سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: جنت السنڌ

باب؛ 8

صفحو :21

5_ جنگ کان اڳ، ٽالپر صلح جي شرطن کي منظور ڪرڻ لاءِ تيار هئا ۽ جنگ کان پوءِ انهن هٿيار ڦٽا ڪيا، تنهن هوندي به سر چارلس نيپئر شاهي بيگمات جي بيحرمتي ڪئي. ميرن کي جلاوطن ڪرڻ کان پوءِ انهن لاءِ جيڪي وظيفا مقرر ڪيا ويا، سي گهڻو ناڪافي هئا. گورنر جنرل ميرن جي جن خطن کي بهانو بنايو سي جعلي هئا.(2) مير علي مراد خان، مير رستم خان تي جيڪي الزام مڙهيا هئا، سا سندس عياري هئي. هن ڪپتان برائون جي منشي محي الدين کي ڏهه هزار رپيا ڏيئي، نونهار جي معاهدي جي شرطن ۾ ڦيرڦار ڪرائي، جعلي دستاويز تيار ڪرايا. انگريزي عملدارن ۽ سندن منشين کي رشوتون ڏيئي، مير رستم خان جي ٽپال گم ڪرائي. مٿين سنگين الزامن ڪري لارڊ ايلنبرو جي ڇٽڻ جي ڪااميد ڪانه هئي، سندن خوش قسمتي چئبي، جو ڪمپنيءَ جي ڊائريڪٽرن جي بورڊ جي صدر سر جان هاب هائوس سندس سفارش ڪئي.

ان کان سواءِ برٽش وزارت جون واڳون انهن ڏينهن ۾ لارڊ پيل جي هٿن ۾ هيون، جنهن سندس طرفداري ڪندي، کيس مٿين الزامن کان بري ڪرايو. ايلنبرو خلاف جاچ ڪرڻ لاءِ ڊائريڪٽرن جيڪا خفيه ڪاميٽي مقرر ڪئي هئي، تنهن جي اڳيان هن پنهنجي بچاءَ ۾ چيو هو ته، ميرن بهاولپور ۽ جيسلمير جي علائقن کي موٽائي ڏيڻ کان انڪار ڪيو، تنهن ڪري ڪاهه ڪئي ويئي هئي!

سنه 1260هه (1844ع) سيپٽمبر مهيني ۾ مير نصير خان، مير صوبدار خان ۽ مير محمد خان نئين گورنر جنرل لارڊ هارڊنج کي پڪار ڪئي. 6 مارچ تي، ڪورٽ آف پروپرائيٽرس ڪمپنيءَ جي ڊائريڪٽرن کي هدايت ڪئي ته راڻي وڪٽوريا جي وزارت کي لکيو وڃي ته لارڊ ايلنبرو جي ڪيل ناانصافين متعلق جاچ ڪئي وڃي، ليڪن انڊيا آفيس اهڙي اجازت ڪانه ڏني. جواب نه ملڻ تي ميرن قرض کڻي پنهنجا ٽي وڪيل آخوند حبيب الله، ديوان ميٺارام ۽ ديوان ديارام کي لنڊن ڏانهن روانو ڪيو. وڪيلن دارالعلوم تائين پڪارون ڪيون، پر جيئن بيگمات جي درخواستن تي ڪو ڌيان ڪونه ڏنو ويو، تيئن ميرن جي اپيلن جو به ڪو کڙ تيل ڪونه نڪتو، فقط لارڊ هارڊنج بارڪپور ڇانوڻيءَ ۾ ميرن سان ملاقات ڪندي ظاهر ڪيو ته واقعي ساڻن ناانصافي ٿي آهي، ساڳئي وقت گورنر جنرل پنهنجين مجبورين کي به ظاهر ڪيو.

نيپئر جي پڄاڻي:

سر چارلس نيپئر پنجاب فتح ٿيڻ کان پوءِ ٿورو وقت هندستان جو ڪمانڊر انچيف ٿي رهيو، ان زماني ۾ لارڊ ڊلهاؤسيءَ پنجاب پوليس جا پگهار وڌايا هئا، جنهن تي نيپئر اعتراض اٿاريو، پوءِ استعفيٰ ڏيئي ولايت ڏانهن ويو، جتي سنه 1852ع ۾ مئو.(1) انگريز قوم سندس يادگار لاءِ سندس پتل جو بوتو لنڊن جي مشهور چؤسول ٽرئفلگر ۾ کڙو ڪيو.(2) هو سنه 1847ع تائين، سنڌ جو گورنر رهيو هو. ساڳئي سال سندس وڃڻ کان پوءِ سنڌ بمبئي کاتي سان لاڳو ٿي ويئي ۽ مسٽر پرنگل سنڌ جو پهريون ڪمشنر مقرر ٿيو.

ميرن جي واپسي:

سنه 1270هه (1854ع) ۾ لارڊ ڊلهاؤسيءَ جي سفارش سان اٺن ورهين تائين جلاوطن رهڻ کان پوءِ ڪمپنيءَ جي ڊائريڪٽرن، ٽالپر ميرن کي سنڌ ڏانهن موڪلڻ لاءِ گورنر جنرل کي اجازت ڏني. ان وچ ۾ سنه 1662هه (1846ع) ۾ مير نصير خان ۽ مير صوبدار خان جو پٽ ڪلڪتي ۾ وفات ڪري ويا. 4 مارچ 1857ع تي شهزادي مير عباس علي خان ۽ مير شهداد خان ڪلڪتي ۾ وفات ڪئي. ميرن جي جنازن کي کڻائي حيدرآباد جي اتر واري شاهي قبرستان ۾ دفنايو ويو. سنه 1852ع ۾ مير فضل علي خان ۽ سنه 1853ع ۾ مير غلام شاه وفات ڪري ويا. سنه 1262هه (1846ع) ۾ مير رستم خان پوني ۾ وفات ڪئي. مير صاحب کي پوني ۾ رکيو ويو هو، ڇاڪاڻ جو پيرسنيءَ ۽ ضعف ڪري هو ڪلڪتي وڃي نه پئي سگهيو. سندس ڀائٽي مير نصير خان 1281هه (1864ع) ۾ وفات ڪئي. ٻنهي ميرن جا لاشا خيرپور آندا ويا. نومبر 1855ع ۾ مير محمد خان ۽ مير يار محمد خان دهلي ۽ پنجاب رستي کان حيدرآباد پهتا. سنه 1275هه (نومبر 1859ع) ۾ مير حسين علي خان حيدرآباد پهتو. مير صاحبن کي سنڌ جي ڪمشنر جاگيرون ڏنيون. جلاوطنيءَ جي زماني ۾ کين خط و ڪتابت ڪرڻ جي اجازت هئي.

فتح محمد خان غوري:

فتح محمد خان غوري، جنهن جي عمر مياڻيءَ جي جنگ وقت اسي ورهيه هئي، سو پهريائين مير رستم خان سان گڏ حيدرآباد ۾ نظربند هو. مير مراد علي خان مٿس الزام مڙهيو ته هو خيرپور جي وزير علي حسين کان ڇهه هزار رپيا قرض کڻي ڀڄي ويو آهي. شيخ علي حسين، جو سهارنپور هندستان مان قسمت آزمائڻ لاءِ سنڌ ۾ آيو هو ۽ پوءِ خيرپور جو وزير ٿيو هو، سو مير علي مراد خان سان سندس سازشن ۾ ٻٽ هو. هن سابق وزيراعظم تي قرض جو ڪوڙو الزام مڙهيو هو. مٿئين الزام ڪري پوڙهو فتح خان هڪ سال تائين مير علي مراد خان وٽ قيد رهيو، پوءِ بهاولپور جي نواب سندس قرض جي رقم ڀري، کيس آزاد ڪرائي، پنهنجو وزير مقرر ڪيو. نواب صاحب فتح خان کي ويهه هزار رپيا نقد انعام ۽ 14 هزار رپين جي آمدنيءَ واري جاگير عطا ڪئي. پڇاڙيءَ جو پيرسنيءَ جي حالت ۾ ملتان جي جنگين ۾ ناموري حاصل ڪري وفات ڪيائين.

مير شير محمد خان ماڻڪاڻي:

مير شير محمد خان ماڻڪاڻي ’شير سنڌ‘ کي انگريزن سر جان لارينس گورنر پنجاب جي سفارش سان مارچ 1853ع ۾ ميرپور خاص ۾ رهڻ لاءِ اجازت ڏني. مير صاحب شهر کان ٻن ميلن جي مفاصلي تي ٽنڊو شير محمد خان تعمير ڪرائي رهڻ لڳو. سنه 1857ع ۾ بلوي جي ڏينهن ۾ وفادار رهڻ ڪري، مير صاحب کي برٽش حڪومت ڪي_ سي_ آءِ جو خطاب ڏنو. پهريائين مير صاحب کي هڪ هزار رپيا ماهوار وظيفو ملندو هو، پوءِ سنه 1863ع ۾ کيس ٻه هزار رپيا ملڻ لڳو. آگسٽ 24، سنه 1871ع تي وفات ڪيائين.

نواب احمد خان لغاري:

نواب احمد خان لغاري به مير شير محمد خان سان گڏ آڻ مڃي هئي. سر چارلس نيپئر هن لاءِ گورنر جنرل کي سفارش ڪري ويو هو. نواب صاحب کي لاڙڪاڻي ضلعي ۾ جاگير ملڻ سميت هڪ سؤ رپيا ماهوار وظيفو به ملڻ لڳو. سنه 1858ع ۾ ميجر گولڊ سمٿ سندس جاگير کي موروثي ڪرڻ لاءِ سفارش ڪري ويو هو. فيبروري سنه 1870ع ۾ وفات ڪيائين.

مير علي مراد خان:

ڀائرن سان مير علي مراد خان تڪرار ڪري ميرن جي صاحبيءَ جو سنڌ ۾ خاتمو آندو. مير علي مراد خان تي بعد ۾ سر چارلس نيپئر نونهار جي معاهدي ۾ خيانت ڪرڻ جي الزام هيٺ گورنر جنرل کي شڪايت ڪئي، جنهن تي سنه 1852ع ۾ لارڊ ڊلهاؤسيءَ ڪنڊياري ۽ نوشهري (ساهتي) جا پرڳڻا سندس رياست کان ڇني حيدرآباد ضلعي سان لاڳو ڪيا ۽ بردڪو، شاه ٻيلو، چڪ، سيد آباد، اٻاوڙي، ميرپور ماٿيلي، لڌو گاگن، الور، بکر ۽ بامبرڪي علائقا رياست کان ڇني شڪارپور ضلعي سان شامل ڪيا. سنه 1856ع ۾ مير صاحب پاڻ ولايت ڏانهن انصاف لاءِ ويو، وڪيل ڪيائين پر کڙتيل نڪري ڪونه سگهيو.

مٿين تهمت مير صاحب تي سنڌ جي ڪمشنر ۽ گورنر جنرل مڙهي هئي. وري جڏهن تحقيقات ڪئي ويئي، تڏهن خود مير جي ماڻهن سندس خلاف شاهديون ڏنيون. مثلا: 1_ ساڳيو وزير شيخ حسن علي ولد شيخ امام بخش سهارنپوري، جنهن جي مدد سان مير صاحب فتح محمد غوريءَ کي گرفتار ڪرايو هو، 2_ پير سيد علي گوهر شاه راشدي، 3_ منشي ذوقيرام ۽ منشي ٽؤنرمل ساکرو، جو ڪنهن ڏهه سبب اڳي ئي قيد ۾ هو. تحقيقاتي ڪاميٽي سکر ۾ ويٺي، جنهن جو صدر ڪمشنر مسٽر پرنگل هو ۽ ميجر جان جيڪب ۽ مسٽر لئنگ ڪاٺياواڙ جو پوليٽيڪل ايجنٽ ميمبر هئا. مير علي مراد خان پاران مير رستم خان جي پياري ملازم محمد خان جلباڻي، قاضي محمد شڪارپوري، فتح محمد توشڪي ۽ کهڙن جي زميندارن زوردار شاهديون ڏنيون، پر فرنگي پنهنجي اڻ ٽر فيصلي کان ڪونه مڙيا.

سنه 1857ع ۾ مير علي مراد خان جي وڏي پٽ مير شاه نواز خان بلوي جي ڏينهن ۾ برٽش سرڪار جي وڏي مدد ڪئي، جنهن جي عيوض انگريزن مير صاحب کي 12 هزار رپيا ساليانو وظيفو ڏيڻُ ڪيو. پر مير قبول نه ڪري پنهنجي کسيل ملڪ لاءِ گهر ڪئي، جا انگريزن قبول نه ڪئي. سنه 1891ع ۾ مير علي مراد خان کي ’گرانڊ ڪراس آف دي انڊين ايمپائر‘ جو لقب مليو. 25 رمضان سنه 1321هه (1894ع) ۾ 81 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين، سندس جنازو ڪربلا معليٰ ۾ دفنايو ويو.

سماجي صورتحال:

ٽالپرن جڏهن سنڌ فتح ڪئي هئي، ان وقت مدد خان پٺاڻ جي ڪاهه ڪري سنڌ جا شهر ۽ وسندڙ ڳوٺ بلڪل ويران ٿي ويا هئا. مؤرخ ايلفنسٽن، مدد خان جي ڪاهه کي قيامت صغريٰ لکي ٿو. هر ڪا فاتح قوم پنهنجن ناانصافين ۽ ڪيل گناهَن تي پردي وجهڻ لاءِ مغلوب قوم تي نازيبا الزام مڙهي، ان کي بدنام ڪري پنهنجن ڪافر ماجرائن کي حق بجانب ڏيکارڻ لاءِ ڪوشش وٺندي آهي. مغربي قومن مان خاص ڪري انگريز اهڙي فن ۾ ڪامل عيار آهن. سندس قوم جي مؤرخن ٽالپر حاڪمن جي راڄ کي مفت بدنام ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر ڪانه ڇڏي. ان ۾ شڪ ڪونهي ته انگريزي راڄ ۾ مونسپالٽين، آگبوٽن، تار برقي، ريلوائين ۽ هوائي جهازن جون نعمتون هندستانين کي نصيب ٿيون، مگر زماني جو بيان هت اسين لکي رهيا آهيون، انهن ڏينهن ۾ هندستان جا باشندا مٿين ترقيءَ جي نعمتن کي فرنگيءَ جي دائمي غلاميءَ هيٺ رهڻ لاءِ فولادي زنجيرون تصور ڪندا هئا.

هندستان جو آبادگار توڙي دولتمند طبقو انگريزي راڄ کان نالان ۽ پريشان هو. هو گذريل سادگي ۽ آسودگيءَ جي دؤر کي ياد ڪري رت روئيندا هئا. اهو ئي سبب هو، جو جڏهن سنڌ کي فتح ڪرڻ کان پوءِ 14 ورهيه مس گذريا هئا ته سڄي هندستان اندر انگريزن جي خلاف بلوو پئجي ويو. جيڪڏهن سک ۽ گورکا مٿئين بلوي ۾ انگريزن کي مدد نه ڏين ها ته، 1947ع کان گهڻو اڳ انگريزن جا هندستان مان ٽپڙ گول ٿي وڃن ها.(1) ٽالپرن جي صاحبيءَ جي زماني ۾ هي صوبو مغربي تهذيب کان ايترو متاثر ڪونه ٿيو هو، جيترو هندستان. هن صوبي جي پيداوار هتي جي رهاڪن جي گهرج کان گهڻو وڌيڪ هئي، بلڪ ڪڇ ۽ مارواڙ توڙي بلوچستان جي ڏڪر جي ستايلن جي هي صوبو پرورش ڪندو هو. اڄ به هي صوبو پاڪستان اندر بچت وارو صوبو آهي.

ميرن جي صلح پسند پاليسيءَ ڪري هي صوبو بيروني ڪاهُن کان محفوظ هو ۽ سنڌ اندر امن و امان هو. ٽالپر فرمانروا پاڻ جنگجو بلوچ هئا، مگر رعايا جي فلاح ۽ بهبوديءَ ڪاڻ کين جنگين کان نفرت هئي. مير صاحبن جي زندگي بلڪل سادي هئي، فقط سير ۽ شڪار سان دل وندرائيندا هئا. ٽالپرن جملي سٺ ورهيه حڪومت ڪئي، انهن سٺ سالن دوران سنڌ اندر شهر ۽ ٽنڊا (ڳوٺ) تعمير ڪرايا، اوترا سنڌ اندر اڳ ڪڏهن ڪونه تعمير ٿيا هئا. ميرن جي زماني ۾ شهرن ۽ ڳوٺن ۾ چوپائي مال، اَن، گيهه، ڪڪڙن جي سستائي هئي، انگريزي ايجنٽن وقت بوقت سنڌ متعلق ڪلڪتي جي سپريم ڪائونسل کي جيڪي رپورٽون پيش ڪيون، تن ۾ سنڌ جي شهرن ۾ سستائيءَ جو ذڪر ڏنل آهي. سٺي ۽ سستي غذا ملڻ ڪري، سنڌ جا باشندا تندرست هئا.

ٽنڊوباگو:

ابتدا ۾ ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ مير شهداد خان ٽالپر کي مغل درٻار مان پٽ باران جو علائقو جاگير طور مليو هو، جتي هن پنهنجن ديرن لاءِ ننڍا ننڍا قلعا تعمير ڪرايا هئا، اُهي ’ديره جات‘ سڏبا هئا. ماڻڪاڻين جو اوائلي تختگاه ٽنڊي باگي تعلقي ۾ پنگريه ڳوٺ اوريان ڪيٽيءَ ۾ هو، هتي مير ٺارو خان رهندو هو. هتي ماڻڪاڻين جي اوائلي بيٺڪن جا آثار اڃا موجود آهن. مير باگو خان جنهن ميان عبدالنبي خان جي بيگم ’سنڌ راڻيءَ‘ سان شادي ڪئي هئي، سو پهريائين ڪيٽيءَ ۾ رهندو هو، پوءِ پنهنجي جاگير ۾ ٽنڊو باگو تعمير ڪرائي اتي رهڻ لڳو، جتي باگاڻي مير رهڻ لڳا.(1)

مير پورخاص:

سنه 1806ع ۾ مير ٺاري خان جي فرزند مير علي مراد خان، جو فياضيءَ ۽ انصاف جي ڪري مشهور ٿي گذريو، ميرپور خاص جو شهر ۽ قلعو تعمير ڪرايو. پوءِ هي شهر ماڻڪاڻين جو تختگاه ٿي رهيو. ماڻڪاڻين جي زماني ۾ شهر ۾ 3 سؤ دڪان هئا ۽ آدم ڏهن هزارن کي پهتو، اڄ به هي شهر ضلعي ۽ ڊويزن جو صدر مقام آهي.

ٽنڊوالهيار:

سنه 1790ع ۾ مير فتح خان جي پٽ مير الهيار خان ٽنڊو الهيار تعمير ڪرايو. مٿيان ٻئي شهر ٿرپارڪر جا مکيه شهر هئا.

ٽنڊو محمد خان:

سنه 1791ع ۾ مير محمد خان شاهواڻيءَ لاڙ ۾ ٽنڊو محمد خان شهر تعمير ڪرايو. سنه 1809ع ۾ هينري پاٽنجر جي بيان موجب مير سلطان علي خان کي شهر مان ساليانو آمدني 5 لک رپيا هئي.(2) اڄ تائين هي شهر لاڙ ۾ واپار جو وڏو مرڪز آهي.

خيرپور:

اڳ سهراباڻين جو تختگاه احمد آباد (ڪوٽ ڏيجي) هو. مير سهراب خان هاليپوٽن کان هاڻوڪي خيرپور جي زمين خريد ڪري، خيرپور جو شهر تعمير ڪرايو. پوءِ سهراباڻين جو تختگاه ٿي رهيو. خيرپور باغات ڪري مشهور آهي.

فتح آباد:

مير فتح علي خان سڪرنڊ جي پُرفضا ڍنڍ تي فتح آباد ڳوٺ تعمير ڪرايو. ان کان سواءِ ڪلهوڙن جون حيدرآباد ۾ جڙيل جيڪي مسجديون ۽ عمارتون هيون، تن جي مرمت ڪرايائين. مير صاحب جي والده جامع الخيري حيدرآباد ۾ تعمير ڪرائي.

منهوڙي جو قلعو:

سنه 1799ع ۾ ڪراچي بندر جي بچاءَ لاءِ مير فتح علي خان منهوڙي جو مٽيءَ جو قلعو تعمير ڪرايو ۽ مٿس توبون رکايون. ڪراچيءَ جو بندر ڏينهون ڏينهن ترقي ڪرڻ لڳو. سنه 1830ع ۾ شهر جو آدم ڇهن هزارن ۽ سنه 1842ع ۾ ٻارهن هزارن کي پهتو.

راڄو خاناڻي ۽ ٽنڊو فاضل:

ميرن جيڪي شهر ۽ ٽنڊا تعمير ڪرايا، تن ستت ترقي ڪئي ۽ اڄ به اهي سنڌ جا مردم خيز ڳوٺ شمار ٿين ٿا. ماڻڪاڻين، خاناڻي ٽالپرن کي جاگيرون ڏنيون. مير راڄي خان ’راڄو خاناڻي‘ ڳوٺ ٻڌرايو ۽ مير فاضل خان ٽنڊو فاضل تعمير ڪرايو.

ٽنڊو ڄام:

مير محمد خان ولد مير ڄام خان ٽنڊو ڄام تعمير ڪرايو.

ٽنڊو مستي خان ۽ لقمان:

رئيس حاجي خان مريءَ جي وڏي پٽ مستي خان، ٽنڊو مستي خان ٻڌرايو ۽ لقمان خان، لقمان جو ڳوٺ ٻڌرايو. ان مان معلوم ٿيندو ته ميرن جي پيروي ڪندي سندن اُمرائن به ڪي ڳوٺ ٻڌرايا.

طاهر بازار:

مير جتي به ڪو مڻيا وارو شخص ڏسندا هئا، ته مٿس احسانن جو بار وجهي ان کي پنهنجو وفادار بڻائي، مقربان خاص جي زمري ۾ شامل ڪندا هئا. حيدرآباد واري شاهي بازار طاهر خدمتگار جي نالي تي ’طاهر بازار‘ سڏبي هئي.

ٽنڊو قيصر:

مراد قيصر خان نظاماڻي حيدرآباد ضلعي ۾ ٽنڊو قيصر تعمير ڪرايو. مير بجر خان جي وفادار سپاهي ٻيڙي خان کوکر، کوکرن جو ڳوٺ تعمير ڪرايو هو.

ٽنڊو اسماعيل شاهه:

سيد آغا اسماعيل شاهه وزير، جو اصل اصفهان جو رهاڪو هو، تنهن ڦليليءَ جي ڪپ تي پنهنجي نالي تي ٽنڊو تعمير ڪرايو. هتي جي مسجد جي ڪتبي تي مير فتح علي شاه جو نالو لکيل آهي. هتان ٿوري پنڌ تي ٽنڊو مير محمود خان آهي.

مير جا قبا:

سر رچرڊ برٽن ٻه گهمرا سنڌ جي سياحت ڪرڻ آيو هو. ميرن جا قبا، جيڪي شهر جي اتر ۾ آهن، تن بابت لکي ٿو:

”اتر وارن مقبرن تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿي سگهندو ته اُهي گذريل زماني جي عمارت سازيءَ جو مشرقي نمونو آهن … ٽالپرن، ڪلهوڙن جي عمارتن جي به حفاظت ڪئي.“(1)

آثار قديمه جي مرمت:

ميرن قديم آثارن جي به مرمت ڪرائي، مير نور محمد خان ٺٽي جي مسجد شاهجهاني ۽ مڪليءَ جي مقبرن جي مرمت ڪرائڻ تي 12 هزار رپيا خرچ ڪيا. مير نصير خان سنڌ جي سرتاج شاعر شاه ڀٽائي رحه جي مقبري واريءَ مسجد جي تعمير ڪرائي ۽ قبي جي چؤگرد هڪڙي پڪي ديوار تعمير ڪرائي ۽ مٿس چار گنبذ تعمير ڪرايا. سندس خيال هو ته قبي جي اندر سونهري ۽ ميناڪاريءَ جو ڪم ڪرائجي، مگر زماني جي گردش کيس فرصت ڪانه ڏني. مير نور محمد خان قبي اڳيان ايوان تعمير ڪرائي، هڪ کوهه کڻايو هو. سندس سؤٽ مير محمد خان قبي کي چانديءَ جو دروازو وجهايو، جو اڃا اتي موجود آهي.

فوجي قوت:

ميرن وٽ ڪابه باقاعدي فوج ڪانه هئي، فقط محافظ فوج جا ڪي دستا وٽن رهندا هئا. سڄي سنڌ رئيسن، سردارن ۽ زميندارن ۾، يورپ جي وچين دؤر جي زماني وانگر ورهايل هئي، جيڪي ميرن کي ضرورت وقت فوجي امداد ڏيندا هئا. ميرن جا قانون ساڳيا هئا، جيڪي شير شاه سوري ۽ اڪبر اعظم مرتب ڪيا هئا. ميرن وٽ وزارت جو عهدو به هو ۽ وٽن صلاحڪارن جي جماعت به رهندي هئي. صلاحڪارن ۾ ڪي سادات هئا، ڪي نواب ۽ جاگيردار ۽ ڪي هندو هئا. انگريزن جا مغربي قانون هندستانين لاءِ سازگار ڪين هئا، تنهن ڪري انگريزن کي به مغلن جي قانون کي اختيار ڪرڻو پيو، البته انهن قانونن ۾ ٿوري ڦيرڦار ڪرڻي پين.

ميرن جي پهرئين چؤياري جو مدو سنه 1783ع کان 1833ع تائين رهيو، ٻي چؤياري سنه 1843ع تائين جاري رهي. جيڪي جاگيردار ۽ رئيس فوجي امداد ڏيڻ لاءِ ٻڌل هئا، تن کي پروانا ملندا هئا ۽ وقت بوقت مير سندن جاگيرن ۾ اضافو ڪندا هئا. انهن جاگيردارن جي سپاهين کي ضرورت وقت مير خرچ ڏيندا هئا. سستائي ۽ آسودگيءَ جو دؤر هو، پيادل سپاهيءَ کي هڪ سير چانور ۽ پنج پئسا روڪ ملندا هئا ۽ سوار کي گهوڙي جي خرچ لاءِ روزانو چار آنا ملندا هئا اهڙيءَ طرح جنگ جي وقت پنجاهه هزار فوج تيار ٿيندي هئي. ميرن جي صاحبيءَ جي شروعات وقت مسٽر هئنڪي سمٿ رپورٽ ۾ ميرن جي مجموعي فوجي قوت جو تعداد 36 هزار ڏيکاريو هو. صلح جي وقت مسلح باڊي گارڊن جو تعداد پنج هزار هو. انگريزن جي چرچ تي گهڻن ئي سردارن، ميرن جو طرف ڇڏي ڏنو هو، جهڙوڪ: چانڊيا، نومڙيا، جوکيا ۽ ڪلمتي وغيره.

قلات، بهاولپور، ملتان، ديره جات، جوڌپور، ڪڇ ۽ جيلسمير سنڌ جون پاڙيسري حڪومتون هيون، انهن سڀني کان ٽالپرن جي فوجي قوت مضبوط هئي. هيٺ تفصيلوار هر هڪ رياست جا انگ اکر ڏجن ٿا:

1_ قلات: 33،000 فوج شال ڪوٽ، سيوي ۽ قلات مکيه قلعا هئا جن مان پهريان ٻه مٽيءَ جا جڙيل هئا، قلات مضبوط قلعو هو، جنهن تي ست برج هئا ۽ منجهس هٿيارن جوڙڻ جو ڪارخانو هو.(1)

2_ بهاولپور: 3000 هزار سوار فوج ۽ 5000 هزار پيادا. جنگ جي وقت نواب 17،000 لشڪر گڏ ڪري سگهندو هو. رياست اندر ڏراور مشهور قلعو بهاولپور کان پنجاهه ميلن جي مفاصلي تي رڻ ۾ هو. قلعي کي ٻه ديواريون ڏنل هيون. منجهس هڪڙو تلاءُ هو جنهن ۾ سڄو سال پاڻي رهندو هو. روهيءَ ۾ ٻيو قلعو خانپور هو، اتي جي کوهن جو پاڻي کارو هو، فقط جانورن جي پيئڻ لاءِ ڪارائتو هو، رڪن پور جي قلعي جي ديوار پڪي هئي. ڄاڻايل قلعن تي توبون رکيل هيون. انهن کان سواءِ احمد پور، دين ڳڙهه، خيرپور، ڳڙهي اختيار خان، موج ڳڙهه ۽ ڪوٽ لشڪر خان قلعن تي توبون رکيل ڪونه هيون.(2)

3_ ملتان: هيءَ افغان رياست هئي. نواب جي فوجن جو تعداد 2000 سوار ۽ 4000 پيادا هو. رياست اندر جملي يارهن قلعا هئا، جن مان ملتان، شجاع ڪوٽ، سڪندر آباد، مظفر آباد، تلمبا جي قلعن تي توبون رکيل هيون.(3)

4_ ديره جات: ديري غازي خان جي رياست جي فوجي طاقت 3000 سوار، ۽ 8000 پيادا هئي، منگهروٽا، ترند ٻه قلعا هئا، ڪي ننڍڙا قلعا به هئا، جن کي ڪوٽلا سڏبا هئا.

5_ سنڌ: شهداداڻين، ماڻڪاڻين ۽ سهراباڻين جي گڏيل فوجن جو تعداد 11000 سوار ۽ 19000 پيادا هو، فقط ماڻڪاڻين جي فوجن جو صحيح تعداد معلوم ٿي نه سگهيو. سڄي سنڌ اندر جملي 23 مضبوط قلعا هئا، جن مان بکر، امام ڳڙهه اتر ۾ سنڌ جي حفاظت لاءِ، شڪارپور، ڪنڌڪوٽ، فتح ياسين ڪوٽ، لاڙڪاڻو اپر سنڌ جي حفاظت لاءِ، سيوهڻ، خدا آباد ۽ رني ڪوٽ ڪوهستان جي حفاظت لاءِ، حيدرآباد ۽ سڪرنڊ وچولي سنڌ لاءِ ۽ عمرڪوٽ، اسلام ڳڙهه، فتح ڪوٽ ۽ نئون ڪوٽ ٿرپارڪر جي حفاظت لاءِ هئا.

سنه 1789ع ۾ فتح ڳڙهه تعمير ٿيو. جهڏي گدام کان نبي سر جيڪا هينئر ريلوي لائين وڃي ٿي، اتي مير فتح علي خان نئون ڪوٽ تعمير ڪرايو هو. سنه 1799ع ۾ منهوڙي جي قلعي جو ڪم پورو ٿيو. ڪوهستان جي بچاءَ لاءِ مير ڪرم علي خان سن کان اٺن ميلن جي مفاصلي تي رني ڪوٽ تعمير ڪرايو، مٿين قلعي جو ڪم مير مراد علي خان پورو ڪرايو. مٿس 12 لک رپيا خرچ لڳو. انهن قلعن مان منهوڙي، حيدرآباد، عمرڪوٽ، ڏيجي، لاڙڪاڻي، فتح ڳڙهه، اسلام ڳڙهه قلعن تي توبون رکيل هيون. منهوڙي جي قلعي ۾ هر وقت 3 هزار لشڪر رهندو هو. منجهانئس منهوڙي، بکر ۽ امام ڳڙهه جي اهميت کي معلوم ڪري، انگريزن اڳواٽ انهن تي قبضو ڄمايو هو.(1)

عيسوي 16 صدي کان وٺي هندستان جي مغل لشڪر توڙي نوابن ۽ راجائن جي لشڪر ۽ توبخانن ۾ فرنگي نوڪر هئا. اهي ديسي سپاهين کي يورپي نموني جو قواعد سيکاريندا هئا، ان کان سواءِ ڪارخانن ۾ هٿيار سندن نگرانيءَ هيٺ تيار ٿيندا هئا. ابتدائي دؤر ۾ فرنگي توبچين جو پگهار، ٻن سون رپين کان وٺي ٽي سؤ رپين تائين هو، مگر اورنگزيب عالمگير جي ڏينهن ۾ سندن پگهار گهٽجي ٻٽيهه رپين کي پهتو هو. ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ديسي لشڪر ۾ ديسي سپاهي جو پگهار پنجن رپين کان وٺي ستن رپين تائين هو. البته ناتال ۽ نئين سال جي ڏينهن ۾ سپاهين کي ڪي سوکڙيون ملنديون هيون ۽ جنگين جي حالتن ۾ ديسي سپاهين کي جهوپڙين اڏڻ لاءِ ڪجهه ڀتو ملندو هو. يورپي قواعد سکڻ ڪري ڪمپنيءَ جا سپاهي، ديسي نوابن ۽ راجائن جي سپاهين کان وڌيڪ چست ۽ چالاڪ هئا. اهو ئي سبب هو جو ڪلائيو سراج الدوله کي پلاسيءَ جي جنگ ۾ شڪست ڏني هئي ۽ پيشوا جي ٽي لک سپاهين انگريزن کان شڪست کاڌي هئي.(1)

احمد شاه ابدالي پاڻي پٽ جي ٽين جنگ مان فارغ ٿيڻ کان پوءِ ڪي فرنگي توبچي پاڻ سان ڪابل ڏانهن وٺي ويو هو.(2) مير علي مراد خان ماڻڪاڻي پنهنجن فوجن جي تنظيم لاءِ سنڌيا جي لشڪر جي هڪڙي خارج ٿيل فرنگي سئمن کي پاڻ وٽ نوڪر رکيو هو. مسٽر هاويل جنهن مياڻيءَ جي جنگ ۾ ٽالپرن سان نمڪ حرامي ڪئي، سو شهداداڻين جو توبخاني ۾ نوڪر هو.

مير فتح علي خان جنگ جي سڏ تي 25 هزار لشڪر ميدان ۾  آڻي سگهندو هو. سهراباڻي لشڪر جو تعداد ڏهه هزار هو، وٽن فوجن ۾ روهيلا ۽ افغان به نوڪر هئا. ٽالپري لشڪر کي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ۾ پلٽڻن وانگر ڪا خاص پوشاڪ يعني وردي ڪانه پيل هئي. بلوچن وٽ ڀرمار بندوقون هيون، جن جون ناليون ڊگهيون هيون ۽ پري تائين مار ڪري سگهنديون هيون، ليڪن سندن ڀرڻ ۾ وقت لڳندو هو. ڀرمار بندوقن کان سواءِ تراريون، ڍالون ۽ زرهون ان زماني جا مکيه هٿيار هئا. اهوئي سبب هو جو سر چارلس نيپئر کي پنهنجن بهتر هٿيارن ڪري دماغ ۾ غرور سمايل هو ۽ انهن جي زور تي هو پنجن هزارن سپاهين سان مياڻيءَ ۽ دٻي جي ٻن جنگين ۾ ٽالپرن جي اڌ لک فوج کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيو. مٿين ٻن خونريز معرڪن ۾ ڏهه هزار سنڌي لشڪر مارجي ويو.

ٽالپرن وٽ توبخانو هو. اُهي توبون ميان نور محمد ۽ ميان غلام شاه ڪلهوڙن پورچوگيزن، ڊچن ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ کان خريد ڪيون هيون. فرنگين وٽ ولايت کان جڏهن نوان هٿيار پهچندا هئا، ته پراڻا ديسي نوابن ۽ راجائن کي نقد قيمت تي وڪڻندا هئا. ڪي پراڻيون توبون انگريزن، ٽالپرن کي سوکڙين طور ڏنيون هيون. دارالخلافه حيدرآباد ۾ اسلحه سازيءَ جا ڪارخانا هئا. ناٿن ڪرو پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو هو ته ميرن وٽ ڪراچي، ٺٽي ۽ حيدرآباد ۾ بارود جوڙڻ جا ڪارخانا آهن. حيدرآباد جي ڪارخانن ۾ افغان، خراسان ۽ ايران جا ڪاريگر بندوقون ۽ توبون جوڙيند اهئا. اُهي توبون مير خاني پٺاڻ ڍاليندا هئا. ڪي مير خاني توبون هن وقت مدراس جي عجائب خاني ۾ رکيل آهن. ميرن جا گماشتا، ايران ۽ مسقط کان بندوقن جون ناليون ۽ ترارين جا ڦر خريد ڪندا هئا. ميرن جا فوجي عملدار قلعن کي بارود سان اڏائڻ جي فن کان واقف هئا. وقت سر فوجون ٻيڙين رستي نقل ۽ حرڪت ڪنديون هيون.

ساٺيڪو ورهين جي پهرين چاليهن سالن اندر ميرن جوڌپور کان ڍٽ، پارڪر، بلاري ۽ عمرڪوٽ فتح ڪيا، قلات جي بيگلر بيگيءَ کان عمرڪوٽ (ڪشمور) ۽ ڪراچي فتح ڪيائون، دراني سلطنت جي ڪمزوريءَ کان پوءِ، مغل علائقو سکر، بکر ۽ شڪارپور سميت فتح ڪيائون، بهاولپور جي نواب کان سبزل ڪوٽ ۽ ڀنگ ڀاڙي جا پرڳڻا فتح ڪيائون ۽ جيسلمير جي راول کان شاه ڳڙه، گتوريا ۽ گرسيا جا قلعا فتح ڪيائون. مير غلام علي خان ڪڇ فتح ڪرڻ جو ارادو ڪيو هو، پر لارڊ منٽو کيس اجازت ڪانه ڏني.(1) جڏهن ڪو سپه سالار بهادريءَ جو ڪارنامو ڪندو هو، ته مير صاحب ان کي انعام اڪرام، جاگيرون ۽ پروانا ڏيندا هئا. طاهر خدمتگار هو، مگر بهاولپور جي لشڪر کي شڪت ڏيڻ کان پوءِ نوابي جي ممتاز رتبي کي پهتو. نواب ولي محمد خان لغاريءَ کي، شڪارپور هٿ ڪرڻ وقت، مير ڪرم علي خان 3 هزار اشرفيون انعام ڏنيون. ٽالپر ميرن جا خاص ۽ ذاتي هٿيار نهايت قيمتي هئا، مٿن سون، چاندي ۽ جواهرات مڙهيل هئا، جيمس برنس کي جيڪا ترار انعام ڏني هئائون، تنهن هڪ جي قيمت ئي پنجاهه هزار رپيا هئي.

سنڌ جي اُپت:

گذريل هڪ صديءَ اندر انگريزن تاريخ جي ذريعي جيڪا پروپئگنڊا ڪئي، تنهن جو اثر هندستانين جي دماغ تي برو پيو، ايتري قدر جو ڪي اعليٰ تعليم يافته حضرات به معاملي جي نوعيت کي معلوم ڪرڻ کان محروم رهجي ويا. انگريزي مؤرخن پنهنجي قوم جي ملڪ گيريءَ جي حرص، ناحق قتل ۽ خونريزين کي حق بجانب ثابت ڪرڻ لاءِ انتهائي ڪوشش ڪئي آهي. انهن نوابن ۽ راجائن جي درٻارين جا نقشا بري نموني پيش ڪيا آهن. جنگين جي ذڪرن ۾ صرف انگريزن جي بهادري ڏيکاريل آهي. ان قسم جي غليظ مواد مان حقيقت جي تلاش ڪرڻ ڏکيو ڪم آهي.

اڄ انگريز هندستان خالي ڪري ويا آهن، ليڪن سندن شرمناڪ ڪارروائيون سندن قوم جي دامن تان هرگز مٽجي ڪونه سگهنديون. هن قوم جي مڪر، فريب، جبر ۽ استبداد جا لرزه خيز واقعات ايندڙ نسل پڙهي مٿن لعنت وسائيندا رهندا. ان ۾ شڪ ڪونهي ته ميرن جو شوق سير ۽ شڪار سان به هو، حڪومت جا کاتا ٺيڪن تي ڏيندا هئا، تنهن ڪري سندن آمدني ڪلهوڙن جي ڏينهن کان گهڻو گهٽ هئي، پر ملڪ جي تجارتي ۽ صنعتي حالت ترقي پذير هئي. خود انگريزن رپورٽن ۾ ڏياريو هو ته ڌارين ملڪن جا واپاري هن صوبي ۾ نصيب آزمائڻ اچن ٿا. حڪومت کي ڍلن ۽ محصول مان چڱي آمدني هئي. عربن جي ڏينهن ۾ سنڌ جي سالياني اُپت 27،00،000 رپيا هئي.(1) مغلن جي صاحبيءَ ۾ سنڌ جي سالياني اُپت 23،20،000 رپيا هئي.(2) ڪلهوڙا زرعي ڪمن ۾ ماهر هئا، سندن ڏينهن ۾ سنڌ گهڻو آباد هئي ان ڪري سندن صاحبيءَ ۾ سنڌجي سالياني اُپت 60،00،000 هئي.

مير فتح علي خان کي سنڌ مان 51،13،000 رپيا سالياني آمدني هئي ۽ سندس خرچ جو تفصيل هن ريت هو: 1_ ڏهه لک رپيا ساليانو شاهي خزاني ۾ داخل ٿيندا هئا، 2_ يارهن لک رپيا ساليانو عملدارن ۽ ملازمن کي پگهار طور ۽ جاگيردارن کي وظيفن طور ملندا هئا، 3_ اٺاويهه لک ٽيٽيهه هزار رپيا مير صاحب کي ساليانو خانگي خرچ لاءِ ملندا هئا.(1) مٿين آمدني ڀر وارن ملڪن جي آمدنيءَ کان گهڻو وڌيڪ هئي. مثلا: مير نصير خان بيگلر بيگي قلات جو زمانو بلوچستان جي اوج جو زمانو هو، مگر ملڪ جي جملي سالياني اُپت 34 لک رپيا هئي. نواب بهاولپور جي آمدني 1830ع ۾ فقط 14 لک رپيا ساليانو هئي. ملتان جي نواب جي سالياني آمدني 2 لک 55 هزار رپيا هئي. مير فتح علي خان ساليانو 2 لک رپيا مقرر سرڪاري خزاني مان نادارن، مفلسن ۽ بيواهُن کي خيرات ڪندو هو.

ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ سنڌ جي اپت سٺ لک رپين مان وڌي اَسي لک رپين کي پهتي هئي، جنهن مان 1739ع کان نادر شاه کي 21 لک رپيا، سنه 1737ع کان احمد شاه ابداليءَ کي پهريائين 14 لک رپيا، پوءِ 1760ع کان 11 لک رپيا ۽ سنه 1775ع کان تيمور شاه کي 7 لک رپيا ڀريندا هئا. مير فتح علي خان فقط تيمور شاهه کي ڍل ڏني. سنه 1793ع ۾ تيمور شاه جي مرڻ کان پوءِ نالي ماتر سنڌ زمان شاه جي ماتحت هئي، مگر هو ٽالپرن کان خراج اڳاڙي نه سگهيو. پوءِ جيئن سنڌو نديءَ جا زرخيز علائقا ميرن جي شڪار گاهَن ۾ تبديل ٿيا، تيئن 1832ع ۾ اليگزينڊر برنس جي لنگهڻ وقت سنڌ جي اُپت اَسي لک رپين مان گهٽجي وڃي چاليهن لکن کي پهتي هئي.(1)

انتظام ۽ ڍلون:

ٽالپرن جي ڏينهن ۾ سنڌ تعلقن ۽ پرڳڻن ۾ ورهايل هئي. هر هڪ پرڳڻي مٿان سزاولڪار، ڪاردار ۽ مختيارڪار مقرر هئا. سزاولڪار سان هڪڙو خزانچي، سوارن جو دستو ۽ ٽپال پهچائڻ لاءِ هرڪارا رهندا هئا. هر هڪ شهر مٿان عدالت لاءِ قاضي، شهر جي حفاظت لاءِ ڪوٽوال ۽ قلعن مٿان قلعيدار مقرر هئا. ڪوٽوالن ۽ قلعيدارن وٽ فوجي دستا رهندا هئا. اُهي مرڪزي حڪومت کي رپورٽون پهچائيندا هئا ۽ ڪن اهم معاملن ۾ درٻار کان اجازت ۽ صلاح وٺندا هئا.

سزاولڪارن جو ماهوار پگهار پنجن سون رپين تائين هو. مٿيان عهدا هميشه خانداني فردن کي ملندا هئا، جيئن رشوتخوري بند رهي. هوڏانهن ڪمپنيءَ جي راڄ ۾ انصاف نيلام ٿيندو هو. ۽ رشوتخوريءَ جو وڏو سبب هو عملدارن جون گهٽ پگهارون.(1) هندستان ۾ ٻن قسمن جون عدالتون هيون: 1_ صدر نظامت يعني فوجداري معاملن جي ڪورٽ ۽ 2_ صدر ديواني، يعني سول ڪيسن کي نبيرڻ لاءِ. عدالتن جو ڪاروبار مغل زماني وانگر قاضي ۽ صدرالصدور هلائيندا هئا.

فصلن لهڻ وقت ميرن پاران هڪڙو روينيو عملدار يا وزير پاڻ گشت تي نڪرندو هو ۽ سزاولڪارن جو بروقت حساب ڪتاب تپاسي، نقص جو تدارڪ ڪري، هارين جون شڪايتون مٽائيندو هو. ڪنهن هاريءَ کي جاگيردار يا ڪنهن مير جي زمين تي ڪا تڪليف پهچندي هئي، ته ٻئي ڪنهن مير جي زمين ڏانهن لڏي ويندو هو. زمينن تان تڪرار به لڳندا هئا ۽ نوبت جنگ کي وڃي پهچندي هئي، جيئن ول جي جنگ مٿي بيان ٿي چڪي آهي. مير پنهنجن هارين کي ٻچن وانگر سنڀاليندا هئا. سندن ڪمدار توڙي سرڪاري عملدار ان ڳالهه جوخاص ڌيان رکندا هئا ته ڪڙمين سان ڪنهن قسم جو ظلم نه ٿئي.

بٽئي، محصولي، ڪاسگي ۽ حقابو ڍلن جا خاص قسم هئا، 1_ بٽئي، ڪن زمينن جي اپت جو ٽيون حصو، ڪن تان چوٿون حصو ۽ ڪن تان پنجون حصو مير کڻندا هئا. 2_ ڪمند، نير، تماڪ، ڪپهه، ميون ۽ ترڪارين جي اپت ’محصولي‘ سڏبي هئي.(1) 4_ ڪن زمينن تان حڪومت کي في خرار اپت تي ست ڪاسا ان ملندو هو، جيئن چانڊڪي پرڳڻي يا ڪن ٻين هنڌن تي ان کي ’ڪاسگي‘ سڏبو هو. ميرن جا سزاولڪار رعايا جي خصائل، عادتن ۽ حالتن کان پوريءَ طرح واقف هئا. اهي ڪمپنيءَ جي انگريز عملدارن وانگر ڌاريا ڪونه هئا، بلڪ هن صوبي جا رهاڪو ۽ ماڻهن جي زبان ۽ طريقن کان واقف هئا. ساڻن ننڍا عملدار فريب ڪري ڪونه سگهندا هئا. ڍلون جنس جي صورت ۾ ڀريون وينديون هيون. فقط تماڪ، ڪپهه، نير، ڪمند، ڀاڄين ۽ ميون جهڙين قيمتي پيداوارين تي نقد ڍلون ڏيڻيون پونديون هيون. هوڏانهن انگريزي راڄ ۾ هاري چوڌاري تنگ هئا، بنگال ۽ يو_ پي جهڙن آباد صوبن جا زميندار به ڳرين ڍلن ڀرڻ ڪري صفا مفلس بڻجي چڪا هئا.

هينري پاٽنجر پنهنجي سياحت نامي ۾ چانور، جوئر، ٻاجهري، ڪپهه، تيلي ٻج، ڪمند، نير، تماڪ، ڀنگ ۽ آفيم سنڌ جون مکيه پيداواريون ڏيکاري ٿو. مٿيون پيداواريون سنڌ جي باشندن جي کاپي کان وڌيڪ هيون. امير توڙي غريب فارغ البال زندگي بسر ڪندا هئا. سنڌ جا ماڻهو مهمان نواز، خوش خلق ۽ فياض هئا. پاٽنجر لکي ٿو ته، ”چڱا چڱا سفيد پوش ماڻهو گهوڙن تي چڙهي خيراتون گهرن ٿا!“ اهي سفيد پوش سادات يا درويش هئا، جن کي مريد نذرانا ۽ خيراتون ڏيندا هئا. فرنگين کي خبر ڪانه هئي ته سنڌي پير پرستيءَ ڪري مشهور آهن!

گمرگ (ڪسٽم) کاتي ۾ ڍل ڀريندڙن کي اجورو ملندو هو. هينري پاٽنجر جو بيان آهي ته، سنه 1809ع ۾ هڪڙي هندو واپاري 99 هزار رپيا گمرگ کاتي کي ڀريا، کيس وڏي رقم اجوري طور ملي. گمرگ کاتي وارا ٻاهران ايندڙ مال تي خوب چڪاس رکندا هئا. اوهين اڳ پڙهي چڪا آهيو ته بلوچ سپاهين اليگزينڊر برنس جي صندوقن کي سندس جهاز تي چڙهي کولي ڏٺو هو.(1) عيسوي 18 صدي کان مالوه جو آفيم سنڌو نديءَ رستي لاهري ۽ ڪراچي بندرن کان ڪلهوڙن جي صاحبيءَ واري زماني ۾ ڊمن، ڊيو ۽ گوئا جي بندرن ڏانهن ويندو هو. آفيم جي نقل و حرڪت ڪري سنڌ جي گمرگ کاتي کي گهڻو فائدو پهچندو هو، مگر جڏهانڪر انگريزن سورت ۾ واپار جي ڪوٺي وڌي، تڏهانڪر رفتي رفتي هندستان جي آفيم جي واپار تي قبضو ڄمائي، پورچوگيزن کي بيدخل ڪري ڇڏيائون. سنه 1832ع ۾ مير مراد علي خان سان تجارتي عهدنامي ڪرڻ کان پوءِ انگريزن سنڌو نديءَ جي آفيم جي واپار تي مڪمل طور قبضو ڄمايو، جنهن ڪري سنڌ جي گمرگ کي نقصان پهتو ۽ انگريز فائدي ۾ رهيا.(2)

وڏن شهرن جي آمدني:

نون شهرن ۽ ٽنڊن جي تعمير ٿيڻ کان پوءِ، پراڻن شهرن جهڙوڪ: ٺٽي، هالا، سيوهڻ، نصرپور وغيره جو باقي رهيل اوج به گهٽجڻ لڳو. وڏن شهرن ۾ تجارت ۽ صرافڪو ڌنڌو هندو صرافن جي هٿن ۾ هو، سندن هنڊيون ملتان، لاهور ۽ دهليءَ تائين هلنديون هيون، بلڪ شڪارپوري سيٺين جون هنڊيون بمبئي، ڪلڪتي ۽ استراخان تائين چالو هيون.(3)

1_ دارالخلافه حيرآباد: سالياني آمدني ڏيڍ لک رپيا.

2_ عمرڪوٽ: جملي 23 هزار رپيا.(1)

3_ ٺٽو ۽ شاهبندر: هڪ لک ويهه هزار رپيا.

4_ ميرپور بٺورو: پنج لک رپيا. (هت انگريزن ڪلمي شوري کي صاف ڪرڻ لاءِ ڪارخانا کوليا هئا.)

5_ ٽنڊو محمد خان: پنج لک رپيا.

6_ شڪارپور: پنج لک ٽيانوي هزار رپيا. (ناٿڪن ڪرو اسي هزار رپيا ۽ ايڇ_ سمٿ ڏهه لک رپيا ڏيکاري ٿو).

ڪراچي: 6 لک 16 هزار رپيا.(2)

ڪراچيءَ جي مڇيءَ جي واپار مان ميرن کي ساليانو ڏهه هزار رپيا آمدني هئي، خوجا ۽ هندو واپاري مهاڻن کان ٺيڪي تي مڇي خريد ڪري، سڪائڻ کان پوءِ ڏيساورن ڏانهن رواني ڪندا هئا. سمورا مهاڻا سندن قرضدار هئا. انگريزن سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ ٺيڪي جي رسم کي منسوخ ڪري، مڇيءَ جي شڪار لاءِ پروانا جاري ڪيا. ان کان پوءِ 1855ع ۾ مڇيءَ جون مياڻيون نيلام ڪرڻ لڳا. سنه 1858ع ۾ ٻيهر پروانن جو رواج جاري ڪيائون. مڇيءَ جو واپار ترقي ڪرڻ لڳو. سنه 1856ع ۾ انگريزن کي مڇيءَ جي واپار مان 1،04،508 روپيا آمدني ٿي.(1) ٽالپري دؤر ۾ هڪ سؤ مڻ مڇي ٻاهر موڪلڻ تي واپارين کي 10_9_13 ڍل ڏيڻي پوندي هئي.(2)

ڪراچيءَ جي سمنڊ مان ڪوڏيون نڪرنديون هيون ۽ سنڌ ۾ بطور ننڍي ۾ ننڍي سڪي جي چالو هيون. انگريزي دور ۾ ڪوڏيون ڪڇ گجرات کان پڻ اچڻ لڳيون. مير توڙي دولتمند طبقو عمارتن جي کڙڪين کي شيشن بدران سپيون هڻندا هئا.  اهو رواج گوئا ۽ بمبئي کان سنڌ ۾ رائج ٿيو هو. سنه 1836ع ۾ ميرن جي ڪوشش سان گسريءَ جي کاريءَ مان سچا موتي نڪرڻ لڳا. هي ڪم ٺيڪيدارن معرفت هلندو هو. جيئن اڄ خواتين مغربي فيشن مطابق منهن تي پائوڊر ملين ٿيون، تيئن ميراڻي راڄ ۾ دولتمند طبقي جون خواتين سچن موتين جو خاڪو منهن کي ملينديون هيون. سنه 1849ع ۾ انگريزن کي سچن موتين جي ٺيڪي مان 6،265 رپيا آمدني وصول ٿي هئي.

معدنيات:

سنڌ جو ڪلمي شورو ولايت تائين مشهور هو. ڪلهوڙن جي صاحبيءَ جي زماني کان انگريزن شاهبندر، اورنگا بندر ۽ ساڪري ۾ ڪلمي شوري کي صاف ڪرڻ لاءِ ڪارخانا کوليا هئا. ٿاڻي بولاخان ۾ گندرف جون کاڻيون هيون، خيرپور ۽ ٿر چانيهي جي اپت ڪري مشهور هئا. روهڙي، خيرپور، حيدرآباد ۽ جهرڪن جي ٽڪرين ۾ ميٽ جون کاڻيون هيون. کيرٿر جون کاڻيون سرڪاري نگراني هيٺ هيون. ٺٽي جي ٽڪرين مان لوهه نڪرندو هو. باقي پتل، ٽامو، شيهو جنگي هٿيارن لاءِ ٻاهران گهرائڻو پوندو هو. بلوچستان جو ڪلمي شورو اپر سنڌ ۾ پنج رپيا مڻ جي حساب سان وڪامبو هو.

هنر ۽ واپار:

هر هڪ شهر ۽ ڳوٺ ۾ ديسي هنرن جا ڪارخانا هئا. حيدرآباد چانديءَ تي سون جي پاڻي چاڙهڻ، ميناڪاري، چمڙي رڱڻ ۽ چمڙي جي سامان سبب برک هو. هتي جلد ساز جلدن تي سونهري ڪم ڪندا هئا. ڇاپيخانن نه هئڻ ڪري ڪتابت جي ڪم لاءِ خوش نويس خطاط رهندا هئا. ڪنڊياري، گمبٽ ۽ نصرپور جون جوڙيون، کيس ۽ سوسيون مشهور هيون. ٺٽي جو اوج مٽجي چڪو هو، ليڪن هتي جا غاليچا، پاکڙا ۽ لونگيون مشهور هيون. هالن ۽ سيوهڻ ۾ سرن ۽ مٽيءَ جي برتنن تي ڪاشيءَ جو سٺو ڪم ٿيندو هو. هالا جنڊيءَ جي ڪم ڪري اڄ به مشهور آهي.

سنڌ جا قديم هنر اڄ به شهرن ۽ ڳوٺن ۾ چالو آهن. مثلا: بوبڪن ۾ ناس ۽ غاليچن جا ڪارخانا آهن، مٽيارين ۾ اوڄ جو ڪم ٿئي ٿو، ٽنڊي محمد خان جو مربو ۽ پيهون مشهور آهن، ماتليءَ ۾ رڪ جون ڇريون ۽ ڏاٽا جڙن ٿا، کڏڙي جا گهوڙن جا هنا، پڊعيدن، نوشهري فيروز ۽ ٺارو شاه جون فراسيون، انگوڇا ۽ چاندنيون مشهور آهن، ٽنڊي جان محمد جي رڱاوت، نبي سر جا چم جا دٻا، جتيون ۽ ڪنجهي جو سامان، مٺيءَ جا چم جا حقا، پاکڙا، هنا ۽ پتل جو سامان، ڇاڇري جا کٿا، لويون ۽ پاکڙا ۽ لاڙڪاڻي جا ڪٽ جا برتن گذريل دؤر جي هنرن جا يادگار اڃا سوڌو قائم آهن. انگريزي دؤر ۾ سر بارٽل فريئر جي ڏينهن ۾، ڪراچيءَ ۾ تجارتي ميلا لڳڻ لڳا. ڪمشنر پاڻ سنڌ جو گشت ڪري، سنڌ جون صنعتي شيون گڏ ڪري، سنه 1851ع ۾ لنڊن جي هائيڊ پارڪ واري صنعتي نماءَ ڏانهن روانيون ڪيون. گويا 19 صديءَ جي وچ ڌاري سنڌي ڪاريگرن ولايت تائين خراج تحسين حاصل ڪيو.(1)

ميرن جي ڏينهن ۾ سنڌ جي واپار گهڻي ترقي ڪئي، واپار قافلن ۽ ٻيڙين وسيلي هلندو هو. خراسان، چيني ترڪستان، ڪشمير، وچ هندستان ۽ پنجاب جو مال سنڌو نديءَ وسيلي سنڌ جي شهرن ۾ پهچندو هو. هر هفتي پنج سؤ مال سان ڀريل ٻيڙيون حيدرآباد کان بکر پهچنديون هيون. ٻيڙين تي مسافرن لاءِ به ڪمرا جڙيل هئا. هينري پاتنجر سنڌجي سياحت ڪرڻ وقت 19 ڏينهن اندر 341 مال سان ڀريل ٻيڙيون حيدرآباد کان راڄي ديري ڏانهن ويندي ڏٺيون. سنڌ جا ميمڻ واپاري سنڌي گيهه جو واپار هندستان جي بندرن سان ڪندا هئا.(1)

قنڌار ۽ خراسان جا قافلا سرديءَ جي موسم ۾ شڪارپور تائين ايندا هئا ۽ هڪ رات ۾ ويهه ميل مسافري ڪندا هئا. بلوچن جا قافلا ڏينهن جو مسافري ڪندا هئا. شڪارپور، سکر، روهڙي، لاڙڪاڻو، ڪنڊيارو، هالا، حيدرآباد، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، ٽنڊو محمد خان، نصرپور، سيوهڻ، ٺٽو ۽ ڪراچي واپار جا مرڪز هئا. ٽالپري دؤر ۾ نصرپور جي ڪورين جو تعداد ويهه هزار ۽ ٺٽي ۾ ڪورين جو تعداد 16 هزار هو. افغان واپاري ڪشميري شالون، بلوچي نمدا، اصفهان، هرات، يزد ۽ مشهد جا ريشمي ڪپڙا، ڪيمخواب ۽ سچيون ڪلاباتون، خراسان جا پشمينا، غاليچا، خشڪ ۽ تر ميوا ۽ سليمان ۽ هندوڪش جبلن جون جڙيون ٻوٽيون، هنڱ، گهوڙا ۽ باز سنڌ ۾ وڪري لاءِ آڻيندا هئا. هر هڪ افغاني قافلي ۾ ستر اٺن جي قطار ٿيندي هئي. افغان واپاري سنڌ مان نير، مصالحا ۽ انگريزي گرم ڪپڙو خريد ڪندا هئا. هر هڪ اٺ تي اَسي مڻ تبريزي وزن جو نير ڪپڙن رنڱڻ لاءِ ايران ڏانهن ويندو هو.

دراني سلطنت جي زوال کان پوءِ البت شڪارپور جي واپار کي لوڏو اچي ويو هو.(1) سنڌ جو چوپايو مال جهجهو هو. اٺن ۽ گهوڙن جي پرورش لاءِ هن صوبي جي آب و هوا موافق آهي. هتي جي جتن وٽ هزارن جي تعداد ۾ اٺ هئا.(2) پهرين افغان ويڙهه وقت ميرن 3 هزار اٺ جنرل ناٽ ڏانهن قنڌار روانا ڪيا هئا. سنه 1843ع تائين، سنڌ ۾ ٻانهن جو واپار چالو رهيو. انگريزي مؤرخ ميراڻي راڄ تي نڪته چيني ڪندي ان ڳالهه جو ذڪر ڪن ٿا. حقيقت ۾ اهڙو واپار پهريائين عرب سوداگر هندستان جي بندرن تي ڪندا هئا. عيسوي 17 صديءَ ۾ يمن جي بندر موخا ۾ في حبشي غلام جي قيمت 4 شلنگ 6 پينس هئي.(3) فرنگين جي سمنڊ تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ غلامن جو واپار فرنگي سوداگر پاڻ ڪرڻ لڳا.

ميان غلام شاه ڪلهوڙي بمبئي مان ڪي حبشي ٻانهيون ۽ سرڪش غلام خريد ڪيا هئا. ميرن جي ڏينهن ۾ گهڻا حبشي غلام سنڌ ۾ پهتا ۽ سنڌ جي هر هڪ شهر ۾ شيدين جا پاڙا ڌار هئا، جيئن ڪوٽڙيءَ ۾ نانگي جي لين. اهي حبشي سنڌ جي رهاڪن سان رفتي رفتي گڏجي ويا ۽ سندن اولاد ’گڊا‘ سڏجڻ لڳا. هينئر حبشين جو تعداد گهڻو گهٽجي چڪو آهي. ڪراچيءَ جي بندر انگريزن جي سنڌ تي پير پوڻ کان پوءِ گهڻي ترقي ڪئي. هتي بندر عباس، مسقط، مانڊوي، بمبئي ۽ ملبار جي واپارين جا گماشتا رهندا هئا. فرنگي سوداگرن معرفت سنڌ ۾ عاج، شيهو، صندل، وڍ ٽُڪ جا اوزار، ملبار جا مصالحا، معبر جون رنگين ڇيٽون، چين ۽ جاپان جا چيني ۽ شيشي جا ٿانوَ ۽ شمعدان سنڌ ۾ پهچڻ لڳا.

مٿين شين جي اچڻ ڪري سنڌ جا ڪاريگر بيڪار ٿي ويا ۽ واپاري دانهون ڪرڻ لڳا. مير ساليانو ڏيڍ لک رپين جو گرم ڪپڙو ڪمپنيءَ کان خريد ڪرڻ لڳا. جڏهن مير فتح علي خان انگريزن کي ٺٽي مان ڪوٺي کڻڻ لاءِ حڪم ڏنو، تڏهن ڪمپنيءَ کي ڏيڍ لک رپين جو نقصان پهتو. وري جڏهن رنجيت سنگهه، ٽالپرن تي دٻاءُ وجهڻ لڳو، تڏهن ميرن، انگريزن سان نئين سر تجارتي عهدناما ڪيا. سنه 1832ع ۾ سنڌو نديءَ جي آفيم جي واپار تي انگريزن ڪراچي، ٺٽي، مٺڻ ڪوٽ ۽ فيروزپور تائين پنهنجا ايجنٽ ويهاري، هندستان جي آفيم جي واپار تي قبضو ڄمايو. سنه 1835ع ۾ سنڌو نديءَ جي سموري واپار تي قبضي ڪرڻ لاءِ لنڊن جي سرمايه دارن هڪ ڪمپني ’دي اِنڊس سسٽم نيويگيشن‘ جي نالي سان کڙي ڪرڻ جو ارادو ڪيو، جنهن جا ايجنٽ بمبئي تائين پهچي چڪا هئا. سنڌ تي انگريزن واپار جي سانگي سنڌ جي حالتن کي جاچڻ کان پوءِ قبضو ڄمائي ورتو.

هندن جي حالت:

هندن کي سنڌ اندر عربن جي زماني کان عهدا ملڻ لڳا ۽ اهڙو سلسلو ٽالپرن جي صاحبيءَ تائين قائم رهيو. ميان نور محمد خان ڪلهوڙي جي ڏينهن ۾ ملتان جا لوهاڻا هندو سنڌ جي تختگاه شهر خداآباد ۾ صرافڪو ڌنڌو ۽ واپار ڪرڻ لڳا.(1) سنڌ ۾ ڪڪرالو سنڌي هندن جي پوئين رياست هئي، جنهن جو خاتمو ميان غلام شاه جي ڏينهن ۾ جوکين هٿان ٿيو هو. خدا آباد کان پوءِ، جڏهن حيدرآباد سنڌ جو تختگاه ٿيو، تڏهن لوهاڻا حيدرآباد ۾ رهڻ لڳا. سندن ٻه طبقا هئا: 1_ پارسي پڙهيل طبقو، جيڪي سرڪاري عهدن تي مامور هئا ۽ عامل يا ديوان سڏبا هئا ۽ 2_ ڀائيبند، جيڪي واڻڪن اکرن ۾ حساب ڪتاب رکندا هئا، سندن ڌنڌو واپار هو. ٽالپر اميرن کي سير، شڪار ۽ شعر و سخن سان دلچسپي هئي، ان سبب ڪري فراغت ۽ فرصت کي پسند ڪندا هئا. حڪومت جا کاتا ۽ مالگذاريءَ جا ٺيڪا هندن جي هٿن ۾ هئا. هر هڪ مير وٽ هڪڙو هندو منشي رکيل هو، جو سندس خرچ پکو هلائيندو هو. ڪرنل پاٽنجر جي هڪڙي سوال جي جواب ۾ مير مراد علي خان، هندن متعلق هيٺيون بيان ڏنو هو، جنهن مان هندن جي رسوخ جي خبر پئجي سگهي ٿي:

”اسين بلوچ نه حساب ڪتاب رکي ڄاڻون، نه وري کاتا لکي سگهون ٿا، نه اسان کي ڪا واپار جي خبر آهي، اسين فقط ايترو حساب سمجهي سگهون ٿا ته ٻه ۽ ٻه ٿيا چار، اسين هندن تي اعتبار ڪريون ٿا ۽ جيڪي طلبيون ٿا هو اسان کي گهر ويٺي پهچائين ٿا.“

هندو منشي نه رڳو شاهي ديرن جي خرچ هلائيندا هئا، پر کين وڏا عهدا مليل هئا. ديوان گدومل، ميرن پاران قنڌار ۾ سفير هو. گدو جو ٽنڊو سندس جاگير هو. سندس ڀاءُ ديوان جسپتراءِ، مير فتح علي خان پاران ڪابل ۾ سفير هو. منشي پرتاب راءِ شهزادي مير صوبدار خان جو منشي هو. منشي مشتاقرام، مير غلام علي خان جو خاص مشير هو، سنه 1809ع وارو انگريزن سان عهدنامو، مير صاحب سندس صلاح سان ڪيو هو. ديوان گوپالداس، مير ڪرم علي خان پاران ڪڇ جو اليچي هو، سندس معرفت ڊاڪٽر جيمس برنس حيدرآباد آيو هو. منشي خوشيرام، مير مراد علي خان جو درٻاري امير هو، انگريزن سان 1832ع وارو عهدنامو سندس صلاح سان صحي ٿيو هو. سهراباڻي سرڪار جو چرخو به هندن معرفت هلندو هو. منشي اُتمچند، ڪشنداس، ڪان سنگهه، سبحان سنگهه، مولرام ۽ چندا سنگهه، جي راءِ سورج مل ڪڪرالي جي ڄام جي نسل مان هئا، وڏن عهدن تي مامور هئا. غرض گمرگ جي محررن کان وٺي زرعي کاتن، سفارتخانن ۽ درٻار تائين هندن کي عهدا مليل هئا. هندن جا عدالتي فيصلا پنچائت ڪندي هئي.

جيئن مغل شهنشاهن جي فياضين کي ڏسي، راجپوت راڻن پنهنجون ڌيئرون مغل شهنشاهَن کي ڏنيون، تيئن ڪڇ ۽ سنڌ جي راجپوت راڻن ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن کي سڱ ڏنا هئا. ميان غلام شاه ڪلهوڙي ڪڇ جي راءِ جي سؤٽ کنگهار جي ڌيءُ سان شادي ڪئي هئي. ٽالپرن جي فياضي ۽ دولت کي ڏسي، ٿر جي ٺڪر راڻن پنهنجن ڌيئرن جون ٽالپرن سان شاديون ڪرايون. ميرن مٿن ڍلون ان شرط سان معاف ڪيون هيون، جيئن راڻا ٿر مان لنگهندڙ مسافرن جي سارسنڀال لهي سگهن.(1)

ٽالپري عهد جا سڪا:

مير فتح علي خان کي تيمور شاه سنڌ جي سند ڏيڻ وقت اهو شرط وڌو هو ته سنڌ ۾ دراني سڪو جاري رهندو. 18 مئي سنه 1793ع ۾ تيمور شاه جي وفات کان پوءِ زمان شاه ڪابل جي تخت تي ويٺو. سندس سڪن تي هيءَ عبارت ڏنل هئي:

”قرار يافت بحڪم، خداي هردو جهان

رواج سڪه_ دولت بنام_ شاه زمان“(1)

سنه 1218هه (1803ع) ۾ زمان شاه جي تخت تان لهڻ کان پوءِ دراني سلطنت ڪمزور ٿيندي ويئي، ٽالپر جيڪي اڳ 12 لک رپيا ڪابل سرڪار کي ڀريندا هئا، سي مير غلام علي خان ڏيڻ بند ڪيا. ڪشمير، پنجاب، پشاور، ديره جات ۽ ملتان تي رنجيت سنگهه قبضو ڪيو. رنجيت سنگهه پنهنجو سڪو رائج ڪيو، جنهن جي عبارت هيءَ هئي:

”ديگ، تيغ و فتح و بي درنگ

يافت از نانڪ گورو گوبند سنگهه“(1)

سنه 1244هه (1824ع) ۾ ميرن دراني حڪومت کان سندن زير اثر سنڌ جو حصو فتح ڪيو ۽ سنڌ ڪابل کان آزاد ٿي ويئي، تنهن کان پوءِ سنه 1828ع ۾ مير مراد علي خان اشرفيون ۽ رپيا تيار ڪرايا. ترخانن کان پوءِ ٽالپرن سنڌ ۾ سڪو رائج ڪيو، مگر ٽالپري رپين جي چاندي سٺي نه هئي، ان ڪري واپاري ڪمپني سرڪار جي ڪلدارن کي خوشيءَ سان پسند ڪرڻ لڳا. 6 فيبروري سنه 1839ع تي، ليفٽيننٽ جنرل سر جان ڪين، ڪابل ڏانهن ويندي ميرن کي جيڪي شرط پيش ڪيا، تن ۾ هڪڙو شرط رپين متعلق هو، جنهن ۾ هن ڏيکاريو ته ٽالپري رپين جي گلٽي هئڻ سبب واپارين کي وٺڻ کوٽ ۾ پوي ٿي. پوءِ سر چارلس نيپئر جيڪي شرط پيش ڪيا، تن ۾ هڪڙو شرط هي هو ته ٽالپرن لاءِ انگريز سڪو تيار ڪرائيندو، جن جي هڪڙي پاسي کان راڻي وڪٽوريا جي مهر هوندي.

مير محمد بخش ماڻڪاڻي ٽالپر مون کي ميرن جي زماني جو سڪو ڏيکاريو هو، جنهن جي هڪڙي پاسي کان ’ضرب سنڌ‘ ٻئي پاسي کان ’سلاطين جهان‘ لکيل هو. سندس چاندي سٺي نه هئي. مير مراد علي خان جي فتح علي قاچار سان دوستي هئي ۽ سندن دوستيءَ سبب ٻن قسمن جا ايراني سڪا ’گبري‘ ۽ ’پتيلي‘ جن جي قيمت چار چار آنا هئي، سنڌ توڙي بلوچستان ۾ رائج هئا. مسقطي پيسا به سنڌ ۾ چالو هئا. پرتگالي ڊالر ۽ اطالوي اشرفين جو سون خالص هو. اهي به سنڌ ۽ بلوچستان ۾ چالو هئا. سنه 1900ع تائين مٿين سڪن جو رواج هو، پوءِ انگريزي سڪي ڪري مٿيان سڪا مٽجي ويا.(1) شهرن ۾ ڪوڏيون به چالو هيون. في پئسي جي قيمت 92 ڪوڏيون هيون.(2)

ميرن جا شڪار گاهه:

انگريز مؤرخ ميرن ۾ ٻيو ڪو عيب نه ڏسي مٿن شڪار گاهَن رکڻ جو عيب مڙهيو. سهراباڻين جي زمينن جي ڀيٽ ۾ شهداداڻين جي زمينن جو وڏو حصو شڪارگاهَن لاءِ محفوظ هو. ڪرنل هينري پاٽنجر 30 مارچ سنه 1839ع تي، ٺٽي جي ڪمانڊنگ آفيسر ڪرنل سپلر کي هڪڙي خط ۾ شڪار گاهَن متعلق لکيو هو:

”افسوس! ٽالپر ميرن پنهنجا عمدا زرخيز زمين جا ٽڪر شڪارگاهَن لاءِ محفوظ رکيا آهن، جن لاءِ سندن قانون گهڻو سخت آهن، هڪڙي هرڻ جي شڪار تي ميرن جو اٺ سؤ رپيا خرچ لڳي ٿو!“

هر ڪنهن قوم ۾ ڪانه ڪا خاصيت ٿئي ٿي. بلوچ جنگجو آهن ۽ امن امان جي حالت ۾ شڪار ۽ چوگان بازي سندن دلچسپ مشغلو رهيو آهي. رند ۽ لاشار جي ٽيهن سالن واري خونريز ويڙهه جو سبب محض چوگان بازي هو. اڄ به هر سال ڪوئٽا سبي ۽ جيڪب آباد ۾ گهوڙن جا ميلا لڳن ٿا، جتي ايران، بلوچستان ۽ سنڌ جي گهوڙن جي نمائش ٿئي ٿي. ميرن جي شڪارگاهَن جو تفصيل هن ريت هو ته جڏهن مير شڪار تي نڪرندا هئا، تڏهن مزورن جو اٽالو تنبو ۽ قناتون بيل گاڏين تي کڻي هلندو هو. بيلدار رستن جي صفائي ڪندا هئا. پالڪي بردارن سان محافظ فوج جو دستو ساڻ هلندوهو. شڪار جي پارٽيءَ سان دفتردار به ساڻ هوندا هئا، جيڪي منزل ڪرڻ کان پوءِ ضروري سرڪاري ڪاغذ پيش ڪندا هئا. هرڪارا هوندا هئا، جيڪي ٽپال آڻڻ ۽ نيئڻ تي مقرر هئا، خدمتگار هوندا هئا، جيڪي ميرن جي خدمت ڪرڻ تي مامور هئا، بورچي هوندا هئا، جيڪي شاهي دسترخوان جي زينت لاءِ مقرر هئا، آبدار هوندا هئا، جن وٽ شيراز ۽ اصفهان جو گلاب ۽ بيدمشڪ جو عرق موجود رهندو هو. بازدار هوندا هئا، جيڪي بازن جي پرورش تي مامور هئا ۽ پکين جي شڪار ڪرڻ سان ميرن جي دل وندرائيندا هئا، اسلح بردار هوندا هئا، جن وٽ شاهي هٿيار رهندا هئا. شڪار تي نڪرڻ وقت سيوهڻ کان وٺي ٺٽي تائين منزلن تي ميلا ملاکڙا لڳندا هئا. ملهن کي مير لونگيون ۽ انعام اڪرام ڏيندا هئا. ميرن کي شڪار ۽ شعر و شاعري کان سواءِ فرصت جو ڪو ٻيو مشغلو ڪونه هوندو هو. ڪپتان گارڊن، جو ميرن جي جلاوطنيءَ جي زماني ۾ سندن نگراني ڪرڻ تي مقرر هو، سو لکي ٿو ته، مير صاحب ڪنهن به قسم جو نشو ڪين واپرائيندا هئا ۽ پرهيزگار هئا.

ڪراچي ۽ ڪوهستان جا شڪار سرهن جي شڪار گاه لاءِ مخصوص هئا، سر مير علي مراد خان جي ڪوشش سان سنڌ ۾ ڪارن هرڻن جو نسل متعارف ٿيو. اڳ هن صوبي ۾ ڪارن هرڻن جو نالو نشان ڪونه هو. مير حسن علي خان وٽ سرهن، گڊن ۽ ڦاڙهن جا قسمين قسمين سڱ هئا. هڪڙي جابلو گڊ جي سڱن جي گولائي 36 انچ هئي، مير علي مراد خان وٽ هڪڙي ڄانگهي جا سڱ 26 انچ ڊگها هئا ۽ هڪڙي هرڻ جا سڱ 16 انچ ڊيگهه ۾ هئا. اهي سڱ مير صاحب وٽ هندستان جي شڪارين جي رڪارڊ کي مات ڪرڻ لاءِ نموني طور رکيل هئا. ميرن جي بازدارن وٽ قسمين قسمين باز پاليل هئا. انگريز مؤرخ بازن جي شڪار کي ’دي رايل سپورٽ آف فاڪنري‘ يعني ’شاهي باز جو شڪار‘ لکن ٿا.

جيڪي صاحب ٻيلن جي برڪت کي سمجهي سگهن ٿا، سي تسليم ڪندا ته ميرن جي شڪار گاهَن مان ملڪ کي ڪهڙا فائدا پهچندا هئا. جهنگن جي ڪري هن صوبي ۾ چوپائي مال جي پرورش ٿيندي هئي ۽ کير، مکڻ جون نهرون هن صوبي مان وهنديون هيون. سياري جي موسم ۾ ڪَچن مان مکڻ جون ٻيڙيون ڀرجي اينديون هيون ۽ رپئي سورهن لپا ڪوڏر جا مکڻ وڪامندو هو. حڪيم فتح محمد صاحب سيوهاڻي پنهنجي ڪتاب ’ميرن جي صاحبي‘ ۾ مٿيون بيان ڏنو آهي. ميرن جي صاحبيءَ ۾ هن صوبي اندر 527 ميل چؤرس زمين يعني 1343325 ايڪڙ زمين شڪار گاهَن لاءِ مخصوص هئي.

سنه 1843ع ۾ سنڌ تي انگريزن جي قبضي ٿيڻ کان پوءِ مٿيان شڪار گاه ٻيلا مقرر ٿيا ۽ حڪومت ٻيلن لاءِ خاص ’ٻيلو کاتو‘ مقرر ڪيو ۽ ٻيلن جون حدون مقرر ٿيون. سنه 1876ع ۾ مسٽر ڪئمپبيل شڪار گاهَن کي سکر، نوشهرو، حيدرآباد، جهرڪ_ جملي چئن ڊويزنن ۾ تقسيم ڪيو.(1) ٻيلن جي ايراضي اڳي کان وڌي وڃي 975 چؤرس ميلن کي پهتي. واڌاري جو سبب هن ريت هو ته ريل جي جاري ٿيڻ کان اڳ، ’انڊس فلوٽلا ڪمپني‘ جا آگبوٽ سنڌو نديءَ تي پنجاب کان مال آڻيندا هئا، جن لاءِ جلائو ڪاٺين جي ضرورت هئي. سنه 1858ع ۾ سنڌ ۾ ريل جاري ٿي ته ويتر انجڻين کي ڪاٺين ٻارڻ جي ضرورت ٿي. سنه 1906ع ۾ ريلوي انجڻين ۾ پٿر جو ڪوئلو ٻرڻ لڳو.(2)

تعليمي حالت:

ميرن جي صاحبيءَ کي انگريزن، جنهن غلط نموني ڏيکاريو آهي، سا سندن سياسي چال هئي ۽ تعصب ڪري جيڪي هنن بيان ڏنا آهن، تن مان سندن مراد هئي ته ثابت ڪن ته ميرن جي صاحبيءَ جو زمانو جاهليت ۽ اونداهيءَ جو زمانو هو. جن انگريزن سنڌ متعلق بيان ڏنا آهن، سي گهڻو ڪري فوجي عملدار آهن، جيڪي نه سنڌي زبان کان واقف هئا، نه وري ملڪ جي کين واقفيت ئي هئي. هنن جيڪي مغربي اکين سان ڏٺو، سو درج ڪندا ويا. سنڌ جي تهذيب مغربي تهذيب کان مختلف هئي، تنهن ڪري کين سنڌ ۾ اونداهي ئي اونداهي نظر آئي. حقيقت هيءَ آهي ته هندستان ۾ جيڪي به شهر اسلامي حڪومتن جا تختگاه هئا، مثلا دهلي، لاهور، ملتان، جونپور، گور، مانڊو، احمد آباد، بيجاپور، احمد ننگر ۽ لکنؤ، اهي علم و ادب ۽ تهذيب و تمدن جا عاليشان مرڪز هئا.

ساڳيءَ طرح ميرن جي حڪومت ۾ سنڌ ۾ به گهڻائي مدرسا هئا. خاص طرح سنڌ ۾ ڇهه علمي مرڪز مشهور هئا: 1_ سيوهڻ، 2_ پاٽ، ٽلٽيءَ ڀرسان، 3_ کهڙا، 4_ متعلوي (مٽياري)، 5_ مهڙ (ولهار)، عمرڪوٽ ڀرسان ۽ 6_ چوٽياريون، اوڀرندي ناري تي . ابتدائي مڪتب جنهن ۾ 13 ورهين تائين شاگرد آخوندن وٽ قرآن شريف، نور نامه ملا عبدالحڪيم جو ٺهيل، ميان عبدالله جو ’لاڏاڻو‘ جنهن ۾ پيغمبر پاڪ جي وفات جو ذڪر ڏنل آهي ۽ تاريخ حبيب السير تان ورتل آهي، معراج نامه، ڪريما، گلستان، بوستان، ديوان حافظ، يوسف زليخا ۽ سڪندر نامه ۽ انهن کان به وڌيڪ ڏکيا ڪتاب: مثنوي خاقاني وغيره ختم ڪرڻ کان پوءِ، جيڪڏهن شاگرد کي عالم ٿيڻ جو ارادو هوندو هو، ته هو بيان ڪيل مدرسن مان ڪنهن هڪ ۾ شامل ٿيندو هو، جي گهڻو ڪري پبلڪ ادارا هوندا هئا ۽ وقف تي هلندا هئا. پڻ مالدار ۽ متقي ماڻهو انهن لاءِ پنهنجو مال ۽ ملڪيتون وصيت ڪري ڇڏي ويندا هئا.

ٽالپر پڻ انهن ادارن کي ماهوار وظيفو ڏيندا هئا. هر هڪ مدرسي ۾ هڪڙو يا ٻه مخدوم هوندا هئا، جي وڏن شاگردن کي سبق ڏيندا هئا. انهن کي خاصو پگهار ملندو هو ۽ خلق ۾ گهڻو مان ۽ تعظيم هوندي هين. انهن کان سواءِ ٽي چار يا پنج مولوي هوندا هئا، جن کي پڻ ٽيهن کان سٺ رپين تائين پگهار ملندو هو، جو موجوده وقت جي پروفيسرن جي پگهار جيترو ئي سمجهڻ گهرجي. شاگردن جي مائٽن کان ڪي سوکڙيون پاکڙيون به ملنديون هين. مدرسن لاءِ شاگردن جو ڪو مقرر تعداد ڪونه هو، پر هر هڪ مدرسي ۾ شاگردن جو تعداد پنهنجي پنهنجي حالتن پٽاندر هوندو هو. مثال طور: مٽياريءَجي مدرسي ۾ ويهه ڪمرا هئا، جن مان هر هڪ ۾ ٽي يا چار طالب علم رهندا هئا. سندن رهائش گاه جا رات جو دروازا بند ڪيا ويندا هئا ۽ ڪنهن کي به اندر وڃڻ جي اجازت نه هوندي هئي. وڏا شاگرد اڪثر شهر واري مسجد ۾ رهندا هئا. شاگردن کي روزاني کاڌي کان سواءِ ڪجهه پئسا به ملندا هئا. عيدن ۽ عاشورن تي ڇوٽي موڪل ملندي هين. اجازت کان سواءِ غير حاضري، نافرماني ۽ ٻين بي قاعدگين لاءِ مقرر سزا هوندي هئي. ترارين ۽ خنجر رکڻ جي کين موڪل هئي، بلڪ ان کي هو پنهنجو حق سمجهندا هئا.

مدرسن جو نصاب هن ريت هو: 1_ صرف، نحو، 2_ منطق، 3_ فقه، 4_ تفسير، 5_ حديث ۽ 6_ معاني، بيان ۽ بديع. درسي ڪتابن مان ’ميزان صرف‘ جو مخدوم لعل شهباز جو ٺهيل آهي، ٻيا ڪتاب جهڙوڪ ’اجناس‘ يا ’منشعب‘، ’عقد‘، ’زبده‘ ۽ ’مئة عامل‘ گهڻو ڪري ياد ڪيا ويندا هئا. ڪي شاگرد ’زبده‘ کي نثر ۾ ياد ڪندا هئا، ته ڪي وري دائما يادگيريءَ لاءِ ساڳيو ڪتاب نظم ۾ حفظ ڪندا هئا. انهن ڪتابن کي وري وري پڙهڻ بعد وري صرف ڏانهن موٽندا هئا ۽ انهيءَ موضوع تي مير سيد علي شريف جو ڪتاب يا مولانا عبدالرحمان جاميءَ جا جوڙيل ڪتاب پڙهندا هئا. اتي صرف ۽ نحو جو دور پورو ٿيندو هو. ڪي شائق انهيءَ فن ۾ مهارت حاصل ڪرڻ لاءِ ابن الحاجب جو ڪتاب ’شافيه‘ پڙهندا هئا ۽ ساڳئي وقت ڌارئين منطق جو مطالعو شروع ڪندا هئا. نحو جا جيڪي اعليٰ ڪتاب پڙهبا هئا، سي آهن، ’سجاوندي‘، ’هداية النحو‘ ۽ آخر ۾ ’ڪافيه‘.

پويون ڪتاب برزبان ياد ڪيو ويندو هو ۽ ان سان گڏ شرح ملا جامي، عبدالحڪيم ۽ عبدالغفور جا ’حاشيه‘ پڙهيا ويندا هئا. منطق ۾ پهريائين ’ايساغوجي‘ پڙهبو هو، جو مولانا اثيرالدين ابهريءَ جو عربيءَ ۾ ترجمو ٿيل آهي. اهو پهريون ڏاڪو هو، پوءِ ان جو شرح ’قال اقول‘ پڙهبو هو. ڪي شاگرد وري ’شمس بازعه‘ ۽ ان جا ٻه شرح پڙهندا هئا ۽ متن کي برزبان ياد ڪندا هئا.

مٿين ڪتابن پوري ڪرڻ بعد، مشهور شاعر حافظ جو ڪلام علم تي ڪتاب ’شمسيه‘ شروع ڪيو هو. پوءِ ان ڪتاب جي شرح ’قطبي‘ تي منطق جو نصاب پورو ٿيندو هو، پر ڪي طالب ’زبده‘، ’تهذيب‘ ۽ ’سلم‘ به پڙهندا هئا. نحو ۽ ڪلام جي ڦندن کان بچائڻ لاءِ شاگردن جو رخ فقهي ۽ ديني اڀياس ڏي مائل ڪندا هئا. پهريائين پهريائين حنفي فقه جا ڪتاب ’هداية‘ ۽ ’وقاية‘ پڙهايا ۽ برزبان ياد ڪرايا ويندا هئا. ننڍن طالبن ۽ ڇوڪرين جي فائدي لاءِ ڪيترا ديني ڪتاب سنڌي نظم ۽ نثر ۾ لکيل آهن. ان کان پوءِ تفسير جا ڪتاب جهڙوڪ، ’جلالين‘، مدارڪ‘، ’بيضاوي‘، ’ڪشاف‘، ’جواهر‘، ’حسيني‘ ۽ ٻيا پڙهبا هئا.

ٻيا علم هن ريت هئا: 1_ قراة، 2_ نجوم ۽ جعفر، 3_ تاريخ، 4_ حڪمت ۽ 5_ علم الخط، انهيءَ تفصيل لکڻ جو هي مطلب آهي ته ميرن جي صاحبيءَ ۾ سنڌ علم ۾ چڱي ترقي ڪئي. ان زماني جي مذاج موجب علم جو ڪافي اعليٰ معيا رهو. اڄ تائين مٿي ڏيکاريل نصاب عربي مدرسن ۾ رائج آهي.(1)

علم ۽ تهذيب:

سمورا ٽالپر مير، نڪته سنج، شعر و شاعريءَ سان رغبت رکندڙ، قدردان ۽ فياض هئا. سندن شريف مڪه، مسقط جي امام ۽ ايران جي قاچاري فرمانروائن سان دوستي هئي، ان ڪري دارالخلافه حيدرآباد سنڌ ۾ خراسان، ايران ۽ عراق جا علماءَ ۽ ڪاريگر رهڻ لڳا. پارسي دفتر ۽ علمي زبان هئي. سنه 1299هه (1852ع) کان، سر بارٽل فريئر سنڌ جي ڪمشنر جي زماني ۾، سنڌيءَ فارسيءَ جي جاءِ ورتي، پوءِ به پارسي زبان سکڻ سڀني لاءِ لازمي هئي. هندو حساب ڪتاب واڻڪن اکرن ۾ رکند اهئا. ميرن جي صاحبيءَ ۾ پارسيءَ سان گڏ سنڌي زبان ادبي زبان جو درجو حاصل ڪيو، جنهن جو بنياد سيد عبداللطيف ڀٽائي رحه رکي ويو هو.

مير فتح علي خان سير ۽ شڪار تي نڪرڻ وقت علمائن ۽ شاعرن جي جماعت سان کڻندو هو. سندس فتوحات جا ڪارناما سيد عظيم الدين ٺٽوي ’فتح سنڌ‘ جي نالي سان تصنيف ڪيا. مير صاحب مشهور بلوچي قصي ’سسئي پنهون‘ کي مولانا جاميءَ جي ’يوسف زليخا‘ جي طرز تي نئين سر پارسيءَ ۾ تصنيف ڪرايو. مير ڪرم علي خان جو تخلص ’ڪرم‘ هو. سندس ’ديوان ڪرم‘ عبدالله خان قنڌاريءَ مرتب ڪيو. ديوان جو پهريون شعر هي آهي:

لطف ايزد هست هر دم يار ما زين سبب بگرفت رونق ڪار ما

زين نسيم فيض خواهد شگفت تازه گل در گلشن و گلزار ما

نيست حاجت تا ’ڪرم‘ سازد بيان ڪارساز ما به فڪر ڪار ما

جنگ عمر ڪوٽ جي موقعي تي جوڌپور جي راجا مان سنگهه پنڊرارين جي پاٿاريدار امير خان پٺاڻ کي لالچ ڏيئي سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ ڀڙڪايو هو، جنهن تي مير ڪرم علي خان پارسيءَ ۾ هڪڙي رباعي لکي افغان امير ڏانهن رواني ڪئي، جو هو پڙهي شرمندو ٿيو ۽ سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ جو خيال ڦٽو ڪيائين. مير صاحب جي زماني ۾ سيد ثابت علي شاه ۽ سيد محمد راشد سنڌ جا مشهور شاعر ٿي گذريا. مير نصير خان جو تخلص ’نصير‘ هو. ايام جلاوطنيءَ ۾ هن ’ديوان جعفر‘ تصنيف ڪيو، جنهن مان سندس ڏکن ۽ غمن جو پتو پئجي سگهي ٿو. مير صوبدار خان جو تخلص ’مير‘ هو. هر هڪ مير وٽ ڪتبخانو هو، جن ۾ نهايت قيمتي نسخا موجود هئا. نظربنديءَ جي حالت ۾ ميرن پاڻ سان فقط ڪتاب کنيا هئا سي به سر چارلس نيپئر جي منشي علي اڪبر کانئن کسي ورتا هئا. مير حسن علي خان وٽ هڪڙو قرآن شريف جو نسخو، جناب حضرت علي ڪرم الله وجه جي هٿن جو لکيل هو، جو ميرن کي ميان سرفراز خان ڪلهوڙي جي ڪتبخاني مان هٿ لڳو هو.

شهداداڻي ۽ سهراباڻي ٽالپر شيعا هئا، پر سندن درٻار ۾ اهل سنت جماعت وارن کي عزت هئي ۽ اهل سنت جماعت وارن کان صلاح ۽ مشورو وٺندا هئا. آخوند محمد بقا، آخوند محمد عابد ٺٽوي ۽ آخوند محمد بچل سمورا سني هئا. ساڳيءَ طرح خيرپور وارا مير، کهڙن جي علمائن جو احترام ڪندا هئا. هڪڙي دفعي مير علي مراد خان جو مرشد سيد جعفر علي شاه عيد بقر جي موقعي تي موجود هو. درٻار اميرن ۽ رئيسن سان ڀريل هئي، درٻار جو شاعر مرزا احمد علي (تخلص ’احمد‘) به موجود هو، جو سني هو، طعام تناول فرمائڻ کان اڳ مير صاحب مرشد کي چيو: ”اڄ عيد سعيد جو ڏينهن آهي، ڪجهه فرمايو!“ شاه صاحب هي بيت پڙهيو:

”ز چشم خود آزارم ڪه بر سني نظر دارد

ز عمر خويش بيزارم ڪه اونام عمر دارد“

چئن ئي پاسن کان ’مرحبا ۽ مبارڪ و سلامت‘ جا نعرا بلند ٿي ويا! جڏهن ماٺ ٿي، تڏهن مرزا صاحب عرض ڪيو ته ”جي اجازت ملي ته فدوي به ڪجهه چئي ٻڌائي!“ مرزا صاحب درٻاري شاعر هو، ان ڪري مير صاحب کيس شوق سان اجازت ڏني. شاه صاحب جي جواب ۾ مرزا هيٺيون بيت پڙهيو:

بود برڪنده آن چشمي ڪه از سني ضرر دارد

دو صد خنجر بر آن سينه ڪه او ڪينه عمر دارد

روافض گر زند طعنه به يار غار پيغمبر

مڪن عيبش ڪه او الفت ز ميراث پدر دارد

مير صاحب ٻڌي تپي ڳاڙهو ٿي ويو، مگر مرزا کي رخصت ڪرڻ وقت بيش بها خلعت بطور قدردانيءَ جي پيش ڪيائين، جا هن وٺڻ کان انڪار ڪئي ۽ درٻار مان نڪري هليو ويو. پارسي شاعريءَ ۾ رڳو مير طبَع آزمائي نه ڪندا هئا بلڪ درٻار جا امير، وزير به طبع آزمائي ڪندا هئا. مثلا خيرپور جي وزيرن مان ديوان دلپتراءِ جو تخلص ’صبا‘ هو.

ميرن جي ڏينهن ۾ سنڌ ۾ گهڻائي شاعر ٿي گذريا، جن مان ڪن جو مختصر بيان هتي ڏيڻ ضروري آهي:

خليفو ميان گل محمد هالن جي سانوڻي ملن مان هو. سنه 1226هه ۾، هالن پراڻن ۾ ڄائو. ڪنگريءَ واري پير پاڳاري جو مريد هو. هن صوفي درويش عمر جو وڏو حصو فقيريءَ ۾ گذاريو. هالن ۾ سندس مريد هئا. پوئينءَ عمر ۾ حج تي ويو ۽ اُتي بمبئيءَ ۾ ’ديوان گل‘ پراڻن سنڌي اکرن ۾ ڇاپيائين. سنه 1273هه ۾، عربستان ۾ وفات ڪري ويو. سندس ديوان سنڌيءَ ۾ آهي، جنهن ۾ ڳوٺاڻي زندگيءَ جون ڳالهيون بيتن ۾ بيان ڪيل آهن. سندس ڪلام ۾ معرفت جي جهلڪ نظر اچي ٿي. هڪ ٻه بيت نموني طور ڏجن ٿا:

سخن کي جنهن جي سچ ناهي وڃائي وات ڪيو لٻ لٻ،

ٽوئي ۾ ناهه هڪ داڻو ڌنيو بيٺو ڌنئي دٻ دٻ.

ڪلر کاڌي بنا جنهن جي آهي ريءَ ٿنڀ ريءَ ٿوڻي،

ڪري اوءِ اوچتي ڪڏهين مٿان ڪن پيئي ڪري دٻ دٻ.

’سچل سرمست‘ سنه 1152هه ۾ درازن جي ڳوٺ ۾ ڄائو، سچل سرمست فاروقي، سنڌ جو هڪ عظيم صوفي درويش ٿي گذريو آهي. سندس ڪلام سرائڪيءَ ۽ سنڌي زبان ۾ آهي.

سرمد کي ڏيئي لت ڪهايئه،

سوليءَ تي منصور چڙهايئه،

شيخ عطار جو سر وڍايئه،

هيڏي پنڌ پهچائين تون!

ذڪريا کي ڪرٽ چيرائيه،

يوسف کي منجهه کوهه وجهائيه،

شمس ملن کان مارائيه،

عاشق ٿو آزمائين تون!

فقير قادر بخش (تخلص ’بيدل‘) روهڙيءَ جو پاٽولي درويش ٿي گذريو، سندس ڪلام سرائڪيءَ ۽ سنڌي زبان ۾ آهي. ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:

عقل جو ويو اختيار ميان،

عشق ”اناالحق“ جو دم ماريو!

عشق عقل جي لڳي لڙائي،

عشق کٽي جنگ عقل هارائي،

هيڪل هڪ هسوار ميان،

ڪيڏي ڪٽڪ کي بره ڀڄايو!

دست ڌري آيو حسن جو ڀالو،

چنچل چشمن جو ڪري چالو،

گوءِ کڻي ٿيو نروار ميان،

باه بره جي سڌن کي ساڙيو.

ڪاٿي پير مريد سڏائين،

ڪاٿي پاڻ سان لنوڙي لائين،

ڪاٿي ڪري ڪوڪار ميان،

”قم باذني“ چئي مئو جياريو!

هڻ تون باؤلي بره جي ’بيدل‘،

لا مڪانون ٿي ڪر تنازل،

توڙ دوالي يار ميان،

بيخوديءَ جو باز اُڏاريو!

’بيدل‘ جو فرزند ’بيڪس‘ به وقت جو هڪ يگانو شاعر ٿي گذريو. سندس ڪلام ۾ ساڳيو صوفيانو رس ڀريل آهي.

مير حسن علي خان جي زماني ۾ حيدرآباد جا شاعر، جهڙوڪ: آخوند محمد قاسم هالائي، سيد محمد فاضل شاه، سيد غلام شاه ’گدا‘، آخوند فقير محمد ’عاجز‘، وغيره مير صاحب جا مجلسي هئا ۽ مير وٽ سندن نهايت عزت هئي. آخوند محمد قاسم کان مير صاحب ابتدا ۾ شعر جي اصلاح وٺندو هو، پر پوءِ کانئس ڪجهه ناراض ٿي پيو، تاهم توڙ تائين کيس وظيفو ڏيندو رهيو. حڪومت وڃائڻ کان پوءِ به ٽالپر پنهنجين فياضين کي علمي ڪمن لاءِ جاري رکندا آيا، مثلا: سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ جي تعمير وقت مير حسن علي خان سٺ هزار چندو ڏنو، مدرسي جو خيرپور هائوس، مير فيض محمد خان جو يادگار آهي. ان کان سواءِ مير صاحب مدرسي جي خرچ لاءِ ساليانو 12 هزار رپيا گرانٽ مقرر ڪئي. مير امام بخش جي ايامڪاريءَ ۾ ’آل انڊيا، ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس‘ جو خيرپور ۾ اجلاس ٿيو. مير غلام محمد خان باگاڻيءَ، ٽنڊي باگي ۾ اي_ وي اسڪول تعمير ڪرايو، جو پوءِ هاءِ اسڪول ٿيو.

سنڌي ٻولي:

شاه عبداللطيف سنڌ جو سرتاج شاعر، پهريون سنڌي شاعر هو، جنهن نج سنڌي لفظ ڪم آندا آهن. پارسي ۽ عربي لفظن کي اهڙو نه وچڙيو آهي، جهڙو هن وقت جا شاعر وچڙن ٿا. رڳو جڏهن تصوف جا اصطلاح پيش ڪرڻا پونس ٿا، تڏهن سو عربي ۽ پارسي لفظ ڪم آڻي ٿو.

”سڌريل ٻولي انهيءَ کي چئبو آهي، جنهن جو نظم ۽ جنهن جو نثر علم ادب جي ڪسوٽيءَ تي پاڻ کي پرکائي، سچي سون وانگر سچا ثابت ٿين. سڌريل ٻولي پنهنجو رنگ ۽ رونق، حسن ۽ جمال، سونهن ۽ سوڀيا، مزي ۽ ميٺاج، لطف ۽ لذت، فصاحت ۽ بلاغت، لفظن ۽ معنائن، تشبيهن ۽ استعارن، اصطلاحن ۽ محاورن ۽ پڻ اهڙين ٻين صفتن ۽ خوبين ۾ پاڻ کي وڻائيندڙ ۽ پاڻ ڏي ڇڪيندڙ هوندي آهي. سڌريل ٻوليءَ ۾ دنيا جي هر ڪنهن شيءِ جا نالا ۽ هر ڪنهن معنيٰ جا لفظ موجود هوندا آهن. هڪ معنيٰ لاءِ گهڻا لفظ ۽ هڪ لفظ جون گهڻيون معانئون به سڌريل ٻوليءَ ۾ جهجهيون هونديون آهن، ته نظم لکڻ مهل تنگي نه ٿئي. سڌريل ٻوليءَ ۾ هڪ هيءَ به لياقت هوندي آهي ته جيڪڏهن ڪنهن معنيٰ لاءِ وٽس ڪو لفظ نه هوندو آهي، ته پنهنجي برادريءَ يعني دنيا جي ٻين سڌريل ٻولين مان اهڙيءَ معنيٰ واري لفظ کي پاڻ ڏي ڇڪي ۽ کيس پنهنجي گهر جو ڀاتي بڻائي ڇڏيندي آهي.

جيئن جيئن دنيا ۾ علم ۽ هنر پيا نڪرندا، سائنس ۾ ايجاد پيا ٿيندا، نيون نيون شيون پيون معلوم ٿينديون، نوان نوان اصطلاح پيا گهڙبا، تيئن تيئن سڌريل زبان اهڙن علمن ۽ هنرن يا اهڙين ايجادن ۽ اصطلاحن جي معنائن لاءِ پنهنجا لفظ پئي پيش ڪندي، پر جيڪڏهن اهڙو مال وٽس موجود نه هوندو، ته بنا ڪنهن اٽڪ جي، ڪنهن به سڌريل ملڪ ۽ ادبي ڪاريگرن جي ڪارخانن مان وٺي پورو ڪري، وقت ٽپائي ڇڏيندي. سڌريل زبان ۾ پهاڪا ۽ مثال به قدرت جي نظارن ۽ انقلابن موجب ملڪ جي رسمن، رواجن پٽاندر، ماڻهن جي طبيعتن ۽ سڀائن موافق ججها هوندا آهن. اهي پهاڪا ئي آهن، جن کي ساهت جو ساهه ۽ ادب جي جان چئي سگهجي ٿو.

سه حرفي ۽ آخر حرفي جنهن زبان ۾ جهجهي هجي، اُها سڌريل زبان چئجي ۽ اها پاڻ کي سينگاري سهڻو بڻائي سگهي ٿي. دنيا جون سڌريل زبانون ئي آهن، جن ۾ علمن ۽ فنن جا خزانا موجود ڪري سگهجن ٿا. سڌريل زبانن ۾ صرف جا قاعدا ۽ نحو جا قانون، قدرت جي طرفان ئي مقرر ٿيل ڏسبا آهن. تنهن کان سواءِ علم بديع ۽ بيان يعني علم معانيءَ جو خزانو به منجهن ڀرپور هوندو آهي. سڌريل زبان جو مالڪ لطيف کان لطيف انساني جذبا اُن ۾ بيان ڪري سگهي ٿو. جذبن جو اظهار لفظن ۾ ڪو سولو ڪم نه آهي. سڌريل ٻولي جهڙي هڪ عالم جي رفيق آهي، تهڙي جاهل ۽ اڻ پڙهيل جي رهبر، سنڌي هڪ سهڻي، سلوڻي ۽ سولي ٻولي آهي. منجهس هڪ معنيٰ جا گهڻا لفظ ۽ هڪ لفظ جون گهڻيون معانئون به موجود آهن. منجهس جزبن جي اظهار جا اوزار ۽ اسباب به موجود آهن. منجهس چقمق واري ڪشش به آهي، جو ڌارين لفظن کي ڇڪيو، پنهنجو بنايو ڇڏي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته پنهنجي قرب واريءَ ڪشش سان انهن کي اهڙو ته پنهنجو ڪريو ڇڏي، جو هو پنهنجا مائٽ ۽ پنهنجو وطن به وساريو ڇڏين.

سنڌي صلح پسند ۽ صالح زبان آهي. هن جي آس پاس ۽ آوڙي پاڙي سان هميشه چڱي رهائي ۽ سهڻو سلوڪ رهيو آهي. اهوئي سبب آهي جو منجهس عربي، پارسي ۽ ترڪي لفظ ڪثرت سان موجود آهن ۽ اهڙيءَ ريت، جو سڃاڻڻ ۾ ئي نٿا اچن ته هي ڪي ڌاريا آهن، اُچارن ۽ آوازن سميت اهي صفا سنڌي ٿي ويا آهن.“

”سنڌي ٻوليءَ هڙؤن، توڙي وڙؤن، اسان لاءِ گهڻي قدر، اهو سڀ ڪجهه موجود ڪيو آهي، جو دنيا جي سڌريل زبانن ۾ موجود آهي. منجهس نظم به آهي ۽ نثر به. سندس نظم ۾ جيڪڏهن عاشقن جون آهون ۽ زاريون موجود آهن، جي اوهان جي ڪنن ۾ گهڙي، اوهان جي دلين ۾ درد پيدا ڪن ٿيون، ته قدرتي نظارن ۽ نمائن جي بيان ڪرڻ سان اوهان جي توجه کي قادر جي قدرت ڏانهن ۽ اوهان جي ڌيان کي زماني جي انقلابن ڏانهن ڇڪائي ٿي. دل جي امنگن ۽ جذبن کي، اندرينءَ فضا مان ڪڍي، ٻاهرينءَ فضا ۾ آڻي، باطن کي ظاهر ۽ ظاهر کي باطن بنائڻ لاءِ به سنڌيءَ ۾ پوري پوري طاقت ۽ لياقت آهي. روحاني روشني ۽ جسماني جوت اسان جي آڏو پکيڙي ڇڏڻ واري برقي طاقت به سنڌيءَ ۾ واه جا آهي. سنڌيءَ ۾ اُها مڻيا ۽ مهما موجود آهي، جنهن جي ضرورت هن ڳالهائيندڙ زبان ۽ هنن ٻڌندڙ ڪنن کي هوندي آهي. شاه ڀٽائيءَ جو ڪلام ڏسو ۽ ٻڌو کڻي، ته اهڙي ڪمال ۽ جمال سان ڀريو پيو آهي، جو اِهي لطيفي لاتيون ۽ بره جون باتيون سنڌيءَ جي سادي ۽ لطيف هجڻ لاءِ زبردست ثابتي آهن. اهڙي آهي اسان جي سونهاري سنڌي ٻولي“.(1)


(2) مير نصير خان ۽ ٻين ميرن تي لارڊ ايلنبرو اهوا لزام مڙهيو ته مير بگٽين جي سردار بيبرڪ ۽ سکن جي راجا شير سنگهه ڏانهن خط روانا ڪيا هئا، تنهن ڪري ميرن کي هٿيارن رکڻ کان پوءِ گرفتار ڪيو ويو. سردار بيبرڪ ايترو طاقتور ڪونه هو، جو ميرن پاران انگريزن سان جنگ جوٽي سگهي ها. ايلنبرو جيڪي خط ڊائريڪٽرن اڳيان پيش ڪيا هئا، سي سمورا جعلي هئا.

(1) R. Temple SIR: Mer & Events of My times in India, Chp. VII, P. 113, London, 1882.

(2) R. B. Mowat: A New History of Great Briton, PP. 780-789

(1) نوٽ: سنه 1874ع ۾ شهزادي مير شاهنواز جي وفات کان پوءِ مير علي مراد خان جو ٻيو پٽ مير فيض محمد خان، خيرپور جي گاديءَ تي ويٺو ۽ مارچ 1909ع ۾ ڪوٽ ڏيجيءَ ۾ وفات ڪيائين. کانئس پوءِ سندس پٽ مير امام بخش خان گاديءَ تي ويٺو. سندس ڏينهن ۾ آل انڊيا محمدن ايجوڪيشنل ڪانفرنس جو خيرپور ۾ اجلاس ٿيو، ۽ رياست ۾ ٻيا سڌارا ٿيا. سنه 1921ع ۾ مير امام بخش خان جي وفات کان پوءِ سندس پٽ مير علي نواز خان گاديءَ تي ويٺو ۽ دهليءَ جي چيمبر آف پرنسز جو ميمبر ٿيو، سنه 1936ع ۾ وفات ڪيائين. کانئس پوءِ سندس پٽ مير فيض محمد خان ثاني گاديءَ تي ويٺو. سندس ڏينهن ۾ 15 آگسٽ 1947ع تي، تقسيم هند کان پوءِ رياست خيرپور پاڪستان ۾ شامل ٿي ويئي.

W. H. Sloeman SIR: Rembles & Recollections of An India Official, Vol. II, Chp-X, PP-127-129, London.

(1) Selection From the Pre-Mutiny Records of the Comisioners Sind, P. 195

شاهنامه سنڌ: ذڪر مير باگو خان.

(2) Selections From the Records of Bombay Government, No. XVII.

(1) J. W. Smith: Gazetteer of the Province of Sind, Vol. XI, PP. 48-49 (1911)

(1) G. P. Tate: History Kalat, Chp-I, Clcutta, 1896.

(2) Salmat Ali: History of Bahawalpur.

(3) H. R. Gupta: Latter Moghal History of Punjab, P. 273.

(1) H. R. Gupta: Latter Moghal History of Punjab, PP. 272-273.

(1) F. Bernier's Travels (1656-1668), Vol. I, P. 217.

ڊيوپلي فرينچ جنرل جو چوڻ هو ته، سڄي هندستان کي فتح ڪرڻ لاءِ ڏهه هزار قواعد سکيل سپاهي ڪافي آهن.

(2) Baluchistan District Gazetteer Series, Vol. Sibi district, Bombay, 1907.

(1) B. D. Basu: Rise of the Christian Power in India, Vol.V, P-160.

(1) تاريخ هند: شمس العلماءِ مولوي ذڪاءَ الله، جلد _ 1، ص_ 245.

(2) F. Bernier's Travels Vol-I, P. 457.

(1) H. R. Gupta: Latter Moghal History of the Punjab, PP-71-279.

(1) H. T. sorely: Shah Abdul Latif of Bhit, Chp- Administration, London, 1940

نوٽ: ڊاڪٽر سورلي، ميرن جي آمدني 51 لک رپيا ڏيکاري ٿو. ڪتاب ’عبرت ڪده سنڌ‘ ۾ سٺ لک رپيا آمدني ڏيکاريل آهي.

(1)  نوٽ:. ميجر جنرل سليمن صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ ڪمپنيءَ جي عملدارن جي گهٽ پگهارن ۽ رعايا کان رشوتون وٺڻ متعلق هڪڙو خلاصو باب ڏنو آهي. هو لکي ٿو ته، لارڊ وليم بينٽڪ جي زماني ۾ هرهڪ ضلعي جي ڊويزن مٿان فقط هڪڙو ٿاڻيندار مقرر هو، جنهن جو ماهوار پگهار فقط 25 رپيا هو، سندس ماتحت جمعدار جو ماهوار پگهار فقط اَٺ رپيا هو. برق انداز يعني سپاهيءَ جو ماهوار پگهار فقط چار رپيا هو. ان ڪري پوليس عملو رعايا کان ڳريون رشوتون وٺندو هو، بلڪ ڍلن وانگر رشوتن جي رقم ڳوٺ وارن تي مقرر هئي. هولي ۽ دسهڙي جي موقعن تي ڳوٺ جي چوڌريءَ تي هڪ رپيو رشوت طور ڍل مقرر هئي. جيڪي تاريخ جا شاگرد ميرن جي راڄ کي جاهليت ۽ اونداهيءَ جو زمانو تصور ڪن ٿا، تن کي ڪمپنيءَ جي اُن زماني جي تصوير جا ٻئي رخ ڏسڻ گهرجن.

W. H. Sleeman SIR: Rembles & Recollections. Vol-II, Chp-XIV, "Indian Police its defects", P. 207

(1) E. H. Aitke: Gazetteer of the Province of Sind, "Talpur System", P-140

’عبرت ڪده سنڌ‘، ص_ 268_271.

(1) Bombay Government Record, Selections, XVII, Part-II.

(2) J. Douglas: Bombay & Western India, P-35.

(3) J. C. Marsham: Abridgment of History of India, P-371.

(1) H. R. Gupta: Latter Moghal History of the Punjab, P-272.

وقائع راجسٿان: مولوي نجم الغني، جلد_2، ص_ 59.

(2) H. R. Gupta: Latter Moghal History of the Punjab, P-272.

(1) E. H. Aitken: Gazetteer of the Province of Sind, PP-70-71.

(2) Bombay Government Records, Selection XVII, Part-II, P-596.

(1) J. Martineau: The Life & Gorrospendence of SIR Bartle Frere, Chp-V, -132, London, 1895.

(1) J. C. Marsham: Abridgment of the History of India, p-431.

(1) W. Kaye: History of war in Afghanistan, Vol-I.

(2) سنڌ جي اُٺن لاءِ ڏسو ’تاريخ هند‘ مولوي ذڪاءُ الله، جلد_5، ص_ 668_669.

(3) F. Bernier's Travels, Vol-I, Chp, "After War", P-135.

(1) نوٽ: لوهاڻن جو اصل وطن افغانستان هو، جتان نڪرڻ کان پوءِ ديپالپور، ملتان ۽ بيهات ۾ ڏيتي ليتيءَ ۽ چوپائي مال تي گذران ڪرڻ لڳا. سندن ڀر ۾ جوڻيجا، ستلج کان وٺي جيسلمير تائين پکڙيل هئا. امير تيمور ۽ بابر ڪاهُن ڪرڻ وقت ٻنهي قومن کي لٽيو هو. سندن حاڪم ’راءِ‘ جي لقب سان سڏبا هئا. سوري خاندان وارن جي حڪومت جي ڏينهن ۾ پهريائين ڪائٿ هندن پارسي پڙهي عهدا هٿ ڪيا. دکن جي بهمني سلاطين وٽ هندو برهمڻ عهديدار هئا. سنڌ ۾ لوهاڻن کي عهدا مليل هئا.

(1) J. Tod: The Annals & Antiquities of Rajasthan, Vol. III, P-306.

E. H. Aitken: Gazetteer of the Province of Sind, "Lohana", PP-185-187.

(1) ڏسو منهنجو مضمون ”انگيزن کان اڳ سنڌ جا سڪا“ اطلاعات سنڌ، ص_ 2_ 83_84، جنروي 1949ع.

(1) J. Rodgers, in Journal Asiatic Society, Bengal, Vol. Part-I, 1881, Calcutta.

(1) R. Hughes Buller: Makran, Currency.

(2) J. Wood: A Journey of the Source of the River Oxus, Chp-III, P-31.

نوٽ: ويهين صديءَ جي شروعات کان پوءِ به ڪوڏين جو رواج هو، في پئسي جون سؤ ڪوڏيون ملنديون هيون، ميلن، ملاکڙن ۾ ڪوڏين هلڻ جو رواج هو ۽ آهستي آهستي پوءِ مٽجي ويو.

(1) E. H. Aitken: Gazetteer of the Province of Sind, P-41.

(2) نوٽ: سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ، ستت انگريزن محسوس ڪيو ته ڪوٽڙيءَ کان هيٺ جهازراني ڪرڻ ۾ مشڪلات محسوس ٿئي ٿي. سنه 1854ع ۾ انگلنڊ جي سرمايه دارن پنجن لکن پائونڊن جي موڙيءَ سان سنڌ ۾ ريلوي لائين وجهڻ لاءِ هڪڙي ڪمپني قائم ڪئي. سنڌ جي ڪمشنر سر بارٽل فريئر ريلوي لائين ٺهرائڻ جو پڪو ارادو ڪيو. سنه 1850ع ۾، ڪراچيءَ کان ڪوٽريءَ تائين ريلوي لائين جو ڪم شروع ٿيو ۽ سنه 1858ع ۾ پورو ٿيو. ٻيءَ افغان ويڙهه وقت لارڊ لٽن وائسراءِ جي حڪم موجب، 1885ع ۾، ريلوي لائين ڪوٽڙي، سيوهڻ ۽ جيڪب آباد کان دري بولان تائين تيار ٿي ۽ هيءَ لائين ’سنڌ انڊس وئلي ريلويءَ‘ سڏجڻ لڳي.

R. Temple SIR: Men & Events of My Times in India, Chp-XX, PP-487-488, London, 1882.

Journal of Sind Historical Society, Voll. V June, 1941, Karachi.

(1) مٿيون بيان علامه دائودپوٽه جي مضمون جو نقل آهي، جيڪو ’الوحيد‘ جي سنڌ آزاد نمبر ۾ 15 جون 1936ع تي شايع ٿيو.

(1) مٿيون بيان حڪيم فتح محمد صاحب سيوهاڻيءَ جي هڪ مضمون تان نقل ڪيل آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org