سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1995ع

مضمون --

صفحو :3

 

اشتياق انصاري

ڌڪار

ٻاٽ اونداهيءَ ۾ ڏور کان ٻرندڙ پيلا بلب وڻن ۾ جهوليندڙ سنڌڙي انب لڳي رهيا هئا. اهو منظر ڏسڻ ۾ مگن هيس ته اوچتو منهنجي ڪرسيءَ ڀرسان نانگ جي ڦوڪن وانگر سون ..... سون ... ٿي، ڇرڪ ڀري نگاهه پٽ تي وڌم ته ڀرسان هڪ ڇوڪراٽ کي گپ چڪ ۾ ليٿڙيل، ٿڌ ۾ ٿڙڪندي ڏٺو. سياٽي ڪري نڪ مان سون ..... سون سان گڏ هن جي ڄاڙين وڄڻ جو آواز به ٻڌڻ ۾ اچي پيو.

هي معصوم به انهيءَ پل تي پورهيو ڪري رهيو هو، جنهن جي نگهباني مان ڪري رهيو هيس. جڏهن ڪنڪريٽ وجهڻ بعد پائيپ زمين کان ٻاهر ايندا هئا ته هوڏول ڀري پائيپن کي پاڻيءَ سان ڌوئي صاف ڪندو هو.

هاڻي به هو سڄو آلو ٿيو، منهنجي ڀر ۾ ٻرندڙ باهه تي پاڻ سيڪي رهيو هو. ڇوڪري لکي پوري مڇن جي ساول به ڪانه آئي هئي، انهن ڌاگهه مزورن ۾ کنڀن کٿل پٽ ڳيري جهڙو پيو لڳي. اُوٺي اسڪولي وردي مٿا هڪ بازاري سويٽر پاتل هيس، سندس اگهاڙا پير گاري ۾ بريل هئا. هن ٻارڙي کي تيز سياري ۾ ڀنڀراڪي وقت ڪم ڪندو ڏسي ڏاڍو ڪهڪاءُ آيو.

هن پراجيڪٽ تي بدلي ٿي آئي ٻيو ڏينهن هيم . اسان کي جمڙائو واهن جي آس پاس هڪ سم نالو کوٽڻو هيو. علائقي ۾ سم جي آزار ڪري سون ورنيون ٻنيون ۽ ٻور سان ٻهڪندڙ باغ اڇ ۾ تبديل ٿي رهيا هئا. ٻين انجنيئرن سان ڪٺي، مون کي به واهه جي کوٽائي سان گڏوگڏ ان مٿان پليون به ٻڌڻيون هيون. هن وقت ٿر ڏي ويندڙ مکيو روڊ جي پ تي زور شور سان ڪم هلي رهيو هو.

مان چارج ورتي ته پل تي ڏينهن رات بنيادي ڪم ”پائيلنگ“ هلي رهيو هو. يعني پل هيٺان تنڀن جا بنياد وڌا پي ويا. هت پائيلنگ ۾ ”رگ ويڪرو ۽ اسي فٽ کن اونهائي ۾ سوراخ ڪبو آهي، جنهن بعد منجهس ذري گهٽ ايتروئي ڊگهو شيخن جو پڃرو داخل ڪيو ويندو آهي. آخر ۾ پڃري جو مٿيون ٿورو حصو زمين کان ٻاهر ڪڍي باقي سڄي کي ڪنڪريٽ سان پوري ڇڏيندا آهن اسان کي اهڙا ڪيترائي پاوا زمين م گوڙي انهن مٿان پل بيهارڻي هئي.

انهيءَ ڏينهن به سائيٽ آفيس مان اٿي پل ٺهڻ واري هنڌ تي آيس. زمين ۾ سوراخ ٿي چڪو هو. ٽنن جي حساب سان ڳورو لوهي پڃرو مشينن ۽ مزورن جي مدد سان زمين ۾ لاٿو پئي ويو. مزور ڪنهن امڪاني حادثي کان بچڻ لاءِ هڪلون ڪري هڪ ٻئي کي هوشيار ڪري رهيا هئا. هي سڀ کان ڏکيو ۽ خطرناڪ مرحلو هوندو آهي. سائيٽ تي موجود هر ماڻهو جي موت جي ڀو کان اک جبل جيڏي پڃري ۾ ۽ ٽٽڻ ۽ ان ڇپ جي ڪرڻ ڪري مشين سان گڏ ڪيترائي مزور چيڀاٽجي مئا هئا. زمين م پڃرو داخل ڪرڻ بعد سوراخ کي پورڻ لاءِ رگ مشين ۽ پائيپن جي مدد سان ان ۾ ڪنڪريٽ وجهڻ جو عمل شروع ڪيو ويو.    

اتر جي يخ هوا جسم مان آرپار نڪتي پئي وئي. اونداهيءَ جي ڀوت کي ڀڄائڻ لاءِ جنريٽر سان بلب ٻاريا ويا هئا.

مان هڪ بلب جي روشنيءَ ۾ ٽيبل ڪرسي رکائي ڪم جي نگهباني ڪري رهيو هيس. ڪنن ۾ جنريٽر، بلڊوزر، رگ مشين ۽ مڪسر مشين جي ٽڙڪاٽن ڪري لڳي پيو ته ڄڻ هلندڙ ريل جي انجڻ ۾ ويٺو هجان.

چوڌاري گهگهه اڌيري ۾ بلبن جي زرد روشنيءَ جي ننڍي گهيري ۾ ڪو مزور بيلچي سان واري پيو ڇاڻي ته ڪو بجري ۽ سيمينٽ کڻي مڪسر مشين ۾ پيو پرٽي، ڪجهه محنت ڪش مڪسر مشين ۾ پيو پرٽي، ڪجهه محنت ڪش مسالي سان ڀريل ٽرالي ڌڪيندا پيا اچن. سڀ پورهيت ويچارا اهڙي پاري ۾، گپ چڪ ۾ آلا، سيءَ ۾ ٿڙڪي رهيا هئا. جن کي ٿوري به واندڪائي ملي پئي سي ڊوڙي اچي، منهنجي ڀرسان ٻرندڙ باهه تي سيڪو ڏئي پيا وٺن. هاڻي به باهه جي تؤ تي پسيل وجود سڪائيندڙ ٻارڙي کي تڪي رهيو هيس.

”اڙي ڇورا ڪاڏي وئين؟“ مشين مستري هڪل ڪئي.

هو آلن لٽن سان ٿڦڪ ..... ٿڦڪ ....... ڊوڙندو ڏول ڀري پائيپ ڌوئڻ لڳو.

ٻئي ڏينهن تي شام ڏاري پل تي پهتس ته ساڳيو ڇوڪرو بجري جي ڍير تي رسالو پڙهي رهيو هو. منهن جي پهچڻ سان ئي سڀ مزور ڪم ۾ جنبي ويا.

ڳالهين دوران مان ٺيڪيدار کان ان نينگر جي باري ۾ پڇيو.

”سائين اهو ڇوڪرو آهي الائي ڪير؟“

”ڳپل ڏينهن اڳ اچي مزوري لاءِ چيائين. جاءِ خالي هئڻ ڪري کيس رکيو آهي. رهي ڪري به هت مزورن سان ٿو. شايد مئٽرڪ پاس آهي. چڱي خاشي خاندان جو ٿو لڳي.“ ٺيڪيدار چيو.

هڪڙي ڏينهن ٿڌڙي منجهند ڌاري پنهنجي تنبو ۾ ويٺو هيس ته ڇوڪري نماڻائي سان اچي چيو، ”سائين اسان مزورن جي چانهه پيئندؤ؟

”کڻي آ پٽ.“

اسان لاءِ چانهه _ ماني بيس ڪئمپ تان ايندي هئي، باقي مزورن جا تنبو پل ڀرسان هئا. جتي هو رڌ پچاءُ پاڻ ڪندا هئا. پورهيتن پنهنجي لاءِ چانهه ڪاڙهي هئي، جنهن ۾ مون کي پڻ شريڪ ڪن پيا. ننڍڙو مون لاءِ چانهه جو مڱ کڻي آيو.

”پٽ ڪاٿي رهندو آهين.“ کين ڪرسي تي ويهڻ جو اشارو ڪندي چيم.

”شاهه جي ڳوٺ.“

”پڙهيل به آهين ڇا؟“

ها سائين، مئٽرڪ ڪئي آ، جيستائين ڪاليج کلن، تيستائين مزوري پيو ڪيان.“

”اختر.“

محسوس ڪيم ته هو پنهنجي باري ۾ گفتگو ڪرڻ نه پيو گهري، ان ڪري هن متعلق وڌيڪ ڪجهه به معلوم نه ٿي سگهيو.

هڪ دفعي تنبوءَ ۾ ڪجهه ڪتاب ۽ فائيل رکي بي سائيٽ تي، واهه جي کوٽائي لاءِ هلندڙ مشينن جو معائنو ڪرڻ ويس. جڏهن وريس تنبوءَ ۾ ڏٺم ته اختر ڪو ڪتاب پڙهي رهيو هو. مون کي ڏسي هو ڪتاب رکي تڪڙو ٻاهر نڪري ويو. ائين محسوس ٿيو ڄڻ همراهه جي ڪا چوري پڪڙجي وئي هئي. چانهه مهل اختر کي گهرائي ويهاريم.

”پٽ عيد ويجهي آهي. تون عيد ته ڳوٺ ڪندين نه؟“

”نه سائين.“

ڇو؟“ مان هن کي چانهه جو ڪوپ ڏيندي چيو. ”سائين اچڻ وڃڻ ۾ پئسا خرچ ٿي ويندا، مون کي داخلا به وٺڻي آهي، ان ڪري ڳوٺ نه ويندس.“

”عيد جي ڪري هت ڪم بند هوندو، مزور به سڀ ڳوٺن ڏي هليا ويندا.“

”ها سائين مون منشي صاحب سان ڳالهايو آهي. هن چيو آهي ته عيد تي تون ڀل هت سامان جي چوڪيداري ڪجانءِ.“

”پر پٽ، تون ڳوٺ وڃ توکي ڀاڙو وغيره مان ڏيندس.“

”نه مان نه ويندس.“ هن جي رکي جواب ڪري مان چپ ٿي ويس.

هن معصوم جي ڏينهن رات محنت ۽ پڙهڻ جو شوق ڏسي. مون کي ساڻس همدردي ٿي وئي. هن کي اڪثر ڪتاب آڻي ڏيندو هيس. هو پاڻ به واندڪائي ۾ اچي باراڻيون ٻوليون ڪري ڄڻ آسيس حاصل ڪندو هو. هڪ دفعي ڳالهين دوران هن چيو.

”سائين اوهان ڪيترا خوش نصيب آهيو.

سڄو ڏينهن آرام سان گهمندا وتو. آفيس، بنگلو، نوڪر چاڪر، سڀ ڪجهه اٿو. اسان سڄو ڏينهن رت ٿا ولوڙيون ته به ٽيهه رپيا مس ٿا ملن.“

”پٽ! اهو سڀ ڪجهه ۽ ان کان وڏيڪ توکي به ملندو. علم ۾ وڏي طاقت آهي. پڙهڻ جو شوق جاري رک، مان به تو وانگر غريب جو ٻار آهيان. پڙهي محنت ڪري هت پهتو آهيان.“ 

”مان پڙهيس ته مون کي به نوڪري ۽ گاڏي ملي ويندي.“ سندس معصوم اکين مان اميد ليئا پائي رهي هئي.

”ها سڀ ڪجهه محنت ۽ لگن سان آهي. ڪيترن عظيم انسانن جو ننڍپڻ بدترين غريبي ۾ گذريو آهي. تون همت ڪر، محنت ئي ماڻهوءَ کي هن معتبر منصب تي پهچائي ٿي.“

”سائين مان اڄ ئي ڪتاب وٺي، واندڪائي ۾ پڙهائي شروع ڪيان ٿو. ڏسجو! مان به اوهان وانگر انجنيئر ٿيندس.“

”شاباس! انسان حالتن سان مڙس ٿي منهن ڏئي، تون پڙهه مان واعدو ٿو ڪيان ته تنهنجي هر مدد ڪندس.“

آخر پل جڙي راس ٿي. ٺيڪيدار کي پري هڪ ٻي پل جو ڪم مليو. ٺيڪيدار جا ايڪسڪيويٽر، بلڊوزر، رگ مشين وغيره آهستي آهستي ان پاسي روانا ٿي رهيا هئا.

ٻنپهرن جو سائيٽ آفيس ۾”ڊرافٽنگ مشين“ تي نقشا ڏسي رهيو هيس ته اختر ملڻ آيو.

”اسان اڄ وڃي رهيا آهيون، آئون اوهان کان موڪلائڻ آيو آهيان.“

”پٽ! ڪوبه ڪم ڪار هجي ته لکي موڪلجانءِ. ها! توکي پڙهڻو آهي. ڪاليج کُلندا ته آئون تنهنجي داخلا جو بندو بست پاڻ ئي ڪندس، واعدو ڪر ته پڙهندين.“

”سائين واعدو آهي.“ هو کٻو هٿ کاڏيءَ تي ڦيرائيندي ٻاهر نڪري آيو.

ٺيڪيدار جا ڪجهه بل اسان وٽ رهيل هئڻ ڪري نينگر جي خبر چار ملندي رهندي هئي. هن جي هٿان ڇوڪري ڏي هڪ ٻه دفعو ڪتاب وٺي موڪلي ڏنم. ٺيڪيدار جي فائنل پيمنٽ ٿي وئي، ۽ ننڍڙي جو حال احوال ملي نه سگهيو. ائين ڪافي ڏينهن گذري ويا.

هڪ ڏينهن جيئن ئي گهر پهتس ته بورچيءَ اختر جو خط آڻي ڏنو.

”ڳپل عرصي کان سار نه لڌي اٿو .... ٺٽي نياپا سائين جن ڏي اماڻي چڪو آهيان.“

.... اوهان جي حڪم موجب ڏينهن رات مزوري ڪري، پڙهائي لاءِ پئي پئسا جمع ڪيم.. هڪ قهري رات ”رگ مشين“ مان رسن ڇڄڻ ڪري پڃرو اچي مٿان ڪريو.... ٽنگون ڀڄي ... منشي کڻائي هڪ خانگي اسپتال ۾ داخل ڪيو ... ڌڪ ڪري  هڏيون چچرجي گوشت ڦاڙي نڪري آيون هيون.... مٿان پلستر ويتر ڦٽن ۾ پون ڀري ڇڏي. ميڙيل پئسا علاج تي لڳي ويا..... اچي سگهو ته مهرباني...

خط پڙهڻ بعد مان پاڻ کي ڄڻ ”ڪرش مشين“ ۾ روڙيءَ وانگر ٽڪرا ٽڪرا ٿيندي محسوس ڪيو. ڪيترا منظر منهنجي ذهن جي پردي تي هڪ ٻئي پٺيان ايندا ويا .... ٻٽ سياري ۾ ٿڙڪندڙ معصوم مزور ... منهنجي خيمي اندر لالٽين جي روشنيءَ م ڪتاب پڙهندڙ نينگر .... هيبتناڪ لوهي پڃري هيٺان چچريل بيوس مزور .... پٽين ۾ ڍڪيل وجود ... دنيا جي مدد جو منتظر مريض ... مون کي ٺيڪيدار جي ڪرتوتن تي ڪاوڙ اچڻ لڳي. جنهن ڪم ڪڍڻ کان پوءِ ڪنڪريٽ ۾ پيل ڪک وانگر ڪڍي کيس اڇلي ڇڏيو. ”مزورن جي قانون“ مطابق ڍيڪيدار کي علاج وغيره جون سهولتون کيس ڏيڻيون هيون.

انهن ڏينهن ۾ اسان جي پراجيڪٽ ڏسڻ لاءِ ”ايشين بينڪ“ جا نمائندا اچڻا هئا. چيف انجنيئر کان وٺي سروي ڪوليءَ تائين هر ڪو وٺ وٺان ۾ هو. ايتري قدر جو صبح جو سائيٽ تي ويندا هئاسين ته رات جو جهنجهڪڙي مهل ڪالوني ورندي، ايندڙ صبح جي ڳڻتي کڻي ايندا هئاسين.

جنهن ڪري ڏينهن ته رهيو پري هڪ منٽ موڪل جي به اميد ڪانه هئي. نيٺ انسپيڪشن بعد اختر سان ملڻ لاءِ اسپتال پهتس.

ڊاڪٽر شڪايت جي انداز ۾ چيو ”ان لاوارث ڇوري مان اڙجي ويو هيس ... ڪجهه مزور کيس هت ڦٽي ڪري ويس ... ٽنگن جون هڏيون ڀور ڀور هيس ... هن کي ڪراچي وڃڻ لاءِ چيم... ڇورو ڪو صفا نڌڻڪو هو. ڪير وٺي وڃيس. گهڻن ڏينهن کان پوءِ ڪو همراهه اچي هن مصيبت کي کڻائي ويو.“

”ڪاڏي کڻائي ويو؟“ مون کي ڌرڙي وٺي وئي. ”خبر نه آهي.“ ”شايد اهو همراهه به ڪنهن ڦُٽيءَ جي ڪارخاني ۾ مزور هو.“

ڊاڪٽر کان موڪلائي، شهر جي ڦُٽين جي هر هڪ ڪارخاني تان پڇا ڳاڇا ڪيم، پر ڪو کڙ تيل نه نڪتو ، سرڪاري ۽ خانگي اسپتالن جا نالن وارا رجسٽر اٿلايم، مسڪين جو ڪٿي به اتو پتو نه مليو. لاچار ڳوري دل سان واپس وريس. البت هن سان نه ملڻ ۽ مدد نه ڪرڻ جو افسوس رهجي ويو.

هوريان هوريان ذهن مان اختر جو خيال به نڪري ويو. ۽ ذهن مٿان ذاتي مصروفيتن جي مٽي جا تهه چڙهند ويا.

اسان سائيٽ تي ايندي ويندي اڪثر پل واري چوڪ وٽ گاڏي بيهاري گوٽل تان چانهه پاڻي پي تازا ٿي وري سفر جاري رکندا هئاسين. انهيءَ ڏينهن به هڪ ٽيوب ويل جي ”ڊرائينگ“ ڏسي، واپسي مهل چوڪ وٽ گاڏي ۾ ويٺي ئي هوٽل واري کي چانهه جو چيوسين. جيستائين چانهه اچي پنهنجي خيالن ۾ گم هيس ته اوچتو هڪ آواز ڪن پيو؛

”صاحب الله جي نالي.“

آواز ڏي منهن ورائي ڏٺم ته منهنجي گاڏيءَ ڀرسان سائيڪل جي هينڊل ۽ چين سان ننڍڙو گاڏو بيٺل نظر آيو، جنهن تي ويٺل معذور هٿ ڊگيهريون ڏور اُفق ۾ تڪي رهيو هو.

هن کي ڏسڻ سان ئي منهنجي ذهن ۾ ڄڻ زلزلو اچي ويو.

”اختر تون!!“ مان ڀڙڪو کاڌو.

هن ڌڪار مان مون ڏي ڏٺو، ۽ بنا ٻڙڪ ڪڍڻ جي هٿ سان ننڍڙو گاڏڙو ڊوڙائيندو ماڻهن جي ميڙاڪي ۾ گم ٿي ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com