سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1995ع

مضمون --

صفحو :8

 

آزاد قاضي

ماءُ

هر هڪ انسان هڪ ئي وقت ڪيترن ئي رشتن سان لاڳاپيل رهي ٿو. پٽ به آهي ته ڀاءُ به ڀائيٽيو به آهي ته ڀاڻيجو نه، ماروٽ به آهي ته ماسات به، ساڳيءَ ريت هو هڪ ئي وقت ڪنهن جي اکين جو نور ۽ محبت جو بيڪر آهي ته ڪنهن جي نفرت ۽ حقارت جو ڪارڻ! پر مڙني رشتن ۽ ناتن، لڳ ۽ لاڳاپن ۾ ماءُ جو رشتو هڪ اهڙو رشتو آهي، جيڪو هر حال ۾ بي پناهه محبت جو مجسمو آهي. ماءُ ٻار کي 9 مهينا پيٽ اندر پالي ٿي. پردن اندران سندس هر طرح پرگهور لهي ٿي، رڳن ۽ نسُن جي سهاري کيس کاڌو پهچائي. سرجڻ کان پيدا ٿيڻ تائين سور سهي ٿي. تنهن کان پوءِ راتين جو راتيون نيڻن جي ننڊ حرام ڪري، پنهنجو سک ۽ آرام ڦٽائي، سونهن ۽ سينگار ختم ڪري، اولاد کي هر حال ۾ سکيو ڏسڻ گهري ٿي، ان جي بدلي کيس جيڪي تڪليفون ۽ اهنج عذاب سهڻا پون ٿا، تن کي هوءَ اندر واري اڪير وچان برداشت ڪندي پيئي سُرور محسوس ڪندي آهي.

اولاد لاءِ سندس اهڙي شفقت، پيار ۽ پاٻوهه جي ڪري ئي اها چوڻي مشهور ٿي آهي ته ”پيءُ مئي ٻار اڌ ڇورو ٿيندو آهي، پر ماءُ مئي سڄو ڇورو“  ڇاڪاڻ ته پيءُ ، ماءُ جي بنسبت اولاد جو ايترو اونو نه رکي سگهندو آهي. پيءُ ڪيترن ٻين ڪمن کي اولاد کان وڌيڪ ڄاڻيندو آهي. پر ماءُ اولاد جي ڀيٽ ۾ ٻي هر شيءِ قربان ڪرڻ لاءِ به تيار ٿي ويندي آهي. هوءَ پاڻ کي ڏکيو بکيو رکي به اولاد کي هر لحاظ کان سک پهچائيندي رهندي آهي. ماءُ جي اها محبت ئي آهي جا اولاد جي هر موڙ تي رهنمائي ڪري ٿي.

محبت جا ٻه قسم ”وجدائي“ ۽ ”ورداتي“ چيا وڃن ٿا. وجدائي يعني اهڙي محبت جا قدرتي طور تي پيدا ٿيندي هجي، جنهن کي ٻين لفظن ۾ نطري محبت به چئجي ٿو اهڙيءَ محبت لاءِ جيئن ٿڌ تيئن وڌ وارو مثال پوريءَ ريت ٺهڪي اچي ٿو. ان کي اول کان آخر تائين بي پناهه خلوص ۽ محبت جو اميري يا عريبي،سونهن يا ڪوجهائيءَ سان ڪو واسطو نه هوندو آهي، نه وري اها ڪا مختلف دورن ۾ وڌبي گهٽبي آهي. هن محبت واري درجي ۾ ماءُ واري محبت شمار ڪئي وڃي ٿي. ماءُ پنهنجي اولاد سان محبت، بغير ڪنن مفاد يا لالچ جي ڪندي آهي، اها محبت جنهن کي ڪيڏا به ڏک ۽ ڏاکڙا، اهنج ۽ عذاب خم ڪري نه ٿا سگهن. بلڪ جڏهن به ڏکن ڏاکڙن مُنهن ڪڍيا آهن ته اها بي لوث محبت ويتر وڌيڪ آزمائش جي گهڙين منجهان گذرڻ لاءِ تيار نظر اچڻ لڳي آهي.

ماءُ جي محبت، ايثار ۽ قربانيءَ جهڙو مثا ملڻ محال آهي. هرڪا ماءُ پنهنجي اولاد جي جياپي ۽ خوشيءَ خاطر وڏي کان وڏي قرباني ڏيڻ کان به نه گسندي آهي. تاريخ سنڌ ۾ مات جي اولاد ڪارڻ قرباني جو نهايت عجيب مثال هن ريت درج ٿيل آهي.

ارغونن جي آخري دور ۾ اهڙو اچي ملڪ ۾ ڏڪار پيو، جو کائڻ لاءِ ڪا شيءِ نه بچي. مال توڙي ماڻهو بک وگهي مرڻ لڳا. انڪر ماڻهو ملڪ ڇڏي ڀڄڻ لڳا. اهڙي حال ۾ هڪ عورت پنهنجي پٽن سان گڏ ڪجهه ڪڍڻ کان پوءِ جلاوطني اختيار ڪري بيتاب ٿي وڃي هڪ جهنگل  ۾ ڪري. پٽن کي بک ۾ پاهه ٿيندو ڏسي، انهن کي چيائين ته ”توهان کي هن حال ۾ ڏسي نٿي سگهان، تنهن ڪري مون پنهنجو خون توهان کي معاف ڪيو، توهان مونکي ڪهي کائو ۽ منهنجو بچيل گوشت رستي جو ثمر بڻايو. من ڪنهن سلامتي واريءَ جاءِ تي پهچو!“ پٽن گهڻو انڪار ڪيو ۽ زبان تي ”حاشا“ (هرگزنه) ۽ ”ڪلا“ (ڪڏهن به نه) جا الفاظ آندائون. پر ماءُ جي زور ڀرڻ تي ائين ڪرڻو پين.

مٿين روايت منجهان به اهوئي ظاهر ٿئي ٿو ته ماءُ پنهنجو پاڻ کي ڏکيو رکي به اولاد کي هر ممڪن طريقي سان خوش رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ان قربانيءَ واري جذبي ۾ کيس جيڪا به ۽ جهڙي به تڪليف اچي ويئي آهي ته اها به سرتي سهائي اٿائين. پر اولاد کي ڏک نه ڏنو اٿس. باوجود ايڏي مادرانه شفقت، پيار ڀريي پاٻوهه ۽ خلوص هئڻ جي، هن پوڄا لائق ديويءَ اڳيان هڪ اهڙو رشتو به اچي وڃي ٿو، جنهن کي هوءَ اولاد کان به وڌيڪ همت، جوش، جذبي ۽ محبت وچان ان ۾ بهرو وٺڻ لاءِ پنهنجي جگر جي ٽڪر، روح جي راحت، اکين جي ٺار ۽ ٻڍاپي جي لٺ کي ذهني طرح تيار ڪري عملي ميدان ۾ اڳتي وڌڻ جي هدايت ڪندي آهي، اهو مقدس رشتو آهي ملڪ سان محبت وارو.

ملڪ آفتن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ مائرن جو آيل آفتن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ مائرن جو پنهنجي اکين جي ٺارن کي بهادر ٿي بيهڻ ۽ مڙس ٿي مهاڏو اٽڪائڻ ۽ غيرن جي غلاميءَ کان ملڪ کي پاڪ ڪرڻ وارن مثالن سان دنيا جي انقلابي ماڻهن جا ته ڪيئي مثال موجود آهن، پر اسان جي ملڪ جي تاريخ ۾ پڻ اهڙا مثال موجود آهن.

انگريزن جي حاڪميت دوران، خلافت تحريڪ جي نالي ۾ هڪ انقلابي تحريڪ اڀري، جا بظاهر مذهبي تحريڪ هئي، پ ان جي عملي ميدان ۾ مڪمل طور تي هڪ انقلابي پروگرام هو. ان تحريڪ هڪ موقعي تي عدم تعاون جي تحريڪ جي شروعات ڪئي. ان سلسلي ۾ ڪراچيءَ ۾ جا خلافت ڪانفرنس ٿي هئي، تنهن ۾ هندستان جي ڪافي وڏن ليڊرن سان گڏ، سنڌ جي هڪ بزرگ شخص پير غلام مجدد سنڌي پڻ شرڪت ڪئي ۽ نهايت ولوله انگيز ۽ مدلل تقرير ڪري سرڪار جي نظرن ۾ پاڻ کي ڏوهاري ثابت ڪري وڌو هو. کيس ان ڏوهه جي الزام ۾ گرفتار ڪري مٿس مقدمون هلايو ويو. ان موقعي تي پير صاحب جي والده پنهنجي جگر جي ٽڪر کي جنهن نموني هدايت ڪئي هئي سا سندس مامتا واري ان سجاڳ جذبي جو زندهه ثبوت پيش ڪري ٿي جنهن تحت مائر اولاد کي ملڪ مٿان قربان ٿيڻ جون لوليون ڏينديون رهيون آهن. بيبي صاحبه پير صاحب کي جيل جي ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ چوائي موڪليو؛ ”جيڪڏهن تنهنجو عقيدو سچو آهي ته پوءِ ظالمن کان هرگز معافي نه وٺجانءِ جو اهي تنهنجي نظرئي جا مخالف آهن جيڪڏهن تو انهن کان معافي ورتي ته پنهنجو منهن اسانکي نه ڏيکارجاءِ“

بيبي صاحبه جي ان جرئت مندانه پيغام جي باري ۾ محترم عبدالواحد آريسر لکي ٿو؛ ”سندس والده محترمه جيڪو پيغام کيس موڪليو ان کي پڙهي محسوس ٿئي ٿو ته خليفي صاحب جي ڪيڏاري ۾ جنهن سنڌي عورت جي حوصلي ۽ همت کي ساراهيو ويو آهي، سا عورت جيئري جاڳندي هن سر زمين تي موجود هئي، نه ڪي شاعر جي ٺهيل خيلاي عورت،“

ڪن حالتن ۾ ائين به ٿيو آهي ته مائرن ملڪ سان محبت ۽ وفاداريءَ جو ثبوت ڏيندي پنهنجي اولاد کي ملڪ جي دفاع واري جنگ جي ميدان ۾ پنهنجي محبت ۽ شفقت ڀرين هٿن سان سينگاري روانو ڪيو آهي، پر اُهي پنهنجي فطري سستي، ڪري ميدان ملهائي نه سگهيا آهن، جيئن چارلس نيپيئر پنهنجي ڪتاب ”فتح سنڌ“ ۾ مياڻيءَ جي جنگ جو ذڪر ڪندي لکي ٿو؛ نوجوان مير حسن علي، جنهن کي سندس والده قيمتي زيور پارائي مياڻيءَ ۾ وڃڻ تي مجبور ڪيو هو، سو مياڻي اچڻ تي ڪشت وخون جي گرما گرمي ڏسي شروع ۾ ئي زرهه اڇلائي رواجي ڪپڙن ۾ واپس حيدرآباد موٽي ويو، اهڙن مڄو پٽن جي ڪنهن به دور ۾ کوٽ نه رهي آهي. تنهن ڪري سنڌ جي البيلي انقلابي شاعر خليفي نبي بخش ”قاسم“ ميدان نه ملهائيندڙ، ڀڄي ايندڙ پٽ کي، ملڪ سان محبت ڪندڙ، غيور ماءُ جي زباني هن ريت مخاطب ڪيو آهي.

ڀڃ مَ ڀيچين کا،ءِ پاءِ پاڃارين اُن سان، مڇڻ تنهنجي ما،ءُ مُنهن مٿاهون نه کڻي.

(تون پنهنجي ساٿيءَ کان پري نه ڀڄ، ان سان ساٿ ۾ سلهاڙيو اچ، متان تنهنجي ان ڀاڄوڪڙائپ جي ڪري تنهنجي ماءُ جو ڪنڌ هيٺ ٿي وڃي ۽ ماڻهن اڳيان مُنهن مٿي نه ڪري سگهي).

سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعري اهڙي نموني جي انقلابي مائرن جي انقلابي ڪردارن سان ڀري پيئي آهي، ان جو به هڪ خاص سبب آهي، سو اهو ته سنڌ جي تاريخ تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌي ماڻهو هر دور ۾ وطن جي بقاءَ ۽ بچاءَ واري جدوجهد ۾ مصروف رهيو آهي. جڏهن به ملڪ مٿان ڪائي ڪاهه ٿي آهي ته هو هر نموني جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار نظر اچي ٿو ۽ اها ساڳي سچائي واري همت کيس ماءُ کان ورثي ۾ مليل معلوم ٿئي ٿي. تڏهن ئي ته شاه لطيف به چيو آهي.

”آسڻ جن اريج، تن جي وهه جو ورن ٻيو“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com