سيڪشن: لسانيات

ڪتاب: سنڌي صورتخطيءَ جو تحقيقي جائزو

باب:

صفحو:8 

خليفي گل جي شاعريءَ تي تنقيد جو باقاعدي آغاز ’سنڌ جي ادبي تاريخ‘ جي مصنف محمد صديق ميمڻ ڪيو، ان وقت تائين جيئن ته ڪافي ديوان سنڌيءَ ۾ اچي چڪا هئا، جن تي روايتي فارسي شاعريءَ جو انداز خاص طور هيئت جي لحاظ کان يعني علم عروض بحر ۽ وزن سڀ کان اولين ۽ لازمي خصوصيت نه بلڪ ضرورت سمجهي ويندي هئي. تنھنڪري ديوان گل کي به ان معيار جي لحاظ کان پرکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ان ڪري ديوان گل ۾ ڪجهه قافين طور آندل لفظن تي سخت ناپسنديدگيءَ جو اظھار ڪيائين(89).

اهڙي قسم جي تنقيد سنڌي عروضي شاعريءَ جي وڏي ڄاڻوءَ ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل به ڪئي، پر ساڳئي وقت گل جي حمايت ۾ گهڻو ڪجهه چئي به ڇڏيائين(90).

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته گل مرحوم ڪٿي ڪٿي موزونيت کان بنهه ڪري پيو آهي ۽ اڪثر لفظن جي بيهڪ کي گهٽ وڌ ڪري ٿو، مگر ياد رکڻ گهرجي ته اها شاعريءَ جي ابتدائي حالت آهي، جنھن ۾ سڀئي مشھور زبانن جا استاد ائين ڪندا هئا، اوهين فردوسيءَ جي شاهناميءَ ۾ اهڙا ڪيترا لفظ ڏسندا جي مروج صورت کان ٻيءَ طرح استعمال ڪيا ويا آهن، جهڙوڪ ساڪن کي مشدد ۽ مشدد کي ساڪن ڪرڻ يا ٻه ٽي اکر حذف ڪرڻ يا تقطيع ۾ پورو نه بيهارڻ! ابتدائي حالت ۾ هر ڪنھن زبان جا شاعر ڪندا آيا آهن، جي ان وقت جي حالت موجب گرفت جي قابل نه آهن، حالانڪ اڄ ائين ڪرڻ جائز نه ليکيو ويندو.

گل جي شاعريءَ بابت تنقيدي لحاظ کان گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي، تاهم سندس صحيح قدرداني گهٽ ڪئي وئي آهي. شيخ عبدالرزاق راز پنھنجي تحقيقي مقالي: سنڌي شاعري گذريل هڪ سو ڏهن سالن ۾ خليفي گل کان وٺي اڄ تائين ۾ ان جو ڪنھن حد تائين ازالو ڪيو آهي. پھريائين خليفي گل تي ٿيل تنقيد بابت اڳين سان اختلاف راءِ ڪندي لکي ٿو: (91)

خصوصاً خليفي گل جي ايڏي وڏي محنت جي باوجود سنڌي اديبن ۽ نقادن کيس فقط ٿورڙن لفظن ۾ ياد ڪيو آهي، ان ۾ به تقطيع جي نقائص ۽ غلط تلفظ جو ذڪر خير فرمائيندي ڪجهه بيت پنھنجي دعويٰ کي ثابت ڪرڻ لاءِ دليل طور پيش ڪيا آهن ۽ خليفي گل جي سموري محنت کي هڪ ئي ڌڪ سان ختم ڪري ڇڏيو آهي.

شيخ راز سنڌي شاعريءَ ۾ گل جي مقام جو تعين ڪندي هڪ دفعو ٻيهر زور ڏيندي لکي ٿو:

غزل جو مواد ۽ ٽيڪنڪ خليفي گل وٽ هڪ نمايان صورت اختيار ڪري ٿي، تنھنڪري اسان جي غزل جو دور گل کان شروع ٿئي ٿو. سنڌي شاعريءَ ۾ مواد خواهه هيئت جي لحاظ کان شاهه لطيف کان پوءِ گل نظر اچي ٿو، جنھن کي اسان جي عوام طبقي عموماً ۽ اهل ادب طبقي خصوصاً نظرانداز ڪيو آهي. گل سان اها نه فقط زيادتي ڪئي وئي آهي، پر هن سان بي انصافي پڻ ڪئي وئي آهي.

ان کان پوءِ شيخ راز پنھنجي ان ڊگهي مقالي ۾ گل جي شاعريءَ جي مواد کي ستن شعبن ۾ ورهائي شاعر جي داخلي ڪيفيت ۽ خارجي تاثرات کي واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنھن تي وڌيڪ بحث ڪرڻ جي هتي گنجائش نه آهي.

سنڌي عروضي شاعريءَ جو اهو الميو رهيو آهي ته ويهين صديءَ جي شروعات سان ۽ پاڪستان ٿيڻ کان اڳ اها عوامي جذبات ۽ احساسات جي نمائندگيءَ کان بلڪل خالي ٿي چڪي هئي، ۽ اها فقط هڪ مخصوص پڙهيل طبقي جي تسڪين ۽ وندر جو سامان بنجي پئي هئي. اهو وقت هو جڏهن سنڌي سماج خاص قسم جي سياسي سماجي اٿل پٿل جو شڪار هيو، جنھن جا محرڪ جديد ادبي رجحان هئا، تاهم اصل مسئلو عوام جي جذبات ۽ احساسات کي سمجهڻ ۽ انهن سان ڪنھن نه ڪنھن سطح تي مخاطب ٿيڻ ۽ کين متاثر ڪرڻ ۽ پاڻ ڏانھن متوجه ڪرڻ جو هو. ان لحاظ کان عوامي شاعري وجود ۾ اچڻ لڳي ۽ اهڙي شاعريءَ جي باقي رهڻ جو امڪان هو.

انهيءَ پس منظر ۾ خليفي گل محمد ۽ عام سنڌي شاعريءَ بابت سال 1951 ۾ ڊاڪٽر بلوچ پنھنجي تنقيدي راءِ ظاهر ڪندي صحيح چيو هو ته(92):

’عام سنڌي شاعر جو خطاب عوام الناس کي آهي ۽ نه خاص پڙهيلن کي، انهيءَ ڪري عام سنڌي شعر علمي پيچيدگين کان آجو آهي، عام شعر جي وزني سٽا لچڪيدار آهي. انهيءَ ڪري عام شاعري علم عروض جي نپايل موزون شاعريءَ کان مختلف آهي. موزون شاعري به عام شاعريءَ جي دائري کان خارج ڪانهي، بشرطيڪ موزون شاعريءَ جو خطاب عام هجي. خليفي گل محمد موزون شاعري کي عام محاوري ۽ اصطلاح ۾ نباهڻ جي ابتدائي ڪوشش ڪئي، مگر آهستي آهستي موزون شاعريءَ جا مخاطب خاص علم وارا بنجي ويا، جنھنڪري  موزون شاعري ۽ عام شاعريءَ ۾ هڪ وڏي گهاري پئجي وئي. عروضي شاعر به پنھنجي عام خطاب سان عوام جو شاعر بنجي سگهي ٿو، بشرطيڪ سندس خطاب عام هجي. انهيءَ معنيٰ ۾ خليفو گل محمد  ۽ حافظ حامد عام جا شاعر هئا، حالانڪ سندن شعر اڪثر عروض جي نپايل موزون شاعريءَ ۾ چيل آهي، انهيءَ معنيٰ ۾ اڄ جي شاعرن مان مولوي ثناءُالله ثنائي ۽ مولوي احمد ملاح عام جا شاعر آهن. 

حوالا:

 

1.             Ramsay Muir, The Making of   British India, (1756-1858) OUP, 1969, P. 299-300

2.           هندي اردو تنازعه، ڊاڪٽر فرمان فتحپوري، ص 452

3.           Hamida Khuhro, The Making of Modern Sindhi, P. 224

4.            George Stack, A Grammar of  the Sindhi  Language, SLA & EFT, 2011

5.            George Stack, A Dictionary of  English  And Sindhi, SLA & EFT, 2011

6.            Mukhtiar Mallah, The Development of  Sindhi P. 65-67

7.            Hamidah Khuhro, op. cit, 229

8.            Hamidah Khuhro, op. cit, 229

9.            Hamidah Khuhro, op. cit, 235

10.         Allah Rakhio Butt, The Nineteenth Century book trade in Sindh. Thesis. p 90

11.          Hamida Khuhro, 38, B.H.Ellis, Report, p. 14

12.         Hamida Khuhro, 238, B.H.Ellis, Report, p. 15

13.         Hamida Khuhro, B.H.Ellis, Report, p. 15

14.         Dr. N.A.Baloch 1969, Ellis Report, March 1856

15.         Ellis Report,  op. cit, p. 15

16.         Ellis Report,  op. cit, p. 15

17.         Ellis Report,  op. cit, p. 15

18.         Ellis Report,  op. cit, p. 15

19.         Hamida Khuhro,  op. cit,  255

20.        B.H.Ellis Report, op. cit,  26

21.         George Stack, Sindhi, English Dictionary, Introduction by  B.H.Ellis, Preface, Dated 21.12.1854, SAL & EFT, 2017

22.      محمد صديق ميمڻ، سنڌ جي ادبي تاريخ، ڀاڱو ٻيو 1968ع، ص 17

23.      ڊاڪٽر ٻُٽ، ٽماهي مھراڻ بهار، 2004، ص 45-61

24.        Dr. Butt, op. cit, P. 57

25.        Dr. Trump, Shah Jo Risalo, Preface, p. x-xi

26.      سنڌي ٻوليءَ جو گرامر، ٽرمپ، ص 331 ۽ 332

27.      شاهه جو رسالو، ٽرمپ، ص 18

28.        Ellis Report, forewording letter, p, 11

29.      سنڌ جي ادبي تاريخ، برٽش حڪومت کان اڳ، ص 23

30.      ڀيرومل اها ساڳي ڳالهه حرف بحرف محمد صديق واري دهرائي، ص 264

31.       ڀيرومل سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، ص 260-262

32.      E.H. Aitken P. 474

ياد رهي ته ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ڊئريڪٽرن پنھنجو فيصلو 8 ڊسمبر 1852 تي جاري ڪيو، ليڪن ايٽڪن غلطيءَ وچان 1853 لکيو، اهوئي سال ڀيرومل لکيو جنھن لاءِ ايٽڪن جو حوالو ڏنائين.

33.      مرليڌر جيٽلي، ٻوليءَ جو سرشتو ۽ لکاوٽ، ص 163

34.        Dr. Butt, Thesis 1988, p. 90

35.        Dr. Butt, op.cit, p. 91

36.      محمد صديق ميمڻ، سنڌ جي ادبي تاريخ، ڀاڱو ٻيو، ص 6

37.      محمد صديق ميمڻ، سنڌ جي ادبي تاريخ، ڀاڱو ٻيو، ص 15

38.      محمد صديق ميمڻ، سنڌ جي ادبي تاريخ، ڀاڱو ٻيو، ص 23

39.      محمد صديق ميمڻ، سنڌ جي ادبي تاريخ، ڀاڱو ٻيو، ص 24-25

40.        Dr. Butt, op. cit, p. 90-91

41.       محمد صديق ميمڻ، حوالو مٿي آيل، ص 68

42.        Dr. Butt, op. cit, p. 888-113

43.      مرليڌر جيٽلي حوالو مٿي آيل، ص 162

44.      محمد صديق ميمڻ سنڌ جي ادبي تاريخ، برٽش حڪومت کان اڳ، ص 116

(هتي اسان صرف اهي حرف ڏنا آهن جن جون صورتون مقدمة الصلواة جي قلمي نسخن ۽ ڇپيل ڪتابن ۾ نه مليون آهن) دراصل محمد صديق کي قلمي نسخي پڙهڻ ۾ غلط فھمي ٿي آهي جو پن کي پٽ، ڀنجي کي بهنجي، پرکي بهر، دڌي کي دڈي، ٿي کي تهي، مٽو کي مٺو، وغيره پڙهيائين.

اسان سنڌ جي ادبي تاريخ جي پھرئين ايڊيشن ۾ ڏنل اٺن ئي مثالن کي چڱيءَ طرح جاچي ڏٺو، سندس ڪن حرفن جي اها ڏنل صورتخطي مقدمة الصلواة جي قلمي توڻي ڇاپي ڪتابن ۾ ڪٿي به نظر ڪونه آئي).

45.      مقدمة الصلواة، ابوالحسن جي سنڌي، قلمي 1115هه، سنڌ آرڪائيوز نمبر 542.

46.      مقدمة الصلواة، ڪاتب عبدالخالق، مخزونه قاسميه ڪتبخانه ڪنڊيارو.

47.      مقدمة الصلواة، ڪاتب محمد عثمان سومرو، مخزونه قاسميه ڪتبخانه ڪنڊيارو.

48.      مقدمة الصلواة ڪاتب نامعلوم

49.      ڊاڪٽر بلوچ، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ، ص 440

50.      حوالو مٿيون، ص 82

51.       قاسمي، مقالات قاسمي، ص 604-606

52.      قليچ بيگ، جواهر الانسان، ص 57

53.      ڊاڪٽر ٻُٽ، مھراڻ 1/2004، ص 48 ۽ 54

54.      مٿيون حوالو، ص 54

55.       مٿيون حوالو، ص 54

56.        Hamida Khuhro,  cit, p. 233

57.        Hamida Khuhro,  cit, p. 231

58.      ٽرمپ جو گرامر، ص 331 ۽ 332 ۽ ايلس رپورٽ حوالو مٿي 28.

59.      ڀيٽيو محمد صديق طرفان ابوالحسن ڏانھن منسوب صورتخطيءَ جا حرف ۽ ٽرمپ جي جدول جو ٻيو ڪالم جيڪو ايلس کان اڳ سنڌ ۾ مروج صورتخطيءَ کي ظاهر ڪري ٿو.

60.      ڏسو خليفي گل جي ديوان جي مُهڙ ۾ تمهيد، ص 1 (چٽائي)

61.       ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ٽماهي مھراڻ 2/1972ع، ص 162

62.      (الف) مقدمة الصلواة مطبع فتح الڪريم بمبئي، 1298هه

(ب) مقدمة الصلواة مطبع ڪريمي بندر بمبئي، 1327هه

 (ج) مقدمة الصلواة هريسنگهه سکر،  1344/1346هه

(د) مقدمة الصلواة مطبع عباسي کراچي، 1350

(هه) مقدمة الصلواة مطبع علوي بمبئي، سال ندارد

63.      مقدمة الصلواة قلمي حوالو مٿي آيل ص 14، 22، 37، 38، 52

64.      مخدوم  ضياءَالدين جي سنڌي- سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، ص 7

65.      راحة المؤمنين جي سنڌي- سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، ص 34

66.      غلام علي الانا، سنڌي صوتيات، ص 64

67.      ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، ۽ ڊاڪٽر بلوچ، سنڌي صورتخطي، ص 15

عبدالڪريم لغاري، سنڌي الف- بي جي ارتقا، ص 50

68.      ڊاڪٽر دائودپوٽو، سنڌي صورتخطيءَ ۾ سڌارو، ص 52 ۽ 53

69.      فتح محمد جالندهري، مصباح القواعد، ص I

70.      قواعد اردو، ص 33

71.       جامع القواعد، ص 102

72.      سنڌي صورتخطي، ص 104

73.      سنڌي ٻاراڻو ڪتاب، ص 43

74.      اردو قاعدہ، پہلی جماعت کے لیے  (2018) ص 46

75.      سنڌي صوتيات، ص 78-80

76.      واحد بخش شيخ، سنڌي ٻوليءَ جو صرف و نحو، ص 25

77.      قاضي محمد اعظم قريشي، سنڌي علم و ادب ۾ هالا جو حصو، الرحيم، جولاءِ-آگسٽ 1987، ص 14

78.      سنڌ جي ادبي تاريخ، ڀاڱو ٻيو، ص 201، ۽ ديوان گل عبدالغفور هالائي، ص 1

79.      تذڪره مشاهير سنڌ، ڀاڱو ٻيو، ص 112-114

80.       

81.       تذڪره لطفي، ڀاڱو ٻيو، ص 319

82.      اصغر سائين جو ڪلام، ص 21

83.      حوالو مٿيون، ص ساڳيو

84.      کنوز المعارف فارسي، ص 34، توفيق الطالبين، ترجمو: ڪنوز المعرفت، ص 45

85.      توفيق الطالبين، ص 32

86.      حوالو مٿيون، ص 238

87.      توفيق الطالبين، ص 83

88.      ديوانِ گل ليٿو تي ڇپيل، ص 18، ديوانِ گل قلمي، ص 22

89.      سنڌ جي ادبي تاريخ، ڀاڱو ٻيو، ص 206 ۽ 207

90.      ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل، نئين زندگي آزادي نمبر آگسٽ 1956

91.       شيخ عبدالرزاق راز، نئين زندگي سپيٽمبر 1959ع، ص 4

ڊاڪٽر بلوچ، ٻيلاين جا ٻول، ص 4

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org