سيڪشن؛    ڪهاڻيون

ڪتاب:مهراڻ جون چونڊ ڪهاڻيون

باب: --

صفحو :4  

مهراڻ جون چونڊ ڪهاڻيون

حميد سنڌي

 

مٺي

زينت عبدالله چنا

 

                ٻين عورتن سان گڏ هوءَ به منهنجي مالڪڻ وٽ مزوري ڪرڻ ايندي هئي. هوءَ ٻين وانگر گهڻو ڳالهائيندي نه هئي، پر ڪم سڀني کان گهڻو ڪندي هئي، جو ڪم ٻين کان نه ٿيندو هو، مان هن کي چوندو هوس،  ته هڪدم ڪندي هئي.  ٻيون عورتون سڀني نوڪرن چاڪر سان کلنديون ڳالهائينديون هيون، پر هوءَ ڪنهن سان به ڪو نه ڳالهائيندي هئي، جي ڳالهائيندي هئي ته  فقط پنهنجي پٽ دائود سان. دائود عمر ۾ چئن پنجن سالن جو هو، پر پنهنجي تندرستي ۽ بوتي جي ڪري ستن اٺن سالن جو پئي لڳو. سندس اکين ۾ شهزادن جهڙو چمڪو هو ۽ جنگجو سپاهيءَ وانگر منجهس جرئت هئي. هلندو هو ته سينو تاڻي هلندو هو. ڄڻ ڪو وطن  دوست پنهنجي سيني تي گوليون کڻي نڪتو آهي. ڏاڍو وڻڻ جهڙو ٻار هو.

                هڪ دفعي مان پنهنجو پيار روڪي نه سگهيس ۽ کيس ڳل تي هڪ ”مٺي“ کڻي ڏنم. دائود روئڻ لڳو ۽ ماءُ کي چوڻ لڳو: ”امان هن هتي ”ڇي“ لڳائي آهي. دائود جي ”ڇي“ تڏهن لٿي جڏهن ماڻس ڳل تي بار بار مٺيون ڏنيون. مان ڏاڍو شرمندو ٿيس.  دل ۾ سوچڻ لڳس ته  هن ڇوڪري تي آخر ڪيئن فتح حاصل ڪجي! ٻار مون کي  به پنهنجو هو، پر هن کي ڪنهن به کاڌي جي شيءِ سان هر ڪو فتح ڪري ٿي سگهيو: ان ۾ ايتري جرئت ڪٿي؟ شايد ان جي ماءُ جي پيار ۾ اهڙي اونهائي نه هئي، يا ”هر ڪا عورت ماءُ نٿي ٿي سگهي“ وارو مقولو پورو ٿي ٿي آيو. بهرحال مون کي دائود جي ماءُ جي خصلتن ۽ دائود جي جرئت انهن ڏي ويجهو ڪيو. مون ڪوشش ڪندي نيٺ انهن ڏي  ويجهو قدم وڌايو.

                دائود جي ماءُ هڪ بيواهه هئي. چڱي گهر جي عورت هئي. مڙس مرڻ بعد کيس مڙس جي رشتيدارن ملڪيت ڦري ڪڍي ڇڏيو هو. دائود جي خاطر هن شرم ۽ حيا ۽ وڏائيءَ کي ڳٺڙيءَ ۾ ٻڌي مزوري شروع ڪئي هئي، پورت ان مان به خير ڪي ٿيندي هيس،  پر هن دائود کي ڪنهن جي اڳيان هٿ ٽنگڻ جي تعليم نه ڏني هئي. پاڻ رکي سڪي کائي، هن دائود کي چڱو کارايو ۽ پهرايو ٿي. نالي ۾ هوءَ  ”سوني“ هئي پر هن پاڻ کي لوهه کان به سخت بڻائي ڇڏيو هو. معلوم ائين ٿي ٿيو ڄڻ هن پنهنجي ”نسائيت“ کي پري هٽائي هڪ پاسي رکي ڇڏيو آهي. جيتوڻيڪ هوءَ شڪل شباهت جي سٺي هئي ۽ منجهس اهو ڪي هو جو هڪ قبول صورت عورت ۾ هئڻ کپي. پر هن پنهنجي انهي مقبوليت کي پاڻ ڄاڻي ٻجهي مٽيءَ ۾ لوئي ميرو ڪري ڇڏيو هو. هوءَ صرف دائود لاءِ هئي ۽ دائود صرف هن جو هو. اهو ئي سبب هو جو هن جي ”مٺيءَ“ ۾ اها پاڪيزگي هئي جو دائود لاءِ هر درد جو درمان ۽ ايذاءَ جو علاج اها هڪ ئي ماءُ جي مٺي ڪافي هئي. مون ڪيترا دفعا دائود جي بک به انهيءَ ”مٺيءَ“ سان دفع ٿيندي ڏٺي.

                گهڻي ڪم، بک ۽ فاقن آخر سونيءَ کي ڪيرائي وڌو. مون ڏٺو پئي ته هوءَ آهستي آهستي موت ڏي وڌندي وڃي؛ پر هن ڪڏهن به ڪنهن جي مدد وٺڻ قبول نه ڪئي. انهيءَ قسم جي گفتگو کان هوءِ هميشه نٽائيندي هئي. اکئين پئي ڏٺم: ته انهي قسم جي خود داري کيس موت جي منهن ۾ اڇلائي رهي هئي. پر هن جي اها ئي روش ۽ اهو ئي ڍنگ، جو ڄڻ ته ظاهر ظهور چئي رهي هجي: ”مون ۾ توهان جو ڇا، ڇا ۾ اوهان منهنجا آهيو!“ ڪڏهن ڪڏهن کيس ڏسڻ ويندو هوس. پر ڪيترو آخر، ڪو ڪنهن وٽ انهن حالتن ۾ ايندو ويندو رهندو؟

                هڪ ڏينهن صبح جو وقت هو ته دائود منهنجي دروازي تي مون کي سڏي چوڻ لڳو: ”امان ٿي سڏئي“. مان ترت ئي ساڻس ويس. ڏٺم ته  سوني آخري پساهن تي آهي. پنهنجي سيرانديءَ کان سڪل مانيءَ جي ٽڪر کڻي دائود کي ڏنائين ۽ دائود جي ٻانهن مون کي ڏنائين. دائود زوريءَ مون کان ٻانهن ڇڏائي ماءُ جي منهن تي منهن رکيو، پر سندس ماءُ جي ”مٺي“ اڌوري رهجي وئي ۽  دائود روئندي روئندي اتي ئي سمهي پيو. مان ستل دائود کي گهر کڻي آيس. منهنجي زال ههڙي مهانگائيءَ جي وقت  ۾ دائود کي پاڻ وٽ رهائڻ کان ڪيٻايو، مون مالڪڻ کي ستايو،  دائود جي حال تي رحم ڏياريو، کيس چيو: ”دائود لاوارث ۽  يتيم آهي، اوهان جي ۽ اوهان جي ٻچن جي بچت سچت کائي وڏو ٿيندو، وڏو ٿي اوهان جي گهر جو نمڪ خوار نوڪر بڻجندو“ پر مالڪڻ هڪ يتيم ڇوڪري کي پنهنجي مٿان مصيبت سمجهي پاڻ وٽ رکڻ کان انڪار ڪيو. آخر شام جو مالڪ آيو. انکي ستايم، جنهن خدا ترسي ۽ دردمنديءَ خاطر دائود کي رهائڻ قبول ڪيو ۽  مالڪڻ کي سمجهايو ۽ دائود اتي رهڻ لڳو.

                پر دائود اهو ساڳيو دائود نه رهيو، جنهن کي هڪ ڏينهن منهنجو پيار ”ڇي، ڇي“ ٿي لڳو هو، سو هينئر منهنجو پيار هيڏانهن هوڏانهن جون نظرون بچائيندي چپ چاپ برداشت ڪندو هو، بلڪل اهڙيءَ طرح جهڙيءَ طرح هڪ بکيو برهمڻ ڪيترن ڏينهن جي بک سبب لڪي ڇپي ڪنهن اڇوت جو ڀت کائيندو هجي. هو جڏهن پنهنجي مزي ۾ ايندو هو. تڏهن خوب هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙندو هو، راند ڪندو هو. مان سمجهندو هوس ته اجهو ٿو ڪري، پر ڪرندو ڪو نه هو، ڇو ته کيس  خبر هئي ته هر ڌڪ، هر زخم جو علاج ”مِٺي“ ته گهڻو اڳ کانئس جدا ٿي چڪي هئي. ڇوڪرا کيس ماريندا هئا، پر هو چپ رهندو هو: اکين ۾ پاڻي ايندو هوس، پر اوڇنگارون ڏئي ڪو نه روئندو هو. هو ڏينهون ڏينهن پنهنجو پاڻ ۾ ڇپندو ٿي ويو، منجهانئس  اها جرئت، اها البيلائي جيئن پوءِ تيئن گم ٿيندي ٿي وئي. مان جڏهن اهو ڏسندو هوس ته مون کان ”آهه“ نڪري ويندي هئي!

                هڪ ڏينهن دائود کي ڪجهه وقت گهر ۾ ڪو نه ڏٺم، اوچتو مالڪڻ جي رڙين تي معلوم ٿيم ته مالڪڻ جي ٻارن سان ٻاهر نڪري ويو آهي ڇو ته مالڪڻ چوڻ لڳي ته ”ڇورو ندورو، منهنجي ٻارن کي به الائي ڪٿي رلائڻ وٺي ويو آهي.“ مان ڊوڙندو ٻاهر ويس،  سامهون ڏٺم ته  ميدان ۾ ٻار ته سڀ هئا، پر پرئين پاسي کان هڪ ڏاند کي ٻارن ڏي ڊوڙندي ڏٺم، هڪ به ويو ٻه به ويا، ڊوڙي اڳتي ويس، پر ڏاند اڳ ئي ٻارن وٽ پهچي چڪو هو. ٻار ته ڀڄي ويا. پر مالڪڻ جو ننڍڙو ڪڪو ڀڄي نه سگهيو. دائود جڏهن اهو ڏٺو ته  هن هڪدم ڪڪي کي ڌڪو ڏئي ڏاند جي اڳيان ٿي بيهي رهيو. ڪڪو بچي ويو ۽ دائود زخمي ٿي پيو. مان جڏهن پهتس ته ڪڪو روئي رهيو هو ۽ دائود بيهوش پيو هو. مون بيهوش دائود کي ڪلهي تي کنيو ۽ ننڍڙي مالڪ کي چيچ کان ورتو. گهر پهتس ته مالڪڻ ڪاوڙ مان چيو: ”منهنجو ٻچو پيادل پيو اچي ۽ بادشاهه زادو ڪلهي تي کنيو پيو اچين؟“ مون ڪڇيو ڪو نه ۽ دائود کي پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ کڻي ويس. گهڻ جتنن بعد بيهوش دائود هوش ۾ آيو. هوش ۾  اچڻ بعد هو روئڻ لڳو. مون ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته هو ماٺ ڪري، پر اڄ دائود کي مٺيءَ جي ضرورت هئي، جا هن جي دک جو درمان هئي: پر اها مٺي اچي ڪٿان!

                منهنجو دماغ ڦاٽي رهيو هو، سر جي درد کان زياده مون کي دلي درد هو: ڇو ته دائود جي روئڻ مون کي بي قابو بڻائي ڇڏيو هو. ننڍڙي مالڪ کي ته ڌڪو کائيندي ٿورو زخم ٿيو هو، پر دائود جو ته  هر عضوو زخمي پيو هو ۽ علاج ننڍڙي مالڪ جو ٿي رهيو هو. ڊاڪٽر موٽرن ۾ پئي آيا،  آرام ۽ کاڌي جا مشورا پئي ٿيا، ننڍن ۽ وڏن پئي پڇيو. مون کي اهو حال ڏسي  مفلسي ۽ بي وسيءَ تي غصو پئي آيو ۽ هر هر دائود ڏانهن وحشت ڀرين نگاهن سان پئي نهاريم. ڪڏهن ڪڏهن دل ۾ ويچار پئي آيم ته آخر هيءَ مصيبت مون ڇو پالي جنهن دلي آرام وڃايو آهي، جنهن مون کي منهنجي نظرن ۾ ايڏو بيوس ۽  مجبور ثابت ڪيو آهي. اها حالت شايد دائود  به سمجهي ورتي، ڇو ته ان جون خاموش نگاهون چئي رهيون هيون ته تنهنجو پيار ڪوڙو تڏهن ته  جلد ڪڪ ٿي پيو آهين، ان ڪري ته تنهنجي پيار ۾ ”ڇي“ هئي. مان پاڻ  کي نهايت شرمنده سمجهڻ لڳس، مون ۾ دائود سان اکين ملائڻ جو تاب نه رهيو.

                مٿي جي سور جي هوندي به مان سڄي رات جاڳيس، ڇو ته دائود کي زخمن جي سور ڪري بخار هو ۽ هو ساري رات روئندو رهيو. صبح ٿيڻ ۾ ڪجهه دير هئي ته دائود ننڊ ۾ روئندي چيو ”امان تون اچي وئينءَ!“ مون جلد وراڻيو ”ها“ ۽ جهٽ کڻي مٺي ڏني مانس. دائود جو چهرو ننڊ ۾ ئي ٻهڪڻ لڳو ۽ اکيون کولي مون ڏي نهاري روئڻ لڳو. مان پريشان ٿي ويس: آخر چيم، ”دائود پٽ تون جيڪي گهرين ٿو سو مان ڄاڻان ٿو پر.....!“

                اتي مالڪڻ جو سخت گير آواز آيو، ”ڪمبخت ڄاڻين ٿو ته پوءِ ان موجب ڇو نه ٿو ڪرين؟ سڄي رات ڪتي جي پونگڙي وانگر ”پين، پين“ ڪري، منهنجي ٻچي جي ننڊ ڦٽائي اٿس. هڪ ته ان کي ڪچلي آيو آهي، ٻيو اک لڳڻ نه ڏني اٿس. ڪڍ هن کي ٻاهر! جي هن کي نٿو ڪڍين ته کڻ تون به بسترو مون کي ڪو نه کپين، نڪرو هن گهر کان ٻاهر.“ ائين چئي هوءَ منهنجا ٽپڙ ٽاڙي ٻاهر اڇلائڻ لڳي.

                سڄي دنيا صبح جو مٺي ننڊ ۾ مست هئي ۽  مان پنهنجو سامان هڪ غريب جو سامان جنهن ۾ نه پلنگ هئا نه فرنيچر هو-  فقط هڪ چادر ۽ ڪجهه بچيل چانور ۽ اٽو هو: ڪنا ۽ هنڊيون ته مالڪڻ جي غصي جو کاڄ ٿي چڪا هئا: منهنجيءَ زال ستل ٻار کنيو ۽ مون ڳنڍڙي کنئي ۽ بيهوش دائود کي ڪنڌ تي رکيو ۽ هڪ نامعلوم منزل ڏي وک وڌائي، ڪاش! دائود کي ان وقت چئي سگهان ها! ”دائود تنهنجي درد جي درمان ”مٺي“ منهنجي وس ۾ ڪانهي..... تنهنجي اها مٺي آخر آءٌ ڪٿان آڻي توکي ڏيان!“ پر ان وقت دائود اها  منهنجي ايڏڙي ڳالهه سمجهي به ڪين سگهي ها!

(مهراڻ سيارو 1955ع)

 

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13  14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com