سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-  1987ع

مضمون

صفحو :8

مٿي عرض ڪيو اٿم ته سنڌيءَ ۾ ’ريڊيائي ناٽڪ‘ جي شروعات سن 1955ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي کلڻ سان ٿئي ٿي. تقريرن، فيچرن ۽ موسيقيءَ جي پروگرامن سان گڏ، ضروري سمجھيو ويو هو ته ٻڌندڙن جي تفريح لاءِ ريڊيو تان ناٽڪ به نسر ڪيا وڃن. ريڊيو لاءِ ڪيترن سڄڻن ڊراما لکڻ شروع ڪيا(22). انهن ۾ محترم منظور نقوي سنڌي زبان جو پهريون اديب آهي، جنهن گهڻي وقت تائين اردو تان ترجمو ڪرڻ کان پوءِ سنڌيءَ ۾ اصلوڪا ناٽڪ لکيا ۽ پيش ڪيا.

منظور نقوي ڪيترن ئي موضوعن تي قلم کنيو، جن ۾ عشق ۽ محبت، جاسوسي، سائنس، پراسراريت، شڪار، لوڪ ڪهاڻيون، تاريخي ۽ نيم تاريخي داستان اچي وڃن ٿا. ”شابه“ منظور نقويءَ جي لکيل ناٽڪن مان موضوع جي لحاظ سان هڪ انوکو ناٽڪ آهي. انهيءَ ۾ هڪ اهڙي پيءُ جو ڪردار پيش ڪيو ويو آهي، جيڪو زندگيءَ جي ميدان ۾ پنهنجو سڀڪجھ هارائي ويهي ٿو، ايتريقدر جو سندس پياري ڌيءَ ”شابه“ جيڪا هن لاءِ دنيا ۾ هڪ روشن مناري مثل هئي، اها به اجل جو شڪار ٿي وڃي ٿي، ۽ اهو شخص اڪيلو ۽ تنها رهجي وڃي ٿو. هن جي اڳيان هاڻي اوندهه جا اوڙاهه آهن، ۽ اڪيلائيءَ جا انبار. زندگيءَ جا ظالم هٿ هن کان سڀڪجھ ڦري وٺن ٿا، پر هو زندگيءَ جي اڳيان هٿيار ڦٽا نٿو ڪري. هو نهايت همت ۽ استقلال سان زندگيءَ جو مقابلو ڪندو رهي ٿو.

موضوع جي لحاظ کان، منظور نقوي جو هڪ شاهڪار ناٽڪ ”جيئرو بت“ آهي. انهيءَ ناٽڪ ۾ مڪتي يا نجات جي فلسفي جي اپٽار ڪئي ويئي آهي.

ريڊيو ڊراما جو ٻيو مشهور ليکڪ محترم مراد علي مرزا آهي. مراد علي مرزا جو ريڊيائي ڊرامو ”زنجير“ هڪ سماجي ڊرامو آهي، جنهن ۾ گهرو جيوت جو نقشو پيش ڪيو ويو آهي. هن ڊرامي ۾ هڪ پوڙهي کي ان ڪردار ۾ پيش ڪيو ويو آهي، جو شاديءَ کان پوءِ هڪ پٽ جي پيءُ هوندي به پنهنجي سلڇڻي زال هوندي به، ڪنهن ٻيءَ عورت وٽ اچ وڃ شروع ڪري ٿو ۽ هو رات جو دير تائين ان عورت وٽ رهي، پنهنجي گهر تمام دير سان ايندو آهي. سندس زال سڄيون سڄيون راتيون سندس انتظار ۾ ويهي گذاري ٿي؛ سندس پٽ به انهيءَ انتظار ۾ جاڳندو رهي ٿو ته سندس بابو ايندو ۽ کيس شهزادي واري ڪهاڻي ٻڌائيندو.

هڪ رات هو ڪافي دير سان موٽي ٿو. سندس زال، جا مرس جي عادتن مان هاڻ اچي تنگ ٿي هئي، سا ساڻس جهيڙو ڪري ٿي. هو بکايل آهي ۽ ماني گهري ٿو. سندس زال ڪاوڙ وچان کيس ماني نٿي ڏئي ۽ طعنو ٿي ڏئيس ته هُن رن ماني نه کارايئي؟ مڙس کي غصو ٿو اچي ۽ ڪاوڙ وچان گهر، زال ۽ ننڍڙي پٽ رشيد کي ڇڏي هليو وڃي ٿو. ڪجھ عرصي کان پوءِ اها عورت وفات ڪري وڃي ٿي.

مرزا صاحب هن ڊرامي ۾ ڏيکاري ٿو ته ماڻهو ڪيئن نه دنيا کي دوکو ڏين ٿا. ظاهري طرح ته هو عزت ۽ ناموس جي قبا پهرين دنيا وارن کي ٺڳين ٿا، پو اندر ۾ ٻيا هوندا آهن.

هن ڊرامي ۾ مرزا صاحب ان پوڙهي ۽ سندس پٽ (رشيد) جي وچ ۾ گفتگو مان پنهنجو مقصد ظاهر ڪرايو آهي، جو هن طرح آهي پوڙهو آئون انهي شخص کي پنهنجو پٽ چوندي شرم محسوس ٿو ڪريان، جيڪو پنهنجي عزت ۽ ناموس کي وچ بازار ۾ ٺوڪرون هڻندو ٿو وتي. ڇا توکي انهيءَ ڳالهه جو احساس ٿئي ٿو.

رشيد- (ٽهڪ ڏيندي) توهان کي عزت ۽ ناموس جو سخت احساس آهي، (ٽهڪ ڏئي ٿو). اوهان عزت ۽ ناموس جي قبا پهري دنيا وارن کي ته دوکو ڏيئي سگهو ٿا، پر مون کي فريب نٿا ڏيئي سگهو. منهنجي اکين اڳيان اوهان جي شخصيت هميشه بي نقاب رهندي.

مراد جي ڊرامن ۾ ”قيدخانو“، ”زنجير“، ”چوراهو“، ”اداس پاڇا“، ۽ ”بيگار ڪئمپ“ سماجي ڊراما آهن. انهن ۾ ”زنجير“، ”اداس پاڇا“ ۽ ”بيگار ڪئمپ“ ۾ جدا جدا نفسياتي ۽ سماجي مسئلن کي موضوع ڪري کنيو ويو آهي.

منظور نقويءَ وانگر محترم ممتاز مرزا به هر موضوع تي طبع آزمائي ڪئي آهي. پر تاريخي ۽ نيم تاريخي داستان ۽ جاسوسي موضوع هن جي پسند جا موضوع آهن. ممتاز مرزا سنڌيءَ جو پهريون اديب آهي، جنهن سنڌ جي مشهور تاريخي ڪردارن لاکو ڦلاڻو ۽ دريا خان جي ڪردارن کي ريڊيائي ناٽڪن ۾ پيش ڪيو. سنڌ جي غير معروف لوڪ ڪهاڻي ”پنرو بڊام“ تي به هن ريڊيائي ناٽڪ لکيو.

ممتاز مرزا قوميت جي مسئلي، خاص ڪري سنڌي قوميت واري مسئلي کي گهڻو ڇيڙيو آهي. هن جو ناٽڪ ”واٽون ۽ نيڻ“ هڪ تاريخي ناٽڪ آهي، جنهن ۾ پورچوگيزن جي ٺٽي تي چڙهائي ۽ ٺٽي جي تباهيءَ جي ڪهاڻي پيش ڪيل آهي. اهڙيءَ طرح قومي تاريخي ناٽڪن ۾ ”آخري رات“ ممتاز مرزا جو شاهڪار ناٽڪ آهي. موهن جي دڙي جي تهذيب ۽ تباهي انهيءَ ناٽڪ جو موضوع آهي.

سنڌ جو مشهور افسانه نگار، آغا سليم، ريڊيو لاءِ ”واپسي“، ”روپ ٻهروپ“، ”گلن جهڙا گهاءَ“ ۽ ”گل ڇنو گرنار جو“ ڊراما لکيا. آغا سليم ته صرف هڪ سٺو ۽ مقبول افسانه نويس آهي، پر هو هڪ ڪامياب ناٽڪ نويس به آهي. سندس ناٽڪن جي موضوع ۾ رنگاررنگي سان گڏ خيال جي بلندي پڻ اوج تي هوندي اهي. ”واپسي“ ناٽڪ جو موضوع جنگ جي تباهڪاري آهي. ”روپ ٻهروپ“ ۾ هڪ فنڪار جي ڪردار کي ڏاڍي فنڪارانه انداز سان پيش ڪيو ويو آهي، جيڪو ساري عمر پنهنجي فن جي وسيلي لاتعداد انسانن کي خوشين جا خزانا ڏيندو رهي ٿو، پر هن جي زندگي انهيءَ نعمت کان هميشه خالي ۽ ٺلهي رهي ٿي. احساس جو اهو ايذاءُ هن جي اثرائتي شخصيت کي ڌنڌاڙي ڇڏي ٿو. ”گلن جهڙا گهاءَ“ آغا جو هڪ الميه ناٽڪ آهي. ساڳيءَ طرح ”گل ڇنو گرنار جو“ به هڪ الميه ناٽڪ آهي، جنهن ۾ ٻيجل ۽ راءِ ڏپاچ جي لوڪ ڪهاڻي کي موضوع طور چونڊيو ويو آهي. آغا صاحب جا تاريخي اسٽيج ڊراما سنڌي جي تاريخ ۾ دلچسپي رکندڙن ۾ اتساهه جاڳائين ٿا. هن سنڌ جي ٻن سورمن جي زندگين تي ”دودو چنيسر“ ۽ ”دولھ دريا خان“ نالي ڊراما لکي ڏسندڙن کان داد حاصل ڪيو هو. اهڙيءَ طرح ”تماشو“ ڊرامو طنزيه طرز ۾ لکيل آهي.

آزاديءَ کان پوءِ پيش ڪيل ڊرامن ۾ شاديءَ جو مسئلو به هڪ مسئلو رهيو آهي. هن مسئلي تي مسٽر شوڪت حسين شوري ”فيصلو“ عنوان سان ريڊيو ڊرامو لکيو. هن ڊرامي ۾ شاديءَ جي مسئلي جي ڇنڊڇاڻ سان گڏ هڪ پڙهيل خاندان ۽ اڻپڙهيل خاندان جي ڀاتين جي وچ ۾ ذهني وڇوٽي جو فرق کولي ظاهر ڪيو ويو آهي. ”صالح“ هڪ پڙهيل نوجوان جو ڪردار آهي ۽ ممتاز ان جي پڙهيل ڳڙهيل نوجوان ڀيڻ آهي. تاجي هڪ ڳوٺاڻي ڇوڪري آهي ۽ نورل ڳوٺاڻو ڇوڪرو آهي.

هن ڊرامي ۾ اها ڳالهه واضح طور ڪرڻ جي ڪوشش ڪيل آهي ته اسان جي سنڌي سماج ۾ هڪ پڙهيل ۽ اڻ پڙهيل نوجوان جو زندگيءَ ڏانهن لاڙو بلڪل جدا جدا هوندو آهي. ڊرامي جي آخري ڏيک ۾ پڙهيل ڇوڪري (ممتاز) پنهنجي ڀاءُ صالح کي چوي ٿي ته: ”......... هڪ غلطيءَ کي ٻي غلطي سان ختم نٿو ڪري سگهجي. تنهنجي هن فيصلي سان نه رڳو خود تنهنجو گهر ڦٽي ويندو، پر هي گهر جيڪو هاڻ منهنجو گهر آهي سو به ڦٽي ويندو ۽ آءٌ ڪنهن کي اها اجازت نٿي ڏئي سگهان ته ڪو منهنجو گهر ڦٽائي...)“.

حالانڪه انهيءَ وقت تائين ڇوڪريءَ جي هڪ اڻ پڙهيل ڇوڪري سان حياتي گذاريندي وهه ٿي وڃي ٿي، پوءِ به هوءَ زندگيءَ کي حقيقت جي نگاهن سان ڏسندي، حالتن سان سمجھوتو ڪري ٿي.

علي بابا سنڌ جي جديد ڊراما نگارن ۾ هڪ مڃيل ڊرامه نگار آهي. هن سنڌي سماج ۽ ان جي طبقاتي مسئلن تي گهڻو لکيو آهي. اهڙن مسئلن کي مختلف ڊرامن ۾ واضح طور بيان ڪيو آهي. ”دنگيءَ منجھ دريا“، علي بابا جي اهڙن سماجڪ ۽ طبقاتي فرق ڏيکاريندڙ ڊرامن مان هڪ آهي. 1976ع ۾ جرمنيءَ جي ميونخ شهر ۾ عالمي ٽيليويزن ڊراما فيسٽول ۾ هن ڊرامي يعني ”دنگيءَ جا دريا“ کي ٽيون نمبر انعام مليو هو. اهو ڊرامو نيشنل سرڪٽ تي ٽيليڪاسٽ ٿيل پهريون سنڌي ڊرامو آهي. هارين کان پوءِ سنڌ جي هڪ وڏي پورهيت طبقي يعني مهاڻن جو هن ڊرامي ۾ امٽ چٽ آهي. هن ڊرامي ۾ ڪشمور کان ڪيٽي بندر تائين ڦهليل اجهاڳ دريائي جيون جو نقشو آهي. هن ڊرامي ۾ سنڌي سماج جي هڪ خاص طبقي مهاڻن ۽ درياء تي گذران ڪندڙن جي ٻولي، مزاج ۽ اٿڻي ويهڻي، طور طريقن کي جيئن جو تيئن پيش ڪيو ويو آهي. هي سنڌي ٻولي جي نمائنده ڊرامن مان هڪ بهترين ڊرامو آهي.

ٽي. وي. ڊرامن ۾ سنڌ جي سماجي مسئلن جي اياز عالم ابڙي به سٺي نشاندهي ڪئي آهي. هن جو ڊرامو ”ڏات جي ڏيهه ۾“، اهڙن ڊرامن مان هڪ آهي. هن ڊرامي ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته اسان جي معاشري ۾ جتي جميل جهڙا سيٺيا، اڪبر جهڙا خودغرض دوست ۽ ارشد جهڙا ڪروڌي ايديٽر آهن، اتي ساگر لطيف جهڙا اڏول ليکڪ به آهن. هن ڊرامي ۾ ڏيکاريل آهي ته هن سماج ۾ فن کي پنهنجي زندگي ارپڻ جي باوجود، ليکڪ کي اجوري ۾ بک ۽ بيروزگاري ئي پلئه پوي ٿي. ڪهاڻيون، ليکڪ (ساگر لطيف) جي پٽ کي ڪاليج ۾ داخلا نٿيون وڍي ڏئي سگهن. ناول هن جي ڌيءَ جميله لاءِ دوا نٿا بڻجي سگهن، ۽ هڪ حساس ليکڪ اهو سڀڪجھ پسي جهڄي جهري ٿو پوي.

قمر شهباز به سماجي مسئلن تي لکيو آهي. هن هڪ پراڻي انوکي ۽ سماجي موضوع ڊرامائي شڪل ڏني آهي. ”ڪاري“ عنوان واري ڊرامي ۾ سنڌ جي هڪ مثالي وڏيري جي ذهنيت ڏيکاريل آهي ۽ وڏيرو غريب ڪڙميءَ جي عزت تي وار ڪرڻ کان پوءِ ان جي ڌيءَ جنت کي ”ڪاري“ مشهور ڪرائي، پنهنجي ڪوٽ ۾ رکي ٿو. سبب ٿو ٻڌائي ته اها صدين جي رسم آهي يعني ”ڪاري، (جنت) سندس سام آهي. نيٺ جنت (ڪاري) ماڙيءَ تان ٽپ ڏيئي هيٺ ڪِري ٿي ۽ مري وڃي ٿي، پر وڏيري جي حوليءَ جي زينت بنجي نٿر رهڻ چاهي.

اسان جي سماج ۾ صدين کان رواج آهي ته ”ڪاري“ سان ڪو به رشتو ناتو نه هوندو آهي، ۽ ڪاريءَ جي سزا موت هوندي آهي. انهن رسمن جي آڌار تي وڏيرو ظلم ڪرڻ جر جرئت ڪري ٿو. هي ڊرامو سنڌ جي وڏيرڪي ماحول جي چٽي تصوير آهي.

امر جليل سنڌ جو هڪ مشهور افسانه نگار، ڪالم نگار ۽ ڊراما نگار آهي. هن پنهنجن افسانن ۾ سنڌ جي سماجي تاريخ ڀري ڇڏي آهي. هن بهترين ڊراما لکيا آهن. هن جي ڊرامن ۾ سنڌي جر روزمرهه جي مسئلن کي موضوع طور پيش ڪيو ويو آهي. اهڙن مسئلن مان هڪ مسئلو آهي نوجوان جوڙن جو پاڻ ۾ پيار ۽ پوءِ انهيءَ پيار جي واري جذبي جو جڏهن والدين قدر نه ڪندا آهن، تڏهن ڇوڪري پنهنجي محبوب سان گهر ڇڏي نڪري ويندي آهي. پر هن ڊرامي ۾ امر جليل ڪجهه ٻي راهه ورتي آهي.

هن ڊرامي ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته يونيورسٽيءَ ۾ نوجوان ڇوڪرو (مقصود) هڪ ڇوڪريءَ (روزيءَ) سان محبت ڪري ٿو. ڇوڪريءَ جا ماءُ پيءُ شاديءَ لاءِ راضي نه ٿا ٿين. مقصود، روزي (ڇوڪريءَ) کي ساڻس ڀڄي هلڻ لاءِ زور ڀري ٿو، پر ڇوڪري چويس ٿي ته ”مان جوانيءَ جو عذاب برداشت ڪنديس. مان تنهنجي لاءِ زهر کائي مرڻ لاءِ تيار آهيان، پر توسان ڀڄي نه هلنديس.“ مقصود روزيءَ کان ناراض ٿي واپس گهر اچي ٿو. ماڻس ٻڌائيس ٿي ته هن جي پيءُ کي دل جو دورو پيو آهي ۽ کيس سندس ڀيڻ جو خط ڏيکاري ٿي ته تنهنجي ڀيڻ قادر سائيڪل واري سان ڀڄي ويئي آهي.

هن ڊرامي جي خاص ڳالهه هيءَ آهي ته سماج جي دائرن ۾ رهندي، هڪ نوجوان اها ڳالھ برداشت نه ٿو ڪري سگهي ته هن جي ڀيڻ ڪنهن سان ڀڄي وڃي، پر پاڻ چاهي ٿو ته ته سندس محبوبه ماءُ پيءُ جي عزت جي پرواھ نه ڪري ۽ پنهجو گهر ڇڏي ساڻس ڀڄي هلي.

اسان جي ٿاريلي اديب محترم عبدالقادر جوڻيجي، جنهن پنهنجن افسانن ۾ ڳوٺاڻن گهرو مسئلن کي پيش ڪيو آهي، تنهن پنهنجن ڊرامن ۾ پڻ گهرو ۽ سماجي مسئلن کي موضوع بنايو آهي. هن جو هڪ ٽي. وي ڊرامو ”جانچ“ جي نالي سان نشر ٿيو هو. هن ڊرامي ۾ پوليس جي سوشيالاجي ڏنل آهي؛ جنهن ۾ اهو ڄاڻايل آهي ته هڪ جهونو جمعدار ڪيس جي سڄي جانچ ڪيئن ٿو ڪري ۽ مختلف طبقن جي مختلف ماڻهن سان ڪهڙو ورتاءُ ٿو ڪري. هن ۾ ڏوهه سان لاڳاپيل سماجي روين جو ذڪر ٿيل آهي.

جوڻيجي صاحب جو ٻيو مشهور ڊرامو آهي ”ويندڙ وهي“. هن ڊرامي ۾ هڪ سنڌي گهر ڏيکاريل آهي، جنهن ۾ گهر جي مک ڀاتيءَ کي پوڙهي ٿيڻ ۽ ناڪاري ٿيڻ جو احساس تنگ ٿو ڪري. ان احساس کان نٽائڻ لاءِ هو عجيب وغريب حرڪتون ٿو ڪري، جيئن سندس حيثيت ۽ وجود کي تسليم ڪيو وڃي. هن ڊرامي ۾ هڪ پوري گهر جي ڀاتين جو هڪ ٻئي ڏانهن سماجي روين جو ذڪر ٿيل آهي. خصوصي طور تي زال مڙس ۽ پيءُ پٽ جا سماجي ناتا آهن.

عبدالقادر جوڻيجي جون ٽيون اهم سماجي ريڊيو ڊرامو آهي ”واٽون واٽن جهڙيون.“ هن ڊرامي ۾ سڱابندي، جوا ۽ رومانس جي مسئلن جي اپٽار ڪيل آهي، جنهن مان خبر پوي ٿي ته سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي سماج ۾ سڱابندي ڪيئن ڪئي ويندي آهي ۽ جوا سبب سماج ۾ ڪهڙيون خرابيون پيدا ٿينديون آهن.

مرحوم نسيم احمد کرل جي نالي کان ڪير واقف نه آهي. هن جا افسانا سنڌي سماج جو آئينو آهن. سندس هڪ ڪهاڻي ”پهرين مراد“ کي ڊرامائي صورت ۾ ٽي- وي تان نشر ڪيو ويو هو. هونئن به سنڌيءَ جي ٻين ڪيترن ئي بهترين ڪهاڻين کي ڊرامائي روپ ڏيئي ٽي- وي تان پيش ڪيو ويو آهي. نسيم کرل جي هن ڪهاڻي کي محترم علي بابا ڊرامائي روپ ڏنو آهي. هن ڊرامي ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي سماج ۾ هڪ عام ڳوٺاڻي وٽ ڪي دوست مهمان ٿي اچن ٿا. مانيءَ مهل کير جي قلت سبب هو حجت ڪري ميزبان کي طعنو ٿا ڏين ته پٽهين جهڙو ٿيو تهڙو نه ٿيو. چوري ڪري اچي ها، تڏهن به تو وٽ کير جي کوٽ نه هجي ها. پٽ جي موٽي واپس اچڻ تي پيءُ (عنايت) پنهنجي پٽ (ماڻڪ) کي سربستي ڳالهه ٻڌائي ٿو. پٽ خارن مان، ان آيل مهمان ۽ سندس پيءُ جي گهاٽي دوست سنجر جي مينهن چوري ڪري اچي ٿو. سنجر ۽ ساٿي اچي ٿا عنايت ۽ ماڻڪ جي اوطاق تي ڪڙڪن، پر ماڻڪ پهرين مراد (پهرين چوري) ڪنهن به قيمت تي واپس نٿو ڪري. هن ڊرامي مان هڪ اهڙي سماجي مسئلي جي باري ۾ خبر پوي ٿي ته جنهن جا ثبوت موهن جي دڙي جي تهذيب ۾ به ملن ٿا. سنڌ ۾ خاص طور ٻهراڙين ۾ چوري ڪري مال کائي کپائي ڇڏڻ مڙس ماڻهوءَ جي علامت آهي. ڪنهن نوجوان پٽڪي ور ٻڌڻ کان پوءِ جيڪڏهن ڪا چوري نه ڪئي ۽ چوري ڪيل مال ڳارڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو ته ان کي مڙس ماڻهو نه سمجھيو ويندو آهي. چورن ۾ به وري طبقا آهن. هڪڙا بشني يعني ڳنڍيڇوڙ، ٻيا ٻڪرين جا چور، ٽيان مال جا چور، چوٿان کاٽ هڻندڙ ۽ پنجان ڌاڙا هڻندڙ ڊاڪو ۽ رهزن. آخري طبقي وارا ٻين چورن جي نظر ۾ عظمت وارا ليکيا ويندا آهن. هن ڊرامي ۾ اهو ڏيکاريل آهي ته ماڻڪ جوان اچي ٿيو آهي، پر چوري ڪرڻ نه سکيو آهي، ته اهو جوان وري ڪهڙو!

سليم جماليءَ به پنهنجن ڊرامن ۾ سماجي موضوعن کي چڱيءَ طرح نباهيو آهي. هن جي هڪ ڪهاڻي ”پاڙي ناهه پروڙ“ جي عنوان سان سماهي مهراڻ (2-1979ع) ۾ بادل جمالي جي نالي سان شايع ٿي هئي. انهيءَ ڪهاڻيءَ کي ڊرامائي رنگ ڏيئي ٽي. وي. تان نشر ڪيو ويو هو. هن ڊرامي ۾ هڪ ننڍڙي دڪاندار جي زندگيءَ جو نقش چٽيل آهي، جيڪو حالتن جي هٿن کان مجبور ٿي وڃي ٿو. آخر مٿس اهڙو وقت به ٿو اچي جو گڏ گهمندڙ ۽ کانئس اوڌر کڻندڙ به کيس پنيو به ڪونه ٿا ڏين، نه صرف ايترو پر طعنا تنڪا به ٿا ڏينس. عيد جي رات زال مڙس ۽ پٽ فاقي ۾ گذارين ٿا. ننڍڙو پٽ (منو) مجبوريءَ جي نتيجي ۾ پيءُ جي روبرو ماءُ کي چوي ٿو: ”اما بابا جڏهن مري ويندو، پوءِ ماڻهو اسان کي خيرات ڏيندا.“ اهو ٻڌي ماءُ سوني زور سان پٽ جي ڳل تي چماٽ وهائي ڪڍي ٿي. منوءَ جي وات مان اڻڀو گرھ ڪري ٿو پوي، پوءِ هو ڳل مهٽيندي روئڻ ۾ ٻڏي ٿو وڃي. پاسي ۾ ويٺل جعفر (منوءَ جو پيءُ ۽ سونيءَ جو مڙس) منوءَ کي ڏسي سڏڪو ڀري، منهن گوڏن ۾ هڻي ٿو ڇڏي. سونيءَ جي مامتا جو جذبو اُٿلي ٿو پوي ۽ هڪدم روئي ٿي پوي. هن ڊرامي جو بنياد معاشي حالتن ۽ هن سماج جي نفسياتي تجزئي تي ٻڌل آهي.

يوسف شاهين واپاري، ليکڪ، ايڊيٽر ۽ شاعر آهي. هن مختلف صنفن ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي. هن جو هڪ ڊرامو ”مونجھاري جو ماڳ“ جي عنوان سان پيش ٿيو هو. هن ڊرامي ۾ سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي هڪ روايتي قسم جي خاندان جو نقش چٽيل آهي. انهيءَ مان هڪ وڏيري جي ذهنيت ۽ ڪمدار جي ڪردار ۽ غريب هارين جي حالت بابت خبر پوي ٿي. وڏيري جا پٽ ته اعليٰ تعليم حاصل ڪن ٿا، پر هو ڌيئرن کي تعليم نٿو ڏياري، اڻ پڙهيل رهن ٿيون. اڻ پڙهيل ڇوڪرين جي شادي جو مسئلو پيدا ٿئي ٿو. هن ڊرامي جو بنياد سماج جي انهن تضادن تي ٻڌل آهي.

اهڙي طرح آزادي کان پوءِ ريڊيو، ٽي. وي. ۽ اسٽيج تان ڪيترائي ڊراما پيش ٿيا، جن ۾ سنڌي سماج جي روزانه زندگيءَ جا ڪئين مسئلا موضوع طور پيش ڪيا ويا آهن، جن جو تفصيل ڏيڻ سان هي مقالو طويل ٿي ويندو.

مناسب ٿيندو ته هن موضوع تي ڪا تحقيق ٿئي. مجوزه تحقيق سنڌ جي سماجي تاريخ م دلچسپي رکندڙن لاءِ رهنما ثابت ٿيندي. هيٺ انهن ڊرامن مان ڪن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا، جيڪي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي لائبرريءَ ۾ هٿ ڪري رکيا ويا هئا. مناسب ٿيندو ته ريڊيو ۽ ٽي. وي. تان ٻيا به اسڪرپٽ هٿ ڪري محفوظ ڪيا وڃن. في الحال ڪن ٿورن ڊرامن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا:

ڊراما نگار              ٽي. وي. ڊرامي جو نالو

آغا سليم              1. پاگل خانو

2. چانڊوڪيءَ جو زهر (ٻه قسطون)

3. خواب جو سورج

4. تماشو

5. پاس ناپاس

6. پرھ جا مسافر

7. ٽيليفون

8. بري هن ڀنڀور ۾

9. سک جي وستي

امر جليل               1. اوندهه ۽ روشني

2. شڪست کان پوءِ (ٻه قسطون)

3. ماءُ

4. ناٽڪ

اياز عالم ابڙو          1. ڏات جي ڏيهه ۾

2. گهايل مرڪ

3. نينهن جا ناتا

اياز قادري              1. سامين ثمير سور

درمحمد پٺاڻ          1. اونداهيءَ جا اولڙا

زرينه بلوچ             1. ليلا مليس ڪنوار

زيڊ. اي. شيخ          1. روح ۽ رڃ

سليم جمالي          1. پاڙي ناھ پروڙ

شمشير الحيدري      1. عيد پارٽي

                        2. ٺاھ

                        3. پلٽڻ

                        4. علاج

شوڪت شورو          1. احساس

2. اڌ مڙهيل سئيٽر

3. ديوار

4. ڌرتيءَ جا تارا

طارق عالم ابڙو        1. چنڊ رهين ٿو دور

عبدالڪريم بلوچ      1. روح جا رشتا

                        2. ڪاش ائين هجي

                        3. جوڳي تي جڙاءُ

                        4. پرچائڻ وارو

                        5. بئنسر ادل جي

                        6. مهمان

عبدالقادر جوڻيجو      1. گردش

                        2. ويندڙ وهي

3. ڳولا

4. ڀنگ

مون ۾ آهين تون

علي بابا               1. روشن تارا

2. پرين ۽ پيچرا (ست قسطون)

3. سؤ رپيا نوٽ ماڻهو

4. چنڊ ۽ ماني

5. هي جيون هي سپنا

6. منو

7. لهرون لس ليٽ

8. دنگي منجھ دريا

9. روپ ٻهروپ

علي محمد مجروح    1. ڪڏههن ائين به ٿئي ٿو

2. رستا ۽ راهي

3. ٿانَ جي شوخائي

فاروق سولنگي         1. ايڪسري (ڊرامائي تشڪيل: ڪيهر شوڪت)

ڪيهر شوڪت         1. گُهٽ

قاضي خادم           1. وصيت نامو

2. ٻه واٽون

3. شڪست

4. منزلون ۽ مسافر

5. موت ۽ فاصلو

قمر شهباز             1. انٽرويو

2. پاڇي جي تلاش

3. پنهل کان پوءِ

4. پاڇا ۽ پڙلا

5. شڪست

6. ڪنگلو

7. ڪاري

8. واريءَ سندو ڪوٽ

9. دادلو

10. ٻه ۽ ٻه- ٻاويهه (مزاحيه ڊرامو)

ماڻڪ                  1. آيل ڙي اولاڻا

مراد علي مرزا          1. ناسور

2. گنهگار

3. اداس پاڇا

4. اجرو من

5. سين هنيائون سڃ ۾

6. ڪهاڙو ۽ ڪنڌ

7. زخم زندگيءَ جا

8. آئينو

مشتاق سومرو         1. نتيجو              

منظور قريشي         1. لڙڪ لڙڪ زنجير (ٻه قسطون)

منير احمد چانڊيو      1. سوداگر

ممتاز مرزا             1. ستارن بنا رات

2. اندر جنين جو اڌ

3. سچائيءَ جو عڪس

نسيم احمد کرل       1. پهرين مراد (ڊرامائي روپ: علي بابا)

نور گهلو               1. روشني

آغا نادر                1. روشنيءَ جي تلاش

ارشاد قمر              1. سچ جنهين جو سير (مزاحيه ڊرامو)

اسماعيل بن واصف   1. سڌين سيڻ نه هون

امير صديقي           1. انسپيڪشن بنگلو

امير علي               1. آخري قسط

ايوب سرحدي          1. درد جا پاڇا

بانو قدسيه             1. سرءُ جو پن (مترجم: ممتاز مرزا)

سعيده ميمڻ          1. زخم زندگيءَ جا

شاهد ڪاظمي         1. سود ۽ ساهه

شاهد ڪاظمي/

نواز علي شوق 1. سوجهرو

عبدالحق ابڙو          1. دانا ديونا (ٻه قسطون)

غلام نبي مغل                1. شيشي جو گهر

   (ڊرامائي روپ: علي بابا)

فيض محمد ٻگهيو   1. جيئن ڪارڻ جيڏيون

2. ڪانڀو

مرزا قليچ بيگ (مترجم)

1. ليکڪ: گوگول.

   پيشڪش: عبدالڪريم بلوچ

2. انڪوائري آفيسر

3. زينت (ست قسطون) ڊرامائي روپ: شمشير الحيدري

4. گلن واري ڇوڪري (ٻه قسطون) ڊرامائي روپ: علي بابا

مرزا نادر بيگ         1. فيصلو (ڊرامائي روپ: ممتاز مرزا)

مهتاب محبوب               1. روئي ڏنو رات

2. سيڻ ڏيڻ

3. بليٽن

4. لالڻ

ناصر مورائي           1. داءُ

يوسف شاهين          1. مونجهارن جو ماڳ

اهڙيءَ طرح سنڌي ڊرامن جي روشنيءَ ۾ سنڌي سماج جو مطالعو هڪ اهم موضوع آهي جنهن تي تحقيق ڪرڻ جي گهڻي ضرورت آهي. مناسب ٿيندو ته هي ڪم سوشيالاجي شعبي جو ڪو اهڙو استاد ڪري، جيڪو سنڌي ادب سان دلچسپي رکندو هجي ۽ محنت به ڪري سگهي.

مددي ڪتاب

(1)              Lambrick, H.T. “History of Sind”.

(2)             Ibid.

(3)             John Marshal, “Mohen Jo Daro”.

(4)             Ibid.

(5)              منگهارام ملڪاڻي: ”سنڌي نثر جي تاريخ“، حيدرآباد، زيب ادبي مرڪز 1977ع ص 20.

(6)             ايضاً، ص 155.

(7)             ايضاً، ص 125.

(8)             ايضاً، ص 153.

(9)             ايضاً، ص

(10)         ايضاً، ص

(11)          ايضاً، ص 119.

(12)         ايضاً، ص

(13)         ايضاً، ص 127.

(14)         ڊاڪٽر غلام علي الانا: ”سنڌي نثر جي تاريخ“، حيدرآباد، زيب ادبي مرڪز.

(15)          ايضاً،

(16)         حوالو 5، ص 161.

(17)         محمد اسماعيل عرساڻي: ”بدنصيب ٿري“، ٻيو ڇاپو، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو.

(18)         حوالو 5، ص 190.

(19)         سماهي مهراڻ.

(20)        حوالو 5، ص 192.

(21)         ايضاً، ص 199.

(22)   مراد علي مرزا: ”سنڌيءَ ۾ ريڊيائي ناٽڪ“، هڪ مختصر جائزو، ماهوار نئين زندگي، جنوري 1968ع، ص ص 65-66 ۽ 73.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com