سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2005ع

مضمون --

صفحو :15

 

 

فاطمه مرنيسي جي آتم ڪٿا

حدون ٽوڙڻ جا خواب

مترجم: امرسنڌو                                                    حصو ڇهون

سڌريل دنيا جي عورتن جو  سفر پولارن ڏانهن آهي. پر سنڌ جي عورت ايڪيهين صديءَ ۾ به ڌرتيءَ جي ڌوڙ جيترو مان به ماڻي نه سگهي آهي. آجپي ۽ آزادگين جي ڏس ۾ دنيا جون عورتون ڀلي ته سنڌ جي عورت کان گهڻيون اڳتي هجن، پر غلاميءَ جي تاريخ ۾ ٻئي گڏ بيٺل هيون.

”آزادگي ۽ آجپو فقط خواهشن جي آڌار تي نه ٿو ماڻي سگهجي.“ عورتن جي جدوجهد جي تاريخ بار بار اهو سبق ورجائي ٿي. دنيا جون ڪيتريون ئي عورتون جيڪي سنڌ جي عورت کان به هڪ قدم پوئتي هيون. اڄ سنڌ جي عورت کي پنهنجي جدوجهد جي حوالي سان گهڻو پوئتي ڇڏي چڪيون آهن. عورت جي حقن لاءِ جدوجهد جي ميدان ۾ اڳڀرين عورتن جو ذڪر، سندن زندگين جو احوال سندن جدوجهد جو داستان ”سرتيون“ ۾ ان ڪري شروع ڪجي ٿو. جيئن اهڙا مثال سنڌ جي عورت جي آجپي واري سفر کي آسان بنائين.

فاطمه مرنيسي، مسلمان فيمينسٽ عورت، جنهن جو تعلق مراڪش جي پوئتي پيل سماج سان آهي. سا اڄ سڄي دنيا ۾ عورتن جي حقن لاءِ ۽ خاص طور تي مسلمان عورتن جي حقن لاءِ واحد علامت بڻيل آهي. سندس آتم ڪٿائي داستان ”سرتيون“ جي پڙهندڙ ڀينرن لاءِ حاضر آهي.

(امر سنڌو)

ٽامون جو گهڙو

ناجي جي، فارم جو حرم ”ٽي“ جي شڪل ۾، هڪ وسيع عمارت اندر هو. هڪ ماڙ، جنهن جي آسپاس باغ ۽ تلاءُ هئا. ساڄي حصي ۾ مڙدن جي رهڻ جون جايون هيون. کاٻو حصو عورتن جي والاريل هيٺ آيل هو _ ٻه ميٽر سنهڙي چک، انهن ٻنهي (عورتاڻي ۽ مڙداڻي) جي حد جو نشان هئي. هونئن عمارت جا ٻئي حصا هڪ جهڙا هئا. جڏهن ٻاهر گرمي هوندي هئي ته ڊگهن پيل پاون وارا ورانڊا، دالان ۽ ڪمرن کي ٿڌو رکندا هئا. اهي پيل پاوا، اسان ٻارن جي لڪ لڪوٽيءَ ۾ تمام گهڻو ڪم به ايندا هئا.

فارم جا ٻار، فيض جي ٻارن کان وڌيڪ بهادر ۽ دلير هئا، هو اگهاڙين پيرين انهن پيل پاون تي چڙهندا ۽ مدارين جيان مٿان ٽپ ڏيندا رهندا هئا. ان کان سواءِ هو ڏيڏرن، ڪرڙين ۽ کنڀڙين وارن جيتن جڻين کان بنهه ڪونه ڊڄندا هئا. فرش سفيد ۽ ڪارين ٽائلن سان ٺهيل هو ۽ پيل پاون تي سونهري چٽڪاري ٿيل هوندي هئي، جيڪا ناني کي تمام گهڻي پسند هئي. مون اهڙي ٻيو ڪٿي به نه ڏٺي هئي. باغ ۽ گهر جي چوڌاري لوهي ڄاريدار دروازا هوندا هئا. جيڪي ڏسڻ ۾ ته هميشه بند ئي لڳندا هئا پر ٿوري ڌڪي ڏيڻ سان بٺين طرف کلي پوندا هئا.

مڙداڻي باغ ۾ عورتاڻي  باغ جي ڀيٽ  ۾ وڻ گهٽ پر گلدار ٻوٽا وڌيڪ هوندا هئا، پر عورتن جي باغ جي ته ڪهاڻي ئي مختلف هئي. هتي عجيب و غريب وڻ ٻوٽا ۽ جانور هوندا هئا، ڇو ته هر زال پنهنجي پنهنجي باغ جي حصي جي زمين ورهائي کنئي هئي، جنهن کي اهي پنهنجو الڳ باغ سمجهندي ان ۾ پنهنجي مرضيءَ سان ڀاڄيون پوکينديون هيون ۽ ڪڪڙيون، بدڪون ۽ مور پڻ پالينديون هيون. ان جي ابتڙ مرداڻي باغ ۾ راهباڻا خاموشي ڇانيل هوندي هئي.

فارم جي مرڪز عمارت جي آس پاس ڪيترائي بنگلا هئا. ياسمينه جو بنگلو کاٻي پاسي هو ۽ اهو سندس ئي اسرار تي ٺهيو هو ته جيترو به ممڪن ٿئي، هوءَ لاله ٿور کان پري رهڻ چاهيندي هئي. لاله ٿور جو پنهنجو محل عمارت اندر ئي هو، جيڪو ڪاٺ جي رنگين ڇت، آرسين آئينه دار ديوارن ۽ فانوسن سان سينگاريل هوندو هو. ٻئي طرف ياسمينه جو هڪ سادڙو ڪمرو، جتي عيش عشرت جو نالو نشان به ڪونه هو، ياسمينه کي ان جي پرواهه به نه هئي. جيستائين ٿي سهگندو هو، هوءَ مرڪزي عمارت کان پري ئي رهندي هئي. ياسمينه جي حصي جي مٿين ڏاڪڻ تي ٽامون لاءِ گهر ٺهيل هو. جڏهن هوءَ رف جبلن تان ڀڄي هتي آئي هئي، ياسمينه، ٽامون جي تيمارداري ڪندي ان جو خاص خيال رکندي هئي ۽ پوءِ هو ٻئي پاڻ ۾ جگري دوستن جيان گهاٽيون ساهيڙيون بڻجي ويون هيون.

ٽامون 1926ع ۾ آئي هئي. جڏهن عبدالڪريم کي فرينچ ۽ اسپيني فوجن شڪست ڏني هئي. هڪ ڏينهن صبح جو سوير هوءَ اولهه جي ميدانن ۾ نمودار ٿي. اسپيني گهوڙي تي سوار مرداڻي لباس ۽ عورتن جي ٽوپي پاتل، جيئن کيس ڪو فوجي گولي نه هڻي سگهي. ناني جون سڀئي زالون، هن جي آمد جو احوال پنهنجي پنهنجي انداز ۾ ٻڌائي خوش پيون ٿينديون هيون. جيڪو دراصل الف ليلوي ڪهاڻين کان به وڌيڪ مزيدار هو. ٽامون پنهنجي ڪهاڻي ٻڌي مرڪندي رهندي هئي ۽ پاڻ کي آسمان تي چمڪندڙ ستاري جيان پئي محسوس ڪندي هئي. اچڻ وقت هن کي ڪافي ڳرا ڪپڙا پاتل هئا. جنهن ۾ بچاءُ لاءِ لوهي سيخون پڻ لڳل هيون. چيلهه کان هڪ خنجر به لڙڪيل ۽ ان سان گڏ اسپيني بارودي بندوق به، جيڪا پڻ سندس جبي ۾ لڪل هئي. تڪنڊي چهري ۽ جهنبياري کاڏيءَ تي سائي ڏينڀوڙي (Tatto) ڪڍيل ۽ ڪارين چمڪندڙ اکين جيڪي بنان چوڻ جي مسلسل اوهان کي تڪينديون رهن ۽ ڊگهي سونهري رنگ جي چوٽي جيڪا کاٻي پاسي لٽڪيل، ان ئي حلئي ۽ لباس ۾ هوءَ اسان جي فارم جي سڏ پنڌ تي بيٺي ۽ پوءِ اندر مالڪ سان ملڻ جي اجازت گهريائين. جنهن کي پتو هو ته ان کان پوءِ فارم جي زندگي بنهه تبديل ٿي ويندي. ٽامون اصل ۾ رفائي پهاڙن مان ايندڙ جنگي سپاهڻ ۽ مجاهده هئي. سڄو مراڪش رفائي قبيلي جي عزت ڪندو هو، ڇو ته سڄي ملڪ جي شڪست کان پوءِ به اهي فقط رفائي قبيلي وارا ئي هئا، جي ڌارين سان باقاعدي وڙهي رهيا هئا ۽ جيئن هيءَ به انهن آزادي پسند ويڙهاڪن مان هئي تنهن ڪري هن تي پڻ ڪي قانون ۽ مطالبا لاڳو نه پئي ٿيا، پر ان جي ابتڙ ائين پئي لڳو ته هي سڀني عام رواجن ۽ روايتن کان بيخبر آهي.

نانو ته شايد پهرين ئي نظر ۾ هن تي عاشق ٿي پيو هو. پر ان جي ملاقات جون حالتون ايڏيون ته پيچيده هيون، جو مهينن تائين ناني کي ان عشق جو احساس ڪونه ٿيو. ٽامون هڪ خاص مقصد لاءِ فارم تي آئي هئي. هن جي قبيلي وارا اسپيني علائقن ۾ انتهائي ڪسمپرسي واريءَ حالت ۾ گهات لڳائي ويٺاهئا ۽ ٽامون سندن مدد ڪري امداد پهچائڻ چاهي پئي. ناني بر وقت سندس مدد ته ڪئي، پر پهرين کانئس تڙ تڪڙ ۾ شاديءَ جي ڪاغذن تي صحيون پڻ وٺي ڇڏيون، جيئن هوءَ قانوناً فارم تي رهي سگهي ۽ فرينچ پوليس کيس تنگ نه ڪري. پوءِ ٽامون کانئس دوا درمل ۽ کاڌي پيتي جو سامان گهريو. جيئن هوءَ پنهنجي ماڻهن جي مدد ڪري سگهي. هن جي قبيلي جا ڪيترائي ماڻهو زخمي ۽ بکيا هئا ۽ عبدلاڪريم جي شڪست کان پوءِ هر ڳوٺ صرف پنهنجي ئي ڀروسي تي اها ويڙهه هلائي رهيو هو. ناني، کيس سڀ سامان مهيا ڪري ڏنو ۽ رات ٿيندي ئي هوءَ ٻن ٽرڪن تي سڄو سامان ڀرائي کڻي ويئي. گاڏيون به بنا لائيٽ جي هلڻيون هيون. ان ڪري به ڳوٺاڻا گڏهن تي سوار اڳيان کين اشارن سان رستو ٻڌائيندي ٿي هليا.

ڪجهه ڏينهن کان پوءِ جڏهن ٽامون، ناني جي فارم تي واپس آئي ته هڪ ٽرڪ لاشن سان ڀريل گڏ وٺي آئي. لاش سڀئي ڀاڄين هيٺان لڪاياويا هئا. هوءَ خاموش بيٺي لاشن کي ڏسندي رهي. پوءِ هڪ زال اسٽول کڻي آئي ۽ ان تي ويهي هوءَ بنهه ڪانه رني. جڏهن سڀ لاش دفنايا ويا ته مڙدن سڀني قبرن تي گل لڳائي ڇڏيا، جيئن اهي لڪي وڃن. ان کان پوءِ ٽامون جي حالت بنهه خراب ٿي ويئي ۽ ناني ياسيمينه کي سڏايو، جيڪا ٽامون کي پاڻ سان وٺي ويئي ۽ بستري تي سمهاري ڇڏيو. ڪيترن ئي مهينن تائين ٽامون اکر ڪونه ڪڇيو. سندس چپن تي ائين ماٺ مڙهجي ويئي. جو سڀ ائين سمجهڻ لڳا ته هوءَ گونگي ٿي ويئي آهي!

هر رات هوءَ ننڊ ۾ رڙيون ڪندي هئي، ڄڻ ڪير مٿس حملو ڪندو هجي! جيئن ئي سندس اکيون بند ٿينديون هيون، ائين لڳندو هو ته مٿس حملا شروع ٿي ويا هجن. هوءَ اٿي پوندي هئي ۽ اسپيني ٻوليءَ ۾ رحم جون التجائون ڪندي رهندي هئي. ٽامون کي ان غم غلط ڪرڻ لاءِ هڪ اهڙي ساٿيءَ ۽ فرينچ فوج کانئس مسلسل پڇا ڪندي رهندي هئي.

ياسمينه ڪم سنڀالي ورتو هو، هوءَ مهينن تائين ٽامون جي تيمارداريءَ ۾ رڌل هئي. پوءِ اوچتو هڪ ڏينهن ٽامون هڪ ٻليءَ کي پيار ڪندي نظر اچي ٿي ۽ پوءِ هن پنهنجي وارن ۾ هڪ گل لڳايو هيو. ان رات ياسمينه هڪ جشن جو انتظام ڪيو. سڀئي زالون اچي ڳائڻ وڄائڻ ۾ شامل ٿيون. جيئن ٽامون پنهنجائپ محسوس ڪري. هن ڪئين ڀيرا مرڪيو ۽ پوءِ هڪ گهوڙي جي گهر ڪيائين، جيئن ٻئي ڏينهن ان تي سواري ڪري سگهي.

۽ پوءِ ٽامون محض پنهنجي موجودگيءَ ۾ هر شيءِ تبديل ڪري ڇڏي هئي. ان جو ڪمزور جسم، ملڪي حالتن ۾ ”چاڙهه لاهه“ جي عڪاسي ڪندي نظر ايندو هو. هوءَ اڪثر تيز رفتار گهوڙن تي ويهي طرح طرح جي ڪرتبن سان دل وندرائيندي هئي. اهو غم وسارڻ جو طريقو هو. جيئن زندگي کي ڪا عارضي معنيٰ ڏئي سگهجي! حسد ڪرڻ بدران ياسمينه ۽ سڀئي زالون ان جي صلاحيتن جو قدر ڪنديون هيون، ڇو ته اڪثر عورتن ۾ اهڙيون صلاحيتون نه هونديون هيون.

جڏهن ٽامون صفا ٺيڪ ٿي ويئي ۽ ٻيهر ڳالهائڻ شروع ڪيائين ته معلوم ٿيو ته هوءَ بندوق هلائي سگهي ٿي. اسپيني ٻوليءَ ۾ مٿي ٽپي قلابازيون کائي. سر چڪرائڻ وارا ڪرتب ڪري سگهي پئي. هوءَ ڪيترن ئي ٻولين ۾ گاريون ڏيئي سگهندي هئي. هن جي پيدائش هڪ اهڙي علائقي ۾ ٿي هئي، جنهن کي اڪثر پرڏيهي فوجون عام طور تي گذرگاهه لاءِ استعمال ڪنديون هيون، انڪري سندن قبيلي جي زندگيءَ جو دارو مدار ان مسلسل ويڙهه تي هو. ويڙهه ئي سندن زندگي هئي. فارم تي ٽامون جي موجودگي سندس زندگي هئي. فارم تي ٽامون جي موجودگي، سندس منهن تي نڪتل ڏينڀوڙي خنجر جنگي ڪڙا ۽ مسلسل گهوڙي سواري ٻين عورتن کي پڻ اهو احساس ڏياريو ته خوبصورتيءَ جا به ڪيئي ٻيا روپ ٿي سگهن ٿا، جيئن ويڙهه گاريون ڏيڻ روايت جو لحاظ نه رکڻ سندن غير روايتي غير رواجي هئڻ پڻ عورت کي دلفريب ٺاهي ٿو.

ٽامون سڀني کي پسند هئي ۽ هن ٻين ۾ پڻ اهو احساس جاڳايو ته پنهنجي اندرين، داخلي قوت سان، هر طرح جي مقدر جو مقابلو ڪري سگهجي ٿو.

ٽامون جي بيماريءَ ۾ نانو هر روز ياسمينه وٽ سندس طبيعت پڇڻ ايندو هو. جڏهن هوءَ چڱي ڀلي ٿي ۽ هن گهوڙي جي گهر ڪئي ته نانو پريشان ٿي ويو ته ڪٿي ٽامون کيس ڇڏي نه وڃي!

هاڻي سندس حسن ناني کي تڙپائي وڌو هو. هو هڪ ئي وقت تي سرڪش ۽ اشتعال انگيز حسن هو. هن جون ٽامي رنگ وارن جون چڳون ڪاريون اکيون ۽ ڏينڀوڙيل کاڏي ڏاڍي متاثر ڪندڙ هئي. هو هن جي حسن آڏو بيوس هو. نيٺ هوءَ سندس زال ته نه هئي، سندس شادي ته محض قانوني حربو هو. پر جيئن ته هوءَ هڪ مجاهده هئي ۽ ڪنهن وقت به ويڙهه لاءِ پهاڙن ڏانهن وڃي سگهي ٿي. ته ناني، ياسمينه کي باغ تي سير لاءِ گهرائي پنهنجو اهو خوف پچاريو ته ياسمينه به خود گهٻرائجي ويئي. ڇو ته هوءَ خود به ٽامون کان ڏاڍي متاثر هئي ۽ هاڻي سندس جدائي برداشت نه ٿي ڪري سگهي.

يسمينه ناني کي صلاحيندي چيو ته هو ٽامون کي پاڻ سان گڏ وقت گذارڻ جي دعوت ڏي، جيڪڏهن ٽامون مڃي ورتو ته ان جو مطلب ٿيندو ته هوءَ وڃڻ نٿي چاهي ۽ هن انڪار ڪيو ته معنيٰ هوءَ واپس هلي ويندي.

ناني، اڪيلائيءَ ۾ ٽامون سان ڳالهايو ياسمينه ٻاهر بيٺل هئي، پر جڏهن نانو ٻاهر آيو ته سندس چپن تي مرڪ هئي. ياسمينه سمجهي ورتو ته ٽامون سندس زال ٿيڻ لاءِ تيار ٿي ويئي آهي. ڪجهه مهينن کان پوءِ ناني ٽامون لاءِ نئون اڱڻ ۽ ياسمينه جي گهر مٿان گهر ٺهرائي ڏنو ۽ پوءِ اهو ٻه _ ماڙ گهر گهوڙي سواريءَ جي مقابلن ۽ عورتن جي ايڪي جو مرڪز بڻجي ويو.

”عورت لاءِ قدرت کان پري ٿيڻ ڏاڍو برو آهي. قدرت ئي عورت جي همدم آهي ۽ جيڪڏهن پريشاني آهي ته درياهه ۾ ترڻ! ان ڪري ٻنين م هليو وڃي تارن کي ڏسندي رهي. ائين عورت پنهنجي ان خوف جو علاج ڪري سگهي ٿي.“

اها عمارت مڪمل ٿيندي ئي ياسمينه ۽ ٽامون گڏجي هڪ ڪيلي جو ٻوٽو لڳايو، جيئن يحيٰ کي، جيڪا ناني جي حبشڻ زال هئي، پنهنجي ملڪ جهڙو ماحول ٺاهي ڏجي. يحيٰ ناني جي سڀ کان خاموش ترين وني هئي. ڊگهي سنهڙي پنهنجي پيلي جبي ۾ ڏاڍي نازڪ لڳندي هئي. سنهو چهرو، نشيلا نيڻ ان جي دلفريبيءَ جو ثبوت هئا. هوءَ روزانو پنهنجي مٿي جو اسڪارف پنهنجي مرضيءَ سان تبديل ڪندي رهندي هئي. پر سندس پسند جو رنگ پيلو هو. هوءَ چوندي هئي ته پيلو رنگ سج جيان روشني ڏيندو آهي. کيس نزلي جو مرض هو ۽ هوءَ عجيب طريقي سان عربي ڳالهائيندي هئي. ٻين زالن کان الڳ ٿلڳ چپ چاپ پنهنجي ڪمري ۾ هوندي هئي. ان جي اچڻ کان پوءِ ٻيون سڀئي زالون ان جي حصي جو ڪم ڪري ڇڏينديون هيون، ان جي عيوض هوءَ سڀني کي پنهنجي ملڪ سوڊان جون ڳالهيون ٻڌائيندي رهندي هئي.

حبشيون جو ملڪ جتي ليما، زيتون ئي نه پر ناريل ۽ ڪيلا پڻ پوکيا ويندا هئا. يحيٰ کي پنهنجي ڳوٺ جو نالو ياد نه هو خوشين سان ڀريل فارم تي عورتن جي ڪارڪردگيءَ تي ڪا حد بندي نه هئي. هو انوکا وڻ لڳائينديون، گهوڙي سواري ڪنديون، آزاد گهمنديون هيون. ان جي ابتڙ فيض ۾ اسان جو حرم همقفس وانگي هو. ياسمينه چواڻي:

”عورت لاءِ قدرت کان پري ٿيڻ ڏاڍو برو آهي. قدرت ئي عورت جي همدم آهي  ۽ جيڪڏهن پريشاني آهي ته درياهه ۾ ترڻ! ان ڪري ٻنين ۾ هليو وڃي يا تارن کي ڏسندي رهي ائين عورت پنهنجي ان خوف جو علاج ڪري سگهي ٿي.“

پر پوءِ به هوءَ پڦي، حبيبه جيان حرم ۾ داستان گو پڻجي ويئي نانو هن کي سوڊان جي تاريخ پڙهي ٻڌائيندو هو. منگوئي ۽ گهانا جي بادشاهت ۽ ٽنبڪٽو جي سونهري دروازن جو بيان ۽ جهنگل جيڪو سج کي لڪائي ڇڏيندو هو. يحيٰ چوندي هئي ته سفيد ماڻهو ته عام ماڻهو آهن ۽ دنيا جي هر ڪنڊ ۾ ملن ٿا. پر حبشي خاص ماڻهو ٿين ٿا. جو صرف سوڊان ۽ صحارا جي صحرا ۾ ملن ٿا.

داستان گوئيءَ واري رات، سڀئي عورتون يحيٰ جي ڪمري ۾ گڏ ٿينديون هيون. چانهن جون پياليون ڏنيون وينديون هيون.  هوءَ پنهنجي ملڪ جون ڳالهيون ڪندي هئي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سڀني زالن کي ان جي زندگي برزبان ياد ٿي وئي هئي ۽ جتي به هوءَ منجهندي هئي، ته اهي کيس ٻڌائڻ شروع ڪنديون هيون. هڪ ڏينهن جڏهن هوءَ پنهنجي ڳوٺ جو نقشو ڪڍي رهي هئي ته ٽامونءَ کيس چيو ته جيڪڏهن توکي فارم کي پنهنجو  گهر محسوس ڪرڻ لاءِ جيڪڏهن ڪيلي جو ٻوٽو کپي ته اسان عين هتي ڪيلا پوکينداسون. پهرين ته ڪنهن کي به يقين نه آيو، ته هن جاءِ تي ڪيلو ڪيئن پوکينداسين، جتي سپيني برفاني هوائون ۽ سمنڊ مان ڪڪرن جو ڪارونڀار ڇانيل رهي ٿو. پر سڀ کان مشڪل ڪم ڪيلي جو بوٽو مهيا ڪرڻ هو. ان لاءِ جيڪي به خانه بدوش واپاري ايندا هئا ياسمينه ۽ ٽامون انهن کي سمجهايو ته ڪيلي جو ٻوٽو ڪيئن ٿيندو آهي. ائين ڪو مراڪش مان هڪ ٻوٽو کڻي آيو. يحيٰ ان کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿي ۽ پنهنجي ٻارن جيان ان ڪيلي جي ٻوٽي جي سار سنڀال ڪرڻ لڳي. جيئن ئي سرد هوا شروع ٿيندي هئي ته هوءَ ڊوڙندي ويندي هئي ۽ ڪيلي کي پنهنجي چادر ۾ لڪائي ڇڏيندي هئي. سالن کان پوءِ ٻوٽي ۾ ميوو لڳو ۽ سڀ زالون گڏ ٿيون ۽ دعوت ڪيائون ۽ يحيٰ تهه در تهه پيلو ڪافتان (لباس) پائي وارن ۾ گل ٽانڪي نچندي، درياهه ڏانهن هلي ويئي.

(هلندڙ)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com