سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب:سورٺ - راءِ ڏياچ ۽ هير - رانجهو

 باب:

صفحو :3

خليفي نبي بخش صاحب جي بيتن مان اُهڃاڻ*

اوچتو هڪ گن – گويو گرنار ۾ آيو. سندس سرندي تي لال لباس هو. لوڪ لقاء ستل هو، جو هن ڀيرم راڳ آلاپيو: هن ڪمانِ وڄائي پنهنجي سر جي ڌم مچائي ڇڏي. تند ۾ وري اهڙو سوز جو لحظي ۾ سڄو گرنار گهائي ڇڏيائين. قلعو ڪنبي ويو، ڇاڪاڻ ته اهڙو قوال اڳ ڪڏهن به گرنار ۾ ڪين آيو هو. سندس وات ۾ سواءِ سر جي صدا جي ٻي ڪا وائي ڪا نه هئي. راءِ ڏياچ سندس صدا ٻڌي سر سنڀايو. سورٺ کي ڊپ ٿيو ته اهو جاجڪ جي نيندو. سو کيس چيائين ته: ”جاجڪ! تون ڀلي آئين جي آئين، جيڪي گهرين سو توکي ڏيان، باقي اها سر جي صدا ڇڏ“. پر ٻيجل ٻي ڳالهه ٻڌي ئي نه. چئي: ڏياچ ڏاتار آهي، سخا جي وٽس ڪمي ڪانهي پوءِ جيڪي مون گهريو آهي سو گهور، ۽ قوال کي ڪنڌ ڪپي ڏي ته سورٺ جانا ڀري چيس ته: اي منگتا جهڙي صدا اڄ تو هنئي آهي، اڳ ڪنهن به نه هنئي آهي: مونکي نڪ ۾ جيڪا سهاڳ جي نٿ سري آهي سا نه لاهه. تو کي ٻيا سٺ سر ڏيان پر راءِ جو ڪنڌ نه ڪپ. ٻيجل چيس ته: سورٺ راڻي! مٿو مور نه مٽيندس، جي تون سوَ ٻيا سر آڇين.

رات ٿي جاجڪ وري ويهي ساز وڄايو ۽ ان جو پڙلاءُ راء جي ڪن پيو. چيائينس ته: هي تنهنجو توشو آهي، جيڪو مون ساز سڻڻ بعد تو لاءِ سنڀايو آهي. ٻيجل چيس ته آءٌ معمولي توشي خاطر تند ڪين ٿو هڻان. تنهنجي در تي آءٌ پريان پنڌ ڪري آيو آهيان؛ مٿي کان سواءِ ٻيو مونکي ڪي به نه گهرجي؛ مٿو ڏي ته کلي کڻان. اها صدا سڻي راءِ ڏياچ سندس آجيان لاءِ لشڪر موڪليو. جنهن کيس قلعي ۾ اندر آندو. هن سندس ڳالهه مڃي، ۽ ڪنڌ ڪپي چارڻ کي ڏنو.

مٿين ٽاڻن ۽ اهڃاڻن تي خليفي نبي بخش صاحب، (تخلص قاسم)، جا بيت شامل آهن.

 

بيت*

”الف“ آيو اڄ، گُن گويو گرنار ۾
ويهي تنهن وڄائيو، منجهان ساز سهڄ
ڌوم مچائي ڌڄ، قاسم تند ڪماچ جي.

 

2- ”بي“ برتڻ نه کڻي، موران مڱڻهار
سرجنديئي سکيو وڍڻ جو واپار
سڏ سڻندي اُٿيو، مٿان کٽ کنگهار
انهي تند تنوار، قاسم موهيان ڪيترا.

 

3- ”تي“ توڪل تندڙي، ويٺو وڄائي
قاسم گن گيان سان ٿو گرناري گهائي
اُڀو اُونائي، راجا ڪُوڪ قوال جي.

 

4- ”ثي“ سُرندو هٿ ۾، مٿس لال لباس
آلاپيائين اوچتو ڀيرم راڳ ڀڀاس
جا رکي آيو آس، سا پوري ڪندو پانجهي

 

5- جاجڪ جهونا ڳڙهه ۾ اوچتو آيو
سُتي لوڪ سروز کي تنهن ويهي وڄايو
قلعو تند ڪُماچ جي قاسم ڪنبايو
سڻندي سنڀايو، مٿو ڪارڻ مڱڻي.

 

6- جاجڪ جهونا گڍ ۾، آيو سِڄ اُڀار
ڏاريندو ڏياچ جو هڻي ڪُند ڪپار
قاسم اِن ڪٽار، ڪوڙين ڪٺا ڪيترا.

 

7- جاجڪ جهونا گڍ ۾، اڳ نه آيو اِيءُ
قاسم ان قوال جو سورٺ چڙهيو سيءُ
جاجڪ نيندو جيءُ، ماري آيو مڱڻو.

 

8- مهت پسندين مڱڻا، جاجڪ آئين جي
جو گهريئي سو گهوريان، حال منهنجو هي
ٻولي وار مَ ٻي، ته مٿو ماناتو ٿئي.

 

9- مٿو لهي مان، تون پڻ تُسين مڱڻا!
مٿو گهوريان تو مٿان، جاجڪ سوڌو جان
تو ڀلائيءَ ڀان! مون منهن مٿانهون ٿئي.

 

10- تون ڏاتار، آءٌ منگتو، تون سروريو سلطان
سخي سخاوت جي، تو در ڪمي ڪانه
جو گهريم سو گهور تون، سرو سُنگ سبحان
ڏي دُبارو دان، ڪاٽي ڪنڌ قوال کي.

 

11- سورٺ مهندان مڱڻي، ٿي جانا ڀري جوءِ
جهڙي سِٽيئي سارنگيا، تهڙي ڪري نه ڪوءِ
اِي نه مناسب هوءِ، جيئن مٿو گهريوءِ مڱڻا!

 

12- سورٺ مهندان مڱڻي، ٻڌي ٻانهون هٿ
سريم جا سهاڳ جي، سا نڪان لاهه مَ نٿ
جنهن سان سونهي سٿ، سوتان مار مَ مڱڻا.

 

13- سورٺ مهندان مڱڻي، آزيون ڪري اَٺ
راجا عيوض راڳيا! ٻيا سِر ڏيان سَٺ
قاسم! پيش قوال تان، گهور نه ڏيان گهٽ
وڍيو ويٺو وٺ، ڌڙ تان مُڇي مَٿڙا.

 

14- قاسم! قدر جَئو، منٿ نه مڃي مڱڻو
مٿو مور نه مَٽيان، جي ٿي آڇئين سئو
سورٺ سمجهه ڳالهڙي، چوري چپ مَ چئو
ڀور نه ترس ڀئو، جاجڪاڻي ذات کي.

 

15- پِيُس ڪَن پَڙاءُ، آڌيءَ رات آواز جو
ڪوٺيائين قوال کي، آءُ تُنبيرا آءُ
توشو تو هي لاءِ، مون سُڻي تند سنڀائيو.

 

16- توشي ڪارڻ تند، هڏ نه هڻان هيڪڙي
تو در آيس راڄيا، پر – ڀُونءِ ڪري پنڌ
مٿي ڌاران مورهين، پٿون ناهه پسند
ڪلهئان مٿي ڪنڌ، قاسم ڏج قوال کي.

 

17- توشي ڪارڻ تند، هڏ نه هيڪ هڻان
هٿ نه ڇهان هاٿيين، گهوڙا گهر گهڻان
مٿو ڏي مراد سان، ته کلي ڏان کڻان
قاسم در ڪڻان، پاند نه ٻڌان پانهنجي.

 

18- توشي ڪارڻ تند تي، هڏ نه ڇُهان هٿ
مٿي ڌارن مورهين، وار نه کڻان وٿ
ڪاتيءَ آئي ڪٿ، ڪبي ڪا نه قوال سان.

 

19- اُوپر قلعي آئيو، جاجِڪ جوت جمال
ننهن چوٽيءَ سين ڍڪيو، قاسم قرب ڪمال
وائي گُم وصال جي، ماسو کڻي نه مال
پاڻهي ڪوٺي پاتشاهه، لڌي سڌ سنڀال
اُڙدابيگيون آئيون، اڳيئون استقبال
اُت اُونايو راڄئي، جتي قيل نه قال
ڪاتي، ڪنڌ، قوال، همہ ئي هيڪ ٿيا.

 

20- سَوَ تُنبيرا سارنگيا، ڳڙهه پاسي ڳائين
ڪلهي پايو ڪينرا، ويٺا وڄائين
ڏهاڻي ڏياچ کي سائل سندائين
سوڌو سڻائين، ”لن تراني“ تن کي.

 

21- سهسين مِڙيا سارنگيا، ڪوڙين لک قوال
ويهي تن وڄائيا، طمع ڪارڻ تال
تيلهه وڌي تن کي، وچان وِٿ وصال
رسي منجهه رومال، ”لن تراني“ تن کي.

 

22. اوپر قلعي آئيو، جاجڪ جوت جُهار
ترڪ طمع تن تارڪي، قاسم ڪلاندار
اڳ نه آيو اهڙو، ڪو گُن گويو گرنار
ڪوٺي وير وهاريو، کوڻي منجهه کنگهار
اُتي مَلڪُ نه جِنُ ڪو، نڪا طير توار
جاجڪ جمعدار، هردوئي هيڪ ٿيا.

 

���

 

 

مل محمود پلي جي بيتن مان اُهڃاڻ*

 

ٻيجل الله جي آس ڪري ڏياچ جي در تي اچي سر جي صدا هنئي، ۽ سر کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه پيو قبول ڪري؛ چئي ته ڏي ته تنهنجي سوڀ ٿئي. راجا کيس چيو ته، جيڪي مال متاع طلب ڪرين سي تو کي ڏيان: هيرا، موتي، جواهر، گهوڙا ۽ اُٺ توکي ڏيان هِن سر ۾ ڇا آهي! جي لٿو ته ماسو به نه لهي. چئي: آءٌ مال جو مڱڻو نه آهيان، مونکي مٿو ڏي؛ جي نه ڏنئي ته آءٌ سڄي لوڪ ۾ لڄي ٿيندس. تڏهن ڏياچ چيس ته: مڱڻا! مٿو کڻ؛ داين، ٻاين ۽ راڄ جو ڪو ترس نه ڪج، متان سندن دانهون ٻڌي پنهنجي ڳالهه تان لهين. هي ته هڪڙو سِر آهي پر جي ههڙا ڏهه سِر پيا هجن ته گهوري ڏيان.

راءِ ڏياچ جو اهو فيصلو جن ٻڌو تن ۾ دانهون پئجي ويون ڪن سندس سخاوت کي ساراهيو ۽ ڪن ٻيجل جي زوراوري کي ننديو. چون ته: دنيا دولت سڀڪو ڏي، پر پنهنجو ڪنڌ ڪير ڪو نه ڏيندو! راءِ کنگهار سخا جي حد ڪري ڇڏي!

راءِ ڏياچ جي آڏو ٻيجل ويهي چنگ وڄايو ۽ ان جي تندن اهڙو اثر ڪيو جو هن ڏاتار پنهنجو ڪنڌ ڪپي ٻيجل کي ڏنو. جڏهن سورٺ پنهنجو سهاڳ اُجڙندي ڏٺو، ته دانهون ڪري چارڻ کي پِٽڻ لڳي. اي مڱڻهار! شل موت پوئي، شل سڙي مرين جو تو ڏياچ جهڙي ڏاتار جو سر لاٿو! ڏياچ جي سخا ۽ ٻيجل جي صدا سدائين لاءِ مشهور ٿي وئي.

مٿين ٽاڻن ۽ اُهڃاڻن تي مل محمود پلي بيت چيا آهن، جي هيٺ ڏجن ٿا.

 

بيت*

 

الله جي آس ڪري، آيو ڀان ڀري
ڪري دانهن در تي، ڪامل پيو ڪري
ته ڪوڙ ڪُپر ڪيترا، ويا خان کري
صدقو في سبيل الله ڏي، سائل کي سري
ته ملڪان ملڪ ڦري، تنهنجي هاڪ هلائيان.

 

تنهنجي هاڪ هلائيان، ڏيهن منجهه ڏات
ته مونکي پُرس پهرايو، پر چڱي پهات
پر سائل آهيان سِر جو، زري نه نيان ذات
سڻج هنئين جي ڪنن سين، هي باري سنديم بات
آيو جو پرڀات، سو مور نه موٽاءِ مڱڻو.

 

تڏهن راجا مڱڻي آکيو انهيءَ پر:
ته مال مڙوئي تو ڏيان، جيڪي منهنجي گهر
هيرا موتي هزارين، ليکي کان ٻَهر
ڪوٽ ڪجاوا قيمتي، مٿن سون ۽ زر
گهوڙا ٻيڙا هاٿي، ٻيون انباريون اپر
ڪٽڪ لشڪر ڪيترا، همہ زمين سر
وانۡءُ وٺي مڱڻا! پرچ انهي پر
سو کڻي ڦٽو ڪر، جنهن ۾ ماسو ناهي مال جو.

 

آءٌ مڱڻو ناهيان مال جو، نه انهي پر پرچان
ٿَهري ڪنهن ٿوڪ تي، سِري ري نه سرچان
مٿو ڏي ته مرڪان، نه ته آهيان لڄي لوڪ ۾.

 

چئي: کڻ مٿو مڱڻا! هڻي ساڻ هٿن
دايون، ٻانهيون، ٻائيون، راڻيون مر رڙن
ڪهل مَ ڪج ڪک جيتري، ترس سندو تن
هِي تان سِر هيڪڙو، تو کي ڏهه هوند ڏجن
تو لک ٿورا لائيا، جياري جيءُ جڏن
پوءِ انهي پر پسند ڪيو، ڌُڻي ڏيهه ڌڻين
اچي چؤ ڪِي ڪِي چڱن، رونجهي راءِ ڏياچ تي.

 

ڏسي ڏان ڏياچ جو، سخاوت سئو وار
سخي ڪُل شرمائيا، ڏسين جا ڏاتار
ته ڪنهن کان ٿيندي ڪانه ڪا، ههڙي مهل موچار
دنيا دولت سڀڪو ڏي، ڏيندو ڪير ڪپار
پُوري ويهه، پلي چئي، ڪي راجا راءِ کنگهار
اچي مٿان مڱڻهار، سائو سِر گهوريو.

 

سائو سِر گهوري، اُڀو مٿان مڱڻي
تندن جي تنوار سين، ڪڍي ڪٽارو ڪوري
تو ويهه ورق ورايا، چنگ اهو چوري
پُڙان نه انهيءَ ٿوري، جئن مون در آئين مڱڻا.

 

مون در آئين مڱڻا! ڀلي ڪري ڀانَ
جياري جيءُ جان کي، ڏوڙا ڏيئي ڏان
وڏي مهر، مَل چوي، ڪيئي اچن سين احسان
مٿو هي مهربان، ڪوري کڻ ڪُلهن تان.

 

جڏهن پاٺ وڌي پارس جي، ڪاتي منجهه ڪپار
داين پئي دانهون ڪيون، ٻاين ۾ ٻاڪار
شهر سڄو ڇؤنۡڪي ويو، سندو گڍ گرنار
راڻيون راءُ ڏياچ لاءِ، پِٽيو کڻن پار
سورٺ ٻڌي سندرو، ڏسي ڌڙ سِسيانۡ ڌار
ڙي مرين مڱڻهار! جئن هيڏو قهر ڪوپ ڪيئي.

 

اديون ڙي اوچتو، آيو مڱڻهار مارِي
جنهن اچي حاديثو ڪيو، ڪربلا ڪاري
اڄ ڏياچ نه آهي ڏُهۡلِيءَ ۾ اکين ٺار آري[1]
وجهيو وارن ۾ واري، هڻي مُنڌ هٿڙا.

 

هڻي منڌ هٿڙا، ڪري گهوڙا گهوڙا
پَلٽيو پون، پَلي چئي، مٿي ڳل ڳوڙها
مڱڻا! شال مرين ڙي، کامي ٿيين کوڙا
هليو ڏياچ جهڙا، ڪئن ٿو مور ماريين.

 

جڏهن سِر سخا ۾، راوَ ڏنو ريلي
حورن اچي هشم ڪيا، وير تنهن ويلي
رانۡيائون رمز سين، کنوڻ جئن کيلي
وُٺا مينهن وڏ ڦُڙا، امل لال ٿيلي
تنهن کي ڍولو ڪئن ڍيلي، جو نوڪر سندس نام جو.

 

مٿو نام موليٖ جي، ڏانۡگي ڏنائين
سانگو پنهنجي ساهه جو، ڪهل نه ڪيائين
انهي پر، پَلي چئي، وڃي لوڏ لڌائين
ٿيو ساڪن سدائين، جاگيردار جنت جو.

 

���

 

اُميد علي لغاري جي بيتن مان اُهڃاڻ*

مڱڻو محلين تيار ٿي آيو، پنهنجي راڳ سان چوطرف رعب ڄمائي ڇڏيائين. سندس صدا اها هجي ته: ”سلطان! سر فدا ڪر ته مڱڻو مهت سان موٽي. آءٌ مسڪين منگتو آهيان ۽ تون ڏيهه ڏاتار، سِر جو سوالي آهيان، سِر کان سواءِ ڪين موٽندس. راڳائي جو راڳ ٻڌي راجا سرهو ٿيو. هيرا موتي پيو آڇيس پر منگتي کي اهائي تنوار ته ”جيڪا پهرين ڪيم پچار، سا راجا! ڏي ته راضي ٿيان“. گرنار ۾ دانهن پئي ته اهو جيڪو منگتو آيو آهي سو خيري نه آهي. جيڪڏهن راءِ راضي ٿيو ته سِر ڪپي ڏيندس. هوڏانهن ٻيجل جي وات اها وائي هجي ته: ”ڪوڏ مان ڪنڌ ڪپي ڏي ته وڃي ڏيهه کي ڏيکاريان“.

سورٺ، مڱڻهار کي منٿون ڪيون ته سر نه وڍ، باقي سڄي بادشاهي کڻ! اِها سرداري ڪر! مونکي ڏياچ جو سر بخش ڪر! سورٺ روئي منٿون ڪندي رهي، پر مڱڻي سندس ڪا به آزي نه مڃي. پوءِ راءِ ڏياچ منگتي کي سر وڍي ڏنو.

انهن ٽاڻن تي اُميد علي لغاري هيٺيان بيت چيا آهن.

 

بيت*

 

محلين آيو منگتو، ڪري تمنچا تيار
راڳ ڪري رنگ روپ جو، چڱي ڀت چوڌار
سر فدا سلطان ڪر، اها تندن ڪئي تنوار
ڪيائين قلوب سان، گفتو منجهه گرنار
ڪوري ڪنڌ ڪلهن کان، ڪر ڌڙ سسي کان ڌار
جو آهي سوالي سر جو، سو ڪيئن موٽي مڱڻهار
داتا دهرا دان ڏي، تون پرور آءٌ پينار
آءٌ مسڪين منگتو، تون ڏيهه ڌڻي ڏاتار
ٻڌي راڳ ٻيجل جو، سرهو ٿيو سردار
هيرا موتي هيج مان، ڏنئين هزارن هزار
پر مور نه وٺي منگتو، دان اهو دلدار
جيڪا پهرين ڪيم پچار، سا راجا ڏي ته راضي ٿيان.

 

جو آيو سوالي سر جو، سو وري ڪيئن ويندو
هيءُ خيري ناهي منگتو، نيٺ سِري نيندو
راجا راضي ٿيندو، ڏيندو مٿو مڱڻهار کي.

 

ماڙيءَ هيٺ ملوڪ جي، اچي ٻيجل هنيو ٻاڻ
سالڪ سنڀري آئيو، سهڻن سازن ساڻ
مور نه وٺي منگتو، سندو مُهرن ماڻ
آهيان سوالي سر جو، آيس ان ڪم ڪاڻ
هڪ دم نه ترسان هاڻ، ڪنڌ ڪپي ڏي ڪوڏ مان.

 

ڪنڌ ڪپي ڏي ڪوڏ مان، گهوري سر غازي
ڌڙ سسيءَ کان ڌار ڪر، هي تانَ سڻي تازي
ته وڃي ڏيکاريان ڏيهن ۾، روح ڪريان راضي
پير ڀري پازي، ڏي مٿو مڱڻهار کي.

 

ڏي مٿو مڱڻهار کي، ٻيو نه گهرجي مال
ناڻا نيلون پدمون، نڪي موتي لعل
نڪي گهرجن ياقوت، نڪي مهرن ٿالهه
ٻيجل ٻڌي ڪينڪي، سر سوا ٻي ڳالهه
قيل نه سڻي قال، ٿو سائل صدائون هڻي.

 

سورٺ مڱڻهار کي، ٿي زال ڪري زاري
هڪ سر نه وڍ راءِ ڏياچ جو، ٻي دنيا کڻ ساري
هيءَ مال مڙئي منگتا، آهي تنهنجي اختياري
ڪر صاحب سرداري، معافي ڏي ميان منگتا.

 

سورٺ مڱڻهار کي، ٿي نياز ڪري نوڙت
سسي نه وڍ راءِ ڏياچ جي، ٿي راضي ڏي رخصت
کڻي وڃ خوشيءَ مان، مال مڙئي ملڪيت
هيرا جواهر موتي، ۽ دنيا، زر، دولت
سر وڍڻ مان منگتا، ڪين ايندئي ڪي هٿ
منهنجي مڃ منٿ، ڪنڌ نه ڪپ ڪلتار جو.

 

سورٺ اڳيان منگتي، ٿي روئي زارون زار
هي مال خزانا ماڙيون، تنهنجي سڀ اختيار
هڪ سسي سورٺ ور جي، سا ڪپج نه ڪاپار
تون سائل سوالي آئيين، سو موٽ مَ مڱڻهار
کلي کڻ خوشيءَ مان، هيرا جوت جوهار
واتئون وائي وسار، سر وڍڻ جي منگتا.

 

سورٺ مڱڻهار اڳيان، ڳاڙي ٿي ڳوڙها
سر نه ڪپ سلطان جو، اها ٻر ٻر ڇڏ ٻوڙا
ناڻا نيلون پدمون، ڏانَ ڏيئين ڏوڙا
اٺ هاٿي گهوڙا، سڀ ڀري کڻ سون جا.

 

مهندا موٽي منگتي، ڪئي سورٺ سان سر پر
سواءِ سسي راءِ ڏياچ جي، ٻيو نه گهرجي زر
وڃي ڏيکاريان ڏيهن ۾، ٿئي نالو نيشانبر
ٻڌي ٻيجل جي خبر، سورٺ سور پرايا.

 

سورٺ سور پرايا، ٿيو محلن ۾ ماتم
ٿو سر ڪپي سلطان جو، حڪم ساڻ حاتم
ڪاٿئون ۽ ڪنهن پر آيو، هي راڳ ڀريو رستم
هڪ نه ترسي ٿو دم، پيو سر جون صدائون هڻي.

 

سورٺ مڱڻهار کي، ٿي ڏان باسي پنج
هاٿي هنبارين سان، سونا مٿن سنج
هيرا موتي جواهر کڻ، رهه راضي، م ٿي رنج
جيڪي کپيئي کڻ مال هي، اٿئي بادشاهي گنج
هر دم صبوح سنجهه، ڪري منٿون مڱڻهار کي.

 

منٿ نه مڃي منگتو،  ٻي وائي نه آڻي وات
ڏي سر وڍي سائل کي، گهائل هڻي گهات
سينگاري سِسيءَ کي، آڻ تون اَڏيءَ ڪات
ٻيو مال نه گهرجي مونکي، اهو ڏن گهڻو ٿم ڏات
هر هميشہ حيات، جيئرو هوندين جڳ ۾.

 

���

 

روايت [2]

 

شاعر ابوبڪر جي چيل بيتن مطابق انيراءِ ۽ راءِ کنگهار جي لڙائي واري ڳالهه

 

آڳاٽي وقت ۾ اجمير تي انيراءِ نالي هڪ جبرو حاڪم حڪم ڪندو هو. جيڪڏهن ڪنهن ٻئي حاڪم جي همت ۽ پهلواني جي هاڪ ٻڌندو هو ته ان تي وڏو لشڪر وٺي ڪاهي ويندو هو ۽ اهو ملڪ فتح ڪرڻ کان سواءِ نه موٽندو هو. انهيءَ ڪري آس پاس جا راجا سندس ڏن – ڀرو هئا. انيراءِ جڏهن درٻار ڪندو هو، تڏهن اميرن ۽ وزيرن کان پڇندو هو ته: خبر ڏيو مون جهڙو، مون جيڏو ٻيو ڪو بادشاه ڏٺوَ يا ٻُڌوَ؟ امير وزير هٿ ٻڌي جواب ڏيندا هئا ته: بادشاهه سلامت! اسان جي ليکي تو جهڙو ٻيو بادشاه دنيا جي تختي تي ئي ڪونهي. انيراءِ اهو خوشامد جو جواب ٻڌي تمام خوش ٿيندو هو.

انهيءَ دستور مطابق، هڪڙي ڏينهن وري وزيرن کان پڇيائين ته اهڙو ڪو حاڪم سمجهيو، جنهن سان هلي هٿ اٽڪايون. تڏهن وزيرن جواب ڏنس ته: بادشاه سلامت! اسان کي ته خبر ڪانهي، باقي جوڳي فقير پنندا کائيندا، ڏورانهان ڏيهه ڀيٽيو اچن تن کي سڀڪنهن بادشاه جي ٿوري گهڻي خبر هوندي آهي، ڇو نه انهن کان خبر وٺجي! انيراءِ کي وزيرن جي صلاح وڻي، سو چئني طرفن ڏانهن حڪم موڪليائين ته ’منهنجي بادشاهيءَ ۾ جيڪي به راڳي فقير هجن، سي حاضر ڪيا وڃن‘. حڪم تي ڪئين جوڳي فقير درٻار ۾ حاضر ٿيا. انيراءِ جوڳين کان به ساڳيو سوال پڇيو ته: مون جهڙو، مون جيڏو ٻيو ڪو بادشاه ڏٺوَ يا ٻڌوَ؟ جوڳين هٿ ٻڌي عرض ڪيو ته: راجا! اسان به ڪئين ملڪ ڏٺا، پر تنهنجي مَٽ ڪو به ڪو نه ڏٺوسين. انيراءِ کي پورو جواب ڪونه مليو، سو وري به حڪم ڪيائين ته: سڄي اجمير جي سرحدن تي چڱيءَ طرح چوڪسي ڪريو، ۽ جيڪي به سامين جا سُنگ ويندي ڏسو، سي وٺي آڻي هت حاضر ڪريو، متان انهن کان ڪو احوال ملي وڃي.

بس رڳو حڪم جي دير هئي. انيراءِ جا سوين سپاهي اجمير جي حدن کي چئني ڪنڊن تي گهيرو ڪري، ويهي رهيا. هڪڙي ڏينهن سپاهين جي نظر سامين جي هڪڙي سُنگ تي پيئي، جيڪي انيراءِ جي ڏهڪاءُ کان ڊڄي، سندس بادشاهيءَ کان پاسو ڏيئي، ٻئي ملڪ ڏانهن پئي ويا. سپاهين يڪدم وٺ وٺان ڪري، سامين کي کڻي سوگهو ڪيو، ۽ کين گهلي آڻي، انيراءِ جي درٻار ۾ حاضر ڪيائون. جوڳين کي اچي سر جو خوف ٿيو، ته الائجي ڪنهن دشمن ڪوڙي دانهن ڪري، متان کين اڙايو هجي، سو به انيراءِ جهڙي قهار راجا وٽ، سي ويچارا ڊڄندي ڏڪندي درٻار ۾ اچي بيٺا. پهرين وٽن جيڪو بجڪن ۾ هو سو ڪڍي کڻي انيراءِ آڏو نذرانو رکيائون، ۽ پوءِ هٿ ٻڌي راجا کان پنهنجي پڪڙجڻ بابت پڇيائون ته: اسين الائجي ڪهڙي ڏوه ۾ جهليا آهيون؟ انيراءِ کين دلداري ڏني، ۽ نوڪرن کي حڪم ڪيو ته هنن سڀني جوڳين کي عمدا پٽڪا ٻڌايا وڃن. يڪدم حڪم جي تعميل ٿي ويئي. اتي جوڳين کي به ڪجهه پيٽ ۾ ساه پيو، ۽ سمجهيائون ته راجا کي اسان ۾ ڪو ڪم آهي. ان لاءِ اسان کي گهرايو اٿس. انيراءِ کانئن پڇيو ته: جوڳيو! اوهين ولايتون ڀيٽيندا، ملڪ ملڪ جو پاڻي پيئندا وتو، مون جهڙو سخي ۽ دلير راجا به ڪو ڪٿي ڏٺوَ يا ٻڌوَ؟ مونکي جن به راجائن جي خبر هئي، سي سڀ آڻ مڃائي، پنهنجي بادشاهيءَ ۾ آندم. هاڻي جي توهان کي ڪنهن زبردست راجا جي خبر هجي ته ٻڌايو ته اڄ ئي مٿس ڪاهي وڃان. اها ڳالهه ٻڌي ٻيا ته سڀ ماٺ ۾ پئجي ويا، پر منجهائن هڪڙي جوڳيءَ سر تان آهو کڻي جواب ڏنو ته: راجا! تو جهڙا، پاڻ تو کان وڌيڪ راجا ڇو ڪين آهن! خدا جي مخلوق جو ڪو انت ڪونهي. دنيا ۾ اهڙا به بادشاه آهن، جن جي ڀيٽ ۾ تون به ڄڻ سائو ماڻهو آهين. اهو ٻڌي انيراءِ ڪاوڙ جي پيو، ۽ جوڳيءَ کي چيائين ته: يڪدم ڪنهن به هڪڙي راجا جو نالو وٺ، ته آءٌ هينئر ئي مٿس ڪاه ڪريان! تڏهن جوڳي وراڻيس ته: راجا! جي من ۾ وڙهڻ جي صلاح اٿيئي ته پوءِ گرنار جو ڪوٽ اٿيئي، جيڪو جبل تي اڏيل آهي. اهو جبل ايترو ته اچو آهي، جو ڪڪر به ڪوٽ جي ڪنگرن سان گسي لنگهن ٿا. ان کان سواءِ ڪوٽ کي چار سؤ چوڏهن چونڪيون آهن. اتي جي راجا جو نالو راءِ کنگهار آهي. سندس فوج ۾ اهڙا ته پهلوان آهن، جو مئي مارائي کان سواءِ ڪنهن کي ڪو نه ڇڏين. هڪ جبل اوچو ٻيو سورهيه سپاهي، ان ڪري ڪنهن به راجا کي همت ڪانهي جو ڀلجي به اوڏانهن ڪاهي وڃي! اسان جي ته توهان کي به اها صلاح آهي ته ٻيون ڏسيون کليون پيون اٿو، جيڏانهن کپيو تيڏانهن ڪاهي وڃو، باقي گرنار تي ڀلجي به نه ڪاهجو.

جوڳيءَ جي واتان اها خبر ٻڌي، انيراءِ چيس ته: تون جو ايڏا ڊپ پيو وجهين، سو آءٌ ڪو ڊڄي ماٺ ڪري ڪو نه ويهي رهندس. تون رڳو راءِ کنگهار، گرنار جي ڪوٽ، ۽ اوڏانهن ويندڙ واٽ جا اهڃاڻ ڏي. جوڳيءَ جواب ڏنو ته: بادشاه سلامت! راءِ کنگهار جهڙو سخي نڪو ٿيو نڪو ٿيندو. وٽس سوالين جا سنجهه صبح ميڙا لڳا پيا آهن ۽ ڪو سوالي خالي ڪو نه ٿو ڇڏي. سخي راءِ کنگهار روز صبح جو اول جميل شاه گرناريءَ جي زيارت ڪري پوءِ درٻار ۾ ويندو آهي. تنهن کانسواءِ گرنار وڃڻ جو گس جبلن منجهان آهي، جتي هڪڙو ته لڪون اهڙيون لڳن جو لڱ به ساڙيو ڇڏين، ٻيو وري پاڻي به ڪو نه ملي. تنهنڪري تون اهڙين مصيبتن ۾ وڃي متان لشڪر مارائين! اهو احوال ٻڌي انيراءِ يڪدم ڀڙڪو کائي اٿيو ۽ حڪم ڏنائين ته: هڪدم فوجون تيار ڪيون وڃن، راءِ کنگهار سان مقابلو ڪرڻو آهي!

راجا کي گرنار تي ڪاهڻ لاءِ تيار ڏسي، اميرن وزيرن جا هنيان ئي ڏڪي ويا. نيٺ پاڻ ۾ صلاح ڪري مڙي سڙي سڀئي انيراءِ وٽ آيا ۽ کيس هٿ ٻڌي چيائون: بادشاه سلامت! گرنار جي راجا جي جيڪا ڳالهه ٻڌي اٿئون، تنهن مان ائين ٿو لڳي ته راءِ کنگهار کان ملڪ کسڻ ته پري ٿيو، پر انديشو آهي ته ڪٿي مرڳو پنهنجو لشڪر نه مارائي ويهي رهون! تنهنڪري اسان جي صلاح آهي ته راءِ کنگهار کان پاسو ڪري، ڪنهن ٻئي راجا تي هلي پئون ۽ پوءِ ان مان ساري سنڀاري ڪسرون ڪڍون! مگر انيراءِ کي جيڪو ڏينهن گذري، سو ورهيه ٿيو اچيس. ڀانئي ته اڄ ئي گرنار تي پهچان، ۽ راءِ کنگهار کي ماري مات ڪريان. بس، پوءِ ته حڪم ملڻ سان ٿوري ئي عرصي ۾ سڄي بادشاهي مان لکين جوان هٿيار پنوهار کڻي اچي گڏ ٿيا. آخرڪار انيراءِ جو اهو شاهي لشڪر جنگ جي تياري مڪمل ڪري، نوبتون ۽ نغارا وڄائيندو گرنار ڏي روانو ٿيو.

انيراءِ جو لشڪر واٽ تي منزلون ڪندو، آخر اچي گرنار جبل وٽ پهتو. ڪوٽ جبل جي چوٽيءَ تي هو. پهاڙ کي چئني طرفان گهمي ڏٺائين پر مٿي وڃڻ جو گس ڪٿان به نظر نه آيس؛ سو سمورو لشڪر جبل جي چئني طرفن ڦيرائي، ڪوٽ کي نظر ۾ رکي جبل جي هيٺان اوچا منارا ۽ ٺل ٺهرائي، انهن تي توفون چاڙهائي، حملي جو حڪم ڏنائين.

انيراءِ جي لشڪر نشان چٽي، قلعي ڏانهن هڪ تيرن جو وسڪارو ڪيو ۽ ٻيو توفن جي وارو وار لائي ڏني. پر گرنار جي ڪوٽ کي نڪو تير رسيو، نڪي ڪنهن توف جو گولو. گولا اڌ واٽ تان ئي وريو ٿي آيا ۽ جبلن تان لهندا اچي سندن پنهنجي ئي لشڪر تي مار ٿي ڪيائون. اهو لقاء ڏسي انيراءِ جي لشڪر جبل ۾ سرنگهون هڻي مورچا ٺاهيا ۽ اتي بچاءُ ۾ ويهي رهيا. جڏهن راءِ کنگهار جي ڪن تي توفن جي ڌڌڪي جو آواز پيو، تڏهن پنهنجي ماڻهن کان پڇيائين ته هي آواز ڇا جو آهي؟ ڪو سيٺ يا سوداگر پيو اچي يا ڪو حادثو ٿيو آهي؟ ڏسو ته سهي، ڪو سوالي سوال ڪرڻ ته ڪو نه آيو آهي؟ تڏهن چاري گرنار ڪوٽ کان ٻاهر نڪتا ۽ لڪي ڇپي وڃي خبر چار وٺي اچي راءِ کنگهار کي ٻڌايائون ته: نڪو سيٺ آهي نڪي ڪو سوداگر ۽ نه ئي وري ڪو منگتو آهي. پر انيراءِ راجا لشڪر وٺي اچي حملو ڪيو آهي ۽ هي ڌڪاءُ سندس توفن جا آهن؛ جو گرنار تي گولا اڇلايا اٿس.

راءِ کنگهار کي گرنار ڪوٽ جي اوچائي ۽ راه جي اڻانگائي جي خبر هئي، تنهنڪري انيراءِ جي حملي جي خبر ٻڌي سندس دل کي لوڏو ئي ڪو نه آيو. يڪدم ڪچهري ڪوٺائي پنهنجي امير اُمرائن کي چيائين ته: پاڻ وٽ گرنار جي ڪوٽ ۾ ان پاڻي ايترو آهي جو ورهين جا ورهيه ويٺا کائون ته به ڪو نه کٽندو. تنهنڪري انيراءِ ڀلي ته گهيرو ڪيو ويٺو هجي؛ ويهي ويهي ڪڪ ٿيندو ته پاڻهي موٽي ويندو.

هوڏانهن وري انيراءِ جا سپاهي جڏهن ويهي ويهي ڪڪ ٿي پيا تڏهن راجا کي اچي چيائون ته: بادشاه سلامت! راءِ کنگهار سان وڙهڻ اسان جي جاءِ ڪانهي، نڪو سرنگهه هڻي ٿا سگهون، نڪو قلعي تي ٿا پهچي سگهون، ٺلهو ويهڻ مان ڇا ورندو! هاڻي يا ته موٽي هلي اجمير ڀيڙا ٿيون، يا ته ڪا عقل واري تجويز ٻڌايو ته گرنار کي هٿ ڪري سگهون.

تڏهن انيراءِ کين جواب ڏنو ته: خزاني جي مون وٽ ڪمي ڪانهي، اوهان کي جيڪي کپي سو کڻو، کپايو ۽ پنهنجي لشڪر ۾ به ورهايو. سوڀون ته وس ستار جي آهن، پر ڪجهه ته همت اوهين به ٻڌو. باقي تجويز اها آهي ته جيڪو بارود اوهان وٽ آهي، سو توفن سان ڀري، گولن جو سٽڪو لائي ڏيو ته ڪوٽ ڪري پوي. انيراءِ جي حڪم موجب ٻئي ڏينهن سج اُڀرڻ سان توفن ڌڌڪا لائي ڏنا ۽ گولا مينهن وانگر وسڻ لڳا. جبل هو اڀ- ڪپرو، مٿان پٿر جو ذرو به گڏجي ته هيٺ اچي ٺڪاءُ ڪري، سو گولا به گرنار تائين پهتا ئي ڪين، اڌ واٽ تان ٿِي ٿي موٽيا. اهي ساڳيا گولا مينهن وانگر موٽي اچي انيراءِ جي لشڪر تي وسڻ لڳا. لشڪر جي ليکي ته مٿان گرنار جي لشڪر وسڪارو شروع ڪري ڏنو آهي، سو وٺي پوئتي ڀڄڻ لڳا. تان جو آهستي آهستي ٿي، سج لٿي تائين اڌ لشڪر مارائي، ڀڄندا اچي انيراءِ وٽ پهتا. انيراءِ کي فرياد ڪيائون ته: اسان ٻڌو آهي ته گرنار جو ڪوٽ جنن ۽ ديون جو جوڙيل آهي، جنهنڪري ان کي نڪو تير پهچي، نڪي گولي جو اثر ٿئي. هجي ماڻهن سان مقابلو ته اسين به هلي پنهنجي پهلواني ڏيکاريون، هتي آهي جنن ۽ ديون سان جهيڙو، سو اسان وڙهڻ کان بس ڪئي. باقي جي راءِ کنگهار ڪنهن اٽڪل سان قلعي مان لشڪر ڪڍي ٻاهر اچي ته پوءِ اسين به وڙهڻ لاءِ تيار آهيون.

انيراءِ پنهنجي لشڪر تي ديون جو ڊپ ويٺل ڏسي، کين دلداري ڏني، ۽ دل ۾ خيال ڪيائين ته جي هيترو سارو لشڪر مارائي واپس موٽي ويندس ته سڄي ڏيهه ۾ خوار ٿيندس، تنهنڪري ڇونه ڪا اٽڪل ڪري راءِ کنگهار کي غيرت ۽ ڪاوڙ ڏيارجي، ۽ ڪنهن به حيلي کيس ڪوٽ کان ٻاهر آڻجي. اها ڳڻ ڪري هڪڙي ڀَٽ هٿان راءِ کنگهار ڏانهن خط لکي روانو ڪيائين ته: اي راجا! هڪڙا مڱيا ٻيا وناهيا لوڪ کان لڪي ويهندا آهن. تون جنهن نموني محلاتن ۾ ويٺو موجون ماڻين، اهي ته رنن جا پار آهن، جي مانجهي مرد هجين ته لشڪر وٺي ڪوٽ مان ٻاهر نڪر ته مردن وارو مقابلو ڪريون.

راءِ کنگهار کي خط پهتو. امير امراء سڏائي، انهن سان صلاح ڪيائين، اميرن صلاح ڏنس ته: پاڻ وٽ گرنار ڪوٽ ۾ ان پاڻي ايترو موجود آهي، جو ورهين جا ورهيه ويٺا کائون ته به نه کٽي، ۽ نه وري انيراءِ جو لشڪر پاڻ تائين پهچي سگهندو. حملو پاڻ ڪو نه ڪيو آهي، پاڻ هروڀرو لڙائي تي چڙهيو آهي. اسان ته اڃا هڪ تير به ڪونه هنيو آهي، موچيءَ جا گهڙيا موچيءَ جي منهن ۾، سندن ئي گولا کين پيا مارين، سو ڀلي ته جيترو زور لائڻو هجيس سو لائي دنگ ڪري، پوءِ ڏٺو ويندو. راءِ کنگهار کي اها ڳالهه وڻي، سو انيراءِ ڏانهن خط جو جواب لکي موڪليائين ته: اسان وٽ نڪا کوٽ آهي ناڻي جي، نڪا آب داڻي جي، اڃا تو گرنار جي غازين جو حملو ڏٺو ئي ڪونهي. هڪڙي هڪل سان گس به هٿ ڪونه ايندئي. انيراءِ ! مون وٽ جيڪي توفون آهن، تن مان رڳو هڪڙيءَ جو منهن کليو ته تنهنجو لک لشڪر چٽ ٿي ويندو. تنهنڪري جي چڱو ڄاڻين ته موٽي وڃي اجمير ۾ سکيو ٿيءُ !

قاصد خط جو جواب وٺي انيراءِ وٽ موٽي آيو. انيراءِ پڇيس ته: ڪر خبر، ڇا ڏٺئي ۽ ڇا ٿو سمجهين! قاصد جواب ڏنس ته: بادشاهه سلامت! مون بادشاهيون ٻيون به ڏٺيون، پر گرنار جو نمونو ئي اور آهي. راءِ کنگهار سان هڪ ته ماڻهن جي محبت، ٻيو جميل شاهه ولي الله جو هٿ؛ سو جيستائين اهو درويش آهي، تيستائين گرنار کي لهر نڪو لوڏو! قلعي ۾ توفون اهڙي حساب سان رکيل آهن، جو تنهنجي فوج مان هڪ به ماڻهو سلامت نه بچندو، تنهنڪري سهڻي ڳالهه اها آهي ته راءِ کنگهار سان صلح ڪري پنهنجي جان بچاءِ.

راءِ کنگهار جو خط ۽ قاصد جو جواب ٻڌي، انيراءِ تپي باهه ٿي ويو. وٽس جيڪا وڏي ۾ وڏي توف هئي، يڪدم ان جي هلائڻ جو حڪم ڏنائين. ان توف جو گولو مس وڃي ٿي گرنار کي پهتو. راءِ کنگهار ڏٺو ته جيڪڏهن هاڻي به انيراءِ تي حملو نه ڪبو ته پوءِ هو نقصان پهچائيندو، سو پنهنجي لشڪر کي حڪم ڏنائين ته يڪدم دشمنن تي حملو ڪيو وڃي.

گرنار ڪوٽ جي برجن ۾ جيڪو تمام اوچو برج هو، ان تي وڏي توف رکيل هئي، جنهن جو نالو هو ”مريم ناز“. ان توف جي منهن ۾ ڇريون، خنجر، تير، تلوارون ۽ ڀالا وجهي ڇڏيندا هئا ته اهي هٿيار دشمن جي لشڪر تي مينهن وانگر وڃي وسندا هئا ۽ دشمن جو سمورو لشڪر چٽ ٿي ويندو هو. بس، پوءِ اها توف جو ڇٽي، ته انيراءِ جو اڌ لشڪر ته اتي جو اتي ڪٽجي مري پيو ۽ اچي ڀاڄ پئي. انيراءِ به لشڪر سميت پوئتي موٽيو ۽ گرنار جي حد ڇڏي، پنهنجي حد ۾ اچي ساه پٽيائين. تڪڙ ۾ خيما به اتي ڇڏي آيا هئا، ان ڪري خالي ميدان تي في الحال پئجي رهيا. بادشاهي دستور موجب سنجهي صبح ڀير وڄڻي هئي، پر انيراءِ جي لشڪر ۾ راءِ کنگهار جي ايتري ته هيبت ڇانيل هئي، جو ڌمالي نوبت وڄائڻ کان ئي پڙ ڪڍي بيهي رهيا. چئي: الائجي متان ڀير جو آواز ٻڌي، کنگهار جو لشڪر طرف سهي ڪري اچي هتي رسي! هُتان ڀڄي هتي آيا آهيون، پر هتان وري ڪيڏانهن منهن ڪنداسين. اهڙيءَ طرح مهينن جو پنڌ ڏينهن ۾ ڪري، انيراءِ لشڪر سميت اچي اجمير ۾ ساه پٽيو.

انيراءِ کي ان ڏينهن کان وٺي کاڌو پيتو وه ٿي آيو، نه ڏينهن جو سک نه رات جو آرام. اهي ئي سٽون پيو سٽيندو هو ته ڪهڙي طرح کنگهار کان وير وٺجي. آخر هڪڙي ڏينهن پنهنجا خاص صلاحڪار درٻار ۾ گهرائي کين چيائين ته: راءِ کنگهار تي حملو ڪري پوري ڪو نه پونداسين. هاڻي ٻڌايو ته ڪهڙي ريت راءِ کنگهار کي ماري بدلو وٺجي؟ ڪجهه دير سوچڻ بعد هڪ صلاحڪار چيو ته: راءِ کنگهار جي سخاوت هنڌين ماڳ مشهور آهي، ۽ وٽانس ڪو به سوالي خالي ڪو نه ٿو وڃي. تون به ڪو منگتو هٿ ڪري، ان کي هيرن موتين جو ٿالهه ڀري ڏي ته انعام جي لالچ ۾، گرنار ۾ وڃي، راءِ کنگهار وٽ سر جي صدا هڻي. اهڙيءَ ريت نانگ به مرندو ۽ لٺ به نه ڀڄندي. اهو ٻڌي انيراءِ کلي ڏنو. وزيرن کي چيائين ته: ساهه سڀڪنهن کي پيارو آهي: اها ڳالهه وسهڻ ۾ ئي نٿي اچي ته هڪڙو خسيس منگتو سوال ڪري ۽ کنگهار ان کي پنهنجو سر وڍي ڏئي! پنهنجي دل تي هٿ رکي، قياس ڪري ٻي ڪا صلاح ڏيو. تڏهن وزيرن چيس ته: بادشاه سلامت! هو پنهنجو سر اڳيئي خدا جي واٽ ۾ ڏيو ويٺو آهي. سندس سخاوت جي توهان کي خبر ئي ڪانهي، تڏهن ٿا اهڙي ڳالهه ڪريو. اسان کي خبر آهي ته کانئس جيڪي گهرجي ٿو، سو ملي ٿو- تنهنڪري جي منگتو سندس درٻار ۾ وڃي سر جي صدا هڻندو ته کنگهار کيس موٽائيندو ڪو نه. اتي انيراءِ کي يقين ٿيو ته واقعي امير وزير جيڪي ڪجهه چون ٿا، سو سچ هوندو.

بس، پوءِ ته ان مهل ئي سونين مهرن ۽ هيرن جواهرن جا ٿالهه ڀري سپاهين کي ڏنائين ته جيڪو به منگتو راءِ کنگهار جي سر وڍي آڻڻ جي هام هڻي، ان کي هي ٿالهه اڳواٽ انعام ڏئي وٺي ائين سپاهي هيرا جواهر کڻي، پڙهو ڏيندا، مڱڻهارن جا راڄ گهمندا ڦرندا اچي ”ٻيجل“ مڱڻهار جي گهر وٽ پهتا. ٻيجل ان وقت گهر ڪو نه هو. سندس زال جو اهو پڙهو ٻڌو ۽ هيرن جواهرن جا ٿالهه ڏٺا، سي يڪدم اُٿي وٺي آڻي رکيائين ۽ سپاهين کي چيائين ته منهنجو مڙس ٻيجل اهو ڪم ڪري سگهي ٿو ۽ هو ضرور ڪندو انيراءِ جا سپاهي خوش ٿي پوئتي موٽيا ۽ اچي انيراءِ کي خوشخبري ٻڌايائون ته: بادشاهه سلامت! مردن مان ڪنهن به هام ڪا نه هنئي، هيرا جواهر به ٿڏي ڇڏيائون ۽ راءِ کنگهار جي سر آڻڻ کان نابري واري ڇڏيائون. پر پوءِ هڪڙي مائي ٿالهه وٺي رکيو ۽ چيائين ته: منهنجو مڙس، راءِ کنگهار جو سر وڍي آڻيندو.

انيراءِ حيران ٿي ويو. خيال ڪيائين ته آخر هڪڙي عورت ڪهڙي ٻل تي هام هنئي آهي، جڏهن ته مرد ماڻهو به شرط ٻڌڻ سان دهلجي ويا! سو سپاهين کي چيائين ته اها عورت هتي وٺي اچو ته پڇي پڪ ڪريونس. سپاهي، ٻيجل جي زال کي وٺي آيا. انيراءِ پڇيس ته تو ور جي زور تي، ڀاءُ جي ڀَر تي، يا ڪنهن عزيز جي زور تي سوٺو کنيو آهي؟ ٻيجل جي زال جواب ڏنو ته: بادشاه سلامت! مون پنهنجي مڙس جو سوٺو کنيو آهي؛ سو انهي لاءِ جو راءِ کنگهار ڏيهن ۾ مشهور آهي، ۽ ڪنهن به منگتي کي ڪڏهن خالي ڪو نه ٿو موٽائي. اهو ٻڌي انيراءِ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ٻيجل جي زال کي چيائين ته: پوءِ جلدي پنهنجي مڙس کي راءِ کنگهار ڏي موڪل. سر آندائين ته انهي کان به وڌيڪ انعام ڏيندو سانوَ.

ٻيجل جي زال پنهنجي گهر موٽي آئي. ٻيجل به پن مڱ ڪري اچي گهر ۾ گهڙيو ته سامهون رکيل هيرن جواهرن ۽ ناڻي تي نظر ويس، دهلجي بيهي رهيو. نيٺ زال کان پڇيائين ته: هي هيرا جواهر سونيون مهرون ڪٿان آيون آهن؟ زال سموري ڳالهه ڪري ٻڌايس. تڏهن ٻيجل تپي باهه ٿي ويو. زال کي چيائين ته: ڪميڻي! هن جهان ۾ نڪا ڏاتارن جي ڪمي آهي، نڪي منگتن جي؛ سوين ڏاتار ٿا سخا سان سوالين جا عرض اگهائين ۽ هزارين منگتا، ڪماچا ۽ ڪينرا کنيو وتن صدائون هڻندا- پر اهو ڪڏهن ٻڌو اٿئي ته ڪنهن منگتي سر جي صدا هنئي؟ زال ورندي ڏنيس ته: ميان، جيڪو سوال اڄ تائين ٻين منگتن نه ڪيو آهي، اهو تون وڃي ڪر. هيتري دولت وري هٿ ايندي ڪيئن؟ ٻيا منگتا ڀلي پيا پيٽ جي صدا هڻن، تون وڃي سر جي صدا هڻ. پوءِ ڏس ته ايترو انعام ملندوسين جو پنهنجون ست پيڙهيون به نه کٽائي سگهن. تنهنڪري هاڻ کٽ ڦٽ ڇڏ ۽ ستيا جو سندرو ٻڌي، الله توهار ڪري روانو ٿي.

ٻيجل گهڻئي ناڪار ڪئي، پر پوءِ جڏهن ڏٺائين ته هاڻي جي نه ويندس ته انيراءِ جڻ ٻچو مارائي ڇڏيندو، تڏهن اُٿي پنهنجو ڪينرو سنڀاليائين جو ورهين کان ڀڳو ڀت ۾ ٽنگيو پيو هو. ڪينري کي ڇنڊي ڦوڪي، ڀڳل ٽٽل تارون ٺاهي جوڙي، ڪلهي ۾ وجهي گرنار جو رخ رکيائين. هلندي هلندي واٽ تي خيال آيس ته، ورهيه ٿي ويا آهن ته ڪينرو وڄايو ئي ڪين اٿم؛ سو آزمودي خاطر هڪڙي هيٺ ويهي وڄائڻ لڳو. ڪينري جي آواز ۾ ڄڻ ته جادو ڀريل هو جو جهنگل جا پکي پکڻ، چرند پرند، سڀ ان آواز تي موهجي مست ٿي، ڪنڌ نمائي اچي ٻيجل جي آسپاس گڏ ٿيا. ٻيجل، جيڪو ڪنڌ نمائي ڪينري وڄائڻ ۾ مست هو، تنهن جو ڪنڌ مٿي کنيو ته چوڌاري پکي پکڻ ۽ چرند پرند بيٺل ڏسي حيران ٿي ويو. هڪڙي هرڻي کيس تمام ويجهي اچي بيٺي هئي، ٻيجل به هٿ وڌائي کڻي هرڻيءَ کي جهليو ۽ بجڪي مان چار گهنڊڻيون ڪڍي هرڻي جي ڳچي ۾ ٻڌي ڇڏيائين. ڪينري جو آواز بند ٿيو ته سڀئي جانور ۽ پکي پکڻ آهستي آهستي ڪري هليا ويا. ٻيجل، اهو لقاء پسي دل ۾ خيال ڪيو ته جنهن واڄي تي جهنگ جا جانور ۽ پکي به سر نوڙائي اچي ٿا بيهن، سو راءِ کنگهار کي به هي ساز موهي ڇڏيندو!

خير ٿورين گهڻين ڏينهن ٻيجل اچي انيراءِ جي شهر ۾ پهتو ۽ هڪڙي اوتاري ۾ اچي ڊاٻو ڪيائين. راجا جا چاري ته اڳ ۾ ئي هن جي ڳولا ۾ پئي شهر ۾ ڦريا، تن يڪدم وڃي انيراءِ کي ٻيجل جي اچڻ جي خبر ٻڌائي. انيراءِ کي ٻيجل جي اچڻ جو ايڏو ته انتظار هو، جو ان کي وٺڻ لاءِ هڪٻئي پٺيان ڪئين قاصد ڊوڙايائين. قاصد ٻيجل کي اچي ٻڌايو ته راجا توسان ملڻ لاءِ بيحد حيران آهي. تڏهن ٻيجل به ڪينرو ڪلهي تي رکي درٻار ۾ آيو، ۽ ٻيا به جيڪي هن لاءِ قاصد ٿي آيا هئا، سي به ٽولي ڪري ساڻس گڏ درٻار ۾اچي حاضر ٿيا. انيراءِ، ٻيجل جو آڌرڀاءُ ڪري چيس ته: اڙي چارڻ! تون ته اڃا هتي پيو هلين؟ کنگهار جو سر ڪڏهن آڻيندين؟ ٻيجل وراڻي ڏنيس: راجا! پنهنجي دل تي هٿ رکي، قياس ڪري ڏس ته سر وٺڻ ڪو سوکو آهي ڇا؟ پر قول ڏنو اٿئون سو ضرور پارينداسين؛ پر منهنجو هڪڙو شرط آهي، جيڪو قبول ڪرڻو پوندءِ. راجا پڇيس ته: اهو ڪهڙو؟ چيائينس ته: جي پنهنجي سر لاهي ڏيڻ جو قول ڪرين ته کنگهار جو مٿو وڍي اچان.

انيراءِ، ٻيجل جي ڳالهه ٻڌي چيو ته: ٻيجل! جي تون راءِ کنگهار جو سر وڍي آئين ته آءٌ به وچن ٿو ڏيان ته پنهنجو به سر وڍي توکي ڏيندس. پوءِ ٻيجل انيراءِ کان اهو قول وٺي، ٻارن ٻچن جي پارت ڪري، گرنار ڏانهن روانو ٿيو، ۽ ٿوري گهڻي ڏينهن اچي گرنار ڪوٽ ۾ پهتو.

راءِ کنگهار جي حڪم سان گرنار ڪوٽ جو دروازو هميشه بند رهندو هو، ته متان ڪو دشمن جو چاري ڪوٽ اندر اچي ڪو خلم مچائي؛ تنهنڪري ڪنهن به اوپري ماڻهوءَ کي جاچ جونچ کان سواءِ اندر نه ڇڏيندا هئا. ٻيجل کي به دربانن ڪوٽ جي دروازي تي روڪي ڇڏيو. ٻيجل کين چيو ته: سخيءَ جي ساراه ٻڌي، ڏاڻ وٺڻ لاءِ ڏورانهين ڏيهه کان پنڌ پيو آهيان. ٻيا به سوين سوالي سوال ڪيو کانئس من جي مراد وٺيو وڃن. آءٌ به انهن مان هڪڙو آسائتو آهيان. دربانن چيس ته: جي چارڻ منگتو آهين ته اسان کي ڪجهه ٻڌاءِ ته پڪ ڪريون ۽ پوءِ تو کي ڪوٽ ۾ گهڙڻ به ڏيون.

دربانن هڪڙي دري کولي، ٻيجل کي اندر اچڻ ڏنو. ٻيجل دري ٽپي اندر ٿيو. ڪلهي تان ڪينرو لاهي، ٿورو واڄو ڪيائين. دربان واڄو ٻڌي حيران ٿي ويا. پوءِ ته ٻيجل کي شهر ۾ وڃڻ جي موڪل ڏنائون، ۽ چيائون ته: اسان اهڙو واڄو ڪڏهن ڪو نه ٻڌو. ٻيجل به خدا جو شڪر ادا ڪري، شهر کي گهمي ڦري، چڪر هڻي راءِ کنگهار جي محلات هيٺ پهچي ويهي رهيو.

ٻيجل سڄي رات ويٺي ڌڻيءَ کي سوال ڪيو ته “ڏئينم سوڀ ستار!”. اڌ رات گذري، ڀيڄ ڀنيءَ مهل، ٻيجل رب کي ستائي، چنگ چوريو. ٿوري ئي دير ۾ محلات کي تندن جي آواز تپائي ڏنو. راءِ کنگهار جي ننڊ ڦٽي پئي. ٻيجل چنگ مان اهڙا درد وارا سر ڪڍيا جو راءِ کنگهار بيقرار ٿي ويو. هن اهڙا آلاپ اڳي ڪڏهن ڪين ٻڌا هئا، سو دربان کي سڏي چيائين ته: اهو ساز ڪو ماڻهو پيو وڄائي يا ڪو جن ڀوت! ڇو ته اهڙو دل موهيندڙ آواز مون ته اڳ ڪڏهن ڪو نه ٻڌو آهي. يڪدم پڇا ڪري ٻڌاءِ ته ڳالهه ڪيئن آهي؟

دربان ڊوڙندا محلات مان ٻاهر نڪتا. ٻيجل کي ڪينرو وڄائيندي ڏسي، پڇيائونس ته: منگتا! ڪهڙي تڪليف اٿئي، جو صبح ٿيڻ به نٿو ڏين، ۽ اڌ رات جو اچي راءِ کنگهار جو آرام ڦٽايو اٿئي؟ هاڻي ٻڌاءِ ته ڪير آهين، ڪٿان آيو آهين ۽ ڇا کپنئي؟ ٻيجل چين ته راءِ کنگهار ڏاتار جو نالو ٻڌي آيو آهيان، سوال انهيءَ کي روبرو ڪندس. دربانن گهڻئي زور لاتا، پر ٻيجل وڌيڪ نڪي ڪڇيو نڪي پڇيو، ماٺڙي ڪري سرندي وڄائڻ ۾ لڳو رهيو. سرندي مان رڳو “تونهين تون، تونهين تون” جو آواز پئي نڪتو. دربانن موٽي اچي راءِ کنگهار کي حقيقت کان واقف ڪيو، ۽ چيائونس ته: منگتو توهان کي روبرو سوال ڪرڻ ٿو گهري. راءِ کنگهار وٽ ته ڪئين منگتا، واڄو ڪري ويا هئا؛ تنهن ٻيجل جي تند مان سهي ڪيو ته هي انهن منگتن مان ڪونهي، جيڪي ڪستو کڻي پنج ڪڻي پنندا، پيٽ گذر ڪندا وتن! سو دربانن کي چيائين ته: جيڪي مال ملڪيت گهري سو ڏيئي روانو ڪريوس. دربان هيرن جواهرن جا ٿالهه ڀري، کڻي ٻيجل وٽ آيا ۽ اچي اڳيان رکيائونس. تڏهن ٻيجل چين ته: مال دولت جو بکيو ڪو نه آهيان، راءِ کنگهار جي سر جو سوالي آهيان. دربان حيران ٿي ويا. چئي: هي وري ڪهڙي قسم جو منگتو آهي! مٺيون ڀري وٺي راءِ کنگهار ڏانهن ڀڳا ۽ وڃي ٻڌايائونس ته  ٻيجل هن طرح ٿو سر جو سوال ڪري. راءِ کنگهار جواب ڏنو ته: اڄ ڏينهن تائين مون ڪنهن به سوالي کي نااميد ڪري ڪو نه موٽايو آهي. جي هن منگتي جو سوال پورو نه ٿيو ته پوءِ ڏيهن ۾ ڳالهه هلي ويندي. اها خواري مونکي هر گز ناهي کڻڻي، ان ڪري اهو سر گهوريو ئي چڱو آهي، جنهن جي ڏني ڏاتارن جو منهن ته مٿي ٿيندو! يڪدم وٺي آڻي منهنجي روبرو ڪريوس ته سندس سوال پورو ڪريون. ائين چئي حڪم ڪيائين ته منگتي کي مون وٽ حاضر ڪريو. چوبدارن يڪدم وڃي ٻيجل کي وٺي آڻي راءِ کنگهار وٽ حاضر ڪيو. راءِ کنگهار کيس وڏي آڌر ڀاءُ ڏيئي چنگ وڄائڻ جو حڪم ڪيو. اسر جي مهل، وهاڳ جو وقت، چارڻ چنگ چوريو ته راءِ کنگهار هيڪاري موهجي پيو. آخر حڪم ڪيائينس: گُهر، جيڪي گُهرڻو اٿئي! ٻيجل چيس ته: راجا! مون وٽ خدا جو ڏنو سڀ ڪجهه آهي؛ اهي ماڻڪ موتي مون کي اُتي به ملي سگهيا ٿي، پرديسان پنڌ ڪري صرف تنهنجو سر گهرڻ آيو آهيان...ڏينم ته وڃي ڏيهن کي ڏيکاريان ۽ تنهنجي سخا جا ڳڻ ڳايان!

راءِ کنگهار ته اڳ ۾ ئي ٻيجل کي پنهنجو سر ڏيڻ قبول ڪيو ويٺو هو، پر وري به سندس آزمودي وٺڻ لاءِ چيائين ته: سون رپو جيڪي کپنئي سو کڻ، جي اڃا به راضي نه ٿين ته پوءِ منهنجي مٿي بدران سونو سر ٺهرائي ڏيئين، اهو کڻي وڃ. تنهنجو سوال به سچو ۽ منهنجي به ڳالهه رهجي اچي، باقي منهنجي مٿي وڍڻ مان ڇا هٿ ايندئي؟ اڃا به وقت ويو ڪونهي، سوچي ويچاري فيصلو ڪري وٺ! پر ٻيجل کي سواءِ سر وڍڻ جي ٻي وائي وات نه هجي.

اڃا راءِ کنگهار ۽ ٻيجل جي ريڙهه پيڙهه هلي پئي ته اها سُڌ وڃي راڻي سورٺ کي پئي؛ سا منهن مٿو پٽيندي محلات ۾ آئي ۽ ٻيجل کي چيائين ته: منگتا! کنگهار کي مارڻ مان تنهنجو ڪهڙو ڪاڄ سرندو؟ منهنجو سر وٺ، هي بادشاهي کڻ، پر مٿي وٺڻ جي پچر ڇڏ! ٻيجل وراڻيو ته: مال ملڪيت ته مون کي ٻين ڏاتارن کان به ملي ويندي، پر سر ڏيڻ وارو ڏاتار صرف هي آهي. تنهنڪري سوال کانئس اهو ڪيو اٿم ۽ سر وٺڻ کان سواءِ اصل ڪو نه موٽندس. ائين چئي ٻيجل وري به سرندو وڄائڻ شروع ڪيو. سرندي جا جادو جهڙا مست ڪندڙ آلاپ ٻڌي راڻيون به حيران ٿي ويون. نيٺ جڏهن ڏٺائون ته ٻيجل، راءِ کنگهار جو سر وڍڻ کان سواءِ خالي نه موٽندو، تڏهن رضا الاهي سمجهي روئڻ ۽ اوڇنگارون ڏيڻ لڳيون.

اها خبر جڏهن گرنار جي ماڻهن کي پئي ته انهن ۾ به روڄ راڙو پئجي ويو. امير وزير سڀ اچي گڏ ٿيا ۽ ٻيجل کي مال ملڪيت جون وڏيون وڏيون آڇون آڇي ريجهائڻ لڳا ته: اي منگتا! اسان جي منٿ مڃ ۽ راءِ کنگهار جو سر نه وڍ! پر ٻيجل جي وات اها ئي وائي هئي ته “جا مٿي تو مڻيا، تنهن سر جو آهيان سيڪڙو”. اٺ ڏينهن ۽ اٺ راتيون ٻيجل کي ريجهايائون، راڻين هار لاهي ڦٽا ڪيا. پر ٻيجل جنهن مهل ڪينرو وڄائي، تنهن مهل ماڻهو مرون، پکي پکڻ، سڀئي اچيو سر جهڪايو بيهيو رهن، ۽ ٻيجل جي اهائي صدا هئي ته سر مڱان، سر گهران، سر ري ٿئي نه صلاح.

آخر راءِ کنگهار جڏهن ڏٺو ته منگتو ڪنهن به طرح راضي نٿو ٿئي، تڏهن ڪٽار سان پنهنجو سر لاهي ٻيجل کي ڏنائين. ٻيجل راءِ کنگهار جو سر ٿيلهي ۾ وجهي، راڻين ۽ رعيت کي روئندو ڇڏي پوئتي موٽيو، ۽ هڻ هڻان ڪندو ڏينهڪ اچي اجمير ۾ انيراءِ وٽ پهتو ۽ راءِ کنگهار جو سر جهوليءَ مان ڪڍي اڳيان رکيائينس.

ٻيجل، انيراءِ کي راءِ کنگهار جو سِر ڏيئي، وعدو پورو ڪري، گهر ته آيو، پر اندر کي آرام ئي نه اچيس. سو اُٿندي سان زال کي چيائين ته: تو مون سان جاڙ ڪئي، جو راءِ کنگهار جهڙي سخيءَ جو سر وڍايئي، هاڻي آءٌ به اهڙي سخيءَ تان سر گهوريندس. بس، ائين چئي گهر کان ٻاهر نڪتو ۽ سڌو گرنار ڏانهن رخ رکيائين. زال ڏٺو ته مڙس آهي زال جو سهاڳ، هاڻ سهاڳ بنان جيئڻ ڪهڙو! سو اُها به اُٿي مڙس پٺيان ڪاهي پئي.

جنهن وقت ٻيجل زال سميت گرنار ۾ پهتو، ته ڏٺائين چندن جي ڪاٺين جي چتا ٻري رهي هئي. ٻيجل جي ڏسندي ئي ڏسندي راءِ کنگهار جي راڻي سورٺ، پنهنجي مڙس جي ڌڙ سان گڏ ستي ٿيڻ لاءِ ان ٻرندڙ آڙاهه ۾ ٽپي پئي. ٻيجل به اها حالت ڏسي ڊوڙي وڃي باهه ۾ ٽپو ڏنو. زال جو پنهنجي مڙس کي آپگهات ڪندي ڏنو، سا پاڻ به ٻيجل پٺيان وڃي باهه ۾ ٽپي. اهڙيءَ طرح راءِ کنگهار سخي، سندس راڻي سورٺ، ٻيجل ۽ سندس زال، جا ٻن جيئن سان هئي، سي پنجئي ڄڻا پساه  ڏيئي وڃي پنهنجي حقيقي پالڻهار سان مليا.


* خليفو نبي بخش خان لغاري، پير صاحب محمد راشد رحه عرف روضي ڌڻي صاحب (وفات 1233هه) جو خاص خليفو هو. سندس آخري سڪونت ڳوٺ مل تعلقي ٽنڊي باگي ۾ ٿي ۽ 1280هه/1863ع ڌاري وفات ڪيائين. پير صاحب پاڳاري جي جماعت پويان ”نار وارا خليفا“ به ڪري سڏبا آهن سندس شاعري جي شهرت، سندس سرائڪي ۾ جوڙيل ”سسئي پنهون“ سان ٿي. بيتن ۾ پنهنجو تخلص ”قاسم“ استعمال ڪيائين.

* هي بيت ”خليفي صاحب جو رسالو“، ڇپايل سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد 1966ع (ص ص 90-99) تان ورتل.

* محمود پٽ طالب ذات پلي، پاڙو آجيجاڻي درس، ڳوٺ حاجي عبدالله پليءَ جوويٺل هو، جو عمر ڪوٽ کان ٻارنهن ميل ڏکڻ طرف آهي. محمود فقير قرآن شريف جو ياد حافظ هو. سندس شادي ’ڪاٺوڙي‘ جي راڄڙن مان ٿي. فقير تي ’مل‘ نالو انهيءَ ڪري پيو جو بدن ۾ سنهو ۽ قد جو ڊگهو هو، جهڙو چئولري جو ’مل‘ (اندران چؤلرن ۾ جهل کي ڊگها ڪايا ڏبا آهن، جن مان هر هڪ کي مل چئبو آهي). کيس دوستن انهيءَ نالي سان سڏيو ته پاڻ به کڻي اهو نالو شعر ۾ آندائين. سنه 50- 1931ع ۾ وفات ڪيائين.

* ”مجمع العجائب“ مطبوع ”بلوچ ليٿو پرنٽنگ“ پريس ڪراچي سنه 1359هه تان ورتل.

[1] ڏهلي = حويلي جو دروازو، يعني حويلي، محلات.

* اُميد علي پٽ ولي محمد ذات لغاري. پاڙو بلوچاڻي، ويٺل ڳوٺ جادو لغاري تعلقو ٽنڊ الهيار. سنڌي ست درجا پڙهيل آهي. سندس ڪلام بيتن، دران، ٽيهه اکرين، مولودن ۽ خطبن تي مشتمل آهي. 1910ع/1328هه ۾ ڄائو ۽ حال حيات آهي.

* هيءَ روايت وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان ولي محمد طاهرزادي کان ملي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org