي لاءِ ٿورو ڪم ڪرڻو پوندو آهي. ائين سمجهو ته اهو هڪڙي قسم جو ڪاروبار آهي. اسان توهان کي خلائن ۾ وسيع سيارن جو سير ڪرائينداسين، پنهنجا سائنسي اوزار ڏيکارينداسين ۽ توهان جي علم ۾ اضافو ڪنداسين. انهيءَ جي عيوض جيڪڏهن توهان به اسان جي لاءِ ٿورو ڪي گهڻو ڪم ڪندو ته پوءِ ان ۾ ڪهڙو عيب آهي؟“

”مون کي ته سمجهه ۾ ئي نٿو اچي ته توهان ڇا ٿا چوڻ چاهيو؟“

”سمجهڻ جي ڪوشش ڪيو. هر پنجويهن سالن کان پوءِ توهان جي دنيا مان اسان هڪ شخص کي پاڻ وٽ وٺي ويندا آهيون ۽ چئن مهينن کان پوءِ کيس هتي ڇڏي ويندا آهيون،هن دفعي توهان کي وٺڻ آيا آهيون.“

”جيڪڏهن مان هلڻ کان انڪار ڪيان ته ..“

”اسان زبردستيءَ وٺي وينداسين.“

”پرمون کي ته صبح جو هڪڙي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ وڃڻو آهي.“

”ڪا ڳالهه نه آهي، توهان صبح ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي واپس اچي ويندؤ.“

”ائين ڪيئن ٿي ٿو سگهي. هينئر توهان چيو ته مون کي اتي چار مهينا رهڻو پوندو .

”ڊاڪٽر ايلي سن! مان اڳ ۾ عرض ڪري چڪو آهيان ته اسان توهان کان سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ گهڻو اڳتي آهيون، جيتوڻيڪ اسان وقت کي پوريءَ طرح پنهنجي قبضي ۾ ڪري نه سگهيا آهيون، ليڪن اها قدرت ضرور رکون ٿا ته ان کي ڇهن مهينن لاءِ التوا ۾ رکي سگهون. چئن مهينن کان پوءِ واپس ايندو ته توهان کي ائين محسوس ٿيندو ته جيئن اڃا هينئر ميز تان اٿي ويا آهيو.“

”منهنجي محسوس ڪرڻ سان ڇا ٿيندو. حقيقت ته اها آهي ته منهنجا ساٿي ۽ دوست به اهو محسوس ڪن، نه ته اهي منهنجي ڳولا ۾ زمين آسمان هڪ ڪري ڇڏيندا.“

”توهان فڪر نه ڪيو، مان وعدو ٿو ڪيان ته توهان جي موٽڻ تائين هي شيون ائين ئي ميز تي پيون هونديون ۽ توهان صبح ٿيڻ کان اڳ ۾ پنهنجو مقالو مڪمل ڪري سگهندو. بلڪل صاف ڳالهه آهي ته دنيا وارن جي نظر ۾ توهان گهڙيءَ کن لاءِ غائب ٿيندا. پر پنهنجيءَ پَرِ ۾ چئن مهينن لاءِ، اميد آهي ته توهان هاڻي دير نه ڪندا.“

”ٺيڪ آهي، پر هلڻ کان اڳ ۾ مان توهان جاپير ضرور ڏسندس.“

اجنبيءَ ٽهڪ ڏيندي چيو:

”مون سمجهيو. توهان جو خيال آهي ته مان شايد مريخ کان آيو آهيان. اچي وٺو، ڏسو پير ۽ تصديق ڪري وٺو.“

ڊاڪٽر ايلي سن اجنبيءَ جا پير ڏٺا. اهي مريخ جي مخلوق جي پيرن کان بلڪل مختلف، ۽ ڪنهن حيواني چنبي جهڙا هئا. ايلي سن جي اکين ۾ چمڪ اچي ويئي. انهيءَ جو مطلب اهو هو ته اجنبي واقعي سچ چئي رهيو آهي ۽ واقعي ڪنهن ٻئي سياري کان آيو آهي. علم جي اُڃ کيس بيچين ڪري ڇڏيو. هو يڪدم پنهنجيءَ جاءِ تان اٿيو ۽ اجنبيءَ ڏانهن وڌندي چيائين:

”مون کي توهان جي دعوت منظور آهي، هلو.“

”ڏاڍو سٺو، توهان هائو ڪري عقلمنديءَ جو ثبوت ڏنو آهي. مون کي اڳ ۾ ئي اميد هئي ته توهان اهڙو سونهري موقعو هٿان نه وڃائيندا.“

”مسٽر... معاف ڪجو، توهان جو نالو!“

”نالو ته توهان سمجهي ڪونه سگهندؤ، پر ائين توهان مون کي جونز سڏي سگهو ٿا. مان انهيءَ ئي نالي سان توهان جي هر ڳالهه جو جواب ڏيندس.“

”ته مسٽرجونزاسان کي ڪڏهن هلڻو پوندو؟“ ڊاڪٽرايلي سن اشتياق سان پڇيو

”هينئر ۽ هن وقت.“

ائين چئي اجنبيءَ پنهنجو هٿ ايلي سن ڏانهن وڌايو. ايلي سن انهيءَ هٿ کي ڇهيوئي مس هو ته کيس ائين محسوس ٿيو ڄڻ ڪنهن سندس هٿ جي تريءَ ۾ سئي ڇڀي هڃي . انهيءَ کان پوءِ سندس حواس خطا ٿي ويا ۽ هو بيهوش ٿي ويو.

منزل مقصود تي پهچڻ کان اڳ ۾ ڪيترائي دفعا سندس اک کلي، پر پاڻ نيم بيهوش هو. سندس سڄي ۽ کٻي تارا هئا ۽ هو نهايت تيزيءَ سان خلا ۾ پرواز ڪري رهيو هو. وري هن کي ننڍا ننڍا چهرا پئي نظر آيا. هن غور سان ڏٺو، اهي سڀ سندس پنهنجا چهرا هئا. ها، انهن سڀني جا مهانڊا ڊاڪٽر ايلي سن جهڙا هئا، پوءِ اونداهيءَ ۾ اهي گم ٿي ويا. چوطرف گگهه اوندهه هئي. هو ڌُنڌ ۾ هيٺ ئي هيٺ وڃي رهيو هو.سندس مٿو ڦرڻ لڳو. ڪجهه سمجهه ۾ ئي نه پيو اچيس ته آخر ماجرا ڪهڙي آهي. ڪڏهن ته سرديءَ سبب سندس ڏند کڙڪي رهيا هئا، ته ڪڏهن گرميءَ ۾ سندس جسم رجي رهيو هو. اهو هڪ ڊگهو سفر هو. غنودگيءَ ۾ کيس هڪڙي ڇوڪري به نظر آئي. ڀورن وارن ۽ نيرين اکين واري معصوم صورت ڇوڪري. اها سندس مٿان جهڪيل هئي ۽ کيس هر هر سجاڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. پوءِ ته هڪ ڊگهي خود فراموشيءَ جي دوري اچي مٿس گهيرووڌو.

ڊاڪٽر ايلي سن جي جڏهن اک کلي، تڏهن هو بستري تي سُتو پيو هو. ڪمرو سندس لاءِ بلڪل نئون هو. ڀِتيون گول ۽ سڻڀيون هيون ۽ سندس نظر انهن تي روڪجي نه پئي سگهي. ڪمري ۾ڪا به دري نه هئي. تنهن هوندي به چوطرف کير جهڙي روشني پکڙيل هئي. کيس ڪٿي به بلب يا ٽيوب نظر نه آيا. هو آهستگيءَ سان اُٿيو ۽ دروازي تائين ويو. زور ڏئي ڏٺائين ته کيس خبر پئي ته دروازو ٻاهران بند آهي. هن در کڙڪايو ليڪن ڪو به جواب نه مليو. ”مسٽر جونز، دروازو کول.“ هن زور سان دانهن ڪئي، مگر بيسود. ائين محسوس ٿي رهيو هوس ته ڄڻ هٿ ڪٿي به ڪنهن جاندار جو وجود نه آهي. هو گهڻي وقت تائين رڙيون ڪندو رهيو پر دروازو نه کليو. بيوس ٿي هن وري به سمهڻ جو فيصلو ڪيو ۽ بستري تي ليٽي پيو. اڳيون ڳالهيون کيس ياداچڻ لڳيون. تجربيگاهه ۾ اجنبيءَ جو اچڻ، عجيب ۽ غريب سياري جو ذڪر ۽ پوءِ چئن مهينن لاءِ سير جي دعوت. تنهن هوندي به هو رستي وارا واقعا ذهن ۾ پوريءَ طرح آڻي نه سگهيو. شايد کيس ڪا نشيدار شئي ڏني ويئي هئي. اوچتوئي اوچتو دروازي جي ٻاهران ڪنهن جي قدمن جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، ۽ پوءِ هڪ آواز سان دروازو کلي پيو. جونز سندس سامهون بيٺو هو، اهوئي اجنبي، جيڪو کيس هتي وٺي آيو هو.

”هيلو ڊاڪٽر ايلي سن، مون کي اميد آهي ته توهان جو ٿَڪُ لهي ويو هوندو درحقيقت هي هڪ طويل سفر هو. بهرحال توهان منزل تائين پهچي ويؤ.“

”جي ها، پر هيءَ ڪهڙي حرڪت آهي جو توهان مون کي هتي کڻي قيد ڪيو آهي؟“

”هن قيد ۾ توهان کي تڪليف محسوس ٿي هجي ته مان معافي ٿو وٺان . جيئن ئي مون کي توهان جي سجاڳ ٿيڻ جو اطلاع مليو، مان هتي پهتو آهيان. توهان جي خدمت لاءِ هڪ نرس پاڻ سان آندي اٿم جا نهايت ئي خوبصورت آهي.“

”نرس !اها ڇاجي لاءِ، ڇا مان بيمار آهيان؟“

”جي نه، بيمار ته نه، مگرتوهان کي هڪڙي ساٿيءَ جي ضرورت آهي، اهڙي ساٿيءَ جي جو ڏک سک ۾ توهان جو ساٿ ڏئي سگهي ۽ انهيءَ کان به وڌيڪ ته توهان کي هتي جي دنيا ۾ گهمائي ڦيرائي سگهي.“

”توهان جو مطلب ڪنهن گائيڊ (رهبر) سان آهي؟“

”گائيڊ نه، گهر واري چئو.“

”گهر واري؟ توهان جو دماغ ته خراب نه ٿي ويو آهي، منهنجي ته اڃا شادي به ڪانه ٿي آهي.“

”اسان توهان جي شادي نهايت ڌام ڌوم سان ڪنداسين، اهڙي ٺَٺ سان جيئن توهان وٽ شهزادن جي ٿيندي آهي.“

”بڪواس بند ڪر، تون نهايت چالاڪ ۽ ڌوڪيباز معلوم ٿي رهيو آهين. مون کي پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائي هت وٺي آئين  ۽ هاڻي خبر  نه آهي ته ڪهڙيون اُبتيون سبتيون ڳالهيون پيو ڪرين. ياد رک، مان تنهنجي ڪنهن به فريب ۾ اچڻ لاءِ تيار نه آهيان.“

اهو ٻڌي اجنبيءَ مرڪيو ۽ عاجزيءَ سان چيائين:

ڊاڪٽر ايلي سن، مون وعدو ڪيو هو ته چئن مهينن کان پوءِ توهان کي صحيح سلامت زمين تي پهچائيندس. مان انهيءَ وعدي تي قائم آهيان، پر توهان تعاون ڪرڻ تي آماده نظر نٿا اچو، بهرحال مان مِس سي_ بي 301 کي هتي ڇڏي وڃان ٿو، باقي ڳالهيون توهان ان کان معلوم ڪجو.“

دروازو کولي هن هڪ ڇوڪريءَ کي اندر سڏيو. ايلي سن حيران ٿي ويو. هيءَ ساڳي اهائي ڇوڪريءَ هئي، جنهن کي هن نيم بيهوشيءَ جي عالم ۾ ڏٺو هو. مُنهن مهانڊن مان سمجهه ۾ پئي آيو ته هوءَ به زمين تي رهڻ وارن مان آهي.  هو اڃا ڪُڇڻ وارو ئي هو ته جونز چيو:

”مون کي اجازت ڏيو، ڪجهه ضروري ڪم آهي، نه ته توهان سان مان ڪچهري ضرور ڪيان ها ”مِس  سي_بي 301 توهان جي ٻولي چڱيءَ طرح سمجهي ٿي. اميد آهي ته توهان سندس موجودگيءَ ۾ هن ڪمري کي جيل خانو تصور نه ڪندا.“

ايترو چئي هن دروازو کوليو ۽ ٻاهر هليو ويو. ايلي سن خاموشيءَ سان کٽ تي ويهي رهيو. هو شروع کان آخر تائين هڪ سائنسدان هو ۽ سائنسي تجربات کان سواءِ کيس ڪنهن به ڳالهه سان دلچسپي نه هئي. هاڻي هو کٽ تي ويهي سوچي رهيو هو ته هن ڇوڪريءَ سان ڪهڙي گفتگو ڪري. ڇوڪري نهايت حسين هئي، پر هِن کي انهن ڳالهين سان ڪا به دلچسپي نه هئي آخرڪار ڇوڪريءَ پاڻ چپ چوريا:

”ڊاڪٽر ايلي سن، شايد توهان جو اهوئي نالو آهي. مون کي ڏاڍي خوشي ٿي آهي جو توهان سان ملاقات ٿي.“

اوچتوئي اوچتو ايلي سن جي دماغ ۾ هڪڙو خيال آيو. هن چيو:

”مِس، ڇا مان تنهنجا پير ڏسي سگهان ٿو؟“

”منهنجا پير نهايت خراب آهن، ۽ مون کي شرم به ٿي رهيو آهي. منهنجو مطلب آهي ته منهنجا پير ڪي خوبصورت نه آهن.“

”ڪهڙا به هجن، مان هڪ دفعو اهي ڏسڻ ٿو چاهيان. توهان کي شايد اها خبر نه آهي ته مان انساني نسلن جي علم ۾ ڏاڍي دلچسپي رکان ٿو.“

”مون کي خبر آهي، مسٽر جونز توهان جو تفصيلي تعارف ڪرايو هو.“ ڇوڪريءَ هٻڪندي چيو، ۽ پوءِ پنهنجا جوتا لاٿائين. ايلي سن ڏٺو ته سندس پير بلڪل اهڙا هئا جهڙا دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ رهندڙ ڇوڪرين جا هوندا آهن. ان ۾ ڪابه شئي غير انساني نه هئي.

”ڇا توهان به دنيا کا ايل آهيو؟“ ايلي سن بي اختيار ٿي سوال ڪيو.

”اوهه! مان ڪجهه به ٻڌائي نٿي سگهان. مان ته توهان کي صاف طرح چوان ٿي ته اسان کي هڪدم شادي ڪرڻ گهرجي.“

”شادي! ڪهڙي نه فضول ڳالهه آهي. ڇا مان دنيا مان هتي انهيءَ لاءِ آيو آهيان ته شادي ڪندو وتان. ڀاڳوندي، مون کي دنيا ۾ شاديءَ سان ڪا به دلچسپي نه هئي ۽ هاڻي هتي ڪيئن ٿي ٿي سگهي.“

ڇوڪري پنهنجي گوڏن تي جهُڪي پئي ۽ روئندڙ لهجي ۾ چيائين :

”ڊاڪٽر خدا جي واسطي مون کي هنن بدنما وحشين کان بچايو، مان هتي جي مقامي رهاڪن سان ڪنهن به قيمت تي شادي ڪري نٿي سگهان. هو ڀوت آهن_ جي ها، هو يقيناً ڀوت آهن. سندن پير ٻليءَ جي ٻچن وانگر ۽ سندن نَڪ مُنهن ۾ ڳتيل آهن. توهان جيڪڏهن انهن کي ڏسندؤ ته ڊپ کان بيهوش ٿي ويندو. اعتبار ڪيو جيڪڏهن توهان مون سان شادي نه ڪئي، ته پوءِ انهن مان ڪنهن بدصورت سان شادي ڪرڻي پوندي.“

”ڇا شادي ڪرڻ ڪا اهڙي ضروري آهي. فرض ڪيو ته مان شادي ڪرڻ نٿو چاهيان.“

”توهان جي چاهڻ يا نه چاهڻ سان ڪهڙو ٿو فرق پوي. هو جيڪو چاهين  ٿا اهوئي ٿيندو.“

”تنهنجو اشارو جونز ڏانهن آهي؟“

”ها، جونز ۽ سندس ساٿي، جي هن سَياري جا اصل رهاڪو آهن، اهي اهوئي چاهين ٿا. جيڪڏهن توهان انڪار ڪيو ته پوءِ هو توهان کي مشين ۾ وجهي ڇڏيندا ۽ جڏهن اتان توهان ”اوورهال“ ٿي ٻاهر نڪرندؤ ته پاڻهي انهن بدروحن مان ڪنهن هڪ سان شادي ڪندؤ ۽ چڱي ۽ بُري جي تميز وڃائي ويهندؤ- خدا جي واسطي ڊاڪٽر! منهنجي ڳالهه مڃو. هنن وٽ هڪ مشين آهي، جيڪا انسان جي دماغ ۾ اهو سڀ ڪجهه وجهي سگهي ٿي جيڪو مشين جا مالڪ چاهين ٿا.“

”مان سمجهان ٿو ته تو ڪو خوفناڪ خواب ڏٺو آهي. ٺيڪ آهي، انهن ڳالهين کي ذهن مان ڪڍي ڇڏ ۽ هن سَياري جي رهاڪن متعلق ڪجهه ٻڌاءِ. ڇا اهي سڀ تو جهڙا آهن يا انهن ڀوتن جهڙا جن جو تون هينئر ذڪر ڪري رهي هُئين.“

”جيتريقدر مون کي خبر آهي ته مان هن سَياري ۾ اڪيلي زميني ڇوڪري آهيان. پر توهان انهن ڳالهين ۾ وقت ڇو وڃائي رهيا آهيو، هڪدم هائوڪار ڪيو نه ته هينئر جونز ايندو ۽ توهان کي مشين ڏانهن وٺي ويندو.“

”وري به ساڳي مشين_ عجيب گمراهه ڳالهيون پئي ڪرين تون.“

ڇوڪريءَ تنگ ٿيندي پنهنجو هٿ ان ڏانهن ڊگهيريو. سندس ڪرائيءَ ۾ واچ جهڙي ڪا شئي ٻڌل هئي. ڊائل بلڪل اڇو هو، ۽ چابي ڏيڻ جون سيون هڪ جي بجاءِ پنج نظر اچي رهيون هيون. ايلي سن نِوِڙي ڏٺو ۽ پوءِ چيائين:

”هي ڇا آهي؟“

ڇوڪريءَ چاٻيءَ کي ڦيرايو ته ڊائل تي ننڍيون ننڍيون تصويرون نظر اچڻ لڳيون. هڪ مرد ۽ ڇهه ست عورتون ڪارن ڪپڙن ۾ هڪ ميز تي جهُڪيل هئا. سندن صورتون غير انساني هيون. ڊاڪٽر ايلي سن چيو:

”گويا هيءَ ٽيليويزن آهي.“

”جي نه، هن کي هي ماڻهو ”سرچ بيم“ چوندا آهن. هن جي مدد سان مان جتي به چاهيان ڏسي سگهان ٿي. ڏهن ميلن جي دائري اندر هر شئي بخوبي ڏسي سگهجي ٿي. تصوير ۾ جيڪي ماڻهو نظر اچي رهيا آهن اهي سڀ توهان جي انتظار ۾ آهن.“

”منهنجي انتظار ۾! ڇاجي لاءِ؟“

”هو توهان جي کوپڙي کولي ان ۾ نئون دماغ وجهندا، ۽ پوءِ توهان ائين ڪندؤ جيڪي هو چاهيندا.“

”ائين هرگز ٿي نٿو سگهي. مان جونز کي دانهن ڏيندس. هن وعدو ڪيو هو ته مون کي صحيح سلامت زمين تي پهچايو ويندو. ڪٿي آهي اهو؟“

ايترو چئي هو دروازي ڏانهن ڊوڙيو. ليڪن ڇوڪريءَ  کيس پڪڙي ورتو.

”توهان جو ٻاهر وڃڻ ٺيڪ نه ٿيندو. مان پاڻ وڃي ٿي ان کي وٺي اچان.“

هوءَ دروازي ڏانهن وڌي. ايلي سن هڪدم کڻي ان کي ٻانهن کان جهليو ۽ التجا ڪندي چيو:

”مِس،ڇا ٿوريءَ دير لاءِ اها ”سرچ بيم“ ڏئي سگهندينءَ. واپس موٽي اچي وٺجانءِ.“

ڇوڪري خوفائتين نظرن سان کيس ڏسڻ لڳي ۽ ٿوري دير سوچي واچ جهڙو اوزار سندس حوالي ڪيائين. جڏهن هوءَ ٻاهر وئي ته ايلي سن ان کي غور سان جاچڻ لڳو ۽ پوءِ هڪڙي سُئيءَ کي زور ڏنائين_ ڊائل تي ڪجهه تصويرون اُڀرڻ لڳيون. کليل ميدان، جهنگل ۽ پوءِ هڪ وسيع ڍنڍ، پري پري تائين پاڻي، پوءِ ڦڏا ڏيڍا گهر تصويرون بدلجي رهيون هيون. کيس خيال آيو ته هو پاڻ چرپر ڪري رهيو آهي. هن ”سرچ بيم“ پلنگ تي رکي. تصويرون بيهي رهيون. ڊائل تي هڪ ڊگهي ورانڊي جي تصوير اُڀري آئي. پوءِ مختلف سيون دبائي آسپاس جو جائزو وٺڻ لڳو. هڪڙي تصوير ڏسي سندس رنگ پيلو ٿي ويو. هيءَ سندس پنهنجي تصوير هئي. جي ها، هو پاڻ يعني ڊاڪٽر ايلي سن  هڪ مقامي عورت سان گڏ هڪ رستي تي وڃي رهيو هو. جلدئي اهو منظر غائب ٿي ويو ۽ انهيءَ جي جاءِ تي ٻيون تصويرون نظر اچڻ لڳيون. انهيءَ وقت دروازو کليو ۽ جونز مرڪندي اندر آيو. ايلي سن يڪدم ”سرچ بيم“ پلنگ جي هيٺان کڻي رکي ۽ جونز ڏانهن ڏسڻ لڳو. سندس پٺيان اڇن ڪپڙن ۾ هڪڙو شخص سرنج هٿ ۾ کنيو بيٺو هو. ڏسڻ ۾ ائين پئي آيو ته ڪو ڊاڪٽر آهي. ايلي سن ڪجهه چوڻ چاهيو، ليڪن جونز سندس ڪلهي تي هٿ هنيو. کيس سُئيءَ جو ڇڀڪو محسوس ٿيو ۽ پوءِ فرش تي ڪِري پيو.

جڏهن ان کي هوش آيو ته هو هڪڙي تمام وڏي هال ۾ ڪرسيءَ تي ويٺو هو سامهون اسٽيج تي ڪجهه ماڻهو نظر اچي رهيا هئا. ڪنهن سندس اکين تي دروبين لڳائي هاڻي هو آسانيءَ سان انهن ماڻهن کي ڏسي سگهيو ٿي. اسٽيج جي وچ ۾ هڪ تمام وڏي مشين نصب ٿيل هئي. سڄي طرف کان چوڪيدار هڪ ريهون ۽ ڪيهون ڪندڙ ڇوڪريءَ کي گهلي وٺي آيا ۽ هڪڙي ڪرسيءَ سان ٻڌي ڇڏيائون. ايلي سن اهو ڏسي حيران ٿي ويوته اها مِس سي_ بي 301 هئي. اهائي ڇوڪري جا ٿوري دير اڳ ۾ سندس ڪمري ۾ موجود هئي. ايلي سن اٿڻ چاهيو مگر هو ڪرسيءَ سان ٻڌل هو. مجبور  ٿي ويهي رهيوٿوريءَ ديرکان پوءِ هو هڪڙي مقامي نوجوان باشندي کي پڪڙي وٺي آيا. نوجوان ڏاڍو ڪاوڙ ۾ هو ۽ هر هر پاڻ کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. پهريدارن ان کي به هڪڙيءَ ڪرسيءَ سان جڪڙي ڇڏيو ۽ پاڻ پوئتي هٽي بيهي رهيا.

مشين جي ڀرسان هڪڙو شخص چمڙي جو لباس پهري بيٺو هو. هن هٿ وڌائي هڪڙي بٽڻ کي دٻايو ۽ اها ديوَ جهڙي مشين حرڪت ۾ اچي ويئي. اهي ٻئي ڪرسيون جن مان هڪڙي تي مِس سي_بي 301 ۽ ٻيءَ تي مقامي نوجوان ويٺو هو، هڪڙي ئي جهٽڪي سان مشين جي پيٽ ۾ هليون ويون. ايلي سن بُت بنيو اهو منظر ڏسندو رهيو. اوچتوئي اوچتو مشين جي ٻئي طرف کان دروازو کليو ۽ اهي ٻئي ڪرسيون ٻاهر نڪري آيون. چند پهريدارن اڳتي وڌي رسيون کوليون ۽ مِس،سي_بي 301 ۽ اهو نوجوان آزاد ٿي ويا ۽ ڏاڍي بيتابيءَ سان هڪٻئي ڏانهن وڌيا. ائين لڳي رهيو هو جيئن گهڻيءَ مدت کان پوءِ مليا هجن. ڊاڪٽر ايلي سن اکيون ڇنڀيندو رهجي ويو ۽ هو ٻانهن ۾ ٻانهون وجهي اسٽيج تان هيٺ لهي ويا. هوڏانهن پهريدارن هڪڙي مقامي ڇوڪريءَ کي اسٽيج تي آڻي بيهاريو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي کيس ڪرسيءَ سان ٻڌي ڇڏيو. پوءِ هو هڪڙي ٻئي ماڻهو کي وٺي آيا. ايلي سن وائڙو ٿي ويو. اهو شخص هو پاڻ هو. پهريدارن انهيءَ ايندڙ ايلي سن کي ٻيءَ ڪرسيءَ سان ٻڌي ڇڏيو ۽ مشين هڪ دفعو وري تحرڪ ۾ اچي ويئي. ٻيئي ڪرسيون مشين جي پيٽ ۾ غائب ٿي ويون ۽ ٿوريءَ دير کان پوءِ ٻئي طرف کان نڪري آيون ته ڪرسيءَ تي ويٺل ايلي سن جو دماغ مڪمل طور بدلجي چڪو هو. هو اٿيو ۽ انهيءَ بدصورت ڇوڪريءَ جو هٿ وٺي مرڪندو انهيءَ هال کان ٻاهر هليو ويو. ڪاوڙ ۽ مجبوريءَ جي شديد احساس کان ڊاڪٽر ايلي سن جو دماغ چڪرائڻ لڳو. سمجهه ۾ ئي نٿي آيس ته هيءَ ڪهڙي ماجرا آهي. اوچتوئي اوچتو اسٽيج تي وري ماڻهو نظر آيا. هن دفعي مِس سي_بي 301 کي اسٽيج تي آندو ويو. هڪڙو مقامي نوجوان ان گڏ هو. اهي ٻيئي مشين جي اندران ٿي آيا ته هڪٻئي زال مڙس جي حيثت سان قبول ڪري چڪا هئا. اکڇنب ۾ هڪ ٻيو ايلي سن مقامي ڇوڪريءَ سان گڏ اسٽيج تي آيو. وري ساڳيو عمل. ڊاڪٽر ايلي سن جي دماغ جون رڳون ڦاٽڻ لڳيون. هن ڪرسيءَ تان اٿڻ جي ڪوشش ڪندي پوري طاقت سان دانهن ڪئي:

”بند ڪيو اهو ناپاڪ تماشو.“

ڪنهن سندس ڪلهي تي هٿ هنيو__سُئي جو چڀڪو محسوس ٿيو ۽ هو هڪ دفعو وري بيهوش ٿي ويو.

هن جي اک کلي ته پاڻ کي پنهنجي ڪمري ۾ ڏٺائين. هو اٿي ويٺو ۽ گذريل واقعن تي غور ڪرڻ لڳو. اها ڳالهه ظاهر هئي ته هو ته اڃا تائين صحيح سلامت هو. هو سوچي سگهيو ٿي ۽ گذريل ڳالهيون سندس ذهن مان نه نڪتيون هيون. هو هڪ زميني رهاڪو هو ۽ جونز سان گڏجي چئن مهينن لاءِ هن سَياري تي رهڻ لاءِ آيو هو.مِس سي_بي 301 جي ڏنل ”سرچ بيم“ اڃا تائين پلانگ جي هيٺان پئي هئي ۽ کيس يقين هو ته اها زميني ڇوڪري سندس همدرد ۽ خيرخواهه آهي. هينئر هن جيڪو منظر ڏٺو ان مان اندازو ٿي ويو هو ته جونز ۽ سندس ساٿي ڪنهن خطرناڪ کيل ۾ مصروف آهن ۽ هو عنقريب انهن جو آله ڪار بنجڻ وارو آهي. هن سوچيو ڇا به ٿي پوي، هو سندن ناپاڪ عزائم کي پورو ٿيڻ نه ڏيندو هن ”سرچ بيم“ جون ڪيتريون ئي سُيون گهُمايون، ليڪن جونز يا اها ڇوڪري هن کي نظر نه آيا. شايد کيس طرف جو پورو اندازو نه هو_ اوچتوئي دروازو کليو ۽ ڇوڪري اندر آئي. سندس هٿ ۾ صوف جهڙو ڪو ميوو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com