سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1962ع (3)

 

صفحو :9

 

شبد جو بيان

 

سنسڪرت ۾ شبد ڪلمي (ڳالهه) کي چوندا آهن. باکا وارا انهيءَ کي ”س“ مهلمه ۾ ڳالهائنيدا آهن. هيءُ اُهو ڪلمون آهي، جو ڪنهن معنيٰ ڪرڻ لاءِ ڳالهايو وڃي. هند وارن وٽ اُن جا ٽي قسم آهن؛ سنپاون، ڪرڪب ۽ ڪرتا.

سَنپاون: اُنهيءَ ڪلمي کي چون، جو زمان جي قيد کان آجو هجي. حال، ماضي ۽ مستقبل مان اُنهيءَ جو ڪوبه تعلق نه هجي. مثلاً: ”رام“ جو مشهور ديوتا آهي. يا ”جل“، جيڪو پاڻي آهي.

ڪرڪب: ٻيو قسم اُهو آهي، جو معنيٰ تي دلالت ڪري ۽ ڪنهن جو محتاج هجي. مثلاً: عربيءَ جو ”اعليٰ“ ۽ فارسيءَ جو ”بر“، انهيءَ ڪلمي کي ”برت“ چوندا آهن. عربيءَ ۾ اُن کي حرف چئبو آهي.

ڪرتب: فعل کي چوندا آهن. فعل جي معنيٰ آهي، ڪجهه ڪرن. هي ڪلمون ٽنهي زمانن سان، ڪنهن نه ڪنهن نموني ۾ تعلق رکندو آهي. ٽن زمانن جي ميڙ کي ”ترڪال“ چوندا آهن. ترڪال جا پنج قسم آهن،  (1) ڀؤت، برتما، بوکو، ڪريا ۽ ڪِرت.

 

ڀؤت جو بيان

 

ڀؤت، فعل ماضيءَ کي چوندا آهن. فعل ماضي اُهو انگ آهي، جو گذريل زماني سان تعلق رکندڙ هجي. فعل ماضي لازمي صيغن ۾ ڪم ايندو آهي؛ ۽ فعل لازمي اهو آهي، جو فعل کي، پنهنجي فاعل تي مڪمل ڪري، اهي چار صيغا آهن.

آيؤ: هي صيغو، واحد مذڪر غائب، واحد مزڪر حاضر، ۽ جمع متڪلم ۾ گڏيل ڪم ايندو آهي.1

آئي: هي صيغو جمع مذڪر غائب، جمع مذڪر حاضر، ۽ جمع مذڪر متڪلم لاءِ ڪم ايندو آهي.

آئِي: هي صيغو واحد مونث غائب، واحد مونث حاضر، واحد مونث متڪلم تي ٻڌل آهي.[1]

آئين: هي صيغو جمع مونث، جمع مونث حاضر، جمع مونث متڪلم ۾ مشترڪ آهي.3

فعل متعدي به ائين ئي چئن صيغن ۾ اچي ٿو. فعل متعدي جو فعل پنهنجي فاعل تي پورو نه ايندو آهي_ پر اڳتي وڌي مفعول تي ايندو آهي. فعل متعديءَ جا ڦيرا مفعول جي اعتبار کان مختلف ٿين ٿا. جيڪڏهن مفعول مونث ٿئي ٿو، فعل مونث آڻي ٿو. مثلاً: جيڪڏهن مفعو واحد مذڪر آهي ته ”ماريو“ پر جيڪڏهن مونث آهي ته چوندا ”ماري“ ۽ انهيءَ قياس تي ٻيا صيغا سمجهڻ گهرجن.

 

برتما جو بيان

 

برتما، ”فعل حال، کي چوندا آهن. فعل حال چئن ڦيرن ۾ اچي ٿو.

(1) ڪرت هي: هي ڦيرو، واحد مذڪر غائب، واحد مونث غائب، واحد مذڪر حاضر ۽ واحد مونث حاضر ۾ گڏيل آهي.

(2) ڪرت هين: هي صيغو، جمع مذڪر غائب، جمع مونث غائب، جمع مذڪر متڪلم ۽ جمع مونث متڪلم ۾ مشترڪ آهي.

(3) ڪرت هو: هي ڦيرو، جمع مذڪر حاضر، ۽ جمع مونث حاضر ۾ مشترڪ آهي.

(4) ڪرت هون: هي صيغو، واحد متڪلم جو ڦيرو آهي.

انهن چئن صيغن ۾ لفظ ڪرت جي ”ت“ کي جيڪڏهن مضمون پڙهبو ته، مٿي ڏنل صيغا مذڪر ٿيندا، پر جيڪڏهن مڪسور پڙهبو ته مونث جا صيغا ليکبا.

 

ڀوک جو بيان

 

ڀَوِک (فعل مستقبل) ايندڙ زماني ۾ ڪم ايندو آهي. هن جا ڪل اٺ صيغا آهن:

(1) ڪَرِي گو: هي ڦيرو، واحد مزڪر غائب، ۽ واحد مذڪر حاضر ۾ اچي ٿو

(2) ڪرين گٻي: هي صيغو، جمع غائب ۽ جمع مذڪر متڪلم ۾ ڪم اچي ٿو.

(3) ڪرؤگي: هي، جمع مذڪر حاضر جو صيغو آهي.

(4) ڪرئون گو: هي، واحد مزڪر جو صيغو آهي.،

(5) ڪرون گِي: هي، واحد مونث متڪلم جو ڦيرو آهي.

(6) ڪَرِي گِي: هي، واحد مونث غائب ۽ واحد مونث حاضر ۾ گڏيل آهي.

(7) ڪرين گِي: هي، جمع مونث غائب ۽ جمع مونث متڪلم ۾ مشترڪ آهي.

(8) ڪَروگي: هي، جمع مونث حاضر جو صيغو آهي.

 

ڪريا جو بيان

 

”ڪريا“ جا چار قسم آهن:

(1) سم ڀاءُ: هي، اثباتي فعل ماضي آهي، مثلا ”آيو.“

(2) اسم ڀاءُ: هي، نفي فعل ماضي آهي. مثلاً ”نايو“ 1

(3) ڀاءُ: هي، اثباتي فعل حال ۽ فعل مستقبل آهي.

مثلا: ”ڪرت هي،“ ”ڪري گو“.

(4) ان ڀاءُ: هي، نفي فعل حال ۽ فعل مستقبل آهي. نفي ۽ ”نهيءَ“ لاءِ نون مفتوح (نه) يا لفظ ”نا“ ڪلمي جي اڳياڙي ۾ لڳائنيدا آهن. 2

 

 

”ڪرت“ جو بيان

 

ڪِرت مفعل کي چوندا اهن ۽ مفعول اهو آهي جو فعل ۽ انهيءَ تي واقع ٿئي. مفعول جي آخر ۾ ”هه“ آڻيندا آهن. مثلاً: ”هنيو رام راوڻه“ يعني رام راوڻکي هنيو. ڪڏهن مفعول کي، فاعل کان اڳ آڻيندا آهن. مثلاً: ”هنيو راوڻه رام“ ڪڏهن ”ه“ جو ضمير مفعول آهي، اوڻ کي حذف ڪندا آهن؛ جيئن ته، ”هنيو رام راون“. انهيءَ وقت تي، ”فاعل“ کي، مفعول جي اڳيان آڻڻ چڱوآهي. نه ته انهيءَ جي معنيٰ ڌُڪي تي ڪڍندا آهن. 1

 

ڪرتا جو بيان

 

”ڪرتا“، ”فاعل“ کي چوندا آهن. فاعل فعل ڪرڻ وارو آهي. ڪرتا جا ٻه قسم آهن:

(1) سوادهين: اُهو فاعل جو خود ڪم ڪري، مثلاً ڪاجِي. 2

(2) پرادهين: هي اهو فاعل آهي، جو ڪنهن ٻي کي ڪنهن ڪم جو حڪم ڏي. اهو امر سان گڏ هجي، خواه ”امرنهي“ سان، ۽ امر، ڪنهن کي حڪم ڏيڻ، ۽ نهيءَ کي ڪنهن ڪم کان روڪڻ، امر آهن. امر حاضر ٽي آهن:

(1) ڪَرو: هي، امر واحد مذڪر جو صيغو آهي.

(2) ڪَر: هي، امر واحد مونث حاضر جو ڦيرو آهي.

(3) ڪرهُ: هي صيغو جمع مذڪر حاضر ۽ جمع مونث حاضر ۾ گڏيل آهي.

امر غائب جا ٽي قسم آهن:

(1) ڪري: هي صيغو، واحد غائب مذڪر ۽ عدد غائب مونث ۾ مشترڪ آهي. 1

(2) ڪرئين: هي صيغو، جمع غائب مذڪر، جمع غائب مونث ۽ جمع متڪلم ۾ گڏيل آهي. 2

(3) ڪرؤن: هي، امر واحد متڪلم جو صيغو آهي. ”نهي“ حاضر ۽ غائب جا به ڇهه صيغا آهن، جنهن جي شروعات ۾، ”نه“، ”نا“ وجهندا آهن.

 

پُرلنگ جو بيان

 

پُرلنگ ”مذڪر“ کي چوندا آهن. مذڪر (نر يا مرد) جا ٻه نمونا آهن:

(1) اهو، جيڪو معلوم هجي ۽ انهيءَ جي مقابلي ۾ ڪا عورت هجي. مثلاً: ”رام“ ۽ ”ڪانهه“ جيڪي مشهور ديوتا آهن ۽ ”عَلَمَ“ اهو آهي جو ڪنهن معين شخص جو نالو هجي.

(2) اهو ته، ”اسم مذڪر غير عَلَمَ“ جي اخر ۾، ”الف“ لڳائجي. مثال، ”مرگا“ جي لفظ ۾ ”الف“ وڌائجي ٿو ته، ”مرگ“ مان ”مرگا“ ٺهي ٿو.

 

استري لنگ جو بيان

 

”استري لنگ“ مونث کي چوندا آهن. مونث جي معنيٰ عورت يا ماده آهي، ان جا ٻه قسم آهن:

(1) اهي، جي ”عَلَمَ“ هجن، جيئن راڌا، سيتا ۽ ٻيا.

(2) اهي، جي ”عَلَمَ“ نه هجن، انهيءَ جا وري ٻه قسم آهن:

1- جنهن جو مقابل ڪو نر هجي، مثال، ترت گتي يا تُرنگي (گهوڙي) ۽ هستني (هاٿڻي).

2- اها، جا نر جي مقابلي لاءِ نه هجي، مثال، بيار (هوا)، اگن (آگ).

هي آخري قسم، مونث سماعي آهي. فقط محاوري ٻڌڻ سان تعلق رکي ٿو. 1

مونث سماعي رڳو محاوري ٻڌڻ سان تعلق رکي ٿو.

جڏهن پُرلنگ کي، استري لنگ يعني مذڪر غير عَلَمَ کي مونث ڪرڻ گهرجي ٿو ته، مذڪر اسم جي آخر ۾، چند حرف وڌائجن ٿا، جيڪي هي آهن:

(1) ”الف“ مثلاً، بِرده (ٻڍ) ان، بردها (پوڙهي).

(2) ”ي“ مثلاً، ”ديو“ مان ”ديوي“.

(3) آنِي: مثلاً، ”رُدرا“ مان ردراني. يعني ردر جي زال. ردر عموماً ديوتا لاءِ ڪم ايندڙ لفظ آهي. مهاديوَ کي ”درد“ چوندا آهن.

(4) نِي: مثلاً ”نُرنگ“ مان ”ترنگني“. (گهوڙي). ڪڏهن آخر ۾ ”ي“ کي ڪيرائي ڇڏيندا آهن. فقط ”ن“ رهجي ويندو آهي، مثلاً، ”ترنگن“.

 

نپن سڪ لنگ جو بيان

 

نِپُنُ سڪ لِنگ ”خنثيٰ“ کي چوندا آهن. انهيءَ جا چند قسم آهن. انهن ۾ هڪ لفظ ”ڪُنڊل“ آهي، جنهن جي معنيٰ ”حلقو“ آهي. انهيءَ جو استعمال ”باکا“ ۾ نه، پر سنهسڪرت ۾ ٿيندو آهي.

 

بُه بچن جو بيان

 

”بُه بَچَن“ جمع کي چوندا آهن. واحد (اڪيلي) کان وڌيڪ کي جمع (گهڻو) چئبو آهي. جمع بنائڻ لاءِ، لفظ جي آخر ۾ حرف ”ن“ لڳائيندا آهن. ”ڪُلِٽا“ (بدڪار عورت) مان ”ڪلٽان“ ۽ ”نون“ کان پهريون حرف اگر ساڪن ٿئي ٿو ته، ان تي زبر لڳائيندا آهن. جيئن ته ”ڪَر“ (هٿ) مان ”ڪَرَن“ ۽ ”پگ“ مان ”پگن“ ۽ جنهن لفظ ۾ ”و“ يا ”ي“ ساڪن ٿئي ٿي ته ان کي پنهنجي حال تي ڇڏي ڏيندا آهن. ڪڏهن ان تي زبر جي حرڪت لڳائيندا آهن. مثلاً: ”سکي“ مان ”سُکِيَن“ ۽ ”ڀٽؤ“ مان ”ڀَٽَوَن“ وغيره. ڪڏهن ”الف“ ”نون“ مان جمع بنائين ٿا، جيئن ته ”سکي“ مان ”سکيان“.1

 

اسم اشاره جو بيان

 

هي، اهو اسم آهي، جنهن لاءِ، اشارو ڪري، ڳالهه ادا ڪبي آهي. هن جا ست قسم آهن.

(1) ”وا“ هي، واحد غائب جي اشاري لاءِ آهي. جيئن ته ”وه“.

(2) ”تا“ هي، واحد غائب جي اشاري لاءِ آهي.

(3) ”يا“ هي، واحد حاضر جي اشاري لاءِ آهي، جيئن ته ”يـﮧ“.

(4) ”جا“ هي، واحد غائب جي اشاري لاءِ آهي. جيئن ته ”جو“.

(5) ”ان“، جمع غائب جي لاءِ آهي.

هي مونث ۽ مذڪر ۾ گڏيل اشارا آهن.

 

پدبرت جو بيان

 

”پَدبرت“، ڪلمه کي چوندا آهن. اُهو جملو، جو ٻن اکرن ۾ پورو ٿئي. مثلاً، ”رام آيو“، اُهو ”پد برت“ آهي.

 

سم بنڌ جو بيان

 

سم بند، ترڪيب اضافي کي چوندا آهن ۽ ترڪيب اضافي، اُها ترڪيب آهي، جنهن ۾ ڪلمي جي اول حصي کي، ٻئي سان نسبت ملي. اصطلاح ۾، عربن ڪلمون پهريون ”مضاف“ سڏيو آهي ۽ ٻئي کي ”مضاف اليه“ چيو آهي. اهل هند جي ”ترڪيب اضافي“ ٽن ڪلمن تي آهي. مثلاً، ”رام پوت“ هن ۾ پوت ”مضاف“ ۽ ”رام“ ”مضاف اليه“ آهي ۽ اُهو اکر جو آخر ۾ آهي، اُهو علامت جي نسبت آهي. مثال، ”غلام لذيذٍ“ ۾ ”لام“ مڪسور جي جاءِ تي. فارسيءَ جو مثال ”غلامِ زيد“ ۾ ”مضاف“ جي آخر ۾ ڪسري جيءَ جڳهه تي آيو آهي. هنديءَ ۾ جڏهن مضاف اليـﮧ کي مضِاف تي مقدم ڪجي ٿو ته لفظ جي علامت نسبت آهي، سا درميانه آڻيندا آهن ۽ چوندا آهن ته ”رام ڪو پوت“ انهيءَ ڦيري ۾ ڪڏهن هيئن به ٿئي جو علامت نسبت کي حذف ڪندا آهن ۽ چوندا آهن ته ”رام پوت“.

 

حرف جي اڳيان ايندڙ اکر

 

هي، اُهي اکر آهن جي اسمن جي اڳيان ۽ وچ ۾ مختلف معنيٰ ظاهر ڪن ٿا.

(1) ”الف“ مفتوح: اسم جي شروعات ۾ اچي، نفي ۽ سلبت جي معنيٰ ڏي ٿو. اُن کي اصطلح ۾ ”ناس“ يعني ”نفي“ چوندا آهن. مثلاً ’جان‘ (نه ڄاڻڻ وارو). 1

(2) ”الف“ اکرن جي وچ ۾ به اچي ٿو. جو تواتر ۽ تواليءَ جي معنيٰ ڏي ٿو. مثلاً، چلاچل = روارو. هي الف فارسيءَ ۾ به ڪم ايندو آهي.

(3) ”ب“ مڪسور: اسم جي شروع ۾ اچي نفي ۽ سليت جي معنيٰ ڏيندو آهي. مثلاً: ”بُڪُل“ (بي قرار). 2

(4) ”س“ مفتوح: امس جي مهاڳ ۾ اچي معيت ۽ همراهيءَ جي معنيٰ ڏيکاري ٿي. مثلاً، ’سَجل‘ (شاداب) ڇو ته ”جل“ جي معنيٰ پاڻي آهي. هيءَ ”س“ ڪڏهن لياقت ۽ قابليت جي معنيٰ پڻ ڏيکاريندي آهي. مثلاً، ”سپوت“ (سٺو پٽ). هي لفظ انهيءَ اکر کان سواءِ ٻئي هنڌ نه ٻڌو ويو آهي. 3

(5) ”س“ مضموم: اسم جي شروعات ۾ اچي ٿِي. سٺائيءَ کي ظاهر ڪندي آهي. مثلاً، ”سُباس“ سُٺي باس يا بوءِ.

(6) ”ڪ“ مفتوح: اسم جي اول ۾ اچي عدم لياقت جي خبر ڏيندو آهي. مثلاً ڪَپوٽ (خراب پٽ) هي اکر  ان کان سواءِ ٻي مثال ۾ نه ٻڌو ويو آهي. 1

(7) ”ڪ“ مضموم: اسم جي مهاڳ ۾ اچي، بدي ۽ برائي جي خبر ڏي ٿو. مثلاً، ڪُرنگ (بري رنگ وارو). 2

(8) ”ن“ مڪسور: اسم جي اڳ ۾ اچي، نفيءَ جي معنيٰ ڏيکاري ٿو. نِلج (نه لڄ وارو) ڇو ته لج يا لاج شرم ۽ حيا جي معنيٰ رکي ٿي. 3

 

مختلف معنيٰ وارا اڳيان ايندڙ اکر

 

(1) ”الف“: هي اکر، آخر ۾ اچي مختلف معنيٰ ڏي ٿو. مثلاً ”ڪبتا“ يعني ”شاعر“ ۽ موصوف به صفت شاعري، ڇو ته ڪَبِت جي معنيٰ آهي ”شعر. ”ديوا“ يعني ڏيڻ وارو ۽ موصوف آهي ”ڏيندڙ“. اِهو ”الف“ تانيث لاءِ به ڪم اچي ٿو. مثلاً، ”بڙدا“ (پوڙهي عورت)، ڇو ته ”برڌهه“ پوڙهي مرد کي چوندا آهن. جيئن مٿي لکيو ويو آهي ۽ ڪڏهن تاڻيث لاءِ وصفيت ۽ فاعليت جي معنيٰ به ڏيندو آهي. جيئن ته ”گربا“ (غرور) ۽ ڪڏهن ’الف‘ تذڪير  نري فائدو ڏيندو آهي، مثلاً، ”مرگا“ (نر هرڻ) اسم عَلَمَ ۾ ”الف“ کي فائدو ڏي ٿو، ۽ ڪڏهن ندا لاءِ به ڪم اچي ٿو. جيئن ته ”راما“ (اي رام). هي قاعدو عربي ۽ فارسيءَ ۾ ڪم ايندو آهي. 1

(2) پ: اسم جي آخر ۾ اچي، صياحبي ۽ خداونديءَ جي معنيٰ ڏي ٿو. مثلاً ”ڀوپ“ (ڀؤ = زمين + پ = وارو) زمين وارو يا زميندار.

(3) ت: اسم جي آخر ۾ اچي، مصدر جو ڪم ڏي ٿو. مثلاً، گنت (ڳڻڻ).

(4) ٽ: اسم جي آخر ۾، فاعليت جي معنيٰ ڏيندو آهي. مثلاً، ”ڪيوَٽ“ (داؤ کيلڻ وارو) آخر ”ٽ“ ۾ ”و“ معروف به لڳائبو آهي، جيئن ته ”ڪيوَٽو“.

(5) ج: اسم جي آخر ۾ اچي، پيدا ٿين جي معنيٰ ڏيندو آهي. جيئن ته ”بار“ (پاڻي) مان ”بارج“ (ڪنول گل).

(6) ’د‘ مڪسور: اسم جي آخر ۾ اچي، مڪان جي معنيٰ ڪڍندي آهي. مثلاً، ”بارَدِ“ يعني ”بادل“ ڇو ته ”بار“ جي معنيٰ پاڻي ڪئي ويندي آهي.

(7) ڌ: به انهيءَ فائدي جي معنيٰ ڏي ٿي. مثلاً، انبده، بمعنيٰ سمنڊ، ڇو ته ”انب“ جي معنيٰ پاڻي ڪئي ويئي آهي. هي ڪليه قاعدو آهي ته پاڻيءَ جي معنيٰ ڏيندڙ فظ جي آخر ۾ ”د“ بادل جي ۽ ”ڌ“ سمنڊ جي معنيٰ ۾ ڪم اچي ٿو.

(8) ”ڪ“: اسم جي آخر ۾ فاعليت جي معنيٰ ڏيندڙ آهي. مثلاً ”شيوڪ“ (خادم) ڇو ته، ”سيوايا شيوا“ جي معنيٰ ”خدمت“ ڪئي ويندي آهي. هي ”ڪ“ ڪڏهن اکرن کي مصدر به بنائي ٿو جيئن ته، ”بيڌڪ“ (ويدڪ) طباپت.

(9) گ: اسم جي آخر ۾ اچي، راهه، روَش ۽ رفتار جي معنيٰ ڏيندو آهي. مثلاً، ”آرگ“ (سيني سان هلڻ وارو). آر (اُرهه) جي معنيٰ سينو آهي. (اُرگ کان مراد نانگ آهي).

(10) ن: اسم جي آخر ۾“ مصدر جو فائدو ڏيندو آهي. مثلاً، ”چَلَنَ (رفتن، رواج) ڇو ته چل يا چال جي معنيٰ رفتار آهي1. ”ن“ ڪڏهن فاعليت جو به فائدو ڏيندو آهي. مثلاً، ”موهن“ (موهڻ وارو) ڇو ته ”موهه“ جي معنيٰ فدا ٿيڻ آهي،. ”ڪرن“ جو جمع ”ڪر“ آهي. ”ڪر“ جي معنيٰ هٿ آهي ۽ ڪڏهن ٽيڻو فائدو به ڏيندو آهي. ”ترنگن“ (گهوڙي) ڇو ته ”تُرنگ“ گهوڙي کي چئبو آهي.

(11) ”و“ معروف: اسم جي آخر ۾ اچي، ”فاعليت“ ظاهر ڪندو آهي.، مثلاً، ”پاهرو“ (پَهرو ڏيڻ وارو). ڇو ته ”پاهره“ جي معنيٰ پاسبان آهي.

(12) ”هه“ مڪسور: اسم جي دنگ ۾ اچي  فاعليت جو فائدو ڏيندي آهي. مثلاً، واهِ اُن کي. ڇو ته ”وا“ جيمعنيٰ ”هو“ آهي.

(13) ”ي“ معروف: اسم جي آخر ۾ اچي، نسبت جو فائدو ڏيندي آهي. مثلاً، اجميري (اجمير وارو). هي قاعدو فارسي ۾ به آهي. 1

ڪڏهن ’ي‘ صفت ۽ فاعليت جو به فائدو ڏي ٿي. مثلاً، ڪَرَبِي = غرور، جي صفت موصوف ”غرور ڪرڻ وارو“، ڇو ته ”گرب“= ”غرور“ آهي. ”ي“ ٽينءَ معنيٰ ۾ اچي ٿي، مثلاً، ديوِي (ديوتا جي زال).

 

اسم جي مهاڳ وارا اکر

 

اسم جي شروعات وارا هيٺيان اکر اچي، جملي جي معنيٰ مختلف ڪن ٿا:

(الف) اُهي اکر، جي اسم جي شروع ۾ اچي ”ندا“ جي معنيٰ ڏين ٿا.

(1) هي؛ مثلاً = ”هي رام“.

(2) آهي، مثلاً =”آهي رام“.

(3) هُو، مثلاً = ”هو رام“.

(4) آهو، مثلاً = ”آهو رام“.

(5) اي، مثلاً = ”اي رام“. 2

(6) اي_ هو، هي اکر ”اي“ ۽ ”هو“ سان گڏيل آهي، مثلاً ”اي_ هو رام“.

(7) اري، مثلاً = ”اري رام“ هن ڪلمي کي، مونث جي ندا ۾ ”يائي معروف“ سان ڳالهائيندا آهن. مثلاً = ”ري سکي“.

(9) اي_ ري؛ هي اري ۽ اي سان مرڪب آهي.

مثلاً ”اري_ اي رام.“ ندا ۽ مونث جي لاءِ، ٻي جزي ”اري“ کي يائي معروف سان ڳالهائيندا آهن، مثلاً، ”اري، اي سکي.“

اُهي جملا، جي اسم جي شروع ۾ اچي، نفي ۽ سلبت جو فائدو ڏين، اُهي ٻه اکر آهن.

(1) نِر: مثلاً ”نرڀو“ بيخوف، ڇو ته ڀؤ مثلاً = ڊپ آهي.

(2) اَن: مثلاً ان رس = بي رس. بي مزه. 1

 

اسمن جي پڇاڙيءَ ۾ ايندڙ اکر 2

 

هيٺيان اکر، اسم جي پڇاڙيءَ ۾ اچي معنيٰ ڦيرين ٿا:

(الف) اهي ڪلما، جي اسم جي آخر ۾ اچي، خداوند جي معنيٰ ڏين ٿا؛

(1) وَنت: مثلاً روپ ونت. ڪڏهن مذڪر لاءِ ”الف“ لڳائيندا آهن، جيئن ته، ”روپ و نتا“ ۽ مونث لاءِ ”ي“ معروف لڳائيندا آهن. مثلاً، ”روپ ونتي“.

(2) ڪار: مثلاً، گڻ ڪار.

(3) پال: مثلاً، ڀؤپال (ڀو = زمين).

(4) پت: مثلاً، مهي پت. اهو اکر رات جو يا تارن جي مضمون ۾ ڪم اچي ٿو ته، ”چنڊ“ جي معنيٰ ٿي نڪريس. مثلاً، ”تارپت، نڇترپت، اورنس پت. جڏهن نديءَ جي معنيٰ ۾ ايندو آهي، تڏهن اسم جي شروعات ۾ ايندو آهي. مثلاً ندي پت. (درياءَ)

(5) يس: انهيءَ کي ”ب“ سان ملائي، ته ”الف“ کائيندا آهن. قاعدو آهي ته ڪلمي جي شروعات ۾ .الف“ آهي ته ۽ ٻي ڪلمي سان ملندڙ ٿئي ٿو ته، ”الف“ جي صورت لکڻ ۾ لڪائبي آهي. مثلاً، ”مهيس“ ڇو ته مهي ۽ مَـﮧ جي معنيٰ زمين آهي. هيءَ ڳالهه بادشاهه ۽ زميندار لاءِ ڪم آڻبي آهي.

(6) ايسر: مثلاً، ”ڪابي سر“ (ڪاب = شعر) سنسڪرت ۾ ايشر چون.

(7) اِند: مثلاً، ”نرند“. (نر، مرد).

(8) راج: مثلاً، ”ڪب راج“ (ملڪ الشعراءِ).

(9) آيت: مثلاً، ”ڊهليت“ (صاحب ڊال جو (ڍال = سپر).

(10) آوت: مثلاً، ”لڇاوت“. (دولت واري عورت، لڇمي) دولت لاءِ ”ي معروف“ لائيندا آهن؛ جيئن ته، ”لڇاوتي“. هي ڪلمون، ڪنول جيمعنيٰ ڏيڻ واري اسم جي آخر ۾، پدمني جو فائدو ٿو ڏي، مثلاً ”پدماوتي“.

(ب) اُهي ڪلمان، جي اسم جي پڇاڙيءَ ۾ اچي، فاعليت جي معنيٰ ڏين ٿا. اُهي پنج آهن: 1

(1) آيا: مثلاً، کِليا (کيلڻ وارو).

(2) وار: مثلاً، کلوار (کيلڻ وارو).

(3) آر: مثلاً، کلار (کيلڻ وارو) ”ي“ معروف سان ”کلاري“ به ڪن.

(4) اڪ: مثلاً، پيراڪ (پيرن وارو).

(5) اؤ: مثلاً، بٽاؤ (واٽهڙو).

(ج) هي اُهي ڪلمان آهن، جي اسم جي آخر ۾ اچي، مصدر جي معنيٰ جو فائدو ڏين ٿا. اهي ڪُل اٺ آهن:

(1) بُو: مثلاً، بوليو (ڳالهيو).

(2) آئي: مثلاً، ترنائي (جواني). (ترن = جوان).

(3) آپُو: مثلاً، مُٽاپو (ٿلهائي) روزمره جي ڳالهه ٻولهه ۾ ”و“ جي جاءِ تي ”الف“ ڪم آڻيندا آهن ۽ ”مٽاپو“ ڪري چوندا آهن. 1

(4) پن: مثلاً، بال پن (ٻالا پڻ) ”پن“ جي آخر ۾ ”و“ مجهول ۽ ”نون غنه“ به لڳائيندا آهن، ۽ چون ”ٻال پنون“ ۽ رومزره جي ڳالهين ۾ ”و“ مجهول جي جڳهه تي ”الف“ به ڪم آڻين ۽ چون ”بال پنان“. 2

(5) نُون: مثلاً، آنون (”اچڻ“) ۽ ”و“ جي جاءِ تي ”الف“ به ڪم آڻين ۽ چون ”آونان“.

(6) پت: مثلاً، ڇڪن پت (رعنائي، خود نمائي).

(7) آپ: مثلاً، ملاپ (يعني ملڻ). 3

(8) آو: ”بناؤ“ (بنائڻ يا آراسته ڪرڻ).

(7) هيٺيان ڪلمان اسم جي آخر ۾ اچي، وصفيت ٿا ڏيکارين.

(1) تائي: مثلاً، سيام تائي (سياهي)، ڇو ته ”سيام“ ڪارو آهي ۽ اها معنيٰ رکي ٿو. هن کي سيامتا به چون.

(2) آٽ: چڪناٽ (چڪڻو).

(3) آئوٽ: مهراوٽ (زنانه پڻ). (مهر = زال).

(4) آس: مٺاس (مٺائيءَ جي صفت).

(5) ايل: مذڪر جي آخر ۾ ”و“ مجهول ڪم آڻين. جيئن ته ”رنگيلو“ ”و“ جي جڳهه ڪٿ .الف“ به ڪم آڻين ۽ چون ”رنگيلا“ مونث لاءِ ”ي“ معروف لڳائين ۽ چون، ”رنگيلي“. 1

(6) سار: مثلاً ملنسار (ميل جول ۽ ملاقات).

(7) ڪا: هي لفظ مونث جي لاءِ آهي. ”اڀسارڪا“ (بدڪار عورت) ا ”اڀڪار“ جي معنيٰ ”بدڪاري“ آهي.

(8) آيون: ڍٽايون (بي حيائي).

(9) اول: مذڪر لاءِ ”ل“ کي ”و“ مجهول لڳائين ۽ ”منجهولو“ چون. يعني ”منجهلا“ هئڻ جي صفت ۽ ”و“ به استعمال ڪن ۽ ”منجهولا“ چون ۽ زال کي منجهولي چون.

(10) آوهان: مثلاً، ڀگوهان (اڌ رنگ سرخي) = مرد. ”ڀگو“ چون سرخ کي. مونث لاءِ ”الف“ جي بدران ”ي“ معروف آڻين، مثلاً، ”ڀگو“ يعني سهڻي عورت.

 

اسم جي آخر ۾ ايندڙ اسم تصغير

 

هي اکر اسم جي آخر ۾ اچي، اسم تصغير پيدا ڪندا آهن.

(1) وا: مثلاً، ”لنگروا“ لنگر جي معنيٰ سرخ آهي. مونث لاءِ ”و“ تي ”يا“ آڻين. مثلاً، ”گاگر“، مان ”گاگريا“، ”گاگر“ جي معنيٰ گهڙو آهي. ڪلمه يا مذڪر لاءِ نسبت جو فائدو ڏيندا آهن. مثلاً ”ڪنوجيا“ يعني (ڪنوج جي طرف جو ماڻهو).

(2) را: مثلاً، ”ميهه“ (مينهن) مان ”ميهرا“. 1

(3) آونا: ”ڊوٽا“ مان ”ڊٽونا“ ۽ ”ڊوٽا“ جي معنيٰ ڇوڪرو آهي.

(4) اؤٽ: مذڪر جي آخر ۾ ”و“ مجهول آڻيندا آهن، جيئن ته ”گلوٽو“۽ ڪڏهن اُن ڪلمي ۾ ”واءُ معروف“ جي جڳهه ”و“ مجهول آڻيندا آهن. مثلاً ”ڀروٽو“ (ننڍي ڳٺڙي) ”و“ جي جاءِ تي ”الف“ به آڻين، مثلاً ”ڪلوتا“ ۽ ”ڀروٽا“ ۽مونث لاءِ ”ي“ معروف لڳائين. مثلاً ”ڪلوٽي ۽ ڀروٽي“. 2

 

دارندگي

 

اُهي ڪلما، جي اسم جي آخر ۾ اچي، دارندگي جي معنيٰ ڏين ٿا.

(1) ڌر: مثلاً: ”گرڌر“ (دارنده جبل). گرڌر ڪانهه جو نالو آهي. چون ٿا ته، گرڌر هڪ پهاڙ تي هٿ رکيو هو ته اُهو جبل سندس نالي پٺيان سڏيو ويو. هي ڪلمون، زمين جي معنيٰ ڏيڻ واري اسم جي آخر ۾ اچي ٿو. مثلاً ”سڌاڌر“. چنڊ جي معنيٰ ڏيڻ واري اسم جي آخر ۾ ”مهاديوَ“ جي معنيٰ ڏي ٿو. مثلاً ”سس ڌر“.

(2) دهاري: مثلاً، چٽاداري (چٽا رکڻ وارو).

 

دهندگي

 

اُهي ڪلما، جي اسم جي آخر ۾ اچي، ”دهندگي“ جي معنيٰ ڏين ٿا. اُهي ٻه آهن:

(1) دائي: مثلاً، ”دک دائي“ (رنج ڏيندڙ).

(2) دائڪ: مثلاً، ”دک دائڪ“ (ڏک ڏيندڙ). *

 

ڪندگي

 

اُهي اسم جي آخر۾ اچي ”ڪندگي“ جي معنيٰ ڏين ٿا:

(1) ڪر: مثلاً، ”دن ڪر“ (ڏينهن ڪرڻ وارو). (سج) *

(2) ڪرتا: مثلاً، ”گن ڪرتا“ (فائدي وارو).

 

درنديت

 

هي اُهي اکر آهن،جي اسم جي پڇاڙيءَ ۾ اچي، ڦرڻ، وٺڻ ۽ ڀڄڻ جي معنيٰ ڏين ٿا.

(1) هر: مثلاً ”من هر“ (دلربا) دل وٺندڙ. اُن جي تـﮧ ۾ ”ن“ به لڳائيندا آهن ۽ مونث لاءِ، ”ن“ کان پوءِ ”ي“ به لڳائيندا آهن ۽ چون ”من هرني“.

(2) هرتا: مثلاً، ”بائي هرتا“ (واءُ جي دؤر ڪرڻ وارو).

 

مختلف

 

اهي ڪلما، جي اسم جي آخر ۾ اچي، مختلف معنيٰ ڏين ٿا، سي آهن:

(1) هار: هي اهو ڪلمون آهي جو سزاداريءَ جي معنيٰ ڏيندو آهي. مثلاً ”هونهار“ (هئڻ لائق) *

(2) اوٽ: هي ”آلـﮧ“ جي معنيٰ ڏيندو آهي. مثلاً، ”ڪيسوٽ“ يعني اها چيز جا ڪُسائي ڪئي وڃي. مذڪر لاءِ، ان جي آخر ۾ ”الف“ لڳائيندا آهن ۽ چون ”ڪڇوٽا“ (اڳيان پويان ڍڪيندڙ) يعني ڪسوٽي *. ڇو ته ”ڪس“ جي معنيٰ پرکڻ ڪئي ويئي آهي. هي ڪڏهن طنز ۾ به ڪم اچي ٿو. مثلاً، ”ڪجروٽي“ (جنهن ۾ ڪجل يا سرمون رکجي).

(2) بِن: هي اکر، ”کان“ ”نه“ ۽ ”بي“ جي معنيٰ ڏي ٿو*. مثلاً ”لال بن“ (معشوق کان سواءِ) هن ۾ ”الف“ ۽ ”ن“ به وڌائين ۽ چون ”لال بنان“ (معشوق کان سواءِ) هن کي ڪڏهن اسم جي اڳيان به ڪم آڻين چون ”بِن لال“ ۽ ”بنان لال“.

(3) سالا: هي ظرف مڪان جي معنيٰ ڏي ٿو. مثلاً، ”ڌرم سالا“ (عبادت گاهه)، خيرات جي جاءِ. ڪڏهن ”الف“ کان سواءِ به ڪم آڻين. مثلاً، ”ٽڪ سال“ (سون بنائڻ ۽ پئسن پرکڻ جي جاءِ).

(4) آهند: هي ڀو جي معنيٰ ڏي ٿو. مثلاً، ”مڇلاند“ (مڇيءَ جي ڌپ خراب).

(5) چر: هي ”درخت“ اسم جي پٺيان اچي ”هرڻ“ يا بندر جي معنيٰ ڏي ٿو. مثلاً رُک چر ۽ جنگل وارن اسمن جي پڇاڙيءَ ۾ اچي، جهنگلي ۽ بياباني آدمي معنيٰ ڏي ٿو. مثلاً، ”بن چر“، پاڻي واريءَ معنيٰ ڏيڻ وارن اسمن جي آخر ۾ ”ابرو باران“ جي معنيٰ ۾ ڪم اچي ٿو. مثلاً،”جل چر“ ۽ رات وارن اکرن جي معنيٰ ڏيڻ وارن جي آخر ۾ اچي ”ڀوت“ جي معنيٰ ڏي ٿو. مثلاً، ”نس چر“.

(6) مئِي: هي ڪثرت جي معنيٰ ڏي ٿو*. مثلاً، ”جل مئي“ يعني درياءَ وهڻ جي وڏي جاءِ.

(7) آنس: هي حصي جي معنيٰ ڏي ٿو. مثلاً دسوانس (ڏهون حصو).

(8) اوتي: هي مقدار جي معنيٰ ڏي ٿو. مثلاً، ”سمجهوتي“ (سمجهن جو مقدار).


1  سنڌيءَ ۾ پڻ اهو صيغو آهي.

[1]  آهيءَ صيغو پڻ سنڌيءَ ۾ ڪم ايندو آهي.

3  ”آئين، ڪيڏانهن ويا هئا.“ ”آئين“ کي اسان مونث ۽ مذڪر ۾ ڪم آڻيندا آهيون. انهيءَ اکر کي ”اوهين“ پڻ چئون. (م. س. شيخ)

1  اهو قاعدو، سنڌي گرامر سان به لاڳو آهي. فعل ماضي لاءِ ”نايو“ يا ”نه آيو“ ڪم آڻبو آهي ۽ اثباتي فعل ماضيءَ لاءِ ”آيو“ ڪم آڻبو آهي. (محمد سومار شيخ)

2  ان ڀاءُ: اسان جي ٻوليءَ ۾ به آهي، ”نه ڪر“ يا ”نه ٿيندو“ ۽ ٻيا اهڙ انفي ڪلمان ”ان ڀاءُ“ جي وصف ۾ اچي سگهن ٿا. (م. س. شيخ)

1  هن بحث ۾ آيل فلظ ”هنيو“ ٺيٺ سنڌي آهي، جنهن ۾ امر ”هڻ“ ۽ مصدر ”هڻڻ“ آهي. (م.س. شيخ)

2  ڪاجِي، جو مطلب ڪم ڪندڙ آهي. هي لفظ به ٺيٺ سنڌي آهي، انهيءَ اکر ۾ اسان سنڌي ۾ ڪاڄي (ڪاڄ وارو،) ]ڪم ڪندڙ[ ڪري چوندا آهيون.

1  سنڌيءَ ۾ پڻ هيءُ صيغو ڪم اچي ٿو.

2  هي صيغو سنڌيءَ ۾ به آهي.

1  اسان وٽ اهڙ ااسم آهن. جهڙوڪ: گهوڙو، گهوڙي، گڏهُه، گڏهِي. (2) تعجب آهي ته، ”برج ڀاشا“ جا لفظ اسان جي لفظن جهڙا ڪيئن ٿيا! هي اکر، ”به بچن“ اصل ”ٻه ٻچن“ ]ٻه وچن[ آهي. يعني ٻٽا لفظ، هڪ کان وڌيڪ معنيٰ رکندڙ اکر يعني جمع، پر افسوس آهي جو اسان جي محققن انهيءَ طرف توجهه نه ڏنو آهي. هن گرامر جي هن اکر مان صاف ظاهر آهي ته، برج ڀاشا جو سنڌيءَ سان ضرور ڪو نيهو آهي. ان جو پتو لهڻ گهرجي.(م. س. شيخ)

1  هي جمع جو قاعدو اسان جي سنڌيءَ ۾ هوبهو آهي. جيئن هتي لفظ ”پگ“ جنهن کي اسان ”پڳ“ يا پير چوندا آهيون، تنهن جو جمع پڻ. ”پڳن“ ڪندا آهيون. اهڙي طرح ”لک“ جو جمع ”لکن“ ”ڪروڙ“ جو جمع ”ڪروڙن“ ڪندا آهيون. ”و“ ۽ ”ي“ کي هو ساڪن ڇڏي ڏيندا هئا. اسان پڻ ائين ٿا ڪريون؛ ”سکي“ (جيڏل) جو جمع ”سکين“ ئي ڪندا آهيون. دکي (ڏکن يا ڏکيو) جو جمع ”دکين“ ڪندا آهيون. پکيءَ جو جمع پکيءَ يا پکين ڪندا آهيون. ”الف“ ۽ ”ن“ سان جمع بنائڻ جا قاعدا سرائڪيءَ سان وابسته آهن. اتر جي سنڌيءَ ۾ پڻ ”الف“ ۽ ”ن“ جي شموليت آهي ”کٽ“ کي ”کٽان“ ۽ ”سکي“ کي ”سکيان“ ڪري چئبو آهي. هيءُ سنڌيءَ ۽ برج ڀاشا جو گرامر جو گڏجي پيو، سو پاڻ سان ڪا لڪيل تاريخي حقيقت رکي ٿو، جا ڳولڻ گهرجي. (م. س. شيخ)

1  حرف ناس يا حرف ناهه يا انڪاري اکر الف مفتوح جي ڪري ٿئي ٿو. سنڌيءَ ۾ ”آ“ اڪثر ڪري ”نه“ جي معنيٰ رکي ٿو. هتي لفظ ”اجان“ اسان جي سنڌيءَ جو لفظ ”اڄاڻ“ آهي. اِهو ”حرف ناهه“ اسان وٽ سنڌي گرامر ۾ ڪم ايندو آهي. (م. س. شيخ)

2  ”ب“ مسڪور، اسان به ڪم آڻيندا آهيون.

3  ”س“ مفتوح، اسان به ڪم آڻيندا آهيون، جيئن سپوت ۽ سجايل.

1  ”ڪ“ مفتوح، اسان وٽ به خراب لاءِ ڪم ايندو آهي. ڪپوٽ، ڪپت وغيره.

2  ”ڪ“ مضموم، اسان به ڪم آڻيندا آهيون.

3  ”ن“ مڪسور، نفيءَ جي معنيٰ اسان وٽ به آهي. خود هن مثال ۾ ”لج“ لفظ به سنڌي آهي، جنهن کي اسان ”لڄ“ چوندا آهيون. اسان ”نرلڄو“ يا ”نلڄو“ پڻ چوندا آهيون. (م. س. شيخ)

1  هي قاعدو سنڌيءَ ۾ حرف ندا ۾ به ڪم ايندو آهي. (م. س. شيخ)

1  اسان وٽ به ”ن“ (ڻ) مصدر جو ڪم ڏيندو آهي. مثلاً، ”چلڻ“، ”هلڻ“، وهڻ وغيره.

1  ”ي“ معروف خاص سنڌيپ جو قاعدو آهي. حيدرآبادي (حيدرآباد جو) واسواڻي (واسوءَ جو) شهاڻي (شاهَه جو) ۽ ٻيا اهڙا مثال انهيءَ قاعدي لاءِ ڏيئي سگهجن ٿا. (م. س. شيخ)

2  ندا لا3، اسان ”اي، هُو، هِي، هي“ لفظن سان گڏ ”اي، اڙي، ڙي“ پڻ ڪم آڻيندا آهيون.

1  اسان وٽ پڻ اسم جي شروع ۾ ”ان“ جي ايندو آهي ته، ”نفي“ وارو لفظ ٺهندو آهي.

2  اسان وٽ اسم جي پڇاڙيءَ ۾ ايندڙ هيٺيان اکر آهن: (1) ونت يا وند (روپونت يا روپوند) ڪار (اوگڻ ڪار)، پار (غريب پار يا غريب پال) آيت (غربت)، آوت (سجاوت). انهن ڪلمن کي مونث بنائڻ لاءِ، ”ي“ پڻ ڪن حالتن ۾ آڻبي آهي. (م. س. شيخ)

1  هي نشانيون، سنڌيءَ ۾ اسم جي پڇاڙيءَ ۾ اچي، فاعليت پيدا ڪن ٿيون (1) آيا (کُليا_ ڦليا)، اڪ (تيراڪ، پيراڪ)، آر (ڪلار، ملار).

1  ”پو“ اکر اسمن جي پويان اچي مصدر پيدا ڪر يٿو. مثلاً: ٿلهاپو.

2  ”پڻ“ (ٻالا پڻ).

3  ميلاپ، اهو اکر ”ميل“ ۾ ”پ“ گڏڻ سان ٺهيو آهي. اهڙا اکر، سنڌيءَ ۾ گهڻائي آهن. (م. س. شيخ)

1  اسم جي آخر ۾ ”آٽ“ ايندي آهي ته وصف ٿي پوندي آهي. مثلاً گاڏاٽ، سيکڙاٽ وغيره. ”س“ گڏجڻ سان صفت ٺهي ٿي. مثلاً: ”مٺاس“. ”ايل“ گڏڻ سان مذڪر ۽ مونث لاءِ صفت ٺاهي سگهبي آهي: ”رنگيلو“ يا ”رنگيلي“. مذڪر ۾، اسم صفت جي پٺيان برج ڀاشا وانگر ”و“ ۽ مونث ۾ ”ي“ معروف وجهبي آهي. (محمد سومار شيخ)

1  اسان جي ٻوليءَ جي مٺاس ”ٽرمپ صاحب“ کي ”ڙا“ اسم تصغير جي ڪري ايتري ته وڻي، جو هو صاحب، سنڌي ٻوليءَ جي ساراهه مان ڍاپي ئي نٿو، اسان جي سنڌي ٻوليءَ ۾ اسم تصغير مثلاً: ”مينهن“ کي ”مينهڙو“، ”نينهن“ کي ”نيهڙو“ اسان عام و خاص طرح ڪندا آهيون.

2  اسم تصغير لاءِ ”اوٽ“ لفظ به ڪم آڻيندا آهيون. ”ڀري“ کي اسم تصغير عاليه آڻڻ لاءِ چوندا آهيون ”ڀروٽو“. ”کو“ (وڃائڻ) کي تصغير بنائي ”کوٽو“ ڪندا آهيون. (محمد سومار شيخ)

*  هي صغا، سنڌيءَ ۾ پڻ آهن. (م. س. شيخ)

*  هي گرامر جي مهاڳ واريون نشانيون، اسان جيءَ سنڌيءَ زبان ۾ پڻ، هوبهو ائين جو ائين ڪم اچن ٿيون. (محمد سومار شيخ)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com