سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 1973ع

مضمون

صفحو :9

”رات پئجي ويئي. ٿوءَ کي اهو ڏسي ڏاڍو عجب ٿيو ته آءٌ ايڏو سانتيڪو آهيان. هن سوچيو ته ٻارڙو مري ويو. شايد لالي به مري ويئي. آءٌ مرڻ وارو آهيان. هاڻ انقلابي قومي ڪارڪن ڪير ٿيندو؟ جڏهن انقلابي جنگي محاذ تان بغاوت جو حڪم ايندو، تڏهن خومان قبيلي ۾ بغاوت جي اڳواڻي ڪير ڪندو؟ پوڙهو ميٽ اڳيئي وڏو ٿي ويو آهي. پرواهه ناهي ! نوجوان اڃا به پيا آهن. زيت وڏي ٿيندي. هوءَ ڀيڻس کان به وڌيڪ محڪم ارادي واري آهي. افسوس رڳو اهو آهي ته جڏهن خومان قوم جا ماڻهو هٿيار کڻي اٿي کڙا ٿيندا، تڏهن ان ڏينهن کي ڏسڻ لاءِ آءٌ جيئرو ڪونه هوندس...“

ذوڪ ٿوُ کي بروقت ماري ڪونه ڇڏيو. هن راڄ جي اوطاق جي وچ ۾ وڏي باهه کڻي ٻارائي ۽ ڳوٺ جي سڀني ماڻهن کي باهه جي چوڌاري گڏ ڪيائين. تنهن کان پوءِ هن ٿوءَ کي کوليو ۽ ڳوٺ وارن ڏانهن منهن ڪري چيائين ”مون ٻڌو آهي توهان حرامزادن پنهنجا ڇُرا ۽ ڀالا تکاڪرڻ شروع ڪيا هئا. چڱو جيڪي ڇُرا ۽ ڀالا کڻڻ چاهين ٿا، سي ٿوُ جي هٿن ڏانهن ڏسنَ!“ هن سندس سپاهين ۾، جيڪو سڀني کان جانٺو هو،تنهن کي اشارو ڪيو. هنن سڀ ڪم تيار ڪري ڇڏيو هو. سپاهيءَ ڪارتوس وارين پيتين مان ڪجهه اڳڙيون ڪڍيون.اڳڙيون کونئر ۾ ٻڌل هيون. سپاهيءَ ٿوءَ جون آڱريون انهن اڳڙين ۾ ويڙهيون ۽ هڪڙي اُماڙي کنيائين. پر ذوڪ چيو ”اهو ڪم آءٌ ڪندس! ۽ اماڙي سٽ ڏيئي پنهنجي هٿ ۾ ورتائين. ٿوُءَ جي چپن مان هڪڙي به رڙ ڪانه نڪتي.هن گهور  ڪري ذوڪ ڏانهن نهاريو. ذوڪ هڪڙو شيطاني ٽهڪ ڏنو ۽ ٻرندڙ اُماڙي کڻي ٿوءَجي منهن وٽ جهليائين ۽ چيائين ”ان انقلابيءَ جو چڱيءَ طرح منهن ڏسو جيڪو هٿيارکڻڻ گهري ٿو!ٻڌو بدمعاشو! هٿيار کڻڻ توهان جي وس ۾ ناهي! اهو خام خيال دماغ مان ڪڍي ڇڏيو!“

ٿوءَجي هڪڙي آڱر ٻاري ويئي. تنهن کانپوءِ ٻي. تنهن کان پوءِ ٽي...خانوءَ جي وڻ جو کونئر ڏاڍو ٻرڻو آهي. ٿوءَ جون آڱريون هاڻي ڏهه ننڍڙيون ٻرندڙ ڏياٽيون ٿي ويون. ٿوءَ پنهنجون اکيون پوريون، تنهن کان پوءِ وري کوليائين. پنهنجي اڳيان گهوري ڏٺائين. خدا جي پناهه! ائين ٿي لڳو ڄڻ باهه رڳو سندس آڱرين کي ڪونه ٿي ڳڙڪايو، پر سندس ڦڦڙن ۽ آنڊن کي به کائيندي پئي ويئي. سندس وات ۾ رت جو کارو ذائقو هو، هن پنهنجي چپن کي ڏاڍو زور سان ڪرٽيو هو. پر هن هڪڙي به رڙ ڪانه ڪئي. انقلابي قومي ڪارڪن ڪوييت چيو هو ته ”انقلابي ڪڏهن به رحم جي بِکيا  ڪونه گهرندا آهن“ ٿوُ پاڻ کي چيو ”آءٌ ڪڏهن به رحم جي بيک ڪانه گهرندس! شعلا ڄڻ ته سندس آنڊن کي چڪ پائي رهيا هئا. ٿوءَ اندر ۾ دانهن ڪري چيوادا ڪوييت!پوءِ دل ۾ چيائينڇا آءٌ رڙ ڪرڻ وارو آهيان؟”پوءِ پاڻهي پاڻ کي جواب ڏنائين ”اڙي نه! ڪڏهن به نه!“

ذوڪ جا شيطاني ٽهڪ وڄڻ لڳا. پوڙها ۽ پوڙهيون ٽپ ڏيئي اُٿي کڙا ٿيا، پر سپاهين کين ڌڪي پري ڪيو. اوچتو واڪا ٿيا ۽ پيرن جي ڌٻ ڌٻ ٿي! ڇا پئي ٿيو؟

ٿوءَ هڪڙي تيز رڙ ڪئي، فقط هڪڙي ”ماريو!“ پر ان رڙ جا يڪدم ڪيترائي پڙڏا ٿيا ”ماريو!“

ٻياواڪا ٿيا ۽ پيرن جي ڌٻ ڌٻ سان راڄ جي اوطاق جي زمين دهلجڻ لڳي. ڇاڙتن سپاهين رانڀاڙ ڪيا.پوءِ ٻڍي ميٽ جو گونجندڙ آواز اُڀريو ”سڀني کي پورو ڪريو پوڙهو ميٽ اچي پهتو سندس هٿ ۾ هڪڙو ڊگهو ڇُرو هو ۽ ذوڪ سندس پيرن ۾ پيو هو. سندس چوڌاري ڳوٺ جا نوجوان بيٺا هئا، جن مان هر ڪنهن وٽ هڪڙو ڇُرو هو. انهن ڇرن جا منهن چلڪيا پئي. اهي ان پٿر تي سِراڻيا وياهئا، جيڪي ٿوُ نگولن جبل تان کڻي آيو هو. ۽ تنهن کان پوءِ ٿوُ ادا پِريو جو سانتيڪو آواز ٻڌو، ”ٿوُ! ٿُو! هوش ۾ آيو آهين؟ ڏس! اسان سڀني سپاهين کي ماري ڇڏيو آهي! ڏهن ئي کي پنهنجن نيزن ۽ ڇرن سان ختم ڪري ڇڏيو اٿئون!“ ٿوُءَ جي آڱرين جي باهه کي وسايو ويو. گهرجي وچ ۾ جيڪا وڏي باهه پئي ٻري سا اڃا ٻري پئي. دسمن جي ڇاڙتن سپاهين جا لاش ان جي چوڌاري پيا هئا. پوڙهو ميٽ گهرجي وچ ۾ بيٺوهو. سندس ڀالي جو ڇيڙو زمين تي ٽڪيل هو. سندس آواز وري گونجڻ لڳو. ”هاڻ ڪم شروع ٿي ويو آهي. اچو ته وڏيون باهيون ٻاريون. هر ننڍو وڏو  مرد زال ڀالو نيزو يا ڇرو هٿ ڪري جنهن کي اهي هٿ نه اچن سو بانس جون چنهنباريون  کُتيون ٺاهي، هرڪو پنج_ پنج_ سوَ کتيون ٺاهي ۽ باهيون ٻاريو.“ سنک وڄڻ لڳا. ان رات جيڪڏهن ڪو ماڻهو وڏي چشمي جي ڀرسان خانوءَ جي ٻيلي سان ڍڪيل ٽڪريءَ تي چڙهي نهار ڪري ها،ته کيس ٻيلي جي خومان قوم جي علائقي پاسي، وڏو ٿرٿلو ڏسڻ ۾ اچي ها، چوطرف وڏا مچ ٻري ويا هئا....

گهڻي رات پئجي وئي هئي، پر ڪنهن کي به ان جو پتو ڪونه پيو. مينهن زور ٿي ويو هو. پوڙهي ميٽ پنهنجو ڪند مٿي کنيو ۽ چئوطرف نهاريو. سندس چيلهه تائين ڊگهي ڏاڙهي پئي ڦڙڪي. هن نيٺ چيو ”مون توهان کي سڄو قصو ٻڌايو آهي. خومان جا ماڻهو ان رات هٿيار کڻي اٿي کڙا ٿيا. ٿوءَ جون آڱريون جلد ڇٽي ويون ۽ هو روانو ٿي ويو سندس هر ڪنهن آڱر مان ٻه ڏوڏا وڃي بچيا هئا. پر هو اڃا ڀالو کڻي سگهيو ٿي ۽ رائفل ڇوڙي سگهيو ٿي. اسان ٻڌو هو ته نگولن جبل جي ٻئي پاسي ڪو ٻيو دشمن جو ڇاڙتو ۽ غدار اچي سهڙيو هو. ڪو ٻيو ذوڪ پيدا ٿيو هو ۽ اتي جا ماڻهو به هٿيار کڻي اٿي کڙا ٿيا هئا، سو اسان ٿوُ کي موڪليو ته وڃي انقلاب جي ڳولا ڪر، ان ڏينهن کان وٺي هو ٻاهر رهيو آهي...

ننڍڙا شيطان! ايڏي دير ڇو ڪيئي؟ ڳوٺ جون سڀ ڇوڪريون تو لاءِ پيون سڪنديون هيون! چڱو هاڻ مون پنهنجي ڳالهه پوري ڪئي. هاڻي تنهنجو وارو آهي. ٻڌاءِ ته هي ٽي سال تو ڇا پئي ڪيو؟ اسان کي لڄائڻ جو ڪو ڪم ته ڪونه ڪيو اٿئي؟ ڇا ڪيو اٿئي؟ ڪيترا امريڪي ۽ ڪيترا سندن ڇاڙتا ماريا اٿئي؟“

ٿوُ اٿي بيٺو، هو وڌي باهه ڏانهن آيو. هو ڇا چوي؟ پنهنجي ماڻهن لاءِ پيار سندس دل ۾ ڇلڪڻ لڳو. آخر هن چيو ”پوڙها ميٽ! ڳوٺ جا ماڻهو!آءٌ، ها. آءٌ هن ٻي ذوڪ سان مليس...“ ”ڪٿي؟“ سندس چوڪيءَ تي، ”ماريئيس؟“”ها!“ شوٽ ڪيئيس؟“ ”نه!“ ”ڇو؟“  ٿوُ پنهنجي ڪلهي تان رائفل کولي ۽ ان کي پٽ تي رکي پوءِ چيائين ”هيئن ٿيو نه! اسان سندس چوڪيءَ تي حملو ڪيو ۽ سندن سڀني ڇاڙتن سپاهين کي ماري ڇڏيوسين.

”سڀني کي؟“ ”سڀني کي.“ سندن ڪمانڊر هڪڙي زير زمين آجهي ۾ وڃي پناهه ورتي. اسان چيس پيش پئو! پر هن انڪار ڪيو. اسان دستي بم اڇلايا، پر پناهگاهه ۾ اهڙيون چُرون هيون، جن جي ڪري دستي بم جا ٽڪرا کيس لڳي ڪونه سگهيا. اسان جي ڪمانڊر پڇيوهن جي پٺيان ڪير ويندو؟مون چيو ”آءٌ ويندس.“ سو آءٌ هيٺ ويس. ٻاٽ اونداهي هئي. مون وڃي جهليس. هن فائر ڪيو. مون بندوق کسي ورتيس. هو مون سان ٻکين پئجي ويو. آءٌ کانئس ڏاڍو هوس. مون گوڏو کڻي ڇاتيءَ تي رکيس ۽ پنهنجي ٽارچ ٻاريم. مون پڇيس ”ذوڪ، مون کي سڃائتي؟“ هن پنهنجو ڪنڌ ڌوڻي انڪار ڪيو. مون چيس ؟چڱو منهنجا هٿ ڏس! اهي هٿ اڃا بندوق هلائي سگهن ٿا.“ هو دهشت ۾ پنهنجون اکيون ڦيرائڻ لڳو. مون چيسڏس ڳالهه ٻڌ. مون وٽ رائفل آهي. مون وٽ ڇُرو به آهي. پر آءٌ توکي نڪو شوٽ ڪندس نه ڪو ڇرو هڻندس! ٻڌ ذوڪ! آءٌ توکي پنهنجن لوُلن هٿن سان گهٽو ڏيئي ماريندس.“ زيت سانتيڪي آواز ۾ پڇيو ”پوءِ تو ماريس؟“ ”ها“ ”پر هو ذوڪ هو سهي؟“ ”ها، بلڪل! اهي ڇاڙتا ۽ غدار سڀ ذوُڪ آهن.“

پوڙهو ميٽ اٿي بيٺو. هن پنهنجو ڳرو هٿ ٿوُ جي ڪلهي تي رکيو ۽ گنڀير ٽهڪ ڏيئي چيائين ”ٺيڪ“ سندس آواز پڙاڏا ڪرڻ لڳو. سڄو گهر ٽهڪن سان ڀرجي ويو.

ان مهل وڏي چشمي جي ڀرسان خانوءَ جي ٻيلي سان ڍڪيل ٽڪريءَ تي گولا ڪِرڻ شروع ٿيا، پر ڪنهن به انهن ڏانهن ڌيان ڪونه ڏنو. گولن جا دٻيل ٺڪاءَ ماڻهن جي آوازن ۾ ٻڏي ويا. صبح جو ٿوُ روانو ٿي ويو. پوڙهو ميٽ ۽ زيت ساڻس گڏجي هليا. هو وڏي چشمي جي ڀرسان خانوءَ جي وڻن جي ٻيلي وٽ پهتا راتوڪيءَ گوليبازيءَ ڪيتراوڻ وڍي ڪيرائي ڇڏيا هئا. سندن گهاون مان جيڪو رس ڦٽي نڪتوهو، سو اونهاري جي سج جي ترورن ۾ پئي چمڪيو. چئوطرف بي انداز ٻوٽا اڀري پيا هئا. سندن گونچ سنگينن جي پڇڙيءَ وانگر اُڀا ٿي نڪري آيا هئا. هو گهڻي دير اتي بيٺي پري پري تائين ڏسندا رهيا. جيستائين نظر ويئي ٿي. تيستائين خانوءَ جي وڻن جا ٻيلا هڪٻئي پويان پئي ويا.

·                   ارفوئا سدر لنڊ                    (گهانا جي ڪهاڻي)

سنڌيڪار: نجم عباسي

ڌرتي پنهنجو ڌن

ڪيريفاسو ڳوٺ جي نينگري ڦاپان، جيجيءَ جي ڌيءُ هئي. هوءَ ننڍي نيٽي، انگ انگ جي زيبائتي ۽ هرڻيءَ وانگر چُست هئي. هن جا نيڻ نِرمل ۽ حيرت وچان کليل هوندا هئا. هن جون وِکون هلڪيون هيون ۽ هن جي هر چرپر هلڪي هئي.

هوءَ ولر کان وڇڙيل هرڻيءَ جيان، اَڏَ تان ٽپندي ڪُڏندي ويندي هئي. هن جي اها مستاني چال، ڏسندڙن جون دليون بيتاب ڪري ڇڏيندي هئي. ڪو به لانگهائو ور ور ڪري، ڪنڌ ورائي ورائي، هن کي ڏسڻ کان پاڻ کي روڪي نه سگهندو هو.

هن جي ڳوٺ وارا چوندا هئا ته هن جي ڳالهائڻ جو آواز، بانس جي وڻن جي ڇانوَ هيٺان وهندڙ نهر جي ڀڻ_ ڀڻ جهڙو سريلو هو. هن جي ڳوٺ وارا اهو به چوندا هئا ته هن جي مُرڪ، ڪڏهن سوسن گل وانگر هن جي چپن تي ٽِڙي ٿي ۽ ڪڏهن سج وانگر اُڀري ٿي.

پوپٽ گلن کان پري ڪونه اُڏامندا آهن، هو انهن ڏانهن ايندا آهن. ڦاپان ڳوٺ جو گل هئي.ڳوٺ جي مڙني پوپٽن، يعني مردن، هر موڙ تي هن جي ويجهو اچڻ جا جتن ڪيا، وري وري اچي هن جي راهه مان لنگهيا،هن جي واٽ ۾ پنهنجي نيڻن جو سمورو  نُور وڇايائون. هرڪو مرد هام ڀريندو هو ”هوءَ منهنجي زال بڻبي، منهنجي، منهنجي، منهنجي!“

پر سوين سِجَ اڀريا ۽ لهي ويا، چنڊن چانڊوڪين جون چادرون وڇايون ۽ غائب ٿي ويا، ۽ جيئن ڏينهن گذرندا ويا، تيئن ڦاپان جي سونهن ۾ واڌارو ٿيندو ويو ۽ هوءَ وڌيڪ موهيندڙ ٿيندي ويئي، پر هوءَ ڪنهن جي به زال ڪانه بڻي.هوءَ پنهنجي روزاني واري پورهئي پٺيان تڪڙو تڪڙو ويندي؛ آمهون سامهون ٿيندڙ پوپٽن کي مرڪي، هٿ جي هلڪي اشاري سان کيڪاريندي هئي:

”خوش آهين قاسو!“

”خوش آهين خميسا!“

”خوش آهين قادو!“

۽ معاملو اتي بس هو.

ان ڪري، هو دل ۾ هن لاءِ تڙڦندي به چوندا هئا: ”مغرور! ڦاپان مغرور آهي... ۽ تمام عجيب!“

جڏهن هو گڏ ٿيندا هئا، تڏهن چوندا هئا،”اجهو هيءَ پئي وڃي عجيب ڇوڪري. پر يارهن ۾ بي محابائيءَ واري مغروري ڪانهي ۽ نه وري هن ۾ پاڻ کي ڪا شئي سمجهڻ واري مغروري اهي. پوءِ ڀلا هن ۾ ڪهڙي قسم جي مغروري آهي؟“

سال جي پڇاڙي وري آئي ۽ پاڻ سان جشنن جي مُندکڻي آئي. ڪوڪي، ڪچالو ۽ اناج جي لاباري جا جشن هئا؛ ڪنوارين جون محفلون هيون ۽ هارين جي ٽولين جا مقابلا هئا. ڳوٺ مَردن جي واڪن، بند وقبازيءَ، راڳ روپ، ناچ ۽ نغارن جي آوازن سان گونجي رهيو هو.

رسمن جي پڄاڻيءَ تي هو جيجيءَ جي گهر ڏانهن روانا ٿيا. ضاعفون شور مچائينديون، مردن جي چوگرد نچنديون  ٽپنديون ٿي هليون ۽ هنن جي راهه ۾ ڪپڙا ٿي وڇايائون.

”چيتا...چيتا!“ ڪنهن رڙ ڪئي.

ان تي مرد چيتن واري ڦڙتيءَ سان وڻن تي چڙهي ويا ۽ ڏارن تي چيتن وانگر ڊونڊڙا ٿي چنبڙي پيا ۽ هي گيت ڳائڻ لڳا:

”نغارن وڄڻ کان اڳ،

نغارن وڄڻ کان اڳ، خبردار ٿيو!

تيرن ڇٽڻ کان اڳ،

تيرن ڇٽڻ کان اڳ، خبردار ٿيو!

سڌا ٿي بيهو،

ڇلانگ ڏيو، وار ڪريو!

وار ڪريو دشمن تي.

هاڻي گهڻو ٿيو،

گهڻو ٿيو، وڌيڪ رت نه وهايو،

وڌيڪ رت نه وهايو، گرجنائون نه ڪيو!

تنهن هوندي به توهين چيتا آهيو،

دشمن کي چيرڻ ڦاڙڻ وارا!“

جيجيءَ جي گهر جي اڱڻ جي ٻنڀي وٽ چهچٽو لڳو پيو هو.

”آرام سان هلو، ماٺ ڪريو!“ هارين جي پريي مڙس چتاءُ ڏنو، ”هوڏانهن ڏسو جيجي پئي اچي!“

”هن جي راهه ۾ ڪپڙي جون چادرون وڇايو،

ڌيري ڌيري وکون پئي کڻندي اچي اسان جي جيجي،

هن مٿان چانديءَ جي ورکا ڪريو،

چانديءَ جي ورکا ڪريو، ڇو ته هوءَ امن آهي.“

جيجي اچي اتي بيٺي. هوءَ ڊگهي ۽ ڊولائتي هئي! چئوطرف چپ چاپ ٿي ويئي.

”ٻڌايو، ڪهڙيون خبرون آهن؟“ جيجيءَ هري هري پڇيو.

”اسين پنهنجين ملڪي رسمن پوري ڪرڻ واري دز سان ڀريل نرڙن سان تو وٽ آيا آهيون. اسين ڪنڊن ڇليل ٿڪل پيرن سان تو وٽ آيا آهيون. اسين تنهنجي امن جي درياهه جي ٿڌاڻ ۾ پنهنجو پاڻ ارپڻ ڪرڻ آيا آهيون. نئين حياتي حاصل ڪرڻ لاءِ اسان پنهنجون سڀ قوتون توکي آڇڻ آيا آهيون!“

جيجي هڪ هنڌ بيٺي رهي؛ ڊگهي، ڊولائتي ۽ سانتيڪي. وڃڻي هڻڻ واريون ٻه ٻانهيون هن جي ٻنهي پاسن کان هيون. سڀئي ضاعفون ويجهو اچي هن کي وڪوڙي ويون. مرد، هڪ- هڪ ٿي ڪري، پنهنجي بندوق هن جي پيرن وٽ رکندا ويا. پوءِ هن چيو:

”بندوقن کي پاسيرو ڪري رکڻ تمام چڱي ڳالهه آهي. درياهه، بندوقن جي باهه ٺاري ڇڏي. هاڻي توهان جا هٿيار هجڻ کپن توهان جي دلين ۽ هٿن جا پورهيا. هن کان پوءِ بندوقون رڳو اسان جي ڌرتيءَ جي دشمنن کي نشانو بنائينديون.“

”هڙئي عورتون ۽ ڪنواريون اچو ۽ اچي مردن سان قومي ناچ ۾ ڀاڳ وٺو، ڇو ته هنن نئين حياتيءَ جو پهه ڪيو آهي.“

هڪ ڇوڪريءَ ناچ ۾ حصو نه ورتو:

جيجيءَ زور سان پڪاريو”ڇو ڦاپان تون نه نچندينءَ؟ مرد، پنهنجي ابن ڏاڏن جي شاندار ڪارنامن تي پڏي پڏي ٿڪجي پيا آهن. ان تي توکي خوش ٿيڻ کپي. هو اها خالي لاف هڻي هڻي به بيزار ٿي پيا آهن ته اسين مرد آهيون مرد. هو پنهنجي وڏن جي اڌ ٺاهيل ڀتين تي ڪيل گند جي ڍير مٿان ڳجهن وانگر ويهي ويهي هاڻي ٿڪجي پيا آهن. انڪري به تون خوش ٿيءُ. هن کان پوءِ هواسان جو پنهنجيءَ ڌرتيءَ سان پيار آهيجو زباني نعرو نه هڻندا، پر هو گند جي ڍيرن ۽ ماضيءَ جي داستانن ۾ خوش ٿيڻ بدران پنهنجي ڌرتيءَ کي ٺاهيندا، پنهنجي هن زمين کي بهشت بنائيندا. تنهنڪري تون به نچ ڦاپان! تون به خوش ٿيءُ ڦاپان!“

ڦاپان چپ چوريا ۽ چيو:

”امڙ، مانهنکي هتي ڪونه ٿي ڏسان.“

”ڪير؟ ڪنهن کي تون هتي ڪونه ٿي ڏسين؟“

”اهو، جنهن سان هيءُ نئين حياتي ٺاهي ويندي. هو هتي ڪونه آهي، هو هنن ۾ ڪونه آهي. امان، هنن ماڻهن جا چهرا خالي خالي آهن. هنن ۾ ڪا شئي ڪانهي، هنن ۾ ڪو عمل ڪونهي.“

”افسوس، منهنجي ٻچڙي ڦاپان، تنهنجو آخر ڇا ٿيندو؟“

”جنهن ڏينهن مون کي هُو ملندو، جنهن گهڙيءَ مون کي اهو مرد ملندو، مان توڏي ڀڄندي اينديس، تو وٽ اُڏامندي اينديس، ۽ تنهنجون سڀ پريشانيون ختم ٿي وينديون.“

جيجي پنهنجي ڌيءُکي ڀليءَ ڀت سمجهي پئي، پر دليل ڏيڻ خاطر چيائين ”پر ڦاپان، تنهنجي ڄمار وڌندي پئي وڃي. تنهنجيون ساهيڙيون مينا ۽ عيشي ٻيئي پنجن سالن کان پرڻيون ويٺيون آهن، ٻيئي تنهنجي همعمر آهن.“

”ها اما، هو پرڻيون آهن ۽ ڏس ته ڪهڙا حال ٿيا اٿن. هو، جيڪي هرڻيءَ وانگر چست ۽ چالاڪ هيون، سي ڏٻري ڳئونءَ وانگر گهلجي ٿيون هلن. سندن اکين مان حياتيءَجي ساري جوت وسامي وئي آهي. هنن جا مڙس سڄو وقت دارون پي، انبن جي وڻن هيٺان ويٺا نَوٽڻ راند کيڏن ۽ هو هاڻي ٻين زالن جي ڳولا ۾ آهن. اما، مون کي جنهن مرد جي تلاش آهي سو هتي نظر ڪونه ٿو اچيم.“

هيءَ گفتگو هڪ ڄڻي ٻڌي ورتي، ۽ سگهوئي ٻين کي به سُڌ پئجي وئي ته ڦاپان ڇا چيو هو. هنن ان سانجهيءَ ڳوٺ ۾ هڪ نئون راڳ ٻڌو:

”گهڻو وقت اڳي هڪ عورت هئي،

انهيءَ نينگريءَ کي ٻڌايو، انهيءَ نينگريءَ کي ٻڌايو،

گهڻو وقت اڳي هڪ عورت هئي.

هوءَ قاسوءَ سان نٿي پرڻي،

هن خميسي سان لائون نٿي لڌيون،

اصل نه،هرگز نه: اصل نه، هرگز نه.

هڪ ڏينهن آئي ڊوڙندي پنهنجي گهر،

مون کي گهربل مرد مليو آهي، گهربل مرد، گهربل مرد،

انهيءَ نينگريءَ کي ٻڌايو، انهيءَ نينگريءَ کي ٻڌايو.

هن جو مرد سردار وانگر ٿي نظرآيو.

ڏاڍو شان وارو، ڏاڍو ڀڀڪيدار،

پر هو ڦري راڪاس بنجي پيو،

هو راڪاس بنجي پيو،

۽ هن کي ڳڙڪائي ويو.“

ان کان پوءِ ڳوٺ جا ڪيترائي ماڻهو ڦاپان کي ڏسندا هئا، ته منهن ڦيري، واٽ مٽائي هليا وينداهئا.

هڪ ڏينهن، هوءَ ڀڄندي، وڏيون ٻرانگهون کڻندي، ماءُ وٽ آئي. هوءَ اڱڻ جي ڏيڍيءَ وٽ اچي ڪڙڪي. هوءَ مٿي کان پيرن تائين ٻهڪي رهي هئي. اصل خوشيءَ ۾ ڦولي نٿي سمائي. هڪ اوپرو نوجوان هن جي پٺيان آيو ۽ اچي پڌر ۾ هن جي پاسي ۾ بيٺو. هو قداور ۽ ٿنڀي جهڙو سگهارو هو. حيرت ۾ ٻڏل جيجيءَ کي ڦاپان چيو:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com