سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1995ع

مضمون --

صفحو :5

 

لمحي لاءِ ڪيلون سوچيو ته شايد هو ڪنهن غلط جڳهه تي اچي ويو آهي، سندس خيال ۾ يقينن سر ملٽن جي ڌيءَ ۾ ڪو عيب هو يا هوءَ بدصورت هئي تڏهن ته هن اهڙي ڪاروباري انداز ۾ سندس شادي ڪرائي، پر هوءُ ته هڪ معصوم، ڀولي ڀالي ڇوڪري هئي، جنهن جي گلابي رنگت تي سندس وڏيون ۽ ڪاريون اکيون ڪنهن پريءَ جيان هيون. هو هڪ خوشگوار حيرت سان قدم قدم اڳتي وڌيو.

هوءَ سميٽجي وئي ۽ سندس خوبصورت اکين ۾ خوف جي لهر اچي وئي.... ڪيلون کي بيڊ جي ٻئي پاسي بيهڻو پيو. ڇو ته هن محسوس ڪيو ته سندس خوبصورت ۽ ڪم عمر ڪنوار ڊپ مان ڪنبي رهي هئي.

هن پنهنجي نازڪ هٿن جون آڱريون هڪٻئي ۾ اهڙيءَ طرح ڀڪوڙيون جو سندس گلابي هٿن جون نيريون رڳون اڀري آيون، هوءَ سهمي سهمي هن ڏانهن ائين ڏسي رهي هئي جو آخرڪار کيس چوڻو پيو. ”ڇا تون مون کان خوفزده آهين، سرفينا ....؟“

هن پنهنجو گلابي چپ موتي جهڙي ڏند ۾ دٻايو. لرزيل آواز ۾ چيو، ”اوهه، خدايا اوهان ڪيڏا عمر ۾ وڏا آهيو، ۽ ..... ۽ .... ڪجهه .... ڪجهه .... خوف ڏيارڻ وارا.“

ڪيلون دلچسپيءَ سان هن ڏانهن ڏٺو. سوال آهي. ”سرفينا جيستائين منهنجي عمر وڏي هجڻ جو سوال آهي ان جو ته هاڻي ڪجهه نٿو ٿي سگهي باقي مان توسان واعدو ٿو ڪريان ته توکي خوفزده نه ڪندس.“

هو ڪي گهڙيون خبر ناهي ڇا سوچيندي رهي وري آهستگيءَ سان چيائين، ڇا، مان اوهان سان ڳالهائي سگهان ٿي .... ؟“

”ها، ها ....! ڇو نه ...“ ڪيلون نرميءَ سان چيو. هينئر تائين ته اسان کي موقعو ئي نه ڏنو ويو ته اسين هڪٻئي سان ڳالهائي سگهون.“ هو پلنگ جي ٻانهيءَ تي ويهي رهيو. هن ڏٺو ته سرفينا ڊڄي پوئتي هٽي وئي ۽ هن وهاڻي کي اهڙي مضبوطيءَ سان پڪڙيو، جيئن ڪنهن سهاري جي تلاش ۾ هجي. هن کيس تسلي ڏيندي چيو، مان تنهنجي ڳالهه  ٻڌڻ لاءِ تيار آهيان، ٻڌاءِ تون ڇا ٿي چوڻ چاهين؟“ سرفينا جا گل پيلا هئا ۽ سندس اکين ۾ اڃان به خوف هو. ”مان.... مان اوهان کي ٻڌائڻ چاهيو پي... مان تمام بيوقوف آهيان .... تمام جاهل آهيان... هي ... شادي ايتري جلدي ٿي ويئي آهي جو مون کي ڪا خبر ئي نه پئي آهي ۽ نه ڪنهن مون کي ڪجهه ٻڌايو آهي.“ ايترو چوندي هوءَ لرزي ويئي.

ڪيلون هن معصوم سهميل ڇوڪريءَ طرف ڏٺو ۽ دل ئي دل ۾ وري ملٽن کي ڳالهائڻ لڳو، جنهن جي ضد کيس عجيب و غريب صورتحال ۾ وڌو هو، وري هن آهستگيءَ سان چيو، ”سرفينا، تون مون سان شادي ڪرڻ چاهين پئي...؟“

مون کي .. مون کي ته ائين ڪرڻو ئي هو.... پاپا جو ائين ڪرڻ پئي گهريو.... هوءَ معصوميت مان چوڻ لڳي.

”ليڪن تون هيءَ شادي ڪرڻ نه پئي چاهين ته توکي پنهنجي پيءُ کي ٻڌائڻ گهربو هو.“ ڪيلون ٿوري بدمگزيءَ مان چيو.

ان مان ڪو فائدو نه هو... پا پا ته ڪجهه ٻڌڻ لاءِ تيار ئي نه هوندو آهي. جڏهن هو ڪو به حڪم ڏيندو آهي ته ان جي تعميل ڏسڻ چاهيندو آهي، ۽ بس ....“ هن سادگيءَ مان چيو.

انهيءَ ڳالهه کي ڪيلون کان وڌيڪ ڪير ٿو ڄاڻي ته هو ٻڍو پنهنجو حڪم ڪهڙي نموني مڃرائڻ جي صلاحيت رکي ٿو. هن سرفينا جي دل رکڻ لاءِ چيو. ڇا تنهنجي پاپا توکي اهو ٻڌايو هو ته هو تنهنجي شادي مون سان ڇو ٿو ڪرائڻ چاهي...؟“

سرفينا ڪنڌ لوڏيو ته ميڻ بتين جي هلڪي هلڪي روشنيءَ ۾ هن جي خوبصورت وارن جون سنهري چڳون چمڪڻ لڳيون. ”نه هن ته صرف اهو چيو هو ته هن منهنجي گهوٽ جو انتخاب ڪري ڇڏيو آهي ۽ آچر تي منهنجي شادي ٿي ويندي.“

”پر تو ان تي زور ڇو نه ڀريو ته هو توکي ڪجهه وقت ڏئي ته تون مون سان ملي سمجهي سگهين.“ ڪيلون چيو.

”پاپا ٻڌندو ئي ڪڏهن آهي....؟“ سرفينا ڪنڌ کي جهٽڪو ڏيئي چيو، مون ته اهو به سوچيو هو ته گهر مان ڀڄي وڃان ليڪن ... ليڪن ... ڪا اهڙي جڳهه به نه هئي جتي مان وڃي سگهان ها.“

ڪيلون لاءِ ڪجهه ڳالهائڻ مشڪل ٿي پيو. هن کي اڳ ۾ ئي شڪ هو ته سر ملٽن پنهنجي ڌيءَ کي به اهڙيءَ طره ئي مجبور ڪيو هوندو، هاڻي وري سرفينا جي واتان ٻڌي هي وڌيڪ پريشان ٿي ويو.

ڪمري ۾ خاموشيءَ جو هڪ طويل وقفو ڇانئجي ويو. سرفينا شايد هن جي جواب جي انتظار ۾ خاموشي هئي، وري هن جهڙو ڊڄندي ڊڄندي پڇيو، ”اوهان ... اوهان مون سان ڇو شادي ڪرڻ پيا چاهيو.

ڪيلون لرز جي ويو ۽ وڏي احتياط سان لفظ چوندي ” تو وانگر مون وٽ به انهيءَ کان سواءِ ڪو رستو نه هو.“

”ڇا .... ڇا ....؟ پا پا اوهان کي مجبور ڪيو!؟“ هن جهڙو ساهه روڪي پڇيو.

ڪيلون سڀ ڪجهه سچ ٻڌائڻ کي مناسب سمجهيو، اهو ائين ته سرفينا مون کي پئسن جي سخت ضرورت هئي نه ته مان ڏيوالو ٿي وڃان ها ۽ تنهنجو والد هڪ سرمائيدار آهي.“

”اوهه ....!“ هن جي انداز ۾ مايوسي هئي ته ڇا اوهان شادي پئسي جي لاءِ ڪئي آهي.“

”ها ...! ان کان سواءِ مون وٽ ڪو چارو ئي نه هو، ڇو ته تنهنجي والد اهو سڀ ڪجهه خريد ڪري ڇڏيو هو، جيڪو مون کي ڏيوالو بنائي سگهي پيو.“

هوءَ ڪجهه گهڙيون سوچيندي رهي ۽ وري پنهنجو خوبصورت چهرو مٿي کڻي چوڻ لڳي، انهيءَ جو مطلب ته هن اوهان کي به مجبور ڪيو.”

”ها...!“ ڪيلون هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو.

”مون کي بيحد افسوس آهي.“ هن چيو.

”هي افسوس منهنجي لاءِ يا اوهان کي پنهنجي لاءِ ...؟“ ڪيلون چيو.

”اسان ٻنهي لاءِ ئي ..... هي افسوس لائق آهي ته اسان کي هن نموني مجبور ڪيو ويو.“ هن جهڙو پنهنجو پاڻ سان ڳالهايو.

پنهنجي پسند سان شادي ڪرڻ جو حق ته هر ڪنهن کي آهي نه، سڀ ئي ته محبت مان لطف اندوز ٿيڻ چاهين ٿا. محبت ماڻڻ جي تمنا ته هر ڪنهن کي هوندي آهي.

”ڇا تو به پنهنجن خوابن ۾ ڪنهن شهزادي کي سمائي رکيو هو.......؟“ ڪيلون چيو.

”ها.......... ما چاهيندي هئس ته .......... هوءَ ڪجهه هيسجي ويئي ۽ وري ڳالهه مٽيندي چيائين، ”جڏهن کان مميءَ جو انتقال ٿي ويو آهي، تڏهن کان پاپا جو احساس........ ڪجهه وڌي ويو آهي، هو پورو ڊڪٽيٽر آهي، هو انڪار ٻڌڻ لاءِ بلڪل تيار ناهي ٿيندو، اگر مان هن شاديءَ کان انڪار ڪريان ها ته هو مون کي مارڻ کان به نه رهي ها.“

”ڇا سر ملٽن توکي ماريندو به آهي............؟“ ڪيلون ناپسندگيءَ مان پڇيو.

”نه.........اڄ ڪلهه نه پرهين هو اڪثر مون کي سزا ڏيندو هو، جڏهن ممي جو انتقال ٿي ويوهو، هو بلڪل اڪيلو ٿي ويو، منهنجي خيال ۾ شايد هو ان اڪيلائيءَ جو انتقال انهيءَ نموني وٺندو هو“ هن چيو.

ڪيلون محسوس ڪيو ته هوءَ هڪ ذهين ڇوڪري آهي، صرف غير معمولي ۽ سخت توجهه هن کي ٿورو نفسياتي مريض بنائي ڇڏيو هو، هن تيڏي اکين سان هن جي معصوم حسن کي ڏٺو، هن ڪجهه حجاب ۽ معذرت واري لهجي ۾ چيو، ”دراصل مان خود به ته اهڙي ئي اٻوجهه آهيان........ بزدل......... ڊڄڻي..........مون کان ڪافي ڪم اڪثر غلط ٿي ويندا آهن، ٿوري ڳالهه تي منهنجا هٿ ڏڪڻ لڳندا آهن، ۽ مان چاهيندي آهيان ته ڀڄي وڃي ڪٿي لڪان، پاپا کي شايد اها ڳالهه پسند ناهي.“

انهيءَ ڪري تون مون کي ڏسي ڊڄي وئي هئين..........؟“ ڪيلون مسڪرائيندي چيو.

”ها.......! مون کي ڏاڍو ڀؤ پئي ٿيو، مان ته ڪجهه به نٿي ڄاڻان  ۽ اوهان........!“ هن ڳالهه اڌ ۾ ڪٽي ڇڏي، ۽ هيسيل نگاهن سان هن کي ڏسڻ  لڳي.

”مان تو جهڙي نوجوان ڇوڪريءَ جي خوابن جو شهزادو ته ناهيان، پر ڪوشش ڪندس ته پنهنجي طرفان توکي ڪانه تڪليف نه پهچايان.“ ڪيلون نرميءَ مان چيو. ”ها اگر تون منهنجي هڪ تجويز سان اتفاق ڪرين ته منهنجو خيال آهي ته اسان ٻنهيءَ لاءِ بهتر ٿيندو.“

”ڇا ... ؟“ هوءَ الجهي ويئي ۽ سندس اکين ۾ وري خوف نظر آيو.

ڪيلون جي دل چيو ته هن کي تسليي ڏيڻ لاءِ سندس ٻانهن ۾ هٿ وجهي، ليڪن وري سوچيائين ته منهنجي اها حرڪت ڪٿي هن ننڍڙي ۽ هراسيل ڪنوار کي خوفزده نه ڪري ڇڏي، هن آهستي آهستي بردباريءَ سان چيو، ”هاڻي اها ڳالهه واضح آهي ته اسان ٻئي هن شاديءَ لاءِ رضامند هئا سين مان تنهنجن احساسن کي سمجهان ٿو، منهنجو خيال آهي ته اسان سٺن دوستن وانگر هڪٻئي کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪيون؛ ڏسون ته اسان هڪٻئي سان زندگي گذاري سگهنداسين به يا نه، مان زبردستيءَ جي رشتي ڳنڍڻ جو قائل نه آهيان، دنيا بلاشڪ اسان کي زال مڙس ئي سمجهندي ليڪن اسان محبت جو رشتو ڳنڍڻ کان سواءِ ڪوبه تعلق نه جوڙينداسين.“

”جيڪڏهن ..... جيڪڏهن هن هٻڪندي چيو، اسان کي ڪڏهن به هڪ ٻئي سان محبت نه ٿي ته پوءِ ،،،،، !!“

”اها ته پوءِ جي ڳالهه آهي.“ ڪيلون کليو. هينئر اسان کي هڪٻئي کي سمجهڻ جي منزل طئي ڪرڻي آهي، محبت جي منزل ته اڃان گهڻي پري آهي.“

”خبر ناهي اهو سڀ ڪيئن ٿيندو ... ؟“ هو وري سهمجي ويئي.

”۽ ها ...“ ڪيلون هن کي متوجهه ڪيو، هيءَ ڳالهه اسان ٻنهي جي وچ ۾ ”راز“ رهندي ۽ انهي جي خبر ڪنهن جي به ڪن تي پوڻ نه گهرجي، دنيا وارن جي اڳيان اسان هڪ شادي شده جوڙي جي اداڪاري ڪندا رهنداسين. سرفينا هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو... ڪيلون پنهجو هٿ وڌايو هن ڳالهه تي هٿ ملاءِ ته اسان هڪ معاهدي ۾ داخل ٿي رهيا آهيون ۽ اسان ٻئي ان جو احترام ڪنداسين. هوءَ لمحي لاءِ سن ٿي ويئي، وري هن پنهنجو ڪنول جهڙو هٿ سندس هٿ ۾ رکيو، سندس هٿ ٿڌو هو ۽ آڱريون ڊپ مان ڏڪي رهيون هيون. هن جي دل ۾ هن خواهش وڏي شدت اختيار ڪئي ته هو ان نرم نازڪ هٿ کي پنهنجن چپن تائين کڻي وڃي، پر وري کيس خيال آيو ته ڪٿي سرفينا هن جي ان ادا جو ڪو غلط مطلب نه وٺي، انهيءَ ڪري هن سندس ننڍڙو خوبصورت هٿ ڇڏي ڏنو، ۽ پنهنجي جڳهه تان اٿي بيٺو. ”چڱو سرفينا گوڊ نائيٽ...“ هاڻي تون آرام وڃي ڪر ۽ سڀاڻي هڪ نئين سفر لاءِ تيار رهجانءِ.“ سرفينا جي ڊپ واري ڪيفيت اطمينان م بدلجي ويئي ۽ مسڪرائيندي گوڊ نائيٽ چيائين.

ٻئي ڏينهن جڏهن سندس بحري جهاز انگلستان جي ڪناري کان روانو ٿيو ته ڪيلون اطمينان جو ساهه کنيو، کيس ائين محسوس ٿيو، جيئن هو ڪنهن قيد خاني مان آزاد ٿيو هجي، سر ملٽن هنن کي بندرگاهه تي خدا حافظ چوڻ آيو هو، ڪيلون جيئن هن ڊڪٽيٽر پوڙهي کان آزاد ٿيندو ٿي ويو. هن پنهنجي ڀر ۾ بيٺل سرفينا کي ڏٺو شايد هوءَ پنهنجي پاپا کان وڇڙڻ تي اداس هئي، پر هوءَ جيئن پاڻ کي آزاد ۽ پهرين کان بهتر محسوس ڪري رهي هئي سندس سنهري وار ڏينهن جي اجالي م سون جي تارن وانگر چمڪي رهيا هئا، سندس خوبصورت چهري تي اطمينان ۽ نئين جهان آشڪار ڪرڻ جو جوش هو.

هن جي لاءِ جهاز ۾ هڪ خوبصورت ڪئبن سجائي وئي هئي ۽ جهاز تي جيڪي مسافر هنن کي سڃاڻن پيا ته اهي سر ملٽن جي ڌيءَ ۽ نياڻي آهي، اهي کين مبارڪباد ڏيئي رهيا هئا. ڪيلون سندس هٿ ۾ هٿ ڏيئي ڪئبن ۾ آيو ته هن ڏٺو ته جهاز جي عملي سندن سامان مٿي پهچايو آهي ۽ ڪمري ۾ ڪيترا گلدستان به رکيل آهن، جيڪي ساڻن موڪلائڻ وارا کڻي آيا هئا. سرفينا پنهنجو ڪوٽ لاهي رکيو. ڪيلون ڏٺو ته هن کي هڪ نفيس گائون پهريل هو جو سندس نازڪ جسم تي ڏاڍو سهڻو پئي لڳو.

هن پنهنجي سامان جي بيگ کولي ۽ ڪافي ڪتاب ڪڍي الماريءَ ۾ رکڻ لڳي، ڪيلون ڪجهه ڪتاب کڻي ڏٺا، جيڪي جيڪي سڀ ئي هندوستان جي باري ۾ هئا. ”ڏاڍو سٺو سرفينا تون انڊيا جي باري ۾ سڄي لئبرري کڻي آئي آهين...“ ڪيلون چيو.

هن جا ڳل گلابي ٿي ويا، ”مان انڊيا جي باري ۾ ڪجهه به نٿي ڄاڻان مون سوچيو ته بمبئي پهچڻ کان پهرين مون کي ان جي باري ۾ ٿوري گهڻي ڄاڻ ته هئڻ گهرجي. جيئن مان اوهان لاءِ پريشانيءَ جو باعث نه بڻجان.“

”نه سرفينا،“ ڪيلون مسڪرايو، ”تو جهڙي معصوم ۽ بي ضرر مخلوق ڀلا پرشانيءَ جو باعث بنجي سگهي ٿي، مان توکي هن عجيب و غريب ملڪ جو خوب سير ڪرائيندس، مان پهرين به هت رهي چڪو آهيان.“

ٻئي ڏينهن هو مالٽا جي بندرگاهه تي پهتا ته سندن پوسٽ اچي چڪي هئي. ڪيلون ٽري ۾ رکيل خطن کي هڪ هڪ ڪري ڏٺو، هڪ خط سرفينا جي نالي به هو جو سر ملٽن موڪليو هو، هن اهو خط سرفينا کي ڏنو ۽ پنهنجا خط پڙهڻ لڳو. هن بمبئي ۾ پنهنجن پارٽنرز کي اطلاع ڏنو هو ته هو گهربل رقم آڻي رهيو آهي. هڪ خط انهن طرفان هو ته اهي انتظار ڪري رهيا آهن. هن ٻيو خط کوليو، ته هن اهي ٻئي جهاز ڪيلون جي نالي خريد ڪري ڇڏيا آهن ۽ هو بمبئي وڃي انهن جا ڪاغذ حاصل ڪري.

ڪيلون جي سڄي جسم ۾ ڪاوڙ جي هڪ شديد لهر اڀري ويئي. کيس ائين محسوس ٿيو ته هو کر مغز پوڙهو اڃا به سندس پيڇو ڪري رهيو آهي. هو دنيا جي ڪنهن به ڇيڙي ۾ هليو وڃي پر هن کان جان ڇڏائي نه سگهندو. جڏهن ته هو خود انهيءَ ڪاروبار جي ڪري بمبئي وڃي رهيو هو ته پوءِ ان شخص کي ڪهڙي ضرورت پئي جو سندس نالي سان ڪاروبار شروع ڪري. ڪيلون کي پنهنجو پاڻ بلڪل هڪ چاٻيءَ واري رانديڪي وانگر محسوس ٿيو... هن شديد ڪاوڙ ۾ خط کي مروڙي رکي ڇڏيو... کيس ڪاوڙ ۾ اهو به خيال نه رهيو ته سرفينا ڪمري ۾ موجود آهي.

”ڪهڙي ڳالهه توکي پريشان ڪري ڇڏيو آهي؟“ کيس سرفينا جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، پر هن ڌيان نه ڏنو ۽ غصي ۾ جڪ کائيندو رهيو.

سرفينا وري چيو. ”مون کي ايترو ته حق آهي نه؟“ ڪيلون برداشت ڪري نه سگهيو. هن کي هر ان شي تي ڪاوڙ اچي رهي هئي جيڪا هن جي سهري سان وابسته هئي. هن سرفينا جي ڳالهه ڪٽيندي غصي ۾ چيو، ”توکي ته مون تي به حق حاصل ٿي ويو آهي جو اوهان وٽ دولت آهي، ۽ اوهان مون کي خريد ڪيو آهي. هاڻي مان اوهان جي وس ۾ آهيان .... هاڻي منهنجي لاءِ اهو ممڪن ناهي ته ڪو ڪم پنهنجي مرضيءَ سان ڪري سگهان. پنهنجي زندگي پان گذاري سگهان. ليڪن اوهان فڪر نه ڪريو مان هڪ ڏينهن اوهان جو هڪ هڪ پئسو واپس ڪندس ته جيئن مان پنهنجيءَ مرضي سان زندگي گذاري سگهان.“ليڪن اوهان فڪر نه ڪريو مان هڪ ڏينهن اوهان جو هڪ هڪ پئسو واپس ڪندس ته جيئن مان پنهنجيءَ مرضي سان زندگي گذاري سگھان .

 هو ڪاوڙ ۾ ڳالهائيندو ويو ...پر جڏهن هن پاڻ سنڀاليو ته ڏٺائين سرفينا ڪمري ۾ ناهي. سندس دل جو غبار نڪري ويو ته ڪجهه سوچڻ سمجهڻ جو احساس ٿيس ته هن پنهنجي ڪاوڙ سرفينا تي ڇنڊي سٺو نه ڪيو آهي. هوءَ معصوم ڇوڪري ته خود پنهنجي پيءُ جي ظلم جو شڪار هئي. هوءَ ان معاملي ۾ ته قصور وار نه هئي. هوءَ ائين ئي هيسيل هيسيل رهندي هئي. هن تي هن غير معمولي ڳالهه جو خبر ناهي ڪهڙو اثر ٿيو هجي. هو پشيمان پشيمان هن جي ڪمري ۾ داخل ٿيو. هوءَ صوفي تي ويٺي هئي. پر هن جي قدمن جو آواز ٻڌي هوءَ جلدي اٿي وڃي دريءَ وٽ بيٺي..

ڪيلون سمجهي ويو ته هوءُ کانئس پنهنجا لڙڪ لڪائي رهي آهي. هن ندامت واري لهجي ۾ چيو، ”سرفينا مون کي معاف ڪر. مان جذبات ۾ خبر ناهي توکي ڇا ڇا چئي ويس، حلانڪ تون ان جي ذميوار ناهين. مون کي معاف ڪر.“

هوءُ ساڳيءُ طرح هن کي پٺي ڏيو بيٺي هئي. سندس ڪلهن ۾ هلڪي هلڪي لرزش ٿي رهي هئي. ڪوشش ڪري رهي آهي. هو سندس ڀرسان اچي کيس تسلي ڏيڻ چاهي پيو، پر هن کي ڊپ هو ته ڪٿي هوءَ وڌيڪ پريشان نه ٿي وڃي . تڏهن هن منٿ ڪندي چيو، ”سرفينا، پليز ....! مون ڏانهن ڏس ۽ مون کي ٻڌاءِ ته تو مون کي معاف ڪيو آهي يا نه ... ؟ سرفينا مون ڏانهن ڏس ... مان ڏاڍي شرمندگي محسوس ڪري رهيو آهيان...“

هن پنهنجا ڳوڙها! اگهيا ۽ ڪنڌ ورائي ڏٺو. سندس ڪارين اکين جا پلڪ پسيل هئا. هن معصوميت مان چيو. ”اوهان صحيح ٿا چئو. يقينن پا پا ڪا اهڙي ڳالهه ڪئي آهي، جنهن اوهان کي ايڏي ڪاوڙ ڏياري آهي...“

”هيڏانهن اچ ... منهنجي ڀرسان ويهه ... نه ته آءٌ سمجهندس ته تون مون کان ناراض آهين.“ ڪيلون پنهنجو هٿ وڌايو.

”نه مان ناراض ناهيان ...“ سرفينا هڪ رٺل مسڪراهٽ سان چيو، ۽ سندس ڀرسان اچي ويٺي.

ڪيلون کيس اهو خط ڏيکاريو، جنهن ۾ سر ملٽن جهاز خريد ڪرڻ جي خبر ڏني هئي. سرفينا ان کي غور سان پڙهيو ۽ چيو ”مون کي خبر آهي ته اوهان سوچيو ٿا ته هي اوهانجي ذاتي معاملن ۾ مداخلت آهي. پر مان توکي ٻڌائڻ چاهيان ٿي ته اوهان هن جو ٻيو رخ به ڏسو. ممي چوندي هئي ته هر شخص جي زندگيءَ ۾ ڪو اهڙو هوندو آهي جنهن سان هو محبت ڪندو آهي، جنهن جو خيال رکي هن کي خوشي ٿيندي آهي. پاپا به ائين ئي ڪري رهيو آهي. هو اسان سان محبت ٿو ڪري، ۽ هو ان جو اظهار ڪرڻ ٿو چاهي. شايد هو ڏيکارڻ ٿو چاهي ته کيس اوهان جو ڪيترو خيال آهي.“

ڪيلون مرڪيو. ”سرفينا ... تو انهيءَ نموني ڳالهه ڪري منهنجي ڪاوڙ ختم ڪري ڇڏي آهي. مون کي اندازو نه هو ته تون ايڏي ذهين ۽ مختلف واقعن کي گهرائيءَ سان ڏسين ٿي.“

هوءُ شرمائجي وئي. ”نه ... آءٌ ته وڏي بيوقوف آهيان. ناسمجهه .....!“ ائين چئي هن ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو.

ڪيلون سندس سنهري وارن کي آهستگيءَ سان ڇهيو. ”سرفينا ... تو مون کي هڪ ٻئي انداز سان سوچڻ سيکاريو آهي. هاڻي جڏهن به مون کي تنهنجي پاپا تي ڪاوڙ آئي ته مان به تو وانگر سوچي پنهنجي ڪاوڙ کي ٿڌو ڪري پڏيندس.“

اڳيئن شام هو ڪافي پي ڊئننگ هال مان ٻاهر نڪري رهيا هئا ته اچتو هڪ عورت پڪاريندي چيو، ”هيلو .... هيلو...!!“

ٻئي ڄڻا رڪجي ويا. سرفينا ڌٺو ته بليڪ ڪلر جو قيمتي گائون پهريل هڪ قداور عورت هنن ڏانهن اچي رهي هئي. ان جا ڪارا وار خوبصورتيءَ سان سنواريل هئا. هن جي دلڪش چهري تي مسڪراهٽ هئي. ۽ هوءَ بيحد پرڪشش ۽ خوبصورت نظر اچي رهي هئي. خوبصورت زيور سندس ڪنن ۽ گلي ۾ چمڪي رهيا هئا. هوءَ ٻئي هٿ ڦهلائي اڳتي وڌي ۽ ڪيلون جي ڪلهن تي هٿ رکندي چيائين،

”اوهه! ڪيلون ... توکي هتي اچانڪ ڏسي ڪيتري خوشي ٿي آهي.“

سرفينا محسوس ڪيو ته هوءَ ڪيلون سان ڪافي فري آهي. هن کان پهرين هوءُ ڪجهه وڌيڪ چئي ڪيلون جلديءَ مان چيو. ”اوريل منهنجي زال سان مل .... هيءَ سرفينا آهي ۽ سرفينا هيءَ ليڊي برائٽ آهي.“

هن سرفينا سان هٿ ملايو ۽ چيو .... ”هن خراب موسم منهنجي طبيعت تمام خراب ڪري ڇڏي هئي ... ۽ تنهنجو مڙس ته ڄاڻي ٿو ته منهنجي لاءِ بحري سفر ڪيترو مشڪل آهي. هن گهرين پلڪن سان هڪ شرير نگاهه ڪيلون تي وڌي. ليڪن ڪيلون ائين ظاهر ڪيو جهڙو هو هن ڏانهن ڪو نه پيو ڏسي.

هن سندس ڳالهه جو جواب ڏيڻ کان سواءِ سرفينا جو هٿ پڪڙيو ۽ چيو، ”اوريل، هڪ وڏي عرصي کان پوءِ توکي ڏسي، تمام سٺو لڳو آهي. هن سفر ۾ ته ملاقات ٿيندي رهندي. هينئر اسان پنهنجي ڪئبن ۾ وڃي رهيا آهيون.“ هو ايترو چئي سرفينا کي وٺي اڳتي وڍيو. پنهنجيءَ ڪئبن ۾ پهچي هن سرفينا کي چيو، هاڻي تون آرام ڪر، مان ميٽنگ ۾ وڃي رهيو آهيان، اڄ ڪئپٽن ڪجهه ماڻهن کي سڏايو آهي.“ سرفينا کيس غور سان ڏٺو ۽ پوءِ ڪمري ۾ هلي ويئي ڪيلون دروازو کولي ٻاهر نڪري آيو. ميٽنگ کان پوءِ گو ڪجهه دير جهاز جي ٻين مسافرن سان گپ شپ ۾ لڳو رهيو. جڏهن هو پنهنجيءَ ڪئبن ۾ آيو ته رات ڪافي گذري چڪي هئي. ڪپڙا تبديل ڪندي هن ڏٺو ته سرفينا جي ڪمري جون بتيون ٻري رهيون هيون. هن دروازو کولي اندر ڏٺو. هن کي حيرت ٿي جو سرفينا اڃا تائين جاڳي رهي هئي. هن ڪپڙا به تبديل نه ڪيا هئا ۽ هڪ صوفي تي ائين ئي پنهنجن خيالن ۾ گم هئي جو کيس هن جي اچڻ جي به خبر نه پئي.

ڪيلون کيس سڏيو. ”سرفينا، تون اڃا تائين جاڳي رهي آهين؟“

هن پنهنجا گلابي چپ ڏندن ۾ دٻايا ۽ ڪجهه گهڙيون سوچيندي رهي ته پنهنجي ڳالهه ڪهڙي انداز ۾ چئي. پوءِ چوڻ لڳي ته ”منهنجو خيال آهي ته مان اوهان کي پنهنجي ڳالهه سمجهائي نه سگهنديس اوهان به سوچيندؤ ته مان ڪهڙي قسم جون ڳالهيون ڪري رهي آهيان.“

”سرفينا ... جيستائين اسان پنهنجا خيال، پنهنجون سوچون هڪٻئي تي ظاهر نه ڪنداسين ته اسان هڪٻئي کي ڪيئن سمجهي سگهنداسين توکي ياد آهي اسان ٻنهي شاديءَ رات هڪ معاهدو ڪيو هو، جيڪڏهن تون شنا سائيءَ جا اهي مرحلا طئي نه ڪندينءَ ته محبت تائين ڪيئن پهچندينءَ؟ ڪيلون معنيٰ خيز نظرن سان هن ڏانهن ڏٺو.

هن جي ڳلن تي گلابي رنگ چلڪي ويو ۽ هوءَ معصوميت مان چوڻ لڳي. ”منهنجي ڳالهه تي اوهان ناراض ته نه ٿيندا.؟“

”نه ... مان توسان ناراض نٿو ٿي سگهان.“ ڪيلون چيو.

”ڇا، ڇا اوهان انهيءَ خاتون سان محبت ڪريو ٿا؟“ هن جي اکين ۾ هڪ محرومي جهلڪي. ڪيلون کي هن جي معصوميت تي پيار آيو. هوءَ معصوم ڇوڪري جذبن کي سمجهڻ ۽ محسوس ڪرڻ سکي رهي هئي. هن وڏي بردباريءَ سان چيو، ”ڪٿي تون ليڊي برانٿ ويٽ جي ڳالهه ته نٿي ڪرين؟“ سرفينا هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو ... ”ها!“

”مون کي ڪنهن به ناهي ٻڌايو، مان پنهنجيءَ ڪئبن جي دري کولي ته مون کي ٻن عورتن جي ڳالهائڻ جو آواز ڪنن تي پيو. هو تنهنجو نالو هر هر وٺي رهيون هيون. انهيءَ لاءِ مون سندس گفتگو ٻڌي ورتي هئي.“ هن چيو. ”عجيب اتفاق آهي؟ هوءَ منهنجي باري ۾ ڇا چئي رهي هئي؟“

”هن جي ڳالهين سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ماضيءَ ۾ اوهان تمام گهڻو ويجها رهيا آهيو. مون کي هي خيال ڪڏهن به نه آيو هو ته اوهان جي زندگيءَ ۾ ڪا بي عورت به ٿي سگهي ٿي. مون کي افسوس آهي پاپا اوهان کي شاديءَ لاءِ مجبور ڪيو، ۽ اوهان وٽ انهيءَ کان سواءِ ٻيو رستو به ته نه هو. ليڊي برانٿ ويٽ ڏاڍي خوبصورت آهي، هن جي گفتگو دلڪش آهي. مان سمجهي سگهان ٿي ته اوهان هن لاءِ ڇا محسوس ڪندا هوندا؟“ جذبات جي شدت کان هن جو آواز جهيڻو ٿي ويو.

”منهنجي ڳالهه ٻڌ،“ ڪيلون هن جي ٻانهن کان ڇڪي پنهنجي ڀرسان وهاريو. ”اچ، مان توکي سمجهايان ته اصل معاملو ڇا آهي؟“

هن جون خوبصورت اکيون حيرانيءَ مان ڏانهس تڪڻ لڳيون، هن سندس نرم هٿ کي ٿڦڪي ڏيندي چيو، ڏس ڊيئر سرفينا مان توکان عمر ۾ ڪافي وڏو آهيان. مان تو سان ڪوڙ نه ڳالهائيندس مون به ڪجهه عورتن سان دوستيون ڪيون آهن، جن کي ماڻهو عشق به چون ٿا. ليڪن مان توکي ٻڌايان ته ڪنوارن مردن جي زندگيءَ ۾ اهڙا ننڊا رومان ايندا رهندا آهن. هو عورتن کان ماثر به رهندا آهن. سندس حسن جو داد به ڏيندا آهن. پر هو پنهنجي دل ۾ هڪ خاص جڳهه به رکندا آهن. تمام خاص ...“

”خاص جڳهه ...؟سرفينا پڇيو.

”ها خاص جڳهه ...“ ڪيلون هن جي آڱر کي ڇهندي چيو. هڪ تمام خاص هستيءَ جي لاءِ، جيڪا هن جي زندگيءَ جي ساٿياڻي ۽ سندس ٻارن جي ماءُ ٿيندي آهي.“

سرفينا ڪجهه شرمائجي پوئتي هٽي وئي. ڪيلون ڏانهس جهڪي چيو، ڪجهه آيو تنهنجي  سمجهه ۾ ڀولي ڀالي گڏي ....؟“

سرفينا هاڪار م ڪنڌ لوڏيو ۽ آهستگيءَ سان چيائين، مون کي اهو سڀ معلوم نه هو، نه ته مان به انهيءَ انداز ۾ سوچيان ها. دراصل ... دراصل .... هوءَ پنهنجي ساٿياڻيءَ سان اوهان جي باري ۾ اهڙيءَ طرح سان ڳالهيون ڪري رهي هي جو مون کي سحسوس ٿيو ته جيئن مان ڪجهه به ناهيان، جيئن مان هڪ فالتو شيءِ آهيان ....!“

”نه، تون فالتو شي ناهين ... تون منهنجي زال آهين، منهنجيءَ زندگيءَ جو حصو.“ ڪيلون محبت واري لهجي ۾ چيو.

سرفينا جي چهري تي هڪ دلڪش مسڪراهٽ اچي وئي. هن معصوميت مان ڪنڌ کڻي ڏانهس ڏٺو، مان هاڻي مطمئن آهيان ته اسان هڪٻئي کي سمجهڻ لڳا آهيون.“ ڪيلون گهرائپ مان ڏانهس ڏٺو. ”۽ ان کان پوءِ شايد اسان  کي محبت به ٿي وڃي.“ سرفينا شرمائڻ لڳي.

هو هاڻي بمبئي پهچڻ وارا هئا. ان دوران سرفينا پنهنجي همسفر عورتن سان ڪافي گهري ٿي وئي هئي. هوءَ محسوس ڪرڻ لڳي هئي ته هوءَ هڪ ڀولي ڀالي ۽ احمق ڇوڪريءَ مان هڪ ذميوار عورت بنجي رهي هئي.

هن ڪهاڻيءَ جي آخري قسط ايندڙ مهيني پڙهندا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com