سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي مدنيت

باب؛ --

صفحو ؛ 4

 

کاڌا

آڻين ۽ چاڙهين ڏٿ ڏهاري سومرا،
منجهان لنَب ’لطيف‘ چئي چانر ڪيو چاڙهين،
پلاءَ  نه  پاڙين،  عمر  آراڙيءَ  سين.- لطيف

 

جيئن هر ملڪ کي پنهنجا پنهنجا لهجا، پنهنجا لباس، پنهنجون رسمون ريتون ،  پنهنجا راڳ روپ هوندا آهن. تيئن جي  غور سان هر قوم جو  جائزو  وٺبو ته وٽن ضرور ڪي اهڙا کاڌا به  لڀندا ، جيڪي ٻين قومن ۾ نه هوندا. جي کڻي هوندا به ته ڦير گهير سان. ائين سٻاجهڙي سنڌ  کي به ڪي پنهنجا کاڄ آهن، جي ممڪن آهي ته ٻين ملڪن سئا به نه هجن. ڇو جو غر يباڻي ملڪ ۾ ڏٿ به اَنُ، جتي وڻ ناهي اتي ڪانڊيرو به درخت !

هونءَ ته اڳي يا هاڻي پلاءَ، حلوا، سيرا، زردا، بر يانيون هيون ۽ اڃا به آهن، پر اهي شاهاڻا کاڄ،  جهانگين سانگين کي مور نه ڀانءِ پون. تنور جي ماني مرڳو گردي جو سور. دانگيءَ ٿوٻيءَ  جي مانيءَ سان لڳئي ڪونه !وري جي پٿر گرم ڪري اُن تي ماني پچائين ته سبحان الله ! ميٺاڄ ۽سواد ۾ سٺا طعام به سامهون نه سونهن.

پلاءَ، حلون، زردن کي خاص سنڌ جا طعام نه چئي سگهبو؛ ڇو جو اهي طعام ٻين ملڪن جهڙوڪ ايران، هندستان ۾ به لڀندا. انڪري هن باب ۾ انهن  کاڄن جو ذڪر ڪبو، جيڪي رڳو سنڌ ۾ ٿيندا آهن، ٻئي پاسي ٿين ئي ڪونه. جي کڻي ٿيندا به هوندا ته ساڳيءَ طرح جانه، ضرور رڌڻ  پچائڻ ۾ ڦر يل هوندا. ائين  هر گز ناهي ته انهن ڏُٿَن جي ذڪر ڪندي ڪو سنڌ جي تهذيب تي برو اثر پوندو. جي ائين هجي هاته شاهه  عبدالطيف مائيءَ جي واتان گگر ين گولاڙن، سڱر ۽ سانئن جي تعريف ڪرائي پنهنجي ساڻيهه کي ٽڪوئي ڪيم ڏئي ها. پر نه، حقيقت  ۾ انهن سادن کاڌن  مان ظاهر  ٿيو پوي ته سنڌ جي  ماڙهن کي سادي رهڻ ۽ نفس پلڻ جي ڪيتري نه عادت هوندي هئي. اهي سٻاجهڙي سنڌ جا سٻاجهڙا ماڻهو ڏٿ تي به اهڙا خوش هوندا هئا، جو امارت جي درجي تي شايد  ڪو امير خوش هجي ! اميراڻي کاڌي ۽غريباڻي کاڌي جو فرق شاهه صاحب جي ڏنل بيت مان ئي پڌرو آهي.

انهن کاڄن  مان ڪي کاڄ اهڙا به آهن، جيڪي بلڪل اڳئين زماني  ۾ تيار ڪندا به، ته ڪي ڪي. هاڻوڪي زماني جا ماڙهو ته ججهن گيهن  ۽ سٺن طعامن هوندي به ڏسندؤ ته جهڙا نسب ۽ لزون نظر ايندو. اهڙن طاقتور  کاڌن هوندي به سڌرن ئي ڪرنه، پر اڳي جا ماڻهو سڱر سانئين، پسي، پڪي جي کاڄ  تي به اهڙا ته  سٻر ۽  نمرا هوندا هئا، جو وس پڄندي کين ڪا اڳهائي اوڏي به ڪانه ايندي هئي. پسين پڪن، ڳمن ڳنڍيرن، بهن لوڙهن کي اهڙا ته ڏاٺيو بيٺا هوندا ۽ انهن مان اهڙي ته طاقت، ملين، جو وس ڪندي ويڄن وس پون ئي ڪونه ! سدائين صحتا ثمرا، نيا نمرا گذارين. ڪم جا  جانمڙد، پند جا ڇانڊا، ڪير جو کانئن ڪسر کڻي. اهو ٻل رڳو انهي کاڄ جو آهي جيڪو آهي به ڏٿ، پر ان کي کاڄ ڪريو رڌين.

ڪي کاڌا برابر اهڙا به هوندا، جن جي ٺاهڻ جو طريقو سنڌ ۾جدا هوندو، ته ٻين ملڪن ۾ جدا، پر اهو طريقو به هوندو لکڻ سکڻ جي لائق. هتي اهڙن طريقن جو بيان لکبو:

پس: گهر ۾ ڪا ڍڪي مينهن يا ڍُڳي هوندي ته ٻار پير پيا سوريندا ته ڪڏهن ٿي ويامي ۽  ڪڏهن ٿا پِس کائون. پوءِ ڳئون يا مينهن و يائي ته اور ڇڏڻ کان پوءِ، زالون يا مرد ان کي ڏهندا. اهو ٿيو پهريون پس . انهي ۾ ضرورت آهر کنڊ وجهي ڳاري پوءِ انهي کي ڪنهن تراکڙي ٿانو ۾ لاهينديون، پوءِ باهه ٻاري، ان جي مٿان ديڳڙو وڏي منهن وارو رکنديون، ان ۾ پاڻي وجهي ڇڏينديون.  ان ديڳڙي جي مٿان رکنديون پس وارو ٿالهه. پوءِ ديڳڙي جو پاڻي ٽهڪندو ته انهي جي ٻاڦ ٿالهه کي لڳندي ۽ انهي ٻاف جي گرميءَ تي پس ويندو ڄمندو، ٽڪي ٻڌندو. جڏهن صاف ڄمي ويندو آهي  تڏهن لاهي رکنديون هيٺ ٺارڻ. پوءِ ڇا ڪنديون جو پسته باداميون  جيڪي  گهر ۾ حاضر هجن تن کي ڪتر ڪري ٻرڪي پوءِ چاقوءَ يا ڇري سان ننڍا ننڍا ٽڪر ڪري کائيندا. پر ٻئي يا ٽئي پس کي ائين ڪونه ٺاهين. انهي کي وري ٻهڙ ۽ ٻرهي به چوندا آهن اهو ائين نه ڄمندو آهي، ان کي وري ڇا ڪندا آهن. جو کنڊ وجهي مٺو ڪري، ديڳڙي ۾ وجهي کڻي ٻارڻ تي رکندا. ٿوڙي وقت کان پوءِ جهڙو مال جوڀن (ماء الجبن) ٿي پوندو، لاهي کڻي  هيٺ رکندا. ٺاري پوءِ ورهائي کائيندا. چوندا آهن ته ڪوسي پس کي ڦوڪ نه ڏجي، جي ڦوڪ ڏبي ته ڦر ڪپڙا چٻاڙيندو. ٽيو پس به ائين ٺاهين. ٽئين پس کان پوءِ کير کير  ٿيو پوي پس ڪونه ٿئي.

کنهي: لاڙائي ماڙهن لاءِ ته کُنِهي هڪ عجيب کاڄ آهي. هونءَ ته وٽن ڳاڙهن چانورن جي ماني ۽ کٽي جي وٽي جي هونگ لڳي پئي هوندي آهي، پر شادي مراديءَ کان سواءِ جي کڻي زالن سڌ ڪئي ته بس پوءِ ته زالون ور کنجي بيهنديون. ڇا ڪنديون جو ٻاجهريءَ جي داڻن کي ڇڙهي ڇنڊي، پاڻي جو ٽيهو ڏينديون، وري ڇڙهينديون ڇنڊينديون. ائين هو پاڻيءَ جو ٽيهو ڏينديون ڇڙهينديون ڇنڊينديون وينديون، تان جو ٻاجهري صاف ٿي اڇي ٿي پوندي. پوءِ ڇا ڪنديون جو ديڳڙو چاڙهي بصر ۽ گيهه سان داغ ڪري ان ۾ ڳچ جهڙي مڱن جي دال وجهي، پوءِ اها صفا ٿيل ٻاجهري، اُن ۾ وجهي، ٿورو پاڻي وجهي، ڀت وانگر رڌي دم ڏئي کڻي لاهي رکنديون. ڪي زالون وري کنهيءَ کي پلاءَ وانگر رڌين. ڇا ڪن جو پلاءُ جي گوشت وانگر گوشت تيار ڪري، سو به کڻي گڏائينديون ته ويتر مزيدار ٿيو پوي. انهي کنهيءَ جو داغ ۾ ٿورا ڪٽيل ڳاڙها مرچ به گڏينديون آهن. زالون کنهي گهڻو تڻو ڪري سياري ۾ رڌينديون آهن،يا تڏهن رڌينديون آهن، جڏهن چانور کائي کائي ڪڪ ٿينديون آهن ۽ وات جي ساءَ مٽائڻ لاءِ کنهي رڌينديون آهن.

سانئين جو ڀت: چانور به چانور آهن، پر سچ ته سانئين جي ڀت سان لڳئين ڪونه! چانورن جي کيرڻيءَ کان وڌيڪ شانائتو ۽ سٺو ٿئي. هي کاڄ به ٻهراڙيءَ جي ڏوٿين ۾ عام آهي. زالون ڇا ڪنديون آهن جو سانئين کي ڏري پوءِ ڇنڊينديون آهن. ڇنڊي تُهه ڪڍي صفا ڪري، چانورن وانگر ڌوئي، گهڙي کن پسائي رکنديون آهن. پوءِ ڇا ڪنديون آهن جو ديڳڙي ۾ پاڻي وجهي، کڻي رکنديون ٽهڪائڻ لاءِ چلهه تي. جڏهن پاڻي ٽهڪي رهندو، تڏهن اهو پسايل سانئون ٿورو ٿورو ڪري انهيءَ ٽهڪندڙ پاڻيءَ ۾ وجهنديون به وينديون ۽ زورائتي ڏوئي به هڻنديون وينديون. جڏهن سانئون گهاٽو ٿي تيار ٿيڻ تي ايندو،تڏهن منجهس قدر آهرگيهه ۽ کنڊ وجهي، هلائي هلائي لاهي کڻي رکنديون اٿس هيٺ. پوءِ ٺڪرن جي پاٽين ۾ وڌائي رکنديون ٺرڻون. پوءِ اهو سانئين جو ڀت جهڙو ٺهي کير سان، تهڙو ڌونري سان. ڏاڍي مزي ۽ چاهه سان کائينس. جي پاروٿو ڪري صبح جو کائينس ته اڃا به سٺو ٿيو پوي. رات جو ٺريو ڄميو ٽِڪي ٿيو پوي.

ائين ڪِرنگهه ۽ چيڻي جو ڀت به رڌيندا آهن، پر ڪِرنگهه ۽ چيڻو ڇڙهڻ ۾ ڏاڍا ڏکيا ٿيندا آهن. مُهريءَ جو ڌڪ لڳو ته ڪڻو ڪڻو ٿي ويندا، پر سنڌ جون زالون به ٿين ڏاهيون، سو ڇا ڪن جو اُکريءَ ۾ تُهه وجهيو ڇڏين،. تهن جي ڪري چيڻو يا ڪرنگهه اڏامڻ کان بچيو وڃي، وري ڇنڊن مهل تاريو پوءِ ڪڍيو ڇڏين.

پسي: ڪرڙ جيتوڻيڪ ڪَڙو آهي، پر ڏوٿين لاءِ وڏي وٿ آهي. ڪرڙ جي ڪچڙي ڪچڙي ٻونگر کي ساڳ ڪريو چاڙهين. پُسيءَ ۽ ڏؤنرن جو ٻوڙ ڪن. ڏؤنرن جو آچار به سنڌين پڪن مان وري تاهري چاڙهين. پسي زالون هيئن رڌينديون آهن، جو ٻاٽي پسي پٽي، سوئي ٺاهي ديڳڙي ۾ وجهي، ان ۾ پاڻي وجهي چاڙهي ڇڏينديون ٻڙڪائڻ. جڏهن پاڻي باقي وڃي، اڌرهندو، تڏهن وري ٻيو پاڻي وجهنديون. ائين ٻه ٽي دفعا پاڻي وجهنديون، پوءِ پسيءَ کي اونڌي ڪنهن تڏي تي پکيڙي ڇڏينديون ته ڦڪري ٿئي. صبح جو اٿي ديڳڙو چاڙهي انهيءَ ۾ ڇليل ٿوم ۽ گيهه وجهي داغ پچائينديون. پوءِ اها اونڌيل پسي ڌوئي صفا ڪري، ڏاڙهن مرچن ۽ ڪٽيلن ڌاڻن سان گڏي کڻي وجهنديون ديڳڙي ۾. گهڙي کن رڌي پوءِ لاهي رکنديون هيٺ بس پوءِ ته پسي اهڙي ٿي پوندي، جو پلاءُ ڇڏجي پر پسي نه ڇڏجي. وڏن وڏن طعامن سان ڪلهو هنيون بيهي. هيءَ کاڌو به ٺپ ٻهراڙين ۾ عام آهي. شهر وارن کي انهي ساءَ جو واءُ به ڪونهي.

ڏؤنرا: ٻهراڙيءَ وارن لاءِ ڪرڙ تي ڪَڙي هوندي به سڄو ٻوڙ ٿيو پيو آهي. ڪرڙ جي ڪچڙي ٻونگر، ڏؤنرن ۽ پسيءَ مان ٻور رڌين،. وري پڪن جي مٺاڻ مان تاهري ٺاهين. ڏؤنرن کي هيئن ٻوڙ ڪندا آهن، جو ڪرڙ جا ڪچڙا ڪچڙا ڏؤنرا پٽي انهن کي ديڳڙي ۾ وجهي رکندا ٽهڪڻ لاءِ. ائين ٻه ٽي دفعا ٽهڪائيندا ته ڪڙاڻ مرين. انهي ٽئي پاڻي ۾ قدر آهر لوڻ به وجهندا آهن. پوءِ ستن پاڻين مان به اُڇلائيندا آهن. ائين ڪڙاڻ مارڻ کان پوءِ ديڳڙي ۾ ٿوم گيهه وجهي، داغ پچائيندا پوءِ انهيءَ داغ ۾ مرچ، ڌاڻا، ڪئٽيل ڏاڙهيون، قدر آهر  وجهي ان ۾ وجهندا ڏؤنرا. ڏؤنرا اڳ ۾ ئي ڳريا پيا هوندا، پوءِ ٿورو وقت باهه تي رکندا آهن، بس ٻوڙ تيار . ڀائنجي ته پلي ۽ گوشت کي ڇڏي ڏؤنرن جو ٻوڙ کائجي، هي ٻوڙ به ڏاڍو مزيدار ٿيندو آهي.

 ڪي زالون وري ڏؤنرن جو سانڌاڻون ٺاهين. سنهڙن ڪَڇڙن ڏؤنرن کي ٽن پا‎ڻين ۾ زورائتو ٽچڪائينديون آهن. پوءِ ڪنهن کٽي ڪُني ۾ اهي ٽچڪايل ڏؤنرا، قدر آهر مرچ هرٻو، تيل وجهي منهن ٻڌي کڻي رکنديون اُس ۾، بس ٽن ڏينهن کان پوءِ سانڌاڻون تيار، آئيءَ ويل ماني رُکي راڙي هوندي ته سانڌاڻي سان کائينديون.

پڪا: ڪرڙ جهي پڪن مان وري تاهري ٺاهين، زالون هيئن ڪن، جو وڏا ڳاڙها پڪل پڪل پڪا چونڊي، انهن جون ويهي کلون لاهينديون. پوءِ اندريان ٻجن جا ڳوڙها گڏ ڪري، ڪنهن ٿانوَ ۾ وجهي ميڌيئڙو هڻندن، تان جو ٻج جدا ٿي ويندا، ۽ ڳڙ ڳري رس ٿي پوندي، پوءِ ڇا ڪنديون، جو انهي رَسَ ۽ ٻجن کي ڪنهن پرڻ يا ڪپڙي مان ڇاڻي ٻج اڇلائي ڇڏينديون ۽ رس ڍڪي ٺاهي رکنديون. هوڏي وري ڇا ڪنديون، جو رس آهر چانور ڇنڊي، چونڊي، ڌوئي، پسائي رکنديون. ٿوري وقت پسڻ کان پوءِ ديڳڙيو چاڙهي، ان ۾ گيهه ۽ ڦوٽا وجهي ٽڙڪائينديون، پوءِ انهيءَ ۾وجهنديون پڪن جي رس، پوءِ وجهنديون پسيل چانور، پوءِ قدر آهر لوڻ وجهي، رڌي ڏاڍو دم ڏئي ڇڏينديون، دم اچڻ کان پوءِ تاهري تيار. ڀانئجي ته زردو چاشني ڇڏي، پڪن جي تاهري ويهي کائجي، جنهن ۾ ساءُ به سٺو، خرچ به ڪونه، نه ڳڙ وٺڻو پوي نه کنڊ پڪن سان ته ڪِرڙ ڀريا پيا هوندا آهن. رڳو چونڊڻ جي دير هوندي آهي.

ڏريو: غريباڻو ڏَريو ته ايترو مشهور آهي، جو اڄڪلهه جا ڊاڪٽر به سفارشون ڪندا آهن ته  ”هلڪو کاڌو کائيج“، ”ڪڻڪ جو ڀت سٺو اٿئي“، ڏريو ٿئي وري اهڙو جو ٿورو رڌ ته ويجهي ويجهي گهڻو ٿي پوندو، ويجهه ته ايتري اٿس جو لپ ڪڻڪ جي گهر ڍايو ڇڏي.

زالون، ڏريو هيئن رڌينديون آهن. ڇا ڪنديون آهن، جو ڪڻڪ صفا ڪري، گهڙي کن پسائي رکي ڇڏينديون . جڏهن ڪڻڪ گهمجي ويندي، تڏهن وري ٿوري وائکي ڪري رکي ڇڏينديون ڦڪهري ٿيڻ کان پوءِ، جنڊ کي ٿورو هلڪو ڪري ججهو ڳارو وجهنديون، ته ڪڻڪ ڏرجي اڌو اڌ ٿي پوندي پوءِ انهيءَ ڏريل ڪڻڪ کي سچو ڏينهن پسائي رکنديون، ته هڏ مريس. پوءِ ڇا ڪنديون جو ديڳڙي ۾ گيهه ۽ ڦوٽا وجهي ٽڙڪائينديون آهن،پوءِ انهيءَ ۾ اها پسيل ۽ ڏريل ڪڻڪ وجهي قدر سارو کنڊ ۽ لوڻ وجهي، ٿورو پاڻيءَ جو ٽهڪو ڏئي، پينهن وانگر دمي کڻي ڇڏينديون آهن. ٿوري وقت جي دم کان پوءِ لاهي رکنديون. پوءِ وڌائي ٺاڙي کائينديون. اهو ڏريو به جهڙو ٺهي کير سان، تهڙو ڏڌ سان.وري جي پاروٿو ٿئي ته هيڪاري ساءُ وڌي وڃي.

پينهون:خاص ڪري سنڌ جو کاڄ آهن. گهڻو ڪري سرند گهرن ۾ ٺاهيندا آهن، پينهون،سارين کي اوٻاري ڀڃي پوءِ ننگهه ۾ڪُٽي ٺاهيندا آهن، پر لاڙائين پٽ ۾ غريبن جي گهرن ۾ به آئي وقت لاءِ ضرور رکيل هوندا آهن، پينهن کي زالون ڪڏهن عام طرح رڌينديون آهن، ڪڏهن چنگالي ڪري ڪڏهن وري پسائي کير سان کائينديون آهن.

سنڌ جون زالون عام طرح سان پينهون هيئين رڌينديون آهن: ڇا ڪنديون آهن، جو پهرين پهرين پينهن کي ڇنڊي چونڊي، ٻرٽ ڪڍي، هڪ پاڻيءَ مان آڇلائي، ٻئي ۾ ٿورو وقت پسائي رکنديون آهن. هوڏي ديڳڙي ۾ گيهه ۽ ڦوٽا وجهي ٽڙڪائينديون آهن. پوءِ انهيءَ ۾ پسيل پينهون وجهي، مٿان قدر آهر کنڊ وجهي، ٿورو پاڻيءَ جو ٽيهو ڏئي ڇڏي ڏينديون. ٻه گهڙيون سهي، پوءِ ديڳڙي کي دمي ڇڏينديون آهن. پوءِ ديڳڙو لاهي، تر ٺرڻ  کان پوءِ وڌائي ڏينديون وينديون، پر جي چنگالي رڌڻي هوندين ته ائين پسيلن پينهن کي ٽڙڪايل گيهه ۾وجهي، کنڊ ۽ گيهه ٻيو به جام وجهنديون آهن، پاڻي جو رڳو نالو هوندو آهي، پوءِ پينهون گيهه ۽ کنڊ جي چاش ۾ رجهي تيار ٿي ويندا آهن. انهيءَ چمنگاليءَ کي عام پينهن وانگر دم ڪونه ڏين.

چنگالي وري اهڙي ڳري ٿئي، جو ٿوري کائڻ سان ڍوء ٿيو وڃي، ڀلا ايترو گيهه ۽ کنڊ ڪٿان ٿي کاڌي ٿئي! پر زالون رڳو اهو کاڌو سهنج ڪري رڌينديون آهن.

وري هلڪو کاڌو، به پينهن کان پوءِ بس آهي، سو وري هيئن ته ڇاڪنديون آهن، جو پينهن کي گهڙي کن پسائي رکنديون آهن ته هڏ مرين پوءِ مٺو کير ڪري، انهيءَ ۾ پينهن مان پاڻي ڪڍي اهي پينهون وجهينديون کير ۾، گهڙي کن کان پوءِ واه جا ٿيو پون، بنان باهه جي کاڌو تيار!

پلو: سنڌ جو پلو چئي کڻي دنگ ڪريو! هونءَ ته پلو سمنڊ جي ڪنارن تو گوادر ڏي ۽ هندستان ڏي به گهڻو مرندو آهي، پر سنڌ جي مٺي پاڻيءَ جي پلي سان لڳئي ڪونه ! پلي کان وڌيڪ ڇيلري- مڇيءَ ۾ لذت واري ٻي ڪابه مڇي ڪانهي. سنڌ ۾ جڏهن ٿورو سيارو مُڙندو ۽ درياءَ جو ٿورو پاڻي چڙهندو آهي، ته پلو وري سمنڊ کان مٿي درياءَ تي چڙهڻ شروع ڪندو آهي، درياءَ ۾ اچڻ مهل پلو ننڍو هوندو آهي. جڏهن مٿي چڙهندي،حيدرآباد کان مٿي مٽيندو آهي، تڏهن جوان هوندو آهي جنهن کي ”کيرو“ پلو چوندا آهن. وري جڏهن سکر تائين پهچندو آهي، تڏهن پڪو پلو ٿي ويندو آهي، جنهن کي آڃارو (آنيارو- آنيءَ وارو) چوندا آهن، بس سکر وٽ پهتو ته تيرڻ (آنا لاهڻ) شروع ڪندو.

ڏٺو ويو آهي ته پلو ڪوشش ڪري مٺي پاڻي ۾ آنا لاهيندو آهي. انهي ڪري سياري کان پوءِ ٿورو پاڻيءَ چاڙهيڪو ڏنو، ته پلي اوڀارو درياءَ ۾ سيرڻ شروع ڪيو. پوءِ انهيءَ ڪوشش ۾ هوندو آهي ته کاري پاڻيءَ کان جيترو مٿي ٿي سگهي اوترو مٿي مٺي پاڻيءَ ۾ آنا لاهيان. انهيءَ ڪوشش ۾ اوڀارو ڏاڍو تکو سيريندو آهي، ايتريقدر جو اڄڪلهه ڄام شوري وٽ براج ٻَڌڻ جي ڪري، پلو درن ۾ اهڙو زور سان اچيو ٿو لڳي جهڙي گولي! پلي جو منهن اڌو اڌ ٿيو پوي. ائين اڳي پلو مٿي چڙهندو هو، پر سمنڊ کان نڪرڻ ۽ سکر تائين وڌ ۾ وڌ پهچڻ سان تيرڻ جي لائق ٿيو پوي، انڪري اتان ئي آنا لاهڻ شروع ڪريو ڏئي، انڪري سکر کان مٿي ڪونه چڙهي پر انهيءَ کان اڳ ماري، وري تڙ نهاريو بيٺا هوندا آهن. ڪي سنڌين سان، ڪي گهاون ۽ ڀنن سان، پوءِ جيڪي پلا سمنڊ مان آيل مرندا، ۽ تڙ جي مهاڙ ۾ هوندا، سي سڀ کيرا هوندا آهن، ۽ جيڪي مٿان موٽندي، تڙ جي پڇاڙيءَ ۾ مرندا آهن، سي آڃارا هوندا آهن، تيرڻ واري پلي کي ”ڪيرو“ سڏين، پر جيڪو پلو اوڀارو هلندو آهي، ان کي ”سانڍيارو“ سڏين سانڍيارو، کيرو پلو هوندو آهي. ورڻ مهل انهيءَ کي ڪيرو سڏين، ڇو جو ورڻ مهل سندس آنيون ڀرجي وينديون آهن، ۽ تيرڻ شروع ڪندو آهي، کائڻ مهاڙ وارو سانڍيارو پلو جنهن کي کيرو پلو چون، وڌيڪ لذيذ ٿيندو آهي.

پوءِ ائين پلا درياءَ ۾ مٿي چڙهندا سکر تائين تيرڻ جهڙا ٿي ويندا آهن ۽ اتان درياءَ ۾ تيرڻ شروع ڪري ڏيندا آهن، وري اهي پلن جا آنا آهستي آهستي درياءَ جي وهڪ سان لڙهندا لڙهندا سمنڊ ڏي ايندا آهن، تان جو سمنڊ ۾ پوڻ کان اڳ مٺي پاڻيءَ ۾ ئي ڦٽي پوندا آهن، ۽ انهن مان ننڍڙيون پلئڙيون نڪرنديون آهن،جيڪي پاڻ بچائينديون بچائينديون درياءَ جو ڪنارو وٺي، سمنڊ ڏي ترنديون وينديون آهن. اهو وقت وري هوندو آهي، ذري گهٽ پاڻيءَ جي ڇِينهرن جو پوءِ اهي ننڍڙيون پلئڙيون ڪجهه وڏيون ٿي، وڃي پنهنجي اباڻي پاڻيءَ سمنڊ ۾ پونديون آهن. جتي سياري جا ڏينهن گذاري جوان ٿي، وري پاڻيءَ جي چاڙهيڪن جي ڏينهن ۾، مٿي درياءَ ۾ آنن لاهڻ لاءِ چڙهنديون آهن.

ممڪن آهي ته ٻين دريائن ۾ به ائين سمنڊ کان پلو چڙهندو هجي، پر ههڙو لذت وارو پلو ڪٿي به ڪونه ٿئي! ممڪن آهي خط استوا کان پورو پُنو دور هئڻ ڪري، يا انهيءَ زمين جي ڪري، جنهن مان درياءُ لنگهندو هجي، ان جي اثر ڪري پر پلو لذيذ ڏاڍو ٿو ٿئي!

سنڌ ۾ به طرح طرح سان پلي کي کائين. پچائي، سيئي، ٻوڙ رڌي، پلاءُ ڪري، تري، ڪوڪ ڪري، واريءَ ۾ پچائي، مطلب ته عجيب عجيب نموني سان کائينس. پلي جو سٺي ۾ سٺو کائڻ جو حصو آهي پيٽارو (پيٽ) ٻيو نمبر ڦري، پلي جي ڦوٽن جو وري پِتو ڪڍي ڌوئي تري کائين، ائين آنيون به تريندا آهن، يا پلاءُ ڪندا آهن، يا آنين جو جدا ٻوڙ به رڌين. پلي جي پيٽاري تي ته مورڳو پهاڪو به ٺهيل آهي ته ”جن کاڌا پلن جا پيٽارا، تن جا هينئڙا ويچارا“

ڪوڪ پلو: پلي کي ڪوڪ ڪرڻ کان اڳ ڇا ڪندا آهن،جو پيٽ ڀر چيرائيندا آهن. پر پلو کيرو وٺندا آهن، ڇو جو کيري پلي ۾ ساءُ سٺو ٿيندو آهي، ۽ پاسيرو سيرائيندس، پوءِ انهي مان ڪليون، ڦوٽا، ۽ کيريون ڪڍي صفا ڪري، ڌوئي ٺاهي، پوءِ اڱر ڌڳائي، ان تي پلو ڪوڪ ڪرڻ واري منجڻ رکي، ان تي کڻي پلي کي پيٽ ڀر رکندا، ۽ ٻارڻ کي ماٺو ڪري ڇڏيندا. جڏهن ماٺي ٻارڻ تي پيٽ وارو پاسو ترجي ويندو، تڏهن وري اٿلائي رکندا ڇيلرو پاسو. مٺي سيڪ تي سيڪيندا به ويندا ۽ مٿئين پيٽ واري پاسي تي مکڻ به لائيندا ويندا. ائين تريندا به ويندا، مکڻ به کڻائيندا ويندا، تان جو پلو سڄو ٽانڊن جي مٺي ٻارڻ تي ترجي تيار ٿي ويندو. پوءِ پڇاڙيءَ واري اٿلاڻي تي ڇا ڪندا، جو قدر آهر کٽا ڏاڙهون، ڪارا مرچ، ڪٽيل ڌاڻا گيهه ۾ گڏي ٿورو ٿورو ڪري سيرن ۾ ڏيندا ويندا آهن، تان جو مسالو پلي سان هڪ ٿي ويندو آهي ۽ هيٺيان پلي جا ڇلر ڳاڙها ٿي ويندا آهن، پوءِ لاهي رکندا اٿس رڪيبيءَ ۾.

سنڌ جو هي ڪوڪ پلو، پلي-مڇي هي سڀني ٻوڙن کان سٺو ۽ ساءَ وارو ٿئي. اهڙو ته کٽڙو ۽ چهرو ٿئي، جو ڀائنجي ته پيو کائيجيس، ڪوڪ پلي سان وري اڦراٽا ٺهن، چانورن يا جوئر يا باجهريءَ جي مانيءَ سان اهڙو مزو ڪونه ڪري نڪي وري ڀت سان. جيئن سنڌ ۾ مانين رکڻ لاءِ دٻڪيون ٿينديون آهن، تيئن پلي کي وري هالا جي ڪاشيءَ مان ٺهيل ٺڪر جي سڻڪن ۾ رکي کائين.

واريءَ جو پڪل پلو: واريءَ جي پڪل پلي ۾ به واهه جي لذت ٿيندي آهي. پر سچ ته هي آهي ته پلي کي ڪوڪ ڪرڻ لاءِ يا واريءَ ۾ پچائڻ لاءِ ڪنهن هاڻي جو هٿ ئي ٺهندو آهي.

مهاڻيون واريءَ ۾ پلو هيئن پچائينديون آهن. ڇا ڪنديون آهن، جو کيرو تازو پلو آڻي، انهيءَ کي چيري سيرون ڏئي ڪليون ٻليون ڪڍي، ڌوئي ڌمالي، صاف ڪري، سنهڙو ڪتريل بصر، قدر آهر ڪُٽيل مرچ، ڌاڻا، ڏاڙهون کٽا، گڏي ڪٽينديون، ڪُٽي اهو سنهون مسالو سيرن ۾ ڏئي، پلي جا ٻئي اڌ پاڻ ۾ ملائي بند ڪري، مٿان ويڙهينديس ڌاڳا، اهڙيءَ طرح جيئن مسالو ٻاهر نه نڪري. پوءِ ان جي مٿان رَڇ جو ٽڪرو ويڙهي ان جي مٿان وري ڪپڙو آلو ڪري اهو ويڙهينديون. پوءِ وري ڇا ڪنديون آهن، جو واريءَ تي ڪک ڪهڄر رکي باهه ٻارينديون ته واري گرم ٿئي. جڏهن واري گرم ٿي ويندي، تڏهن ان ۾ اهو پلو پوهي ڇڏينديون آهن. ڪجهه وقت پوهڻ کان پوءِ ڪڍنديون پلي کي ٻاهر، ته پلو پاڻيهي پنهنجي ئي مسالي جي رس ۾ ٺهي تيار ٿي چڪو هوندو. پوءِ ڪپڙو رڇ ۽ ڌاڳا وغيره لاهي، ويهي کائينديون ۽ کارائينديون. هن طريقي سان پلي پچائڻ جو رواج رڳو سنڌ ۾ آهي. اهڙو پڪل پلو واهه جو سوادي ٿئي.

پلي لاءِ ميربحرن جو چوڻ آهي ته نه ڌوئيجيس ته چڱو رڳو ڪليون ۽ پِتو ڪڍجيس لاچار ته ڦوٽو کيريون ۽ آنيون به کڻي ڪڍجنس. جي نه، ته ضرورت ناهي. ميربحر جڏهن پلن مارڻ تي هوندا آهن ۽ پاڻ پنهنجي ماني تيار ڪندا آهن، تڏهن ڇا ڪندا آهن، جو پلو چيري صفا ڪري وهندڙ درياءَ مان رڳو هڪڙو ٽوپو ڏيارينس، پوءِ کڻي وجهنس ديڳڙي ۾. اهڙي ذري گهٽ اڻ ڌوتل پلي ۾ ڏاڍو ساءُ ٿئي. اهڙو پلو جهڙو پلاءَ ۾ سوادي ٿئي تهڙو ٻوڙ ۾. لاڙ ۾ لوڻيا پلا، جن کي کارا پلا چون عام استعمال ٿين.

آنين جو ٻوڙ: پلي جو ٻوڙ به سٺو ٿئي، پر آنين جو ٻوڙ به پنهنجو مٽ پاڻ ٿئي، هونءَ ته آنين کي تريندا به آهن ته سيئيندا به. پر آنين جو خاص ٻوڙ سڀني کان سٺو ٿئي، زالون ڇاڪنديون آهن، جو تازيون تازيون آنيون وٺي، انهن جا ڳترا ڳترا ڪري ٿوري پاڻيءَ مان اُڇلائينديون. ڇو ته جي گهڻو ڌوئينديون ته آني ذرا ذرا ٿي، رڌڻ کان اڳ ئي ڳري  ويندي. پوءِ ڇا ڪنديون، جو ديڳڙي ۾ ججهو بصر سنهي ڪتر ڪري گيهه سان گڏ چاڙهينديون باهه تي. پوءِ بريان وانگر پچائي، ان ۾ وجهنديون مرچ، ڌاڻا، ڏاڙهون سڀ ڪُٽيل، قدر آهر وجهي، ٿورو پچائينديون. مسالي جي پڪي ٿيڻ کان پوءِ آنيون وجهينديون ۽ ٿورو پاڻي به گڏي ڇڏينديون. بس ڪجهه وقت ٻڙڪي کائڻ کان پوءِ ان ۾ ڏاڙهن جي لاس وجهي، لاهي کڻي رکنديون. اهو ٻوڙ به اهڙو ته سٺو ٿو ٿئي، جو وڃي ٿيا خير!

سئانجهڙو ۽ جهل: ٻهراڙيءَ ۾ مارو ماڻهو جڏهن رُکاڻ کان ٿڪبا آهن، تڏهن ساءَ مٽائڻ لاءِ ڪونه ڪو ٻوڙ ضرور رڌيندا آهن. ٻيو ڪونه ته سئانجهڙو يا جهل ئي سهي. سئانجهڙي يا جهل کي به ڏؤنرن جي ٻوڙ وانگر رڌيندا آهن.

زالون ڇا ڪنديون آهن، جو سئانجهڙي يا جهل جو ڪَچڙو ٻُور پٽي، ان کي ٻن- ٽن  پاڻين ۾ ٽهڪائين ته ڪڙاڻ مرين. پوءِ پاڻيءَ مان ڇاڇلائي، ڌوئي ڌمالي مسالي سان گڏ رڌين، جيئن ڏونرا رڌبا آهن،جن جو ذڪر هن ئي باب ۾ گذري چڪو آهي.

سڱر: مارو ماڙهو ڪڏهن ڪڏهن ته ڪَنڊيءَ جي سڱرن کي به رڌي ڏاڍي چاهه سان کائين. جو به اڻهوند واري وقت کي چڱو نڀايو وڃي. ٻهراڙيءَ جون زالون ڇا ڪنديون آهن، جو ڪنڊي جا ڪچڙا ڪچڙا سڱر پٽي، انهن کي گوار وانگر پاڻيءَ ۾ اُٻارينديون آهن. پوءِ انهن کي اونڌي،پاڻي ڪڍي، پوءِ ڇا ڪنديون جو ديڳڙي ۾ گيهه ۽ ڇليل ٿوم وجهي، ٽڙڪائي ٽڙڪائي اُن ۾ کڻي وجهنديون اونڌيل سڱر، پوءِ ڏوئيءَ سان چٿي چِٿي، پوءِ لاهي رکندس هيٺ. پوءِ وڌائي ڏينديون وينديوون. انهيءَ نموني سان لُلر، مليرڙو، پلي ۽ سرنهن جو ساڳ وغيره به رڌين.

ناپي جي ماني: اُن کان سواءِ، لاڙي زالون ناپي جي اَنَ مان ماني پچائين. ڇا ڪنديون آهن، جو ڌنڌن مان ڪوڻيون ڪڍي، انهن کي ڦوڙي، انهن جي اَنَ کي سڪائينديون، پوءِ انهيءَ کي پيهي ماني پچائين.

وري ٻهراڙين ۾ کنڀيون به چاڙهين- مينهن وڳيءَ کان پوءِ تازيون تازيون ڪچڙيون ڪچڙيون کنڀيون پٽي، انهن کي ڌوئي اُڀو چيري يا ٽڪر ٽڪر ڪري ترين يا ديڳڙي ۾ گيهه ٽڙڪائي مسالا وجهي، اهي کنڀيون ٽڪر ٽُڪر ڪري يا اڀيون چيري، ٿوري پاڻيءَ سان رڌين، اهو ٻُوڙ به سٺو ٿئي.

چڀڙ ۽ ريڀڙيون: ائين وري ريڀڙين ۽ چڀڙن جون ڪَچريون ٺاهي سڪائي رکن. آئيءَ ويل انهن کي رڌي کائين، جنهن کي ٻهراڙيءَ ۾ ”آراڙو“ چون؛ جيئن لطيف گهوٽ به چيو آهي ته:

پلاءَ نه پاڙين، عمر آراڙي سين.- لطيف

ائين پيا به اڳئين زماني ۾ گهڻيئي کاڌا هوندا هئا. پر هاڻي اهي ڪونه رجهن، باقي هي خاص سنڌي کاڌا به باقي وڃي رهيا آهن.جيئن جيئن ماڻهو وڃي شهري ٿيندا، تيئن تيئن پراڻن اباڻن ڏاڏاڻن کاڌن کي وڃن وساريندا.

مهاڻيون وري پلن کي لوڻي رکي ڇڏين. آئي ويل انهن کارن پَلن کي رڌي پچائي يا سيئي کائين، ائين وري جتڻيون زالون، اوٺي کير ۾ چانور رڌي ٺاري کائين، وري اُٺين جي کير کي ڄمائي رکن،انهيءَ ڌونري کي دوڳ ( دوغ) چون.

ٻاجهريءَ جي ڪُٽيءَ جو ته اڄ به عام رواج آهي، شل نه نئين ٻاجهري لهي. نئين وَٽَ ضرور ڪنديون. آئين پنجيري به ٺاهين،ته کاڙي زالون وري ڏونگهي ڪَتل ڪُٽي اهو به رکن ان مان به ذرو ذرو ڪر کائن ڪي زالون وري ڀُڳل سَنين ۾ گوشت وجهي، چهريون ڪري پلاءَ وانگر رڌين ۽ کائين. ائين بُسري به خاص سنڌ جو طعام آهي. اٽي جي ٻن پڙن ۾ کنڊ وجهي ماني پچائين،تنهن ۾ ججهو گيهه وجهي کائين. وري ٻاجهريءَ جي اٽي ۾ سنهو ڪتريل بصر مرچ وجهي پچائي کائين ته ڳنڌڻ جو ڳنڌڻ مانيءَ جي ماني. اهي آهن سنڌ جا خاص خاص طعام، جن جو ذڪر ڪيو ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org