سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2005ع

مضمون --

صفحو :9

 

طلعت ڪرم علي مرزا

منهنجي ڊائري

زندگي ڇا آهي؟

جڏهن انسان جو جنم ٿيندو آهي ته ان سان گڏ ان جي موت جو ڏينهن به مقرر ٿيندو آهي. سڀني کي انهيءَ رستي ڏانهن وڃڻو آهي. ڪي اڄ ته ڪي وري سڀاڻ! جيڪو ٿانءُ ٺهيو آهي، اهو اوس پچندو! اهو سلسلو هلندو رهي ٿو. انسان جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ رشتا جڙندا آهن. مرڻ وقت پهرين رشتن جي ڏور ٽٽندي آهي. ائين ڇو آهي؟ مرڻ وارا مري ويندا آهن. ليڪن پويا ٻين کي به ماري ويندا آهن. ان ڳالهه جو احساس مون کي تمام گهڻو آهي ته جڏهن ڪو پنهنجو مري ٿو ته رشتا به ان سان گڏ ئي مري ٿا وڃن. پر جيڪو هينئر ڊسمبر ۾ سونامي وارو سانحو ٿيو، اهو حادثو ڏاڍو جيءُ جهوريندڙ هو. ڪيترائي ماڻهو بي گهر لاوارث ٿي ويا! اهو سوچڻ جو مقام آهي ته اهي انسان جيڪي اتي سيٽ هئا ۽ پنهنجي زندگي گذاري رهيا هئا، جڏهن انهن جو سڀ ڪجهه ختم ٿي وڃي ته انهن جي دلين جو ڇا عالم هوندو! ۽ ان وقت لهرن ۾ لڙهندڙ اهي ٻار جيڪي ڪڏهن پنهنجن مائرن جي هنجن ۾ سمهندا هئا، هينئر اهي ڪهڙي پيا زندگي گذارين؟ بلڪ ٻين جي امداد لاءِ منتظر آهن! ڪيڏي نه ڏک جهڙي ڳالهه آهي! اک ڇنڀ ۾ ئي ڪيتريون جانيون ضايع ٿي ويون! ڪيترا گهر برباد ٿي ويا! بلڪ اتي جي زمين جو نقشو ئي ڦري ويو. وري الائي ڪڏهن اهي ماڻهو آباد ٿيندا ۽ ڪڏهن اهي ٻار سک جو ساهه کڻي سگهندا.

جهوپڙي

ڪڏهن به جڏهن آءٌ جهوپڙيون ڏسندي آهيان ته مون کي الائي ڇو ائين لڳندو آهي ته جيڪي جهوپڙين ۾ رهن ٿا انهن جي زندگي ڪيڏي نه پر سڪون هوندي آهي. ان جهوپڙي ۾ مرد عورتون ٻار سڀ هوندا آهن. انهن جو کائڻ پيئڻ سڀ ڪجهه انهيءَ جي اندر هوندو آهي. هي ماڻهو ميدانن ۾ اچي جهوپڙيون هڻندا آهن آس پاس ڪچري جو ڍير هوندو آهي ليڪن جهوپڙي اندران صاف سٿري هوندي آهي. انهن جا ٿانوَ جست جا جن کي مٽي هڻي ڌوئي رکنديون آهن ۽ شام جو جڏهن ان جهوپڙيءَ ۾ لالٽين ٻرندو آهي ته اهو منظر مون کي الاهي وڻندو آهي. ان ڏيئي جي لاٽ هوا ۾ ڦڙڪندي آهي ليڪن وسامندي ڪونه آهي. سردي گرمي جهڙ مينهن ۾ هي ماڻهوئي جهوپڙين ۾ هوندا آهن. ڪاش آءٌ به ڪنهن جهوپڙي ۾ هجان ها.

ڪچي جاءِ

مٽيءَ جون جايون ڪيڏيون نه خوبصورت هونديون آهن. ڪچيون جايون ۽ ڳوٺ چؤطرف ٻنيون هجن. آس پاس ڪا ننڍي نم هجي، جڏهن مينهن وسندو آهي ته ڪچين جاين مان سونڌي سونڌي خوشبو ايندي آهي. جيڪا روح تائين محسوس ٿيندي آهي. مون کي اهي گهر تمام گهڻو وڻندا آهن.

خيال

تنهنجي خيال کي خوبصورت تاج محل سمجهي مون چانڊوڪي راتين ۾ توکي پيار ڪيو. صورت تنهنجي ڏاڍي سٺي آهي محبت تنهنجي يار مٺي آهي تنهنجون يادون سنڀالي رکيم دل ۾ تنهنجي ڪمي محسوس ٿي ٿئي اڃا سيني ۾ ڪجهه دم آهي ۽ اکڙيون راهه نهارين ٿيون.

تنهنجي هجر فراق ۾ ماهه لقا نه ڪي دم ٿو وڃي نه ڪي غم ٿو وڃي.

 

 

 

نسرين طاهر وفائي

صحت

ڪم جون ڳالهيون

ليمي جو رس پاڻيءَ ۾ ملائي پيئڻ سان سيني جو ساڙو ختم ٿي ويندو آهي.

ليمو گرم ڪري کنڊ ملائي چوسڻ سان هانءُ ڪچو ٿيڻ بند ٿي ويندو آهي.

ماکيءَ جي مک ڏنگ هڻي ته ڏاڍي تڪليف ۽ ساڙو ٿيندو آهي. ان لاءِ بصر ڪٽي ڏنگ واري جاءِ تي زور ڏئي جهليو. سور به ختم ٿي ويندو ۽ زهر به بي اثر ٿي ويندو.

فوم يا اسفنج جو هڪ ساف سٿرو ٽڪرو هر وقت فريزر ۾ رکو. جڏهن به ڪو ڌڪ لڳي يا رهڙ اچي وڃي يا وري ڌڪ لڳڻ جي ڪري سوڄ ٿي پئي ته اسفنج کي ان جاءِ تي لڳايو. تڪليف به گهٽجي ويندي ۽ سوڄ به ختم ٿي ويندي.

جسم جو ڪو به حصو سڙي پئي ته تازو پٽاٽو ڪٽي ان جو ٽڪرو ساڙيل جاءِ تي لڳايو. ساڙو به نه ٿيندو ۽ ڦلوڪڻو به نه ٿيندو.

بيڪنگ پائوڊر ٿورڙو پاڻيءَ ۾ ملائي، پيسٽ ٺاهي. سڙيل جاءِ تي ملم وانگر هڻجي ۽ پوءِ صاف ڪپڙي جي پٽي ٻڌي ڇڏجي ته تڪليف به گهٽجي ويندي ۽ ڦلوڪڻو به نه ٿيندو.

خالص ماکيءَ ۽ زيتون جو تيل ملائي هلڪو گرم ڪري، سنڌن جي سور واري جاءِ تي هلڪي هلڪي مالش ڪجي ۽ پوءِ ان تي ڪپڙو ٻڌي ڇڏجي ته سور ۾ تڪڙو آرام ملندو.

وارن ڌوئڻ لاءِ گرمين ۾ ٿڌو پاڻي ۽ سردين ۾ هلڪو گرم پاڻي استعمال ڪيو. تيز گرم پاڻيءَ سان وار ڌوئڻ سان مٿي  ۾ خشڪي پيدا ٿيندي آهي.

وهنجڻ کان  پهرين جيڪڏهن وارن کي تيل هڻي چڱي طرح ڦڻي ڏجي ته ائين ڪرڻ سان هڪ ته مٿي ۾ ڄميل مير ۽ خشڪي ڌوپجي صاف ٿي ويندي ۽ ٻيو ته وارن جون پاڙون به مضبوط ٿينديون ۽ وار نرم ۽ چمڪدار به ٿي پوندا.

خوشبو دار بازاري تيل جي بجاءِ سرنهن ۽ ناريل جو خالص تيل استعمال ڪرڻ وڌيڪ بهتر آهي.

ڪجهه ماڻهن کي سيءُ وڌيڪ محسوس ٿيندو آهي. اهڙا ماڻهو جيڪڏهن روزانو سائي چانهه (Green Tea ) ۾ ماکي ملائي  پيئن ته انهن کي سيءُ گهٽ ٿيندو.

ڏندن کي چمڪائڻ لاءِ مٺي سوڍا ٽوٿ برش تي هڻي ان جي مٿان پيسٽ رکي، پوءِ برش ڪجي ته ڏند چمڪي پوندا.

ليمي جون کلون سڪائي ساڙي، انهن جي خاڪ ۾ لوڻ ملائي منجن وانگر ڏندن تي هڻجي  ته ڏند چمڪي پوندا ۽ مهارون به مظبوط ٿينديون.

مٿي ۾ خشڪي يا سنهيون ڦرڙيون هجن ته مينديءَ جي پاڻيءَ سان مٿو ڌوئڻ سان فائدو ٿيندو.

ناريل جا پن پاڻيءَ ۾ ٽهڪائي، ان پاڻيءَ سان گرڙيون ڪجن ته مهارون مظبوط ٿينديون ۽ ڏندن جو سور ۾ به فائدو ٿيندو.

ڪجهه ماڻهن کي گرمين جي مند ۾ نڪهير (نڪ مان رت وهڻ) ايندي آهي. اهڙن ماڻهن کي مٿي تي ٿڌو پاڻي وجهڻ گهرجي ۽ رت جا ٻه ٽي ڦڙا نڪرڻ کان پوءِ ڪجهه دير ساهه روڪڻ گهرجي.

بجليءَ جا بٽڻ ڪڏهن به آلن هٿن سان کولڻ ۽ بند ڪرڻ نه گهرجن.

جيڪڏهن بجليءَ جي ڪنهن به مشين ۾ باهه لڳي وڃي ته ان کي ڪڏهن به پاڻيءَ سان نه وسايو پر ان تي مٽي وجهو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com