سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1962ع (3)

 

صفحو :8

البرٽو مراديا

ترجمو: غياث جوڻيجو

 

”ميريو“

اهو واقعو اجهو هينئن ٿيو:

مان سويل اٿيس، فيلومينا اڃا ستل هئي؛ مون پنهنجي اوزارن جو ٿيلهو سنڀاليو، ۽ خاموش ٻاهر نڪري آيس. مون کي مونٽي پيرولي ۽ وايا گريمسڪ وڃڻو هو، جتي هڪ وهندڙ بوائلر کي درست ڪرڻو هئم. اهڙي معمولي مرمت ڪيترو وقت وٺندي صرف چند ڪلاڪ_ جنهن ۾ پائيپ ٻاهر ڪڍي، ان ۾ جوڙ هڻي واپس لڳائڻو هو. ڪم ختم ڪري آءٌ واياڊائي ڪوروناري آيس، جتي منهنجو دڪان ۽ رهائش جي جاءِ آهي.

هاڻي ذرا وقت جو اندازو لڳايو؛ ٻه ڪلاڪ مونٽي پيروليءَ ۾ رهيس، اڌ ڪلاڪ اوڏانهن وڃڻ ۾ ۽ اڌ ڪلاڪ واپس اچڻ ۾ لڳا. يعني ڪل ٿيا ٽي ڪالڪ. انهن ٽن ڪلاڪن کي وقت جي نقطه نظر کان ڪيتري اهميت آهي؟ ٿوري يا گهڻي..... حالات جي مدِنظر هڪ جست جي پائيپ کي ٺيڪ ڪرڻ ۾ مون کي ٽي ڪلاڪ محنت ڪرڻي پئي، ان جي برعڪس ڪو ٻيو هجي ها ته.......

ليڪن ڳالهه کي ڍنگ سان ڪرڻ گهرجي. واياڊائي ڪوروناري جي موڙ وٽان جيئن ديوار جي اوٽ ۾ تيز تيز وکون کڻندو پئي هليس، تيئن اوچتو پٺيان ڪنهن منهنجو نالو پڪاريو. ٿورو ڪنڌ ورايم ته پوڙهي چوڪيدارڻي فيڊا تي نظر پئي جا ڪجهه وقت ٿيندو ته اسان جي سامهون رهندي هئي. هن جون ٽنگون آمس سبب سُڄي ويون هيون_ جهڙيون هاٿيءَ جون ٽنگون پئي لڳيون. آهستي آهستي رڙهندي ويجهو پهتي، سهڪندي چيائين:

”اڄ ڪيترو نه پري نڪري آئي آهيان..... گرمي به ناحق جي آهي، جيڪر منهنجي هيءَ ٽوڪري گهر تائين پهچائڻ ۾ واهر نه ڪرين؟“

”ائين ڪندي مون کي خشي ٿيندي.“ مون وراڻيو. پوءِ پنهنجي اوزارن واري ٿيلهي کي ٻئي ڪلهي تي لٽڪائي، سندس ٽوڪري هٿ ۾ کنيم. هوءَ مون سان گڏ هلڻ لڳي. سندس ٿلهيون ٽنگون ٿنڀن وانگيان هن جي ڍلي ڪوٽ مان گهلبيون ٿي هيلون. ٿوري ويرم بعد هن ڳالهايو.

”فيلومينا جي ڪهڙي خبرچار آهي. ڪٿي آهي اڄڪلهه؟“

”گهر آهي.“ مون جواب ڏنو، ”کيس ان کان سواءِ هئڻ به ڪٿي گهرجي.“

”هون.... مون نه سمجهو.“

”ڇا؟“

”اهوئي ته هوءَ ضرور گهر ئي هوندي.“ هن ڪنڌ جهڪائي چيو، ”ضرور.“

”ضرور.... ڇو؟“ مون گفتگو جاري رکندي چيو.

”ضرور.“ ”آه منهنجا غريب ٻچڙا“ هن پنهنجي منهن ڀڻ ڀڻ ڪئي.

مون کي ڪجهه شڪ محسوس ٿيو. ٻه_ چار قدم کڻي مون پڇيو، ”ڀلا آءٌ غريب ٻچڙو ڇا لاءِ؟“

”ڇاڪاڻ ته توکي ڏسي مون کي ڏک ٿو ٿئي.“ پوڙهيءَ مون ڏانهن نهارڻ بغير چيو.

”اهڙن اڍنگن جملن ۾ تون ڪهڙي معنيٰ رکين ٿي؟“

”منهنجو مطلب صرف هيءُ آهي پٽ! ته هينئر اڳيون زمانو نه رهيو آهي. اڄڪلهه عورتون اهڙيون نه آهن جهڙيون اسان جي وقت ۾ هيون.“

”آخر ڪيئن؟“

”اسان جي وقت ۾ مرد پنهنجي زال کي پوري اطمينان سان گهر ويهاري خود ڌنڌي ڌاڙيءَ سان نڪري ويندو هو. واپس اچڻ تي هن کي زال اهڙي طرح ملندي هئي جهڙي طرح هو کيس ڇڏي ويندو هو، پر هن دور ۾.......“

”هن دور ۾ ڇا؟..... ڳالهه اڌ ۾ ڇو ڇڏي ڏنئه.“

”اڄڪلهه ايئن نه آهي. عورتن ۾ اها پاڪيزدگي..... پر... خير ڇڏ انهن اجاين ڳالهين کي. مون کي ٽوڪري واپس ڪر. تنهنجي وڏي مهرباني.“

خوشگوار صبوح جي مسرور ڪن خوشي مون لاءِ تيز زهر ۾ بدلجي وئي، جيڪو منهنجي رڳ رڳ ۾ ڦهلجي ويو. مون ٽوڪريءَ کي پري هٽائيندي چيو.

”مان ان وقت تائين ٽوڪري تنهنجي حوالي نه ڪندس، جيستائين تون مون کي سربستي ڳالهه نه سمهائيندينءَ.“ ”۽ ها.... فيلو مينا جو انهيءَ سان ڪهڙو واسطو!“

”مان ته فيلومينا بابت ڪجهه ڪين ڄاڻان.“ هن چيو، ”پر خطره نيٺ به خطره آهي.“

”ڇا جو خطره؟ مون کي صاف صاف ٻڌاءِ فيلو مينا ڇا ڪيو آهي؟“ مون چيخيو.

”ايڊل جيسا کان وڃي پڇ“. هن جواب ڏنو ۽ تيزيءَ سان منهنجي هٿن مان ٽوڪري کسي اهڙو تڪڙو هلڻ لڳي جنهن جو مان گمان به نه پئي ڪري سگهيس. پنهنجي ڊگهي ۽ ڍلي ڪوٽ ۾ ڄڻ ته ڊڪندي پئي وئي.

مون ويچاريو ته هن وقت دڪان تي وڃڻ ۾ ڪو فائدو ڪونهي. مون کي ايڊل جيسا سان ملڻو هو جا خوش قسمتيءَ سان واياڊائي ڪورو ناريءَ ۾ ئي رهندي هئي. فيلومينا کان اڳ، منهنجي شادي لاءِ هن سان پڪ ٿيل هئي؛ پر پوءِ ڪن اڻٽر رڪاوٽن ڪري مون کيس ڇڏي ڏنو هو. هن اڃا شادي ڪين ڪئي هئي. مون کي شڪ پيو ته هن ئي حسد وچان فيلومينا متعلق هيءَ ڳالهه گهڙي هوندي.

ڏاڪڻ چڙهي مٿي پهتس. مُٺ سان دروازو کڙڪائڻ لڳس. جيئن هن تيزيءَ سان دروازو کوليو، منهنجي مڪ سندس نرڙ تي لڳي. سندس قميص جون ٻانهون مٿي کنجيل هيون ۽ هٿ ۾ ڊگهو ٻهارو هئس. مون کي ڏسندي خار مان سوال ڪيائين، ”جينو توکي ڇا گهرجي؟ هن وقت ڇو پنڌ پيو آهين؟“

ايڊل جيسا دلڪش ڇوڪري هئي. سندس مٿو ٿورو وڏو هوندو هو ۽ کاڏي ڪجهه لنمبي. ڊگهي کاڏي هئڻ ڪري سڀ کيس ”ڪاري جي راڻي“ سڏيندا هئا. پر_ ها، ڪير به کيس منهن تي چوڻ جي جرئت نه ڪندو هو. مان اڄ غصي ۾ ڀريل هئس. در وٽ ئي کيس چيم، ”اي ڪاري جي راڻي! ڇا تون ئي فيلومينا بابت اهڙيون ڳالهيون ڦهلائين ٿي، جيئن وقت ڇو پنڌ پيو آهين؟“

منهن سُڄائي هن چيو، ”توکي فيلومينا گهربي هئي نه؟ سا توکي ملي، باقي ڇا کپئي.“ مان اندر لنگهي ويس. هن کي ڪلهن کان وڃي پڪڙيم، پر پوءِ سندس اکين ۾ نراسائي ڏسي کيس ڇڏي ڏنم. ”چئبو ته اها تون آهين.“ مون چيو.

”نه....... مان نه....... مون ته جو ڪجهه ٻڌو سو چيو آهي.“

”ته پوءِ توکي ڪنهن ٻڌايو؟“

”مون سان جينا ڳالهه ڪئي.“

وڌيڪ سوال جواب ڪرڻ بنا آءٌ ٻاهر نڪرڻ لڳس. هن مون کي پوئتان ڇڪيو ۽ خار وچان گهوريندي چيو ”خدا جي واسطي مون کي ڪاري جي راڻي نه ڪوٺيندو ڪر مهربان!“

”ڇو..... تنهنجي لنبي لنبي کاڏي ڪاري جي رڻيءَ جهڙي نه آهي.“ مون پاڻ کي آجو ڪندي چيو ۽ تڪرو تڪڙو ڏاڪڻ لهڻ شروع ڪيم.

ايئن پيو محسوس ڪريان ته ڪنهن ڪُن ۾ اچي ڦاٿو آهيان. اهو ناممڪن پيو لڳي ته فيلومينا مون کي دوکو ڏئي. شاديءَ وارن ٽن سالن ۾ هن منهنجو ڪيڏو نه خيال ڪيو هو. ليڪن رقابت به ڪهڙي چيز آهي. فيدا ۽ ايڊل جيسا جي ڳالهين ٻڌڻ بعد اها محبت به محض هڪ کيڏ معلوم پئي ٿي.

جينا، ڀر واري شراب جي دڪان تي ڪيشئر هئي. هوءَ خوبصورت ۽ پرڪشش ڇوڪري هئي. هن جا وار ڊگها ۽ ڀورا هئا، ۽ سندس نيريون اکيون خاموش ۽ سنجيده لڳنديون هيون. تيز وکون کڻندو هن واري ميز جي ڀرسان وڃي بيٺس ۽ سرگوشيءَ جي لهجي ۾ ساڻس مخاب ٿيس، ”ٻڌاءِ ته، هيءَ ڪهاڻي تنهنجي جوڙيل آهي ته فيلومينا منهنجي پرپٺ ماڻهن سان عيش عشرت ڪندي وتي؟“

هوءَ پنهنجي ڪنهن گراهڪ سان ڳالهائي رهي هئي. ميز جي پاسي ۾ لڳل بٽن کي آڱر سان دٻائي، ٽڪلي ڪڍي جهيڻي آواز ۾ چيائين، ’ٽي ڪافي‘، پوءِ مون ڏانهن نهاري چيائين، ”جينو، تون ڪجهه چئي رهيو هئين؟“

مون سوال وري دهرايو. هن گراهڪ کي ريزڪاري ڏني ۽ چيو، جينو، منهنجا سٺا دوست، ڇا تون مون لاءِ اهو سوچي سگهين ٿو ته آءٌ فيلومينا بابت اهڙيون ڳالهيون گهڙيندس!“. ”ته شايد ايڊل جيسا ڪو خواب ڏٺو آهي!“

”نڪو.“ هن چيو، ”نه هن خواب ڏٺو آهي ۽ نه ئي وري مون ڪا ڳالهه جوڙي آهي. مون ته فقط دهرايو آهي، جيڪي ڪجهه منهنجي ڪنن تي پيو.“

”هيءَ واهه جي دوستي چئبي.“ ائين چوڻ بنا آءٌ رهي نه سگهيس.

”ايڊل جيسا توکي اهو نه ٻڌايو ته مون کي خود ان تي يقين نٿو اچي.“

”ڀلا توسان ڪنهن ڦاٽ کاڌو؟“ مون کي جوش اچڻ لڳو.

”ونسنيزا. هوءَ انهيءَ لاءِ خاص طور لانڊريءَ تان هلي آئي هئي.“

هن کي خدا حافظ چوڻ بعد آءٌ ٻاهر نڪري آيس. سڌو لانڊريءَ طرف رخ رکيم. ونسنيزا مون کي گهٽيءَ مان ئي ڏسڻ ۾ پئي آئي. ڪپڙن تي پيئ استري ڪيائني. هوءَ قد جي بندري هئي، منهن ڀريل هوندو هئس. تمام چالاڪ ۽ زنده دل هئي. مون کي کڙڪ هئي ته کيس مون لاءِ ٿورو گهڻو چاهه هوندو هو. جيئن مون آڱر سان ڏانهس اشارو ڪيو، يڪدم استري ڦٽي ڪري ٻاهر نڪري آئي. شرارت وچان نهاري چوڻ لڳي، ”جينو! تون اڄ ڪهڙو نه سندر ٿو لڳين، دل ٿي چوي......“

”بدمعاش ڇوڪري“. مون رڙ ڪئي، ”ڇا هيءُ سچ آهي ته تون فيلومينا واسطي چوين ٿي ته هوءَ منهنجي غير موجودگيءَ ۾ ماڻهن کي عيش جون دعوتون ڏيندي رهي ٿي؟“

اپرن (ڪوٽ) جي کيسن ۾ ٻئي هٿ وجهندي هن چيو، ”ڀلا جيڪڏهن هوءَ ايئن ڪري ته ڇا تون ناراض ٿيندين؟“

”منهنجي ڳالهه جو جواب ڏي!“ مون کي کهرن لفظن ۾ چيو. ”چئبو اها تون آهين جيڪا اهڙين بي بنياد خبرن کي هوا ڏيندي ٿي وتين!“

”اوه..... تون ڪهڙو نه حاسد آهين.“ پنهنجا ڪلها هيٺ مٿي ڪندي هن چيو.

”منهنجا خدا، هڪ عورت کي پنهنجي سهيليءَ بابت ٻه لفظ چوڻ جو به حق ڪونهي.“

”ان جو مطلب ته سموري شرارت تنهنجي آهي.“

”مون کي افسوس آهي“ هن چيو، تون ڇو ٿو سمجهين ته مون کي تنهنجي زال جي ايتري ڳڻتي آهي. مون ته ڪو افواهه ڪونه اٿاريو آهي. مون سان ته دراصل اگنس ڳالهه ڪئي. بلڪ هوءَ ته هن جي نالي مان به واقف آهي.“

”چڱو، ٻڌاءِ ته ان جو نالو ڇا آهي؟“

”اهوته تون اگنس کان ئي وڃي پڇ. مان ڇا لاءِ پراوا نالا ياد ڪندي رهان!“

هاڻي ته مون کي خاطري ٿي ته فيلومينا مون کان سڀ ڪجهه لڪائيندي رهي آهي. ماڻهن کي هن جي نالي جو به علم آهي. مون سوچيو ته اهو به بهتر جو هن وقت منهنجي ٿيلهي ۾ ڪو ڳورو اوزار ڪونه آهي. مان ته شايد چريو ٿي پوان ۽ ڪو خون ڪري وجهان. مون کي يقين ئي نٿو اچي سگهي. فيلومينا منهنجي پياري زال، ٻئي ڌارئي شخص سان_ مان اهو مڃڻ لاءِ هرگز تيار نه هئس.

مان تماڪ جي دڪان اندر داخل ٿيس جتي اگنس سگريٽ وڪڻندي آهي. ڪائونٽر تي پيسا رکندي مون چيو ”ٻه نيشنل جا سگريٽ ڏجانءِ.“

هوءَ سترهن سالن جي جوان ڇوڪري هئي. قداور، مٿي تي گهاٽا ۽ خشڪ وار، زرد چهرو، جنهن تي گلابي پائوڊر جو تهه چڙهيل هو. سندس اکيون ڄَمُن جهڙيون ڪاريون هيون. آءٌ کيس بس ايترو سڃاڻندو هئس، جيترو واياڊائي ڪوروناري جو هر باشندو ڄاڻي. سڀني کي خبر هئي ته هوءَ دولت جي پوڄارڻ آهي. پيسن پٺيان پنهنجي روح کي وڪڻڻ کان به گريز نه ڪندي آهي.

جنهن مهل هوءَ سگريٽ ڏيڻ ڪاڻ جهڪي، مون کانئس پڇيو، ”ٻڌاءِ ته هن جو نالو ڇا آهي؟“

”ڪنهن جو؟“ هن تعجب مان سوال ڪيو.

”منهنجي زال جي بواءِ فرينڊ جو؟“

”هن سهميل نگاهن سان مون ڏانهن ڏٺو، ڄڻ مون مان وحشت ٿي آيس.

”مون کي انهيءَ بابت ڪا خبر ڪانهي.“ هن چيو.

مون کلڻ جي ڪوشش ڪئي. ”مون کان نه لڪاءِ.“ مون چيو، ”کيس هرڪو ٿو سڃاڻي صرف آءٌ ئي هن کان ناواقف آهيان.“

هن ڪنڌ مٿي کنيو. مون پنهنجن کيسن مان هڪ هزار جا نوٽ ڪڍيا، جي ٿوري دير اڳ ڪيل ڪم عيوض مليا هئم.

”ڏس؛“ مون چيو، ”جيڪڏهن ٻڌائيندينءَ ته هيءُ سمورا نوٽ تنهنجي حوالي ڪندس.“

نوٽن کي ڏسي، هوءَ جذباتي ٿي وئي. بلڪل اهڙي طرح ڄڻ ته مون ساڻس پيار جو اظهار ڪيو هجي. سندس چپ چرڻ لڳا. چئني طرف نهاريائين، پوءِ نوٽن تي هٿ رکندي هلڪي آواز ۾ چيائين ”ميريو“.

”پر توکي اهو پتو ڪيئن پيو؟“

”توهان جي گهر واري چوڪيدارڻيءَ وٽان، جتي اوهان رهندا آهيو.“

مون سگريٽ اتي ڦٽا ڪيا. جلدي گهر طرف وکون کڻڻ لڳس، جو اتان ٿوري مفاصلي تي هو. سموري وات ميريو ميريو اچاريندو هليس. جيئن ميريو لفظ منهنجي وات مان ٿي نڪتو ته منهنجي اکين اڳيان اهي سڀ ميريو ڦرڻ ٿي لڳا، جن کي آءٌ سڃاڻندو هوس. ميريو جو کير وارو هو، ميريو جو دٻاءُ ٺاهيندو هو، ميريو جو دڪاندار هو، ميريو جو ڪنهن وقت سپاهي هو، هينئر بيروزگار ڦرندو وتي. پاري جي ڪاساڻيءَ جو پٽ ميريو، ميريو.... ميريو.... ميريو؛ سڄي روم ۾ لکين ميريو هوندا، ۽ واياڊائي ڪوروناريءَ ۾ سوين!

مان سڌو چوڪيدارڻيءَ جي ڪمري ۾ لگنهي ويس. فيڊا وانگر هلڪين مڇن واري پوڙهي چوڪيدارڻي آرام ڪرسيءَ تي ليٽي پئي هئي. ڀاڄيءَ جي ٽوڪري ڀر ۾ رکي هئس جنهن ۾ ڪا شيءِ ڪٽيندي وجهندي ٿي وئي. اندر جهاتي پائيندي مون کانئس سوال ڪيو.

”ڇا، اها تون آهين، جنهن فيلو مينا بابت هُلايو آهي ته هوءَ منهنجي دڪان تي وڃڻ بعد ميريو نالي شخص سان عيس ڪندي آهي؟“

هوءَ گهٻرئاجي وئي. ڪنڌ ڌوڻيندي چيائين ”نه مون ته ڪا ڳالهه ڪانه ٺاهي آهي. اهو ته هن خود مون کي چيو.“

”ڪنهن، فيلومينا؟“

”ها، هن پاڻ مون کي چيو آهي ته اهڙي قسم جو هڪ ماڻهو مون سان ملڻ ايندو آهي، جنهن جو نالوآهي ميريو. جيڪڏهن جينو گهر هجي ته کيس اندر اچڻ کان روڪي ڇڏيندي ڪر، ۽ جنهن وقت اوهين گهر کان ٻاهر هجو ته کيس اندر وٺي وڃان. هو ته هينئر به مٿي هوندو.“

”هو مٿي آهي؟“ لفظ منهنجي چپن ۾ اٽڪي پيا.

”يقيناً هوندو. کيس مٿي چڙهئي ڪلاڪ کن ٿي ويو آهي.“

نه صرف ايترو ته ميريو واقعي ڪا شخصيت آهي، پر هو هن وقت به فيلومينا سان گڏ آهي، مان جلدي جلدي ڏاڪا اورانگهڻ لڳس. ٽين منزل تي پهچي مون پنهنجو دروازو کڙڪايو. هميشه وانگر فيلومينا در لاٿو، پر مون پهرين نظر ۾ تاري ورتو ته فيلومينا جا سدائين کلمک رهندي آهي، ان جي چهري مان پريشاني صاف ظاهر هئي.

”هون......“ مون تيزيءَ مان ڳالهايو، ”ميريو توسان ملڻ ايندو آهي، جڏهن مان ٻاهر هوندو آهيان!“

”پر..... پر توکي اهو ڪنهن ٻڌايو؟ بيوقوف چوڪيدارڻيءَ؟“ سندس آواز جهيڻو هو.

”مان سڀ ڪجهه ڄاڻان ٿو.“ مون چڀندڙ لفظن ۾ چيو ۽ اندر وڌي آيس.

هن اڳتي وڌي منهنجو رستو روڪيو. ”ڪجهه ٿڌي دماغ کان ڪم وٺ، جينو! هن جي اچڻ ڪري توتي ڪهڙو اثر ٿو پوي. کيس ٿوري دير وهڻ نه ڏيندين؟“

ان وقت مان آپي کان ٻاهر نڪري ويس. مون ۾ وڌيڪ برداشت جو مادو نه رهيو. هن جي ڳل تي زور سان ٿڦڙ هڻي کيس پاسي تي ڌڪو ڏنم ۽ مان اڳتي وڌي ويس.

اُف! عورتن وٽ ڳالهه، شيطان وانگر ڪيئن نه جلد پکڙجيو وڃي. شيطان به هر شرارت ۾ عورتن کي ئي ساٿي بڻائيندو آهي.

ميريو، بستري تي بالم بڻيو، ڪافيءَ سان شغل ڪري رهيو هو. پر هيءَ ميريو دٻن ٺاهڻ وارو ميريو نه هو. هيءُ واڻيو ميريو به ڪين هو ۽ نه ئي وري ڪاسائيءَ جو پٽ ميريو هو. هيءُ انهن ميريوئن مان نه هو، جن کي آءٌ پنهنجي گهر اندر سوچي رهيو هوس. هيءُ ميريو ته فيلومينا جو سڳو ڀاءُ هو، جيڪو چوريءَ جي زلام ۾ ٻن سالن کان جيل ڪاٽي رهيو هو. اهو خيال ۾ رکندي ته، هو ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن ضرور آزاد ٿيندو، مون فيلومينا کي چِتائي ڇڏيو هو، ”خبردار، مان هن کي پنهنجي گهر اندر ڏسڻ نٿو چاهيان، نه هن جاءِ ۾ سندس آواز ٻڌڻ گهران ٿو.“

پوءِ هوءَ غريب ڇوڪري، جنهن کي پنهنجي ڀاءُ سان والهانه پيار آهي، ان جي باوجود به لڪي ڇپي ساڻس ملندي رهندي هئي.

ميريو جي نظر جڏهن منهنجي غصيلي چهري تي پئي، ته منهن جو رنگ ڇڏائجي ويس. مان کيس مخاطب ٿيس، ”اوه ميريو، ڪهڙو حال آهي؟“

”مان.... وڃان ٿو.... اجهو ٿو وڃان..... اها حقيقت آهي ته آءٌ نيچ آهيان.“ فيلومينا کي سڏڪا ڀريندو ڏسي، منهنجو ڪنڌ شرم کان جهڪي ويو.

”نه..... نه، ترس“ مون چيو، ”ڏينهن ٻه ته رهه.... خدا جي واسطي کاڌي تائين ته ويهه.“ اڳتي وڌي فيلومينا جا وهندڙ ڳوڙها خشڪ ڪيم ۽ پيار ڀريئي آواز ۾ چيومانس، ”پياري، جيڪڏهن ڀاءُ ميريو کاڌي تائين ترسي ته ڪهڙو نه چڱو؟“

حالات کي معمول تي آڻڻ جي ڪوشش ڪيم. پنهنجي ڪئي تي پشيمان ٿين سبب فيلومينا ۽ مان ٻئي وري هڪ ٿي وياسين. بهرحال اجاين افواهن جو مسئلو اڃا منهنجي سامهون هو. گيڙي کن سوچي، مون ميريو کي چيو، ”ميريو، اچ آءٌ توکي دڪان تي وٺي هلان. باس توکي ڪونه ڪو ڪم ضرور ڏيندو. تون ڪنهن ڌنڌي سان لڳي ويندين.“

کاڌو کائي، اسين باهر نڪتاسين. ڏاڪڻ لهندي، مون چيو، ”توکي هتي ڪير ڪونه سڃاڻي، گذريل ڏينهن ۾ تون جيلان ۾ ڌنڌو ڪندو هئين..... سمجهيئه نه؟“

”ها......... بهتر.“

جڏهن ڏاڪڻ لهي، اسين چوڪيدارڻيءَ جي ڪمري ڳايان لنگهي رهيا هئاسين، مون ميريو کي ٻانهن کان ڇڪيو ۽ چوڪيدارڻيءَ سان سندس تعارف ڪرايو، ”هيءُ آهي ميريو_ منهنجو سالو. تازو جيالن کان آيو آهي. هاڻي اسان سان گڏ رهندو.“

”مون کي اوهان سان ملي بيحد خوشي ٿي.“

”۽ مون کي پڻ.“

”خوشي ته مون کي ٿيڻ گهرجي، واٽ هلندي مون سوچيو. عورتن جي پٽ شٽ ۾ پنهنجا هڪ هزار ليرا وڃايم. وري زال جي راضپي رکڻ واسطي هڪ چور کي پانهه ڏيڻي پئي، تڏهن به زال جي پاڪدامنيءَ عيوض اهو سودو سستو سمجهيم.

 

”جيئن سج نُور ۽ زندگيءَ جو سرچشمو آهي، تيئن علم ڪمال ۽ جلال، جي کاڻ آهي، جنهن سان دل ۾ گرمي، تصورات ۾ عظمت، اکين ۾ روشني، ۽ ارادن ۾ بلندي ٿي پيدا ٿئي. علم جابر ۽ ظالم جو پردو چاڪ ڪري ٿو، ۽ انسانذات کي آزاد ۽ خوددار ٿو بنائي. اِن صورت ۾، ظاهر آهي ته جابر نظام ائين ڪڏهن به نه چاهيندو ته سندس غلاميءَ جي زنجينر کان انسانذات آزاد رهي. تنهنڪري، لازمي طور، يا ته هو عام ماڻهن کي علم کان محروم رکڻ جي ڪوشش ڪندو، يا ته علم تائين پهچڻ جون سڀ واٽون عام ۽ وچولي درجي وارن ماڻهن لاءِ بند ڪري ڇڏيندو، ۽ فقط انهن ڳالهين جي سکڻ لاءِ سهولتون مهيا ڪندو، جن جي اثر سببان هو صحيح معنيٰ ۾ سندس غلام بنجي سگهن.“ _ ڪائونٽ

 

 

سيد مسعود حسن رضوي ”اديب“

مترجم: محمد سومار شيخ

 

برج باشا جو گرامر

 

هن مضمون لکڻ وقت، هڪ ڳالهه جا دل تي بار ٿي بيٺي آهي، سا هيءَ ته ”برج ڀاسا“ جو اڪثر مضمون هوبهو ڄڻڪ سنڌي گرامر آهي. باقي ڪي ٿوريون ڳالهيون ڌاريون آهن، جي اسان جي سنڌي گرامر ۾ آهن، ۽ ”برج ڀاشا“ جا الفاظ جي هت ڪم آندا ويا آهن تن مان معلوم ٿئي ٿو ته، سنڌي زبان ۾ به ساڳيا لفظ اڄ تائين وڏي انداز ۾ ڳالهايا ويندا آهن. جيئن ته ”برج ڀاشڊا“ اڙدوءَ جي جنم داتا زبان ليکي ويندي آهي، تنهنڪري تعجب پيو لڳي ته اڙدوءَ جي انهيءَ مهاڳ واريءَ زبان ۾ سنڌي لفظ ۽ گرماري سٽاءُ ايتري وڏي انداز ۾ ڪيئن شامل ٿيا؟ هيءَ هڪ ڳجهارت پئي معلوم ٿئي.

منهنجو پوين جي مطالع مان اندازو آهي ته اسان جي سنڌي زبان هندستان جي سنڀي زبانن جي جنم داتا آه. ڇو ته پراڻي گجراتي، پراڻي پنجابي ۽ ٻين هندستان جون پراڻيون زبانون، تن جو ادبي خزانو جو سوين سال اڳ وجود ۾ آيو تنهن کي جي پڙهجي ٿو ته، اُهو پراڻو خزانو اسان جي سنڌي زبان کي بنهه لڳو لڳ ڪلهو هنيو بيٺو آهي. اڃا به جي اڳتي وڌي اسان سنسڪرت ۽ پراڪرت جي ادبي ۽ مذهبي لٽريچر ۾ ڪجهه ٽٻيون هڻنداسون ته اسان کي انهيءَ علمي ۽ ادبي سمنڊ جي رڳو مٿان سنسڪرت ۽ پراڪرت جو تهه ڏسڻ ۾ ايندو، باقي اندر ته رڳو سنڌيت پئي موجون ماڻي ۽ سنڌيت ئي پئي موتي سانڊي، پر هجي ڪو ٽوٻو، جو ايترو اندر پيهي وڃي ۽ ان جو مٿاهون پردو لاهي، عوام کي سنڌيت جا جرڪندڙ موتي ڏيکاري. زماني جي ايندڙ هوائن، جنهن حقيقت کي دٻي رکيو آهي، تنهن کي اوجل ڪري ظاهر ڪجي! مون هن مضمون جي حاشيه ۾ انهن ڳالهين جو مختصر نوع ۾ ذڪر ڪيو آهي، جن جو سنڌي گرامر سان واسطو آهي. (م.س.ش).

اورنگزيب جي ڏينهن ۾، ڪوڪلتاش خان (ڪي ڪوڪـﮧ بادشاهه) جي حڪم سبب، ”تحفـﺔ الهند“ ڪتاب لکيو ويو هو. هي ڪتاب رڳو ڪن قليل ڪتبخانن جي زينت ٿي رهيو. سيد مسعود حسين وٽ جيڪو نسخو هو، انهيءَ جو ديباچو مختصر هو؛ پر ٻئي هنڌ اُن ڪتاب جو مهاڳ طويل آهي. شايد مختصر ديباچو اورنگزيب لاءِ ۽ طويل مهاڳ اورنگزيب جي فرزندن لاءِ تيار ڪيو ويو هو.

هن ڪتاب جي لکندڙ جو نالو ڪٿي اعظم خان، ڪٿي معزالدين جاندار ڄاڻايل آهي. لکندڙ جي پيءُ جو نالو به ڪٿي فخرالدين محمد ته ڪٿي ميرزا محمد ته ڪٿي مرڳو مرزان خان لکيو آهي. حالانڪ ”تحفـﺔ الهند“ جي مصنف جو نالو مير زان خان هو.

”تحفـﺔ الهند“ ۾ هڪ مقدمون ۽ ست باب آهن؛ سڄي ڪتاب جو وچور هي آهي:

مقدمو:         هن ۾ ناگري رسم الخط ۽ ڀاکا جا سڀ قاعدا آيل آهن.

پهريون باب:   پنگل جي بيان ۾ لکيل آهي، جنهن کي اسان علم عروض چوندا آهيون.

ٻيو باب:       تُڪ جي باري ۾ آهي، جنهن جي معنيٰ علم قبافه آهي.

ٽيون باب:     النڪار جي باري ۾ آهي، جنهن ۾ هند جو علم بيان ۽ بديع اچي ٿا وڃن.

چوٿون باب:    سنگارس تي لکيل آهي، جنهن ۾ علم عشاقي ۽ معشوقي اچي وڃي ٿو.

پنجون باب:   سنگيت جي باري ۾ آهي.

ڇهون باب:    ڪوڪ جي نالي سان آهي، هن باب ۾ عورتن سان پيار ڪرڻ جو بيان ڄاڻايل آهي.

ستون باب:    سامدرڪ جي باري ۾ آهي، جنهن کي علم قيافه چيو ويندو آهي.

خاتمون:        هن ڪتاب جو خاتمو، اهل هند جي لغات، ڪنايه ۽ اصطلاح جي ذڪر کان پوءِ ڪيو ويو آهي.

هن ڪتاب جا ٻه حصا آهن، پهرئين حصي ۾، ناگري لفظ ۽ رسم الخط جو نمونو آهي ۽ ٻي حصي ۾ ڀاکا جو ”قواعد ڪليه“ آهن. لکندڙ، اُن کي مخترع چئي ٿو. مطلب اٿس ته، باکا جا اهي ڪُلئي قاعدا اول اول مون ئي جوڙيا آهن. هي ڪتاب ايترو جامع نه آهي، پر تاريخي حيثيت ضرور رکي ٿو. هن ڪتاب مان ”کري ٻولي“ ۽ ”برج باشا“ جا تعلقات ڏسي سگهجن ٿا.

هتي اسان مقدمي جو ٻيو حصو پيش ڪريون ٿا؛ اهو، مصنف ايئن لکيو آهي، جيئن اُن وقت ڳالهايو ويندو هو.

سهنسڪرت: هن ٻوليءَ ۾، علم ۽ فن جا ڪتاب لکيا وڃن ٿا. هيءَ عالمن جي زبان آهي. هن کي ”آڪاس باني“ ۽ ”ديو باني“ چوندا آهن. هيءَ آسمان وارن ۽ ديوتائن جي ٻولي آهي.

پَراڪِرت: هن زبان ۾ بادشاهن ۽ وڏن ماڻهن جي ساراهه ٿئي ٿي. هن جا عالم هيٺ آهن [1] تنهنڪري انهيءَ کي ”پاتال باني“ ۽ ”نانگ بانِي“ چوندا آهن. هيءَ زبان، سنسڪرت ۽ باکا جي مرڪب آهي.

باکا: رنگين شعر ۽ عاشق معشوق جو بيان، انهيءَ ئي ٻوليءَ ۾ ٿئي ٿو. هيءَ اسان جي ٻولي آهي. باکا جو اطلاق پراڪرت ۽ سهنسڪرت کان سواءِ، ٻين سڀني ٻولين تي ٿئي ٿو، خصوصاً برج وارن جي زبان سان. برج هندستان جي هڪ ٽڪري جو نالو آهي، انهيءَ جو اصل نالو مٿرا به آهي. مٿرا جي گرد چئن ڪوهن تائين، هن زبان جي حد آهي. برج وارن جي زبان سڀ کان فصيح آهي، انهيءَ ٻوليءَ جي قاعدن جوڙڻ جو مون کي فخر آهي.


[1]  هيٺ جا عالم: لکندڙ جو مطلب ڏکڻ طرف جا عالم آهن. ڇو ته، ڏکڻ طرف ئي سمنڊ هو، جنهن ڪري پراڪرت کي ”پاتال باني“ (پاتال ٻاڻِي) ڪريو چوندا هئا. (م. س. شيخ)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com