سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-  1987ع

مضمون

صفحو :2

انسان غارن، بيابانن ۽ جهنگلن مان نڪري، ٻنين، باغن، ڪارخانن ۽ شهرن ۾ پهتو، ته سندس آکاڻين تي آسپاس جو اثر پيو؛ سندس آکاڻين جي طرز بيان ۾ تفاوت ٿيو؛ ڪهاڻين مان ڦري آکاڻيون، افسانا، ڊراما ۽ رپورتاز وغيره ٿيا؛ پر انهن جو بنيادي روح هميشه اهو ساڳيو ئي رهيو آهي ۽ رهندو: ”وندر- سبق- ۽ امنگ!“

ڪامياب ڪهاڻي اها آهي، جا ”وندر“ سان گڏ ”سبق“ ۽ ”امنگ“ به عطا ڪري. اهڙن سهڙن لفظن، جملن ۽ بيهڪ سان پيش ڪيل هجي، جو دل ۾ کُپي وڃي ۽ انسان بنا ڪنهن ڪوشش يا ترغيب جي ان جي سوچڻ لاءِ آماده ٿئي.

 

 ڇوريءَ جا انگل

نجم عباسي

پڙهڻ جو مطلب، اهو ٿوروئي آهي ته ڇوري شاديءَ کان ئي انڪار ڪري؛ ماءُ پيءُ جو چيو نه مڃي ۽ اوڙي پاڙي جي نظرن ۾ پنهنجي خاندان کي ذليل ڪري!

ماڻس ته اول ئي پئي دانهون ڪيون ته ڇوريءَ کي اسڪول جو دڳ نه ڏيکاريو؛ هنن جي ابن ڏاڏن ۾، پوري شجري جي پيڙهين ۾، ڇوڪري ته ٺهيو، پر ڪنهن مرد به تعليم حاصل نه ڪئي هئي؛ ٻيو ته ٺهيو، پر ڪنهن کي قرآن جا ٻه اکر پڙهائڻ واسطي، ڪنهن ملان وٽ به نه موڪليو هو. خود هن ڇوريءَ جي ڀائرن مان به ڪنهن ڦرهي هٿ ۾ نه کنئي هئي.

مستري مڇي مانيءَ وارو، سکيو ستابو هو. پنهنجو گئريج هوس. محنتي ماڻهو هو ۽ دل لڳائي پورهيو ڪندو هو. ٽي پٽ هئس، جيئن ئي پٽ سمجھ سان ٿيندو هو ته گئريج ۾ ڪم سان لڳائيندو هوس، ڇا جو اسڪول، ڇا جو پڙهڻ. ڇوري اها هئس به هڪڙي، پر ان تي الائي ڇو اچي راز ٿيس، جو هن کي ويو پڙهائيندو، ويو پڙهائيندو.

ٿيو هينئن، جو هڪڙي گهمري ڇوري، پنهنجي پاڙي وارين ڪڪين سان رڳو اسڪول ڏسڻ خاطر، اسڪول ۾ وئي. موٽي اچي پيءُ سان انگل ڪيائين ته، ”بابا، مان به اسڪول ۾ پڙهنديس.“ ماءُ ته گهڻوئي رڙيون ڪيون ته هن جو، نه پيءُ پڙهيو، نه ڪو ڀاءُ پڙهيو، هيءَ ڪٿي وڃي اسڪول ۾ روز ٿاٻا کائيندي. پر پيءُ مرڪندي چيو ته، ”نياڻي آهي، ڀلي دل خوش ڪري“، ماءُ بڙبڙ ڪندي ماٺ ٿي ويئي.

پوءِ پيءُ ڇوريءَ جا انگل کڻندو ويو. ڇوريءَ کي به پڙهڻ ۾ اچي ويو مزو، سو سنڌيءَ جا پنج درجا پورا ڪيائين ته انگل ڪيائين ته جيئن ٻيون پاڙي واريون ڇوڪريون هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيون ٿين، تيئن مان به اتي پڙهان. وري مئٽرڪ پاس ڪيائين ته چيائين ته جيئن سندس ٻيون ساهيڙيون ڪاليج ۾ پڙهڻ ٿيون وڃن ته مان به وڃان. پيءُ مرڪندي، ڇوريءَ جا هر انگل کڻندو رهيو ۽ ڇوريءَ جا ناز نخرا مڃيندو رهيو ۽ ڇوريءَ تي اهڙو دل کولي خرچ ڪيائين، جو جڏهن فئشن ڪري ۽ ٺاهوڪو لباس پهري، ٻاهر نڪرندي هئي ته ڄڻ بنگلي ۾ رهندڙ لڳندي هئي. پڻس وٽ هر وقت ڪا نه ڪا مرمت لاءِ موٽر بيٺل هوندي هئي ۽ روز هن کي موٽر ۾ ڪاليج ڇڏڻ ويندو هو.

ڇوري به پيءُ جي شفقت جو مان رکندي آئي. هوشيار ۽ ذهين به نڪري پيئي ۽ پڙهڻ ۾ دل لائي محنت به ڪندي هئي.

ڇوريءَ جي ماءُ کي هر ڳالهه ۾ ۽ هر وک تي خار لڳندي هئي. هوءَ دانهون ڪندي رهندي هئي ته پيءُ ڇوريءَ کي مٿي تي چاڙهي ڇڏيو آهي. اٺين نائين درجي ۾ پهتي ته ڇوريءَ جو بند مکڙيءَ مان ڦٽي گل ٿي پيو؛ سونهن ۽ سرهاڻ، رنگ ۽ روپ سان مالامال گل. ماڻس دانهون ڪندي رهي ته ڇوري برقعو پاءِ، ۽ رستي تي حياءَ سان هل. مڙس کي دانهن ڏنائين ته ڇوري پردو به نه ٿي ڪري ۽ رستي تي سينو ٻاهر ڪڍي، ڀريل ڀريل ٻانهون اگهاڙيون ڪري وردي پاتل سپاهين وانگر ٺڪ ٺڪ ڪندي ٿي هلي، ۽ پاڙي جا لوفر ڇوڪرا، هن کي ڏسي سيٽيون ٿا وڄائن، اکيون ٿا ڀڃن، ميڇون ٿا ڏين، ۽ هيءَ پاڻ کي ڪنهن فلم جي هيروئن سمجھي، ڏند ٽيڙيندي ٿي هلي.

ڇوريءَ بي- اي به پاس ڪري ورتي ۽ امتحان ۾ اهي جوهر ڏيکاريائين، جو سونو ٻلو (گولڊ ميڊل) انعام مليس.

ڪاليج ۾ ڇوريءَ جي جيون جي وڻ ۾ نيون لامون ڦٽي آيون. هوءَ ساهتي، ثقافتي ۽ سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لڳي. هوءَ ڪاليج جي يونين جي عهديدار چونڊجي وئي ۽ شاگردن جي سياسي پارٽيءَ جي سرگرم ڪارڪن بنجي ويئي. بحث مباحثو ۽ تقرير ڪرڻ جو اهڙو ڏانءُ اچي ويس، جو ٻڌندڙن کي پنهجي ويچارن ۾ ٻَڌي ڇڏيندي هئي ۽ هو، هن کي ٻڌڻ لاءِ آتا رهندا هئا.

پيءُ ڇوريءَ جي گريجوئيٽ ٿيڻ تي ايڏا شادمانا ڪيا ۽ اوري پاڙي وارن ۽ ڇوريءَ جي ساهيڙين کي ايڏيون مانيون، ميوا ۽ مٺايون کارايون جو ڄڻ ته ڇوريءَ جو وهانءُ پئي ٿيو. ڇوري کڙي تڙي (Smart) ۽ وڻندڙ روپ واري به هئي ۽ ذهين ۽ هوشيار به. هن کي نوڪري ستت ئي ملي ويئي. هن سرڪاري نوڪريءَ لاءِ ڪوشش ڪانه ڪئي، پر هڪ خانگي ڪمپنيءَ ۾ جنرل ڊائريڪٽر جي پرائيويٽ سيڪريٽرياڻي وڃي ٿي. ان آفيس ۾ ٻيون ڇھ ڇوڪريون ملازم هيون. هاڻي هوءَ گذراني طرح خودمختار ٿي ويئي.

نوڪري ڪرڻ ته ڇوريءَ جي ماءُ اصلي منهن مٿو پٽڻ لڳي ۽ ايڏو هُل هنگامون مچايائين، جو پاڙي وارا اچي مڙيا. زور زور سان چوڻ لڳي ته ڇوري ڇتي ٿي، پنهنجي ته قيامت ڪاري ٿي ڪري، پر اسان جي ٽيهن پيڙهين جو ٻنهي جهانن ۾ منهن ڪارو ڪري ڇڏيائين. اسان کي نه هِتي جو رکيائين، نه هُتي جو. اڙي، هن کان پڇو ته نوڪري ڪرڻ جي هن کي لوڙ ڪهڙي پيئي آهي. ڪو بک ٿي مري، جو ڌارين مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي وڃي ٿي سارو ڏينهن وهي!

پيءُ پڻ هن ڳالهه تي دلگير نظر آيو. ڄڻ ته هو به ان مامري ۾ پنهنجي زال سان هم خيال هو. پر جڏهن ڇوريءَ ڳچيءَ ۾ ٻانهون وجهي چيس، ”بابا، مان تنهنجي ذهين ۽ دلير ڌيءَ نه آهيان؟ توهان کي منهنجي خود اعتماديءَ تي ڀروسو ڪونهي!“ تڏهن پيءُ مرڪي ڏنو ۽ ڄڻ ڇوريءَ ۾ نوڪري ڪرڻ لاءِ، رستو صاف (لائين ڪليئر) ٿي ويو، ۽ هن جو هي انگل به پورو ٿي ويو.

شاگرديءَ جي زماني ۾ ئي ڇوريءَ کي سياست جي چوس پئجي ويئي هئي. هن خانگي ڪمپنيءَ ۾ به نوڪري ان ڪري ڪئي هئي، جيئن هوءَ سياست ۾ سرگرميءَ سان حصو وٺي سگهي. هوءَ ذهني طرح ۽ نظرياتي طرح انقلابي هئي ۽ اهڙي پارٽيءَ ۾ شامل ٿي ويئي، جا هن جي نظرين مطابق ڪم ڪري رهي هئي. هوءَ رڳو نالي ۾ ان پارٽيءَ جي رواجي ميمبرياڻي نه ٿي، پر عملي ڪم ڪرڻ لڳي ۽ سرگرم ڪارڪن بنجي ويئي. هوءَ نه رڳو شهرن ۾ جلسن ۽ جلوسن ۾ ويندي هئي ۽ تقريرون ڪندي پر ڳوٺن ۾ پڻ ڦيرا ڏيندي هئي. شهر توڙي ڳوٺن ۾ هن جي ڪم ۽ پرچار جو دائرو گهڻو ڪري عورتون هونديون هيون. پارٽيءَ وارا ٽوليون ٺاهي، سياسي ۽ سماجي ڪم ڪندا هئا. انهن ٽولين ۾ مرد ۽ عورتون ڪڏهن اڪيلا هوندا هئا ۽ ڪڏهن گڏ. ڪن حالتن ۾ ٻهراڙيءَ ۾ ويندڙ ٽوليءَ ۾ مردن سان گڏ، اڪيلي هيءَ ڇوري هوندي هئي، ۽ ڪڏهن راتين جو به هن ڇوريءَ کي ڳوٺ ۾ رهڻو پوندو هو.

انهيءَ تي ماءُ ڏاڍي وائويلا مچائي ۽ ذات وارن ۽ واقفڪارن وٽ وڃي، دانهون ڪيائين ته ڇوريءَ اسان جو نڪ وڍي ڇڏيو، اسان کي ڪنڌ کڻڻ جهڙو نه رکيو. هڪ ڏينهن ته اها وائويلا ڪندي، خودڪشيءَ جو نمونو ڏيکارڻ لاءِ، ڀت سان اهڙا زور سان ٽڪر هنيائين، جو نرڙ مان ٺينڊيون ڪري رت وهڻ لڳس ۽ بي سرت ٿي ويئي. هيءَ عورت، جنهن مڙس جي باري ۾ ڪڏهن اُف به نه چيو هو، سا مڙس کي ست سريون ٻڌائيندي، ماڻهن کي چوڻ لڳي ته ڏسو ته بي غيرت مرد، پنهنجي ڌيءَ جي اُن انگل تي به مرڪي پيو.

پاڙي جون اڻ پڙهيل ۽ گهرن ۾ واڙيل ڇوڪريون، هن ڇوريءَ کي حسرت ۽ ريس جي نگاهن سان ڏسنديون هيون. پڙهيل ڇوڪرين مان ڪن کي چوريءَ پنهنجو هم خيال بنائي ڇڏيو هو. هو هن سان سياسي سرگرمين ۾ ساٿي ڏينديون هيون. هو ٽولي ٺاهي، پاڙي ۾ سماجي ڪم به ڪنديون هيون. هو مائرن کي همٿائينديون هيون ته ٻارن کي اسڪول ۾ وهارين. ڪن حالتن ۾ ته هو ٻارڙن کي پاڻ اسڪول پهچائي اينديون هيون ۽ اسڪول بند ٿيڻ تي، انهن کي واپس گهر ڇڏي وينديون هيون هو پاڙي ۾ بيمار ٿيندڙن جي ٽهل ٽڪور به ڪنديون هيون، خاص ڪري بيمار عورتن ۽ ٻارن جي. هو هنن کي اسپتال يا ڊاڪٽر ڏي وٺي وينديون هيون، مسڪين بيمارن جي دوائن جو بندوبست ڪنديون هيون. وقتي ته ائين به ٿيندو هو، جو گهر جي اڪيلي عورت بستري داخل ٿي ويندي هئي ته هو، گهر جي ڀاتين لاءِ رڌپچاءُ جو ڪم به ڪري ڏينديون هيون.

باقي پاڙي جون پڪيون پوڙهيون مايون، تن کي جڏهن به موقعو ملندو هو ته ڇوريءَ جي افعالن جي جيءُ ڀري گلا ڪنديون هيون، جيتوڻيڪ تڪليف ۽ بيماريءَ وقت ان ڇوريءَ ۽ سندس ٽوليءَ ڏي سهائتا لاءِ هٿ ڊگهيرينديون هيون ۽ اهي سندن سهائتا ڪنديون به هيون.

هاڻي شاديءَ جو مرحلو آيو. ماءُ جي خيال موجب ته ڇوريءَ کي گهڻا گهڻا سال اڳ شينهن ڪلهي چڙهڻ کپندو هو. حقيقت ۾ ان سلسلي ۾ هن گهڻي وقت کان ڪوشش به ڪئي هئي. هن پنهنجن مائٽن، ذات وارن ۽ پنهنجي طبقي وارن ۾ ڇوريءَ لاءِ، مڙس جي ڳولا پئي ڪئي. ڪيترن کي چورايو هئائين. هن جي پيءُ به ان باري ۾ وؤڙ پئي ڏني هئي. هنن جو خيال هو ته هنن کي پنهنجي ڌيءُ واسطي ور چونڊڻ جو هرڪو حق آهي ۽ هنن جي ذهن ۾ اهو ئي هو ته جيڪو به مڙس هن کي ڏينداسين، سو سندس راڄ جي دستور موجب، هوءَ قبول ڪندي. ان باري ۾ ڇوڪريءَ جي انڪار جو تصور به هنن وٽ ڪونه هو.

هنن کي اهو ڏسي ڏاڍو صدمو پهتو ته ڪوبه سندن ڇوريءَ سان شادي ڪرڻ لاءِ تيار نه هو. هاڻي ته ماءُ منهن مٿو پٽڻ لڳي. جيتوڻيڪ اهو سڀ ڪجھ هٿ وٺي پنهنجو پاڻ سان پاڻ ڪيو هئائين. پنهنجي ٻيڙي پاڻ ٻوڙي هئائين. گهر گهر وڃي جو مائٽن ۽ پاڙي وارن سان پنهنجي ڌيءُ خلاف دانهون ۽ شڪايتون ڪيون هئائين. سو سڀڪو ڇوريءَ کان ٽهي ويو هو. وري ڇوريءَ جا افعال به هن پئي ڏٺا. هنن واسطيدار ماڻهن جي نظر ۾ انهن افعالن ڪري هوءَ رولو ڇوري هئي.

ائين به هو ته هنن جي مائٽن يا ذات وارن يا طبقي وارن ۾ ڪوبه ڇوڪرو يا مرد ايترو پڙهيل ڪونه هو ۽ جاهل يا گهٽ پڙهيل مردن کي پڙهيل ۽ هوشيار ڇوڪريءَ سان پرڻجڻ ۾ گهٽتائيءَ جو احساس ٿي ٿيو يا ڊپ يا هٻڪ ٿي ٿِي. پيءُ ماءُ نااميد ٿي چڪا هئا. پر هنن هر حالت ۾ اهو بار لاهڻ ٿي چاهيو. ڇوريءَ کي ته ڄڻ ان پاسي ڪو خيال ئي ڪونه هو.

هن ڏينهن ماءُ پيءُ لاءِ ڄڻ ڀاڳ جي ٻوڏ اچي ويئي. ان ضلعي جي هڪ ڳوٺ جي هڪ تمام مشهور ۽ مالدار گڻنگ زميندار، پنهنجو قاصد موڪلي، هنن کان سندن ڇوريءَ جو سنڱ ڇڪيو. پهريائين ته هنن کي اعتبار نه آيو، پر پوءِ پڪ ٿين ته سچ پچ اهو چرچو ڪونهي. اهو وڏيرو پڙهيل ڳڙهيل ۽ امير ماڻهو هو. هن کي هڪڙي زال اول ئي هئي. جنهن مان ٻه چار ٻار به هئس. هو عمر ۾ سندس ڇوريءَ کان گهڻو وڏو هو. وڏيري جي ڳوٺ ۾ هيءَ ڇوري پنهنجن سياسي ساٿين سان راڄنيتي پرچار ڪرڻ ويئي هئي. اتي وڏيري جي نظر هن تي پئجي ويئي هئي ۽ هن کي وري وري ڏسڻ تي دل چاهيو هوس. پوءِ هن ڇوريءَ جي باري ۾ پڇا ڳاڇا ڪرائي، ساري ڄاڻ ورتي هئي، ۽ هن کي ڦاسائڻ لاءِ، داءُ پيچ به هلايا هئائين، پر دال ڪانه ڳري هئس ۽ پڇاڙيءَ ۾ هن سان شاديءَ جو ڄار پکيڙڻ جو پھ پچايو هئائين.

ڇوريءَ جا پيءُ ماءُ ته اهو پيغام ٻڌي، خوشيءَ ۾ نه ٿي ماپيا. هنن ته ان باري ۾، پنهنجي رواج موجب، ڇوريءَ کان پڇڻ به ضروري نه سمجھيو ۽ تٿ ٻڌڻ وارا هئا.

ڇوريءَ کي ڪا ان بابت کڙڪ پئجي ويئي. سڌو اچي پيءُ ماءُ تي ڪڙڪي، ۽ زوردار آواز ۾ چيائين، ”مون کي هيءُ رشتو نه پسند آهي ۽ نه منظور آهي. هڪ ته هينئر مون کي شادي ڪرڻي ناهي. پر جي ڪرڻي به هجي ها ته ههڙين نالائقين واري مڙس کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪريان ها. مان وري به توهان کي ٻڌايان ٿي ته منهنجو شادي ڪرڻ جو هينئر ڪو ارادو ڪونهي. توهان کي منهنجي پرڻي جي چنتا ڪرڻ جو ڪو ضرور ڪونهي. مون کي پسند جو ڪو ساٿي مليو ته مان پاڻيهي شادي ڪنديس. نه مليو ته مان پنهنجي مقصد سان شادي ڪنديس. ماڻهو قرآن سان به ته ڇوڪرين جي شادي ڪرائيندا آهن. مان پنهنجي مقصد سان شادي ڪنديس، مان پنهنجيءَ ڌرتيءَ سان شادي ڪنديس. جي توهان زوريءَ منهنجي شادي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته مان پاڻ کي انهن بزدل ڇوڪرين مان ثابت نه ڪنديس، جي اهڙي حالت ۾ پنهنجو پاڻ کي مارينديون آهن، پر مان ان پيءُ ماءُ کي ماريندس، جي زوريءَ سان منهنجي شادي ٿا ڪن. ان نڪاح پڙهائيندڙ کي ماريندس، جو هي بي جوڙ نڪاح پڙهڻ لاءِ تيار ٿئي ٿو، ان ٿيڻ واري مڙس کي به مارينديس، جو منهنجو راضپو ڄاڻڻ کان سواءِ، مون سان اهو ناتو ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪري ٿو!“

سامي سِڄَ وَڙاءُ

مراد علي مرزا

]نوٽ: سنڌي زبان جو ناميارو ڪهاڻي نويس ۽ اديب، محترم مراد علي مرزا، شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي حياتيءَ ۽ دؤر جي پس منظر ۾ هڪ ناول لکي رهيو آهي. ان جو ڏهاڪو کن قسطون، ماهوار لطيف ڊائجيسٽ، ڪراچيءَ ۾ ڇپيون هيون، جن کي علمي حلقن ۾ مقبوليت حاصل ٿي آهي. ان ناول جو هڪڙو باب هيٺ پيش ڪجي ٿو. اميد آهي ته ناول جا ٻيا باب به مهراڻ جي صفحن جي زينت ٿيندا رهندا.

-ن. ا. ش.[

جهوڪ جي هوائن ۾ شاهه عنايت جو نئون نياپو پئي ٻريو: ”الارض الله“ زمين الله تعاليٰ جي آهي ۽ ”جيڪو کيڙي سو کائي.“ انسان زمين جو مالڪ نه پر سنڀاليندڙ آهي. اهو هڪ نئون نياپو هو، اهڙو نياپو، جيڪو هارين ۽ پورهيتن اڳ ڪڏهن به نه ٻڌو هو نه سڻيو. کين اها پڪ هئي ته زمين بيشڪ الله تعاليٰ جي آهي، پر اچرج پئي لڳن ته ان جو مطلب ڪهڙو ته جيڪو کيڙي سو کائي! جڏهن کان سمجھ ڀريا ٿيا هئا تڏهن کان هنن ڏٺو پئي ته جن رات ڏينهن پورهيا ڪري زمين مان اَنّ ٿي اُپايا، اهي ئي پيٽ بکيا ۽ انگ اگهاڙا ٿي رهيا. ٻئي پاسي جيڪي پورهيت نه هئا، جن ڪڏهن ڪوڏر کي هٿ به نه لاتو هو، انهن ست رڇيون ٿي کاڌيون ۽ ريشم ۽ اطلس ٿي اوڍيو. ڪم ڪرڻ کان سواءِ به اهي ماڻهو سکيا ستابا ۽ سکر هئا. شايد اهو تقدير ۽ قسمت جو چڪر هو. جمعي نماز جي خطبي ۾ به اهوئي وعظ ٿيندو هو. پنهنجي مالڪ ۽ حاڪم جي حڪم عدولي ڪرڻ وارا جهنم ۾ ويندا. حاڪم الله تعاليٰ جو سايو آهي؛ الله تعاليٰ جو خليفو آهي. هرڪو ڄمڻ وقت پنهنجو رزق پاڻ سان کڻي اچي ٿو. اوهان کي جيڪو ملي ٿو ان تي راضي رهي رب سائينءَ جا ٿورا مڃو. صبر ڪريو، ڇو جو صبر جو ڦل مٺو ٿئي ٿو. پر هنن اهو به ڏٺو هو ته سندن وڏڙا ساري ڄمار پورهيا ڪري ڪري وڃي قبر ڪنڌيءَ پهتا هئا، ان هوندي به کين ڪڏهن به صبر جو مٺو ڦل نه مليو هو. سندن ذهن ۾ رکي رکي ڀوائتا خيال پئي آيا. ڀلا اسان مسڪين ماڻهو زمين جا مالڪ ڪيئن ٿا ٿي سگهون، جڏهن ته سرڪار وٽ اهي زمينو اصل مالڪن ۽ زميندارن جي نالي تي چڙهيل آهن؟ البت جڏهن هنن پاڻ ڏٺو ته صوفي شاهه عنايت پاڻ ڪوڏر هٿ ۾ کڻي، پير اگهاڙا ڪري سارو ڏينهن زمين تي پورهيو پيو ڪري ته هوريان هوريان هنن جا ذهن ڀوائتن خيالن کان خالي ٿيڻ لڳا. هنن همت ڪري پنهنجن زميندارن کان گُهرَ ڪئي ته اسان وٽ به صوفي سڳوري جي طريقي تي عمل ڪيو وڃي. ڪن هارين وري پنهنجن اصلوڪن مالڪن جي زمينن تي پورهئي ڪرڻ بدران وڃي صوفي شاهه عنايت جي پناهه ورتي ۽ ساڻس گڏ زمين کي به ايترو ئي اَنّ پلئه پيو جيترو صوفي شاهه عنايت پاڻ کنيون. انهن ڳالهين هارين جي دنيا ئي ڦيرائي ڇڏي. کين پنهنجي پگهر جي پورهئي جو مٺو ڦل هاڻي مليو هو، اهو نه رڳو مٺو هو پر ايترو هو جو مينهن وسندي به ڪم اچي ٿي سگهيو.

گڏيل پورهئي ۽ اَن جي اپت جي گڏيل فائدن جون ڳالهيون جهوڪ جي وستيءَ مان نڪري اوسي پاسي هر هنڌ پکڙجي ويون. هوريان هوريان جدا جدا ڳوٺن جا هاري ناري ۽ غريب غربا پنهجا پنهنجا اباڻا ڪَک ڇڏي جهوڪ ڏانهن وڃڻ شروع ٿيا. اهي پورهيت گهڻو ڪري جوان هئا. پوڙها ۽ ڪراڙا پنهنجن پراڻن ڪکن سان چهٽا پيا هئا. سندن دلين ۾ شڪ جو واسو هو. پر جوانن ۾ حوصلا هئا، امنگ هئا. صوفي شاهه عنايت جي حلقي ۾ انهن جوانن جا جٿا شريڪ ٿيندا ويا. جهوڪ جي ننڍڙي ڳوٺ ۾ صوفي شاھ عنايت جي حويليءَ جي چوڌاري پري پري تائين نيون لانڍيون ۽ منھ ٺهي ويا. هر نئين لانڍي يا منھ ٺاهڻ وقت جهوڪ جي مرد ماڻهن ويندي شاهه عنايت سميت سڀني ٿي ڪم ڪيو. هفتي جو ڪم ساعت اڌ ساعت ۾ ٿي ويو ٿي. انهن جاين ۽ گهرڙن لاءِ سامان به سڀني ٿي ڏنو، ڪٿان ڇت لاءِ ڪامون ٿي آيون، ڪٿان بُھ ٿي آيو، ڪٿان ٽوٽا ٿي آيا، ڪن مٽي کوٽي گارا ٿي ٺاهيا، ڪن تغاريون ٿي ڍويون، ڪن فرش ۽ تيون ٿي ليپيون ڪن لوڙها ٿي ڏنا. انهن پورهيتن ۾ صوفي شاهه عنايت کي شامل ڏسي جوانن جون همتون ويترو وڌي ٿي ويون. ماني به سڀني کي وقت تي لنگر مان ٿي ملي. سڄو ڏينهن ڪم ۾ مست مگن ٿي رهيا. پيشين مهل جڏهن سج لهڻ جي ڪندو هو ته پورهيت به ڪم مان هٿ ڪڍندا هئا. پوءِ سمهڻيءَ جي نماز پڙهڻ لاءِ صوفيءَ جي ڇني ۾ اچي گڏ ٿيندا هئا، جتي نماز کان پوءِ صوفي شاهه عنايت جو وعظ ٻڌندي رات جو ٻيو پهر اچي ٿيندو هون. پيار جي انهيءَ پورهئي ۾ انهن پورهيت جوانن کي ڪيتري نه راحت ۽ سک محسوس ٿيندو هو. اهي ڳالهيون کٿوريءَ جي سرهاڻ جيان اوسي پاسي جي ڳوٺن ۾ پکڙجي ويون. زميندارن، وڏيرن ۽ پِيرن جي زمين تان جوان ڪڙمي جيئن پوءِ تيئن گهٽبا ويا. جهوڪ ميران شاهه ڏانهن جيڪو ويو ٿي، تنهن وري واپس ورڻ جي نٿي ڪئي. پيرن ۽ سيدن جا مريد گهٽبا ويا ۽ کيٽن تي ڪڙمين جي کوٽ ٿيندي پئي. هڪڙو زلزلو هو جيڪو اندر ئي اندر گڙڪاٽ ڪندو اوچتو ئي اوچتو اوسي پاسي پري پري تائين پکڙجي ويو هو.

تر جا زميندار، وڏيرا ۽ پير ڇرڪ ڀري جاڳي پيا. شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جي درگاهه جو متولّي سيد ميان عبدالواسع، شيخ زڪريا بهاء الدين جو جانشين شيخ سراج الدين نور محمد پليجاڻي ۽ حمل بن لاکاٽ اهي سڀيئي وڏي شان شوڪت ۽ عزت آبرو وارا هئا. ميان عبدالواسع ۽ شيخ سراج الدين جا مريد به هئا ته ڪڙمي به. اهي کانئن مُنهن مڙي ويا هئا. پليجاڻي ۽ لاکاٽ جا به ڪڙمي ڪونه رهيا هئا. درگاهن ۽ اورتان ۾ ماٺ لڳي پئي هئي ۽ زمينن تي سڃ پئي واڪا ڪيا. اُپت گهٽجڻ لڳي ته هنن کي ڳڻتين اچي ورايو. پهرين هنن سوچيو هو ته اهي سڀ اجايون ڳالهيون آهن. پاڻيءَ جو ڦوٽي به ڪڏهن جٽاءُ ڪيو آهي؟ هوا جي ٿوري ئي جهوٽي ۾ ڦاٽي پوندو . اهي مت جا موڙها اجهوڪي اجهو اچي اسان جي پيرن ۾ پوندا. پر جڏهن پوکيءَ جون سڄيون ساريون ٻه مندون لنگهي ويون ۽ ٽين مند لاءِ زمين کيڙڻ ۽ ٻج ڇٽڻ جو وقت آيو، تڏهن هنن به اک پٽي.

شيخ سراج الدين وڏيءَ ڄمار جو هو ۽ وڏيءَ گاديءَ جو جانشين پڻ. اتر ۽ وچولي ۾ سندس ڪيترائي مريد هئا. حمل بن لاکاٽ هو ته تر جو وڏو زميندار پر ڏاڍو مِٺ ٻوليو ۽ حرفتي. هن ته شروع ۾ ٿي منهن مٿو پٽي دانهون ڏنيون هئن، پر ٻين سندس نه ٻڌي. نيٺ ڳالهه سندس ئي سچي نڪتي. سڀئي شيخ سراج الدين جي اوطاق تي اچي گڏ ٿيا، هڪ ٻئي کي ميارون ڏنيون ويون، بحث ٿيا، صلاحون ٿيون ۽ نيٺ ان ڳالهه تي سڀني سعاد ڪيو ته ٺٽي ننگر جي صوبيدار مير لطف علي خان وٽ هلي دانهين ٿجي، جو سندن علائقو هن جي صوبيداريءَ ۾ آيو ٿي. شيخ سراج الدين ۽ حمل لاکاٽ ان جو ذمو کنيون. ٻئي ٺٽي ننگر جي سرڪار ۾ وڃي دانهين ٿيا. اميرن ۽ درٻارين جي سفارشن سان جلدئي درٻار ۾ حاضري ٿين. مير لطف علي خان چالاڪ ۽ زمانه شناس حاڪم هو. ڳالهه کي هڪدم سمجھي ويو. مير منشيءَ کان پڇا ڪرڻ تي خبر پيس ته جنت مڪاني حضرت اورنگزيب عالمگير پاڻ شاهه عنايت جي والد حترم کي مدد معاش لاءِ زمين جو پروانو عنايت ڪيو هو. اهو معاملو سند اختيار کان ٻاهر هو. جيڪڏهن ڪي ڪڙمي پنهنجي رضا خوشيءَ سان وڃي شاهه عنايت سان گڏيا آهن ته مٿن زور زبردستي نه ٿي ڪري سگهجي. البت کين سمجھائي سگهجي ٿو. پر هو ڪم حاڪم جو ڪونهي فيصلو راڄوڻي ٿيندو. ڀلي پنهنجا پنهنجا راڄ سڏائي فيصلو ڪريو. ان ۾ ڪا ڪچي ڦڪي ڳالهه به ٿي ته ان کي پوءِ ڏٺو ويندو. حاڪم جي واتان اهو ٻڌي سندن منهن لهي ويا. پر اتي ڪا حجت به نه ٿي ڪري سگهيا. انهيءَ ٻڏتر ۾ درٻار مان ٻاهر نڪتا پر اتي سرڪردو سردار گڏجي وين، جيڪو کين ڄاڻندو هو.

”وڏا ڪي ڳهلا آهيو!“ هن سندن احوال ٻڌي ٽهڪ ڏيندي چين. ”پاڻ مير لطف علي خان ٺٽي ننگر جي نوابيءَ تي ڪيئن قبضو ڪيو هو؟

”سرڪار! اها ڳالهه ئي ٻي هئي“، حمل لاکاٽ پنهنجي مٺي ٻولي ٻوليو. شيخ سراج ساڻس ها ۾ ها ملائي.

سردار وري اچي ٽهڪن ۾ پيو. ٻئي هن کي اچرج مان ڏسڻ لڳا.

”بزرگو! اوهين بيشڪ الله لوڪ آهيو“، سردار وري سمجھاين: ”هاڻي ڳالهه ڌيان سان ٻڌو. بادشاهه سلامت، عطر خان کي سروپاءِ سند ڏئي سنڌ جو نواب ڪري هت اماڻيو هو يا نه؟‎“

”برابر، سرڪار“، حمل لاکاٽ وراڻيو.

”پر اوهان ڏٺو ته مير لطف علي خان بادشاهه سلامت جي کلم کلا حڪم عدولي ڪئي. سڄو سارو هڪ سال عطر خان سان جنگ جوٽيندو رهيو. ان ويڙھ ۾ نيٺ عطر خان کي پنهنجي جان ڏيڻي پئي. نتيجو ڇا نڪتو؟ مير لطف علي خان کي شاهي درٻار مان ٻيهر سنڌ جي نوابيءَ جي سند عطا ٿي. نه رڳو ايترو، پر کيس شجاعت خان جي لقب سان نوازيو ويو ۽ سوني سروپا به انعام طور بخش ڪئي ويئي.

”بيشڪ، بيشڪ! اهو واقعو ته اسان جي اکين اڳيان ٿيو.“ شيخ سراج چيو.

”ته پوءِ اوهان به عقل کان ڪم وٺو. دشمن کي زير ڪريو. نه دشمن هوندو، نه دانهو ڪندو. سمجهوَ نه؟“

”سمجھيوسين، سمجھيوسين، سرڪار!“ حمل لاکاٽ پنهنجي ٻچي ڏاڙهيءَ تي هٿ ڦيرائيندي دل ئي دل ۾ خوش ٿيندي وراڻيو.

في الحال ٻنهين جي دل تي ڇنڊو پئجي ويو هو ۽ ٻئي ڄڻا ٺٽي ننگر جو سير ڪرڻ لڳا. مڪليءَ تي شاهي مقبرن ۽ درگاهن جون زيارتون ڪيائون؛ دلبارين، اميرن ۽ شاهي ڪامورن سان ملاقاتي ٿيا. شام جو واهوندن ۾ گلابي بدن ڏٺائون. اهڙيءَ ريت گهمي ڦري ٿورن ڏينهن کان پوءِ اچي ڳوٺ پهتا.

حمل لاکاٽ پنهنجيءَ پر ۾ ڏاڍو خوش هو، پر شيخ سراج کي اڃا به خاطري نه هئي. ميان عبدالواسع کي ڳالهه ته سمجھ ۾ آئي هئي، البت هن جا رونشا ٻيا هئا. وقت نڪرندو پئي ويو ۽ حمل لاکاٽ جي بريز بريز ئي پيئي. نيٺ هن جي گهڻي هاءِ گهوڙا تي هڪڙيءَ رات، جڏهن ڳوٺ ۾ چوڌاري سانت هئي ۽ چنڊ جي پوئين پهر ۾ ٿي اڀريو، تڏهن ڪي سوار آهستي آهستي ڪچيءَ سڙڪ تان گهوڙا ڪاهيندي، شيخ سراج جي اوطاق وٽ اچي پهتا. سڀني سوارن کي منهن تي اجرڪن جون ٻَٽون ٻڌل هيون ۽ ڪپڙن تي دز هئي. گهوڙا اوطاق وٽ پهتا ته شيخ سراج جي خادم آيلن جي ڀليڪار ڪئي. سوار پنهنجا پنهنجا منهن ۽ ڪپڙا اجرڪن مان ڇنڊيندا اڳتي وڌيا ۽ هڪ ٻئي جي پٺيان اوطاق ۾ وڃڻ لڳا.

اندر اڪيلي شمعدان ۾ هڪڙي وڏي شمع روشن هئي. ان جي هلڪي ۽ ڦڪي روشني ۾ شيخ سراج ڀت کي ٽيڪ ڏيو ويٺو هو. سندس ساڄي پاسي ميان عبدالواسع ويٺو هو ۽ کاٻي طرف حمل لاکاٽ. ٻاهر گهوڙن جي هڻڪار جو آواز ٿيو ته حمل لاکاٽ ٽپ ڏئي اٿيو ۽ دروازي ڏانهن وڌيو. ايتري ۾ ٻاهران ماڻهو اندر داخل ٿي ويا. خوش خير عافيت ۽ هڪ ٻئي کان حال احوال وٺڻ کان پوءِ شيخ سراج سڀني کي غور سان ڏٺو. سڀئي سندس اڳيان دوزالو ويٺل هئا. شمع جي ڦڪي روشنيءَ ۾ هنن جا چهرا چٽا نه پئي ڏٺا، پر سندن ڀنڀيون ڏاڙهيون ۽ چمڪندڙ اکيون نمايان هيون. ڏهاڪو کن همراهه هئا، جيڪي تر جي جدا جدا هنڌن تان هلي اچي اتي گڏ ٿيا هئا.

”اوهان ڀائرن کي هن بيگاھ وقت ۾ هت سڏائڻ جو مقصد ته اڳواٽ ئي ميان حمل اوهان سان بيان ڪيو هوندو“، شيخ سراج مٿن نظر ڦيريندي چيو. ”اسان کي رڳو ايترو چوڻ آهي ته وقت آڱرين جي وٿين مان پاڻيءَ وانگيان وهندو پيو وڃي. ائين نه ٿيئ جو اسان سڀني جي ٻنين ٻارن ۽ گهرن گهاٽن تي شاهه عنايت جا ڇڏيل ڇاڙتا قبضو ڪري وڃن ۽ پوءِ ڳالھ اسان جن هٿن مان ئي مرڳو نڪري وڃي.“ ائين چئي شيخ سراج ماٺ ٿي ويو ۽ ويٺلن کي چتائي ڏسڻ لڳو.

”قبلا سائين! اوهان ته ڪي بادشاهه آهيو“، حمل لاکاٽ اُتاولو ٿيندي چيو. ”هنن همراهن ۾ ڪي اوهان جا ۽ ڪي وري سائين عبدالواسع جا مريد ۽ معتقد آهن. مرد به ڪڏهن مرشد کان منهن موڙيندا؟“

حمل لاکاٽ جي اها ڳالهه ٻڌي سندس اڳيان ويٺل همراهن پاسا ورايا. فضا ۾ سندن هٿيارن جو آواز ٻُرڻ لڳو.

”قبلا سائين! اسين مڙس آهيون ۽ ايستائين ميدان مان نه ٽرنداسون جيستائين دشمنن کي ماري مات نه ڪريون“، هڪڙي همراهه تڪڙو تڪڙو وراڻيو سندس هڪڙو هٿ ڪمر ۾ ٻڌل خنجر جي پيش قبض تي هو ۽ ٻيو هوا ۾. شمع جي ڦڪي روشنيءَ ۾ هن جي ڳٽن مان لالاڻ پئي لياڪا پاتا.

”سچ ٿو چوين ميان گهرام خان!“ ڀرسان ويٺل هڪ ٻئي همراهه هن جي پٺڀرائي ڪئي.

”بروبر، بروبر! مرد جو ڪم آهي دشمن کي ماري مات ڪرڻ“، باقي ويٺل همراهن به ماٺ ڪري ويهڻ مناسب نه سمجھيو.

”هاڻي ته اوهان پاڻ ٻڌو نه منهنجا سائين!“ حمل لاکاٽ وري شيخ سراج ڏانهن ڏسندي چيو.

”ته پوءِ جيڪي ڪرڻو آهي، ان لاءِ دير ڪرڻ نه گهرجي“، ميان عبدالواسع چيو.

”اسين ته اڳواٽ پيا چئون ته وقت آڱرين جي وٿين مان پاڻيءَ جيان وهندو پيو وڃي“، شيخ سراج سڀني ڏانهن ڏسندي وراڻيو. ”اسان فيصلو ڪيو آهي ته ان کان اڳ جو نانگ سڀني کي ڏنگي وجهي، ان جي سسي مروٽي نابود ڪريوس. ميان نور محمد ۽ ميان حمل اوهان جي رهنمائي ڪندا. اوهان پنهنجا پنهنجان جٿا سنبرائي ڏينهن ٻن ۾ هت اچو. پوءِ رات جي اوندهه ۾ دشمن تي راتاهو هڻو ۽ کين جهنم واصل ڪريو. پر ياد رکو ته دشمن به ڪمزور ڪونهي، چالاڪ ۽ حرفتي پڻ اٿو، تنهنڪري قدم سنڀالي کڻجو. بس اسان کي ايتروئي چوڻو هو. هاڻي اڄوڪي رات هتي ئي آرامي ٿيو. فجر جو ماٺ ميٺ ۾ پنهنجن پنهنجن ڳوٺن ڏانهن روانا ٿجو. ٻيو ته هن ڳالهه جي ڪنهن کي به کڙن نه پوي.“

”قبلا سائين! اوهان رڳو دعائون ڪجو. اسين اوهان جي حڪم جي تعميل ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏينداسون.

آفيس بَرڊ

انيس انصاري

”مٺُو اڄ آيو آهي الائي نه؟“

”آيو ته آهي.“

”ڇا ٿو ٻولي؟“

”ساڳي ٽين ٽين ٽين.....“

”چوڳو وجهي ڦاسائينس نه؟“

”گهڻيون مرليون وڄايون اٿمانس، منهن ئي نٿو ڏي.“

”ڪاٿي آهي هاڻي؟“

”منظور وٽ ويٺو هو.“

ڏس متان اهو ڦاسائينس؟“

”هو ڦاسائڻ جو ئي نه آهي.“

”چالاڪ آهي ڇا؟“

”آهي ته اٻوجھ پر ڳنڍ جو گورو ٿو ڏسجي، ان ڪري ته گذريل پنجن سالن کان ڌڪا ٿو کائي.“

”ڀلا اڄ چانھ بسڪوٽ جي به اميد ڪانه ٿي ڏسجي ڇا؟“

”اهي ته ملندا.“

”وارو ڪر يار! نيراني آيو آهيان، هانوَ ۾ ڄڻ هٿ پيو آهي.“

چانھ بسڪوٽ اچي ويا. هر هڪ ٽيبل تي ٻه بسڪوٽ ۽ چانھ جو ڪوپ پهتا.

حصي وارو مون کي به ونڊ مليو.

آفيس ۾ ڪو ڪمين ڪارين آيو ته ڪلارڪ واجهه پيا وجهندا هئا. جنهن ماڻهوءَ مان گهٽ پئسن جي اميد هوندي هئي ته ان کي ”مِٺو“ سڏيندا هئا، ۽ جنهن مان ڪجھ وڌيڪ اپراسو ٿيندو هو، ته اهو وٽن ”مرغو“ سڏبو هو، ۽ جنهن وٽان گهڻُ ڪجھ ملندو هو ته ان کي ”ٻڪر“ سڏيندا هئا. حصا پتيون به ان نموني ٿيندا هئا. مٺو جو مال (چانھ/چانھ+بسڪوٽ يا ڪيڪ پيس) برانچ جي هر ڪلارڪ کي ملندو هو. مرغي ۾ خاص ٽيبل واري ڪلارڪ (جتي ڪم هوندو هو)، هيڊ ڪلارڪ ۽ افيس سپرنٽيڊنٽ جو حصو هوندو هو ۽ ٻڪر ۾... (ڍڪي ڀلي).

ان ڏينهن واري مٺوءَ کي ڏسي دل کي جهُٻو اچي ويو. بسڪوٽ ۾ چڪ هنيم ته ائين سمجھيم ته سندس ماس ٿو ڇڪيان. رهيل بسڪوٽ ۽ چانهه چوڪيدار کي ڏنم. هو پيرين اگهاڙو هو ۽ سندس پير پنين تائين مٽيءَ ۾ اٽيل هئا. چيلهه تي انگوڇو اوڍيل ۽ مٿي تي چڪٽ ميري پڳ جا ٻه وراڪا، جنهن مان الجھيل کچڙي وار آزاد ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا؛ منهن ميرو ۽ فڪر گاڏئون؛ هٿ گهنج گهنج. مون عارب کي آهستي چيو. ”يار هِن اپيپ کي به نٿا بخشيو.“

”اپيپ!“ عارب وراڻيو. ”ميان! هي ته آفيس برڊ آهي، آفيس برڊ! خواهه مخواهه ڪو نه ڪو ڦڏو کنيو هتي بيٺو هوندو آهي. سندس هڪ پير آفيس ۾ هوندو آهي ۽ ٻيو ٻاهر. گذريل پنجن سالن کان پيو پنڌ ڪري.“

چيومانس، ”پوءِ ڪم ڇو نٿا ڪريو ويچاري جو؟“

”ڪم، ڪهڙو ڪم؟ ميان، هي پاڻ ڪم پورو ٿيڻ ئي نٿو ڏي.“

”ائين ڪيئن هوندو؟“ مون چيس.

”ڏاڍو حمائتي ٿيو آهين، مٺوءَ جو.“ رمضان رڙ ڪئي، ”ميان هن جي طفيلين ته ٽين- چوٿين ڏينهن چانهه ٿي ملي. اهو اڏريو ته ان لاءِ به پيا سڪنداسين. هتي مرغا يا ٻڪرا روز ته نٿا اچن ڪسجڻ لاءِ.“

مون کي ڏاڍو افسوس ٿيو. ٽن ڏينهن بعد وري جڏهن ساڳئي شخص مان ڪڍيل پئسن مان چانهه ۽ ڪيڪ پيس منهنجي ٽيبل تي آيا ته مان واپرائڻ کان نابري واري.

”ڇو ٿو محروم ٿئين؟“ عارب چيو.

”ڇڏينس ميان! نئون گهڙيو آهي نوڪريءَ ۾، چُوڻي پاڻيءَ تي آهستي آهستي هرندو.“ رمضان فيصلو ڏنو.

منهنجي ٽيبل تان ڪيڪ پيس ۽ چانهه هٽايا ويا.

چئن- پنجن ڏينهن بعد ساڳئي ماڻهوءَ مان جڏهن چانهه ڪڍي ويئي ته مون کان رهيو نه ٿيو، سڏ ڪري پڇيومانس، ”چاچا! نالو ڇا اٿئي؟“

”شاهن“ هن جواب ڏنو.

”هتي تنهنجو ڪهڙو ڪم اٽڪيل آهي، جو روز ٿو اچين؟“

”زمين جو ڪم آهي. مون کي حق نٿو ملي، ان لاءِ ٿو سرڪار جو در کڙڪايان.“

عارب ۽ منهنجي وچ ۾ معاهدو ٿيل هو ته ٻنهي مان ڪوبه موڪل تي هوندو ته ٻيو سندس ضروري ڪم جو نيڪال ڪندو. عارب کي موڪل به تڏهن ملي جڏهن سندس درخواست تي حاشيه ۾ مون لکي ڏنو ته سندس ضروري ٽپال مان نيڪال ڪندس. موڪل ته پنجن ڏينهن لاءِ ورتي هئائين. پر ويو ان کي وڌائيندو. ٽائفائڊ ٿي پيو هو کيس. هڪ ڏينهن آفيس ۾ چوٻول پئجي ويو: ”مٺو اچي ويو، مٺو اچي ويو.“ رمضان سڏ ڪيس، ”چاچا شاهن! هيڏانهن.“

”ابو عارب ڪونه آيو آهي ڇا؟“ شاهن پڇيو.

”عارب موڪل تي آهي. تون فڪر نه ڪر. تنهنجو ڪم ڪري ٿا ڏيون. صبح جو وقت آ چاچا شاهن. ٿڌ ۾ هٿ ئي نه ٿا هلن.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com