سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1962ع (3)

 

صفحو :6

نسيم کرل

 

ڀُتُ[1]

 

هن پهروين اٿي ڪوٺيءَ جو دروازو بند ڪيو، جيئن ڀر واري ڪوٺيءَ ۾ سمهيل ڀاڻس ڳالهائڻ تي اٿي نه اچي. پوءِ الماري کولي ان مان هڪ ڳاڙهو چلڪڻو پئڪيٽ ڪڍيو. پئڪيٽ صاف هو، مٿس مٽي جي دز به ڪانه هئي، مگر ان جي باوجدو بوٽن جي دوڪاندار وانگر اشهد آڱر سان ٺڪ ٺڪ ڪري هن رومال سان اگهڻ مناسب سمجهيو_ ان وچ ۾ مان ننڍڙي ٻار جيان وات ڦاڙيو ڏانهس ڏسندو رهيس.

”ڏس يَر“ هن وڏائي سان مون ڏي نهاريو. ”هن پئڪيٽ ۾ توکي هتان جي انهن سڀني سهڻين ڇوڪرين جا فوٽا لڀندا جن جو هن وقت تائين مون سان لاڳاپو رهيو آهي. گهڻو ڪري سڀئي وڏ گهراڻيون آهن. زندگي ۾ پهريون ڀيرو توکي ئي پيو ڏيکاريان، کڻ قرآن جو قسم ته ڪنهن کي ڪونه ٻڌائيندين؟“

”ها“، مان الائي ڇو ها کان وڌيڪ ڪجهه چئي نهس گهيس.

”ڇڙي ها مان ڪجهه ڪونه ملندو، آول ڪو ڀلو سائين به وچ ۾ هجي.“

ننڍي هوندي ڪو ڪن ڦاڙ جوڳي نانگ کڻي ايندو هو ته ويڙهي جا سڀ ٻار سندس چوڌاري ميڙ ٺاهي بيهندا هئاسين. نانگ ڏيکارڻ کان اڳ، جي هو مرلي وڄائڻ يا ٻڌائڻ۾ ته هن اهو نانگ ڪٿان پڪڙيو ۽ ڪيترو مدو پيل آهي، گيسر ڪندو هو ته اسان کي جڪ پيا ايندا هئا. اسان جي دل رڳو چوندي هئي ته هو سڀ ڳالهيون پوءِ تي رکي، پنهنجي ڪانن واري ڇٻي جو ڍڪ مٿي ڪري ته ڏسون: ڪاريهر آهي يا ڪنڀارو_ سندس ان اجائيءَ گيسر تي به اوتري ئي خار آئي مگر خار پي، تڙ تڪڙ ۾ قسم کنيم جيئن وڌيڪ ڪا دير نه ڪري.

جيئن ڪو پاڪ ڪتاب کولبو آهي تيئن هن آهستي پئڪيٽ کولي، ان مان هڪ فوٽو ڪڍيو. هن عجيب نظرن سان فوٽي کي ڏسندي، ٿڌو شوڪارو ڀريندي، فوٽو مون کي ڏنو ۽ چيو ”اها چمپا اٿئي“_ مان چمپا کي ڏسڻ لڳس، فوٽو تڪڙ ۾ ڪڍيل پئي نظر آيو. سندس کاٻي هٿ ۾ ڪتاب هئا، جن کي سيني سان لايو شايد اسڪول ڏانهن پئي وئي. ڪپڙن لٽن مان ڊيسنٽ واڻياڻي پئي لڳي. مان سندس سهڻن مهانڊن کي ڏسڻ لڳس ۽ هو مون کي هن بابت بڌائڻ لڳو. ”گڙنگ سيٺ جي ڌيءَ هئي ۽ واڻڪي اسڪول ۾ پڙهندي هئي. هڪ ڏينهن کيس اسڪول ويندي ڏٺم، دل کي الائي ڇا ٿي ويو_ کيس ڏسڻ بنا آرام ئي ڪونه ايندو هو. پوءِ اهو نيم ڪري ڇڏيم ته جڏهن هوءَ ڪتاب کڻي اسڪول ويندي هئي ته مان به سندس ڪڍ لڳندو هوس. کيس سندس اسڪول ڇڏي پوءِ پنهنجي ڪلاس ۾ اچي ويهندو هوس. ائين ڪندي مهينو کن گذري ويو. هڪ ڏينهن کٽي ٿي کڻي_ ڇا ٿو ڪيان جو هڪ وڏو خط لکي سندس اسڪول جي ائڊريس تي روانو ڪري ڇڏيم. بيوقوفي سببان پنهنجي سموري ائڊريس به لکي ڇڏيم، جيئن جواب ڏيڻ ۾ کيس ڪا تڪليف نه اچي ان ڏينهن هوءَ اسڪول ۾ نه آئي ۽ سندس خط ماسترياڻي کوليو. پوءِ ته يار، ممڻ مچي ويو. ماسترياڻي اهو خط سڌو اسان جي پرنسپال ڏانهن موڪليو، پرنسپال به هو هندو، تنهن کي اچي ڌرم جي لڳي. ٻي ڏينهن اسان ڪلاس ۾ جاميٽري پئي ڪئي، جو پٽيوالو من کي سڏڻ آيو. آفيس ۾ لنگهيم ته نيٽي لڪڻ سان وٺي ويو. منٽن ۾ اينگلون ۽ ٽرينگلون بت تي ٺاهي ڇڏيائين. هڪ جو نشان ته اڃا پٺيءَ تي هوندو.“ هن قميص مٿي ڪري پنهنجي پٺي مون ڏي ڪئي، مان سندس ڪاري پٺيءَ کي چڱي طرح جاچي، کيس ٻڌايو ته هينئر اتي نشان ڪونه هو.

 

”نير ڊهي ويو هوندو، ڏينهن به ڳپل ٿيا اٿس.“

 

”پوءِ“، ٿوري دير کان پوءِ مان کانئس پڇيو.

”پوءِ ڇا، ويئي امام دي فوج نال ڳنڍجي“.

”اهو ڪيئن؟“ منهنجو عجب ۾ وات ڦاٽي ويو.

”ڪيئن وري ڪيئن! پوءِ ته ڳالهه رهندو سهنجي ٿي پئي. هڪ ڏينهن جيئن اسڪول پئي وئي تيئن اشاور ڪري اندر وٺي آيومانس. کيس اڳي ئي ان ڳالهه جي ٿوري خبر پئجي چڪي هئي، ويتر جو کيس ڏنا ڏيکاريم ته جنسي روئي پئي. پنهنجو ٿاڪ مچي ويو. اسڪول ايندي ويندي، ڪلاڪ کن مون وٽ اچي ويهندي هئي، ڏاڍا قرب ونڍي کيس موڪل ڏيندو هوس. ٻٽي مهينا کن ائين هلو هليو. ٿورو ڪڪ ٿين لڳو هوم ته هي ورهاڱو ٿي ويو ۽ هو هندستان هليا ويا.“ ٿوري دير ماٺ م رهي هن وري چيو ”ڏاڍي ٺاهوڪي هئي، مان جڏهن سندس بت کي هٿ لائيندو هوس ته ائين سمجهندو هوس ته انساني چمڙي تي نه پر اصلي جاپاني پٽ تي هٿڙا گهمائي رهوي آهيان. هاءِ هاءِ“.

هن پئڪيٽ مان ٻيو فوٽو ڪڍي مون کي ڏنو، مان فوٽي کي ڏسڻ لڳس. هڪگهريلو قسم جي ڇوڪري نماڻائي سان ٿنڀي کي ٽيڪ ڏيو بيٺي هئي. وصفن ۾ واهه جو نمڪ هئس. مان دل ۾ کيس ساراهڻ لڳس ۽ هن پنهنجو بيان جار يڪيو ”هن جو نالو ”ممتاز“ هو. هن جي خنادان سان اسان اج گهرا تعلقات ها. ٻارين ٻچين اچڻ وڃڻ هوندو هو. مون کي به اچڻ وڃڻ کان ڪا روڪ ڪانه هوندي هئي. اها ڳالهه ٻي هئي ته ”چمپا“ جي وڃڻ کان اڳ، مان سندس گهر ٿورو ويندو هوم ۽ پوءِ گهڙي گهڙي سڪ لڳندي هئي. انهن ڏينهن ۾ دماغ شريف ۾ به عقل ذرو آندو هوم. پنهنجي جهوپڙي هيٺان صاف پاڻي هوندي پري ٻئي هنڌ وڃي اڃ لاهڻ به سياڻپ ڪانه هئي. تنهنڪري ’اول خويش ۽ پوءِ درويش‘ جي قول کي ياد ڪندي، ٻيا پاسا ڪجهه وقت لاءِ ڇڏي، پنهنجي ممتاز ۾ ئي نظرون کپايم. روز صبوح سام جو وٽ سوڃڻ لڳس، ڪڏهن ڪنهن بهاني ته ڪڏهن ڪنهن بهاني. گهريلو ڇوڪري معنيٰ گونگو پاڻي، جيئن ڪو ڀؤ ڪري تيئن ٻڌي: سو هڪ ڏينهن همٿ ڪري کيس سڀ ڪجهه چئي ڏنم. دل ۾ پوڻا سورنهن آنا پڪ هيم ته جواب سريلو ملندم. ٿيو به ائين، ٻه_ ٽي ڏينهن ئي نه گذري اهئا ته نيري لفافي اچي ٺڪاءُ ڪيو. دل کي بهاري اچي وئي. ان وقت ئي سندس مهرباني مڃڻ لاءِ ڏانهس ويم. مون کي ڏسي سندس سهڻيون اکڙيون هيٺ جهڪي ويون ۽ سندس مکڙي تي حياءَ کان لالاڻ اچي وئي. پر پاڻ کي ائين خالي خولي عشق ڀانءِ نه پوندو آهي ۽ وجهه تاڙڻ لڳس. هڪ ڏينهن جڏهن سندس گهر جا ڀاتي ٻاهر ويل هئا ته مان وٽس پهچي ويم ۽ ان ڏينهن ئي کيس ”سوٽ“ بڻائي ڇڏيم.“

 

”هينئر ڪٿي آ؟“ مان کانئس پڇيو.

 

”اتي ڀرسان ئي، پر اڄ ڪلهه وٽس ڪونه وڃان“.

”ڇو؟“

”پاڻ کي پاروٿا مال نه وڻن، اسان تازن مالن جا شوقين آهيون.“ هو کلڻ لڳو ۽ مان به ڏند ٽيڙي کلڻ لڳس.

هن ٽيون فوٽو ڪڍي مون کي ڏنو. ڏسي بت مان سيراٽيون نڪري ويون. حسن جي راڻي، سائڪي به هن کان ڇا سهڻي هوندي. ڪپڙن هوندي به ڪنهن عظيم سنگتراش جو اگهاڙو بت پئي لڳي. سندس سهڻا سهڻا نقش ڏسي قدرت جي ڪاريگري جي ڪمال کي مڃڻو پئي پيو.

”ڪير آ هيءَ؟“ مان ڌڙڪندر دل سان کانئس پڇيو.

”هن بابت نه پڇ“ هو مشڪڻ لڳو. سندس نگاهن ۾ اهڙي چمڪ هئي جا صرف نخوت وقت پيد اٿيندي آهي.

”نيٺ به.“

”خان صاحب نور حسين خان جي ڌيءَ آهي، نالو اٿس نوري.“

”آهي به نور.“

مان کيس ماٺ ڏسي ڏانهس ڏٺو ۽ اکين ئي اکين ۾ ايلاز ڪيا. هن ڪنڌ ڌوڻي نوري جي ڳالهه شروع ڪئي.

”انهن ڏينهن ۾ مان بي_اي جي ٽئين سال ۾ پڙهندو هوس جو هوءَ به ڪاليج ۾ داخل ٿي، مان ته کيس ڏسندي ئي چريو ٿي پيس. پنهنجو ڪلاس ڇڏي سڄو ڏينهن هن جي ڪلاس جا چڪر پيو هڻندو هوس. پنهنجي ڪلاس ۾ هجي ها ته ڳالهائڻ جو موقع به ملي ها، پر هوءَ ته مون کان هڪ سال هيٺ هئي. دل ۾ سوچيم ته فلاڻا، جي هن گل جو واس وٺڻو اٿئي ته فيل ٿي، هڪ سال. اهو سال امتحان ۾ نه ويٺس ۽ ٻي سال هو به اچي پاڻ سان گڏ ٿي. پوءِ ته نوٽس ۽ ڪتابن جي بهاني هڪٻئي سان ڳالهائڻ پيو ٿيندو هو. ڪاليج ۾ مان مکيه شاگردن مان هڪ هئس، ڇا راندين ۾، ڇا ٻين ڳالهين ۾. منهنجي ان قابليتن کي ڏسي روز بروز منهنجي ويجهو پوندي ويئي. هڪ ڏينهن، خالي پيرڊ ۾ ٻئي لان ۾ گهمي رهيا هئاسين ته ڳالهين ڳالهين ۾ هن ٻڌايو ته، شايد هن سال کان پوءِ هوءَ نه پڙهي. سندس اها ڳالهه ٻڌي مان کيس ڪو جواب نه ڏنو ۽ ڀرسان پيل بئنچ تي ڪنڌ جهڪائي ماٺ ڪري ويهي رهيس.“

”ڇو ماٺ ڪري وئين؟“ هوءَ به ڀرسان اچي ويهي رهي.

”ائين ئي.“ مان کيس ڪجهه نه ٻڌايو، خيال ڪيم ته ڀلي ڪجهه زور ڀري.“

”ٻڌاءِ نه؟“ هن ڀيري، هن ڪجهه اهڙي نموني ۾ پڇيو ڄڻ هن کي منهنجي هر ڳالهه تي هڪ قسم جو حق هو.“

”اهڙو وارو ته ملي. هڪدم پنهنجي پيار جو اظهار ڪيومانس. اڳئين سال امتحان ۾ نه ويهڻ جي به حقيت ٻڌائي مانس ڏٺم ته سندس اکيون آليون ٿي ويون. هن ٿوري دير سوچي منهنجي هٿ کي پنهنجن هٿن ۾ وٺي چيو ”مان تنهنجي آهيان.“ پوءِ پنهنجي رات ٿي ويئي. ڪاليج مان گسائي هت ايندا هئاسين. نوڪر ٻاهرين دروازي کي ڪلف ڏئي هليو ويندو هو، ۽ هوءَ هوندي هئي ۽ مان هوندو هوم. ڪڏهن ڪڏهن پور پوندو هوس ته اڌ رات جو به ڀاءُ جا ڪپڙا پائي هت ٺهڪو ڪندي هئي. سڄي رات رهاڻيون ڪري پوءِ موڪل ڏيندو هومانس. جلد ئي سندس مائٽن تڙ تڪڙ ۾ هن جي شادي ڪرائي ڇڏي؛ هينرئ پٽ ڄائو اٿس. بس ڪهڙي ڳالهه ٻڌايانءِ. رنگ سو ڀورو اٿس، باقي هن کي لڪائي مون کي ڪڍ.“ ٿوري دير ماٺ ۾ رهي، هن وري چيو ”يار، ڏاڍو کارايائين، پاڻ ته حرام جو آنڪ به مٿس خرچ ڪئي سين.“

 

هن ٻيا به فوٽا ڏيکارڻ گهريا، مگر منهنجو موڊ آف ٿي ويو هو. پنهنجي سڄي عمر ڇوڪرين پٺيان جُتيون گسائيندي گذري هئي، مگر هڪ ڇوڪري به مٺڙي مرڪ سان پاڻ ڏي ڪونه نهاريو هو. حالانڪ مان لک ڀيرا کانئس شڪل ۾ چڱو هوس، سندس ڪارو ٿلهو بدن ۽ ڀينڊيءَ جهڙو نڪ ته الٽيءَ جهڙو هو. اندر جي سور کان نه چاهيندي به کانئس پڇي ويٺس.

 

”ادا شڪل تي ڪونهي“ هو مشڪندي جواب ڏيڻ لڳو ”رڳو ساعت جي ڳالهه آهي، تون سهڻو آهين پر ساعت ڪانهي. مان شڪل جو سادو آهيان ته به مور کي نوائي سگهان ٿو.“

اٿڻ کان اڳ فوٽا کيس موٽائي ڏنم. پئڪيٽ ۾واپس رکڻ کان اڳ هو بکين وانگر فوٽن ڏي نهارڻ لڳو. الاجي ڇو مونکي هو انهن پکين مان ڏسڻ ۾ آيو، جيڪي بک جي باوجود گهربل شيءِ کي ڪنهن سبب کان نه کائي سگهندا هجن.

پنجن ڇهن ڏينهن کان پوءِ هڪ شام جو وٽس ڪچهري لاءِ ويس. اڱڻ لتاري جڏهن ڪوٺيءَ جي ٻيڪڙيل دروازي وٽ پهتس ته، اندران سندس آواز ٻڌم. هو ڪنهن کي چئي رهيو هو:

”ڏس يَرَ، هن پئڪيٽ ۾ توکي هتان جي انهن سڀني سهڻين ڇوڪرين جا فوٽ الڀندا جن جو هن وقت تائين مون سان لاڳاپو رهيو آهي. گهڻو ڪري سڀئي وڏ گهراڻيون آهن. زندگي ۾ پهريون ڀيرو توکي پيو ڏيکاريان. کڻ قرآن جو قسم ته ڪنهن کي ڪونه ٻڌائيندين؟“

جيستائين ٻڌندڙ قسم کڻي، مان در کي ڌڪو ڏئي اندر ٿيس. ڏٺم ته سندس هٿ ۾ اهي ئي ٽي فوٽا هئا. مون کي ڏسي سندس منهن جو پنو ائين لهيويو، ڄڻ بند چالون کيڏندي ڪنهن سندس ”کول“ ڪرائي هجي ۽ هو رڳو ”ڀُتُ“ نڪتو هجي.

 

حميد سنڌي

 

واچوڙن ۾ لاٽ

 

”ابا اُٿي، ٻاهر ڪمدار پيو ٿو رڙي، تيار ٿي وٺ، مان نيرن کڻي ٿي اچان_!“

ماءُ جي اُٿارڻ تي هو ٽپ ڏئي اُٿي ويهي رهيو. کيس ياد آيو ته اڄ کيس بٽئين تي وڃڻو آهي. هن گهڻن ڏينهن کان پئي نٽايو، پر پوءِ خيال ڪيائين ته سڀ ڪجهه آخر کيس ئي ته ڪرڻو آهي. رات جو ئي ڪمدار کي چئي ڇڏيو هئائين ته فجر جو سويل ئي هلبو، جيئن ڏينهن نه تپي وڃي. تنهنڪري هو به فجر جو ئي در تي گهوڙو جهلي بيهي رهيو.

هو جلدي جلدي تيار ٿيو، ماءُ کان چانهه جو ڪوپ ورتائين، گرهه ڀڃي وات ۾ وڌائين، مٿان جلدي جلدي چانهه جو ڪوپ ورتائين. ماڻس کيس ”في امان الله“ چئي ڪم ڪار ۾ لڳي وئي. پاڻ حويلي جي ڏيڍي ٽپي ٻاهر آيو.

”ڪمدار، سويل ئي اچي وئين_!“

”ڀوتار، سويل وري ڪهڙي اهي، ڪم به ته سنڀالبو. پنج ديرا آهن، پنج ديرا. وري ٻي ترائي واري زمين جي چڪاس به ته هلي ڪيو، ڏسو ته هيل ڇا ڪرايونس_!“

”چڱو، چڱو هاڻي چڙهه ته هلون، وڌيڪ ڳالهيون اُتي_“

اختر ۽ ڪمدار وڌي گهوڙن تائين آيا. نوڪر گهوڙا جهلي بيٺو هو. اختر ٽپ ڏئي گهوڙي تي چڙهيو. شهر ۾ گهڻو عرصو رهندي به هيءَ سواري ڪا سندس لاءِ نئين ڪانه هئي. ها، ايترو سو هو جو گهڻي عرصي کان پوءِ هو گهوڙي جي سواري ڪري رهيو هو. ٻئي ڄڻا آهستي آهستي گهوڙن کي هڪليندا ڳوٺ جي ٻاهران آيا ۽ پوءِ کڻي گهوڙن کي ڪچي دڳ تي ڇڏيائون.

اختر، تر جي وڏي زميندار دين محمد جو اڪيلو پٽ هو. پڻس کيس هميشه شهر ۾ رکيو_ وچ، وچ ۾ هو ڳوٺ ايندو هو ۽ زمينون گهمندو هو. پر الاجي ڇو، هو جڏهن به ڳوٺن ۾ گهمڻ يا بٽئين تي ويندو هو ته سندس هنيانءُ منجهڻ لڳندو هو. پڻس سندس بيزاري ڏسي کيس چرچي وچان چوندو هو، ”منهنجو پٽ زنانو آهي، رڳو گهر ۾ويهي مکيون ماري ڄاڻي.... بس، چوويهه ڪلاڪ ڪتاب هجنس، ٻيو ڪُل خير_!“

واقعي هو به ائين، اختر پنهنجي زندگي کي خشڪ ساٿين يعني ڪتابن جي حوالي ڪري ڇڏيو هو. ڏوڪڙ پيسي جي گهڻائي هئڻ ڪري، چاپلوسي ڪرڻ ۽ کارڻ ورا ماڻهو، ڪڍ ته گهڻا هئس، پر هو ڪنهن سان ڪونه ٺهيو. ٺهيو ته ڪتابن سان. علم سندس طبيعت ۾ ماٺائي پيدا ڪئي. سندس طبيعت نهايت ئي ماٺي ۽ ٿڌي قسم جي هوندي هئي_ هو هرڪنهن ڳالهه تي ويچارڻ جو اهڙو ته عادي ٿي ويو جو جيڪا به شيءِ ڏسندو هو، اُن تي ويچارڻ ان سواءِ رهي نه سگهندو هو. انهيءَ ڪري هو جڏهن به ڳوٺ ايندو هو ۽ ٻني تي ويندو هو ته اُتي جون حالتون ڏسي، هارين جي ڪسمپرسي، زندگي جون اوڻايون پسي هو مايوسٿي ويندو هو. ڪي گهڙيون ته سندس آڏو، هاريءَ جو پٺي لڳل پيٽ، پٺا اُگهاڙا، اکين ۾ ويراني، اُگهاڙا ٻار ڦاٽل ڪپڙن ۽ مٽي ۾ ڀريل وارن سان، اُداس اُداس زالون، بک جا چڪ، جهيڙا، خون ۽ صدين کان هلندڙ عداوتون، اِهي سڀ ڳالهيون ڦرڻ لڳنديون هيون ۽ پاڻ ڪلاڪن جا ڪلاڪ انهي ۾ گم هوندو هو.

پڻس بيمار ٿيو، پاڻ يڪدم ڳوٺ هليو ايو. اچڻ سان ڏاڍي ڪوشش ورتائين. ڊاڪٽر سڀ گهرايائين، پر کيس اڳ سجهيو ٿي ته هاڻ سندس يتيمي جا ڏينهن اچي ويا آهن. هواُداس پر خاموش رهيو. پيءُ جي مرڻ کان پوءِ ڪي ڏينهن هن ماءُ جي اُداسائي کي ونڊيو، ۽ هو غم ۽ ڏک جي ونڊ ورڇ ڪندو رهيو. جڏهن ڏٺائين ته وقت سندس ساٿ ڏنو آهي، ونڊڻ لاءِ ڪي يادون باقي آهن، تڏهن هن زمينن ڏانهن ڌيان ڏنو.

کيس ڪڏهن ڪڏهن خيال ايندو هو ته هو اُنهن اکين جي حسرت ۽ آس ڪيئن ڏسي سگهندو، جيڪي کتل هونديون اُنهن داڻن مٿان، جيڪي هو ميڙي چونڊي پنهنجي حصي ۾ ڪندو ويندو_ هوا ُهي فيصلا ڪيئن ڪندو، جنهن ۾ هڪ هاريءَ ٻئي هاري کي لٺ هڻي ڪڍي هوندي، ڇاڪاڻ ته هن سندس پاڻي جو وارو ڀڳو هوندو، صرف ان ڪري ته من هو ڪي داڻا وڌيڪ کڻي.

هو سوچيندو هو ته ائين نٿو ٿي سگهي ته پاڻ بٽئين تي نه وڃي. هارين کي جيڪي وڻي سو هو کڻن، باقي منهنجي ضرورت جيترو اَنُ مون کي ڏئي وڃن. ائين نٿو ٿي سگهي ته هو اوطاق تي ويهي فيصلا نبيري، سڀ ٺهي وڃن، پراڻيون عداوتون ۽ ويڇا سڀ ختم ٿي وڃن_ ذري پرزي جي ڳالهه تان ٿيل جهڙا، خون، اُهي سڀ هو هڪٻئي کي معاف ڪري ڇڏين. ڪو ڪنهن کي نه اهنجائي، بس خاموشي، سانتگي ۽ امن.

اختر هميشه ائين گهڻو ڪجهه سوچيندو رهندو هو، زندگي جي هلڻ جا انيڪ ڍنگ، طور ۽ طريقا.

اڄ جڏهن هو گهوڙي تي تيز وڃي رهيو هو، ته سندس خيال به ان کان تيز دوڙي رهيا هئا_ هو ماٺ ميٺ ۾ زندگي جي مختلف پهلوئن تي ويچاريندو رهيو. هن پهلوئن کي ايترو ته پروڙيو جو شام ٿي وئي ته به هو ويچارن تي ويچاريندو رهيو. اُنهن ويچارن جي نتيجي ڪمدار کي حيران ڪري ڇڏيو.

هن بٽئيون نهايت ئي انوکي طريقي سان ڪيون. زمينداري لاپو معاف، ڪمدار کي ٽويو زميندار جي حصي مان نڪري، هاري کي ان جو اڌ پلئه پئي، اُن مان ڪابه ڪاٽ نه ٿئي، صدين جو هارين تي قرض سڀ معاف. ڪمدار نٿي چاهيو ته صدين جي روايتن کي هو هڪڙي اُڇل سان ٽوڙي ڇڏي. هن جي ڀڻڪڻ تي اختر صرف ايترو چيو، ”چاچا، ورهيه ٿيا، اسان بٽئيون پنهنجي مرضي تي پي ڪيون آهن، هاڻي ڇڏ ته ڪي ورهيه هاري به پنهنجي مرضي سان بٽيون ڪن، هو به ته نيٺ انسان آهن.... پورهيت انسان_!“

هن آخر ۾ هڪ وڏو ٿڌو ساهه ڀريو. ڪمدا رکي ائين لڳو ته هن جو هاڻ ڪڇڻ بيڪار آهي، هاڻي روايتون ئي نيون جنم وٺنديون. ڪمدار شام تائين حيرانگي جي حد تائين پهچي ويو. هن اهڙا فيصلا نه ڏٺا نه ٻڌا، جو ٻن ٻولن سان ٻئي ڌريون ٺهي وڃن.

”ابا، ڇاتي جهيرو آهي_؟“ اختر پڇيو.

”سائين، خيروءَ سعيو ڪري پنهنجو مال منهنجي ٻني ۾ ڇڏيو، مون کيس چيو، جنهن تان مون کي گاريون ڏنائين، مون ورائي گار ڏني مانس، ته مون تي ڪهاڙي کڻي آيو، جي چار چڱا وچ ۾ نه پون ته مون کي جيڪر ماري وجهي_“ هڪ هاري چيو.

”خيرو تون چئه بابا_!“

”سائين، نسورو ڪوڙ_!“

”ڏس تون ته ڪوڙ نٿو ڳالهائين_!“

”سائين، نه_ هُن مون کي گهڻيون گاريون ڏنيون_!“

”مان رڳو پڇان ٿو ته تو ڪهاڙي کنئي يا نه_!“

”ها سائين، پر هن سائين مون کي گهڻيون گاريون.....“

”ٻئي چٽ آهيو. گارين تي ٿا ڪهاڙيون کڻون. چڱو ٻيلي خيرو، تون ڏي مون کي گار، ڏس مان ڪهاڙي کڻان ٿو_ ڏي جيڪا وڻئي_ گهڻيون گاريون ئي ڏي_ ڏي نه_!“

خيرو ماٺ ڪري ڪنڌ جهڪائي بيٺو رهيو. ٿوري دير کان پوءِ وڌي آيو_ ”بابو آهين. خطا ٿي وئي، بخش ڪر_!“

”چڱو ٻئي پرچي وڃو_ ڏسان جيئن منهنجا هاري وري نه وڙهڻ_!“

ڪمدار اهڙا ٻٽي فيصلا ٻڌا جن ۾ پرچاءُ، سڪ، محبت ۽ پيار کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه هو. نڪي هيون زمينداري گاريون، فريادي کي به ته ڏوهاري کي به. نڪي هئا زمينداري مار موچڙا. هو بنهه ويچار ۾ پئجي ويو. هاري حيران، ڄڻ کين يقين نٿي آيو. ڪمدار ويتر حيران ٿي ويو، جڏهن ڏٺائين ته هڪ ديري تي اختر هارين سان گڏجي ويهي ماني کاڌي، ڏڌ جي هڪ وٽي مان سڀني ٿي ڍڪ ڀريا، هاري ڊڳا پي پر اختر جي قربائتي ڪچهري کين نهال ڪري ڇڏيو. شام تائين هن پنجن ئي ديرن جي بٽئي ڪري ورتي. هارين جا ٻه_ ٽي فيصلا ڪيا، باقي رهيل هئس ترائي واري زمين، سو سج لهڻ ۾ اڃان ڪلاڪ ڏيڍ هو ته هو اُتان به چڪر هڻي آيو. هاڻي سندس رُخ سڌو ڳوٺ ڏي ويندڙ رستي ڏانهن هو. زمينن جي ٻنن تان، پيچرن ۽ گسن تان هو گهوڙي کي تيز ڊوڙائي رهيو هو. ڪمدار پٺيان هئس. رکي، رکي ٿي رستي جو اهڃاڻ ڏنائينس. اڄ سڄي ڏينهن جي مصروفيت اختر کي بجاءِ ٿڪ جي فرحت ڏني هئي. هو خوش، خوش، ڀٽائي جي بيتن کي جهونگاريندي ٿي هليو.

اچانڪ ڪمدار گهوڙو ڊوڙائي آڏو آيس.

”سائين، ايڏانهن نه، هيڏانهن_!“

”ايڏانهن وري ڪاڏي، هو رستو ڏسين نٿو ته سامهون آهي، هي؟ءَ زمين لتاڙي انهن سامهون وارن گهرڙن وٽان لگنهي سڌا رستي تي هلي پونداسين_“

”پر، سائين_ اهي زمينون پرايون آهن_!“

”هينئر وري ڪهڙين پنهنجين زمينن ۾ بيٺا آهيون_ پر هن زمين ۾ ڪو فصل به ته ڪونهي جو زيان ٿيندو، ماٺ ڪري هلي آ_!“

”سائين، گستاخي معاف، ايڏانهن بنهه ناهي هلڻو، انهن سان اسان جي پراڻي دشمني آهي_ اسان سان وڙهندي دير ئي نه ڪندا. هو ڏسو، ٻه ٽي هاري گهرن ڏي ڊڪ پيا وڃن، شايد ٻين کي اطلاع ڏيڻ. اسين بنهه سندن ٻني تي بيٺا آهيون، اچو، هيڏانهن ڦري......“

”ڪمدار، اسان هلنداسن ته ايڏانهن_“

ائين چئي هن گهوڙي کي اڙي هنئي، گهوڙو ٻنو ٽپي زمين لتاڙڻ لڳو، ڪمدار رڙيون ڪندو رهيو، پر اختر ڪافي اڳتي وڌي چڪو هو. لاچار ڪمدار به گهوڙو وڌايو ۽ اچي اختر سان مليو. اختر بيپرواهه ٿيو وڌي رهيو هو. پر ڪمدار جو رنگ ويو ٿي ڦرندو، تان جو هو انهن گهرن وٽ پهتا. منهنَ ۽ اوڏڪي ڀتين جا ٺهيل گهرڙا، اختر جون الاجي ڇو نگاهون انهن گهرڙن ۾ کتل هيون. هو گهرن وٽان ڦيرو ڏئي لنگهيائي مس ته سامهون ڇهه ست جانٺا جوان دڳ جهلي بيهي رهيا.

”اڄ نه ويندين ڪمدار_!“

”تون به نه ويندين رئيس_!“

اختر پهريائين ته وائڙو ٿي ويو پر پوءِ پاڻ سنڀالي هيٺ لهي پيو. ڪمدار جو منهن لٿل هو، هر هر هن خشڪ چپن تي زبان پي ڦيري.

”ڇا ڳالهه آهي_؟“ اختر آهستگيءَ سان پچيو.

”ڳالهه کي پڇي ڇا ڪندين رئيس_ بس ايتري سو ڄاڻ هجئي ته، خونن جا بدلا آهن، پر بيهه پهريائين ڪمدار سان صفائي ڪجي_!“ هڪ نوجوان اڳتي وڌندي چيو.

”ها، ڪمدار، ڏي خبر، ڪيئن واٽ ڀلجي پئين. اسان جا ماڻهو ته ڄاڻ ڏئي ٿي زمين مان لنگهيا، ته بنهه خون ٿي ويا. اڄ جو تون بنا ڄاڻ جي لنگهيو آهين..... هاڻ، تو سان ڇا ڪجي_؟“

”بخـ......ش...ڻ... رئيس.... ضد ڪيو..... نه ته.... توکي خبر آ... جڏهن کان اسان مڙساڻو واعدو ڪيو ته، نه توهان اسان جي ٻني مانم لنگهندو، نه وري.... اسين.... ته پوءِ تون پاڻ آمين ٿي، ورهيه ٿي ويو آهي... اسين ڪو لنگهيا آهيون... اڄ، رئيس....!“

”اڄ رئيس ضد ڪيو، ادي غلام محمد ۽ ٻين کي اڦٽ، مارائي ڇڏيئه، چئه ته اهو به رئيس جو ضد هو_ ماکي خبر آ ته، تو ڇو ادي غلام محمد کي مارايو، صرف انهيءَ ڪري جو هن توهان جو هاري ٿيڻ پسند نه ڪيو، ڇاڪاڻ ته کيس ڄاڻ هئي ته، ڪمدار ۽ رئيس جي نيت سندس مڱ تي اڳ ئي خراب هئي_!“

”بخشا، ڪهڙا زنانا ڏوراپا ويٺو ڏين، هڻ ڌڪ، لاهه سري، ته ڪو اندر ٺري....!“ ٻئي ڳڀروءَ بخشڻ کي هڪل ڏيندي چيو.

”اچيئي ٿو، ڪمدار.... سنڀالجانءِ!“

بخشڻ ڪهاڙي اُڀي ڪئي ۽ ڪمدار مٿان اُلر ڪئي، اختر يڪدم وڌي آيو،

”متان، جوان، متان_!“

”رئيس، متان، متان، ٻين کي ڪر، اسين توکي به ڪونه ڇڏينداسين، متان ڪو ٻيو خيال ڀانئين، جي تنهنجي مرضي ڪمدار کان اڳ مرڻ جي آهي ته پوءِ جيءُ بسم الله_!“ ائين چئي بخشڻ، اختر مٿان ڪهاڙي اُڀي ڪئي. ڪمدار اچي پيرن ۾ چنبڙيس.

”اڙي بخشا، هن معصوم تنهنجو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي، جنهن اڃان، ونيءَ جو به منهن نه ڏٺو آهي،..... تنهنجو ڏوهه مون ڪيو آهي نه،_ مون کي مار..... مون کي مار، بخشا.... مون کي... رئيس کي ڇڏ ته هو وڃي_!“

ڪمدار جي ليلائڻ، روئڻ ۽ ڳالهين کي ٻڌي، بخشڻ ڪي گهڙيون ته ڍرو ٿي ويو، اچانڪ ڀر واري لوڙهي مان هڪ ننڍي نيٽي نينگر، نهايت ئي تيزي مان نڪري، ڪمدار مٿان اچي بيهي رهي.

”ڪمدار، زالن وانگر، روئڻ هينئر ياد آيو اٿئي، انهي مهل ڳوڙها ڪٿي هيئه، جنهن مهل منهنجو گهوٽ، ڪونڌر، تنهنجي سامهون هو ۽ تنهنجي ڪهاڙي مٿس اُڀي هئي. انهيءَ مهل سندس ونيءَ جو خيال ئي نه آيئه، هن جي معصوميت ئي ڪانه ڏٺئه، هينئر ٿي رئيس ننڍي جي ونيءَ ۽ معصوميت ياد پويئي_ ادا، بخشڻ.... ويچار ڪهڙن ۾ آهين_ اهڙين ڳالهين تي ويچار ڪبا..... حالي ته بدلا ٿين، پوءِ پيا ڳن ڏينداسين_!“

نينگريءَ تيز نگاهن سان بخشڻ ڏانهن نهاريو. اچانڪ اختر وڌي ڏانهنس آيو.

”مان..... مان.... سمجهي نه سگهيو آهيان... آخر ڳالهه ڇا آهي... ماريو ته ٿا پر ٻڌايو ته سهي قصور ڪهڙو، ڪو ڏوهه، ڪو گناهه..... آخر ڳالهه و ڪو منڍ ڪا پڇاڙي.... ڪجهه مان به ته سمجهان......“

”رئيس، تنهنجي بابي، رئيس وڏي ئي ڪڏهن ڪنهن کي، ڪنهن جو ڏوهه يا گناهه، ڪنهن ڳالهه جو منڍ يا پڇاڙي نه ڏسي، سو تون پڇي ڇا ڪندين.... پر بيهه، ڀلي تون راضي ٿي.... ڪمدار، رئيس کي ٻڌاءِ، ته قصو ڇا هو.... سڄي سربستي ڳالهه ٻڌائينس.... ٻڌاءِ.....!“

نينگري ڏاڍي تيز پي ڏٺي. سندس منهن ڳاڙهو هو، وار منهن ۾ پي پيس، جن کي هرهر هٿ سان مٿي ڪري پي ڳالهايائين. ڪمدار ماٺ ڪيو بيٺو رهيو.

”رئيس، ڏوهي ڪيئن ٻڌائيندو ته مون هيءُ ڏوهه ڪيو آهي_ مان ٿي هن جو ڏوهه ٻڌايانءِ____“

”زينا، تون ڇڏ ڊيگهه کي، هل گهر، پاڻهي ملائڪ کين ڏوهه ثواب ٻڌائيندا.“ هڪ پورهي ڇوڪريءَ کي پڪاريندي چيو.

”نه، بابا، مان گهر نه ويندس،..... ظلم مون سان ٿيو آهي.... گهوٽ منهنجو ڪٺو آهي.... مان کين مرندو به نه ڏسان..... اندر جو سور به نه سليان.....“ڇوڪريءَ جي شوخي ۽ تيزي گهٽجڻ لڳي، پر وري هوءَ ڪجهه هوش ۾ اچي ساڳئي وقار ۽ رُعب سان ڳالهائڻ لڳي.

”رئيس، اهو منهنجو بابو اٿيئي، هيءُ چار سندس ڀائر آهن، هيءُ زمين جو ٽڪر مڙني ڀائرن جي موروثي ملڪيت آهي. اسان نه رئيس کي ڏنو، نه ورتو، پر ڪمدار جي ڪا نظر مون تي پئجي ويئ. آيو بابي وٽ. رئيس، سوچ ته سهين ڪاڏي ڪمدار، ڪاڏي مان. بابي انڪار ڪيس، تنهن تي ويو رئيس وڏي ڏي، ان کي آڻي مون مٿان بيهاريائين. مان ٻنيءَ ۾ گاهه پئي لڻيو. مون تي نظر وجهي تنهنجو بابو رئيس وڏو، آيو منهنجي بابي وٽ، چيائينس ته ڪمدار کي سڱ ڏي. بابي پهريائين انڪار ڪيس، پر پوءِ اهڙو ته زور وڌائينس، ڪي ڌمڪيو، ڪا لالچ، نيٺ بابي مڃيو.... اڃا شاديءَ ۾ ڪي ڏينهن هئا ته منهنجو گهوٽ: جو رئيس جو هاري هو....!“

اختر، جو ڌيان سان ڳالهه ٻڌي رهيو هو، منجهي پيو.

”تنهنجو گهوٽ.....؟“

ڇوڪري ڪجهه شڪجي وئي، ان سان گڏ ڪي ڏک جون ريکائون سندس وڻندڙ چهري تي ڦهلجي ويون.... بخشڻ جو ڪهاري جو ٽيڪ تي بيٺو هو تنهن وراڻيس.

”ادي غلام محمد جي هيءَ گهرواري آهي.“

”هون.....“ اختر آهستگيءَ سان وراڻيس.

ٿوري دير سانت کان پوءِ ڇوڪريءَ آهستي چوڻ شروع ڪيو.

”اُنهي کي جو خبر پئي ته رئيس جي نيئت بري آهي، مان ٿيان سا ڪمدار جي زال ها پر......“ هوءَ ڪجهه هٽڪي بيهي رهي.

”رئيس، ڳالهين هڻي جوش ڍرا ڪري وڌا آهن، خير..... مان ٿو توکي سربستي ڳالهه ٻڌايان.....“ ڇوڪريءَ جي پيءُ اڳتي وڌي چيو.

”غلامو، آيو مون وٽ، مون کي رئيس ۽ ڪمدار جي دغا کان واقف ڪيائين. مون يڪدم ڪمدار کي انڪار ڪيو.... ڪمدار کي به خبر پئجي وئي.... اچي لڳا غلامو جي ڪڍ. غلامو سر بچائي آيو اسان وٽ، اسان کيس پناهه ڏني_ ڳالهين کي ڪجهه ڏينهن ٿيا، ڳالهه لئه مٽي ٿي وئي، غلامو اسان سان گڏ ٻنيء تي ڪم ڪرڻ لڳو. رئيس کيس هڪ ٻه دفعا گهرايو ۽ کيس واپس اچڻ لاءِ چيو. مُنهن تي نالي خاطر ڪمدار کي به دٻايو.

غلامو جي سٺي هلت چلت ون کي موهيو..... مون سندس گهُر تي زينا کيس ڏيڻي ڪئي... شادي تي ڪمدار به آيو هو، ڏاڍي ڌام ڌوم سان شادي ٿي_ شاديءَ جي ٻئي ڏينهن جي ڳالهه آهي، ڪجهه سامان پيو کٽي، سو غلامو ڀرواري ڳوٺ ڦليجن مان سامان ويو وٺڻ“ موٽندي رئيس وڏي جي زمينن مان ٿي لنگهيو ته، چار جوان ڦري آيس، کڻي ٻڌائونس، چي ڦٽيون ٿي چوريائين_ سائين توهان ئي انصاف ڪيو، ڏينهن ڏٺي جو ديري ۾ پنجن ڇهن ماڻهن جي حاضريءَ ۾ ڪهڙي مائي جي لال کي همت ٿيندي جو چوري ڪري_ پر سائين، ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا. وٺ وٺان ٿي وئي، غلامو ويچاري کي في الحال ته اڌ مئو ڪري ڇڏيائون_ غلامون جي پٺيان ٻه همراهه اسان جي ڳوٺ جا جيڪي اسان جا عزيز هئا، پي آيا. جڏهن انهن وٽ وٺان ڏٺي ته ڊڪي اچي پر جهليائون. انهن ماڻهن کي چيائون جن ورنديءَ ۾ کين ٿڦون هنيون، تنهن تي هو به مڇرجي پيا. هڻي پن ٽن کي في الحال ته لٺن مڪن سان دسي وڌائون، پر هو ته تمام گهڻا هئا. بس سڏ تي پنج ڇهه ڄڻا ٻيا اچي لٿا، جن ۾ ڪمدار به شامل هو.

اختر ڪمدار ڏي نهاريو. هن جو ڪنڌ هيٺ هو.

”سائين پوءِ ته لٺ جي ڌڪ ڌڪان هئي، همراهه ڌڪجي پيا. پيو جو غلامو، اهو به پاڻ ڇڏائي اچي وچ ۾ پيو، تنهن تي ڪمدار تڪي وٺي جو ڪهاڙي اڇلي ته غلامون جو ساهه، تو ڏٺو نه مون ڏٺو... اُهي ٻه همراهه ته پوءِ بچي پيا_ اڙي پيرا، جانو ۽ ولو آهن اِني؟“

”نه چاچا، شهر ويل آهن!“ هڪ نوجوان وراڻيو.

”سائين، اهي جوان ڪونهن نه ته سڄي حقيقت توسان ڪن ها. هاڻي ٻڌاءِ ڀوتار، اسين بدلو وٺڻ ۾ صحيح آهيون يا غلط_ وري ظلم ته اِهو جو همراهه اسان جا مارجن ۽ پوليس به اسان تي چڙهي آئي. چي، توهان ئي همراهه هنن جي ديري تي موڪلي، ڦٽيون ٿي کنايون_ ڏيو سائين منهن... بس سائين پوءِ ته ڪيس ڀوڳياسين، مسين مسين جان ڇٽي. ڪونڌر به ڪسايوسين، عزت ۽ مان به وڃايوسين، باقي اسان وٽ رهيو ڇا؟ سائين، بس.... هن نينگر کي ڏسندو آهيان، غلامو جي شڪل اکين اڳيان ڦري ايندي اٿم ۽ پوءِ روئي ويهندو آهيان_ باهه، جنهن ۾ پچان پيو.....“ پوڙهي جي اکين ۾ ڳوڙها هئا، هو وڌيڪ ڳالهائي نه سگهيو. غلامو جي مرڻ جي واقعي کي دهرائڻ ڪري سڀ اُداس ٿي ويا هئا.

نينگر جي ڳلن تي بوندون ٿي چميڪون. هن جون اکڙيون هيٺ هيون. اُداس چهري تي هن الائجي ڇا وڇائي ڇڏيو هو، جو اختر جي اکين ان کي اهڙو سمجهي ورتو جو هو ڏڪي اُٿيو ۽ هُن پٺي ورائي ڇڏي.

”چاچا، هاڻي ڳالهيون ٿي ويون. اسين بدلو وٺنداسين، ائين کين ڪونه ڇڏينداسين“ هڪ نوجوان آواز کي اُڀاريندي چيو.

اتي سڀ همراهه سجاڳ ٿي ويا، هڪ نوجوان وٺندي ئي ڪمدار کي زمين تي سٽيو، ٻيو اختر ڏانهن وڌيو.

”ترسو_!“ اختر جو آواز جهڪو هو.

”مان توهان کي بدلي وٺڻ کان ڪونه ٿو روڪيان، توهان ڀلي بدلو وٺو، پر اهڙو دبلو وٺو جو توهان جو ڳاٽ اوچو رهي، جو توهان اسان کي ماريندؤ، اسان جا ماڻهو توهان کي ڇڏي ڪونه ڏيندا،_ وري توهان هنن جا همراهه ماريندؤ. انهيءَ نينگر جيتريون ڪئين يئ عورتون ائين روئنديون رهنديون، اُنهن جو تعداد وڌندو رهندو، يتيم ٻارن جو تعداد وڌندو رهندو. بس ٻيو ته ڪجهه ڪونه ٿيندو، اُهي يتيم معصوم ٻار، اهي بيواهه زالون، ائين چُڙي چُڙي، روئندي روئندي هنن سان وڃي ملندا، اهو به ڪو جيئڻ چئبو؟“

”رئيس، اها تقرير ٻئي جهان ۾ ڪجانءِ“ هڪ نوجوان خار مان چيو.

”مون وٽ هڪ اهڙو رستو آهي، جنهن سان توهان بدلو به وٺي سگهو ٿا، جي قبول ڪيو ته مان چوان_!“

سڀني جي چهرن تي ڪنهن به قسم جي دلچسپي جي لهر نه دوڙي، بس هو بدلي لاءِ آتا هئا.

”جيئن ته هينئر غلام محمد موٽي نٿو سگهي، نه وري اسان کي مارڻ مان ئي هو جيئرو ٿي سگهي ٿو، مان چاهيان ٿو ته اسين کير کنڊ ٿي وڃون!“

”اِها اڻٿيڻي آهي!“ ڪيئي آواز آيا.

”مان اُن لاءِ قرباني ڪريان ٿو، مان غلام محمد ٿيڻ لاءِ تيار آهيان..... نئون غلام محمد، هن ونيءَ جو گهوٽ!“ چوڌاري سانت ڇانئجي ويئي، نينگر جو منهن ڳاڙهو ٿي ويو. هوءَ ڪنڌ هيٺ ڪري ميڙ مان نڪري ويئي.

”رئيس..... تون اها اسان کي گار ته نٿو ڏين!“ بخشڻ جوآواز گونجيو.

”بخشڻ، مان اهڙو نيچ نه آهيان.“

”اهو دولاب آهي، پاڻ کي رئيس بچائڻ ٿو چاهي.“

”پر به اسين نينگر جو هٿ، نينگر جي مڙس جي خوني جي پٽ جي هٿ ۾ ڏيون، اها اڻٿيڻي.“ هڪ پوڙهي ڪنڌ ڌوڻيندي چيو.

”مان چاچا، نينگر جي پيءَ کي چوندس ته هو سوچي، توهان سڀ گهرن ۾ خوش ويٺا آهيو، ڌيءَ جا ڳوڙها ته هو ٿو ڏسي، بار ته هُن مٿان آهي، مان صرف انڪري انهيءَ ڳالهه تي ٿو زور ڏيان ته من منهنجي ابي جي ڪيل ظلمن کان پوءِ، اُنهي کان وڌيڪ خوشيون ملڻ تي توهان جا زخم ڀرجي وڃن ۽ پوءِ اُهي سڀ ويڇا ختم ٿي وڃن، جيڪي جيڪر صدين تائين هلندا رهندا. ٻيو ته چاچا، هيءُ بدلو ئي ته آهي، چماٽ ئي ته آهي، اسان جي وڏن لاءِ.“ اختر ائين چوندي ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيو.

”رئيس_ تو اهڙي ڳالهه ڪئي اهي_ جو بس دکيل رڳ تي هٿ رکيو اٿئي.... تو ڳالهه اهڙي نموني ڪئي آهي جو اسان کي ويچار ۾ وجهي ڇڏيو اٿئي_ جو بس دکيل رڳ تي هٿ رکيو اٿيئ.... تو ڳالهه اهڙي نموني ڪئي آهي جو اسان کي ويچار ۾ وجهي ڇڏيو اٿئي_ نه ته ايمان سئون اها ڳالهه ڪري ڪير هتان بچي وڃي نٿو سگهي.“ ڇوڪريءَ جي پيءُ جو لهجو تيز ٿي ويو ۽ سندس ڳاڙهين اکين کي ڏسي ڪمدار ڇرڪي ويو. هو وڌي اختر ڏانهن آيو ۽ آهستي چوڻ لڳس:

”رئيس، ٻاراڻي نه ڪر_ اها ڳالهه نڀائڻ ڏاڍي ڏکي ڳالهه اهي_ ماٺ ميٺ ۾ معافي وٺي هل، هو توکي ڪجهه_“

”تون ماٺ ڪر ڪمدار_ تنهنجي انهن ڳالهين ته هيءُ جهيڙا وڌايا آهن_“ اختر. ڪمدار کي ڇنڀيندي چيو.

”چاچا، سوچڻ مهل ياد رک ته هيءُ به تنهنجو بدلو آهي، منهنجي بابي کان، منهنجي خاندان کان_ هن ۾ رڳو اهو فرق آهي ته هُن بدلي ۾ رت جي ڳاڙهاڻ آهي ۽ هن بدلي ۾... مينديءَ جي ڳاڙهاڻ_“ اختر مشڪي ويٺو.

هُن مجموعي ڏانهن ڏٺو، اُت به هڪ قسم جي سوچ ۽ مشڪ ڇايا ڪيو بيٺي هئي. اختر آهستگي سان وڌيو، بخشڻ جي ويجهو اچي کانئس آهستگي سان ڪهاڙي ڇڏائي، زمين تي ڦٽي ڪري، کيس هڪ وڏو ڀاڪر پاتائين.

اُن ۾ الائجي ڇا ڪجهه نه سمايل هو. پوءِ هن سڀني جون ڪهاڙيون ڦٽي ڪيو ۽ سڀني کي ڀاڪر پائيندو ويو. هُن سڀني جي چهرن کي ڏٺو، اُت ڳاڙهاڻ بجاءِ هڪ ٿڌي مٺي روشني ڇانيل هئي. هُن آسمان ڏانهن نهاريو، اُت لهندڙ سج جي ڳاڙهاڻ ختم ٿي چڪي هئي، اڇاڻ واري هلڪي روشني ڇانيل هئي، هُن کي ائين لڳو ڄڻ صبح ڪاذب آهي.

هو ونيءَ کي اُنهيءَ رات ئي نڪاح کان پوءِ وٺي ويو_ گهوڙي تي کيس ڀاڪر ۾ ڀري چاڙهڻ مهل هو هڪ قسم جي خوشبوءِ ۾ ويڙهجي ويو. هُن سڃاتي ته اها مينديءَ جي خوشبو هئي، صدين کان انساني ميلاپ جي شاهد_ جنهن جي لالي، قرب، مِٺ ۽ محبت جو پيام ڏيندي آهي.


[1]  نَو خال راند ۾ هڪ قسم جا پتا هوندا آهن، جن جي ويليو ”ڪجهه به نه“ هوندي آهي. هن افساني ۾ به هي لفظ سُڃ ۽ ڪجهه به نه جي بجاءِ ڪم آندل آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com