سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب:سورٺ - راءِ ڏياچ ۽ هير - رانجهو

 باب:

صفحو :13

روايت [3]

 

سگهڙ شير محمد لغاري جي بيت تان ترتيب ڏنل ڳالهه*

 

رانجهن بادشاهه تخت هزاري جو ويٺل هو. هو پور جوانيءَ ۾ هو ته هڪڙي ڏينهن شڪار جو شوق ڪري سفر تي هليو، ۽ وڃي جهنگ سيال ۾نڪتو. ان وقت اتي جو بادشاهه ”چوچڪ“ نالي هو. اونهاري جي موسم هلي، ڏينهن تپي ويو هو، سو رانجهن، چوچڪ جي باغ ۾ لهي منزل ڪئي، ۽ طنبو هڻي ويهي رهيو.

شام جو طنبو جي دروازي تي ڏندڻ بيٺي ڏنائين ته ڇهه ست ڇوڪريون، راند ڪندي ان باغ ۾ گل چونڊڻ لاءِ آيون. انهن ڇوڪرين ۾ شهزادي ”هير“ به هئي. رانجهن بادشاهه جي اوچتو نظر وڃي هير تي پئي. ڏسڻ شرط ديوانو ٿي پيو. پوءِ ته يڪدم طنبو طولان پٽائي پنهنجي ملڪ موٽي آيو، ۽ خيال ڪرڻ لڳو ته ڪهڙي ريت منهنجي ملاقات هير سان ٿي سگهندي؟ نيٺ چيائين ته شاهي ڇڏي گدائي کڻڻ سان ئي هير سان ملاقات ٿيندي. پوءِ شاهي پوشاڪ ترڪ ڪري يڪي الفي پاتائين، ۽ ڏانگ هٿ ۾ کڻي، تخت هزارو ڇڏي، جهنگ سيال ڏي هليو، ۽ اچي چوچڪ بادشاه وٽ مينهن جو ميهار ٿيو.

پهرئين ڏينهن جهنگ مان مينهون چاري موٽيو ته هير تي ديد پيس، سو درد مان دانهن ڪري ان کي چيائين ته: اي شهزادي! مون مسڪين مسافر جي توکي پارت هجي. هير پڇيس ته: ڇاجي پارت؟ جواب ڏنائين ته: خاص تنهنجي سر لاءِ ديس ڇڏي تو وٽ اچي نوڪر ٿيو آهيان. تڏهن هير حيران ٿي ويئي. پوءِ هن جي سهڻي صورت ۽ مٺي گفتار ٻڌي هن کان احوال ورتائين. رانجهن به سندس عشق ۾ گرفتار ٿي بادشاهي ڇڏڻ جو سمورو احوال کيس ٻڌايو. اتي هير کي به هن جي سچي عشق اندر ۾ الفت پيدا ڪئي، سو چيائينس ته: رانجهن! جي تو منهنجي لاءِ ايتري سختي سٺي آهي، ته هاڻي منهنجو سر به تو تان فدا آهي. ائين چئي ٻئي ڏينهن ملڻ جو انجام ڪري هوءَ هلي ويئي.

پوءِ ٻئي عاشق ۽ معشوق روزانو رستي پنڌ، لوڪ کان لڪيو پيا هڪٻئي سان ملندا هئا، ۽ روح رهاڻيون ڪندا هئا. هر ڪنهن جا چار دوست چار دشمن ٿين، ۽ عشق اهڙي ڳالهه آهي جو لڪڻ مشڪل آهي. هير جي ڪن سرتين کي انهيءَ ڳالهه جي خبر پئجي وئي ۽ پڪ ڪرڻ خاطر هن کي اک ۾ رکيائون. نيٺ جڏهن سرتين ساهيڙين هنن ٻنهي کي پاڻ ۾ ڳالهائيندي ۽ هنجهون هاريندي ڏٺو، تڏهن ڊوڙي وڃي سندس ماءُ کي ٻڌايائون ته: هير، ميهار سان هن قسم جي قيل مقال ٿي ڪئي. ماڻس يڪدم هير وٽ ويئي ۽ کائنس پڇيائين ته: تو ۽ ميهار ڪهڙيون ڳالهيون ٿي ڪيون؟ تڏهن هير نسنگ ٿي، ماءُ کي رانجهي جي محبت جو مذڪور ٻڌايو. ماڻس جا ٺپ ٺري ويا. هير کي گهڻئي سمجهايائين ته خلق ۾ خواري ٿيندي، پر هن رانجهن کي ڇڏڻ کان انڪار ڪيو. اتي سڄي محلات ۾ چوٻولو ٿي ويو. مڙئي مائٽياڻيون مڙي کيس سمجهائڻ لاءِ آيون، پر هير سڀني کي جواب ڏيئي ڇڏيو ۽ رانجهن جي فراق ۽ مائٽن جي مهڻن طعنن کان روئڻ لڳي. اتي سندس ڪي همدرد سهيليون وٽس آيون، ۽ کيس دلداري ڏنائون ته: اسين توکي رانجهن سان ملائينديون سين. تڏهن انهن کي چيائين ته: جي رانجهن مليوَ ته ان کي منهنجي سچي عشق جي مبارڪ ڏجو.

هير ۽ رانجهن جي عشق جي ڳالهه ماڻهن ۾ مشهور ٿي وئي. چوچڪ بادشاهه به هير کي گهڻو ئي سمجهايو، پر هن پيءُ کي به جواب ڏيئي ڇڏيو. تڏهن هن لوڪ جي خواريءَ کان بچڻ لاءِ رانجهن کي ملڪ نيڪالي ڏئي ڇڏي، جيڪو وڃي جوڳين سان مليو، ۽ در در ڀٽڪندو، مرلي وڄائيندو رهيو. تان جو ٻارهن مهينا گذري ويا. هڪڙي ڏينهن رانجهن وري هير جي شهر ۾ آيو، ۽ مرلي وڄائي هن جي دَرَ تي اچي سَينَ هنيائين. هير خيرات کڻي در تي آئي ته رانجهن کي هن حال ۾ ڏسي اکين مان ڳوڙها ڳڙي پيس. پوءِ چيائين ته: رانجهن! اهڙي ڪا اٽڪل ڪريون، جيئن هڪ ٻئي کي ڏسين ڍوء ته ڪريون. هاڻي هڪڙي اٽڪل آهي ته آءٌ پاڻ کي مغز ۾ سوئو هڻي بهانو ڪري چونديس ته نانگ کائي ويو اٿم. پوءِ توکي مُنڊَ جي بهاني وٺي ايندا. انهيءَ بهاني سو ملاقات ڪري سگهنداسين. رانجهن تجويز موجب شهر کان ٻاهر دونهين دکائي ويهي رهيو. هير بهانو ڪيو ته مونکي نانگ کائي ويو آهي. ماڻهو ويا، سي مَنڊ پڙهڻ لاءِ رانجهن کي وٺي آيا. ٽي ڏينهن لاڳيتا رانجهن منَڊ پڙهيا. خوب هڪٻئي سان رهاڻيون ڪيائون. آخر صلاح ڪري چوٿينءَ رات ڀڄي نڪتا.

قدرت سان هنن کي ڀڄندي ڪنهن ماڻهوءَ ڏسي ورتو، جنهن ڪري ٻئي ڄڻا پڪڙجي پيا. رانجهن کي چور ڪري ٻڌائون، پر هير نڪري نروار ٿي، ۽ مائٽن کي چيائين ته: ڪنهن به رانجهن جو نالو ورتو آهي ته آءٌ پاڻ کي ماري ڇڏينديس. هير موٽي محلات ۾ آئي، ۽ رانجهن وري به درياءَ پار وڃي ويهي رهيو. اتي هير جي پيءُ چوچڪ خيال ڪيو ته ڇو نه هير کي سندس سوٽ کيڙي سان پرڻائي ڇڏيان! سو شاديءَ جا سانباها ڪيائين. هير کي جڏهن اها خبر پئي، تنهن کيڙي سان شادي ڪرڻ کان انڪار ڪيو، تڏهن چوچڪ، قاضيءَ کي گهرايو ته من ان جي سمجهائڻ سان هير هائوڪار ڪري. قاضي به گهڻو ئي مٿو هنيو، پر هير جي اڳيان سندس هڪ به نه هلي. اتي قاضي اٽڪل ڪري چيو ته: مائي هير! تنهنجو عاشق درياءَ تي اوڀارو ويٺل آهي، تنهنجو گهوٽ کيڙو لهوارو ويٺل آهي. تون دريا ۾ ٻيڙيءَ تي ويهه، پوءِ جنهن پاسي ٻيڙي هلي، اهو تنهنجو گهوٽ ٿيندو. هير جواب ڏنو ته: اي قاضي! تو مڪر ڪيو آهي. پر الله ۾ اميد آهي ته توکي ۽ کيڙي کي شرمسار ٿيڻو پوندو. مونکي تنهنجو شرط قبول آهي. پوءِ ملاحن پڙدي پوش سان هڪڙي ٻيڙي کڻي آڻي ڪنڌيءَ تي جهلي. ٻانهين شهزادي هير کي وٺي آڻي ٻيڙيءَ ۾ ويهاريو. ڪيترا ماڻهو انهي تماشي ڏسڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا. دربان ۽ ڄاڃي سڀ وڃي کيڙي وٽ ويٺا، ته ٻيڙي ضرور لهواري ايندي ۽ کيڙي ۽ هير جي شادي ٿيندي. نيٺ ملاحن رسا کولي ٻيڙي ڇڏي، پر قدرت خدا جي جو ٻيڙي اتان اڳتي چري ئي نه. نيٺ هير خدا کي سوال ڪيو ته: اي رب منهنجا! منهنجي ٻيڙي اوڀاري تار. مائي هير جو سوال قدرت وٽ اگهاڻو، ۽ ٻيڙي اٿي اوڀاري هلندي انهيءَ هنڌ ڪنڌي سان لڳي، جتي رانجهن ويٺو هو. اُهو به ٻيڙي تي چڙهي ويٺو.

کيڙي کي جو اها خبر ملي، سو ڪرسيءَ تان چوطاق تان هيٺ ڪريو. دهلاري ۽ ڳائڻا اٿي رانجهن ڏانهن پنڌ پيا، ۽ ان جي گهوٽ ٿيڻ جو مبارڪون ڏنائون. اهڙي طرح هير رانجهن کي ملي.

رانجهن تخت هزاري ۾، ڪا گهڙي عمر جي گهاري هئي
رمز لڳي ڪا رانجهو کي، جنهن ڇڏي حڪومت ساري هئي
ڪاهي آيو جهنگ سيالين، جاٿي هير ڪنواري هئي
صورتوند سيالڻ ڏاڍي، وهوا گل اَناري هئي
نشي نينهن جواني جي ۾، جنهن کي کيپ خماري هئي
نظر پين جا هڪٻئي اُتي، ماري عشق ڪٽاري هئي
آزاد اڳي جا هير هئي، سا هاڻي صحبت ساري هئي
رانجهي کي ڪا رمز لڳي، هاڻي ميخ محبت ماري هئي
محبت ڪاڻ ميهار ٿيو، جنهن مير ميهاڳ به چاري هئي
هير لنگهيو ٿي ٻيلا آئي، جِت ڪاري رات انڌاري هئي
عاشق ۽ معشوق اتي ڪا ساعت گڏ گذاري هئي
عشق لڪڻ جو مُوران ناهي، خلق ٻڌي ته خواري هئي
پيءُ پراهون پرڻي خاطر، تُرتؤن ڪئي ته تياري هئي
نورنگ نيئي رنگپور اندر، وني ور وهاري هئي
رانجهي جا احوال اُنهي جي، سڻي حقيقت ساري هئي
گيڙو رتا ڪپڙا پائي، هٿ ۾ مرلي ڌاري هئي
جوڳي ٿي منجهه رنگپور رسيو، در در بيک پڪاري هئي
سَين سڃاڻي ساجن سندي، دل ۾ باغ بهاري هئي
بَلا بهاني، خوب خلاصي، سهجئون سيج سينگاري هئي
راتو واهه ٻئي ويا نڪري، سُتن سار نه ساري هئي
پِرهه نهاري پيرن پٺيان، پيئي خلق چؤڌاري هئي
پَهچي پنڌ ۾ پيادا پڪڙي، ڪئي تن قيامت ڪاري هئي
قاضي ڪوٺي ڪاڻ عدالت ساري خلق بيهاري هئي
ٻيڙي آڻي سِير اُتي، تنهن ۾ هير ويهاري هئي
ربّ رضا سان جرّ تي ٻيڙي هلي هير اوڀاري هئي
آڻي بيٺي عاشق اڳيان، ڌاتر جنهن کي ڏياري هئي
سچا عاشق سچن سان، تارڻ واري تاري هئي
ملي عشاقن شير محمد، ڪلمي وائي واري هئي.


*  شير محمد لغاري ڳوٺ غلام شاهه لغاري تعلقي سڪرنڊ ۾ 1298 هه/ 1880ع ۾ ڄائو. سندس ڪلام گهڻو ڪري ڊگهن بيتن، مداحن ۽ ٽيهه اکرين تي مشتمل آهي. 65 ورهين جي ڄمار ۾ سنہ 1945ع ۾ وفات ڪيائين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org