سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 1973ع

مضمون

صفحو :11

”ڊاڪٽر ايلي سن، معلوم ٿو ٿئي ته هن وقت تائين توهان ڪجهه به نه کاڌو آهي. اچي هي وٺو، ڏاڍو لذيذ ميوو آهي.“ ايلي سن سندس هٿ مان اهو ميوو ورتو ۽ سرچ بيم، ڏانهن اشارو ڪندي چيائين:

”مس برائون! ڇا توهان ٻڌائي سگهنديون ته هيءَ عمارت ڪٿي آهي؟“

”ڊاڪٽر منهنجونالوسي -- بي 301 آهي، مِس برائون نه آهي.“

”جيڪي مان پڇان ٿو انهيءَ جو جواب ڏيو.“

”مان ڪجهه به چئي نٿي سگهان. مون کي اُن کان ڊپ ٿو ٿئي.“

”ڪنهن کان؟ جونز کان؟“

”جي ها.“

ايترو چئي ڇوڪري يڪدم هٿ وڌائي اها ”سرچ بيم“ کڻن لڳي. ايلي سن سندس هٿ جهلي ورتو ۽ ان کي ڇڙٻ ڏيئي چيائين:

”ٻڌاءِ اهي سڀ ماڻهو هن عمارت ۾ ڇا ڪري رهيا هئا؟“

”مان ڪجهه به چئي نٿي سگهان. مون کي انهن کان ڊپ ٿو ٿئي. مان ته توهان کي ايترو چوڻ آئي هيس ته توهان مون سان شادي ڪيو ٿا يا نه؟“

”وري به اهائي شاديءَ جي ڳالهه. مان پڇان ٿو ته اهي ماڻهو اسان سان ڪهڙو سلوڪ ڪندا. تون ڪير آهين ۽ هتي ڪيئن پهتي آهين؟ منهنجي سوالن جا صاف ۽ کولي جواب ڏي. انهيءَ ۾ تنهنجي بهتري آهي.“

جواب ڏيڻ بجاءِ ڇوڪري زارو زار رئڻ لڳي. ايلي سن سمجهي ويو ته هن کان وڌيڪ پڇا ڪرڻ اجائي آهي. هن دروازي جي ويجهو وڃي ان جي ٻاهرين طرف زور ڏنو، ليڪن اهو بند هو. زور زور سان دروازو کڙڪائڻ لڳو. دروازو کليو ۽ جونز اندر آيو. ايلي سن موقعي جي تلاش ۾ هو. هن اڳ ۾ ئي طئي ڪيو هو ته هن دفعي جونز جي زهريلي سُئيءَ کان بچندو. جونز جيئن ئي سندس ويجهو آيو ته هن جهٽ ڏيئي سندس ڪرائي  پڪڙي ورتي ۽ ٻانهن کي مروٽي ان کي فرش تي ڪيرائي وڌائين. جونز اڃا پاڻ سنڀاليو ئي ڪونه هو ته ايلي سن سندس تريءَ ۾ لڳل هڪ ڊگهي نلي ۽ زهريلي سُئي لاهي ورتي ۽ يڪدم اها سُئي جونز جي جسم ۾ داخل ڪيائين. جونز يڪدم بيهوش ٿي ويو. ايلي سن سندس تلاشي ورتي پر ٻي ڪا به شئي هٿ نه آيس. هن جونز کي پلنگ جي هيٺان گهلي ڦٽو ڪيو ۽ اها نلي ۽ سُئي پنهنجي هٿ تي چاڙهي ڇڏيائين. اهو خوفناڪ هٿيار هاڻي سندس قبضي ۾ اچي چڪو هو، جنهن جي مدد سان جونز کيس ٽي دفعا بيهوش ڪري چڪو هو. ڇوڪري اڃا تائين ڪمري جي هڪڙيءَ ڪُنڊ ۾ بيهي خوفزده نظرن سان اهو تماشو ڏسي رهي هئي.

”هو توکي ماري ڇڏيندا.“ هن هٻڪندي چيو.

”مان انهن کي هٿ نٿو اچي سگهان. شايد توکي خبر نه آهي ته مان هڪڙو ماهر خلاباز آهيان ۽ ڪيترائي دفعا زحل سَياري تائين وڃي چڪو آهيان. تون به مون سان هل.“

”نه، نه، مون کي انهن کان ڊپ ٿو ٿئي. مان ڪيڏانهن به وڃي نٿي سگهان.“ ايترو چئي هوءَ روئڻ لڳي. ايلي سن يڪدم سوال ڪيو: ”ڇا تون ٻڌائي سگهين ٿي ته خلائي جهازن جو اڏو ڪٿي آهي؟“

”شهر کان ٻاهر، هن طرف.“ هن هٿ سان اشارو ڪندي چيو.

”ڇا هتي اُڏند مشينون به آهن؟“

”جي ها، اهي .. هتان ڇت تي آهن.“ هوءَ اڃا تائين سڏڪا ڀري رهي هئي .

”دروازي تي ڪو  پهريدار ته ڪونه آهي؟“

ڇوڪريءَ اثبات ۾ ڪنڌ ڌوڻيو. ايلي سن دروازي جي ڀرسان ويو ۽ هڪ طرف بيهي دروازو کڙڪايائين. دروازو کليو ۽ اڇن ڪپڙن ۾ هڪڙو شخص اندر داخل ٿيو. ايلي سن وقت وڃائڻ کان سواءِ پنهنجي تَريءَ ۾ لڳل سُئي ان جي جسم ۾ داخل ڪئي. جيئن ئي اهو شخص بيهوش ٿيو، تيئن ايلي سن سندس ڪپڙا لاهڻ لڳو. ڇوڪري پريشان ٿي ٻاهر وٺي ڀڳي. ايلي سن ان کي سڏ ڪيو پر هوءَ وڃي چڪي هئي. ايلي سن جلدي جلدي ان جا ڪپڙا پهريا ۽ دروازو کولي ورانڊي ۾ آيو. هن چاهيو ٿي ته ڇوڪري ملي وڃي ته جيئن کيس خلائي جهازن جي اڏي کي تلاش ڪرڻ ۾ مشڪل پيش نه اچي. اهو خطرناڪ هٿيار يعني زهريلي سُئي اڃا تائين وٽس هئي. هن ڀرواري ڪمري جو دروازو کولي اندر جهاتي پاتي. ڪمري ۾ ڪو به نه هو، فرش تي هڪڙو لاش پيو هو. ايلي سن ويجهو وڃي ڏٺو. خوف کان سندس سڄو جسم ڏڪڻ لڳو، اهو ايلي سن هو، يعني هو پاڻئي هو. اهو ڏسندي، پوئين پيرين وٺي ڀڳو ۽ وري به ورانڊي ۾ اچي پهتو. ڊگهي ورانڊي  جي ٻنهي طرفن کان ننڍا ننڍا ڪمرا ٺهيل هئا، اهڙا جهڙي ۾ پاڻ اڃا تائين قيد هو. اتفاق سان اتي ڪو به شخص موجود نه هو .ايلي سن تيزيءَ سان هڪ طرف هلڻ لڳو. کيس پڪ  هئي ته ڪٿي نه ڪٿي ڏاڪڻ نظر ايندي. هڪڙي موٽر جو دروازو کليو ۽ هڪڙو مقامي شخص آڇن ڪپڙن ۾ ورانڊي ۾ آيو. ايلي سن پنهنجي ٽوپي نِرڙ  تي رکي بيپرواهيءَ سان سندس اڳيان لنگهي ويو. جيئن ته سندس به اڇا ڪپڙا هئا، انهيءَ ڪري ان شخص هن ڏانهن ڪو خاص ڌيان نه ڏنو، ۽ مٿاڇري نظر وجهي اڳتي وڌي ويو. ورانڊي جي ڇيڙي ۾ ايلي سن کي مٿي وڃڻ واري ڏاڪڻ نظر آئي. هن هيڏانهن هوڏانهن نهاريو ۽ پوءِ اکڇنڀ ۾ ڇِت تي پهچي ويو. ڏينهن جو وقت هو. هڪ ننڍڙو سج مٿان چمڪي رهيو هو. پري پري تائين ڏاڪڻيون ئي ڏاڪڻيون نظر اچي رهيون هيون. هيءَ هڪ تمام وڏي عمارت هئي. ڇِت تي ڪيتريون ئي فضائي موٽرون بيٺيون هيون. انهن جي شڪل تمام وڏي بال وانگر هئي. هيٺ هڪڙو ننڍو دروازو نظر آيو. ايلي سن اڃا تائين اهڙي ڪار نه ڏٺي هئي، پوءِ به هن فيصلو ڪيو ته هو ان کي اُڏائڻ جي ڪوشش ڪندو. هو ڊوڙندوهڪ ڪار ۾ اندر ويو ۽ دروازو بند ڪري ڇڏيائين. انهيءَ ڪار ۾ صرف ٻن ماڻهن جي ويهڻ جي جڳهه هئي. سامهون ڪيترائي ڊائل هئا ۽ ٽي ليور. هڪ ليور تي تير جو نشان مٿي هو، ٻئي تي هيٺئين طرف ۽ ٽئين تي ڪو به نشان نه هو. ايلي سن سمجهي ويو ته پهريون ليور ڪار کي هوا ۾ اڏائڻ  لاءِ آهي  ٻيو هيٺ آڻڻ لاءِ. ٽيون ليور شايد مشين چالو ڪرڻ لاءِ هو. هن ٽئين ليور کي ٿوروئي چوريو ته ڊائل تي سائيبتي ٻري پئي. ايلي سن پهريون ليور دٻايو ۽ ڪاربنان ڪنهن آواز جي فضا ۾ بلند ٿي وئي. ڇوڪريءَ  جي واتان کيس خبر پئجي چڪي هئي ته خلائي جهازن جو اڏو ڪهڙي طرف آهي، ليڪن فضائي ڪار کي اوڏانهن موڙڻ جي ترڪيب کيس اڃا سمجهه ۾ نه آئي هئي. هن ٽنهي ليورن کي هيڏانهن هوڏانهن ڦيرايو ۽ آخرڪار کيس معلوم ٿي ويو ته ٽئين ليور سان هو طرف مٽائي سگهي ٿو. هن فضائي ڪار جو رخ ڇوڪريءَ جي ٻڌايل خلائي اڏي طرف موڙي ڇڏيو ۽ درين مان هيٺ نهارڻ لڳو. جيستائين سندس نظر ڪم ڪري رهي هئي، اوستائين کيس هڪ وسيع شهر نظر اچي رهيو هو. ڊگهيون ڊگهيون گهٽيون گنبذنما عمارتون ۽ عجيب وغريب وڻ جن جو رنگسائو نه، بلڪ ڳاڙهو هو. ڪٿي ڪٿي پراسرار مشينون ۽ وڏا وڏا ڊرم به کيس نظر آيا. ايلي سن سمجهي ويو ته اهي سندن سائنسي تجربيگاهه آهن. جلد ئي کيس خلائي جهازن جو اڏو نظر اچي ويو. اڏو خالي هو، ۽ ٿوري مفاصلي تي هڪڙو تمام وڏو جهاز بيٺو هو. اوه، يا خدا! ايلي سن ايڏو وڏو خلائي جهاز سڄيءَ عمر ۾ نه ڏٺو هو. هن سوچيو ته اهو زحل وارن تيار ڪيو آهي. ڇو ته سندن قد زميني انسانن کان ڪيترائي سئو ڀيراوڏا هئا، ۽ انهيءَ نسبت سان انهن جي هر شئي وڏي هئي. جيئن ته ٻيو ڪو جهاز اڏي تي موجود نه هو، انهيءَ ڪري ايلي سن سوچيو ته جيڪڏهن هو ڪنهن طرح انهيءَ جهاز جي اندر پهچي وڃي ته پوءِ ان کي اڏائڻ جي ڪوشش ڪري سگهجي ٿي. زحل سَياري ۾ هو هڪ کان وڌيڪ دفعا وڃي چڪو هو، ۽ اتي جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ کان بخوبي واقف هو. ليڪن انهيءَ جهاز تائين پهچڻ آسان ڪم نه هو. ان جو دروازو ڪيترائي هزار فوٽ زمين کان مٿي هو. اوستائين پهچڻ لاءِ صرف هڪ ئي طريقو هو، ۽ اهو هي هو ته ايلي سن فضائي ڪار جي مدد سان دروازو ڀڃي اندر داخل ٿئي. عام حالتن ۾ ائين ڪرڻ موت کي دعوت ڏيڻ جي مترادف هو، ليڪن هن وقت ايلي سن جي سر تي اچي ٻَري هئي ۽ هن ڪنهن به قيمت تي هن منحوس سياري مان نڪرڻ ٿي چاهيو. ڪجهه سوچي هو فضائي ڪار کي ٿوري مفاصلي تي کڻي ويو ۽ اتان رستي جو اندازو لڳائي رستو تيار ڪري نهايت ڦڙتيءَ سان دروازي جي ڀرسان پهچي ويو. اتي هن ليور کي نيوٽرل ۾ ڪيو ۽ ڪار جو دروازو کولي خلائي جهاز جي هئنڊل ۾ کڻي هٿ وڌائين. اهو نهايت مشڪل ڪم هو. فضائي ڪار هوا ۾ بيٺل هئي پر ڪنهن وقت به  ان جي لڏڻ جو خدشو هو. هوڏانهن خلائي جهاز جي دروازي جو هٿيو ايترو ته وڏو هو جو ان کي هڪڙي هٿ سان کولڻ جي ڪنهن م به طاقت نه هئي. آخرڪار هن هٿ کي اندر ڇڪي، فضائي ڪار جو دروازو بند ڪيو ۽ لِيور کي زور ڏئي ان کي پوئتي کڻي ويو. هن دفعي هن پنهنجي جان جي پرواهه نه ڪندي فضائي ڪار کي اڏائيندي، دروازي جي هئنڊل جي ويجهو آيو ۽ ڪار هئنڊل سان اچي ٽڪرايائين. قسمت سٺي هيس جو هئنڊل هڪ ئي ٽڪر سان کلي ويو ۽ هو ڪار سميت ان ۾ اندر هليو ويو. سندس اندر ويندي ئي خلائي جهاز جو دروازو پاڻمرادو پند ٿي ويو .

ايلي سن ايڏي وڏي جهاز ۾ اڪيلوهو. پهريائين ته کيس خوف ٿيو ته ڪٿي هن جهاز ۾ زحل جو ڪو رهاڪو نه هجي. ليڪن فضائي ڪار جي مدد سان جهاز جي سڀني ڪمرن ۾ پرواز ڪرڻ کان پوءِ کيس يقين ٿي ويو ته خطري جي ڪا ڳالهه نه آهي. ڪنٽرول روم ۾ جهاز جا ليور ايترو ته مٿي هئا جو فضائي ڪار جي مدد  کان سواءِ انهن تي پهچڻ ناممڪن هو. هن نشانو ورتو ۽ فضائي ڪار ليورن تائين کڻي ويو. جڏهن ته انهن کي دٻائڻ انساني طاقت کان ٻاهر هو تڏهن انهيءَ ڪري ڪري هتي به کيس ساڳيو طريقو اختيار ڪرڻو پيو. هن فصائي ڪار کي انهن ليورن سان ٽڪرايو  ۽ جهاز آهستي آهستي  مٿي اٿڻ لڳو. ڪنٽرول ڊيسڪ تي ٻيو ڪو به بٽڻ موجود نه هو. هو سمجهي ويو ته جهاز جو رخ اڳ ۾ ئي متعين ڪيو ويو آهي ۽ پاڻ ان کي تبديل ڪري نٿو سگهي. نقشا ۽ چارٽ ايڏا ته وڏا هئا جو هڪ نظر ۾ انهن کي ڏسي وڃڻ ڏاڍو مشڪل هو. بهرحال ڪار جي مدد سان جيڪو ڪجهه اندازو لڳائي سگهيو، انهيءَ مان هن سمجهيو ته جهاز جو رخ زمين طرف ئي هو. اها ڳالهه عجيب هئي، پر تنهن هوندي به ايلي سن سمجهي ويو ته زحل وارا هن سَياري کان موٽي زمين تي وڃڻ چاهيندا هوندا. هن کي اها ڳالهه سمجهه م نه آئي ته اهي هن سَياري تائين پهچڻ ۾ ڪهڙي طرح ڪامياب ٿي ويا، جڏهن ته اهي اڃا تائين انهيءَ ئي نظام شمسيءَ ۾ هئا، جنهن ۾ زمين واقع هئي. ائين پئي معلوم ٿيو ته هو هن سَياري وارن سان ڪا سازباز ڪري رهيا آهن ۽ زمين تي حملو ڪرڻ چاهين ٿا. هن سوچيو ته اهو به سٺو ٿيو، جو اهو جهاز منهنجي قبضي ۾ اچي ويو.هو زمين تائين صحيح سلامت پهچي يا نه پهچي، پر زحل وارا ته واپس موٽي نه سگهندا. کين يقين هو ته جونز ۽ سندس ساٿين وٽ ايڏو وڏو جهاز ٿي ئي نٿو سگهي، جنهن ۾ زحل جي ديوقامت مخلوق سمائجي سگهي. هو انهن ئي خيالن ۾ گم هو ۽ جهاز نهايت تيزيءَ سان پنهنجو سفر طئي ڪري رهيو هو.

ڪنٽرول روم مان پرواز ڪري ايلي سن هڪ دفعو وري نشستگاهه ۾ پهتو ۽ فضائي ڪار مان لهي هڪ وڏي ۽ ويڪري صوفي تي ليٽي پيو. سندس سوچ جونز جي سَياري تائين وڃي پهتي. جونز شايد هوش ۾ اچي ويو هجي. جيڪڏهن ائين ٿيو ته هو هر صورت ۾ کيس پڪڙڻ جي ڪوشش ڪندو. ٿي سگهي ٿو ته هو خلائي جهاز تي راڪيٽ اڇلي يا ڪنهن تيز رفتار جهاز م سوار ٿي سندس پيڇو ڪري، بهرحال ايلي سن کي اهو اطمينان ضرور هو ته جونز ۽ سندس ساٿي کيس اُڦٽ نه ماريندا، پر زندهه گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا، ڇو ته هو انهن جي نظرن م ”تمام قيمتي“ هو. ايلي سن جي لاءِ ٻيو وڏو خطرو اهو هو ته زمين تي ڪهڙيءَ طرح لهي. ايڏي وڏي جهاز لاءِ تمام وسيع اڏي جي ضرورت هئي. هو دل ئي دل ۾ دنيا جي وڏن وڏن هوائي اڏن متعلق سوچڻ لڳو. انهن ۾ ڪو به ايڏو وڏو نه هو، جو هن جهاز کي لاهي سگهي. سڀ کان وڏو خطرو ته اهو هو جو زمين وارا ههڙيءَ افت کي ڏسڻ سان هراسجي ويندا ۽ هن تي حملو ڪري ڏيندا ۽ کيس نيست ونابود ڪري ڇڏيندا. انهن کي ڀلا ڪهڙي خبر ته هن ۾ اندر سندن هڪڙو ڀاءُ بند پيو آهي. اهڙيءَ حالت ۾ کين سمجهائڻ لاءِ سندس سڀ ڪوششون رائگان وينديون. هن کي خيال ٿيو ته اهڙيءَ طرح نه رڳو کيس پنهنجي جان تان آسرو کڻڻو پوندو، بلڪ دنيا وارن کي هڪ نئين سَياري جي باري م ڪجهه ٻڌائڻ جي قابل به نه رهندو.

جهاز ۾ چڙهڻ وقت تڪڙ ۾ کاڌي ۽ پاڻيءَ جي زخيري جو اندازو لڳائي نه سگهيو هو.جيئن ئي جهاز پرواز ڪيو، تيئن کيس اهو خدشو محسوس ٿيو ته متان ٻارڻ نه ختم ٿي وڃي. ان کي بک به ڏاڍي لڳي هئي. پاڻ اٿيو ۽ فضائي ڪار ۾ ويهي اسٽور طرف پرواز ڪرڻ لڳو اسٽور جي دروازي کولڻ ۾ کيس ڏاڍي تڪليف ٿي. تنهن هوندي به جيئن تيئن ڪري هو ڪامياب ٿي ويو. اسٽور ۾ پاڻي به موجود هو ۽ کاڌي جا دٻا پڻ، پر انهن تائين پهچڻ ممڪن نه هو. پاڻيءَ جو هرهڪ دٻو سندس قد کان ٻارهن فوٽ اوچو هو ۽ مضبوط ڌاتوءَ جو ٺهيل هو. خوراڪ به ٽين جي سخت دٻن ۾ هئي. ڌاتوءَ جي ڇهه  انچ چادر ڪپڻ هن جي لاءِ ممڪن نه هئي. هو ٻيو دفعو انجڻ روم ۾ ويو ۽ ڀر واري ڪيبن ۾ کيس ويلڊنگ جو سامان لڀي ويو. هن گيس جو سلينڊر هڪ رسيءَ جي مدد سان فضائي ڪار سان ٻڌو ۽ اڏامندو اسٽور ۾ پهتو. وڏيءَ مشڪل سان صحيح نشانو ورتائين ۽ ويلڊر جي مدد سان پاڻي ۽ خوراڪ جا دٻا رجايائين. پاڻي فرش تي پکڙڻ لڳو. هو هڪدم خالي بوتل جو ڍَڪ کڻي آيو، جنهن چڱي موچاري بالٽيءَ جو ڪم ڏنو. هو بالٽي پاڻيءَ سان ڀري ۽ ان کي نشستگاهه ۾ کڻي آيو. موٽي اچي خوراڪ واري دٻي کي غور سان ڏسڻ لڳو. هڪ لِوَ دار مادو دٻي جي سوراخ مان وهي رهيو هو. هن اهو چکي ڏٺو ته نهايت ذائقيدار هو. هو فرش تي ويهي ريهو ۽ خوب مزي سان کاڌائين ۽ پيتائين. پوءِ فضائي ڪار ۾ ويهي بيٺڪ ۾ رکيل صوفي تائين پهتو ۽ مٺيءَ ننڊ سمهي رهيو.

جڏهن هو اٿيو تڏهن ڏٺائين ته جهاز پرواز ڪري رهيو هو. فضائي ڪار ويجهو هئي پر کيس اهو انديشو هو ته ان جو ٻارڻ نه کپي وڃي، انهيءَ ڪري هو پيادل ئي اسٽور ڏانهن روانو ٿيو. اتان ٻيو دفعو پيٽ ڀرڻ کان پوءِ انجڻ روم ۾ ويو. اسٽور کان انجڻ تائين اٽڪل هڪ فرلانگ جو مفاصلو هو. نقشن جي مدد سان هن اندازو لڳايو ته هو اڌ مفاصلو طئي ڪري چڪو آهي. ڏينهن ۽ هفتا گذرندا ويا. هو صبح ۽ شام ڍءُ ڪري کاڌو کائيندو هو ۽ صحت برقرار رکڻ لاءِ پيادل گهمندو هو. خلائي جهاز ۾ آڪسيجن جا پيپ موجود هئا، پر انهن جي ضرورت کيس محسوس نه ٿي. جهاز ۾ اندر جيڪا آڪسيجن هئي اها سندس لاءِ مهينا ڪم ڏئي سگهي ٿي. ڪڏهن ڪڏهن هو اڪيلائيءَ کان گهٻرائجي ويندو هو. سندس دل چاهيندي هئي ته ڪنهن سان ڪچهري ڪري، پر اتي ڪير هو جيڪو سندس اها خواهش پوري ڪري. هڪ دفعو هن اسٽور روم مان ڪنهن ڪتاب جي تلاش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر زحل وارن جو ڇپيل ڪتاب پڙهڻ زميني  انساني طاقت کان ٻاهر هو. ڪتاب جيتوڻيڪ انگريزيءَ ۾ هو ۽ سمجهه ۾ آيو ٿي ته هنن ڪنهن زميني ڪتاب جو خاص ايڊيشن شايع ڪيو آهي، پر انهيءَ جي ڊيگهه ۽ ويڪر ايڏي ته وڏي هئي جو ايلن سن جي اک انهن حرفن کي پوريءَ طرح نٿي ڏسي سگهي. ڪتاب جي هڪڙي صفحي کان ٻئي صفحي تائين سفر ڪرڻ لاءِ کيس  پندرهن کان ويهن منٽن تائين ضرورت هئي. بهرحال وقت جيئن تيئن گذرندو رهيو ۽ ايلن سن پنهنجي ڪوشش ۾ مصروف رهيو ته پاڻ کي ڪنهن به طرح مايوس ٿيڻ نه ڏيندو . هو روزانو ٽي ميل پنڌ ڪندو هو، ورزش ڪندو هو، ڍءُ ڪري کائيندو هو ۽ پوءِ مزي سان سمهي پوندو هو.

هڪڙي ڏينهن پاڻ صوفي تي ليٽيو پيو هو ته اوچتوئي اوچتو جهاز ۾ زلزلو اچي ويو. ائين محسوس ٿيو جيئن ڪا قوت بخش طاقت ان کي ڌونداڙي رهي آهي. هر چيز هيٺ مٿي ٿي ويئي. ايلي سن به صوفي تي ڪِري پيو ۽ کيس ڪافي ڌڪ لڳو. ٿوريءَ دير ۾ انجڻ روم مان آواز اچڻ بند ٿي ويو. سڀ انجڻيون بند ٿي ويون هيون. هو فضائي ڪار ڏانهن ڊوڙيو ۽ ان کي تيزيءَ سان اُڏائيندو انجڻ روم ۾ پهتو. اهو ڏسي سندس خوشيءَ جي انتها نه رهي ته ڊائل جي مطابق هو منزل مقصود تي پهچي چڪو هو. انجڻيون خود بخود بند ٿي ويون هيون ۽ سايون بَتيون ٻَري چڪيون هيون. هن ڪار جو رخ ٻاهرين دروازي ڏانهن موڙيو. خلائي جهاز جي ان دروازي کولڻ وقت کيس تمام گهڻي تڪليف ڪرڻي پئي. تنهن هوندي به اهوئي پهريون طريقو استعمال ڪيائين ۽ ڪار کي ٺيڪ نشاني تي هئنڊل سان ٽڪرايائين . دروازو هڪ ئي ڌڌڪي سان کلي پيو ۽ هو ڪار سميت ٻاهر نڪري آيو.

”عجيب دروازو آهي. اندرئين طرف به کلي ٿو ته ٻاهرين طرف به.“ هن ڀڻ - ڀڻ ڪئي جهاز کان ٻاهر نهايت گهگهه اوندهه هئي ۽ هٿ کي هٿ نظر نٿي آيو. سندس خيال هو ته هو انهيءَ فضائي ڪار ۾ ماڻهن جي مٿن کان لنگهي ويندو ۽ هو کيس حيرت سان ڏسندي رهجي ويندا، ليڪن سندس ساريون اُميدون دل ۾ رهجي ويون. جيئن ئي هو فضا ۾ بلند ٿيو، تيئن ئي هڪ ديوقامت گولو اڳتي وڌيو ۽ هڪ نهايت ئي وڏي هٿ، جنهن جي ويڪر اٽڪل اٺ فوٽ هئي، جهٽ ڏئي سندس ڪار کي کڻي مُٺ ۾ جهليو. ڊگهين آڱرين ڪار جو دروازو کوليو ۽ کيس گهلي ٻاهر ڪڍيائين: ۽ پوءِ شايد پنهنجي ڪوٽ جي کيسي ۾ رکي ڇڏيائين. هن جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي مگر تقدير سان وڙهڻ سندس وس جي ڳالهه نه هئي. پاڻ جنهن ديو جي قبضي ۾ هو اهو کيس چپٽيءَ سان مسمار ڪري سگهيو ٿي. ٿوريءَ دير لاءِ ته سندس سوچڻ جون سڀ صلاحيتون ختم ٿي ويون، ليڪن آهستي آهستي سڄي حقيقت  سندس سامهون اچي ويئي. هن سوچيو ته زحل وارن جو خلائي جهاز زمين تي ڪهڙيءَ طرح وڃي سگهيو ٿي، هو يقيناًزحل تي پهچي ويو آهي ۽ اهو ديو نما انسان زحل جي مخلوق آهي. سخت بيوسيءَ ۽ لاچاريءَ کان سندس اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا ۽ سوچڻ لڳو ته شايد زحل وارن کي پنهنجي جهاز جي واپسيءَ جي اڳ ۾ ئي خبر پئجي ويئي هئي. اهوئي سبب آهي جو هو گگهه اوندهه هوندي به يڪدم پڪڙجي پيو. بهرحال هو هينئر دشمن جي قبضي ۾ هو، ۽ هتان بچي نڪرڻ ناممڪن نظر اچي رهيو هوس، تنهن هوندي به هو انهن ماڻهن مان نه هو جي يڪدم همت هاري ويهندا آهن. هو آخري دم تائين مقابلي ڪرڻ جو قائل هو، انهيءَ ڪري هن ڏاڍي سنجيدگيءَ سان غور ڪيو ته انهيءَ ديو کان ڪيئن جان بچائجي. انهيءَ دوران کيس انهيءَ زهريلي سُئيءَ جي ياد اچي ويئي، جنهن سان هن جونز کي بيهوش ڪيو هو. سُئيءَ کي  ياد ڪري هو انهيءَ جي کيسي ۾ اُٿلڻ پٿلڻ ۽ ٽپا ڏيڻ لڳو. يڪدم هڪڙو هٿ کيس ۾ اندر آيو ۽ هن ان کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي. هو اڳ ۾ ئي موقعي جي تلاش ۾ هو. هن هڪدم اها زهريلي سئي انهيءَ مضبوط هٿ جي تريءَ ۾ هڻي ورتي. نتيجو حوصله افزا نڪتو ۽ اهوشخص هيڏانهن هوڏانهن ٿڙڻ ۽ ٿاٻڙجڻ لڳو ۽ نيٺ ڍير ٿي ڪِري پيو. ايلي سن کيسي مان نڪتو ۽ نهايت تيزيءَ سان ڊوڙڻ لڳو. واٽ تي ڪيتريون ئي کڏون کوٻا هئا ۽ هو انهن مان ڪِرندي ڪِرندي مس وڃي ٿي بچيو. آخر کيس هڪڙي گهٽي نظر آئي ۽ هو هڪدم انهيءَ گهٽيءَ ۾ گهڙي ويو. اها گهٽي ڏيڍ سئو فوٽ ويڪري هئي ۽ فوٽ پاٿ جي ويڪر به پنجاهه فوٽن کان گهٽ نه هئي. هو ڏاڍي مشڪل سان انهيءَ فوٽ پاٿ تي ڇڙهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ڪو ڪو راهگير اچي وڃي رهيو هو پر کيس ڊپ هو ته اِهي کيس پيرن هيڍان نه ڇيڀاٽي ڇڏين. انهيءَ ڪري هو ڀت جي پاسي سان هلڻ لڳو. اوچتو سامهون هڪڙو چوڪ نظر آيو. اتي ٽرئفڪ جو زور هو. زحل جا باشندا پنهنجي ڊگهين ۽ وڏين گاڏين ۾ سوار هئا. اهي گاڏيون جڏهن سندس ڀرسان لنگهيون ٿي تڏهن انهن جي آوازن سبب هن جي ڪنن جا پردا ڦاٽي رهيا هئا. هن کي اڳتي ٿوري ڪپهه هٿ اچي وئي سا کڻي پنهنجي ٻنهي ڪنن ۾ وجهي ڇڏيائين. هينئر هو آواز کان محفوظ هو پر هن لاءِ سڀ کان وڏو مسئلو رستي کي پار ڪرڻ هو. هو گهڻي وقت تائين انتظار ڪندو رهيو ۽ جڏهن سڀ گاڏيون گذري ويون ۽ رستو خالي ٿي ويو تڏهن هو ڊوڙ پائي رستو پار ڪرڻ لڳو. اڃان هن اڌ رستو مس پار ڪيو ته کيس پري کان هڪ نهايت وڏي ٽرڪ ايندي نظر آئي، جا جيئن پوءِ تيئن قريب ٿيندي ٿي وئي. هن پوئتي نهاري ڏٺو ته واپس موٽڻ مشڪل هو. ڀرسان هڪڙي کڏ نظر آئي. اتان رستو ٽٽي پيو هو ۽ جتي ڪٿي کڏا ٿي پيا هئا. هو يڪدم هڪڙي کڏي ۾ گهڙي ويو ۽ اتي سمهي پيو. ٽرڪ سندس مٿان لنگهي وئي. هو اٿيو ۽ ڪپڙا ڇنڊڻ لڳو ڇو ته ڌوڙ کيس لٽي ڇڏيو هو، نيٺ هڪ ٻيءَ  ڊوڙ سان هو رستي کي پار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. هڪڙي ڳالهه جنهن جي ڪري هو ڏاڍو پريشان هو اها هيءَ هئي ته اهي گهٽيون ۽ رستا گهڻي  ڀاڱي زميني گهٽين ۽ رستن جهڙا هئا. ڪجهه ورهيه اڳ جڏهن زمين وارن جا زذحل وارن سان تعلقات  خراب ٿي پيا ۽ زحل وارا زمين جي خلاف نت نيون سازشون ڪرڻ لڳا. ڪڏهن هو مريخ ۽ مشتريءَ جي بانشدن کي پاڻ ملائي زمين تي حملي ڪرڻ جا منصوبا ٺاهيندا هئا، ته ڪڏهن خودڪار راڪيٽن سان زمين جي ڪنهن حصي کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. ليڪن زميني باشندا سائنس ۾ انهن کان ڪجهه اڳتي ئي هئا ۽ پنهنجي عظيم ۽ ديوقامت جوڙ جڪ جي باوجود زحل وارا زمين وارن کي ڪجهه به ڪري نه سگهيا، پر هينئر جو هن چؤطرف نگاهه ڪري ڏٺو ته هر شئي بدليل نظر آئي. هن ڏٺو ته زحل وارن گهٽين، گهرن، گاڏين، لباس مطلب ته هر شئي ۾ زميني باشندن جو نقل ڪيو هو. هاڻي هر شئي وڏي پيماني تي هئڻ جي باوجود شڪل صورت ۾ زميني شين جهڙي هئي. هو اڃا انهن ئي خيالن ۾ گم هو ته سندس نظر وڃي هڪ ڦاٽل اخبار تي پئي. هن جهُڪي ڏٺو ته اهو لنڊن ٽائيمز جو هڪڙو صفحو هو. سندس مٿي کي چڪر اچي ويو. لنڊن ٽائيمز زحل مان به شايع ٿيندي آهي! ليڪن هن صفحي تي نهايت صاف لفظن ۾ لکيل هو نيويارڪ. خوف جي لهر سندس جسم ۾ گهمي وئي. ڇا اهو ممڪن آهي ته هيءَ واقعي زمين هجي، سندس پنهنجي زمين، جتان هو جونز سان گڏجي سياري تي روانو ٿيو هو. پر اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي. هر شئي ايڏي ته وڏي هئي جو هو دنگ رهجي ويو هو. لنڊن ٽائيمز جي ڦاٽل ورق ڏسڻ کان پوءِ کيس شڪ ٿي پيو هو. گهٽي هڪ وسيع بازار ۾ داخل ٿي ٿي. هو ڀت سان بيهي دڪانن جا سائن بورڊ ڏسڻ لڳو، ۽ پوءِ کيس پنهنجي بيوسيءَ جو شدت سان احساس ٿيڻ لڳو. اهي سڀ دڪان سندس اڳ جا ڏٺل وائٺل هئا. هو هتي ڪيترائي دفعا اچي چڪو هو. گرين ريسٽورنٽ ۾ هو مهينن جا مهينا چانهه پيئندو رهيو هو. موڙ وٽ جيڪو ڊپارٽمينٽل اسٽور هو، اتان خريد ڪيل ڪپڙا اڃا تائين کيس پاتل هئا. ڪيڏي نه حيران ڪُن ڳالهه هئي. هو ٻيو دفعو زمين تي هو. هر شيءِ ساڳي هئي، ليڪن مقدار ۽ جسم ۾ وڏي ٿي وئي هئي، پر نه__هو  پاڻ تمام ننڍڙو ٿي ويو هو جونزهن سان هن سان يقيناً مذاق ڪئي هئي. هن پنهنجي سائنس کان ڪم وٺي کيس ايترو ته مختصر ڪري ڇڏيوهو جو ٻيو دفعو دنيا ۾ پهچڻ کان پوءِ به هو ڪجهه ڪري نٿي سگهيو. هو هن هيڏي وسيل دنيا ۾ اڪيلو هو. پنهنجي جسامت جي لحاظ کان سندس حثيت هڪڙي ماڪوڙيءَ کان وڌيڪ نه هئي. ماڻهن جون ڳالهيون سندس سمجهه ۾ نٿي آيون، ڇو ته انهن ڏاڌيان پئي ڳالهايو ۽ هن رڳو انهن جو شور پئي ٻڌو، ۽ انهيءَ کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه به سندس پلئه نٿي پيو. سوچيائين، ڪاش! کيس جونز ملي وڃي هن کائنس بدلو وٺڻ ٿي چاهيو. ٻيو ته اهو ئي سندس تباهيءَ ۽ برباديءَ جو ذميدار هو. هن جونز تي اعتبار ڪيو هو، ليڪن اهو اعتبار کيس ڏاڍو مهانگو پيو. سوچڻ لڳو ته هاڻي هو ڇاڪري ۽ ڪيڏانهن وڃي. آخرڪار مايوسيءَ کان روئڻ شروع ڪيائين. ڪافي دير تائين هو پنهنجي قسمت تي ڳوڙها وهائيندو رهيو، پر هاڻي ته ڪجهه به ٿي نٿي سگهيو. هينئر هو هڪ حقير ڪُئي وانگر ڀت جي هڪڙي سوراخ ۾لڪي ويٺو رهيو. روئڻ کان پوءِ جڏهن سندس دل جو غبار هلڪو ٿيو تڏهن هو اٿي ڪجهه سوچي پنهنجي گهر ڏانهن هلڻ لڳو. رستن کي سڃاڻن ۾ کيس ڏاڍي تڪليف پهتي، تنهن هوندي به هو نالا ۽ نشان پڙهندو ۽ ڏسندو ڪنهن نه ڪنهن طرح گهر طرف سفر ڪندو رهيو. ڪيترائي ڏينهن گذري ويا. جند ميلن جو مفاصلو هن جي لاءِ ڪيترن سَون ميلن جو مفاصلو بنجي ويو هو. سڄو ڏينهن هو ڪنهن تاريڪ ڪنڊ ۾ لڪو رهندو هو، ڇو ته کيس خوف هو ته ڪو ڏسي نه وٺي ۽ متان پڪڙي نه وٺي ۽ ڪا عجيب شئي سمجهي ڪنهن عجائب گهر ۾ ته موڪلي ڇڏي.      

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com