سيڪشن: لسانيات

ڪتاب: سنڌي صورتخطيءَ جو تحقيقي جائزو

باب:

صفحو:5 

اهڙيءَ طرح جڏهن ٽرمپ نومبر 1854 ۾ ايلس جي صورتخطيءَ تي سخت تنقيد ڪئي ته ايلس ان جو جواب ڏيندي ان جو نقل فريئر کي به موڪليو، فريئر ايلس جي جواب کي مدنظر رکندي پنھنجي رپورٽ ۾ ايلس جي خيالات جي مڪمل حمايت ڪئي. دراصل ايلس جيڪو جواب ٽرمپ کي ڏنو، انهيءَ ۾ اها حقيقت چڱيءَ طرح سامهون اچي وئي ته ايلس ڪهڙي آڌار تي سنڌيءَ جي اها صورتخطي پڌري ڪئي هئي، يعني هن جي آڏو ڪهڙو مواد ۽ لٽريچر هو جنھن تي هن ٽرمپ کي نھايت ڀرپور ۽ مدلل جواب ڏنو. اها ڳالهه تڏهن بلڪل کُلي سامهون آئي، جڏهن ايلس چيو ته اسان ٻيو ڪجهه نه ڪيو آهي سواءِ چند ٽٻڪن ۽ نقطن کي هيٺ مٿي رکڻ جي، ڇو ته اها سنڌ جي قديم صورتخطي آهي، جيڪا ڪيترن نسلن کان ائين هلندي اچي. هن چيو ته اسان مروج صورتخطيءَ ۾ ڪنھن به وڏي تبديليءَ ۽ ترميم جي حق ۾ نه آهيون، جڏهن ٽرمپ وسرڳ آوازن جو دليل ڏيندي چيو ته ڀ کي بهه، ٿ کي تهه ۽ ڇ کي چهه لکڻ کپندو هو ته ايلس ان جو جواب ڏيندي چيو ته ڀ ۽ ٿ سنڌيءَ ۾ شروع کان ان صورت ۾ موجود آهن. اهڙي طرح هن چيو ته مون کي لساني طور اهو مڃڻ ۾ تامل ڪونهي ته ’ک‘ اصل ۾ ’ڪ‘ جو وسرڳ آهي ۽ ڪهه جي صورت ۾ لکجي ها، پر سنڌيءَ ۾ اها صورت ڪڏهن به رائج ڪونه هئي. آخر ۾  ايترو به چيائين ته ’ڇ‘ برابر چهه آهي، پر ’ڇ‘ کي هڪ حرف جي صورت ۾ لکڻ ٻن حرفن ’چ‘ ۽ ’هه‘ کي ملائي لکڻ کان وڌيڪ آسان آهي. ايلس هڪ هنڌ ٽرمپ کي تاريخي دليل ڏيندي چيو:

I agree with Dr. Trump that it is sad, very sad to see such a blunder in a language as the use of ف with extra dots as the aspirate of پ. I regret him the blunder, but I am not prepared to say with him this letter must be struck out when it has existed in both the forms (  & ڦ) for years as a part of the written Sindhi language. I would rather quote his own words that “we are bound to take letters as they are not as we like”.(53)

ترجمو:   مان ڊاڪٽر ٽرمپ جي انهيءَ خيال سان متقق آهيان ته ٻوليءَ سان اها وڏي زيادتي ٿيندي جو ’ف‘ تي وڌيڪ ٽٻڪا ٿڦي ’ڦ‘ جو وسرڳي آواز ٺاهيو وڃي. مان اهڙي ارهه زورائيءَ تي سندس ڏکاري موقف ۾ برابر جو شريڪ آهيان، مگر مان سندس انهيءَ راءِ کي بلڪل مڃڻ لاءِ تيار ڪونه آهيان ته اُن کي مورڳوئي مٽائي ڇڏجي، جڏهن ته اهو ٻنهي شڪلين (ڦ ۽  ) ۾ ورهين کان سنڌي ٻوليءَ جي لکت ۾ موجود رهندو اچي ٿو. مان سندس ئي لفظ ورجايان ٿو ته: اسان اکرن کي جيئن جو تيئن کڻڻ لاءِ ٻڌل آهيون، نه ڪي جيئن اسان چاهيون ٿا.“

اڳتي هلي ايلس، ٽرمپ کي اصولي ۽ منطقي جواب ڏيندي لکيو:

Whether the old alphabet as in use in Sindhi is ‘irrational’ and ‘arbitrary’ appears hardly to the point. The alphabet is not a new one which we might frame on philological principles.(54)

ترجمو:   سنڌ ۾ پراڻي مروج صورتخطي ’عقل جي برخلاف‘ آهي يا ڪنھن اصول کان سواءِ ٺهيل آهي، اهو سمورو بحث اجايو آهي، اها ڪا نئين الف- بي ڪونه پئي ٺهي جو ان کي لسانيات جي اصولن کي آڏو رکي ٺاهيو وڃي.

انگريزيءَ جو مثال ڏيندي ٽرمپ کي لکيائين:

The English itself would have a poor chance if similarly attacked, and the only question, it appears to me, was from the first, what additions or amendments are absolutely essential to the completeness of the existing alphabet, and not whether it should be abolished, and German, Roman or other letters substituted for its present forms.55)

ترجمو:     اهڙي قسم جي حملي کان انگريزيءَ جو بچڻ به محال آهي، منهنجي سامهون شروع کان وٺي اهو سوال هو ته موجوده الف- بي ۾ ڪهڙا اضافا يا ترميمون ڪري سگهجن ٿيون، جيڪي اشد ضروري آهن، جنھن سان ان کي مڪمل ڪري سگهجي. باقي اهو سوال ڪڏهن به نه هو ته اڳينءَ صورتخطيءَ کي ختم ڪري ان جي جاءِ تي جرمن، رومن يا ٻي ڪنھن ٻوليءَ جا حرف وجهڻا آهن.

ان پس منظر ۾ سنڌي صورتخطيءَ جي سلسلي ۾ ايلس جي هڪ ماهر طور فيصله ڪُن ڪردار کي تسليم ڪرڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي. ليڪن اها به حقيقت آهي ته هو سنڌ ۾ 1851 ۾ پھتو ۽ ان کان اڳ برٽن سنڌ ۾ سال رهڻ بعد 2 جون 1848 تي سنڌي صورتخطيءَ بابت تفصيلي رپورٽ تيار ڪري تڏهوڪي ڪمشنر پرنگل کي موڪلي هئي، جيڪا آخري فيصلي وقت لنڊن ۾ ڪورٽ آف ڊئريڪٽرس وٽ موجود هئي ۽ برٽن جي مقابلي ۾ اسٽئڪ جي رپورٽ هئي. معلوم ٿئي ٿو ته برٽن جي رپورٽ نھايت مفصل ۽ مدلل هئي. ڊاڪٽر حميده کهڙو جنھن اهو سمورو مواد چڱيءَ طرح نظر مان ڪڍيو هو، خاص طور برٽن جي رپورٽ بابت لکي ٿي:

Burton drew up a detailed alphabet of Sindhi with diacritical marks in the alphabet he had suggested, and as it was universally used among the learned and appended it to the report.(56)

ترجمو: برٽن سنڌي الف- بي جي مڪمل پٽي تيار ڪئي، ايتريقدر جو حرفن کي اعرابون به اهڙيءَ طرح ڏنائين جيئن اها صورتخطي عام طور سنڌ جي عالمن وٽ مروج هئي، اهڙي پٽي برٽن پنھنجي رپورٽ سان شامل ڪئي هئي.

برٽن هڪ ٻي اهم ڳالهه به ڪئي هئي ته سنڌي صورتخطيءَ لاءِ نستعليق جي بجاءِ نسخ جي پرزور وڪالت ڪيائين، بلڪ ان اعتراض جو به جواب ڏنائين ته نسخ، نستعليق جي مقابلي ۾ لکڻ ۾ گهڻو وقت وٺي ٿو. ان رپورٽ سان هن سنڌي صورتخطيءَ ۾ لکيل ڪتابن جي فهرست به شامل ڪئي، جنھن مان سندس اهو ڏيکارڻ مقصود هو ته سنڌيءَ ۾ اڳ ئي ڪيترو علمي مواد تحريري صورت ۾ موجود آهي. برٽن هڪ هنڌ ائين به چيو ته ڪي انگريز آفيسر سنڌيءَ کي هندستاني يا اردوءَ جي بگڙيل صورت سمجهن ٿا، پر اها سندن سخت غلطي آهي. برٽن آخر ۾ ان راءِ جو اظھار ڪرڻ به ضروري سمجهيو ته ڀلي سنسڪرت جي رسم الخط ڪيڏي به عالمانه ڇونه هجي، پر سنڌيءَ لاءِ آءٌ ان کي رد ڪرڻ ۾ دير نه ڪندس(57).

هاڻي اسان وري ان سوال طرف اچون ٿا ته آخر ايلس سنڌي صورتخطيءَ ۾ پنھنجي طرفان ڪهڙا سڌارا، اضافا يا تبديليون ۽ ترميمون ڪيون، هتي هيءَ ڳالهه وري دهرائجي ٿي ته سنڌي الف- بي جي 52 اکرن مان 32، جن مان 29 عربي ۽ 3 فارسيءَ مان ورتل آهن، انهن جي صورتخطي ساڳي عربي- فارسي واري هلندي اچي، جن بابت ڪوبه مسئلو نه رهيو آهي. ان جو مطلب ته باقي سمورو معاملو خالص سنڌي 20 حرفن بابت آهي، اهي ئي حرف آهن، جن بابت هڪ دفعو وري اسان ٽرمپ جي پنھنجي گرامر واري ڪتاب ۾ ڏنل تقابلي جدول ڏانھن رجوع ڪريون ٿا. پھرين ڪالم ۾ ايلس کان اڳ يعني سنڌي عالمن جي مروج صورتخطي آهي، ٻئي ڪالم ۾ ايلس جي اختيار ڪيل صورتخطي ۽ ٽئين ڪالم ۾ ٽرمپ جي پنھنجي ٺاهيل صورتخطي آهي. هتي اهو بهرحال ٻڌائي ڇڏجي ته ’ء‘ شامل نه هئڻ ڪري ڪل 51 اکرن جي صورت يا شڪل ڏنل آهي.

ان چارٽ مان ئي ظاهر ٿئي ٿو ته ايلس پنھنجي طرفان ڪنھن هڪڙي حرف جي شڪل به نئين ڪونه ٺاهي. هن صرف ايترو ڪيو جو ٽٻڪن کي هڪ مقرر صورت ڏني، باقي حرفن يا اکرن جون اهي سڀ شڪليون يا صورتون ساڳيون سنڌي عالمن واريون رکيائين. هن سلسلي ۾ فريئر جي راءِ نهايت قابل قدر آهي. جنھن ٽرمپ ۽ ايلس جي صورتخطيءَ جي تقابلي مطالعي کان پوءِ پنھنجي اها راءِ ڏني هئي ته ٽرمپ جو تنازعو وڌ ۾ وڌ ٽن يا چئن حرفن تائين محدود آهي جن جو استعمال وري تمام گهٽ آهي(58). اها ڳالهه ڪالم ٻئي ۽ ٽئين مان چڱيءَ طرح واضح ٿئي ٿي. ٽٻڪن ۾ به ڪيترو معمولي فرق آهي، ان تي اسان ٽرمپ- ايلس تنازعي ۾ روشني وجهي چڪا آهيون. نتيجي طور اهو چوڻ وڌيڪ صحيح ٿيندو ته سنڌي صورتخطيءَ جا موجد يا ٺاهيندڙ سنڌي عالم هئا ۽ اها صورتخطي سنڌ ۾ صدين کان رائج هئي. انگريز سرڪار ان کي هڪ مقرر صورت ڏئي نافذ ڪيو. ان لحاظ کان ڏسبو ته انگريزن طرفان مقرر ٿيل سنڌي صورتخطي اڳ ۾ هلندڙ صورتخطيءَ جو تسلسل آهي. ان ۾ ڪابه نئين خاص ڳالهه ڪانهي، سواءِ ان جي ته ڪجهه حرفن ۾ ٽٻڪن جي بيھڪ مقرر ڪئي وئي.

آخر ۾ هڪ اهم ڳالهه ڏانھن اشارو ڪرڻ ضروري آهي ته ان چارٽ مان محمد صديق ميمڻ جي غلط فھميءَ جي به اصلاح ٿئي ٿي، جڏهن هو بهه، تهه، پهه، چهه وغيره واري صورتخطيءَ کي ابوالحسن ڏانھن منسوب ڪري ٿو. ٽرمپ جو چارٽ ان ڳالهه جي تصديق ڪري ٿو ته ايلس کان اڳ سنڌي عالمن واري صورتخطيءَ ۾ اهڙي ڪا صورت نظر نٿي اچي، ٻيو ته جيڪڏهن هجي ها ته ٽرمپ اها ضرور ڏئي ها، ڇو ته ٽرمپ خود ان قسم جي صورتخطيءَ جو حامي هو، پر معلوم ٿئي ٿو ته هن کي اهڙي ڪنھن به صورتخطيءَ جو ڪو اهڃاڻ يا نشان نه مليو(59).

l  آخوند گل طرفان صورتخطيءَ تي تنقيد ۽ صوتياتي اصول

جيئن ذڪر ٿي چڪو ته جولاءِ 1853/1269هه ۾ سنڌي صورتخطي مقرر ٿي چڪي ۽ سنڌيءَ ۾ ڪتاب لکجڻ شروع ٿي ويا. اها عجيب ڳالهه آهي ته لڳ ڀڳ انهيءَ ساڳئي عرصي ۾ يعني 1854/1270هه ۾ آخوند گل محمد پنھنجو ديوان مڪمل ڪيو، جيئن سندس ديوان جي آخر ۾ ڏنل ڪيترن تاريخي قطعات مان ظاهر ٿئي ٿو. ان کان پوءِ هو ٻن سالن جي اندر حج جي ارادي سان بمبئي پھچي ٿو، جتي پنھنجو ديوان ليٿو تي ڇپرائي ٿو ۽ جيئن ان تي لکيل تاريخ مان پتو پوي ٿو ته اهو 7 جمادي الثاني 1275هه يعني 12 جنوري 1859ع تي ڇپجي تيار ٿيو. (ضميمو-ز) بمبئي ۾ رهڻ دوران آخوند گل کي انگريزن طرفان مقرر ڪيل صورتخطيءَ بابت پوريءَ ريت علم ٿي چڪو هو، جو پنھنجي ليٿو تي ڇپيل ديوان جو جيڪو مقدمو لکيائين، ان ۾ سڀ کان پھريائين سرڪاري الف- بي تي تنقيد ڪندي لکيائين ته سرڪاري فردي ۾ سنڌي آوازن وارا ڪُل 20 اکر شامل ڪيا اٿن، جيڪي هن طرح آهن:

ٻ  ڀ  ٺ  ٽ  ت  ج  ڄ  ڃ  ڇ  ڊ  ڍ  ڌ  ڏ  ڙ  ڦ  ک  گ  ڳ  ڱ  ڻ

مقدمي ۾ اها وضاحت ڪيائين ته سندس مقصد سنڌي صورتخطيءَ ۾ خاص طور سنڌي اکرن جي چٽائي ڪرڻ آهي، ان کان پوءِ چيائين ته سنڌيءَ ۾ ٽي ٿلها اکر ڙهه، لهه ۽ نهه ڇڏي ڏنا اٿن(60). گويا سندس خيال ۾ انهن آوازن کان سواءِ سنڌي صورتخطي نامڪمل آهي. هتي اهو ٻڌائي ڇڏجي ته ٿلهن آوازن مان مراد بظاهر مرڪب جيئن جهه ۽ گهه آهن، جن کي صوتيات ۾ وسرڳ آواز، پر مفرد سمجهيو وڃي ٿو. ساڳئي وقت هن جو چوڻ هو ته انهن مرڪب آوازن ۾ جيڪو ’هه‘ جو گڏيل يا مليل آواز آهي ان کي ننڍي هه جي صورت ۾ ج يا گ، يا رهه يا ڙهه جي صورت ۾ لکيو وڃي ته جيئن ابجد جي حساب وقت هه کي الڳ حرف ڪري نه ڳڻجي.

ليڪن هتي اصل اهميت ان ڳالهه جي آهي جنھن ڏانھن آخوند گل ان وقت اشارو ڪيو، جنھن جو احساس سنڌيءَ جي صوتيات جي ماهرن کي گهڻو پوءِ ٿيو(61). آخوند گل سنڌيءَ جي جن ٽن آوازن ڙهه، لهه، نهه جي نشاندهي ڪئي، انهن مان ’نهه‘ جي قافيي تي ڪو غزل نه لکيائين، جو چيائين ته ان آواز سان ختم ٿيندڙ سنڌي لفظ ڪونه آهن، باقي ڙهه ۽ لهه قافيي تي ٽي ٽي غزل لکي شامل ڪيائين.

هن ڪتاب ۾ اسان خليفي گل جو اهو پورو مقدمو اصل سان گڏ جيئن جو تيئن موجوده صورتخطيءَ ۾ به پيش ڪري رهيا آهيون، (ضميمو- هه) جيڪو سنڌي صورتخطيءَ جي تاريخ جو نظرانداز ٿيل اهم دستاويز آهي، ڇو ته ان کي جيتري اهميت ملڻ کپندي هئي اها نه ملي آهي. خليفي گل پھريائين (واٽ ٻيءَ ۾) 23 سنڌي اکرن جو هڪ الڳ چارٽ ٺاهي انهن جي صورتخطيءَ کي آوازن ۽ مثالي حرفن سان واضح ڪيو ۽ ان کان پوءِ (واٽ نائين ۾) الڳ چارٽ جي صورت ۾ سنڌيءَ جي 55 اکرن جي آوازن کي مثالي آوازن سميت هڪ هنڌ ڪري لکيائين، ان ۾ هن ٽن ٿلهن اکرن ڙهه، لهه ۽ نهه کانسواءِ فارسي واري ژ کي به شامل ڪري ڇڏيو جنھن تي پڻ هڪ غزل ٺاهي شامل ڪيائين. آخوند گل جي ان پوئين ڳالهه سان انڪري اتفاق نٿو ڪري سگهجي جو نڪو کانئس اڳ ۽ نڪي پوءِ ڪنھن عالم ان حرف کي سنڌيءَ ۾ شامل سمجهيو آهي، اهڙيءَ طرح هو ’ء‘ کي 55 حرفن جي پٽيءَ ۾ شامل نٿو ڪري ڇو ته عربي- الف موجب اهو الف جي صورت آهي، ليڪن غزلن جي صورتخطيءَ ۾ ان کي ڪم آڻي ٿو.

ازانسواءِ آخوند گل کي اهو به احساس هو ته سنڌي ماڻهو ڪهڙن عربي حرفن جو اُچار يا آواز صحيح نه ڪڍي سگهندا آهن، انهن جو تعداد 12 ڄاڻايائين باقي 16 حرف جيڪي پڻ عربي اصل آهن، انهن کي جدا ڪيائين. اهڙيءَ طرح عربيءَ جي ڪل 28 حرفن بابت وضاحت پوري ڪيائين.

آخوند گل جيئن ته فارسيءَ ۾ تاريخي قطعات لکڻ ۾ ماهر هو، تنھنڪري سنڌي صورتخطيءَ جي 55 حرفن جا ابجد وارا ملهه يا وزن ٻڌائڻ ضروري سمجهيائين. هن سلسلي ۾ واٽ ڏهينءَ اندر اهو سڀڪجهه جدول جي صورت ۾ ٺاهي سمجهايائين. سندس مقصد هو ته جيئن سنڌيءَ ۾ لکيل ڪنھن به قطعي يا شعر منجهان ابجد جي حساب مطابق صحيح سال يا انگ معلوم ڪري سگهجي.

آخوند گل فارسي ۽ سنڌيءَ جي عالم ۽ شاعر هجڻ جي حيثيت ۾ اهو ٻڌائڻ به ضروري سمجهيو ته سنڌي بيت ۾ قافيي لاءِ الڳ اصول آهن، جيڪي خالص آواز تي مبني آهن، جنھنڪري سنڌي بيت ۾ ’ق‘ ۽ ’ڪ‘جو قافيو اچي سگهي ٿو، پر عروضي شاعريءَ ۾ ائين ڪرڻ جائز ناهي.

هتي اهو ٻڌائڻ ضروري ٿو لڳي ته سرڪاري طور مقرر ٿيل صورتخطي سنڌي ٻوليءَ جي گهڻن آوازن کي هڪ مقرر (Fixed) صورت ڏني، ليڪن ان سان سنڌي لکت جا سڀ مسئلا حل ڪونه ٿيا. اهوئي سبب آهي جو انگريزي دور ۾ سرڪاري طور لکيل ڪتابن اندر اڳين عالمن جي لکت وارو انداز خاص طور اعرابن جي حوالي سان ڪافي وقت تائين هلندو نظر اچي ٿو، جنھن ۾ خاص طور تنوين جو استعمال شامل آهي.

ان دؤر ۾ ٻئي طرف غير سرڪاري طور جيڪي سنڌي ڪتاب ڇپجي رهيا هئا، انهن ۾ وري سرڪاري صورتخطيءَ کي وڌيڪ سڌاري الف- بي جي پٽي ٺاهي پيش ڪئي ٿي وئي. ان صورتخطيءَ ۾ آخوند گل جي ٽن ٿلهن يا وسرڳ حرفن کي جهه ۽ گهه سان گڏي پنجن ٿلهن يا مرڪب آوازن سان ظاهر ڪيائون ۽ ان سان گڏ ٽي ٻيا آواز ڊر، ڍر ۽ ٽر کي به هر وقت الڳ آوازن جي صورت ۾ پيش ڪندا رهيا. هن جو ثبوت اهي ڪيترا ڪتاب آهن، جيڪي ليٿو تي سنڌ ۽ ان کان ٻاهر بمبئي وغيره ۾ ڇپبا رهيا. هتي اسان خاص طور ’مقدمة الصلواة‘ ۽ ان سان گڏ ڇپجندڙ ٻين اهڙن ستن ڪتابن جو ذڪر ڪنداسين جن جي شروعات ۾ هميشه سنڌي صورتخطيءَ جي اها پٽي ڏني ويندي هئي. اسان گهٽ ۾ گهٽ اهڙن پندرهن ڇپيل ڪتابن کي سامهون رکيو آهي، جن جي مُهڙ ۾ اها الف جي پٽي لازمي طور ڏني وئي آهي.(62)

هڪ لحاظ سان ڏسڻ ۾ ايندو ته اها صورتخطي جنھن ۾ 59 اکر ڏنل آهن، اڳين سنڌي عالمن طرفان انگريزي دور ۾ مقرر ڪيل صورتخطيءَ جي تڪميل يا وڌيڪ سڌاريل صورت آهي.

 

اسان هتي اهڙي پٽيءَ جو عڪس جيئن جو تيئن ڏيون ٿا:

ڏسڻ ۾ ايندو ته عربي جي اصلي 28 اکرن کي ڇڏي باقي سنڌي حرفن جي صورت ۽ آواز کي مثالن سان چڱيءَ طرح سمجهايو ويو آهي، ۽ ان کان هيٺ هڪ الڳ خانو ٺاهي ان ۾ سنڌيءَ جي اَٺن مرڪب آوازن کي واضح ڪيو ويو آهي، جيڪي هن ريت لکيل آهن:

ٽر (ٽريهه)      جهه (جهاڙ)    ڊر (ڊراک)     ڍر (ڍراپڻ)

ڙهه (پڙهو)     گهه (گهڻون)  لهه (ڪلهوڙو) نهه (ٻانهو)

اسان کي خبر آهي ته جهه ۽ گهه آخوند گل کان اڳ ابوالحسن کان وٺي ڪنھن نه ڪنھن صورت ۾ ملن ٿا، ليڪن ڙهه، لهه ۽ نهه کي آخوند گل گهڻي صراحت سان بيان ڪيو. اهڙيءَ طرح ٽر، ڊر، ڍر جا آواز يا اُچار سنڌي ٻوليءَ جي بنيادي آوازن طور ابوالحسن کان وٺي سڀني قلمي ڪتابن جي صورتخطيءَ ۾ اڪثر ملن ٿا.

دراصل محمد صديق ميمڻ ابوالحسن ڏانھن غلط فھميءَ وچان ٽ= تر، يا ڊ= درلکيو ته ان جو اهوئي مطلب هو، پر هو پاڻ ان کي چڱيءَ طرح سمجهي نه سگهيو. مثلاً ابوالحسن هميشه ٽي کي ٽري ( قلمي ص 38) ۽ ٽيون کي ٽرئو (ٽريون ص ق 4 ۽ 227)  ۽ اهڙيءَ طرح مائٽ کي مائٽر (ص ق 37) ڪري لکيو، وري ڊ کي در جو مطلب ڊر لکڻ هو، جيئن:

درجي درپ خدا= ڊرڄي ڊرپ خدا(63)

ڊريکه= ڊريگهه (ص ق 52) ۽ ننڊ کي ننڊر ڪري لکيائين.

ابوالحسن کان پوءِ اها ساڳي صورتخطي مخدوم ضياءُالدين (1091-1171) وٽ به ملي ٿي. هو ٽيو= ٽريو، پُٽ= پُٽر، چنڊ کي چنڊر ڪري لکي ٿو. اها ساڳي صورتحال محمد هاشم ٺٽويءَ جي ڪتابن ۾ ملي ٿي.

ٽرئو ڀانگو، ٽِرئو اونداهي رات ۾ (64)

وڏي ڳالهه ته اسان کي انهن حرفن جي اها صورتخطي شاهه لطيف جي اڪثر قلمي نسخن ۾ پڻ نظر اچي ٿي. ان لحاظ سان اهو نتيجو آسانيءَ سان ڪڍي سگهجي ٿو ته ٽر، ڊر، سنڌي ٻوليءَ جا معياري آواز آهن، جن جي اها صورتخطي به موجود هئي.(65) ائين چوڻ صحيح ڪونه ٿيندو، جيئن محمد صديق ميمڻ سمجهيو ۽ ان کان پوءِ سنڌيءَ جي هڪ جديد عالم وري ان کان اڳتي وڌي اهو چئي ڇڏيو ته اهي سنڌي ٻوليءَ جا معياري آواز ناهن، بلڪ اترادي لھجي جا آواز آهن(66). حالانڪ ان لاءِ ايترو چوڻ ڪافي آهي ته لکت ۾ جيترا به ڪتاب مليا آهن، جن ۾ اها صورتخطي آهي، اهي سڀ ٺٽي ۽ لاڙ جا هئا، جن انهن آوازن کي سنڌي ٻوليءَ جا معياري آواز تسليم ڪري، لکڻ جون اهي صورتون مقرر ڪيون، جيڪي صدين تائين قلمي توڻي ڇاپي رسالن ۾ ملن ٿيون، سنڌي لغت جي ماهر ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي(67) ته انهن آوازن جو بڻ بنياد ٻڌائيندي اهو به واضح ڪيو هو ته اهي آواز اصل ۾هندي جي ڪنھن قديم پراڪرت ذريعي سنڌيءَ ۾ داخل ٿيا، اهوئي سبب آهي جو هنديءَ ۾ پُٽ کي پُتر ۽ چنڊ کي چندر چوندا آهن. ان لحاظ سان سنڌي آواز پُٽر ۽ چنڊر اصليت سان وڌيڪ ويجها آهن. علامه ڊاڪٽر دائودپوٽو پڻ انهيءَ راءِ جو هو جو هڪ هنڌ اها ڳالهه هيئن چئي واضح ڪيائين:

’انهن مرڪب حرفن ۾ ’ٽر‘، ’ڊر‘ ۽ ’ڍر‘ کان سواءِ ٻيا باقي مرڪب پوريءَ طرح سنڌي صورتخطيءَ ۾ ڄاڻايل آهن. رڳو ’ٽر‘، ’ڊر‘، ’ڍر‘ جي چڱيءَ طرح شناس نه ٿيل آهي، عام طرح انهن مرڪب حرفن کي فقط ’ٽ‘، ’ڊ‘ ۽ ’ڍ‘ جي صورتن ۾ لکيو ويندو آهي، هرهڪ جا ٻه اُچار ٿيندا آهن، هڪ سخت ٻيو نرم، نرم اُچار ۾ ’ر‘ جو اکر ڳجهو آهي، جو جهوني الف- بي ۾ نروار لکيو ويندو هو. مگر جڏهن سڌاريل صورتخطي عمل ۾ آئي، تڏهن اها ’ر‘ ڪيرائي وئي ۽ فقط ٽ، ڊ، ۽ ڍ جون ساديون صورتون قائم رکيون ويون.‘(68)

انهيءَ جا مثال ڏيندي واضح ڪيائين ته ’پَٽُ‘ (ٽ سخت) جي معنيٰ آهي ريشم يا زمين جو اڇو ٽڪرو ۽ ’پَٽُ‘ (ٽ نرم سان) مان مراد آهي لوهه جو پٽ يا ڦيٿي جو پٽُ- وغيره.

صوتيات جي لحاظ کان سنڌيءَ ۾ وسرڳ آوازن (Aspirated) تي ڪافي وقت کان بحث ٿي رهيو آهي. وسرڳ اهڙن آوازن کي چيو وڃي ٿو، جن ۾ ’هه‘ مليل آهي جيئن، جهه ۽ گهه ۽ انهن کي مرڪب جي بجاءِ مفرد آواز تسليم ڪيو ويو آهي. جيئن اسان ڏٺو ته اهڙن ٻين ٽن آوازن جي نشاندهي خليفي گل ڪئي جن کي هن ٿلها آواز ڪري ڪوٺيو ۽ اهي ڙهه، لهه ۽ نهه ڄاڻايائين. هاڻي سوال آهي ته ڇا سنڌيءَ ۾ اهي ڪل پنج وسرڳ يعني جهه، گهه، ڙهه، لهه ۽ نهه آهن يا ان کان وڌيڪ ٻيا به آهن. پر ان کان اڳ جو اسان سنڌيءَ ۾ وسرڳ آوازن تي بحث ڪريون، اهو مناسب ٿو لڳي ته اردو ٻوليءَ تي به اُن لحاظ کان نظر ڪريون، جنھن کي هند- آريائي زبان تسليم ڪيو ويو آهي.

اردو زبان جي گرامر بابت پھريون معياري ڪتاب ’مصباح القواعد‘ فتح محمد خان جالندهري 1896 ۾ لکيو، جيڪو 1904 ۾ شايع ٿيو، انهيءَ ڪتاب جي پھرين باب ۾ هو اردوءَ جي حروف تهجي جو تعداد 51 ڄاڻائي ٿو. حاشيي ۾ وضاحت ڪندي لکي ٿو ته اهڙا حرف جن ۾ هه جو آواز مليل آهي، اهي 15 آهن جيڪي هيئن ڄاڻائي ٿو: (69)

بهه (ڀ)               پھه (ڦ)               تهه (ٿ)            ڻهه (ٺ)  جهه (جهه)             چهه (ڇ)         دهه (ڌ)         ڈهه (ڍ)

رهه             ڑهه (ڙهه)      کهه (ک)              گهه (گهه)     لهه، مهه، نهه

بابائي اردو مولوي عبدالحق جڏهن ’قواعد اردو‘ لکيو ته هن وري اردو زبان جا ڪل حروف تهجي 50 ڄاڻايا، جن ۾ هو، ٹ، ڈ ۽ ڑ کي خالص هندي سمجهي ٿو. ان کان پوءِ هو هنن ڏهن مخلوط هائيه آوازن جو ذڪر ڪري ٿو جيڪي اردوءَ جي مروج حروف تھجي ۾ شامل آهن:

بھ     پھ     تھ     جھ     چھ     دھ     ڈھ     ڑھ     کھ     گھ

ليڪن ساڳئي وقت تسليم ڪري ٿو ته اردوءَ ۾ هيٺيان چار آواز به آهن، رهه، لهه، مهه، نهه.(70)

انهن جا مثال ڏيندي لکي ٿو ته تيرهوان، ڪولهو، تمهارا ۽ ننها آهن. هو وضاحت ڪندي لکي ٿو ته اهي جيتوڻيڪ سادا آواز آهن پر هه جي مليل آواز ڪري انهن کي ان صورت ۾ لکيو وڃي ٿو، مطلب اهي مرڪب آواز آهن، اردو ۾ هائيه آوازن کي دوچشمي ۽ ٻي چٽي ’هه‘ کي هيٺان اڻي ڏيئي لکندا آهن.

بابائي اردو کان پوءِ ڊاڪٽر ابوالليث صديقي اردوءَ جي صوتي نظام جو جديد صوتيات مطابق جائزو پيش ڪيو آهي. جنھن ۾ هو آوازن جي مخرج جي لحاظ کان پھرين صوتين (Phonemes) جو تعداد ٻڌائي ٿو، جيڪو سندس تحقيقي تجزئي موجب 49 آهي. بهرحال هائيه يعني هه سان مخلوط آوازن ۽ ان سان لاڳو حرفن جو تعداد ’جامع القواعد‘ ۾ 18 ٻڌائي ٿو.(71)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org