سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-  1987ع

مضمون

صفحو :4

”سوز“ هالائي

گيت

سپنن جي گدان جي اندر ڪيئن سجايم گل،

ڪاش! اچي تون پاڻ پسين ها.

روشن روشن، اجرا اجرا، جذبن جا جرڦل،

ڪاش! اچي تون پاڻ پسين ها.

ڪيئن ڪوماڻا، خوشبوءِ هاڻا، سرها سرها ڦل،

ڪاش! اچي تون پاڻ پسين ها.

هيڏي ساري سونهن نگر ۾، هيڏا سارا هل،

ڪاش! اچي تون پاڻ پسين ها.

دل جي ڳالهه چئي ويٺاسين، ڪيڏي ٿي وئي ڀُل،

ڪاش! اچي تون پاڻ پسين ها.

اوسيئڙن ۾ جي پل گذريا، پل اهي اڻ مل،

ڪاش! اچي تون پاڻ پسين ها.

انيس انصاري

سور

تنهنجا سور سميٽيا آهن،

مان پنهنجا سمجھي،

پنهنجا سور،

مان ڪنهن کي ڏيان.

تنهنجا، منهنجا،

هِن جا، هُن جا،

سور ته مڙيو سور ئي آهن.

اچو ته گڏجي سور سميٽيون،

اچو ته گڏجي سور سميٽيون.

ج. ع. منگهاڻي

ڇتارو

وسڪارا نيڻن جا ڪهڙا ساوڻ رت ۾ لايون،

هن رت جا هن پار اهيئي ويٺا سارنگ ڳايون.

 

ڳايون ڇم ڇم بوندن سان گڏ اهڙا راڳ رسيلا،

پور سمورا تير هلائي ڪيڏا ڀي ڪن حيلا.

 

پاڻ ته پوءِ به ڳولينداسين اهڙا نينهن- ڪنارا،

رم جهم رم جھم برسي پوندا سکن جا وسڪارا.

(2)

وڇڙيل شهر جي پهر جون ڳالهيون،

لکڻ نٿيون ڏين اکيون آليون.

 

اکيون آليون سوچ وسائين،

بوندون بوندون خواب وڃائين.

 

چاھ جون سڀ تصويرون اکڙيل،

خواب جا سارا منظر وڇڙيل.

پشپا ولڀ

خوشيءَ جو سامان

منهنجي مرڻ کان پوءِ

منهنجي خوشيءَ جو سامان ٿيو.

هيءُ چهچٽو، هيءُ اچ وڃ، هيءُ مهمان

منهنجي ئي موت تي آيا آهن

مان خوش آهيان ته

منهنجا ٻار ڪيڏو خوش آهن!

هيءُ شاميانو، ديڳيون ۽ ڪراڪري

۽ مهمانن جي خاطر تواضع

منهنجي ٻارن کي منهنجي شان جو

ڏاڍو آهي خيال

دعوتون ڏيئي گهرايا ويا آهن مهمان

منهنجي بيماريءَ جو ٻڌي

جي نه آيا ڪڏهن

شايد منهنجي موت جو ڀَت کائڻ آيا آهن

 

زندگيءَ جي پڃري جي سيخن کي

ٽوڙي چڪي آهيان

تڏهن توهان کي

ٿورو پُٺتي ته وٺي وڃان

جيڪا کٽ منهنجي هينئر ڏسو ٿا

جنهن تي ڪئين گلن جا آهن هار پيل

سرهاڻ سان واسيو ويو آهي جنهن کي

ڪڏهن هوندي هئي ڏاڍي جهول ۽ ڇنل

جڏهن مٿس سمهندي هيس

ڪيڏي ميري چادر ۽ گندو ويهاڻو هوندو هو

مهينن کان پوءِ به

ڪنهن کي بدلائڻ جو خيال نه ايندو هو

هاڻي هڪ نئون بسترو آندو اٿن-

نئين چادر، نئين فراسي ۽ نئون ويهاڻو-

سڀ ’ٻانڀڻ‘ کي ڏيئي ڇڏيندا

جيڪو هنن جو ڪجھ نه لڳي

منهنجي پٽن جو شان ڪيڏو نه وڌي ويندو!

اڌ ماني ۽ ٿوري ڀاڄي به گهڻي ٿي لڳن

جڏهن ڪنهن ٿي پڇيو:

’ڀلا ڪيئن آهي پوڙهي؟‘

’ڇا ٻڌايان ادي توکي!

کائڻ پيئڻ ۾ نِري آهي ڏاڍي.‘

اڄ اٺ ديڳيون چڙهيون آهن در تي

ايتري ماني بچي آهي جو ڪُتن جي لوڌ اچي پهتي آهي

ماڻهو به هڪٻئي کي چون پيا:

’پٽ ڪيڏو نه سخي آهي!‘

هلڻ کان به لاچار ٿي پيئي هيس

گسڪڻ ۽ گسڪي مرڻ-

منهنجي قسمت ۾ هو لکيل شايد

ڀلا اسپتال ڪيئن کڻي وڃن مڙهيءَ کي؟

اڄ پرچاڻيءَ لاءِ گاڏيون پهتيون آهن!

 

اڄ ننهن منهنجيءَ

مون کي ياد ڪري اوڇنگارون ڏنيون آهن

ڳراٽڙي پائي رُني آهي سڀن سان

ڏيکاري منهنجي تصوير انهن کي

پاؤ سان لڙڪ اگهيا اٿس.

زبيده ميتلو

تنهنجي ڏات ڏوهاري آهي

هائي ويٺي ڀوڳ

تنهنجي ڏات ڏوهاري آهي

ڏات جا ڏيئا ٻاريئي، پوءِ به

چوڏس انڌ انڌاري آهي.

 

سر جو سانگو لاهي پاهي

ڪوٽ ڪيرائي ڀتيون ڊاهي

جاڳرتا جا سڏ اونائي

ڏات جو ڇڏيئي ڪنڌ نوائي

ڏات جا ڏيئا ٻاريئي پوءِ به

چوڏس انڌ انڌاري آهي

هاڻي ويٺي ڀوڳ...

 

جيون داءُ لڳائي ڇڏيئي

واٽ تي ڪيئي ماري گڏيئي

لوڪ ڏٺو ڪو، ويڙھ وڙهي پيو

هيڪل وياڪل ناري آهي

ڏات جا ڏيئا ٻاريئي پوءِ به

چوڏس انڌ انڌاري آهي

هاڻي ويٺي ڀوڳ...

 

لوڪ ستي پوءِ

ڪا ته ڪُسي وئي

ڌرڙيون ڏيئي رات رسي وئي

شڪ ۾ هو به ڪاري آهي

ڏات جا ڏيئا ٻاريئي پوءِ به

چوڏس انڌ انڌاري آهي

هاڻي ويٺي ڀوڳ...

 

تاريخي سڀ ورق ورائي

آڱريون وڍائي قلم ڪرائي

رت سان ڪوتائون سرجائي

جنگ ازل کان جاري آهي

ڏات جا ڏيئا ٻاريئي پوءِ به

چوڏس انڌ انڌاري آهي

هاڻي ويٺي ڀوڳ...

 

هاڻي ويٺي ڀوڳ

تنهنجي ڏات ڏوهاري آهي

ڏات جا ڏيئا ٻاريئي پوءِ به

چوڏس انڌ انڌاري آهي.

اِرم محبوب

”چهرا......... يادون“

ڪي چهرا...

عڪس جي بڻيا...

ڪي يادون...

سندر سندر...

سي چهرا... ۽ سي يادون...

ورسن ميگهه ملهار وانگي...

دل ڌرتيءَ جي...

ٺوٺ پڌر تي...

انڊلٺ جهڙا...

رنگ پکيڙي...

پل جو پل ۾...

جيءُ جياري...

سي چهرا... سي يادون...

ڪهڙي ڌنڌ ۾...

آهن گم!...

لِڪ ڇُپ... لِڪ ڇُپ...

گيت ڪو ڳائي...

هل چل من ۾...

آئي ڄڻ...

پڇن سوال انيڪ...

ڪي چهرا...

۽ ڪي يادون!

فهيم انصاري

ورهيه اڳ

تو مون کي ڏسي

منهن ڦيريو هيو

۽ اڄ!

تون ورهين پڄاڻان

مون ڏانهن ڏسي مرڪين

آءٌ سمجهي ويس

ته

تنهنجي ان مرڪ

پويان ڪو غرض

لڪل آهي

شايد

توکي مون ۾

ڪوئي ڪم

پئجي ويو آهي.

واجد

حالتن جي رڻ پٽ ۾

رات جو پويون پهر ۽ منهنجو گهر،

ذهن ۾ سوچن جا ڪيئي سلسلا...

پوڙهو پيءُ،

زندگيءَ جو ساعتون گذري ويل،

تسبيح جي داڻن کي سوري،

ياد ڪرڻ جي پيو ناڪام ڪوشش ٿو ڪري.

رکي رکي ٿڌا ساهه، وئرٿ جيون جو پڇتاءُ،

موت سان ڄڻ جنگ ۾ آهي جٽيل.

منهنجي ماءُ،

سڄي ڄمار،

زندگيءَ جي تلخين جهيڙيندي،

پيڙائون ڀوڳي مُئي.

ڀيڻ آ،

جنهن پاڻ کي،

هڪ دوزخ مان ڪڍي،

ٻئي جهنم ۾ ڌڪيو.

آءُ اڪيلو،

اميدن جي جنتن جو خواهشمند،

حالتن جي چيچڙي ۾،

ننڍپڻ کان ئي وٺي پيو پيڙجان.

لڳي ٿو:

ابو به ڄڻ، امڙ جيان آهي مئل.

آءُ ڪو لاوارث مسافر آهيان،

منهنجو ناهي جڳ اندر ڪو آشنا.

آءٌ اڪيلو پيرين پيادو،

حالتن جي رڻ پٽ ۾،

پيو ٿو رلان.

آڏو رڻ پٽ، پويان رڻ پٽ،

چئني پاسي رڃ رڃ.

ڪاڏي وڃان،

ڪنهن ڏي وڃان،

ڪنهن کي سڏيان!؟

چئني پاسي سڃ آه،

گهرٻار:

ميت موھ،

پيءُ ماءُ،

ڀيڻ ڀاءُ،

ڪوئي ناهه!

ڪوبه ناهه!!

ڪنهن کي سڏيان؟

ڪنهن کي سڏيان؟

آءٌ اڪيلو، پيرين پيادو،

حالتن جي رڻ پٽ ۾،

پيو ٿو هلان- پيو ٿو ڳهان!!

مهر پروين

ڪافي

محب مٺا منٺار او يار، محبت تنهنجي ماريو مون کي.

راتيون جاڳيو ڏينهن ڪريان پئي،

ياد تنهنجا نت نينهن ڪريان پئي،

نيڻين وهن ٿا نار او يار، محبت تنهنجي ماريو مون کي.

ڏيهه ڇڏي وئين، ڏور هليو ڙي،

تو بن آهي جيئڙو جليو ڙي.

ويڙهي ويا ويچار او يار، محبت تنهنجي ماريو مون کي.

وئين وساري ته به نٿو وسرين،

من منهنجي تان ڪين ٿو اترين.

ساهه سندا سينگار او يار، محبت تنهنجي ماريو مون کي.

ڪاوڙ کي ڇڏي پرچ پيارا،

وارِ وري ڪي ورڻ جا وارا،

وصل جا ڪر وهنوار او يار، محبت تنهنجي ماريو مون کي.

پاڙي اچ ”پروين“ جي پيارا،

من جا ميٽ اچي مونجھارا،

لاھ سڀئي لاچار او يار، محبت تنهنجي ماريو مون کي.

امير بخاري

جِهل جي مستي، حقيقت ڪانه آھ،

ڄاڻ سڀ ڪجھ آ، ٻڌايو ڇا نه آھ؟

حُسن کي جنهن پوڄيو، بدنام ٿيو،

عشق کي رسوا ڪندڙ، رسوا نه آھ.

ماڳ پنهنجو اڳڀرو، ڪجھ اڳڀرو،

راھ پنهنجي پيار جي دنيا نه آھ.

ڌڙڪنون اڄڪلھ پيون هر هر پڇن،

ڪير فرمائي ٿو دل دريا نه آھ.

منهنجي گُهرَ، گهرجون وڃن سڀ ختم ٿي،

ان کان وڌ ٻي ڪابه تقاضا نه آھ.

ڏيهه کان جنهن لاءِ پاسيرو ٿيس،

اڄ رهي تنهنجي به تمنا نه آھ.

اڄ ڀي آهي اڃايل اي ”امير“،

تون چئين ٿو، هي جهان صحرا نه آھ.

مخدوم جميل الزمان

دلربا، صد مرحبا، خوش آمديد،

خوب ٿيو وعدو وفا، خوش آمديد.

بيقرار اکين کي حاصل ٿيو قرار،

خوش هجين، هر دم مٺا خوش آمديد.

ڪيئن گذاريو مون هي وقتِ انتظار،

صرف ڄاڻي ٿو خدا، خوش آمديد.

گل هئا ڄڻ خار ۽ چانڊوڪي باھ،

لُڪ لڳم بادِ صبا، خوش آمديد.

گردشِ حالات سان تنهنجي ڪري،

اڄ ڪيم صلح و صفا، خوش آمديد.

خوشنصيبي منهنجي دامن کي جهليو،

بخت آ مون تي فدا، خوش آمديد.

منهنجو گهر هر زاويي کان ٿو لڳي،

غيرتِ عرشِ اعليٰ، خوش آمديد.

تنهنجي ديواني کان اي جان ”جميل“،

هار کائي وئي قضا، خوش آمديد.

”ميرل“ جويو

جڏهن پيار جا پيچڙا پائبا هِن،

تڏهن گيت ڪافيون غزل ڳائبا هِن.

مٺو جن سان گڏجي اگر کائبو آ،

انهن سان ڪڙا ۽ کٽا کائبا هِن.

جَنين ساڻ جيءُ آ جڙي ويندو جنهن دم،

اهي ساهه کان وڌ سڄڻ ڀانئبا هِن.

اهي ڪيئن نه پيا ڦٿڪندا تڙپندا هِنن،

جيڪي گهور سان جڏهن به گهائبا هِن.

مڃي جو نه ٿورا ڪيل، سو نه ماڻهو،

نه لاهي جي سگهبا، ته پيا ڳائبا هِن.

مزو ڪيڏو ”ميرل“ ملي مهل انهيءَ

رُٺل يارڙا جڏهن پرچائبا هِن.

اسد جمال پلي

غزل

سونهن وارا، سڪ سندي سرڪي پياري تون نه وڃ،

محبت مشتاقن کي ائين جلدي وساري تون نه وڃ.

 

سوگوارِ حسن سان ڳالهيون بهارن جون ڪري،

اڄ وري اهلِ چمن رانجهن رئاڙي تون نه وڃ.

 

مدتون گذريون مگر ٿي آس پوري ڪانه آ،

موسمِ گل ۾ اسان جا عرض ٽاري تون نه وڃ.

مون جنون جي ساک ڪارڻ، جڳ ڇڏي تنهنجي مڃي،

پڪ ڏئي، ڦرهو ڪڍي، ٻيڙيءَ تي چاڙهي تون نه وڃ.

 

تون نه وڃ جانِ باهاران، تون نه وڃ جانِ غزل،

تون نه وڃ او ماھ، وعدا وساري تون نه وڃ.

 

سک- سانت، ميٺ- محبت، ۽ امن آسودگي،

عشق وارن سان اکر اهڙا اچاري تون نه وڃ.

 

ڪين اوهيرو اُٺو، سانوڻ به ويو آيو بڊو،

آءُ وسڪارا وسي پئه، من دکاري تون نه وڃ.

 

پياري ڏئي، گوڏي گڏي ۽ ڳر لڳي ڳالهيون ڪري،

ٿو هتي مون کي ڇڏين ڪنهن جي سهاري تون نه وڃ.

لياقت جوڻيجو

قطعه

اٿو اي جوانو ڪا محنت ڪريو،

اٿي ملڪ مات جي خدمت ڪريو.

وڌائي ترقيءَ ڏي پنهنجو قدم،

رسڻ لاءِ منزل تي همت ڪريو.

مشتاق آريسر

غزل

’وفا جا قول‘ وفا سڀ، وفا شعار ڪريون،

وساري سارو جهان اچ اسين پيار ڪريون.

تقاضا آھ ته گڏجي، هي ظلمتون مِيٽي،

وفا جي شمع کي ٻاري ۽ ’جان‘ نثار ڪريون.

اسان جو حال اوهان کان به ڪو ڳجهو ڪونهي،

ديارِ عشق جي دشمن کي شرمسار ڪريون.

سڪونِ قلب جي خاطر، اسان ڪيو ڇا ڇا؟

اچو ته نفس جو هر هڪ عمل شمار ڪريون.

براءِ نام وفا جي مزاق ۾ ڦاسي،

هزارين بار ٿا وعدن تي اعتبار ڪريون.

ڪڏهن نه ٻير ڪي ٻٻرن کان ٿي سگهيا حاصل،

وري به چال اها ئي ٿا اختيار ڪريون.

نظامِ دهر جا فرسوده طوق سڀ ٽوڙي،

”شبِ سياھ جي دامن کي تار تار ڪريون.“

ٿيو رقيب جڏهن روبرو چيو ”مشتاق“،

اسين ٿا پيار ڪريون، ڏس اسين ٿا پيار ڪريون.

ضمير ڦل

غزل

ساوڻ جون سُرمائي شامون،

تنها من ۽ تنهنجون يادون.

پوياڙيءَ جو پنڇي موٽيا، واهيرا ٿيون وڻ وڻ لامون.

درد فراقن ساڙيو ساجن! دل جي ڌرتي ٿي آ ٽامون.

جيون جي چؤواٽي تان سڀ، توڏي ويندڙ منهنجون واٽون.

جيسين تائين هوندو جيون، تيسين تائين رهنديون آسون.

سيف الله ”خالد“ يوسفاڻي

غزل

آيو اڱڻ تي يار سندم، جانِ جان جو خير،

هن جي قدم جو خير، قدم جي نشان جو خير.

 

رخ آفتاب، چنڊ بدن، زلف ڪهڪشان،

سينگار آهي يار ڪيو، آسمان جو خير.

 

سهبا ستم ۽ ويڻ، نه ڪنهن سان گلا ڪبي،

هر بد نظر جو خير، هر بد زبان جو خير.

 

فتوائي ڪفر رند کي، زاهد جي ڇا ڪندي،

مفتيءَ سندو به خير، ته ننڍڙي ملان جو خير.

 

بي گهر اسان کي، اهلِ چمن ڀل پيا چون،

هر ڪنهن مڪين جو خير ۽ هر ڪنهن مڪان جو خير.

 

سُرڪي بنا به آهي اسان کي جيئڻ جو ڍنگ،

خم خانه جو، ڪده جو ۽ پيرِ مغان جو خير.

 

هر بد دعا اوهان جي اسان لاءِ آ دعا،

ڪائي گلا نه آهي، قسم سان اوهان جو خير.

دين محمد ”سجاڳ“ پلي

گيت

تنهنجو پور پرين آ مون کي، تنهنجو پور پرين...

تنهنجي دور ٿيڻ جو دلبر ڏاڍو سور پرين،

آ مون کي، تنهنجو پور پرين.

واءُ وڇوڙي ڪيڙو توکان ڏاڍو ڏور پرين،

آ مون کي، تنهنجو پور پرين.

تنهنجي هجر فراق هڻي ڙي، ڪيڙو چور پرين،

آ مون کي، تنهنجو پور پرين.

تنهنجي نوراني نيڻن مان، مليو نور پرين،

آ مون کي، تنهنجو پور پرين.

تنهنجي ياد ”سجاڳ“ ڪيو آ، ننڊ نه مور پرين،

آ مون کي، تنهنجو پور پرين.

عبدالخالق ”آزاد“

غزل

ساري ٿو جنهن کي ساھ، سڄڻ شال سو وري،

هليو ويو آ يار، قيامت مٿم ڌري.

 

ڪي سال ٿيا جو يار، جدا ٿي ويو مگر،

من هجر ۾ اڃا ٿو، سڙي ۽ پچي ٻري.

 

مجبور عشق آھ ڪيو، ڪجھ نٿو سجهي،

پاڻا اچي جو پاڻ ويس، عشق جي اري.

 

همراز منهنجي عشق سندو، مھ لقا ڏسو،

جو رازدار ٿي به، وريو ڳالهه پيو ڪري.

 

اسباب دل لڳي جا خدا کي خبر ته ڇا،

ماري وڌو آ مون کي، مگر عشق جي ذري.

 

اي ماهرو هي ريت، سکئين ڪنهن کان چئو کڻي،

ويجهو رهي ۽ پوءِ، هليو ٿو وڃين پري.

 

يو الحساب وقت، سڏي جي خدا پڇيو؟

چوندس سزا قبول، نٿي يار ريءَ سري.

 

آزاد آھ پر ٿو، جهڪي يار جي اڳيان،

محبوب کان سواءِ، هنيون ٿو سڄڻ ڏري.

سيد شاھ مردان ريگستاني

ڪافي

سر سڄڻ تان ڪري مان صدقو، ڏهه ڏهه ڀيرا ڏيندس،

نينهن نباهي نيندس.

در تي دلبر تنهنجي رهندس، ڇني ڇڏائي ڪين ڪي ويندس،

پيئي پاڻي ڀريندس.

ناتو نباهج نرمل سائين، مان تنهنجو، تو منهنجو آهي،

ڏک مان ڏوراپو ڏيندس.

”مردان“ جو تون مٺڙو آهين، متان تنهن تان هٿڙا لاهين،

توکي سائين سڏيندس.

احمد ڪيريو

نئون دور آيو، نوان نينهن لايون،

پرين پيار ڀريو، وري پيچ پايون.

نوان ساز آڻي، نوان راڳ ڇيڙيون،

نئين نينهن جا ڪي نوان گيت ڳايون.

هلي آ ته هاڻي ملي پاڻ ۾ ٻئي،

وري گڏجي ڳايون ورھ واريون وايون.

محبت ۾ جاني ڪبا ڪين آهن،

وڇوٽيون ۽ ويڇا هي هاڃا ۽ هايون.

ڏسي حال هيڻو، ڪري ڪهل مون تي،

وري مون کي جانب ڏنيون جيءَ ۾ جايون.

چئج ’شڪر الحمد‘ آگي جا ”احمد“،

جي گذريون گهڙيون، سي وري موٽي آيون.

پريتم عباسي

لڳائي نينهن پوءِ رڻ ۾ رُلائڻ ڪم چڱو ناهي،

اسان پارن اٻوجهن کي ستائڻ ڪم چڱو ناهي.

 

رقيبن کي سڏائي دور کان دلدار دل وارا،

هٿن ۾ هٿ ڏئي تن کي گهمائڻ ڪم چڱو ناهي.

 

اچين ٿو خواب ۾ جاني ڦٽائين ننڊ ٿو هردم،

پائي پرتوو پوءِ رُخ لڪائڻ ڪم چڱو ناهي.

 

لڪائج حسن جو جلوو لڳي ويندي نظر توکي،

سموهي وار پوءِ واپس ورائڻ ڪم چڱو ناهي.

 

ازل کان ئي ڏکيا آهيون، ڏکائج ڪيم تون ويتر،

ڏکوين کي وري ٻيهر ڏکائڻ ڪم چڱو ناهي.

 

اچي اڏيا اوهان جي شهر ۾ نجھرا ”پريتم“ هئا،

رقيبن جي هٿان تن کي پٽائڻ ڪم چڱو ناهي.

منير سولنگي

اچ ته ڪيون ڪا روح رهاڻ،

ساجن پنهنجو ننگ سُڃاڻ.

ٺاهيان ويٺو ڳايان ويٺو، گيت غزل سڀ تنهنجي ڪاڻ.

آگ لڳائي، تن تڙپائي، تو بن چيٽ سندي چانڊاڻ.

تنهنجي دنيا رنگ رتول، منهنجي دنيا ۾ مانڌاڻ.

جوڀن تنهنجون ڇوليون ماري، ڄڻ ڪا موج ڪئي مهراڻ.

ساھ ۾ سانڍيم يار ”منير“، تنهنجي پيار سندي سُرهاڻ.

عابد مظهر

مون کان ڇا ٿا پڇو،

جو وڻي سو ڪيو.

مون لئه ڪافي آهي، پيا خوش ٿا رهو.

سو آ ڀاڳن ڀريو، جنهن جا سپنا لهو.

جي اٿو جيڻو هتي، ڪجھ ڏيو ڪجھ وٺو.

ڏاڍو خوش ٿو رهان، دوستو دشمنو.

جنهن کي ڄاتم سچو، سو به ڪوڙو ٿيو.

ظرف پنهنجو پنهنجو، منهن کي ڇو ٿا ڍڪيو.

مڙس آهيو ته پوءِ، ڇو ٿا آڻيون مڃو.

شفيع چانڊيو

ٽيڙو

چريون تنهنجو چاءُ

ڄڻ ڪو پن ڇڻ رت ۾

وراڪا ڏئي واءُ-

 

ڪي ڪي شعر امر

سانڍيم ڪري ساهه ۾

جيون جو ثمر-

خليل لاکير

غزل

چمڪين روز ستاري وانگي،

ڳل تي ڪنهن تر ڪاري وانگي.

 

نيڻ کڻي جي ڪنهن ڏي نهارين،

ٿڙڪائين ٿو سياري وانگي.

 

جذبن ۾ ماٺار نه آهي،

برکا جي وسڪاري وانگي.

 

دل ۾ درد جون ڇوليون ڇَڇڪن،

آءٌ اُداس ڪناري وانگي.

 

توکي غيرن سان گڏ ڏسندي،

خون ٿو ڊوڙي پاري وانگي.

 

هيءَ حياتي تنها، تو ريءَ--

جهنگل جي ڪنهن چاري وانگي.

 

رڳ رڳ وئين ٺهڪائي خليل!

ٺاهوڪي ٺاٺاري وانگي.

عزيز ڪنگراڻي

وائي

محبت بنا ٿا نيڻ ٽمن،

اڄ به چنڊ اڪيلو آئين.

ڪيڏو مون ٻاڏايو توکي،

چاهت جا ٿا ڏنگ لڳن. اڄ به چنڊ اڪيلو آئين!

وياڪل وياڪل وايومنڊل،

ٻاڙا ٻاڙا روپ سُجهن. اڄ به چنڊ اڪيلو  آئين!

 

جهيرون جهيرون جيءُ سڄو،

نينهن جا ناوڪ روز چُڀن. اڄ به چنڊ اڪيلو آئين!

 

آڳ ”عزيز“ جي ڪير اُجھائي،

درد جا دل ۾ دود دکن.  اڄ  به  چنڊ  اڪيلو  آئين!

طاهر سنڌي

غزل

مون کي هونئن ته گهڻو وسارين ٿو،

ننڊ ۾ نانءُ پر پڪارين ٿو.

 

پنهنجي در تان ڌڪاري مون کي تون،

مفت مهڻا ڏئي ڇو مارين ٿو.

 

مون کي محفل ۾ جڪ ڏيارڻ لئه،

غير کي ڀر ۾ اڄ ويهارين ٿو.

 

مان به ڄاڻان ٿو روز راتين جو،

هنجون منهنجي ڪري تون هارين ٿو.

 

ماندو ڪنهن جي ڪري رهين ٿو تون،

درد دل ۾ هي ڪنهن جو ڌارين ٿو.

 

ٿوري ڳالهه تي هي ڪري هاڃا،

عمر ضد ۾ ڇو پنهنجي ڳارين ٿو.

 

حال دل جو ڪڏهن ته ڏيندو ڪر،

دور مون کان تون ڪيئن گذارين ٿو.

 

هي به تنهنجو وڏو ڪرم آهي،

روز لگهندي تون منهن ڏيکارين ٿو.

شنڪر ساگر

موٽ کڻي منٺار، ڀري رُت برسات جي.

ڪڪرن ياد ڏياريا، ڪارا تنهنجا وار،

ڀري رت برسات جي.

هڪڙي آئرن هيڪلي، ٻي دکياري ڌار،

ڀري رت برسات جي.

کنوڻين جي کيڪار ۾، پرين تنهنجا پار،

ڀري رت برسات جي.

ڪڏهن مون لاءِ ٿينديون ٻانهون تنهنجون هار،

ڀري رت برسات جي.

اڄ منهنجي انگ انگ مان پلٽيا تو لئه پيار،

ڀري رت برسات جي.

ميرزا ڪاظم رضا بيگ ”ڪاظم“

پرين توکي پرتئون مون پل پل پڪاريو،

سدا ساهه سان توکي ساريو سنڀاريو.

ڪٿي منهنجو آهون ڪٿي ٽهڪ تنهنجا،

هُنن جيءُ جلايو، هنن دل کي ٺاريو.

سوين سور جاڳائي دل ۾ جدائي،

سڄي رات مون کي اٿاريو وهاريو.

ڪٿي ديد تنهنجي ڪٿي نيڻ منهنجا،

ڪيو جادو هُنن ۽ هِنن نير هاريو.

چوان چشم تنهنجا مان جادو يا فتنو،

انهن ئي سمهاريو، انهن ئي اٿاريو.

ٿيو انجام آخر ۾ يڪسان ٻنهي جو،

سکي تو گذاريو، مون گوندر ۾ گهاريو.

تفاوت اهو پاڻ م ئي ته آهي،

سدا بود ۾ تون، مون ڳڻتي ۾ ڳاريو.

رقيبن ۾ ۽ مون ۾ بس فرق هي ٿيو،

هو پنهنجا ڪيا تو، ڪيئي مون کي ڌاريو.

ڀري جام الفت جو ”ڪاظم“ کي ساقي،

هٿن ساڻ پنهنجي اچي اڄ پياريو.

انور ”فگار“ هڪڙو

وڌوا جي مرڪ جهڙي حياتي ٿو گهاريان،

قسمت جي قيد ۾ پيو جيون گذاريان.

 

پنهنجي هينئين جو حال مان ڪنهن کي ٻڌايان،

ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٿو آب مان اکڙين جو هاريان.

 

دانهون دٻائي دل ۾ ۽ سڏڪا سرير ۾،

ڏکڙن جي سيج تي پيو سکڙن کي ساريان.

 

شڪوو ڪريان ٿو تنهنجو مان توسان اهو ته ٻڌ،

توکان سواءِ چئو ٻيو ڪنهن کي پڪاريان.

 

مايا جي ڪاڻ ڪونه ٿو تڙپي ”فگار“ پيو،

ماني ڳڀي جي لاءِ ٿو ويٺو نهاريان

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com