سيڪشن: لسانيات

ڪتاب: سنڌي صورتخطيءَ جو تحقيقي جائزو

باب:

صفحو:1

سنڌي صورتخطيءَ جو تحقيقي جائزو

ديوان گل جي روشني ۾ (سنڌي ٻوليءَ ۾ 54 اکرن وارو پهريون ديوان)

تحقيق: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو

ڇپائيندڙ پاران

 

سنڌي ٻوليءَ جو شمار دنيا جي قديم ترين ٻولين ۾ ٿئي ٿو. برصغير ۾ جتي سنڌي علم و ادب جي هاڪ آهي، ته اُتي سنڌي ٻوليءَ کي قدامت جي حوالي سان پڻ اهميت حاصل آهي. اِهو ئي سبب آهي، جو پرڏيهي عالمن جهڙوڪ واٿن (Wathan)، اسٽيڪ (Stack)، ايسٽوڪ (Estvick)، ليچ (Leech)، برٽن (Burton)، ٽرمپ (Trumpp)، گولڊ سمڊ (Goldsmid)، گريئرسن (Grierson) ۽ ٻين لسانيات جي ماهرن پنهنجي مضمونن ۽ ڪتابن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ترتيب ۽ صرف و نحو متعلق مفيد معلومات مهيا ڪئي آهي. سنڌ جي مانائتن عالمن ۽ ٻوليءَ جي ڄاڻن مان آخوند عبدالرحيم وفا، مرزا قليچ بيگ، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، علامه آءِ. آءِ. قاضي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، محمد ابراهيم جويو ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا سنڌي ٻوليءَ جي بُڻ بڻياد متعلق پنهنجي تحقيقي مقالن ۽ ڪتابن ذريعي قابل قدر مواد فراهم ڪيو آهي.

هيءُ ڪتاب ”سنڌي صورتخطيءَ جو تحقيقي جائزو: ديوان گل جي روشنيءَ ۾“ سنڌي غزل جي نامياري شاعر آخوند گل محمد هالائي جي ترتيب ڏنل سنڌي الف- ب تي هڪ عالمانه تحقيق آهي، جنهن ۾ سنڌ جي معروف اسڪالر ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو صاحب سنڌي ٻوليءَ ۽ اُن جي بُڻ بڻياد تي سير حاصل بحث ڪيو آهي.

سنڌي ادبي بورڊ سنڌ جي اهڙي علمي ۽ ادبي خزاني کي شايع ڪري منظرعام تي آڻڻ لاءِ شروع کان ڪوشان رهندو پيو اچي. موجوده وقت ۾ بورڊ جي مانواري چيئرمين جناب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب جن جي خاص دلچسپيءَ تحت اداري طرفان نوان ڪتاب شايع ٿي رهيا آهن. سندن علمي ۽ ادبي گھراڻي سان وابسته هئڻ سبب، بورڊ طرفان نوان ڪتاب اوليت جي بنياد تي شايع ڪري منظرعام تي آڻڻ لاءِ بورڊ جي پبليڪيشن ڪميٽيءَ جي ميمبر صاحبان جي مشاورت سان بورڊ جي اشاعتي سلسلي کي ترقي وٺرائڻ لاءِ نت نوان پروگرام جوڙيا آهن. ان کانسواءِ سندن هدايتن تحت هڪ سؤ کان ڏيڍ سؤ صحفن واري اشاعتي اسڪيم به شروع ڪرائي وئي آهي ۽ خاص ڪري سنڌ جي اهڙن اديبن ۽ شاعرن جي ادبي پورهيي کي اوليت جي بنياد تي شايع ڪرائڻ، جن جو ادبي پورهيو اڳ منظرعام تي نه آيو هجي.

سنڌي ادبي بورڊ طرفان هِن ڪتاب ”سنڌي صورتخطيءَ جو تحقيقي جائزو: ديوان گل جي روشنيءَ ۾“ جو پهريون ڇاپو آءٌ بورڊ جي مانواري چيئرمين جناب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب جن جي سرپرستيءَ ۾ شايع ڪري سرهائي محسوس ڪري رهيو آهيان.

توقع آهي ته، اسان جي هيءَ ڪاوش ادبي حلقن سان گڏوگڏ، مانائتن ادب دوستن ۽ پڙهندڙن وٽ مانُ ماڻيندي.

24- شعبان المعظم 1443هه         سيد سڪندر علي شاهه

28- مارچ 2022ع                                     سيڪريٽري

 

ڊاڪٽر اسد جمال پلي

عمرڪوٽ

پيش لفظ

 

 

سنڌي صورتخطي جي ماهرن وٽ عام طور ائين سمجهيو ويو آهي ته هن وقت مروج سنڌي صورتخطي انگريزن جي مرهونِ منت آهي جيڪا 1583ع ۾ وجود ۾ آئي، حالانڪ حقائق ان جي خلاف آهن، ٻين لفظن ۾ ان جو مطلب اهو ٿيندو ته ان (1853هه) کان اڳ ۾ سنڌي ٻولي نه لکت ۾ ايندي هئي ۽ نه ڪو ان ۾ ڪو ادب (لٽريچر) موجود هو. هن سلسلي ۾ ٻين ڳالهين کي ڇڏي جيڪڏهن رڳو شاهه جي رسالي جي ڳالهه ڪجي ته اهوئي وڏي ۾ وڏو ثبوت آهي ته نه رڳو سنڌي صورتخطي موجود هئي پر ان ۾ تمام گهڻو ادبي مواد موجود هو.

هن سڄي بحث ۾ اسان جي سنڌ جي جنهن اهم نقطي کي بحث ۾ شامل ئي نه ڪيو ويو، اهو ”مدرسن جو تعليمي نظام“ هو. انگريزن جي دور ۾ مدرسن کي قديم تعليمي نظام جي شڪل ۾ پيش ڪيو ويو. ائين ڪرڻ سان اهو سڄو ادبي مواد جيڪو مدرسن جي تعليمي نصاب ۾ شامل هو، ان کان اڻواقفيت ظاهر ڪئي ويئي. هن ادبي مواد کي بحث ۾ نه آڻڻ کان سواءِ سنڌي ٻوليءَ جي صورتخطي ٺاهڻ وارو سوال هڪ مسئلي جي صورت ۾ اُٿاريو ويو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته پهريائين صورتخطي ٺاهجي پوءِ سنڌي ٻولي کي انهي صورتخطي ۾ لکجي، هن بي بنياد مسئلي کان سواءِ وري سوال اٿاريو ويو ته سنڌي صورتخطي ديوناگري رسم الخط ۾ لکجي يا عربي رسم الخط ۾ لکجي.

اهڙي طرح سنڌي زبان جي الف- بي جي بحث کي به منجهائي، ڪيترائي سال ضايع ڪيا ويا ۽ آخر ۾ ان کي عربي رسم الخط ۾ نافذ ڪيو ويو. هنن اجائي بحثن ۾ اسان کي وري هڪ فرضي ڪميٽي به ٺهندي نظر اچي ٿي جنهن ديوناگري ۽ عربي رسم الخط مان عربي رسم الخط جو انتخاب ڪري سنڌي الف- بي جي 52 اکرن جي پٽي ٺاهي. صورتخطيءَ متعلق هي مغالطا اڄ ڏينهن تائين آهن. سنڌي صورتخطي متعلق هينئر هِن ننڍي ڪتاب ۾ اسان جي لائق عالم ۽ محقق جناب ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو صاحب انتهائي عرق ريزي سان مدلل طور بحث ڪري ڪيترائي اهم انڪشافات ڪيا آهن ۽ سنڌي صورتخطي جي حوالي سان ڏيڍ صدي جي چڙهيل لٽ کي لاهي، حقائق کي ظاهر ڪيو آهي.

ڊاڪٽر سومري صاحب دليلن سان اها ڳالهه ظاهر ڪئي آهي ته اٺن عالمن تي مشتمل، صورتخطي جي سلسلي جي ڪا ڪميٽي ٺهي ئي ناهي. پاڻ هن سلسلي ۾ سر بارٽل فريئر، پرنگل ۽ بي.ايڇ ايلس جي اصلي لکتن (حڪمنامن ۽ راين) جا انگريزي ۾ حوالا ڏئي هن خوشفهمي واري راءِ جو ڀرم کولي ڇڏيو آهي. پاڻ صفحي 28 تي لکيو اٿن ته:

هتي اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته ايلس جي جامع رپورٽ ۽ ان جي باري ۾ بارٽل فريئر طرفان بمبئي سرڪار کي موڪليل خط مان اهڙي ڪنھن به ڪاميٽيءَ طرف ڪو اشارو نٿو ملي، جيڪا مارچ 1853 ۽ جولاءِ 1853 جي وچ ۾ ٺاهي وئي هجي. سوال آهي ته جيڪڏهن اهڙي ڪاميٽي قائم ٿي، جنھن پنھنجا فيصلا به ڏنا، ته پوءِ آخر ايلس ان ڪميٽيءَ جو هڪ سال کان پوءِ ڊسمبر 1854 ۾ موڪليل رپورٽ ۾ پنھنجي ڪمشنر کي ان جو احوال ڇو نه ڏنو يا ان جو ذڪر ڪرڻ مناسب ڇو نه سمجهيو؛ وري خاص ڳالهه اها ته جڏهن اها ڪميٽي خود بارٽل فريئر قائم ڪئي هجي. ايلس ايڏي غير ذميواريءَ جو مظاهرو ڪيئن ٿي ڪري سگهيو جو ڪمشنر طرفان مقرر ڪيل ڪميٽيءَ جي ڪاروائي بابت ڪوبه ذڪر نه ڪري، يا وري خود بارٽل فريئر پنھنجي خط ۾ اهڙي ڪنھن به ڪاميٽيءَ جو ذڪر غائب ڪري ڇڏي........“

هن ڳالهه جي پس منظر ۾ صفحي 28 تي واضح ڪيو اٿن ته:

”هتي اها ڳالهه به قابل ذڪر آهي ته جڏهن ڪورٽ آف ڊئريڪٽرس عربي- سنڌي خط جي حمايت ۾ فيصلو ڪري ڇڏيو ۽ ان کان پوءِ خداوادي يا ديوناگريءَ جو ذڪر ئي نه ڪيو ته پوءِ ڪميٽي ٺاهڻ جو ڪو مقصد نظر نٿي آيو. ڇو ته اصل جهڳڙو ديوناگري لپي ۽ عربي- سنڌي خط درميان هو. ان لحاظ کان ڪورٽ آف ڊئريڪٽرس جو فيصلو ڪنھن حد تائين جان ڇڏائڻ وارو هو. ڪورٽ آف ڊئريڪٽرس جي مراسلي کي ڏٺو وڃي ته ان ۾ ڪاميٽي قائم ڪرڻ تي زور ڏيڻ بجاءِ اهو چيو ويو ته بھتر ٿيندو ته ان فيصلي تي عملدرآمد کان اڳ هڪ ڪاميٽي قائم ڪئي وڃي......“

انهيءَ ڪاميٽيءَ جو معاملو جڏهن ايلس وٽ پهتو ته هن ڪمشنر بارٽل فريئر کي پنهنجي راءِ کان هن ريت آگاهه ڪيو ته:

”هن وقت اهڙي ڪميٽيءَ جو قيام عملي طور ناممڪن آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌي ٻوليءَ جا ماهر آفيسر سنڌ ۾ موجود نه آهن يا ڪٿي ٻاهر ويل آهن، جن کي هينئر آساني سان هڪ هنڌ گڏ ڪري نٿو سگهجي. ان ڪري ڪاميٽي واري رٿ کي مجبوراً ترڪ ڪرڻو پيو......“ (ص 24)

اها ڪاميٽيءَ واري غلط فهمي دراصل محترم محمد صديق ميمڻ طرفان ٿي ۽ سندس ادبي تاريخ ۾ ورنيڪيولر لٽريچر ڪميٽي کي ٻوليءَ جي ڪميٽيءَ سان منجهايو ويو، جيڪا وجود ۾ ئي نه آئي هئي. هن سلسلي ۾ سومري صاحب ڪتاب جي صفحي 32 تي خانبهادر محمد صديق ميمڻ جي سنڌ جي ادبي تاريخ ڀاڱو ٻيو مان هنن غلط فهمين کي واضح ڪيو آهي. پاڻ لکي ٿو ته:

”هتي اها ڳالهه سمجهڻ ازحد ضروري آهي ته محمد صديق ميمڻ شروع کان سنڌي صورتخطيءَ جي مقرر ٿيڻ بابت صحيح معلومات ڏيڻ کان قاصر رهيو ۽ صحيح نتيجي تي نه پھچي سگهيو ۽ سنڌ جي ادبي تاريخ ڀاڱو ٻيو ۾ هڪ هنڌ لکيائين:

”برٽش سرڪار جي ڪوشش سان سنڌي آئيوٽا يعني الف- بي سنه 1851 ۾ مقرر ٿي.“

وري ساڳئي ڪتاب ۾ بارٽل فريئر جو ذڪر ڪندي لکيائين:

”صاحب موصوف سنه 1853 ۾ سنڌيءَ جي صورتخطي مقرر ڪئي، ۽ سنڌي زبان ۾ نثر ۽ نظم جا ڪتاب تيار ڪرائڻ شروع ڪيا.“

سنڌي صورتخطي جي شروعات بابت اهو بحث جيڪو محمد صديق ميمڻ کان شروع ٿيو، ان کان پوءِ ڪاڪي ڀيرومل، ڊاڪٽر نبي بخش، غلام علي الانا کان ٿيندو ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي تائين پهتو، ان سموري مواد کي هينئر محترم ڊاڪٽر عبدالغفار سومري صاحب تحقيقي ۽ تنقيدي نقطئه نظر سان پرکيو آهي ۽ پنهنجي کوجنا کي نهايت صاف سٿري ۽ منطقي انداز ۾ اسان جي سامهون پيش ڪيو آهي.

اهڙي طرح هن سلسلي ۾ سنڌ جي ان وقت جي روشن دماغ ڪمشنر بارٽل فريئر جي عالمانه ڪردار تي روشني وڌي وئي آهي. بلڪه هنن جي راين کي انگريزي ۾ هوبهو پيش ڪيو ويو آهي ته جيئن پڙهندڙ صحيح نتيجي تي پهچي سگهي. اهو بحث نهايت عالمانه ۽ اکيون کوليندڙ آهي، جنهن سان سنڌي صورتخطي جي قدامت ۽ اصليت بابت چڱي طرح خبر پوي ٿي.

محترم ڊاڪٽر سومرو صاحب سنڌي صورتخطي جي سلسلي ۾ هن ڪتاب ۾ جيڪي اهم نقطا آندا آهن ۽ ان سان گڏ جيڪو آخوند گل محمد جي ديوان جو تحقيقي جائزو پيش ڪيو آهي اهو ڏاڍو اهم آهي، هن قسم جي تحقيقي ڇنڊڇاڻ ۽ حقائق جا انڪشافات پهريون دفعو سامهون آيا آهن.

هيستائين اسان وٽ ’ديوان گل‘ جو مطالعو محض سنڌي ٻولي جي غزلن جي الف- بي وار ترتيب ۽ عروض جي علم جي روشني ۾ ٿيو آهي، پر سنڌي صورتخطي ۽ تصوف جي تعليم جي روشني ۾ ديوان گل جو اڀياس ڪيو ئي نه ويو آهي.

محترم سومرو صاحب ”ديوان گل“ کي بحث ۾ آڻي اهو ثابت ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي ته سواءِ ڪجهه حرفن تي اضافي نقطن ڏيڻ جي باقي سنڌي صورتخطي انگريزن جي دور کان اڳ ۾ موجود هئي، ۽ اهو اعزاز اسان جي سنڌ جي عالمن ۽ صوفين ڏانهن وڃي ٿو. هن ڪتاب ۾ ايلس جي انگريزي ۾ پيش ڪيل حوالن مان پڻ ان حقيقت جي تصديق ٿئي ٿي.

بي.ايڇ ايلس جيڪا سنڌي الف- بي جي تختي تيار ڪئي جنهن کي سر بارٽل فريئر ۽ رچرڊ برٽن جي حمايت حاصل هئي، ان تختي کي خليفي گل محمد نامڪمل سمجهيو آهي ۽ وڌيڪ سنڌي ٻوليءَ جا رهجي ويل اهم آواز حرفن جي صورت ۾ قافيه طور شامل ڪرڻ ضروري سمجهيا ۽ اهو ڪم عملي طور ڪري ڏيکاريائين. محترم ڊاڪٽرعبدالغفار صاحب نه صرف ان تي تفصيلي بحث ڪيو آهي بلڪه سندن هنن حوالن سان ’ديوان گل‘ هاڻي صرف غزلن جي شاعري جو ديوان نه رهيو آهي، پر سنڌي صورتخطي جي حقائق لاءِ به هڪ مستند حوالو آهي. خاص طرح انهيءَ ساڳي ڏهاڪي 1850ع کان 1860ع ۾ جنهن ۾ ٻولي جي صورتخطي تي بحث هليو آهي، سنڌي الف- بي جي پٽي تيار ٿي آهي. ان ساڳي ڏهاڪي ۾ ديوان گل تيار ٿيو آهي ۽ شايع پڻ ٿيو آهي. ان لحاظ کان ديوان گل جو بمبئي ڇاپي وارو مهاڳ جيڪو خليفي گل پاڻ لکيو، سنڌي صورتخطي جو نهايت اهم دستاويز آهي ۽ ان کي بجاطور هن ڪتاب ۾ جيئن جو تيئن شامل ڪيو ويو آهي، ڇو ته اهو هڪ سَند جو درجو رکي ٿو.

 

مهاڳ

 

’ديوان گل‘ سنڌي ٻوليءَ ۾ پھريون ديوان آهي، جيڪو انگريزن جي دؤر حڪومت ۾ تصنيف ٿيو ۽ ان جي ٻي خاص ڳالهه اها آهي ته اهو موجوده سنڌي صورتخطيءَ جي ٻاونجاهه حرفن بجاءِ چوونجاهه اکرن تي ٻڌل آهي. ان جو پس منظر اهو آهي ته موجوده صورتخطي انگريزن جي فتح کان ڏهه سال پوءِ 1853 ۾ مقرر ڪئي وئي. اهو زمانو هو جڏهن آخوند گل کي هڪ سڄاڻ عالم جي حيثيت ۾ ضرور اها خبر هوندي ته انگريزن فارسيءَ جي جاءِ تي سنڌيءَ کي سرڪاري زبان جي حيثيت ڏني آهي ۽ سنڌيءَ ۾ ڪتاب لکجي رهيا آهن. آخوند گل کي هونئن ته فارسي نثر ۽ نظم ۾ مھارت حاصل هئي پر هن بدليل حالتن ۾ سنڌيءَ ۾ ديوان مرتب ڪرڻ ضروري سمجهيو ۽ هن اهو شاهڪار 1270/1854 ۾ مڪمل ڪري ورتو. آخوند گل جي زندگيءَ جو اهو پويون عرصو هو، جڏهن هن کي حرمين جي سڪ به ستائڻ لڳي. انهيءَ ارادي سان هو پنھنجي ديوان سميت بمبئي شھر ۾ وارد ٿيو، جتي هن اهو ديوان پنھنجي نگرانيءَ ۾ ليٿو تي 1275/1858 ۾ ڇپرايو ۽ ان کان پوءِ حج تي روانو ٿيو، جتي سندس زندگيءَ جو سفر به پورو ٿيو. بمبئيءَ ۾ رهڻ دوران هن ديوان گل جي جيڪا تمھيد لکي ان ۾ هن نه رڳو انگريز سرڪار طرفان تازو مقرر ڪيل صورتخطيءَ کان پوري واقفيت ظاهر ڪئي، بلڪه ان تي پاڻ، ان لحاظ کان تنقيد ڪئي ته ان صورتخطيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي سڀني اُچارن يا آوازن کي مڪمل طور ظاهر نه ڪيو ويو آهي. گويا اها نامڪمل يا اڻپوري آهي. هن ان سلسلي ۾ ٽن آوازن ’لهه‘، ’ڙهه‘ ۽ ’نهه‘ جي نشاندهي ڪئي. هڪ لحاظ سان آخوند گل جو ان زماني ۾ اهو هڪ وڏو علمي انڪشاف (Revelation) هو، جنھن کي هڪ صديءَ کان پوءِ صوتيات موجب مڃتا ملي.

تاريخي لحاظ سان ڏٺو وڃي ته ديوان گل کي سنڌي ادب جي جديد تاريخ ۾ اها اهميت نه ملي آهي، جنھن جو اهو مستحق آهي. پاڪستان ٺھڻ کان اڳ ديوان گل مڪمل صورت ۾ پھريون دفعو 1932ع ۾ مسلم ادبي سوسائٽيءَ طرفان ۽ ٻيو دفعو آر.ايڇ.احمد طرفان 1956ع ۾ شايع ٿيو. اهڙيءَ طرح خليفي گل جي شاعريءَ بابت پھريون ڀيرو مرزا قليچ بيگ پنھنجي خيالن جو اظھار ڪيو ۽ ان کان پوءِ سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ محمد صديق ميمڻ ان تي چڱي خاصي روشني وڌي.

ليڪن اها حقيقت آهي ته ان پوري عرصي ۾ ديوان گل جي ان خاص پھلوءَ، جنھن موجب هن سنڌي صورتخطيءَ ۾ کٽل حرفن، جن کي هاڻي ڦڦڙن جي ڌوڪ وارو يعني وسرڳ (Aspirated) حرف ڪوٺيو وڃي ٿو، طرف ڪنھن ڌيان نه ڏنو. البت پھريون دفعو ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ سال 1972ع ۾ ڪنھن حد تائين ان جو ازالو ڪيو، جڏهن ’مھراڻ‘ رسالي (نمبر 2) ۾ هڪ مقالي اندر ان جي مختصر طور نشاندھي ڪيائين.

انگريزن جي صاحبيءَ ۾ مقرر ڪيل صورتخطيءَ مٿان خليفي گل جي اصلاحي ۽ تعميري تنقيد کي ھڪ صديءَ کان به گھڻو پوءِ اصولي مڃتا ملي. جڏھن سنڌ جي ھڪ وڏي علمي خانوادي جي فرد، جيڪو پاڻ شاعريءَ جي دنيا ۾ مڃيل حيثيت جو مالڪ ھو يعني مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، تنھن پنھنجو ديوان ستن آوازن جي اضافي سان ڪل 59 حرفن تي مشتمل سال 1982 ۾ مرتب ڪيو ۽ اھڙي وضاحت پنھنجي مھاڳ ۾ ڪيائين. هن سلسلي ۾ ٻي اهم ڪاوش سيد گل محمد شاهه شھدادڪوٽيءَ جي آهي، جنھن سال 1993 ۾ پھريائين مڪمل ’حمديه ديوان‘ پيش ڪيو جنھن ۾ هن سنڌي ٻوليءَ جي 66 آوازن کي قافيه جي صورت ۾ استعمال ڪيو، ان کان پوءِ ’ديوان گل بخاري‘. 1995 ۾ ترتيب ڏنائين، جنھن ۾ وري ستر اُچارن يا قافين تي مشتمل ديوان منظر عام تي آندائين، هن پنھنجي ديوان جي مھاڳ ۾ خليفي گل کان شعوري رهنمائي حاصل ڪرڻ جو پورو اعتراف ڪيو آهي.     

هتي اسان جي سموري ڪوشش ديوان گل جي ان اصلي اهميت کي واضح ڪرڻ آهي، جنھنڪري اسان انگريزي دور ۾ سنڌي صورتخطيءَ جي مقرر ٿيڻ جو پورو پس منظر ڏنو آهي، ان ڪري اسان کي سنڌي عالمن جي طرفان سنڌي صورتخطيءَ جي باري ۾ ورتل تاريخي ڪوششن کي پڻ بيان ڪرڻو پيو آهي. اهو ان ڪري ضروري هو ته جيئن خليفي گل جي ڪيل محنت جو صحيح اندازو ڪري سگهجي. ديوان گل جي مصنف جي ٻي خاص ڳالهه اها آهي ته هو سنڌ جي تصوف جي تاريخ ۾ پڻ اهم جاءِ والاري ٿو، ڇو ته هو پاڻ تصوف جي دنيا سان عملي طور وابسته رهيو. هن جو ديوان، جيڪو 175 غزلن تي مشتمل آهي، ان جا ڪيترا غزل پوريءَ ريت تصوف جي رنگ ۾ رڱيل آهن ۽ ڪن ٻين شعرن ۾ وري تصوف جي دقيق مسئلن کي اشارن ڪناين ۾ سمجهائي ويو آهي.

اها اسان جي خوشقسمتي آهي ته ديوان گل جو اهو پھريون ڇاپو جيڪو بمبئيءَ مان سال 1858 ۾ خليفي گل جي پنھنجي نگرانيءَ ۾ ڇپيو هو، ان جو نقل سيد گل محمد شاهه شھدادڪوٽيءَ کان دستياب ٿيو آهي، جنھن لاءِ آئون سندس گهڻو ٿورائتو آهيان. اهو ساڳيو نقل آهي جيڪو ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جي زير مطالعه هو. ان جي اهميت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته ’سنڌ جي ادبي تاريخ‘ لکڻ وقت محمد صديق ميمڻ افسوس جو اظھار ڪيو هو ته کيس اهو بمبئيءَ وارو اصلي ڇاپو هٿ اچي نه سگهيو هو. اسان جي ٻي خوشقسمتي اها آهي ته ديوان گل جو بھترين قلمي نسخو، جنھن تي 1275هه لکيل آهي، منصوره نزد هالا جي علمي درسگاهه مان مھتمم محمد احسن ڀُٽي صاحب جي مهربانيءَ سان مليو آهي.

هتي اسين بمبئي ڇاپي جي تمهيد جا عڪس ۽ اُن جي جديد صورتخطي شامل ڪريون ٿا.

هن ڪتاب ۾ سنڌي صورتخطيءَ بابت ڪي اهم حقيقتون سامهون آيون آهن، جن کي ان اُميد سان بيان ڪيو ويو آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جا قدردان ان طرف خاص ڌيان ڏيندا.

آخر ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ جو ٿورا مڃبا جنهن هن ڪتاب جي اهميت جي پيشِ نظر اوليت جي بنياد تي شايع ڪرڻ جي منظوري ڏني.

  ڪراچي                                        عبدالغفار سومرو

1- سيپٽمبر 2021ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org