سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب:سورٺ - راءِ ڏياچ ۽ هير - رانجهو

 باب:

صفحو :11

قصو هير رانجهي جو*

 

اول چئو الله، پوءِ قصو کڻ قرب جو
هئو هزاري، شهر ۾ هڪڙو بادشاهه
عدل عدالت اڳرو، دولت جو درياهه
سڀڪو چئي وهواهه، ڏسي شجاعت شاهه جي.

 

ڏسي شجاعت شاهه جي، ٿيو ڪشمير قرار
پرور تنهن کي پٽ ڏنا، چوکا کڻي چار
سهڻا سورهه سپرين، وڏيءَ سرت سچار
اڙين جا آڌار، چارئي چوکا چاڳلا

 

چارئي چوکا چاڳلا، پر رانجهن رمزدار
سورهيه سهڻو سڀنيان، سچلو ۽ سچار
محب موچارو مڙنيان، محبتي منٺار
هو تان پيءُ جو آر، مٿس مڙني کان گهڻو.

 

مٿس مڙني کان گهڻو، راجا سندو راض
نوڙت ۽ نياز، هوس علم عقل کان اڳرو.

 

علم عقل جو اونگ هو، ۽ ڏيڻ جو ڏاتار
مشفق مسڪينن تي، سندو مسافر يار
جڏن جي جيار، آڌر ڪري اڙين جي.

 

آيو مسافر اوچتو، رانجهن وٽ مهماڻ
عالم عاقل سو گهڻو، محبت ڀريو ماڻ
پر اڀرو اندامن ۾، هو سو نينهن نياڻ
رانجهن چيو مون ساڻ، ڪر حقيقت حال جي.

 

حقيقت پنهنجي حال جي مون سان ڪر کري
ڏٻرو تنهنجو ڏيل ٿيو، جيئن ناهي ماس ذري
مرض تنهنجي من ۾، يا مستي يا مَري
متان پانڌي پنڌ ۾، کنيئي ڀريل ڀري
منهنجو ڏيل ڏري، پيو تنهنجي پسڻ کان.

 

چئي: نڪا ڀري بار جي، نڪا مستي مرض
نڪا مَري من ۾، نڪو ڏيڻو قرض
اوڏو آءُ ته عرض، سائين! ڪريان سڪ مان.

 

آهي اسان جي شهر ۾، هئي هئي ’هير‘ ڪنوار
سهڻي سڀنيان سونهن ۾، عاقل عقلدار
هرڻ آکِي، هنجهه ڳچي، ڪويل جي ڪڻڪار
اڇا اڇائيءَ گهڻو ڏنس ڏند ڏاتار
پاٻوهيندي پڌرا موتي منهن موچار
هادي ڏنس حسن جا، اڻ ميا انبار
سورج تنهن جي سونهن کان، سچهن شرمسار
مورت تنهن جي مات ڪيا هزارين هزار
سڀئي سردار، مشتاق تنهن جي مُنهن جا.

 

حقيقت هي ٻڌي ڪري، ٿيو ماڳهين سو مستان
حسن منجهايس هير جي، هينئڙو ٿيس حيران
برهه باهيون لائيون، ورهه ڪيس ويران
ملوڪ چيو مهمان کي: ادا! ڪر احسان
حال ٻڌائينم هير جو، سائين لڳ سبحان
ڪنهن جي آهي ڌيءَ سا، ڪٿي سندس مڪان
ڪير آهي ذات جي، سا ڪر تون بات بيان
آهه ڪنواري ڪي پرڻيل، ڪهڙو سندس شان
جند جثو قربان، ميان مسافر! تو مٿان.

 

چئي: راجل! هيءَ رهاڻ، ڪيئي ڏاڍي ڏک جي
مونکي ٻيهر ٻوڙيئي، اندر نينهن نياڻ
ڇٽا ڦٽ ڇڙي پيا، پلي نه سگهان پاڻ
سڻ سڀيئي هير جا، اصل کؤن اهڃاڻ
ڪنواري ڌيئڙي قرب ڀري، سهڻي سا سڄاڻ
’چوچڪ‘ نالي چاڳلو، پڻس پاڻ پرياڻ
رئيس پنهنجي راڄ جو، وڏي سرتن ساڻ
محبت سندو مهراڻ، سخي سخاوت اڳرو.

 

سو چوچڪ ’چناهه‘ ڪپ تي، پنهنجي راڄ رهي(1)
جيڪو آڪي ان سين، تنهن ساعت تان نه سهي
تابع تنهن جو جو ٿئي، لائق سو لهي
هيٺان درياهه وهي، مٿان محل ملوڪ جا.

 

ذات تنهن جهونجهار جي، سڏجي ’جهنگ سيال‘
رکي پنهنجي راڄ ۾، خاصو خان خيال
ڪمي نه ڪهين ڳالهه جي، مَئُو تنهن وٽ مال
سو سائُو مڙس سال، مشهور آهي ملڪ ۾.

 

سڻندي ٿيس سور، وَرهه ويچارو واڳيو
لڇيو لوچيو اُٿيي، پلپل پونس پور
ميان مسافر، ماريو مونکي هن مذڪور
ڪنهن پر اها حور، گڏبي هن غريب کي؟

 

چئي: ڇڏ تڪڙ، ڪر آرام، سڀڪا سري صبر کان
روئڻ، پٽڻ، پَٽ پوڻ، اِيءَ تان ڪچو ڪام
پانڌي موڪل پانهنجو، ڪر پرينءَ ڏي پيغام
مانَ قبولي سپرين، الله لڳ علام
حسن جو هڳام، آهي اڳاهون گهڻو.

 

وڌئين آس الله تي، سڻي ڳالهه ڳري
نڪو پانڌي موڪليئين، نڪا خبر کري
محبت جي ميدان ۾، تنهن تان دل ڌري
برهه باهه ٻري، ڏس ”حيدر“ حيرت واڳيو.

 

حڪم ساڻ حڪيم جي، جو قادر رب قهار
حاڪم هزاري شهر جو، لڏيو دار قرار
رانجهن اڳي روڄ ۾، ٿيس ٻيڻو بار
هڪ منجهان هزار، ورهه ويچاري ٿيو.

 

پرڇانۡءِ ۾ پيءُ جي، هو زوراور جو زور
نڪو درد دل تي، نڪو هنئين تي هور
سڀڪو سلامي تنهن جو، نه ڪو شر نه شور
گَهٽ ۾ پيس گهور، ته ڪيئن ڪريان ڪاڏي وڃان؟

 

پر نينهن نهوڙي ڇڏيو، هر هر چوي هير
ويس حڪومت وسري، ٿيو طالب سچ سير
پر پٺ پرت پرين جي، چاڪ وڌس ۽ چير
کيڻ پيڻ تنهن وسريو، ڇڏيائين کنڊون کير
رت ورنو روئي گهڻو، منجهان آس اُڪير
نيڻين نديون نير، اندر آڳيون اُڌ ميون.

 

اندر آڳيون اُڌميون، ٿيو مجني وارو مچ
رڻ وٺي پٽ پيو، سو سونهارو سچ
”العشق ناريحرق ماسوي المعشوق“ ڪوڙ ويو سڀ ڪچ
هڪ ڦوڙائي جو ڦَچ، ٻيون برهه باهيون ٻاريون.

 

برهه باهيون ٻاريون، چاهِيون متيون چوڌار
هن جو حال ڏسي ڪري، ڀائن ڪئي ڀڻڪار
ته ڦُري پيڙهي پيءُ جي، ڌڪي ڪريوس ڌار
ويهي اهي ويچار، ڪيا ٽنهي پاڻ ۾.

 

ڪيا ٽنهي پاڻ ۾، لاهي لڄ ڇڏيائون
اچي هٿ گڏيائون، مُلڪ، مِلڪ ۾ ڀاءُ جي.

 

عاشق اُڇليو مال، هُن کي ڏيئي هٿن سان
چئي: ملڪ نه گهرجي مال مون، ٿيم حيراني حال
سندو قرب قال، وٺي نڪتو پاڻ سان.

 

هليو هزاري شهر مان، پڇي جهنگ سيال
رويو رڙيو پنڌ ڪري، لڳسس خوب خيال
وري واءُ وصال، ته سِگها ملنم سپرين.

 

سگها ملنم سپرين، محب مٺا منٺار
ساريان، سڙان ٿو جن لئي، سي جانب جيءَ جيار
چناهه سندي ڪپ تي گهمن غمگسار
سانۡيم سي سَتار، سگها ميڙينم سپرين.

 

سگها ميڙينم سپرين، جنهن ڪيم نسنگ
ٻَڌو جن ٻانڌاڻ سين، وِنگو وجهي ونگ
پٽن پير پٿون ڪيا، ڦِريو رانجهن رنگ
ڏکن هينس ڏنگ، نه ته رانجهن راجا ملڪ جو.

 

هو تان راجا مُلڪ جو، پر ڦري ٿيو فقير
ڏکن ڏٻرو ڏيل ڪيو، حيرت ڪيو حقير
ڪيو عشق اسير، پٽن ۾ ٿو پنڌ ڪري.

 

پٽن ۾ پنڌ ڪري، آيو ندي ڪنار
ماڙي محبوبن جي، ڏٺائين هن پار
مئل کي ساه پيو، جاءِ ڏسي جنسار
ويهي ڪيئين ويچار، ته ڪنهن پر ملان پرينءَ کي.

 

ڪشتي ڏٺائين قرب جي، بيٺل منجهه درياه
اولا سندس عاج جا، موڙيو اچن ملاح
سڏ ڪري چيو شاه، ته ناکئا! چاڙهه نڌر کي.

 

ناکئا! چاڙهه نڌر کي، ته وڃي وٽ پرين
ويهي سگهان ڪينڪي، آءٌ ريءَ عجيبن
هاديءَ لڳ ”حيدر“ چوي، نماڻا نِجن
آڌر ڪجي تن جي، جي ڦوڙائي ڦٽجن
مونکي محبوبن، سگهو ميڙ ملاح! تون.

 

چئي: ڪير آهين، ڪيڏي وڃين، ڪهڙي ڪرين بات؟
هيءُ ٻيڙي آهي هير جي، جا جهنگ سيالڻ ذات
ڏاڍو تنهن ڏهڪار ٿيو، ات نه ٽڪج رات
هٿ ڪاتي، ڳڙ وات، ڪُهن گهڻي قرب سين.

 

ٻڌندي ڳالهه ڳَهِير، ڪري پيو ڪُن ۾
لڙهي پيو لهرين ۾، جت سؤنۡڪا ڪري سير
ٻڏيو اپڙيو تار ۾، هر هر چوي هير
مهاڻي کي مهر پئي، آيو وٽ امير
ترت ڪري تدبير، ڪڍيائين تنهن کي ڪُن مان.

 

ڪڍي تنهن کي ڪُن مان، ٻيڙيءَ تي آيو
محبت ڏسي مير جي، ناکئي سر نايو
ٻڌي هٿ هيڻت سان، اڳيان الايو
ويهو خوشيءَ سين کٽ تي، گوندر غم لاهيو
کائو پيئو، خوش ٿيو، کلو، ڳالهايو
ڀلي نچ آيئو، جيءُ جيءُ ويهو هن جوءِ ۾.

 

چئي: ادا اچي اورهون، منهنجو حال سڻيج
کلڻ کائڻ نه اُڄهي، مونکي معاف ڪريج
جيڪو ڏيانءِ سنيهڙو، سو نيئي پرين کي ڏيج
چوچڪ ڌيءَ چئيج، سائينءَ لڳ وڃي سيگهه مان.

 

ته آيو اڄ هيڪڙو نماڻو نڌر
محبت جنهن کي مات ڪيو، اوهان جي اپر
وطن ڇڏي ولات تي، آيو انهنجي در
ملڻ لئي مشتاق سو ويچارو ويتر
آس پڄايو ان جي، پرين لڳ پرور
منجهان مهر نظر، ڪريو ڪو آئين ان تي.

 

ڪرم ساڻ ڪريم جي، لکين جنهن احسان
هير آئي ان ڏينهن هئي گهمڻ منجهه بستان
باغ بهاري هير جو، جت گلن ڪيا گهمسان
کڙيا کٽڻهار هئا ۽ سروَن ڪيا سامان
سٺ ساهيلي ساڻ، ٿي گهمي ڦري لاڏڪي.

 

مهاڻي چيو جوءِ کي، ڪيوسون ڪچو ڪم
ڌاريون ڏسي ٻيڙيءَ تي، هير ڪندي هم غم
ڊوڙي سِگهي باغ ۾، وڃي ٻڌ ڪو بم
متان چوچڪ چم، لاهي پنهنجن لڱن تان.

 

ڊوڙي ڊڪي باغ ۾، آئي مهاڻي
دانهون ڪيائين درد مان، من سڻي سياڻي
هير سڏي پڇيو تنهن کي، ڇو دانهن ڪيئي ڄاڻي
چئي: نرمل نياڻي، سڻ فرياد فقير جي.

 

ٻيڙيءَ چڙهي آئيو، زوران هيڪ جوان
ويٺو تنهنجيءَ جاءِ تي، جت گادين جو گهمسان
عاشق چائي پاڻ کي، چئي هير ڪيس حيران
دانهون ڪري درد مان، ورهه ڪيو ويران
سائڻ! اسان ساڻ، ايڏو اڄ انڌير ٿيو.

 

ڏمري ڏاڍي ڏمر مان، جوش ڪيئين جولان
چئي: آڻيو پالڪي منهنجي ۽ کڻو سڀ سامان
نه ماريون تنهن مڙس کي، جنهن هيڏي ڪئي حيوان
مر عبرت ڪن انسان، ڏسي ڏمر منهنجو.

 

دائي هئي داناءُ، هيڪ اڳيان هير جي
تنهن ترسايو هير کي، چئي ويهه ته هلون ٿا ماءُ
مانَ ڍريس ڏمر ڪِـي، ڪري نه تنهن ايذاءِ
متان عاشق جي آهه، اگهي در الله جي.

 

کڻي آندائون پالڪي، ويٺي منجهس وير
اچي سا امير، چُست ٻيڙيءَ تي چڙهي.

 

جابر هي جوان، ستل ڏٺائين سيڄ تي
پوندي اک اُنهيءَ تي، ٿيس من مستان
لڳيس بڙڇي برهه جي، هينئڙو ٿيس حيران
ڏمر لهي ويس ڏيل مان، قرئبون لڳس ڪان
ڳوڙها ڳڙيس ڳلن تي، ڏس پرور جا پرياڻ
اڳيان اچي ان کي، ڪيا سڏ سُڄاڻ
چئي: مٺل اٿ مستان! ڪيئن ننڊ ڪرين ناز مان.

 

پيس ڪن پڙلاءُ، عاشق اٿيو ننڊ مان
ڏٺئين منهن محبوب جو، گُهورن هنيس گهاءُ
عاشق ۽ معشوق کي، صحبت ڏنو ساءُ
هو رانجهن وڏوراءُ، پر گُھور پهرين گهائيو.

 

گهور پهرين گهائيو، ٿيس چِت چريو
برهه باهيون ٻاريون، ٻارڻ ڪر ٻريو
نيڻين نديون نير جون، جَهر جَهر پون جهريو
چپين چپ ڌريو، ٿا پرين پچارين پاڻ ۾.

 

چئي اٿي سرهو ٿيءُ، هل ته هلون باغ ۾
ساجن سرو سڪ جو، مون سان گڏجي پيءُ
جانب! تو لاءِ جيءُ، اندر ٿو اڌما ڪري.

 

پرينئم پالڪي ۾، مون کي ويهه اوڏو
ڏيئي گڏ گوڏو، ڪي سور ڳرهيون سڪ مان.

 

هلي آيا باغ ۾، ٻئي صورت جا سينگار
گلن گلزاريون لائيون، کڙيا کٽڻهار
سِزن لايون ساوڪون، کليا باغ بهار
چَتُن ڪِي چونگار، بلبل ڳائڻ ڳائيا.

 

ٻنهي اکيون اڙائيون مِٺن محبوبن
ساعت نظر نه نڪري، ننڊ ڇڏي نيڻن
تير، نفنگ، تراريون، هڪٻئي کي هڻن
ڪڪر نڪريا قرب جا، واسو ٿا وسن
محبت جي مينهنَ، ڀريا ٿل ترائيون.

 

هير چيو حيران، مونکي هڪڙيءَ ڳالهه ڪيو
پوندي خبر پڻهم کي، جو آهي اعليٰ شان
ته مارائيندو ٻنهي کي، چِڙي ۾ چوگان
ميان مهربان! ڪا ڪريون صلاح سرت جي.

 

روئي رانجهن تنهن چيو: هَي هَي منهنجي هير
لکي لوح قلم ۾، سا پارڻ پئي تقدير
ڪهڙي آءٌ تدبير، ڪريان جانب سپرين.

 

ڪريان جانب منهنجا، ڪهڙي آءٌ صلاح
واڳ اوهان جي هٿ ۾، آءٌ نوڪر، اوهين شاه
لالڻ! لڳ الله، جيئن چئو تيئن ڪريان.

 

هَسِي تنهن کي هير چيو، اي جاني منهنجا يار!
مينهون، ڳانۡيون ويءُ ۾، چارڻ ڪر اختيار
دقت ٿيندئي دلبرا، مٺل مون منٺار
انهيءَ پر الله هار، ٿيندو گڏجڻ پاڻ ۾.

 

چئي: دقت ناهي ان ۾، ايءُ تان خود احسان
آءُ دربان تنهنجي در جو، تون سائڻ وڏي شان
ڀلن جي ڀلائيءَ جو، ڪهڙو ڪريان بيان
وهوهه هٿ وٿاڻ، مٺل! ڪندس مال جو.

 

اتان هلي هير، آئي پنهنجي گهر ۾
کائي کنڊون کير، خوش ٿي پنهنجيءَ ماءُ سين.

 

چيائين پنهنجيءَ ماءُ کي، امان! اڄ ميهار
آيو هزاري شهر کان، رانجهن ناليدار
مينهون ڏيون تنهن کي، ته مَچي ٿين متار
چئي: وڃي هير هزار، ڏي ڳڻي تون تنهن کي.

 

هلي آئي هير، ڀري پير پرت مان
چئي: هي ويءُ، هي مينهون، وٺ ورنهه منهنجا وير
هي ٻيلا، هي ٻنيون، هي واهڙ هيءَ سير
محبت مان مون مير، چارج پيو چاڳلا.

 

راتيان ڏينهان رانجهن ڏي، ايندي هير هئي
سُڻ سُڻ ڳالهه سُئي، ته آهي هن پر حال ٿيو.

 

سڻ سڻ پيئي شهر ۾، ڀڻ ڀڻ منجهه بازار
چئي چوچڪ سندي ڌيئڙي، وڃي وٽ ميهار
’ڪيدو‘ چاچو هير جو، تنهن پيو سماچار
ڀڄي ڀاڄائيءَ کي، اُتائين اظهار
ته وڃي هير ڳنوار، سيۡنڌو ڪيو ٿئي پانهنجو.

 

سڙي چوچڪ جوءِ، حال سڏايو هير کي
چئي: ههڙي ٻڌيم ڳالهڙي، حيف تُنهين کي هوءِ
چئي: ٺاهه ٺاهين ٿي پنهنجو، ڪِي ڪٿان امڙ سوءِ
چئي: چاچهين اُڀو چوءِ، سڻ ته سڻايئين ڳالهڙي.

 

تڏهن ويچاريءَ وسريا، بلڪل بهانا
نيو نيزاريون ڪري، ٻيا جال ڀري جانا


* ڇپيل ڪتاب ”قصو هير رانجهي جو“ ڇاپو ٻيو، سنہ 1885ع، ڪمشنر پريس سنڌ، ڪراچي تان ورتل. هن قصي جو پنجون ڇاپو سنڌ گزيٽ ۽ ڪمرشيل پريس ڪراچي ۾ سنہ 1902ع ۾ ڇپيو ۽ ڇهون (سرڪاري ڇاپو) البرٽ پرنٽنگ پريس سکر ۾ سنہ 1915ع ۾ ڇپيو.

(1) چناهه = چناب ندي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org