سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2005ع

مضمون --

صفحو :11

 

شگفته شاهه                                                      ناول/ قسط 3

ٽڙي پوندا ٽاريئين...

جنوريءَ جي اها خوبصورت ۽ ٿڌڙي شام رابيل لاءِ ڄڻ زندگيءَ ۾ هڪ نئين تبديلي کڻي آئي هئي. اڄ الاهي عرصي کان پوءِ هن هلڪو ميڪ اپ ڪري، پنهنجو پسنديده نيوي بلو سوٽ پاتو هو ۽ فيضان جو پروگرام اٽينڊ ڪرڻ لاءِ جيئن ئي گيٽ جي اندر داخل ٿي ته پريان فيضان، جيڪو ڪن مهمانن سان گفتگو ۾ مصروف هو. رابيل کي ڏسي والهانه انداز ۾ هن ڏانهن وڌيو هو هن کي فل سوٽ پاتل هو  جنهن ۾ هو تمام هئنڊسم لڳي رهيو هو. هو رابيل کي وٺي پروگرام هال ڏانهن وٺي آيو. رابيل جي ويهڻ بعد هو وري هال کان ٻاهر نڪري ويو. رابيل ڪافي عرصي کان پوءِ ڪنهن اهڙي ميڙ gathering ۾ آئي هئي. هن هال ۾ موجود مهمانن جو جائزو ورتو. سندس نظرون بار بار انهن نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين ڏانهن کڄي ٿي ويون. جن کي Forum جي مختلف عهدن جا بيج لڳل هئا ۽ اهي اسٽيج جي سيٽنگ ۽ ٻين انتظامن ۾ مصروف هئا. سندن چهرا خوبصورت، روشن ۽ پرجوش هئا ۽ پوءِ جڏهن سڀ مهمان اچي ويا ته فيضان ڊائيس تي اچي سڀني کي ڀليڪار چئي ۽ مختصر طور پنهنجي فورم جي غرضن ۽ مقصدن aims and objects تي روشني وڌي. رابيل کيس ڏسندي ئي رهجي وئي. اسٽيج جي مختلف شيڊن جا عڪس سندس شخصيت کي اڃا به گهڻي خوبصورتي بخشي رهيا هئا. سندس آواز، سندس گفتگو ۽ شخصيت رابيل سميت تقريباً سڀني مهمانن کي مسحور ڪري ڇڏيو هو. سڄو هال خاموش هو ۽ نمايان هو. ان کان پوءِ جڏهن ٻين مهمانن اچي سندس فن شخصيت ۽ سماجي ڪمن تي روشني وڌي، تڏهن رابيل کي پهريون ڀيرو احساس ٿيو ته هو ڪو عام شخص نه هو......! کيس الاءِ ڇو هن تي وڏو فخر محسوس ٿيو ۽ پوءِ خاص مهمان کان رسالي جي ۽ فورم جي مهورت ڪرائڻ کان پوءِ نوجوان ڪمپيئر ”نسيشا“ نالي ڇوڪريءَ جو نالو ڪال ڪري کيس اسٽيج تي اچي فورم جي ڪارڪردگيءَ بابت ڄاڻ ڏيڻ لاءِ سڏيو ويو ته هڪ بيحد سمارٽ ڇوڪري، جنهن جو چهرو انتهائي پر ڪشش هو ۽ ڪلهن تائين ڪٽيل خوبصورت وار هئا. ميرون رنگ جي ساڙهيءَ ۾ انتهائي نفاست سان اسٽيج تي پهتي ۽ پوءِ اسٽيج تي لڳل اسڪرين تي ڪمپيوٽر جي مدد سان انتهائي مهارت ۽ اعتماد سان ڪمپيوٽر آپريٽ ڪندي فورم جي مختلف پروجيڪٽس بابت ڄاڻ ڏيندي رهي. سماجي حوالي سان جڏهن سنڌ جي ڏورانهن علائقن ۽ ٿر بابت documentary فلمون ڏيکاريون ويون ۽ ٻڌايو ويو ته ڪيئن نه اڄ جي ايڏي ترقي يافته دور ۾ جتي سڄي دنيا هڪ global village ۾ تبديل ٿي رهي آهي. سنڌ جي ماڻهن کي پيئڻ لاءِ پاڻي به ميسر نه هو! ڏڪار ۽ بک جا ماريل انسان، انسان نه پر ڄڻ فقط هڏن جا پڃرا هئا ته ٻئي پاسي علاج جون سهولتون نه هئڻ ڪري، ڪيئن نه  ماڻهو بي وسيءَ جو موت مري رهيا آهن! زندگيءَ جا اهي روپ حقيقت ۾ ڏسي رابيل جا لڱ ڪانڊارجي ويا. ٻيو ته گهڻو ڪجهه هو. عورت سان ٿيندڙ وحشيانه سلوڪ، بي گناهه ڏوهي جن کي جيلن ۾ رهندي سال گذريا.... ۽ گهڻو گهڻو ڪجهه. رابيل اهڙي نموني جو پروگرام پهريون ڀيرو  attend  ڪيو هو جنهن ۾ فقط تقريرون ۽ لفاظي نه هئي. بلڪ ڪمپيوٽر جي استعمال ۽ جديد Technique وسيلي ٺوس حقيقتون بيان ڪيون ويون هيون. ان بعد سنڌي زبان ۾ فورم پاران رليز ڪيل ڪجهه جديد سازن جي خوبصورت سنگم سان نوجوان فنڪارن جي band پاران شاهه لطيف، شيخ اياز ۽ فيض احمد فيض جي شاعريءَ کي معياري موسيقيءَ جي  شڪل ۾ Cds مان ڪجهه Selected وڊيو گيت ڏيکاريا ويا ته هال ۾ موجود شاگرد طبقي مان ڪيترائي ڇوڪرا پرجوش ٿي تاڙيون وڄائڻ لڳا ۽ رابيل کي ته ائين محسوس ٿيو، ڄڻ هوءَ ڪنهن اونهي ۽ اونداهي کوهه مان نڪري هڪدم  روشنيءَ ۾ اچي وئي هجي يا ڪنهن ٽائيم مشين ذريعي ڪنهن نئين دنيا ۾ اچي وئي هجي! ڇا واقعي هوءَ هن گهٽ ۽ ٻوسٽ ۾ ورتل سماج ۾ هئي؟ يا زمانو بدلجي چڪو آهي! نه _ نه _ هن سوچيو هي نوجوان ته هڪ نئين منزل جا راهي ضرور آهن، پر محض ڪجهه ذهن روشن ٿيڻ سان صدين جي هن گهٽ ۽ ٻوسٽ واري سماج ۾ تبديلي اچڻ ممڪن آهي ڇا؟

۽ پوءِ آخر ۾ ”هو جمالو“ تي فورم جا نوجوان ميمبر ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون اسٽيج تي چڙهي آيا ۽ ڇوڪريون اسٽيج جي پوئين پاسي قطار ۾ بيهي تاڙيون وڄائي رهيون هيون ۽ ڇوڪرا فل سوٽن تي ڳچيءَ ۾ اجرڪ پائي ڪجهه انگلش اسٽائيل ۽ ڪجهه سنڌي اسٽائيل ۾ دائري ۾ نچڻ لڳا ته پورو هال به تاڙين سان ٻري ويو ۽ رابيل کي به سچ پچ ڏاڍو مزو آيو ۽ هن چيو: هي نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون جن مان ڪي ڊاڪٽر آهن ڪي انجنيئر، ڪي ڪمپيوٽر جي شعبي سان واسطو رکندڙ، ته وري M.BA’s....... جيستائين اسان جي قوم ۾ اهڙا پر جوش اعليٰ تعليم يافته ۽ پنهنجي زبان، ڪلچر ۽ ڌرتيءَ سان محبت رکڻ وارا نوجوان ٿيندا رهندا، تيستائين نه ته اسان جي ٻولي ختم ٿيندي نه ڪلچر بلڪ هي ته انهن کي جديد ميڊيا وسيلي زنده رکندا. انٽرنيٽ وسيلي سموري دنيا جي سنڌين کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻيندا. رابيل جوش ۾ تاڙيون وڄايون ته سندس نظر اسٽيج جي ڀرسان هيٺ بيٺل فيضان تي پئي. جيڪو کيس ئي ڏسي مرڪي رهيو هو ته رابيل به بي اختيار کيس مرڪي ڏٺو ته فيضان جي چهري تي هڪ عجيب خوشيءَ سان ڀرپور احساس ظاهر ٿيو ۽ سندس مرڪ وڌيڪ چٽي ٿي وئي. ان بعد تصويرن جي نماءَ جو افتتاح ٿيو ته سڄو نمائش هال ماڻهن سان ڀرجي ويو. سڀني آرٽسٽن جي فن کي ساراهيو پئي ويو پر رابيل جي منفرد اسٽائيل کي سڀني کان گهڻو پسند ڪيو پئي ويو. نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون هن کان آٽوگراف وٺڻ لڳا ۽ پوءِ پريس فوٽوگرافرن ۽ رپورٽرن ايڏن سالن بعد رابيل کي ڏسي کيس گهيري ورتو ۽ ڪئمرا جي چمڪاٽن ۽ رپورٽرن جي سوالن رابيل کي پريشان ڪري ڇڏيو. کيس گهٻراهٽ ٿيڻ لڳي. ان ڪري موقعو ملندي ئي هوءَ خاموشيءَ سان هال مان نڪري آئي. ايستائين کيس پري کان فيضان ايندو نظر آيو هن کيس چيو:

”رابيل صاحبه! توهان هن پاسي هلو هاڻي refreshment شروع ٿيڻ واري آهي.“

رابيل سندس رهنمائيءَ ۾ رفريشمينٽ هال ۾ آئي ۽ پوءِ عادت مطابق کيس ڪجهه کائڻ نه وڻيو ۽ چانهه پي هن سوچيو ته فيضان کان موڪلائي هوءَ گهر وڃي. پر هو الاهي مهمانن جي وچ ۾ بيٺل هو ۽ انهن سان ڳالهائڻ ۾ مگن هو. هن خاموشيءَ سان هليو وڃڻ مناسب سمجهيو ۽ جڏهن هوءَ گهر پهتي ته ڄڻ سک جو ساهه کنيائين. کيس هاڻي ماڻهن جي ميڙاڪن ۽ تقريبن ۾وڃڻ کان وحشت ٿيندي هئي. هوءَ ته آدم بيزار بنجي چڪي هئي. چئنج ڪرڻ بعد هوءَ ڪمري ۾ آئي. مس ته فون جي گهنٽي وڳي.

”هيلو!“ هن فون جو رسيور کڻندي چيو. ٻئي پاسان فيضان ڳالهائي رهيو هو.

”رابيل صاحبه! هي ڇا؟ توهان ته چانهه به نه پيتي! ۽ بنان ٻڌائڻ جي هليون به ويون!“

”فيضان صاحب! پليز مائينڊ نه ڪجو.“ رابيل چيو، دراصل مون کي اهڙو ڪو پروگرام اٽينڊ ڪندي عرصو ٿيو.... ان ڪري ايڏي ميڙ ۾ گهٻراهٽ ٿيڻ لڳي. ان سبب آءٌ هلي آيس.“

”توهين به ڪمال ٿيون ڪريو!“ فيضان الاءِ ڪهڙي جذبي وچان چيو. ”توهين ايڏي عرصي بعد ڪنهن نماءُ ۾ حصو ورتو آهي. ڪيترائي ماڻهو توهان سان ملڻ چاهين ٿا ۽ ميڊيا جا نمائندا توهان جو انٽر ويو وٺڻ چاهين پيا.“

رابيل: ”مون چيو نه فيضان صاحب، مون کي گهٻراهٽ ٿي ٿئي.“ رابيل کي هينئر به گهٻراهٽ ئي ٿي. ”آءٌ فوڪس ۾ اچڻ نٿي چاهيان... آءٌ هن وقت شايد انهن جي سوالن جا جواب پڻ صحيح نموني ڏئي نه سگهنديس. آءٌ ته ان نماءُ ۾ رڳو توهان جي دل رکڻ لاءِ شريڪ ٿيس نه ته مون کي هاڻي اهڙين سرگرمين ۾ حصو وٺڻ ۽ شهرت سان تر جيتري به دلچسپي ڪانهي.“

”هيءُ نماءُ ته ڪجهه ڏينهن جاري رهندو، پوءِ ڇا توهان ٿورو ٽائيم ڪڍي اچي نه سگهنديون، ته جيئن جيڪي ماڻهو توهان سان ملڻ چاهين ٿا اهي ملي سگهن!“

”نه!.... مون کي افسوس آهي، پر اها منهنجي مجبوري سمجهو!“

(مايوسيءَ مان) ”ٺيڪ آهي!“ فيضان ٿڌو ساهه ڀريو، ”چڱو ڀلا اهو ٻڌايو ته پروگرام ڪيئن لڳو؟“

”او..... ها! توهان کي ايڏي سٺي پروگرام ارينج ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيان ٿي.“ رابيل هن کي ساراهيو. ”سچ پچ ته مون کي اهو ڏاڍو مختلف ۽ سٺو لڳو.... ۽ اڄ سچ پچ ته مون کي توهان جو قدر پيو ته توهان ڇا آهيو. اسان جي نوجوان طبقي ۾ توهان جهڙا ماڻهو گهٽ ئي هوندا آهن.“

Thank you! منهنجي لاءِ توهان جا Comments بيحد اهم آهن. ترسي چيائين ”رابيل صاحبه! توهان کي هڪ ڳالهه چوان، مائينڊ ته نه ڪنديون؟“

”جي چئو!“

”پر..... آخر ڇو؟“

”منهنجي صاف گوئيءَ تي ناراض نه ٿيون ته پوءِ....؟“

”نه ٿيندس. توهان چئو.“

”توهان مون کي سٺيون ٿيون لڳو. آءٌ توهان سان رابطو رکڻ چاهيان ٿو.“

رابيل (کلندي): ”سٺا ته توهان به مونکي لڳندا آهيو، ڇو ته توهان ۾ اهي خوبيون آهن، جيڪي اسان وٽ گهٽ ماڻهن ۾ هونديون آهن. توهان پر اعتماد آهيو، اعليٰ تعليم يافته آهيو ۽ توهان کي ڳالهائڻ جو ڏانءُ پڻ آهي. توهان  Telented آهيو ۽ وڏي ڳالهه ته پنهنجي تعليم ۽ ذهانت کي positive ڳالهين ۽ activities ۾ استعمال ڪرڻ چاهيو ٿا، منفي سوچن ۽ ڪاروائين ۾ نه.“

فيضان: Thanks again پوءِ فون ڪرڻ جي اجاز آهي؟“

”ٺيڪ آهي.“ رابيل چيو.“ پر روز نه، ڪڏهن ڪڏهن!“

فيضان: ”O.K _ پنهنجو خيال رکجو!“

”توهان به....“ رابيل جي زبان مان بي اختيار نڪتو ۽ فون رکڻ بعد سندس چپن تي بي اختيار مرڪ ٽڙي پئي. رابيل کي عرصي کان پوءِ اڄ پنهنجي اندر ڪا خوشگوار تبديلي محسوس ٿي. اڄ هن سڀني سان ڳالهايو، پيرو بابا سان، گلان ۽ شفن جو احوال پڇيو ۽ ڪچن ۾ هنن سان گڏ رات جي مانيءَ جي تياري ڪندي رهي ۽ پوءِ رات جي ماني کائي ماسيءَ جي ڪمري ۾ سوڙ جي اندر ويهي هن ماسيءَ سان الاهي ساريون ڳالهيون ڪيون... ۽ پوءِ رات دير تائين چانهه پيئندي انجواءِ ڪندي رهي، ڇو ته ٻئي ڏينهن موڪل هئي. هن سوچيو ته اڄ هوءَ دير سان سمهندي ۽ صبح جو دير سان اٿندي. هوءَ مستقل اهو سوچي پنهنجي منهن مرڪندي رهي ته فيضان جي ايڏي وڏي پروگرام ۾، جنهن ۾ شهر کان ٻاهران به ڪيتريون ئي اهم شخصيتون آيون هيون.... انهن سان مصروف هجڻ جي باوجود هن نوٽ ڪري ورتو هو ته هوءَ refreshment ڪرڻ بنا ئي گهر هلي آئي هئي... جيتوڻيڪ بظاهر ائين پئي محسوس ٿيو ته هن جو ڌيان مون ڏانهن هو ئي ڪونه! ڪيڏو نه مختلف شخص آهي؟... ڪيڏو پيارو ماڻهو آهي.

******

ائين ڪجهه ڏينهن گذري ويا. رابيل جو موڊ ڪافي بهتر رهڻ لڳو. کيس يونيورسٽيءَ ۾ به مزو اچڻ لڳو ۽ گهر ۾ به هوءَ سڀني سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ لڳي سڀئي گهر وارا سندس ان تبديليءَ تي خوش هئا. تڏهن هڪ شام وري فيضان جي فون آئي هئي ته هوءَ ڏاڍي خوش ٿي هئي. هن کيس چيو:

”فيضان صاحب! نماءُ جي خبر چار ڏيو. ماڻهن جو ريسپانس ڪيئن آهي؟“

فيضان:  ”نهايت شاندار _ سڄو سڄو ڏينهن ماڻهو اچن پيا ۽ آرٽسٽن جي ڪم کي ساراهين پيا.“

رابيل: ”اڇا!“

فيضان: ”ڪڏهن ته توهين به فون ڪنديون ڪريو. ڪڏهن پنهنجي آڱرين کي ٿوري تڪليف ڏئي منهنجو نمبربه ڊائل ڪري ڇڏينديون ڪريو.... ڏسو... نه هيءَ ون وي ٽريفڪ سٺي ته ڪانه ٿي لڳي نه!“

رابيل: ”فيضان صاحب! مون توهان سان اهڙو ڪو به واعدو نه ڪيو هو. توهان کي پڻ مون فون ڪرڻ جي اجازت ان لاءِ ڏني ته اها توهان جي خواهش هئي، منهنجي نه.“

”پر.... توهان ته چيو ته آءٌ به توهان کي سٺو ٿو لڳان!“

جي آءٌ پنهنجن لفظن کان ڦران نٿي پرائين ته اسان کي ڪئي ماڻهو سٺا لڳندا آهن. ڪلاس فيلو، ڪليگس، ليکڪ، فنڪار وغيره ... پوءِ ان جو اهو مطلب ته ڪونهي ته اسين روز ويهي انهن سان فون تي ڳالهايون!“

فيضان: ”نه!... منهنجو مطلب آهي ته.... جيڪڏهن اسان پاڻ ۾ ڪو تعلق طئي ڪري وٺون....“

”نيٺ آهيو نه مرد!“ رابيل ڳالهه ڪٽيندي ڪاوڙ مان چيو. ”اچي ويا نه اصل ڳالهه تي. اسان جهڙن عورتن جي اهائي ته وڏي ٽرئجڊي آهي ته اڃا هڪ قدم اڳتي مس وڌايون ته مرد ڳجهن جيان لامارا ڏيڻ لاءِ اڳ ۾ ئي تيار ويٺا هوندا آهن. هر ڪوئي دوستيءَ ۽ محبت جا ڪوڙڪا هڻيو بيٺو هوندو آهي. باقي عزت ڏيڻ لاءِ ڪوبه تيار نه هوندو آهي.“

فيضان: ”رابيل صاحبه! آءٌ اهڙن مردن مان ناهيان. توهان منهنجي ڳالهه جو غلط مطلب ورتو آهي. آخر ايڏيون شڪي ۽ بد گمان ڇو ٿي ويون آهيو، جو توهان مان چڱي ۽ بري انسان جي شناس ئي نڪري وئي آهي. مون توهان کي هڪ ڀيرو اڳ به چيو هو ته زندگيءَ ۾ ڪو سٺو ماڻهو ملي ته ان جي محبت کي نه ٺڪرائجو... مون کي افسوس آهي ته مون توهان جو ايڏو قيمتي وقت برباد ڪيو. بهر حال وري به چوندس، پنهنجو خيال رکجو.“

هن فون بند ڪري ڇڏي ۽ رابيل پريشان ٿي سوچيو: هي مون ڇا چيو؟ هن مون سان ڪهڙي برائي ڪئي هئي؟ نماءُ جي سلسلي ۾ مون کيس ڪيڏو نه تنگ ڪيو هو ۽ بلڪل به تعاون نه ڪيو هو، پر هن منهنجي هر ڳالهه صبر۽ بردباريءَ سان برداشت ڪئي هئي ۽ ڪڏهن به ڪاشڪايت نه ڪيائين... پر اڄ.... مون وري کيس Hurt ڪيو آهي. آخر آءٌ ائين ڇو ٿي وئي آهيان؟ سڀني کي منهنجي وريي مان شڪايت آهي ۽ ان ڪري ئي سڀ ماڻهو ڏينهون ڏينهن وڃن پيا مون کان پري ٿيندا ۽ آءٌ جيئن پوءِ تيئن وڃان پئي پنهنجي ذات ۾ اڪيلي ٿيندي!

هوءَ وري اڳي جيان اداس رهڻ لڳي. تڏهن هڪ ڏينهن وري فيضان جي فون آئي هئي، پر هينئر سندس آواز ۾ اڳوڻي زنده دلي نه هئي، بلڪ ٿڪاوٽ ۽ اداسي هئي. هن چيو:

”مون اڄ ان لاءِ فون ڪيو آهي ته اڄ نماءُ جو آخري ڏينهن آهي. ان ڪري اڄ رات جو نماءُ جو ٽائيم ختم ٿيڻ کان پوءِ هال مان سڀ تصويرون لاهي ڇڏڻيون آهن. توهان اڄ رات جو پنهنجون تصويرون گهرائي وٺجو، ڇو ته مون کي خبر آهي ته توهين پاڻ ته اينديون ئي ڪونه....!“

رابيل: ”مهرباني صاحب! سچ پچ ته مون توهان سان بلڪل به تعاون نه ڪيو. پر تنهن هوندي به توهان قدم قدم تي منهنجو گهڻو خيال رکيو آهي ۽ ڪا به شڪايت ناهي ڪئي.“

فيضان: ”مون کي خوشي ٿيندي جيڪڏهن توهين مون سان لنچ يا ڊنر ڪريو. توهان مون کي ڏينهن ۽ ٽائيم ٻڌايو. آءٌ خود اچي توهان کي گهران پڪ ڪري ويندس.“

رابيل: ”توهان جو ڏوهه ڪونهي. توهان پنجن ڇهن سالن کان پوءِ يورپ ۽ آمريڪا ۾ رهڻ کان پوءِ وطن وريا آهيو. سو اتي جي اڊوانس ۽ آزاد ماحول کي ڏسڻ کان پوءِ توهان جي سوچ ۾ ته شايد تبديلي آئي هجي. پر هيءَ اسان جي ڌرتي آهي ۽ هن شهر جو ماحول اڃا ايڏو ايڊوانس ۽ آزاد ڪونهي. ٻي ڳالهه ته آءٌ هڪ طلاق يافته عورت آهيان ۽ مون کي هن سوسائٽيءَ ۾ هڪ هڪ قدم ڪيڏو سوچي سمجهي ٿو کڻڻو پوي. اها مون کي ئي خبر آهي. ائين کڻي سمجهو ته هن سماج جي گپ ۾ هلندي سڄي عمر بس پنهنجو دامن ان جي غليظ ڇنڊن کان بچائيندي ئي گذري آهي. ڪو به اسڪينڊل منهنجي پوري زندگي تباهه ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي. ڇو ته هڪ اڪيلي عورت هن System سان اڪيلي سر وڙهي نٿي سگهي..... سو توهان جي خيال ۾ ان سوسائٽيءَ ۾ آءٌ توهان سان هوٽلن ۾ وڃي لنچ ۽ ڊنر ڪري سگهان ٿي. جتي مون کي آزاديءَ سان ساهه کڻڻ جي به اجازت ناهي.“

فيضان: ”I- am sorry _ مون وري شايد ڪا غلط ڳالهه چئي ڇڏي. بهرحال توهان پنهنجون تصويرون گهرائي وٺجو!“

”ٺيڪ آهي، مهرباني.“ ۽ رابيل فون رکي ڇڏي. هوءَ مستقل سوچيندي رهي ۽ منجهندي رهي. کيس محسوس ٿيو ته سندس رويي فيضان کي شديد ڏک پهچايو هو ۽ پوءِ جڏهن رات جا اٺ ٿيا ته هن ڪو فيصلو ڪيو ۽ پوءِ پاڻ نمائش هال ڏانهن رواني ٿي ۽ پوءِ جڏهن هن هال ۾ قدم رکيو ته ڏٺائين ته سڀ آرٽسٽ پنهنجون پنهنجون تصويرون سنڀالي کڻي وڃي رهيا هئا. جڏهن هوءَ ان پاسي آئي جتي سندس تصويرون هيون ته هن ڏٺو ته فيضان خود پنهنجن هٿن سان هڪ هڪ فريم احتياط سان لاهي هيٺ رکي رهيو هو. سندس پٺ رابيل ڏانهن هئي ۽ کيس خبر ئي نه پئي ته هوءَ ڪيتري دير کان کيس محويت سان ڪم ڪندي ڏسي رهي هئي. پوءِ هن کيس متوجهه ڪرڻ لاءِ هلڪي کنگهڪار ڪئي ته هو ڇرڪ هن ڏانهن مڙيو هو ۽ پوءِ سندس اکين ۾ رابيل کي ڏسي جيڪا خوشي ۽ چمڪ لهي آئي ۽ چهري تي جيڪي تاثر هئا، انهن کي هوءَ ڪو به نالو نه ڏيئي سگهي هئي. بس هڪ بيخودي، هڪ شرمساري هئي، بيچيني، خوشي ۽ الاءِ ڇاڇا!

”رابيل توهين؟“

”ها!“

هو ٻئي خاموش هئا، آمهون سامهون هئا. هن ڪجهه به نه پئي ڳالهايو پر لمحن ۽ خاموشيءَ ڪا ڪهاڻي پئي ٻڌائي نيٺ رابيل چيو:

”مون کي تمام خوشي ٿيندي جيڪڏهن توهين پنهنجي پسند تي هڪ تصوير کڻو. اها منهنجي پاران توهان لاءِ گفٽ آهي.“

”آئون هڪ شرط تي اهو تحفو قبول ڪندس.“ فيضان چيو.

”ها _ چئو؟“

”سڀاڻي آءٌ توهان کي ڪو گفٽ ڏيان ته پوءِ وٺڻ کا انڪار ته نه ڪنديون؟“

رابيل: ”ٺيڪ آهي، آءٌ انڪار نه ڪنديس.“

”ٺيڪ آهي ته پوءِ هيءَ هڪ تصوير رکان ٿو.“ فيضان هڪ تصوير ڏانهن اشارو ڪندي چيو. ”توهان جي تقريباً سڀني تصويرن ۾ اداسيءَ ۽ تنهائيءَ جا تاثر آهن. جڏهن ته توهان جهڙن تخليقي ذهن رکندڙ ماڻهن کي ته مايوسي پکيڙڻ بجاءِ ماڻهن کي هڪ نئين اميد ۽ آس ڏيڻ گهرجي.“

رابيل: ”اسين آرٽسٽ ماڻهو بيحد حساس هوندا آهيون. هر ڳالهه کي انتهائي گهرائيءَ سان محسوس ڪندا آهيون ۽ هيءَ سوسائٽي جيڪي Feelings اسان کي ڏيندي آهي. اسين ڪئنوس تي وري کيس اهوئي ڪجهه موٽائي ڏيندا آهيون، سو جيڪي Feelings هن سماج مون کي ڏنيون آهن. انهن جو ئي عڪس منهنجي تصويرن ۾ آهي.“

۽ پوءِ رابيل تصويرن کڻائي گهر آئي هئي. ان رات دير تائين کيس ننڊ نه آئي. سندس تصور ۾ اهو ئي منظر گهمي رهيو هو ته ڪيئن نه فيضان سندس تصويرون حفاظت سان لاهي رکي رهيو هو. هوءَ سوچڻ لڳي ته آخر سندس زندگيءَ ۾، اها نئين تبديلي ڇو آئي هئي؟ جڏهن کان فيضان سان رابطو ٿيو هو، تڏهن کان هو ڄڻ سندس ذهن تي حاوي ٿي ويو هو. نه چاهيندي به ذهن هر وقت هن بابت ئي سوچيندو رهندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته کيس ائين لڳندو هو ته هو کيس فقط هڪ عورت سمجهي هر مرد جيان هن کي لفظن جي سحر ۾ جڪڙڻ ٿو چاهي ۽ ٻئي پاسي دل اها ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار نه هئي، ڇو ته هو هڪ سچو ۽ کرو انسان لڳندو هو. ان ڪري هو هن سان دوکو نٿو ڪري سگهي. اڄ جڏهن هن کيس سندس تصويرون احتياط ۽ پيار سان لاهيندي ڏٺو ته کيس لڳو  ته هو سندس تصويرن جي نه، پر سندس نازڪ جذبن جي حفاظت ڪري رهيو هجي! سندس ذهن وري ماضيءَ جي يادن ڏانهن وک وڌائي رهيو هو. شادي کان اڳ سندس اها خواهش هئي ته کيس اهڙو جيون ساٿي ملي جيڪو قدم قدم تي کيس تحفظ ڏئي ۽ سندس ساٿ ڏئي ته جيئن هن جي ڏنل محبت ۽ اعتماد جي ڇانوَ ۾ هلندي فن جي دنيا ۾ اڳتي وڌندي رهي..... جيڪو سندس ڪاميابين تي خوش ٿئي. سندس فن ۽ شخصيت تي فخر ڪري..... پر... آصف ته ان جي بلڪل ابتڙ نڪتو هو.... ۽ سندس شادي شده زندگيءَ جي تلخ دور کان پوءِ هن مايوس ٿي سڀ ڪجهه ڇڏي ڏنو هو. گمناميءَ جي اونهائين ۾ پاڻ کي لڪائڻ چاهيائين.... ۽ ڪنهن حد تائين هوءَ ڪامياب به ٿي وئي هئي پر... هي وري ڪهڙو شخص سندس زندگيءَ ۾ داخل ٿيو هو، جنهن کيس گمناميءَ جي اونهائين مان ڇڪي ٻاهر ڪڍيو آهي. آخر اهو سڀ ڪجهه هو ڇوپيو ڪري....؟ جڏهن کيس گهڻي بيچيني محسوس ٿي ته هن نيٺ اٿي هڪ گوري کاڌي ۽ ٿوري دير بعد خاموش لڙڪ لاڙيندي سمهي پئي.

*****

ائين وري ڪجهه مهينا گذري ويا هئا. فيضان ساڻس رابطو نه ڪيو هو، پر سندس ذهن ۾ هر وقت سندس ڳالهيون ۽ ساڻس گڏ گذاريل مختصر وقت جا مختلف منظر ذهن جي اسڪرين تي جلوه گر ٿيندا هئا. ڪڏهن ته کيس ايڏي بيچيني محسوس ٿيندي هئي جو هوءَ نماز پڙهي ڳوڙها ڳاڙي پنهنجي رب کان دعا گهرندي هئي:

”پروردگار! هن شخص کي ڪنهن به نموني مونکان پري ڪري ڇڏ. آءٌ پنهنجي سخت رويي سان کيس ڏک ڏيڻ نٿي چاهيان. ڪو اهڙو رستو پيدا ڪر جو اسان جي وچ ۾ دوري ٿي وڃي، ڇو ته نه ته هاڻي منهنجي زندگيءَ ۾ ڪنهن جي اچڻ جي گنجائش آهي ۽ نه ئي تمنا. آءٌ اڳ ۾ ئي الاهي ڏکويل آهيان. ٽٽي پئي آهيان، وري ڪو نئون حادثو، ڏک يا ڪرب ڪٿي مون کي بالڪل ڀورڀور نه ڪري ڇڏي، جو آءٌ وري پاڻ کي سهيڙي نه سگهان. آءٌ هاڻي ٿڪجي پئي آهيان....“

..... پر چوندا آهن ته بندي جي من ۾ هڪ ته مالڪ جي من ۾ ٻي هوندي آهي. سو قربانيءَ واري عيد جي ٻئي ڏينهن شام جو فيضان جي فون ائي ته خوشيءَ مان کيس سڀ ڪجهه وسري ويو. فيضان چيو:

”سوچيم ته توهان کي عيد جي مبارڪ باد ڏيان. توهان مان ايتري اميد به ڪانهي ته فون ڪري، عيد جي مبار ئي ڏيو. ڪڏهن ته توهان به پنهنجي آڱرين کي ٿوري تڪليف ڏيندا ڪريو، گهٽ ۾ گهٽ مون جهڙي تنها شخص کي ڪجهه لمحن جي خوشي ئي ملي پوندي.“

هلندڙ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com