سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: تحقيق جو فن

باب: --

صفحو : 10

انومان ڇا آهي Hypothesis

تحقيق ٿيندڙ مسئلي سان ڪنهن نه ڪنهن طرح واسطو رکندڙ ڪي حقيقتون ذهن ۾ اڳي سوچيل ويچاريل هونديون آهن، جن جي مدد سان مسئلي جي خاصيتن جي ڪا نه ڪا ترتيب مقرر ڪئي ويندي آهي. اها آزمائشي ترتيب هوندي آهي، جنهن جي مدد سان مسئلي جي خاصيتن جي جانچ ڪئي وڃي ٿي ۽ انهيءَ ”آزمائشي ترتيب يا فرض ڪيل ڳالهه يا گمان کي انومان (Hypothesis) چيو وڃي ٿو“ (7) يا ائين چئجي ته انومان اهو وقتي ويچار يا خيال يا رٿ هوندي آهي جيڪا ڪنهن مسئلي جي حل لاءِ قبول ڪئي وڃي ٿي، ته مسئلو ڇا آهي؟ جڏهن به ڪنهن مسئلي کي پرکيو وڃي ٿو ته انهيءَ وقتي ويچار کي مسئلي جو بنياد بنائي پرکيو  وڃي ٿو ۽ اهڙي طرح مسئلي جي سچ يا حقيقت کي ڳوليو وڃي ٿو. ۽ جڏهن انومان جي پرک مڪمل ڪئي ويندي آهي، تڏهن اهو سچ يا حقيقت اصول جي روپ ۾ ظاهر ٿيندو آهي. ڪڏهن ڪنهن مسئلي جون ڪي نيون حقيقتون ڪنهن نه ڪنهن طرح ڪيترن ئي انومانن کي پرکڻ کان پوءِ ظاهر ٿينديون آهن، جيڪي ڪڏهن غلط ۽ ڪڏهن صحيح ٿينديون آهن. اهڙي طرح جيڪي به حقيقتون اڄ تائين تحقيق جي مدد سان اسان تائين پهتيون آهن، اهي غلط يا صحيح جيئن به ظاهر ٿيون آهن. تمام گهڻي تجزئي ۽ پرک کان پوءِ قبول ڪيون ويون آهن.

انومان ڪن وجودي حقيقتن جي حالتن جي ذهن ۾ هجڻ ڪري خيال ۾ ايندو آهي، جن جو تعلق ٻين مسئلن سان هوندو آهي، جيڪي مسئلي کي پرکڻ لاءِ ڪم ايندا آهن. اهي مسئلا زندگي ۾ اڳي پرکيل هوندا آهن ۽ انهن تي تحقيق ٿيل هوندي آهي ۽ انهن جي مدد سان آئينده جي تحقيق جي رهنمائي ٿئي ٿي ۽ نئين تحقيق ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي. اهڙي طرح تحقيق ۾ انومان (Hypothesis) ڪنهن آزمائشي گمان، فرض ڪيل ڳالهه يا ڪنهن خيالي سوچ کي چيو وڃي ٿو، جنهن جي مدد سان مسئلي جو نتيجو ڳوليو وڃي ٿو.

هر ڪنهن تحقيق ۾ انومان جي اهميت گهڻي هوندي آهي ڇو ته انومان جي مدد سان ئي ڪنهن مسئلي جي لاءِ اڻ سڃاتل مواد کي گڏ ڪري پرکي سگهجي ٿو ۽ مواد جي ترتيب کي سهڻو بنائي سگهجي ٿو. جيترو انومان اعليٰ يا سٺو هوندو اوترو ئي مواد کي سهڻي ترتيب ڏئي سگهبي ۽ مواد کي گڏ ڪري، مواد جو تعلق ۽ سلسلو عمدي نموني ۾ پئدا ڪري سگهبو، يا ائين چئي سگهجي ٿو ته سٺو انومان اهو ئي آهي، جنهن جي ڪري گهڻي معلومات ملي، مواد جي ترتيب سهڻي ٿئي ۽ مواد جي ورهاست اعليٰ انداز سان ٿي سگهي.

سٺو انومان ڳولڻ

ڪنهن تحقيق جي حقيقت ڳولڻ لاءِ؛ اهم ڳالهه هوندي آهي، سٺي انومان کي هٿ ڪرڻ، جنهن جي مدد سان حقيقت جون حالتون ۽ تعلق رکندڙ مسئلا ظاهر ڪري سگهجن. پر جي انومان سٺو نه هوندو ته پوءِ وڌيڪ وقت لڳندو ۽ وڌيڪ قوت استعمال ڪرڻي پوندي يا سٺي انومان نه هئڻ ڪري مسئلي جي حل ڪرڻ ۾ غلطيون ٿينديون ۽ تحقيق ڪرڻ ۾ گهڻو وقت لڳندو. تنهنڪري تحقيق جي حقيقت جي ڳولا لاءِ اهو ضروري هوندو آهي ته نه رڳو انومان هٿ ڪجي، پر سٺو انومان حاصل ڪجي. سٺي انومان حاصل ڪرڻ لاءِ ڪارٽر - وي - گڊ (Carter .V .Good) لکي ٿو ته :8(The original mind is the well informed mind) يعني اهڙو ذهن جيڪو مسئلي جي ادبي پهلو يا مسئلي جي تحقيقي دائري بابت پوري معلومات رکي ٿو، اهوئي مسئلي جي حقيقت جي اصليت جي ڳولا لاءِ ضروري هوندو آهي. يعني ڪنهن به مسئلي جي تحقيق لاءِ تحقيق ڪندڙ کي انهيءَ بابت مواد لاءِ مڪمل معلومات هئڻ ضروري آهي ته جيئن هو ڪو به انومان سوچي سگهي يا انومان جي پرک لاءِ مواد کي هٿ ڪري سگهي. اهو انهيءَ لاءِ به ضروري آهي ته حقيقت کي ڳولڻ لاءِ اهو ضروري هوندو آهي ته مسئلي جي هر ڪنهن پهلوءَ کي پرکيو وڃي ۽ پرک دوران ڪابه مشڪل محسوس نه ڪئي وڃي، تنهنڪري انومان اهڙو چونڊيو وڃي جنهن جي مواد گڏڪرڻ ۾ ڪوبه مونجهارو درپيش نه اچي. جيئن ڪو ڊاڪٽر ڪنهن به مريض جي حالتن کي ڏسڻ کان پوءِ ٻڌائيندو آهي ته مريض کي ڪهڙي بيماري آهي ۽ پوءِ انهيءَ بيماري جو علاج ڪندو آهي. تيئن هڪ تحقيق ڪندڙ کي به مسئلي جي سڀني پهلوئن کان واقفيت هئڻ گهرجي ته جيئن هو ڪنهن به مسئلي کي چڱي طرح سڃاڻي ۽ انهيءَ جي حقيقت جي ڳولا ڪري سگهي ۽ حقيقت يا مسئلي جو صحيح حل تلاش ڪري سگهي. پر جيڪڏهن ڪو به تحقيق ڪندڙ مسئلي کان واقف نه هوندو ته پوءِ هن کي پهرئين ته مواد هٿ ڪرڻ ۾ گهڻو وقت لڳندو ۽ ٻيو مواد جي ورهاست ۽ پرک ۾ صحيح طريقو استعمال ڪرڻ ڏکيو ٿيندو. تنهن ڪري ڪنهن عنوان جي تحقيق لاءِ پهرئين معلومات ضروري هئڻ گهرجي ته جيئن مسئلي جو حل آساني سان ڳولي سگهجي ۽ صحيح راءِ قائم ڪري سگهجي. تحقيق ڪندڙ کي هميشه پنهنجي تهذيب تمدن، ۽ رسم رواج جي دائري کان ٻاهر نڪري پوءِ سوچڻ گهرجي ته جيئن ڪنهن به ڳالهه جي صحيح حقيقت کي پرکي سگهي.

ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن مسئلي جي حل لاءِ جڏهن انومان چونڊبو آهي ته هڪجهڙا ٻه انومان ذهن ۾ اچي ويندا آهن، جن جو ڪڏهن سڌي طرح هڪ ٻئي سان تعلق هوندو آهي ۽ ڪڏهن اڻ سڌي طرح هڪ ٻئي سان تعلق هوندو آهي. تنهنڪري ڪن به ٻن انومانن جو چاهي مڪمل طور تعلق پئدا ٿيل هجي يا رڳو ڪن ڳالهين جي ڪري انهن جو تعلق پئدا ٿيل هجي، انهن ٻنهي انومانن کي مسئلي جي حل لاءِ چونڊيو وڃي، ڇو ته ٻن انومانن جي مشابهت جي ڪري به ڪن مسئلن کي حل ڪيو ويندو آهي يا ڪڏهن هڪ انومان جي مدد سان ٻئي انومان جو حل تلاش ڪيو ويندو آهي يا ٻنهي انومانن کي مسئلي جي حل ڪرڻ ۾ مددگار ٺهرايو ويندو آهي، جنهن ۾ هڪ جو واسطو سڌو هوندو آهي ۽ ٻئي جو اڻ سڌو ۽ ٻنهي انومانن جي ملائڻ سان نتيجو ڪڍيو ويندو آهي. پر انهن ٻنهي انومانن جي مدد سان ڪنهن ڳالهه کي ثابت نه ڪيو وڃي. ڪنهن به مسئلي کي ثابت ڪرڻ لاءِ هڪ انومان ڪافي هوندو آهي پر ٻيو انومان رڳو مسئلي جي نتيجي کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ پيش ڪيو وڃي. خاص ڪري سائنسي تحقيق ۾ تحقيقي مسئلي جي ثابتين جي هڪ جهڙائي ۽ تفاوت کي شامل ڪيو ويندو آهي، جنهن ڪري ڪي به هڪجهڙا انومان ڏنا ويندا آهن.

انهي ڪري هڪ سٺي انومان لاءِ اهو ضروري آهي ته انهيءَ جو تعلق مسئلي جي حقيقتن سان سڌو سنئون هئڻ گهرجي ته جيئن مواد آساني سان هٿ ڪري سگهجي ۽ ٻيو ته هڪ سٺي انومان جو قدرتي قانونن سان ڪو ٽڪراءُ نه هجي جيڪي اڳي صحيح ثابت ٿي چڪا آهن. هڪ سٺي انومان جي اها به خاصيت هوندي آهي ته هو بلڪل صاف ۽ سادن لفظن ۾ بيان ڪيو وڃي ته جيئن ٻين جي سمجهه ۾ جلدي اچي سگهي، جنهن ڪري هر ڪنهن مسئلي کي Deductive Reasoning ۽ Inductive Reasoning تي پرکي سگهجي. ڇو ته هر ڪنهن انومان جي ٻن مٿين سوچ جي طريقن تي پرک ضروري هوندي آهي، جنهن ۾ اهو ڏٺو ويندو آهي ته انومان جو منطقي سوچ رستي اڀياس ڪري سگهجي ٿو يا نه ۽ ٻيو انومان جو حقيقتن سان ڪيترو تعلق آهي ۽ انهيءَ جو اڀياس ڪيترو ضروري آهي. ٿورن لفظن ۾ ائين چئجي ته انومان هڪ خيالي گمان يا سوچ هوندي آهي جنهن جي مدد سان مسئلي جي حقيقت کي پرکيو ويندو آهي ۽ مواد جي فراهمي آساني سان ٿئي ٿي، وقت ٿورو لڳي ٿو ۽ محنت به ٿوري ٿئي ٿي. انهيءَ کان سواءِ سٺو انومان اهو آهي جنهن کي منطقي سوچ تي پرکيو وڃي يا پرکي سگهجي.

مٿي ڏنل پوري بيان مان هيٺيون ڳالهيون ظاهر ٿين ٿيون.

(1) ڪنهن تحقيق ۾ انومان جا ٻه پهلو اڳيان ايندا آهن.

(1) انومان لاءِ خيال ڪرڻ- (2) انومان تي سوچڻ.

پهريائين ڪنهن تحقيق لاءِ انومان ڪهڙو هئڻ گهرجي ۽ انهيءَ لاءِ ڪهڙو مواد ٿي سگهي ٿو، انهيءَ تي خيال ڪيو ويندو آهي، ۽ پوءِ جيڪو انومان ڪنهن تحقيقي مسئلي لاءِ چونڊيو وڃي، انهيءَ لاءِ مواد ڪهڙو ۽ ڪٿان هٿ ايندو، انهيءَ تي سوچيو وڃي ٿو. جڏهن اهي ٻئي ڳالهيون مڪمل ٿي وڃن ٿيون، تڏهن گڏ ڪيل مواد جي ورهاست ڪري، انهيءَ جي پرک ورتي وڃي ٿي ته اهو مواد تحقيقي مسئلي جو ڪيترو پورائو ڪري سگهي ٿو.

(1)    هڪ سٺي انومان جون خاصيتون

Characteristics of Good Hypothesis

(1) انومان جو تعلق حقيقتن سان هئڻ گهرجي.

(2) هڪ سٺي انومان جو قدرتي قانونن سان ٽڪراءُ نه هوندو آهي، جيڪي اڳي ثابت ٿي چڪا آهن.

(3) هڪ سٺو انومان اهو آهي جيڪو بلڪل صاف ۽ سادن لفظن ۾ بيان ڪيل هجي.

(4) هڪ سٺو انومان اهو آهي جنهن کي منطقي سوچ تي پرکي سگهجي.

(4) انومان جي پرک Testing of hypothesis

 

انومان جي پرک جا ٻه طريقا آهن. پهريون انومان جو منطقي سوچ جي رستي اڀياس ڪيو وڃي. ٻيو انومان جو حقيقتن سان مسئلي جي تعلق جو اڀياس ڪيو وڃي.

Characteristics of the scientific research method

سائنسي تحقيق جون خاصيتون

1-  سائنس حقيقتن تي مدار رکي ٿي

Science is based on facts

ڪنهن به حقيقت کي سچ ثابت ڪرڻ لاءِ ڪي شهادتون گهربل هونديون آهن ۽ انهن شهادتن جو تعلق به حقيقتن سان سڌو هئڻ گهرجي يعني شهادتون به حقيقت تي ٻڌل هجن، نڪي خيالي ۽ اڻ سڌي طرح واسطو رکندڙ هجن. جن ۾ ڪنهن قسم جو ڪوڙ لڪل هجي. حقيقت کي سچ ثابت ڪرڻ لاءِ ڪي حقيقي يا صحيح، سچن ثابتين جو هٿ ڪرڻ ضروري هوندو آهي. تنهنڪري چيو ويو آهي ته “The best evidence is evidence of facts” (9) ابتدائي سائنسي تحقيق جيڪي حقيقت بابت ايجادون ڪيون، انهن جو دائرو ڏسڻ ۽ جاچڻ تائين محدود هو، جيئن Galileo جو تجربو جيڪو هن ٽاور تان ڪنهن شيءِ کي ڪرائڻ سان ڪيو. جيتوڻيڪ اهو تجربو سائنسي مسئلن جي چونڊڻ تائين محدود هو، ليڪن سائنسي سوچ رستي حقيقت جي ڳولا ۾ اهو هڪ انقلاب هو.

2- شهادتن ۽ حقيقتن جو تجزيو

Observation of facts and evidence

حقيقت کان اڳتي جيڪو قدم تحقيق ۾ کنيو وڃي ٿو، اهو آهي شهادتون. اهي شهادتون تحقيق ڪندڙ جي حواسن جي مدد سان ورتل هجن، يعني پنهنجي ڪيل تجزئي جي مدد سان حقيقت مان حاصل ڪيل شهادتون ورتل هجن. پر انهن شهادتن تي به اعتبار نه ڪرڻ گهرجي ۽ انهن کي به پرکڻ گهرجي، جڏهن يقين ٿي وڃي، تڏهن انهن کي قبول ڪيو وڃي يعني هر شهادت کي صحيح هجڻ لاءِ پرکيو وڃي ۽ جڏهن اها شهادت هر ڪنهن لحاظ کان سچي معلوم ٿئي، تڏهن انهيءَ کي ڪنهن حقيقت جي ثابتي لاءِ ڪم آندو وڃي. هن مان مراد آهي ته ڪنهن مسئلي جي جدا جدا حقيقتن کي جدا جدا حصن ۾ ورهائي پوءِ هر هڪ حصي کي جدا جدا ڪري پرکيو وڃي ۽ انهيءَ کان پوءِ نتيجو ڪڍيو وڃي ۽ اهوئي طريقو هر ڪنهن مسئلي جي حقيقتن کي پرکڻ ۾ وڌيڪ مددگار ٿئي ٿو. اهڙي طرح آخر ۾ هر ڪنهن حصي جي تجزئي کي ملائي آخرين نتيجو ڏنو وڃي ٿو. انهيءَ ڪري هر شهادت يا حقيقت کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ اهي ضروري هوندو آهي ته هر هڪ حصي تي جدا توجهه ڏنو وڃي ۽ ڇو ته تحقيق ۾ ڪيتريون واسطو رکندڙ نيون ڳالهيون نروار ٿيو پون. اهڙي طرح جدا جدا حصن جي تجزيو ڪن اصولن تي ڪرڻ سان هر حصي جي حقيقت کي معلوم ڪيو وڃي ٿو ۽ اصولن جي به ڄاڻ ٿيو وڃي ۽ هر منجهل ڳوڙهي مسئلي بابت معلومات حاصل ٿئي ٿي. پر ڪنهن تحقيق مسئلي جي لاءِ نه رڳو پنهنجي تجزئي تي مدار رکيو وڃي، پر ٻين جي ڪڍيل شهادتن يا حاصل ڪيل شهادتن جي به مدد ورتي وڃي، جن کي ٻين انهي کان اڳي پرکيو هجي ۽ جيڪي نتيجا ڪڍيا هجن، تن کي به پرکيو وڃي ۽ پوءِ هڪ منصف وانگر انهيءَ تي پنهنجي راءِ ڏني وڃي. تحقيق ۾ اهڙيون شهادتون جيڪي ڏيڻ جهڙيون هجن، اهي ڏنيون وڃن. هڪ اهڙي شهادت جنهن جو ڏيندڙ موجود نه هجي ۽ شهادت صدين جي هجي ته اهڙي شهادت کي مڃڻو پوندو آهي ۽ اهڙين شهادتن کي مڃڻ لاءِ انهن جي حاصل ڪرڻ جو حوالو ضرور ڏيڻ گهرجي.

شهادتن ۽ حقيقتن جو رڳو خود تجزيو نه ڪرڻ گهرجي پر اهڙا ماهر جن حقيقتن کي پرکيو هجي يا انهيءَ حقيقت کي پرکيو هجي يا انهيءَ حقيقت جي شهاتن جو تجزيو ڪيو هجي يا تجزئي تي سوچيو هجي ۽ ڪنهن نتيجي تي پهتا هجن ته انهن کان به مدد ورتي وڃي. اهڙي طرح جيڪي ڪنهن ڳالهه جي لاءِ مهارت رکن ٿا، انهن جي شهادتن کي ورتو وڃي، ڇو ته اهي ماهر انهيءَ ڳالهه کان وڌيڪ واقف هوندا آهن ۽ تحقيق ڪندڙ کان وڌيڪ مهارت رکندا آهن. انهيءَ ڪري قديم دور جي ڳالهين کي انهيءَ دور جي ماهرن جي مدد سان پرکيو ويندو آهي. انهيءَ لاءِ ته انهيءَ وقت جي حالتن ۽ سببن بنسبت اُهي وڌيڪ ڄاڻ رکندا هئا. انهيءَ لاءِ هي مثال ڏيئي سگهجي ٿو ته جيڪڏهن ڪو شهر ڪنهن نقشي تي ڏنل آهي، پر موجوده وقت اهو شهر ختم ٿي ويو آهي ته اسان کي انهي نقشي جي مدد سان اهو مڃڻ گهرجي؛ ڇاڪاڻ ته اسين نه انهيءَ دور جا آهيون، نه انهي ڳجهه کي ڄاڻي سگهون ٿا، تنهنڪري اسان کي ڏنل شهادتن کي مڃڻو پوندو.

ڪڏهن ڪڏهن جديد دور جا سائنس دان ماضي جي ڪن سائنسي تحقيق کي شهادتن جي مدد سان رد ڪري ڇڏيندا آهن. انهي ڪري نه، ته اهي شهادتون ائين ڪين هيون، پر انهيءَ لاءِ ته هن وقت اهي شهادتون جيئن ظاهر ٿين ٿيون تيئن نتيجو ڏنو وڃي ٿو. ڇو ته تحقيق ۾ اهو ڏٺو ويندو آهي ته شهادتون ڇا آهن ۽ انهيءَ جا سبب ڪيتري قدر صحيح آهن.

3- انومان جي اهميت Hypothesis

تحقيق ۾ انومان سوچ جي سلسلي لاءِ آڳاهي جو ڪم ڏيندو آهي (Hypothesis is guiding the thinking Process) انهيءَ لاءِ ڪنهن به تحقيق لاءِ سوچ جي سلسلي کي تجزئي جي مدد سان صحيح انداز سان حل ڪرڻ لاءِ انومان ڪم آندو وڃي ٿو. اهڙي طرح انومان جو مسئلي سان گهرو تعلقات هوندو آهي.اها انساني فطرت آهي ته هو ڪنهن مسئلي جي حقيقت جي سڀني پهلوئن جي جانچڻ لاءِ نه ترسندو آهي ۽ جلدي ڪنهن نه ڪنهن قياس کي قبول ڪري، انهيءَ طرف وڌندو آهي ۽ جيڪي تجزيا ۽ حالتون هن جي سوچ ۾ هونديون آهن انهن کي جاچيندو آهي.

تحقيق ڪندڙ هر ڪنهن مسئلي جي حقيقت کي پرکڻ لاءِ ابتدا ۾ ڪي نه ڪي انومان ڪڍندو ويو آهي. اهي انومان واريون ڪٿون hypothetical anticipation قدرتي قانون آهن، جيڪي سائنسي جي جانچ پڙتال لاءِ بلڪل صاف نشان ظاهر ڪن ٿا، تحقيق ڪندڙ جي رهنمائي ڪن ٿا ۽ حقيقت ڏانهن وڌڻ لاءِ صحيح ذريعا ۽ رستا ڏسين ٿا. اهڙي طرح انومان تحقيق ڪندڙ کي مسئلي جي حقيقت ڏانهن صحيح رستو ڏيکاري ٿو. پر جي هڪڙو انومان غلط نڪتو ته وري ٻيو انومان ذهن ۾ اڀري ايندو آهي ۽ اهو سلسلو ايستائين هلندو آهي جيسين ڪو مسئلي جو صحيح حل نڪري، انهيءَ ڪري ”انومان کي خيالن جي سلسلي جو جزيرو چيو ويو آهي.“. 10. Hypotheses are island in the stream of thought (وڌيڪ ڏسو انومان وارو باب)

(4) سائنسي تحقيق ۾ پاڻ کي جذباتي لاڙي کان پري رکيو وڃي.

(ڏسو تحقيق اصولن جو استعمال ۽ سائنسي سوچ جو طريقو)

(5) سائنسي تحقيق ۾ بلڪل صحيح تجزيو ڪيو وڃي ٿو.

Science utilize accurate measurement

(ڏسو سائنسي سوچ جو طريقو)

(6) سائنس مواد جي پرک لاءِ مقرر ڪيل اندازي وارا اصول استعمال ڪري ٿي.

Science employs quantitative methods in the treatment, of its data.

(ڏسو سائنسي سوچ جو طريقو)

دليل Argument

دليلن جو مطلب آهي ته اهو بيان جيڪو لکيل هجي يا زباني هجي ڪنهن عنوان جي مسئلي جي حل لاءِ سبب ۽ شهادتون ڏئي، يا جنهن جو مطلب سببن ۽ شهادتن جي سمجهاڻي هجي.

ڪنهن شهادت بابت دليل ڏيڻ لاءِ هيٺيان سوال ڪيا وڃن؟

(1) سوال ڇا آهي؟                 What is the question?

(2) انهيءَ جا مسئلا ڪهڙا آهن؟

What are the issues?

(3) شهادتون ڪهڙيون آهن؟

What are the evidences?

(4) سوچ ڪيتري قدر صحيح آهي؟

How sound is the reasoning?

سوالن جون هيٺيون خاصيتون هئڻ گهرجن.

(1) سوال بحث جوڳو هئڻ گهرجي.

Question must, be debatable.

(2) سوال ۾ اتحاد (معنيٰ مسئلي سان واسطو) هئڻ گهرجي.

Question must be unified.

(3) سوال جو ڪو دائرو مقرر هجي.

Question must be restricted.

(4) سوال ۾ ڪو غلط ۽ بيڪار اصطلاح نه هئڻ گهرجي.

Question should bea free from vague ambiguous terms.

مسئلي جون خاصيتون

(1) مسئلو اهو هجي جيڪو جدا جدا خيالن جي تفاوت جو بيان هجي، جيڪو آخرين حل ٿي سگهي.

(2) مسئلي ۾ اها اهليت هجي جنهن جي مدد سان هن کي چونڊيو وڃي ۽ وڌيڪ توجهه ڏيڻ سان وڌيڪ اثر وارو ثابت ڪري سگهجي.

(3) مکي مسئلي جا ننڍا ننڍا مسئلا ڪري سگهجن، جن جا نتيجا ملائي مکي مسئلي جو نتيجو ڪڍي سگهجي.

شهادت جون خاصيتون

(1) شهادت اهو بيان هجي جيڪو ڪنهن مسئلي بابت تفصيلي سمجهاڻي ڏئي.

شهادتن جا قسم

(1) شهادت ماهرن جي ڏنل هجي.

The evidence of authority.

(2) شهادت حقيقت تي مبني هجي.

The evidence of facts.

سوچ جي صحيح هجڻ جا مرحلا

(1) حقيقتن جو تجزيو.        Observation of facts

(2) انومان                       Hypothesis

(3) اڳڪٿي                     Predication

(4) پرک                                 Verfication

مٿي ڏنل مرحلا اڳي سمجهايا ويا آهن.

سائنسي تحقيق ۾ پهريائين مسئلي جي چونڊڻ لاءِ تحقيق شروع ڪئي وڃي ٿي ۽ مسئلي جي عنوان چونڊڻ کان پوءِ مسئلي جي حل لاءِ انگ اکر گڏ ڪيا وڃن ٿا ۽ انگن اکرن گڏٿي وڃڻ کان پوءِ انهن انگن اکرن جو تجزيو ڪيو وڃي ٿو ۽ انهيءَ تجزئي جي نتيجي جي مدد سان مسئلي بابت ڪنهن آخرين فيصلي تي پهچي سگهجي ٿو. اهڙي طرح تحقيق ڪنهن گهربل حقيقت کي ثابت ڪري ٿي جنهن سان مسئلي جو صحيح اندازو ڪيو وڃي ٿو ۽ اهوئي تحقيق جو اهم مقصد هوندو آهي. انهي ڪري ”سائنسي تحقيق کي بلڪل سلسليوار پرکيل تحقيقي سوچ جي هنر مندي چيو وڃي ٿو. سائنسي تحقيق ۾ جن به اصولن ۽ طريقن کي استعمال ڪيو وڃي ٿو سي تحقيق جي مسئلي جي پرک لاءِ آخرين ۽ مڪمل هوندا آهن.“ 11

تحقيق جو سلسلو  Process of Research methods

تحقيق جو دائرو تمام وسيع آهي، جنهن جي وسيع دائري ۾ هر انساني خواهش اچي وڃي ٿي.تنهن ڪري تحقيق جي مسئلن يا عنوان بابت ڪابه محدود راءِ قائم ڪرڻ مشڪل آهي. پر رڳو ايترو چئي سگهجي ٿو ته انسان جي هر خواهش، گهرج ۽ ضرورت تحقيق جي عنوان يا مسئلو ٿي سگهي ٿي.

ڪنهن ڳالهه جي تحقيق ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي تحقيقي اصولن کي استعمال ڪيو وڃي ٿو. مثلن ڪهڙي ڳالهه تي تحقيق ڪئي وڃي ٿي، انهيءَ جو دائرو (Field) ڇا آهي، تعليمي، تاريخي، فلسفي، نفسياتي وغيره. تحقيق جو مقصد ڇا آهي، تحقيق ۾ ڪهڙين ڳالهين جو بيان (Description) ڪيو ويندو، تحقيق ڪا پيشن گوئي (Prediction) آهي يا ڪنهن ڳالهه جي سببن کي ثابت ڪرڻ لاءِ آهي يا تحقيق ۾ ڪنهن ڳالهه جي اهميت کي ثابت ڪرڻ جو ارادو ڪيو ويو آهي.

انهيءَ کان پوءِ تحقيق ۾ اهو ڏسڻو آهي ته ڪهڙي جاءِ تي تحقيق ڪئي ويندي آهي. اها جاءِ تجربي گاه (Laboratory) يا ڪو ڪتب خانو يا پهرئين جاءِ (Field) آهي.

تحقيق جي جاءِ مقرر ڪرڻ کان پوءِ اهو ڏسڻو آهي ته تحقيق خالص قسم جي آهي  Pure Research)  ( ياگڏيل آهي.  مواد جي لحاظ کان انگن اکرن گڏ ڪرڻ جي واري يا ڪنهن ڳالهه کي ثابت Testing))ڪرڻ واري آهي يا ڪنهن جي قيمت (Rating) يا پيمانو يا سوالنامن واري تحقيق آهي.

  اهڙي طرح سان تحقيق ڪرڻ کان اڳي تحقيق ڪرڻ ۽ عنوان، دائرو، مقصد ۽ جاءِ مقرر ڪرڻ ضروري هوندو آهي، ته جيئن صحيح اصولن تي تحقيق ڪري صحيح نتيجو ڪڍي سگھجي.

انهيءَ کان پوءِ اهو سوچڻو هوندو آهي ته شهادتون داخلي(Subjective) يا خارجي (Objective).شهادتن چونڊڻ جو نمونو اندازي يا عددي يا قدري آهي.اهو به ڏسڻو آهي ته شهادتون جيڪي ورتيون وينديون ، اهي ڪي نشانيون آهن يا دستاويز يا مرڳو بياني آهن. شهادتون چونڊڻ کان پوءِ اهو سوچيو ويندو ته شهادتن ڀيٽڻ لاءِ ڪهڙو اصول ڪم آندو وڃي.

ڪنهن مسيئلي جي حل لاءِ ڪيترائي تحقيق جا اصول يا مواد حاصل ڪرڻ جا طريقا استعمال ڪري سگھجن ٿا جيڪي اڳي ٻڌايا ويا آهن.

جيئن ته هر ڪنهن تحقيق جا، دائري جي لحاظ کان اصول مقرر هوندا آهن، تنهنڪري تحقيق ڪندڙ لاءِ اهو ضروري هوندو آهي ته واسطو رکندڙ اصول جيڪي پنهنجي مسئلي جي حل لاءِ ضروري سمجھي، انهيءَ کي ڪم آڻي ۽ پنهنجي مواد جو تجزيو ڪري. پر جيڪڏهن تحقيق هڪ قسم جي هوندي ۽ اصول ٻئي قسم جا استعمال ڪيا ويا ته پوءِ نتيجو صحيح ڪونه نڪري سگھندو. تنهنڪري سٺي تحقيق اها هوندي آهي جنهن ۾ جتي جيڪو تحقيق جو اصول ضروري هجي اتي اهو اصول استعمال ڪيو وڃي ته پوءِ نتيجو صحيح نڪرندو. اهڙي طرح ڪنهن هڪ مسئلي جي تحقيق ۾ ڪيترائي تحقيق جا اصول استعمال ڪري سگھجن ٿا ۽ ڪيا ويندا آهن. يعني ايئن سمجھڻ گھرجي ته ” هر ڪنهن تحقيق لاءِ حالتن ۽ ضرورتن جي مد نظر تحقيق جا اصول ڪم آندا وڃن“12.

  انهي کان پوءِ مواد جي تجزيو جو وارو ايندو آهي. تحقيق ڪندڙ هن مرحلي ۾ تحقيقي مواد گڏ ڪري، انهيءَ جو تجزيو ڪري ٿو. پهرين هو اهو ڏسندو آهي ته مواد شخصي آزمودن، رسم رواج، معتبر شخصيتن يا ڪنهن ٻئي هنڌا ملندو. مواد حاصل ڪرڻ کان پوءِ هي پنهنجي حاصل ڪيل حقيقتن ۽ شهادتن کي جيڪي هن گڏ ڪيون هونديون تن کي منطقي سوچ جي مدد سان پرکي صحيح ثابت ڪري ٿو. آخر ۾ شهادتن ۽ حقيقتن جي نتيجن کي ملائي مسئلي جو حل تلاش ڪري ٿو.

تحقيق ڪندڙن لاءِ ضروري ڳالهيون

(1) تحقيق ڪندڙ مسئلي جي ماضي جي آزمودن، ۽ کوجنائن جي معلومات جي مدد سان مسئلي جي حل ۽ تجزئي جي اصول لاءِ ڪي خيال هٿ ڪري.

(2) انومان جي مدد سان معلومات حاصل ڪري ۽ مسئلي جي حل کي اڳتي وڌائي نتيجو پيش ڪري.

(3) انومان عقلي طور صحيح چونڊي، حقيقتن سان فيصلن کي پرکي، تصديق ڪري.

(4) منطقي اصولن تي حقيقتن ۽ شهادتن کي پرکي.

(5) جيڪو شڪي مواد گڏ ڪيو ويو آهي يا جنهن جو بيان صحيح نه هجي، انهيءَ کي رد ڪري نئين مواد ۽ معلومات کي حاصل ڪري.

(6) جنهن مواد جو تجزيو ڪري، يا مواد جي ترتيب مقرر ڪري، يا جيڪا معلومات ڏيڻ چاهي، اهو مختصر ڪري پيش ڪري.

(7) نون طريقن تي نئين معلومات ڏئي،

(8) اهڙا نوان مسئلا يا ڳالهيون جيڪي هن تحقيق دوران معلوم ڪيون آهن ۽ اڳي حل ٿيل نه آهن، انهن کي ظاهر ڪري.

(9) تحقيق جي سڀني ضروري مرحلن تي عمل ڪري.

(10)                       منطقي اصولن تي هر حقيقت ۽ شهادت کي پرکي.

(11)     جيڪڏهن تحقيق دستاويزي آهي ۽ معلومات مڪمل آهي ته پوءِ تحقيق ڪندڙ جو حافظو مسئلي جي حل لاءِ ڪافي آهي.

(12) تحقيق جا ذريعا اعتبار جوڳا هئڻ گھرجن، مواد جي تجزئي ۾ سلسلو هئڻ گھرجي، مسئلي جي حل لاءِ نئين معلومات حاصل ڪرڻ ضروري آهي.

(13) تحقيق ڪندڙ غير جانبدار هئڻ گھرجي ۽ هر هنڌ تي سندس ايمانداري ظاهر ٿئي. تحقيق ۾ هر ڳالهه يقيني، حقيقي مڪمل ڏئي.

(14) تحقيق ڪندڙ کي جذبات کان پري رهڻ گھرجي ۽ آزاد ذهن جي مدد سان مواد جو تجزيو ڪري ۽ تحقيق ۾ ڪو خيال منجھيل هئڻ نه گھرجي.

(15)           تحقيق ڪندڙ مشاهدن کان اڻ واقف نه هئڻ گھرجي ۽ تحقيق جي هر ڳالهه کي تاريخ جي روشني ۾ پرکي.

(16) تحقيق ڪندڙ نه رڳو تحقيق ڪرڻ وقت خارجي حالتون يا حقيقتون شامل ڪري ، پر انهيءَ سان گڏ رويا، قدر ۽ ٻيون واسطو رکندڙ ڳالهيون به تحقيق ۾ شامل ڪري ته جيئن تحقيق جو نتيجو حالتن جي لحاظ کان صحيح نڪري.

حوالا  

1_ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ ”فن تحقيق“ نقوش، شمارہ                      104

                                             جنوري 1966 ص 180

2,  Homer Carey Hockett. “The Critical Method in Historical Research and writting”                                                 P,44

3.  Ibid                                                             P,47

4.“Chamber’s Twentieth century Dictionary”                          P.980

5. Carter  .v. good                                             P.8

 6. Ibid                                                      P.P. 82-83

7. Ibid                                                       P. 185

8. Ibid                                                          P.188

9. Robert Hamilton Moore. “Effective writing” New-york. Rinehart and company inc, Third 1956 P.235

10. Carter                                                    P.13

11. J. Farncis Rummel                                 P.P 11-12

12.Ibid                                                        p. 6

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org