سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: جنت السنڌ

باب؛ 2

صفحو :6

پنڊت ماڻڪه کي هارون الرشيد خاص طور سنڌ مان گهرائي، دارالترجم ۾ سنسڪرت جي ڪتابن جي ترجمن ڪرڻ تي مقرر ڪيو هو.(4) ماڻڪ جو پٽ، صالح، علم طب ۾ هارون جي مشهور درٻاري حڪيم، جبرئيل بختيشوع يونانيءَ کان گوءِ کڻي ويو هو. پنڊت ابن ڌنو، برمڪين جي شفاخاني مٿان اعليٰ عملدار هو. پروفيسر سخاءُ سندس نالو ’ڌنوراءِ‘ ڏنو آهي. ڪتاب ’رقام هنديه‘ هندن جي حساب جو ڪتاب اصل چندر گپت جي درٻاري حڪيم، پنڊت چانڪيه جو لکيل هو ۽ سندس نالو ’ارٿاشاستر‘ هو- تنهن کي مامون جي درٻار جي منجم، محمد بن مڪي الخوارزميءَ، سنه 840ع ۾ درست ڪيو. پوءِ اهو ڪتاب اتان اندلس پهتو، جتي ’حساب الاغبار‘ سڏجڻ لڳو.(2)اندلس کان يورپ پهتو، جتي ’عريبڪ نيومرلس‘ سڏجڻ لڳو. ابن نديم ڪتاب کي هنديءَ مان عربيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو.

خوارزميءَ کان سواءِ، علي بن المقفع نسوي سنه 908-1040ع ڌاري حساب تي هڪڙو ڪتاب ’المقفع في الحساب الهندي‘ لکيو. سنه 154هه (سنه 770ع) ۾ سنڌ مان هندن جو جيڪو وفد بغداد پهتو هو تنهن سان نجوم ۽ هيئت جو مشهور ڪتاب ’برهم ست سڌانت‘ ساڻ هو، جو اصل آريا ڀٽ جو لکيل هو، تنهن ڪري سندس عربي ترجمي تي ’ارجبند‘ نالو لکيو ويو. سنسڪرت جي ڪتاب ’کنڊا کيڊيڪ‘ جو ابراهيم فزاري ۽ يعقوب الڪنديءَ عربيءَ ۾ ترجمو ڪيو.(1) عربي علمائن هندن جي چئن قياسي جُڳن تي ’سني السند و ايام السند هند‘ نالا رکيا.(2) ليڪن ابتدائي هيئت دانن ۾ ’سڌانت‘ جي گهڻي مشهوري ۽ مقبوليت ٿي. هيءُ ڪتاب هجري 4 صديءَ ڌاري اندلس پهتو، جت مسله بن احمد مجريطي سنه 398هه ۾ مٿس خلاصو لکيو.

تنهن کان پوءِ اندلس جي ٻئي هڪڙي عالم، ابوالقاسم اصبغ، المتوفي سنه 426هه (سنه 1035ع) ۾ ’سڌانت‘ جي اصول تي زيچ تيار ڪيو.(3) الخوارزميءَ جيڪو زيچ تيار ڪيو، ان جي شهرت ٻين کي مٽائي ڇڏيو. هن پنهنجي زايچ دنيا جي مستند زايچن تان تيار ڪئي هئي. مثلا: هن نقشو هندستان جي زايچ مطابق رکيو. ايراني تحقيقات ۽ بطليموس تان روشني وٺي منجهس پنهنجا سڌارا ڪيا هئائين(1). خوارزميءَ جو ڪتاب ’الجبر والمقابله‘ سنه 1831ع ۾ لنڊن مان شايع ٿيو.

خليفي موفقي عباسيءَ، 3 صدي هجري ۾ دوائن جي تحقيقات لاءِ ڪي ماهر سنڌ ڏانهن روانا ڪيا. معتمد، سنه 279هه ۾ احمد بن خفي ديلميءَ کي حساب ۽ اصطرلاب جي تحقيقات لاءِ هندستان ڏانهن روانو ڪيو. سندس ڏينهن ۾ ماه شوال سنه 280هه ۾ چنڊ گرهڻ جي موقعي تي، ديبل ۾ سخت زلزلو آيو ۽ اٽڪل ڏيڍ لک ماڻهو دٻجي مري ويا. مٿئين حادثي جي خبر درٻار جي نجومين بروقت خليفي کي ڏني هئي(2). طب جي هندي ڪتاب ’ششرت‘ جو خالد برمڪيءَ ترجمو ڪرايو ۽ عبدالله بن عليءَ ان جو فارسي ترجمو ڪيو. چانڪيه (شاناق) پنڊت جو جانورن جي بيماريءَ متعلق ڪتاب سنسڪرت تان عربيءَ ۾ ترجمو ٿيو. ابن نديم، پنڊت گنگوءَ جي چئن ڪتابن: 1- ڪتاب النمود في الاعمار، 2- اسرار المواليد، 3- ڪتاب القرانات الڪبير ۽ 4- ڪتاب القرانات الصغير جا ترجما ڪري مٿين بيان ڪيل نالا رکيا.

دنيا جي واقعات، حادثات، سيارن جي گردش، گرهن جي چڪر متعلق سنسڪرت تان جيڪو ڪتاب عربيءَ ۾ ترجمو ٿيو، تنهن تي ’ڪتاب في احداث العالم والدور في القرآن‘ نالو رکيو ويو. عربن ۾ دستور هو ته فتوحات کان فارغ ٿيڻ کان پوءِ ترار ڦٽي ڪري مفتوح ملڪن جي ترقيءَ ڏانهن متوجه ٿيندا هئا.

فن موسيقيءَ جي ابتدا به هندستان مان ٿي، ڇاڪاڻ ته هندو پنهنجن ديوتائن جي بتن اڳيان ناچ ۽ راڳ ڪندا هئا ۽ ان ڪم لاءِ وٽن مندرن ۾ ديوداسيون رکيل هيون. فن موسيقيءَ متعلق پنڊت نافر جو ڪتاب اندلس تائين پهتو(1). مٿين ترجمن سان گڏ بطليموس جي ڪتاب ’مجسطي‘ جو به ترجمو ٿيو. عراق ۽ يمن وارا عرب هندي زبان مان واقف هئا. عرب مصنفين مان ابن نديم، الاشعري ۽ شهرستاني جي تصنيفات ۾ هندن جي مذهب، فلسفي، ٻڌ جي ڀڪشن ۽ جوڳين ۽ مستقل باب ڏنل آهن، جن ۾ سير حاصل احوال ڏنل آهي(2). ابو صالح بن شعيب ’مهاڀارت‘ جو عربيءَ ۾ ترجمو ڪيو. سنه 417هه ۾، شاهان ديلميه جي ڪتبخاني جي مهتمم ابوالحسين علي جبليءَ ’مهاڀارت‘ جو ٻيهر عربيءَ ۾ ترجمو ڪيو(3). پنڊت وياگهر جو ڪتاب ’ادب الملڪ‘، جو حڪومتن جي طريقن ۽ هٿيارن جي جاچ متعلق آهي، ان جو ابو صالح بن شعيب عربيءَ ۾ ترجمو ڪيو.

جابر بن حيان ڪيميا ۽ هندي منطق تي ڪتاب ’حدود المنطق الهند‘ ترجمو ڪيو. هندي حڪمت ۽ دانش تي گهڻائي ڪتاب عربيءَ ۾ ترجمو ٿيا. هندن جو مشهور اخلاقي ڪتاب ’ڪليله و دمنه‘ جنهن کي پنڊت بيد پاءِ جون آکاڻيون چون ٿا ۽ جو فرضي آکاڻين جو مجموعو آهي، قديم زماني ۾ هندستان ۾ اهڙا آکاڻين جا گهڻائي ڪتاب هئا- جيئن ’هتو اُپديش‘ وغيره. ’پنج تنتر‘ جي معنيٰ آهي ’پنج باب‘؛ سندس مصنف وشنو سرين نالي هو. ’ڪليله و دمنه‘ جون آکاڻيون ’پنج تنتر‘ جي آکاڻين وانگر آهن. سنه 531-579ع جي زماني ۾ هجري پهرين صدي ۾ مڪه ۽ مديني وارا فن موسيقي کان واقف ٿيا.

ڪليله و دمنه:

ڪسريٰ نوشيروان جي ڏينهن ۾ پهريان سنه 570ع ۾ سنسڪرت تان پهلوي زبان ۾ ترجمو ٿيو ۽ پهلوي ترجمي تان سرياني ۽ عربي زبانن ۾ ترجمو ٿيو. هن ڪتاب جو سنه 760ع ۾، عبدالله ابن المقفع منصور عباسيءَ جي ڏينهن ۾ عربيءَ ۾ ترجمو ڪيو(1). ڪتاب جا سنسڪرت ۽ پهلوي نسخا بلڪل مفقود آهن. هن وقت دنيا ۾ ڪليله و دمنه جا جيڪي به نسخا آهن، سي عربيءَ تان ترجمو ڪيل آهن: مثلا: سرياني، عبراني، يوناني، لاطيني، اسپئنش، فارسي وغيره. عربيءَ تان فارسيءَ ۾ پهريون ترجمو ابو عبدالله رودڪي، امير نصر بن احمد سمانيءَ (301ع-331ع) جي زماني ۾ نظم ڪيو. هي ڪتاب ناپيد آهي. سندس فقط چار اشعار شاهديءَ طور حڪيم اسدي طوسيءَ پنهنجي لغت ۾ ڏنا آهن. ائين معلوم ٿو ٿئي ته رودڪي پنهنجو نسخو مولانا روم جي مثنويءَ جي بحر ۾ لکيو هو. ٻن سالن کان پوءِ، نصرالله مستوفيءَ، فارسي نثر ۾ ’ڪليله و دمنه‘ جو ترجمو ڪيو. ان کان پوءِ هرات جي مغليه سلطان مرزا حسين باقرا جي سپه سالار امير نظام الدين احمد سهيلي (المتوفي 907ع) جي فرمائش سان مولانا حسين واعظ، نصرالله جي ترجمي تان ’انوار سهيلي‘ تصنيف ڪيو.(2)

مٿيان سمورا علوم عربن معرفت اندلس پهتا، جتان يورپ پهتا. ان زماني ۾ يورپ ۾ علم ۽ حڪمت جادوگري سمجهي ويندي هئي. مثلا: قيصر قسطنطنيه جي حڪم سان يوناني بيزنطوم سلطنت اندر جيڪي به ڪتبخانا هئا، سي برباد ڪيا ويا. پوپ گريگوري اعظم روم ۾ علم ۽ حڪمت تي بندش وڌي هئي، ايتري قدر جو قيصر آگسطوس مشهور پئليٽائين ڪتبخاني جو جيڪو سنگ بنياد وڌو هو، تنهن کي هن ساڙائي ڇڏيو.(1)

اهڙين سختين ۽ پابندين هوندي به، عربن جي تعليم يورپ ۾ صحيح جمهوريت ۽ آزاديءَ جي لهر پيدا ڪئي. اسلام جي علمي انقلاب کان متاثر ٿي، هڪڙي جرمن پادري مارٽن ليودر پاپائيت جي غير محدوديت خلاف استقلال جو جهنڊو بلند ڪيو. سندس تحريڪ جي ڪري برابر پوريءَ هڪ صديءَ تائين يورپ ۾ مذهبي جنگ جاري رهي. ازانسواءِ گهڻيون سياسي ڦيرڦاريون ٿيون، تان جو پاپائيت جي خودمختياريءَ جو خاتمو ٿي ويو ۽ موجوده جمهوريت جو باب شروع ٿيو. مٿئين تاريخي انقلاب کي يورپ وارا ’رفارميشن‘ يعني ’اصلاحات جو زمانو‘ سڏين ٿا(1).

اسلامي دؤر حڪومت ۾ ڪاتب جو درجو، عظمت ۽ رسوخ جي اعتبار کان، وزير جي رتبي جي هم پله هو. ڪاتب حڪومت جي فرمانن ۽ هر طبقي جي ماڻهن جي درخواستن جي ٻنهي ڪنڊن تي ڳاڙهيون مهرون هڻندو هو ۽ پوءِ درٻار ۾ صحيح لاءِ يا ويچار لاءِ پيش ڪندو هو. مٿيون عهدو اهڙن ماڻهن کي ملندو هو جيڪي فن انشا جا ماهر هوندا هئا ۽ جيڪي مختصر بلڪ بليغ عبارتون لکي ڄاڻندا هئا. حڪومت ۾ مٿئين عهدي ڪري ماڻهن ۾ فن انشا جو ذوق جاڳيو. اڳ ڪاغذ چين ۾ جڙندو هو يا مصر جي پائپروس کي ڪاغذ طور ڪم آندو ويندو هو. برمڪين جي ڪوشش سان بغداد ۾ ڪاغذن جو ڪارخانو پيو، جنهن ڪري ڪاغذن جي سستائيءَ جي ڪري فن ڪتابت هر هنڌ ترقي ڪئي، بلڪ مردن ۽ خواتين جي معاش جو به اهو هڪ ذريعو بنجي پيو. سنڌ ۾ منصوره جا علماءَ تصنيفات جا صاحب هئا. مغليه دؤر اندر فن ڪتابت ۾ سنڌين گهڻي ترقي ڪئي.

عرب دؤر ۾ سنڌ جي تهذيب:

عربن جي بي تعصبيءَ ۽ علمي مذاج ڪري جيئن هندن جي برباد ٿيل علمي محفل نئين سر رونق ورتي، تيئن فاتح قوم جي تهذيب به سنڌ تي اثر وڌو. عربي دؤر ۾ هندن ۽ مسلمانن جو لباس هڪجهڙو هو. هندو عراق جي پوشاڪ پائڻ لڳا. عرب فوجي سپاهي هئا، سندن ڪا خاص فوجي وردي ڪانه هئي، اهي مٿي تي عمامه يا ڊگهي ٽوپي پائيندا هئا. انهن ٽوپين کي ’برنس‘ سڏيندا هئا، جي دراصل عيسائي راهب پائيندا هئا. مديني منور تائين اهڙين ٽوپين پائڻ جو رواج هو.(1) پاجاما ۽ موزا سپاهين جو خاص لباس هو. مجوسي ڪمر سان آڱر جي ٿولهه جيتري رسي ٻڌندا هئا. عرب ان پٽي کي ’منقطه‘ سڏيندا هئا. ذمين کي شراب وڪڻڻ، مندرن ۾ دهلن ۽ شرنائين وڄائڻ جي اجازت هئي، پر نماز جي وقت جو احترام ڪرڻ مٿن لازمي هو. کين مسلمانن جي محلن اڳيان خنزيرن نيڻ جي ممانعت هئي(2).

ايران فتح ٿيڻ کان پوءِ، ايرانين کي ڏسي عرب سلوارون پائڻ لڳا. حضرت عمر بن عبدالعزيز رضه جو زمانو سادگيءَ جو هو. سليمان بن عبدالملڪ جي زماني ۾ ڪوفي، يمن ۽ سڪندريه جون رنگين چادرون، جي باريڪيءَ ڪري مشهور هيون، سلطنت جي هرهڪ صوبي ۾ وڪامڻ لڳيون. پوءِ سنڌي به رنگين چادرون، جبا ۽ ٽوپيون پائڻ لڳا. رنگين ۽ باريڪ ڪپڙن جي رواج پوڻ ڪري ڪپڙي جي صنعت سنڌ ۾ ترقي ڪئي(1). ساڳئي نموني عربن پاڻ به شام ۾ رومن لباس اختيار ڪيو، مصر ۾ مصري پوشاڪ پائڻ لڳا ۽ سنڌ ۾ سنڌي پوشاڪ.(2)

بني اميه دؤر ۾ مسلمان عورتن ۾ رواج هو ته جنازي پٺيان نڪري ماتم ڪنديون هيون. حضرت عمر بن عبدالعزيز صوبن جي گورنرن کي تاڪيد ڪيو ته مٿينءَ شيطاني رسم تي هڪدم بندش وجهن ۽ زالون ٻاهر نه نڪرن. سنڌ جي شهرن ۾ مسلمانن وٽ پردي جي سخت پابندي هئي ۽ سندن جدا محلا هئا. اصطخري ملتان بابت لکي ٿو ته، ”هندو ۽ مسلمان پاجاما پائين ٿا؛ ٻنهي جو لباس جهڪڙو آهي.“

منصوره ۽ ملتان جا امير هندو راجائن وانگر هاٿين تي سواري ڪندا هئا. اصطخري اڳتي هلي لکي ٿو ته، ”ملتان جا باشندا وڏا وار رکائين ٿا.“ وارن رکائڻ جو رواج هن وقت به سنڌ ۽ بلوچستان ۾ رائج آهي. ڊاڪٽر گستاؤليبان سنڌين ۽ بلوچن جي ڪشادي لباس توڻي بدني ساخت بابت لکي ٿو ته، ”ٻئي قومون خالص سامي نسل مان يعني عرب آهن(3). مڪران بابت اصطخريءَ جو بيان آهي ته، اُتي جي باشندن جو لباس فارس ۽ عراق وانگر آهي(1). بشاري پاڻ عالم هو، سنه 375هه ۾ سنڌ آيو هو، ملتان جي باشندن جي تهذيب ۽ اخلاق متعلق هيٺيون بيان ڏي ٿو:

”ملتان جي شهر جون جايون ڪاٺ جون جڙيل آهن، مگر سوڙهيون آهن. شهر ۾ صفائي ڪانهي. ماڻهو تندرست ۽ توانا آهن. خشڪ ۽ گرم هوا هئڻ ڪري، باشندن جو رنگ سانورو آهي. ميوو هت سستو آهي. واپاري ڏيتي ليتي ايمانداريءَ سان ڪن ٿا. بدڪاري ۽ شراب خوريءَ جو نالو نشان ڪونهي. زاني ۽ شرابيءَ لاءِ قتل جي سزا مقرر آهي. ڪابه عورت کليل منهن سان ٻاهر ڪانه نڪري، مردن کي رستن تي عورتن سان ڳالهائڻ جي سخت منع آهي. حڪومت جو طرزِ عمل منصفانه آهي. فارغ الباليءَ ڪري ماڻهن جي زندگي عيش ۽ آرام سان گذري ٿي.(2)

منصوري متعلق اسان جو هي عالم سياح هن ريت بيان ڏي ٿو:

”هتي جا رهاڪو بامروت آهن، اسلام جي وٽن تازگي آهي. منجهن علم جو چرخو وڌيڪ آهي، ۽ وٽن گهڻائي علماءِ ڪرام رهن ٿا. منجهن ذهانت ۽ ذڪاوت آهي. نيڪي ۽ خيرات ڪن ٿا. اهل ذمه بتن جي پوڄا ڪن ٿا. جايون ڪاٺ جون آهن.“(1)

قصدار بابت 4 صديءَ جي وچ ڌاري هڪڙو معتزلي ابوحسن علي بن لطيف هن ريت بيان ڪري ٿو:

”قصدار خارجين جي رياست آهي. شهر ۾ ايتري قدر امن امان آهي، جو ماڻهو گهرن کي قلف ڪونه هڻن. مسافر مسجدن ۾ اسباب ڦٽو ڪري وڃن ٿا، مگر ڪنهن کي مجال نه آهي جو سامان کي هٿ لائي. چوريءَ جو نالو نشان ڪونهي.(2)

قنوج، جو ملتان سان ملحق هو، تنهن نسبت امام مسعودي 303هه ڌاري بيان ڪيو آهي. کانئس 75 ورهيه پوءِ بشاري هن شهر ۾ آيو. ان وقت قنوج جدا رياست هئي. هو لکي ٿو:

”قنوج وڏو شهر آهي؛ سندس چؤگرد عالم پناه ڏنل آهي، شهر ۾ جامع مسجد آهي. هتي گوشت ڪثرت ۾ وڪامي ٿو، باغات گهڻي آهي، پاڻي بهتر آهي، واپار وڏي پيماني تي هلي ٿو. شهر ۾ هندو گهڻا رهن ٿا. مگر مسلمانن جو جدا سلطان حڪومت ڪري ٿو هتي جا ماڻهو فارغ البال ۽ حسين آهن؛ مسلمان ڪڻڪ استعمال ڪن ٿا، شهر ۾ معزز ماڻهو ۽ علماءَ رهن ٿا.(1)

مشهور جاگرافيدان شريف ادريسي، جنهن سنه 548هه ۾ پنهنجي مشهور جاگرافي لکي هئي، سو قنوج متعلق هيٺيون بيان ڏي ٿو:

”قنوج خوبصورت شهر ۽ واپار جو مرڪز آهي؛ سندس وسعت پنجاب ۽ ڪشمير تائين آهي.“(2)

عباسي دؤر ۾ سنڌ جي باشندن جي طرز معاشرت ۾ گهڻو فرق پئجي ويو هو. سنڌي زيب ۽ زينت ڏانهن مائل ٿيا ۽ سنڌ جي شهرن ۾ زيبدار قيمتي شيون وڪامڻ لڳيون. عرب اميرن جي محلاتن ۾ ڪافوري ۽ عنبري شمعون ٻرڻ لڳيون. عرب پنهنجي قومي خاصيت، سادگيءَ کي ترڪ ڪري، پرتڪلف زندگي بسر ڪرڻ لڳا. سنڌ جي شهرن ۾ سستائي هئي. مثلا ملتان ۾ اَٽو في درهم ٽيهه مڻ ۽ کجور جو حلوو في درهم ٽي مڻ وڪامندو هو. ديبل سڄي هندستان اندر اناج جي وڏي مڏي هئي.(1) الور، منصوره، ملتان ۽ ڪيزڪانان جا شهر باغات جي ڪري مشهور هئا. ڏاڙهون، انگور، انب، ليمان، کجور ۽ ترڪاريون سستيون هيون. شهرن جي رستن جي ٻنهي پاسن کان وڻڪار هئي. سنه 236هه ۾، عنبسه ابن اسحاق، سنڌ جي واليءَ، ديبل واريءَ سڙڪ ۽ مندر جي مرمت ڪرائي هئي.(2) حجاج نومسلم رعايا کان به جزيه اُڳاڙيندو هو ۽ ملڪ تي ٻيون ڪيترن قسمن جون ڍلون مڙهيل هيون، جن کي هلالي سڏيندا هئا. جيئن مقريزيءَ جو بيان آهي:

]واول من اخذالجزية ممن اسلم من اهل الذمة الحجاج.[(3)

ترجمو: ”ذمين مان جيڪي مسلمان ٿيندا هئا، تن سڀني کان پهريائين حجاج جزيه وصول ڪيو هو.“

حضرت عمر بن عبدالعزيز رضه اهي هلالي ڍلون موقوف ڪري ڇڏيون، ان سبب ڪري سنڌ ۾ شيون سستيون ٿيون ۽ باشندا فارغ الباليءَ سان گذران ڪرڻ لڳا.

عربن جيڪي نوان شهر تعيمر ڪرايا تن ۾ حمام هئا. مردن ۽ زالن لاءِ جدا جدا حمام هوندا هئا. حضرت عمر بن عبدالعزيز رضه عورتن کي حمامن ۾ وڃي غسل ڪرڻ تي بندش وڌي.(1) مسجدون تعليمي ادارن طور پڻ ڪم اينديون هيون. جيڪي به شاگرد تعليم وٺندا هئا، تن لاءِ حضرت عمر بن عبدالعزيز رضه وظيفا مقرر ڪيا(2) چراگاهُن تي ڍل معاف ڪئي ويئي. بني اميه دؤر اندر، هرهڪ شهر ۾ سرڪاري لنگر خانا جاري ٿيا، جتان مفلسن ۽ فقراءِ کي کاڌو ملندو هو(3). بي خرچ مسافرن کي سفر لاءِ خرچ سرڪاري خزاني مان ملندو هو، جيئن وطن پهچي سگهن.(4) رستن تي مسافرن جي آرام ۽ آسائش لاءِ سرائون تعمير ٿيون.(5) اهي ان زماني جون ڳالهيون آهن، جڏهن بني اميه سلطنت جو بنياد منتزلزل ٿي چڪو هو.

موسيٰ ابن اعين جي روايت آهي ته خليفي عمر بن عبدلاعزيز جي دؤر بابرڪات ۾ ٻڪريون بگهڙن سان گڏ چرنديون هيون. بيگار جي رسم صفا مٽجي ويئي ۽ آقائن کي حڪم مليو ته غلامن لاءِ وظيفا مقرر ڪن. بني اميه دؤر جو وڏو ڪارنامو هي هو، جو بني اميه فرمانروائن عرب جي سادگي ۽ عرب جي عصبيت ۽ عربي شعار کي قائم رکيو. سندن حڪومت جو بنياد قوت ۽ شجاعت تي قائم رهيو. برعڪس ان جي، عباسي خلافت بلڪل عجمي رنگ ۾ ٻڏل هئي. ان ۾ شڪ ناهي ته عباسي خليفا پاڻ عربي نسل مان هئا، ليڪن خلافت جي ڪاروبار هلائڻ وارا گهڻو ڪري عجمي يعني ڌاريا هئا. ان جو نتيجو هن ريت نڪتو، جو سلطنت فريب ۽ حيلي بازيءَ سان هلڻ لڳي. قوت ۽ شجاعت بدران سلطنت تي مڪر ۽ فريب جو عنصر وڌيڪ غالب هو. پويان عباسي خليفا قوت وڃائڻ کان پوءِ، مڪر ۽ فريب ڏانهن مائل رهيا. عباسي دؤر جي مٿين خصوصيت ڪتاب ’آداب السلطانيه‘ ۾ وضاحت سان بيان ڪيل آهي.

وليد بن عبدالملڪ جي ڏينهن ۾ سنڌ فتح ٿي ۽ سندس ڏينهن ۾ سلطنت جي صوبن ۾ کوه کوٽرايا ويا(1) ۽ مريضن جي دوا درمل لاءِ سلطنت اندر شفاخانا تعمير ٿيا، جيئن يعقوبيءَ جو بيان آهي:

الوليد اول من عمل البيمار رستان للمرضي(2).

وليد پهريون شخص هو، جنهن بيمارن لاءِ شفاخانا تعمير ڪرايا. خلافت راشده جي زماني ۾ شهرن ۾ مهمان خانن جو پهريان رواج پيو. خلفاءِ بنو اميه به سنت راشده کي قائم رکيو.(3)

جن شهرن کي عالم پناهون ڏنل ڪونه هيون، اتي مٽيءَ جا قلعا جڙيل هئا. بعض شهرن ۾ عرب امير شهرن کان ٻاهر يورپي طرز تي ڇانوڻين ۾ رهندا هئا. جيئن ملتان جا بنو سامه امير شهر کان ٻاهر ڇانوڻين ۾ رهندا هئا. ملتان جي ڇانوڻيءَ جو نالو ’جندراون‘ هو. فقط جمعي جي ڏينهن امير هاٿيءَ تي چڙهي شهر جي جامع مسجد ۾ نماز ادا ڪرڻ ايندا هئا. قصدار ۾ امير جو محلات شهر کان هڪڙي پاسي تي هو. شهر واري حصي جو نالو ’بودين‘ هو. جدا ڇانوڻين برپا ڪرڻ ان اها مراد هئي، جيئن عربن ۾ قومي سادگي ۽ امتياز قائم رهي.

صنعت ۽ حرفت:

صنعت ۽ حرفت اها شيءِ آهي، جنهن مان قوم جي حالت جي خبر پوڻ کان سواءِ سندس طبعيت جي رجحان جو پتو پئجي سگهي ٿو. سندس صنعت ۽ حرفت کي ڏسڻ سان قوم جي ضرورتن، احساسات ۽ قوم جي ذاتي خاصيتن جي پوري ڪيفيت معلوم ٿي سگهي ٿي، بلڪ ان زماني جي تصوير اسان جي اکين اڳيان ڦرڻ لڳي ٿي. اڳ سنڌ جا ڪاريگر چن سان چمڙو چمڪائيندا هئا. ان طريقي سان هڪ ته چمڙو سخت رهندو هو، ٻيو جٽاءُ ڪونه ڪندو هو.

ابن نديم جو بيان آهي ته، ڪوفي جي ڪاريگرن سنڌ ۽ مڪران جي ڪاريگرن کي کجور سان چمڙي رڱڻ جو هنر سيکاريو. منصوره جي چمڙي جي صنعت متعلق امام احمد بن حنبل (المتوفي سنه 241هه) ’ڪتاب الورع‘ ۾ هڪڙو مختصر باب ڏنو آهي. منصوره جون جڙيل ڀڀڪيدار جتيون اسلامي دنيا ۾ فقط امير طبقو خريد ڪري سگهندو هو.(1) اسلامي دنيا ۾ سنڌ جو رنگين ۽ نرم چمڙو ’السنديه‘ جي نالي سان دنيا جي مارڪيٽن ۾ وڪامندو هو. منصوره جي زوال کان پوءِ عرب ۽ ايراني سوداگر نيرن ڪوٽ ۽ ٺٽي کان چمڙو گهرائيندا هئا. مغليه دؤر اندر ٺٽو چمڙي جي هنر ۽ ڪارخانن ڪري سڄي ايشيا کنڊ ۾ برک هو.

مانسوني هوائن لڳڻ ڪري هندستان جا جهاز ننڍا ۽ هلڪا هئا، جي ’تير ماهي‘ سڏبا هئا(2) هندي جهازن جو ٻيو قسم ’بارجه‘ هو، يعني ٻيڙو(3). ٽيون قسم دونگي هو، جنهن کي عرب ’دونيج‘ ۽ ڪوڪن وارا ’هوڙي‘ سڏيندا هئا.مٿين سڀني جهازن جا تختا ناريل جي رسين سان ٻڌندا هئا. ’تير ماهي‘ جهازن ۾ فقط مسافر کڻندا هئا. برسات جي مند ۾ هندي جهازن جي نقل و حرڪت سمنڊ جي طغيانيءَ ڪري بند ٿي ويندي هئي.(4) عربن کي سنڌ يا هندستان سان فقط جذباتي محبت ڪانه هئي، پر هندستان وارن جي قابليت ۽ علمي ڪارنامن جا هو ثناخوان هئا.(1) ٽن سوَن سالن اندر فاتح صحرا نشينن سنڌين کي موٽ ۾ ڇا ڇا سيکاريو، تنهن جو تفصيلوار بيان اوهان جي سامهون آهي. حجاج بن يوسف رسن بدران لوه جي ميخن سان جهاز تيار ڪرايا. عربي جهاز ايڏا وڏا هئا، جو منجهن مسافرن لاءِ ڪمرا جڙيل هئا. بعض جهازن تي پنج سؤ خلاصي ڪم ڪندا هئا.(2) عربن جي ڏينهن ۾ عراق مان گهوڙا جهازن رستي ديبل پهچندا هئا. سنڌ جو بحري ٻيڙو گجرات ۽ ڪوڪن جي راجائن جي ٻيڙي کان وڌيڪ مضبوط هو.

منصور عباسيءَ جي ڏينهن ۾ سنڌ جي واليءَ هشام، هڪڙي امير البحر عمر بن جمل کي جهازن جي دستي سان گجرات جي بندرن ڏانهن مُڪو هو، تنهن کان پوءِ پاڻ ٻيڙو وٺي ڀڙوچ پهتو ۽ اهو بندر فتح ڪري اتي يادگار لاءِ هڪڙي مسجد تعمير ڪرايائين، جا گجرات ۾ مسلمانن جي پهرين مسجد هئي.(3) سنه 159هه (770ع) ۾ خليفي مهديءَ جي حڪم سان سندس هڪڙي سپه سالار عبدالملڪ ايراني نار کان ٻيون گهمرو جهازن جي ذريعي ڀڙوچ تي قبضو ڪيو، مگر اتي وبا پوڻ ڪري گهڻا مسلمان مري ويا. مامون جي ڏينهن ۾ عرب ڪاريگرن دشمن جي جهازن تي آتشبازي ڪرڻ لاءِ هڪڙي قسم جا ننڍا جهاز ’حراقه‘ تعمير ڪيا هئا. انهن جهازن تان خلاصي پيٽرول سان ڀريل شيشا دشمن جي جهازن تي اڇلائيندا هئا، جن جي ڦاٽڻ ڪري، دشمن جي جهازن کي باهه لڳندي هئي.(1) عباسي دؤر ۾ بصري جا جهاز چين تائين مسافري ڪرڻ لڳا. عرب فن جهازراني ۾ ماهر هئا.

هندستان جي راجائن جي ٻيڙن تي ناخدا يا اميرالبحر هئا. هندو راجائن وٽ جنگي هٿيار هاٿين جا رٿ هئا. الور جي جنگ وقت هاٿين کي ڏسي مجاهدن جا گهوڙا ٽهڻ لڳا هئا. ان ڪري گهوڙن جون اکيون پٽڪن سان ٻڌڻ لڳا. مگر پوءِ آتشي تيرن جي برسات وسائڻ کان پوءِ هاٿين ۾ ٽاڪوڙو پئجي ويو. مجاهدن جا عربي گهوڙا چست ۽ چالاڪ هئا. جنگ جي ميدان ۾ جنهن پاسي کان سپه سالار ڪمزوري ڏسندو هو، هڪدم شهسوارن جو دستو موڪلي ان بازو کي مضبوط ڪندو هو. عربي لشڪر وٽ هيٺيان هٿيار هئا:

نيزا، زرهون، خود، ڍالون، جوشن، ڪمانون. وٽن قسمين تير هئا، جهڙو: 1- قسي، 2- الرجل والرڪتاب، 3- قسي اللولب ۽ 4- جراد. پوئين قسم جي تيرن جي ڊيگهه فقط هڪ گراٺ جيتري هوندي هئي. انهن تيرن جي وسيلي مجاهدن مدائن ۽ الور فتح ڪيا هئا(2). عربن وٽ زرهن جا به جدا جدا قسم هئا، جهڙوڪ، مبطنه، زرديات وغيره. عربي فوجن کي هٿيار سرڪاري ملندا هئا. مال غنيمت مان پنجون حصو سرڪار کي ملندو هو، باقي لشڪر ۾ ورهائبو هو.عباسي دؤر ۾ سوار جو ماهوار پگهار 25 رپيا ۽ پيادي جو پگهار ڏهه رپيا هو. سرڪاري فوج کان سواءِ، والنٽئر فوج ’منطوعه‘ سڏبي هئي. والنٽئر فوجن ۾ هندو، جاٽ، بلوچ ۽ ٻيون قومون به ڀرتي ٿينديون هيون. سنڌ جي والين وٽ مضبوط لشڪر رهندو هو. منصوره جي اميرن جي فوجي قوت مسعوديءَ جي بيان موجب چاليهه هزار هئي. سنڌ جي لشڪر ڪشمير، گجرات، مالوه تائين سوڀون حاصل ڪيون هيون.

سنه 107هه (725ع) ۾ جنيد مارواڙ، مانڊل (ويرگام)، پٽن (انهلواڙ) ڀڙوچ، اُجين ۽ ڪشمير تائين ڪاهون ڪري بيشمار مال غنيمت هٿ ڪيو هو. سنه 140هه (757ع) ۾ منصور عباسيءَ جي ڏينهن ۾ هشام ڪشمير تائين ملڪ فتح ڪيو هو. بعض اوقات مڪران ۽ ڪرمان جي علائقن جي نگراني به سنڌ جو لشڪر ڪندو هو. عمران بن موسيٰ برمڪي جاٽن ۽ ميدن کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيو هو. سنڌ ۾ جاٽ ۽ ميد باغي قومون هيون: بعض بغاوتون ڪرڻ وقت سندن تعداد ويهن هزارن کان پنجاه هزارن کي پهچندو هو. هارون الرشيد جيئن مغرب ۾ روم جي قصيرن کي ڪنبايو هو، تيئن مشرق ۾ سنڌ جي لشڪر کان هندستان جا راجائون ڪنبندا هئا.

آخر يمانيءَ (قحطاني) ۽ نزاريءَ (اسماعيلي) جي باهمي جنگين ڪري سنڌ جي حڪومت ڪمزور ٿيڻ لڳي، جنهن ڪري سنڌي لشڪر جي فتوحات جو دؤر ختم ٿي ويو. مثلا سنه 164هه (780ع) ڌاري جڏهن ليث سنڌ جو حاڪم هو، تڏهن سندس ڏينهن ۾ جاٽن جي فسادن کي روڪڻ لاءِ بصري کان تازه دم فوج گهرائي ويئي(1). عباسي فوج جو لباس يوناني هو. علامه البيرونيءَ جي بيان موجب اڳ هندو گوبر جي دسترخوان تي وڻن جي پنن تي کاڌو رکي کائيندا هئا؛ عربن جي سنڌ تي قبض: ڪرڻ کان پوءِ هندن جي نئين زندگي جي دؤر شروع ٿيو. عربن سنڌ ۾ لوهه ۽ ٽامي جي برتنن جو رواج وڌو. انهن برتنن جو، عرب سوداگر، سنڌ کان سواءِ مالديپ ۽ جاوا ٻيٽن تائين واپار ڪندا هئا. رڪابين، طشت، چلمچين، گلدانن ۽ شمعدانن، تڏن ۽ غاليچن کان اڳ سنڌي قطعي بي خبر هئا. عربي تهذيب ڪري مٿين شين جي استعمال ڪرڻ کان هو واقف ٿيا. بنو اميه ۽ بنو عباس جي دؤر ۾ عربن ۾ مدنيت جو ڪافي اثر پئجي چڪو هو.

سنڌ ۽ مڪران ۾ ميدن جون عورتون سنکن ۽ ڪوڏن جا زيور پائينديون هيون. سنڌ جي عورتن ۾ عاج جي زيورن پائڻ جو رواج هو. سنڌ ۾ هاٿين جي موجودگيءَ ڪري عاج سستو هو، بلڪ عاج برآمد جي شيءِ هئي. راجائون ڳلن ۾ جواهرن جون مالهائون ۽ ڪنن ۾ وڏا والا پائيندا هئا، جن ۾ جواهر جڙيل هوندا هئا. فاتح عربن تعويذن، بازو بندن ۽ حمائل جو رواج وڌو.

قديم زماني کان سنڌ جا اٺ، گهوڙا ۽ گڏهه هندستان جي صوبن ڏانهن وڪري لاءِ ويندا هئا. ڪردان جا ڪرد راجا چچ کي سالياني خرج ۾ گهوڙا ڏيندا هئا. ٻن ٿوهن وارن اُٺن جو اصلي وطن سنڌ هو، جن کي فقط امير لوڪ خريد ڪري سگهندا هئا. سنڌ مان ئي سندن نسل بلخ ۽ فارس پهتو.(1) حتجاج بن يوسف گهوڙن جي واپار کي ترقي ڏيارڻ لاءِ، فرات جي مشرقي ڪناري ۽ سنڌ جي صوبي سيستان جي گاديءَ جي هنڌ زرنج ۾، گهوڙن جي پرورش ڪرائي. ڄاڻايل هنڌن تان سنڌ جي لشڪر کي گهوڙا پهچندا هئا. سنڌ کان سواءِ عرب واپاري، ڪاري منڊل تائين گهوڙن جو واپار ڪندا هئا. عبدالله اُشتر به گهوڙن جي واپارين جي لباس ۾ سنڌ ۾ پهتو هو. عراقي گهوڙن جو نسل عربن جي ڪري سنڌ ۾ رائج ٿيو.(2)

فن عمارت سازيءَ ۾ عرب ماهر هئا. يمن جو سدمارب، قصر غمدان ۽ حيره جو محلات خورنق اسلام کان اڳ سندن فن عمارت سازيءَ لاءِ شاهدي ڏين ٿا. اسلام کان پوءِ عربن، ايرانين يا يونين جو نمونو ڪين اختيار ڪيو، بلڪ سندن ايجاد پسند طبيعتن عمارت سازيءَ ۾ نئون نمونو اختيار ڪيو. سنڌ جي جن جن شهرن کي انهن عالم پناهون ڏياريون يا جيڪي جامع مسجدون تعمير ڪرايون، تن مان اڄ ڪابه چيز موجود ڪانهي. منصوره جي جامع مسجد، جا پٿرن جي جڙيل هئي ۽ عمان جي نموني تي هئي، تنهن کي به زماني جي بي التفاتيءَ صفحهءِ هستيءَ تان مٽائي ڇڏيو.

عربي يادگارن مان هن وقت خانقاه بوترابي ميرپور ساڪري تعلقي ۾ سنه 171هه (788ع) جي يادگار آهي(1). ٻيو سکر ۽ روهڙي جي وچ ۾ بکر جو قلعو آهي، جو هن وقت زبون حالت ۾ سنڌ جي گذريل زرين عهد جي ياد ڏياري ٿو ته ڪو وقت هن سرزمين تي حجازي اميرن جو قيام هو.(2)

عربي دور جا سڪا:

عربي سڪن متعلق سنڌ جي قديم توڻي جديد تاريخن ۾ جيڪو بيان ڏنل آهي، سو مختصر آهي. اسلامي ڪاهه کان اڳ سنڌ ۾ هندي، سٿين، پارٿي، ايراني، يوناني باختري سڪن جو رواج هو. آڳاٽن سڪن مان ڪي ته هٿ لڳا آهن ۽ ڪن جو بيان الگزينڊر ڪننگهام پنهنجي ڪتاب ’قديم هندستان جا سڪا‘ ۾ ڏنو آهي(3). ازانسواءِ ’ڪيمبرج تاريخ هند‘ جلد پهرئين ۾، قديم دور جي سڪن جون تصويرون ڏنل آهن. سر جان مارشل کي ٽئڪسلا، هڙاپا ۽ موهن جي دڙي مان جيڪي سڪا ۽ مهرون هٿ آيون، تن مان ثابت آهي ته مملڪت سنڌ ۾ قديم زماني کان سڪن جو رواج هو. زانسواءِ، واپار يا ڏيتي ليتيءَ جي ڪاروبار ۾ شين جي مٽاسٽا پڻ ٿيندي هئي.

قديم سنڌ جي سڪن جا ڪهڙا نالا هئا، سا خبر پئجي نه سگهي، البت ٻڌ جي زماني ۾ ڪن سڪن جي نالن جي خبر پئجي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته آسوڪا اعظم جي سلطنت جون حدون هرات تائين هيون: ’نشڪا‘ سونو سڪو يا زيور هو، ’سوانا‘ به سونو سڪو هو؛ ازانسواءِ پتل ۽ ٽامي جا سڪا جهڙوڪ: ڪمسا، پادا، ماشا وغيره هئا. هڪڙي پادا جي قيمت پنج ماشا هئي، چار نشڪا هڪڙي سوانا جي قيمت هئي- مٿين سڪن کان سواءِ، سپيڪاني يعني ڪوڏين جو به رواج هو ۽ ويهين صديءَ جي شروعات تائين سنڌ ۾ ڪوڏيون چالو هيون. قرضدارن کي بعض اوقات لهڻيدارن کي زالون ۽ ٻار به قرض جي عيوض وڪڻڻا پوندا هئا. وياج خوريءَ جو به رواج هو. پالي زبان ۾ وياج کي ’وڌي‘ سڏيندا هئا.(1)

ڄاڻايل سڪا، آسوڪا کان اڳ (483-563 ق-م) رائج هئا. تنهن کان پوءِ سنڌ تي اشڪاني ڪسرائن جي حڪومت جو زمانو شروع ٿئي ٿو. مٿيون زمانو 486 – 522 ق- م) دارا اعظم کان شروع ٿئي ٿو. سندس ڏينهن ۾ ٻن قسمن جا سڪا رائج هئا: 1- سونو سڪو، جو ’دريڪ‘ سڏبو هو، (سندن وزن انگريزي 130 گرين برابر هو) ۽ 2- ’سگولي‘ چانديءَ جاچوڪنڊريا سڪا، جن جو وزن 86 گرين برابر هو. هڪ دريڪ جي قيمت ويهن سگولين جيتري هئي. مٿيان سڪا سنڌ، هندستان بلڪ ايشيا ڪوچڪ تائين رائج هئا(1). وارن هيسٽنگس گورنر جنرل جي زماني ۾ بنارس جي علائقي ۾ گنگا جي ڪناري، هڪڙي ٺڪر جي ڪني مان 172 سونا دريڪ سڪا هٿ لڳا هئا. گورنر جنرل جي مرضي هئي ته ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ڊائريڪٽرن کي مٿيان سڪا تحفي طور پيش ڪري، پر سندس هندستان ڇڏڻ کان پوءِ، عملدارن اهي سڪا ڳاري ڇڏيا.(2)

سنه 75 ق – م کان سنه 50ع تائين، انڊو سٿين حاڪمن جو سنڌ تي راڄ شروع ٿئي ٿو. سندن سڪا، ڪوه تفتان (بلوچستان جي اولهندي واري سرحد جي جبل)، زوب ۽ خاران ضلعن مان هٿ لڳا، جي هن وقت برٽش ميوزم ۾ موجود آهن.(3) عربي سڪن متعلق مؤرخ غلطيءَ سان لکن ٿا ته، عبدالملڪ بن مروان پهريون عرب فرمانروا هو، جنهن عربي سڪا تيار ڪرايا؛ مگر عربي تاريخن جي ورق گرداني ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته، سنه 18هه مصر، شام ۽ عراق فتح ٿيڻ کان پوءِ حضرت عمر فاروق نوشيرواني وزن جا درهم جاري ڪيا هئا، جن مان ڪن تي لاالهٰ الا الله وحده ۽ ڪن تي، محمد رسول الله، عبارت لکيل هئي. هنن ڏهن درهمن جو وزن ڇهن مشقالن جيترو هو.

’احڪامن السلطانيه‘ ۾ لکيل آهي ته، اسلام جي ڪاهه وقت ايران ۾ ٽن قسمن جا ساساني سڪا سنڌ تائين رائج هئا: 1- بغلي، 3- طبري ۽ 3- مغربي. منجهائن بغلي ۽ طبريءَ جو ايراني شهناهت اندر گهڻو رواج هو. حضرت عمر رضه جيڪي درهم جاري ڪرايا هئا، تن جو وزن بغلي ۽ طبريءَ جي گڏيل قيمت جي اڌ جيترو هو.(1)

جيئن عبدالملڪ بن مروان جي ڏينهن ۾ پهريون دفعو عربي زبان کي سرڪاري زبان ٿيڻ جو شرف حاصل ٿيو، تيئن هو پهريون بني اميه خليفو هو، جنهن ’دينار‘ ۽ ’درهم‘ جاري ڪيا. وليد بن عبدالملڪ جي زماني ۾ سلطنت جي سرڪاري دفترن جي زبان عربيءَ ۾ بدلجي ويئي. سنڌ جي فتوحات وقت، ابتدائي دؤر ۾ سنڌ جي سرڪاري دفترن جي زبان سنڌيءَ ۾ هئي، مگر جيئن جيئن اسلام جي اشاعت ٿيڻ لڳي، تيئن تيئن سنڌي، لازمي طور عربي زبان سکڻ لڳا. نومسلم سنڌي پاڻ تي عربي نالا رکائڻ لڳا، بلڪ سنڌي محرر شام ۽ عراق جي شاهي دفترن ۽ خاص ڪري صيغهءِ مال تي، قابليت ۽ ايمانداريءَ ڪري، مقرر ٿيا، ڇاڪاڻ ته وفاداريءَ کان سواءِ، صرافڪي ڪم ۽ حساب ڪتاب سان کين قومي وابستگي هئي.(2)

بني اميه دؤر اندر، سنڌ ۾ چئن قسمن جا سڪا رائج ٿيا: 1- حجاجيه، جيڪي حجاج بن يوسف ضرب ڪرايا هئا، 2- هبيره، جيڪي ابن هبيره تيار ڪرايا هئا، (حجاجيه وزن ۾ کوٽا هئا، هبيره وزن ۾ پورا هئا)، 3- قسريه جيڪي خالد القسريءَ جوڙايا هئا، (اهي پهرين ٻن سڪن کان گهڻو بهتر هئا)، 4- يوسفيه، جيڪي يوسف بن عمر جوڙايا هئا، (اهي مٿين ٽن سڪن کان وزندار ۽ جنس ۾ کرا هئا)(1) بصري ۽ بلخ ۾ ضربخانا هئا(2). حضرت عمر بن عبدالعزيز صوبن جي والين کي حڪم ڏنو هو ته رعايا وٽ جيڪي کوٽا سڪا آهن، سي سرڪاري خزانن ۾ بدلايا وڃن، جيئن رعايا کي کوٽن سڪن متعلق ڪا شڪايت نه رهي.(3)

عباسي دؤر ۾ هڪ دينار جي قيمت هاڻوڪن پنجن رپين جيتري هئي ۽ درهم جي قيمت چار آنا هئي. سنه 367هه (977ع) ۾ جعلم بن شيبان سنڌ تي قبضو ڪري فاطمي سڪو رائج ڪيو.(4) عربن جي زماني ۾ گجرات جي هندو راجائن جي سڪي جو نالو ’بالوترا‘ هو ۽ هندستاني سڪو عام طور ’طاطري‘ سڏبو هو. عباسي دؤر جي دينارن ۽ درهمن جو سون ۽ چاندي خالص هئا، ان ڪري سنڌ جي هڪ طلائي دينار جي قيمت هندستان جي شهرن ۾ اتي جي ٽن اشرفين جيتري هئي. سليمان تاجر جي بيان موجب سنڌي دينار بنگال جي اپسمنڊ وارن شهرن تائين وڪامندا هئا.(1) هبارين جا ڇهه سؤ سڪا هن وقت جوڌپرو جي عجائبخاني ۾ رکيل  آهن، جي سنڌ جي سرحد تان هٿ لڳا هئا.(2)

سنڌ جو واپار:

طبعي لحاظ کان، سنڌ جي علائقي، هندستان ۽ ٻئي دنيا جي وچ ۾ هئڻ ڪري، واپار ۾ گهڻي ترقي ڪئي. سندس اولهندي ۾ ايراني نار، عمان، يمن ۽ حبش جا ڪنارا هئا؛ اوڀرندي ۾ گجرات، ڪوڪن، ملبار ۽ هندستان جي ڏکڻ اولهندي وارا ٻيٽ هئا، جي اڄ به آهن. خشڪيءَ رستي هيءُ ملڪ مڪرانُ جي ڪناري کان عراق، شام، سينائي اپٻيٽ کان قاهره، قيروان، طنجه، مغرب اقصيٰ ۽ اندلس سان ڳنڍيل هو. بصري کان ٻيو رستو ايشيا ڪوچڪ کان انطاڪيه ۽ حلب ڏانهن ويندو هو. خوزستان، فارس ۽ ڪرمان جا قافلا سنڌ ۾ ايندا رهندا هئا. اتر اولهندي ۾، برلان ۽ موله درن ڪري قنڌار، هرات، خراسان، بحيره خضر، آرمينيا ۽ ڪاري سمنڊ پريان قافلا يورپ تائين ويندا هئا.

سنه 14هه ۾ بصري جي بنياد پوڻ کان پوءِ سنه 132هه (740ع) ڌاري بغداد جي بنياد پوڻ ڪري چين تائين عربن جا جهاز وڃڻ لڳا. عباسي فرمانروائن بغداد ۾ ڪرخايا، عيسيٰ ۽ صرصر نهرون کوٽرايون، جن مان نهر عيسيٰ وسيلي، جهاز فرات ۽ دجله ۾ آسانيءَ سان اچڻ وڃڻ لڳا. ابن واضح يعقوبيءَ جي بيان موجب، بصرو، دنيا جي واپار جو مرڪز بنجي ويو ۽ ديبل بصري جي کجور جي وڏي مڏي بنجي ويو. جزائر مشرقي ۽ چين ۽ ڪاري منڊل جا جهاز ديبل تائين اچڻ لڳا ۽ سنه 290هه ڌاري بصري جو واپار فرغانه ۽ موراڪو تائين هلڻ لڳو. ملبار جا مصالحا ۽ سنڌ جو عنبر قاهره جي مارڪيٽن ۾ پنجوڻ قيمت تي وڪامڻ لڳو. نيل نديءَ تي ڇٽيهه هزار ٻيڙيون تجارتي مال کڻنديون هيون. هتان فلورينس ۽ جنيوا جا جهاز مشرق جي پيداوار کي يورپ تائين پهچائڻ لڳا.

سنڌ جي بري ۽ بحري قوت مضبوط هئي، ان ڪري هن جنت نشان سرزمين جي واپار بيحد ترقي ڪئي. سنڌ جا شهر ديبل، نيرن ڪوٽ، سيوستان، قضدار، قنزبون، منصوره ۽ ملتان تجارتي مرڪز هئا. روس جو چمڙو ۽ سيمور، جارجيا جون ٻانهيون، خراسان جو ڪيمخواب ۽ ڪلاباتون، هرات ۽ ڪرمان جا ريشمي ۽ پشمي ڪپڙا، دمشق، سڪندريه ۽ يمن جا رنگين ۽ باريڪ ڪپڙا، بغداد جو بلوري سامان جهڙوڪ: شمعدان ۽ قنديلون، مصر ۽ اشبيله جو شراب، چين ۽ جاپان جا تحفا ۽ خراسان جا خشڪ ۽ تر ميوا سنڌ جي شهرن ۾ وڪامندا هئا. نير، عنبر، مصالحه، عاج، ڪپهه وغيره سنڌ مان برآمد جون شيون هيون. ازانسواءِ، سنڌ جي غاليچن ۽ چمڙي جي فرشن جي بشاري مقدسي تعريف ڪري ٿو. بشاري پاڻ واپاري هو. سنڌ جي واپار متعلق لکي ٿو ته، ”هڪ هزار درهمن جي واپار ڪرڻ سان هڪ هزار دينار فائدو ملي ٿو.“ ديبل جو آدم 2 لک هو. اسلامي دؤر اندر ملتان جي بتخاني ۾ روزانه ٻن سون اشرفين جي يمت جون خوشبودار شيون ٻرنديون هيون، جن کي مندر جا پروهت عرب سوداگرن کي وڪڻي ڇڏيندا هئا.(1)

زرعي ۽ معدني ترقي:

عربن سنڌ ۾ جيڪي نوان شهر تعمير ڪرايا هئا، سي باغات ڪري مشهور هئا. هجري 3 صديءَ ڌاري سنڌ جي ليمن ۽ نارنگين جي عمان، شام ۽ بصري ۾ پوک ڪرائي ويئي، مگر منجهن سنڌ جهڙو مزو نه هو.(2) اڳ سنڌ ۾ انگور ڪين ٿيندا هئا، عربن عباسي دؤر ۾ انگورن جي پوک ڪرائي. انگورن جي هڪ جريب تي ساليانو ڏهه درهم ڍل هئي. عربن سيوهڻ ۽ ريل جي پرڳڻي ۾ نير جي اپت کي ترقي ڏيارائي.(3) سنڌ جون سوپاريون حجاز ۽ يمن جا شرفا استعمال ڪرڻ لڳا. يمن جي هڪڙي ٻوڙي ’ورس‘ جي عربن سنڌ ۾ ڪاشت ڪرائي، جو هن ملڪ ۾ ’ڪرڪم‘ سڏبو هو. منجهائنس پيلو رنگ جڙندو هو.

ڪپهه سنڌ جي قديم پيداوار هئي، جا چين تائين وڪامندي هئي. هارون رشيد جي ڏينهن ۾ سنڌي ڪپهه جي ڪلده ۾ پوک ڪرائي ويئي ۽ عيسوي 12 صديءَ ڌاري سنڌي ڪپهه جو ٻج پهريان صقيله پوءِ اندلس پهتو. مڪران سڄي اسلامي دنيا کي ڪچي کنڊ پهچائڻ لڳو. هن وقت به مڪران ۾ هڪ سؤ هڪ کجور جا قسم آهن.(1) حنا (ميندي) جو طون اصل عربستان هو، عربن معرفت هي ٻوٽو سنڌ ۾ پهتو. ايراني واڱڻن ۽ مصري ڀينڊين جي عربن سنڌ ۾ پوک ڪرائي. حقيقت ۾ صنعتي صلاحيت کان عربن ۾ زرعي صلاحيت وڌيڪ هئي. ميوهه دار وڻن کي پيوند هڻي عربن قسمين قسمين لذيذ ميوا پيدا ڪيا، جن جي اڳ ڪنهن کي ڪا خبر ڪانه هئي. ميون ۽ گلن ۾ کنڊ ملائي مربا ۽ گلقند ٺاهيائون. هڪڙي ملڪ جي وڻن ۽ گلن کي ٻئي ملڪ ۾ نقل ڪري، عربن بني نوع انسان تي وڏو احسان ڪيو. عود، عنبر، صندل ۽ زعفران جهڙين خوشبودار شين کان سنڌي واقف هئا ۽ پوءِ ايراني گلاب جي عرق، بصري جي کجور جي گلن جي عرق (ماءَ الطلع)، زعفران ۽ بيد مشڪ جي عرقن (ماءَ الخلاف) سان پڻ هُو روشناس ٿيا.

وارن رکائڻ جو رواج مردن ۾ به رائج هو، تنهن ڪري خوشبودار شين ۽ عطرن جي رواج سنڌ ۾ انتهائي ترقي ڪئي. بيد مشڪ جي تيل (دهن الخلاف) جي ٻن رطلن جي قيمت ڏه دينار هئي. ڪوفي جي گل شبو ۽ گل بنفشه جا تيل (دهن الورد)، روغن ياسمين ۽ ليمن جو تيل (دهن الاترج) جو سنڌ ۾ رواج پيو. شام ۽ مصر جي نرگسي تيل کي پڻ سنڌي خواتين گهڻو پسند ڪرڻ لڳيون. ابن حوقل ۽ ابن بيطار اندلسي بعض تيلن جا نالا ڏنا آهن، جهڙوڪ: 1- دهن البابونج، 2- دهن الفسرج، 3- دهن الازحيز، 4- دهن الزعفران، 5- دهن الحنا، 6- دهن الناردين ۽ 7- دهن النسرين وغيره.

عربن جي تحقيقات ڪري يوناني طب جي نئين سر ابتدا ٿي(1) عربن سنڌ ۽ سندس پسگردائيءَ ۾ کاڻين جي پڻ ڳولا ڪئي. الور جون چانديءَ ۽ سون جون کاڻيون عربن جي ڏينهن ۾ مٽجي چڪيون هيون، مگر ڪرمان جي ويجهو دمدان جي کاڻين مان هنن سون، ٽامو ۽ لوه ڳولي لڌو. دمشق ۽ قاهره جون تراريون عرب سنڌ ۾ نيڪال ڪندا هئا. هينئر دمشق جا ڪاريگر ڪرمان جي فولاد مان تراريون ۽ آئينا تيار ڪرڻ لڳا. صليبي جنگين ۾ سلطان صلاح الدين ايوبيءَ جي فوج وٽ جيڪي تراريون خون آشام هيون، سي ڪرماني فولاد مان جڙيل هيون.

سنڌ ۾ تصوف جي ابتدا:

اسلامي تصوف جي ابتدا سنڌ ۾ عربن جي ڏينهن ۾ ٿي. سنڌ تصوف ۾ ايتري ترقي ڪئي. جو هر صديءَ هتي جا خاڪ پاڪ مان بلند پايه صوفي درويش پيدا ٿيا، جن جا تڪيا، آستان ۽ درگاهون چپي چپي تي هن ملڪ ۾ موجود آهن. شايد انهيءَ ئي ڪري ايرانين جو قول آهي ته: ”گرمي، خاڪ، فقير ۽ مقبرا.“ اهي چار شيون آهن، جن مان سنڌ سڃاتي وڃي ٿي. اسلامي تصوف جي ابتدا انهن بزرگن درويشن ڪئي، جيڪا خدا ۽ رسول الله ﷺ جن جا شيدائي هئا.

علامه بو نصر عبدالله بن علي السراج جو بيان آهي ته، ”صوفي لفظ پهريائين بغداد وارن ايجاد ڪيو.“ قرآن مجيد ۾ ’اهل صفه‘ کي فقرا جي لقب سان سڏيو ويو آهي ۽ اهل شام وارا به فقرا سڏيندا هئا(1). ’ڪتاب اللمع‘ ۾ لکيل آهي ته، ”صوفي لفظ پهريان صفوي هو، پوءِ گهڻي استعمال ڪري ڦري صوفي ٿيو.“ صوفي ڪنهن خاص فرقي جو نالو نه هو، جيئن امام قشيريءَ جي راءِ آهي. علامه ابن خلدون لکي ٿو ته، ”جيئن حضرت عيسيٰ عليه السلام جا اصحاب سفيد پوشاڪ پائڻ ڪري حواري سڏبا هئا، تيئن اهل صفه وارا درويش پشمينه جي جبن پائڻ ڪري صوفي سڏبا هئا.“ سندن عظمت جو سبب پشمينه پهرڻ نه هو، بلڪ رسول الله ﷺ جن جي صحبت جي فيض ڪري ئي کين فضيلت حاصل هئي ۽ انهيءَ ڪري ئي هو زهاد، عباد، متوڪلين، فقراءِ، اهل رضا، اهل صبر ۽ اهل تواضع جي معزز لقبن سان سڏبا هئا.

مٿئين بيان مان صوفين جي علوم، اعمال ۽ اخلاق جي اجمالي خبر پئجي سگهي ٿي. غرض ته ’صوفي‘ لفظ صحابه ڪرام جي دؤر کان گهڻو پوءِ وجود ۾ آيو. اهڙيءَ طرح امام معمر بن زياد ڪتاب ’اخبار الصوفيه‘ ۾ لکي ٿو ته: ”صوفين جي پهرين خانقاه بصري ۾ تعمير ٿي هئي(2). تاريخي لحاظ کان جيڪڏهن لفظ ’صوفي‘ جي اصليت جي ڳولا ڪبي ته ’صوفي‘ لفظ اصل ۾ ’سين‘ سان ڏسڻ ۾ ايندو.سندس مادو ’سوف‘ (Sophia) هو، جنهن جي يوناني زبان ۾ معنيٰ ’حڪمت‘ يا ڏاهپ آهي. هجري ٻئي صديءَ ڌاري جڏهن يوناني ڪتاب عربيءَ ۾ ترجمو ٿيا، تڏهن هي لفظ عربي زبان ۾ آيو ۽ ان وقت جا اهي عالم جيڪي انهن ڪتابن تي حاوي هوندا هئا، تن کي ماڻهو صوفي (سوفي Sophos) يعني ’حڪيم‘ سڏڻ لڳا. رفتي رفتي ’سوفي‘ ڦري ’صوفي‘ ٿيو. ’ڪشف الظنون‘ ۽ ’ڪتاب الهند‘ ۾ مٿين تحقيق پيش ڪيل آهي.

سنڌ ۾ تصوف جو آغاز ابتدائي اسلامي دؤر ۾ ئي شروع ٿيو هو. ان وقت جي صوفياءِ ڪرام تي ’وحدت الوجود‘ جي عقيدي جو غلبو پيل هو. خواجه بايزيد بسطامي عباسي دؤر ۾ ٿي گذريو آهي؛ سندس زهد قابل داد هو؛ مٿس وحدت الوجودي خيالات جو غلبو هو؛ سندس مرشد ابوالعلي سنڌي هو، جيڪو سنڌ جو پهريون سڌي صوفي ٿي گذريو آهي. جيئن عراق ۾ اتي جي عالمن تي صحابه ڪرام جو، اوائلي خالص، مذهبي زهد ۽ تقويٰ بدران، اشراقي حڪماءِ جو اثر پوڻ لڳو هو، تيئن سنڌ جي عالمن تي وري هندي ويدانت پنهنجو اثر ڏيکارڻ شروع ڪيو هو. ان ۾ شڪ ڪونهي ته ’وحدت الوجود‘ جو مسئلو ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ هر هڪ قوم ۾ موجود هو. اسڪندريه جو نوافلاطوني فرقو ان جو معتقد هو. پراڻن يهودين ۽ نصارن ۾ به اهو خيال موجود هو.(1) مگر هندو ويدانت جي ته پوري جي پوري عمارت هن تخيل تي ٻڌل هئي ۽ پهرئين باب ۾ اسين لکي چڪا آهيون ته هندي تهذيب جو اثر عراق، ايشيا ڪوچڪ ۽ يونان تائين پهچي چڪو هو. حڪيم فيثاغورث ته مسئلي تناسخ جو به قائل هو.

هت اسان کي تاريخي حيثيت سان ڏيکارڻو آهي ته مسلمان صوفين جهڙوڪ بايزيد بسطامي، ذوالنون مصري، حسين بن منصور حلاج ۽ ٻين اشراقي صوفين ۾ وحدت الوجود جو تخيل ڪٿان آيو؟ يورپين مستشرقين جي راءِ آهي ته هندي فلسفي ڪري ڪيترائي خيالات تصوف م داخل ٿي ويا. مٿئين تخيل جو آغاز هجري 3 صديءَ ۾ حسين بن منصور حلاج جي ڏينهن ۾ ٿيو ۽ هجري 5 صديءَ ۾ محي الدين ابن عربيءَ جي زماني ۾ ڪمال کي پهتو.(1) منصور حلاج جي ڪتاب ’الطواسين‘ مان ثابت آهي ته هو جادو، منتر ۽ ڪرتب سکڻ لاءِ هندستان آيو هو، يا پنهنجي مذهب جي تبليغ ڪرڻ لاءِ هت آيو هو.(1) ممڪن آهي ته سنڌ مان وحدت الوجود جي مسئلي کي عراق ڏانهن کڻي ويو هجي. ابوالعلي سنڌيءَ کان پوءِ جيڪي به سنڌ جا بڪمال صوفي ٿي گذريل، جهڙوڪ شاه عبداللطيف، شاه عنايت، سچل سرمست، بيدل، بيڪس وغيره، تن سڀني جي ڪلامن ۽ تصوف مان ويدانت جي جهلڪ نظر اچي ٿي.

سنڌي زبان:

عربن جي تجارتي تعلقات جي ڪري اسلام کان گهڻو اڳ هندستان جا هندو عربي زبان کان واقف هئا. اهڙي لساني تعاون جو پتو مهاڀارت مان پئجي سگهي ٿو. ديانند سرسوتي آرين جي مشهور ڪتاب ’ستيارٿ پرڪاش‘ ۾ لکي ٿو ته، ”جڏهن ڪورون لاک جو گهر جوڙي، پانڊون کي ساڙڻ لاءِ ڪوشش ڪئي، تڏهن يڌشٽر کين عربي زبان ۾ خبردار ڪيو هو.(1) عربن کان اڳ سنڌ ۾ هندي ڀاشا جو رواج هو، جنهن جو تعلق بلاواسطه شورسيني پراڪرت سان هو، جنهن کي ’مغربي هندي‘ سڏڻ صحيح چئبو. سنه 303هه ۾، مسعودي سنڌ ۾ آيو هو، سندس چوڻ موجب انهن ڏينهن ۾ سنڌ جي زبان هندستان جي زبانن کان ڌار هئي.(2) کانئس پوءِ اصطخري سنه 340هه ڌاري مڪران ۾ آيو ۽ پوءِ سنڌ ۾ آيو، سندس بيان آهي ته، ”منصوره ۽ ملتان وارن جي زبان عربي ۽ سنڌي آهي ۽ مڪران جي زبان مڪراني (بلوچي) ۽ فارسي آهي.“(3)

ساڳيو بيان ابن حوقل جي سفرنامي (سنه 331هه کان 358هه) ۾ ملي ٿو. هو لکي ٿو ته ”منصوره، ملتان ۽ آسپاس جي علائقن ۾ عربي ۽ سنڌي زبانون رائج آهن.“(4) سنه 375هه (985ع) ۾ بشاري سنڌ و سير ڪرڻ آيو ۽ بيان ڪري ٿو ته، ”فارسي زبان سنڌ وارا سمجهن ٿا ۽ ديبل جي سوداگرن جي زبان سنڌي ۽ عربي آهي.“(5) ابن النديم بغدادي، جنهن سنه 377هه ۾ ڪتاب ’الفهرست‘ تصنيف ڪيو، سو سنڌ ۽ هندستان متعلق لکي ٿو ته، ”هتي جا باشندا مختلف مذهبن وارا آهن ۽ مختلف زبانون ڳالهائين ٿا؛ سندن لکڻ جو خط به نرالو آهي.“(6) علامه البيروني (362هه – 440هه: 973ع – 1048ع) لکي ٿو ته، ڪشمير، بنارس ۽ مده ديس ۾ سڌماترڪ، مالوه ۾ ناگري، گجرات ۽ ڪاٺياواڙ ۾ لاڙي، بنگال  گوڙي ۽ ڪڇ، گجرات ۽ سنڌ ۾ ڀاتيه زبانون مروج هيون ۽ سنڌ جي لاڙ علائقي ۾ ملواري خط رائج هو.(1) ائين معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جي ڊيلٽا واري علائقي ۽ شهرن ۾ ملواري ۽ ڪن ڀاڱن ۾ اڌناگري صورتخطي استعمال ۾ ايندي هئي.

سنڌ ۾ عربي حڪومت کان پوءِ سرڪاري زبان جي حيثيت ته عربيءَ کي حاصل ٿي هوندي، ليڪن عوامي زبان سنڌي هوندي. ان وقت سنڌي زبان جي ڪهڙي صورت هئي، ان جو ڪوبه نمونو ملي نه ٿو سگهي، جنهن مان ڪجهه اندازو ڪري سگهجي. البت ايتري خبر پئجي سگهي ٿي ته سنڌي زبان جي نثر خواه نظم ۾ ڪتابن تصنيف ڪرڻ جو رواج هو ۽ زبان ايتري قدر مقبول هئي، جو خود ٻاهريان ماڻهو به سنڌي زبان ڄاڻڻ نه فقط ضروري سمجهندا هئا، بلڪ ان ۾ ايترو ڪمال پيدا ڪري چڪا هئا، جو نظم خواه نثر بلاتڪليف لکي ويندا هئا. جاحظ جو بيان آهي ته، سنڌي زبان جي بلاغت جا گهڻائي ڪتاب يحيٰ بن خالد برمڪيءَ ترجمو ڪرايا هئا.(2) سنڌي عالمن کي عربي ۽ سنڌيءَ کان سواءِ هندستان جي ٻين زبانن جي به واقفيت هئي. قرآن شريف جي سنڌيءَ ۾ ترجمي جي واقعي مان هيٺين معلومات حاصل ٿئي ٿي:

1- هندو قوم جي زبان سنڌي هئي، 2- سنڌي زبان لکڻ پڙهڻ ۾ به ايندي هئي، 3- ڪلام پاڪ جي ترجمي تي اهو پهريون ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيو، 4- سنڌي زبان اڄ کان يارهن سؤ ورهيه اڳ به ايتري آسان هئي ۽ علمي هئي، جو بيروني ماڻهو به ان کي پسند ڪري ۽ ان ۾ ڪمال پيدا ڪندا هئا، جو بلاتڪلف ان ۾ نظم ۽ نثر لکي ويندا هئا. ائين معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ تي عربن جي حڪومت کان پوءِ جيئن ايران ۾ پهلوي ڦري پارسي ٿي پيئي، تيئن سنڌي صورتخطيءَ به ملواري ۽ اڌناگريءَ مان مٽجي موجوده عربي شڪل ورتي.

 

 

 


 


(4) عيون الاطباءِ في طبقات الاطباءِ: ابن ابي اصبيه، جلد-2، ص-33، مصر، مطبه و هبيعه، 1299هه.

(2) اندلس ۾ قرطبه بغداد جو همسر هو. اندلس ۾ جديد علمي دؤر جو آغاز هجري 3 صديءَ جي وچ ڌاري شروع ٿيو ۽ هجري 4 صديءَ جي وچ ڌاري ترقيءَ جي بام تي پهتو. اندلس جي فرمانروائن مان الحڪم ۽ عبدالرحمان الناصر مصر ۽ بغداد کان علوم ۽ فنونجا ڪتاب گهرائڻ لڳا: طبقات الامم، ص-64.

(1) اسلامي دؤر ۾ چار مشهور مترجم ٿي گذريا: (1) يعقوب الڪندي، (2) حنين بن اسحاق، (3) ثابت بن قره ۽ (4) عمرو بن الفرخان البطري، ’ڪشف الظنون‘ ۽ ’طبقات الاطباءِ‘ ۾ سوين ڪتابن جي ترجمن جا نالا ۽ نشان بيان ڪيل آهن.

(2) هجري 3 صديءَ ۾ علامه البيروني ’الهند ۽ سنڌ‘ جي تصحيح ڪئي. مفاتيح العلوم: محمد الخوارزمي، ص -202، لنڊن.

(3) طبقات الامم: ابن صائد اندلسي، ص-50، قاضي صائد اندلسيءَ جو مٿيون ڪتاب دارالمصنفين اعظم ڳڙه وارن اردو ۾ ترجمو ڪرائي شايع ڪرايو آهي، منجهانئس دنيا جي قديم قومن جا حالات معلوم ٿين ٿا.

نوٽ: بغداد جي درٻار ۾ مترجمن مان عبدالله ابن المقفع فارسي، عربي ۽ يوناني زبانن جو ماهر هو ۽ عرب جي اديبن ۾ ’ابلغ الناس‘ جي لقب سان ڏه ڄڻا مشهور ٿي گذريا، منجهانئن ابن المقفع پهريون نمبر ٿي گذريو، ڏسو، ڪتاب ’الفهرست‘ ابن نديم، ص-118.

(1) ڪشف الظنون: ذڪر الرصد.

(2) تاريخ الخلفا: سيوطي، ص-380، ڪلڪتو.

(1) ڪتاب البيان والتبين: جاحظ، جلد-1، ص-40، مصر.

(2) (1) مهاڪاليه (ڪاليءَ جا پوڄاري)، (2) الدينڪته (آفتاب پرست)، (3) گنگا ياتره (گنگا ياتري)، (4) چندر بهڪتيه (چنڊ جا پوڄاري)، (5) راجپوتيه (راجپوت)، (6) جل بهڪتيه (پاڻيءَ جا پوڄاري)، (7) اگني هوطريه (باهه جا پوڄاري) ۽ (8) برگبگيه (ڀڳت) مٿيان فرقا ڪتاب البيان والتبين ۾ ڏنل آهن.

(3) عجائب الهند: بزرگ بن شهريار، ص-14، لنڊن. عضدالدوله ديلمي شيراز ۾ عاليشان ڪتبخانو برپا ڪيو هو. بشاري مقدسيءَ جو بيان آهي ته ڪتبخاني جهڙي عظيم الشان عمارت سڄي اسلامي دنيا ۾ ٻي ڪانه هئي. ڪتبخاني جي اهتمام ۽ نگراني ڪرڻ لاءِ وڪيل، خزانچي ۽ محاسب مقرر هئا. ڏسو رسائل شبلي، ص 29-30.

نوٽ: علم هيئت تي بطليموس جو مشهور ڪتاب مجسطي آهي، جنهن کي يحيٰ بن خالد برمڪي تفسير سان ترجمو ڪرايو هو ۽ سنه 1816ع ۾ عربيءَ تان لاطيني زبان ۾ ترجمو پئرس مان شايع ٿيو. فن موسيقي هندستان کان سواءِ يونان ۾ پهريائين فيثاغورث مرتب ڪيو ۽ اقليدس ان کي ترقي ڏياري. فن موسيقي تي عربن کي ارسطو جي پيءُ نيقو ماخس جو ڪتاب هٿ لڳو، جو 1616ع ۾ اصلي زبان ۾ لنڊن مان شايع ٿيو هو.

(1) ڪتاب الفهرست: ابن نديم، ص-118.

(2) نوٽ: ’انوار سهيلي‘ جا متعدد ترجما مشرقي ۽ مغربي زبانن ۾ ٿيا. ترڪيءَ ۾ عبدالواسع علي بن چليپي (المتوفي سنه 950ع) ترجمو ڪري مٿس ”همايون نامه“ نالو رکيو، جو سنه 1742ع ۾ فرينچ زبان ۾ ترجمو ٿيو. نصرالله جي ترجمي کي اڪبر اعظم جي زماني ۾ علامه ابوالفضل، 1557ع ۾ سليس عبارت ۾ لکي مٿس ’عيار دانش‘ نالو رکيو. گورنر جنرل مارڪس ويلزليءَ جي ڏينهن ۾ جان گلڪرسٽ جي فرمائش سان، سول سروس جي امتحان لاءِ مولوي حفيظ الله احمد اردو ترجمو ڪري مٿس ’خرد افروز‘ نالو رکيو، جو ڪلڪتي ۽ لنڊن ۾ گهڻا ڀير اڇپيو. اردوءَ ۾ پهريان ائوڌ جي نواب واجد علي شاه جي زماني ۾ فقير محمد گويا ڪتاب روزمره جي لکنوي زبان ۾ ترجمو ڪري مٿس ’بستان حڪمت‘ نالو رکيو. ڪيترا ڀيرا لکنو ۽ دهليءَ ۾ ڇپيو. مگر ان کان اڳ ابراهيم علي بيجاپوريءَ 1824ع ۾ ان جو اردو ترجمو ڪيو، جو انهيءَ سال مدراس مان شايع ٿيو.

            ’انوار سهيلي‘ جا انگريزيءَ ۾ ٻه ترجما مشهور آهن: پهريون ايسٽوڪ جو ترجمو 1854ع ۾ هرَفورڊ مان شايع ٿيو، ٻيو ولسن جو ترجمو 1878ع ۾ لنڊن مان شايع ٿيو. سنه 1876ع ۾ پروفيسر هيگل سرياني زبان جي ڏهن بابن کي جرمن زبان ۾ شايع ڪيو. مشهور جرمن عالم بينفي، ’پنج تنتر‘ جي پنجن بابن جو اصلي سنسڪرت مان، 1859ع ۾ جرمن زبان ۾ ترجمو شايع ڪيو. عربي نسخي جي ٻن بابن کي پروفيسر شلٽن سنه 1772ع ۾ لاطيني زبان ۾ شايع ڪيو. کانئس چاليهه ورهيه پوءِ پروفيسر ڊي ساسي چئن نسخن تان 1816ع ۾ ’ڪليله و دمنه‘ کي شايع ڪيو. پروفيسر موصوف ان جي 18 بابن ۾ ٽن وڌيڪ بابن جو اضافو ڪري 1873ع ۾ شايع ڪيو. تنهن کان پوءِ پروفيسر سخائو سنه 1905ع ۾ ’ڪليله و دمنه‘ کي نهايت اهتمام سان شايع ڪرايو. نصرالله مستوفيءَ جا نسخا سنه 1302هه ۾ بمبئيءَ مان ۽ سنه 1305هه ۾ طهران مان شايع ٿيا. نولڪشور پريس (لکنو) ’عياردانش‘ جو خلاصو شايع ڪري مٿس ’نگاردانش‘ نالو رکيو. ڪتاب جي عربي نسخي ۾ 21 باب آهن.

(1) روم جو شهر ٽائبر نديءَ جي ڇوڙ کان 17 ميلن جي مفاصلي تي آهي. کاٻي پاسي کان روم جو پراڻو شهر ٽڪرين تي اهي، جنهن جو بنياد 753ق-م پيو. پئليٽائين ڪتبخانو پئليٽائين ٽڪريءَ تي جڙيل هو.

(1) Amirali Sayed: The Spirit of Islam, P. 373, Calcutta.

Wolfgang Menzel: The History of Germany, Vol. II, P. 406, London, 1902.

(1) الفاروق: شبلي نعماني، جلد -2، ص – 321.

(2) حضرت عمر بن عبدالعزيز اسلام جو پهريون مجتهد شمار ٿئيٿو، سندس حڪومت ۾ شراب جي دڪانن تي بندش پئجي ويئي. ’طبقات ابن سعد‘ ذڪر حضرت عمر بن عبدالعزيز، ص – 269.

(1) مروج الذهب: مسعودي، ص- 269.

(2) نوٽ: مسلمانن جيڪي به ملڪ فتح ڪيا، اتي مفتوح قومن جو لباس اختيار ڪيائون. ان باري ۾ حضرت عمر فاروق رضه، عتبه بن فرقد کي فرمان جي ذريعي تاڪيد فرمايو ته عربن کي عجم جي پيرويءَ کان روڪيو وڃي، پر عرب عجم جي لباس پائڻ کان ڪين مڙيا. حضرت عمر بن عبدالعزيز جي زماني ۾ عيسائي وري عربن وانگر عماما ٻڌڻ لڳا.

(3) تمدن هند: ڊاڪٽڙ گستاؤ لي بان، اردو ۾ ترجمو، ذڪر سنڌي ۽ بلوچ، حيدرآباد دکن.

(1) ابن حوقل: ص- 232، لنڊن، اصلي عبارت هن ريت آهي: ”وذيهم ذي اهل العراق الا ان زي ملوکهم يقارب زي ملوک الهند“. يعني هتي جي رهاڪن جو لباس عراق وانگر آهي ۽ عرب اميرن جو هندو راجائن وانگر اهي. مٿيون رواج سنڌ کان سواءِ گجرات ۾ به رائج آهي.

(2) احسن التقاسيم: بشاري، ص – 840، ليڊن.

(1) مروج الذهب: مسعودي، جلد-1، ص- 379، پئرس.

(2) معجم البلدان: ياقوت حموي، جلد-7، ص- 78، مصر. عربن کان سواءِ مغربي مؤرخ به سنڌين جي تعريف ڪن ٿا. مسٽر پوسٽنس ڪتاب ’پرسنل آبزرويشن آن سنڌ ۾ لکي ٿو ته، ”سنڌي سڀني مغربي ضلعن جي رهندڙ رهاڪن کان زياده زبردست ۽ سگهارا آهن. سنڌي مسلمان جو نقشو هندستان جي سڀني ماڻهن کان مردانو آهي. هو ڊگهين ڏاڙهين وارا، سندن مٿي جا وار ڪلهن تي لٽڪن ٿا. غريب غربا پنهنجا ڪپڙا نير ۾ رڱي ڪم آڻين ٿا، وغيره.“

(1) مروج الذهب: مسعودي، جلد-1، ص- 372. احسن التقاسيم: بشاري، ص- 480.

(2) تقويم البلدان: ابوالنداءِ، ص- 360، پئرس. موراڪو جو هڪڙو جاگرافي نويس، ابن سعيد مغربي، 585هه ڌاري لکي ٿو ته، قنوج جو شهر گنگا ندي جي ٻنهي ڪپن تي آهي. تاريخ الاطباءِ: ابن ابي اصبيه، جلد-2، ص- 20، مصر.

(1) احسن التقاسيم في معرفة الاقاليم: بشاري، ص- 474، ابن حوقل: ص- 248.

(عربي مڻ جو وزن گهڻو گهٽ هو.)

(2) مختصر تاريخ هند: ص- 38.

(3) مقريزي: جلد-1، ص، 77-78.

(1) ڪتاب الخراج: قاضي ابو يوسف، ص- 49. مقريزي: جلد-1، ص- 107. نڪاح واري ٽئس تي بندش پوڻ کان پوءِ، ماڻهو گهڻيون ٻانهيون رکڻ لڳا. ماڻهن ۾ عام چوڻي هئي ته خليفو عمر بن عبدالعزيز کارائڻ وارو ۽ نڪاحن ڪرائڻ وارو حاڪم آهي.

(2) تذڪره الحفاظ: جلد-1، ص- 109. وليد بن يزيد يتيمن جي تعليم ۽ تربيت لاءِ معلم مقرر ڪيا هئا.

(3) طبقات ابن سعد: تذڪره عمر بن عبدالعزيز، ص- 263

(4) طبقات ابن سعد: ص- 277، طبري: ص- 1364.

(5) فتوح البلدان 1: بلاذري، ص- 432، طبقات ابن سعد: ص- 254.

(1) الڪامل: ابن اثير – حوادث.

(2) يعقوبي: جلد-2، ص- 348.

(3) خلفاءِ راشدين مان حضرت عمر الخطاب پهريون خليفو هو، جنهن مهمان خانا تعمير ڪرايا هئا. حضرت عثمان ذوالنورين سندن تقليد ڪئي. بني اميه فرمانروائن به مٿينءَ سنت کي جاري رکيو. ڏسو، يعقوبي: جلد-2، ص- 348.

نوٽ: بني اميه دؤر ۾ صوبن جا گورنر مال گڏ ڪرڻ لڳا، عباسي دؤر ۾ متوڪل جي قتل ٿيڻ کان پوءِ، امير پنهنجي قوت سان ماڻهن کي ڦري دولت گڏ ڪرڻ لڳا، وزير صوبن جي گورنرن کان ڏنڊ وصول ڪرڻ لڳا ۽ گورنر وري رعايا کي ڦرڻ لڳا: عباسي حڪومت جي انحطاط جو اهو وڏو سبب هو.

(1) امام احمد بن حنبل جو ڪتاب ’الورع‘ پهريائين اَلجيريا وارن کي هٿ لڳو: پوءِ سنه 1240هه ۾، مصر جي مطبه سعادت مان شايع ٿيو. هندستان اندر منصوره ۽ کنڀات جا جوتا مشهور هئا. مروج الذهب، مسعودي، جلد-1، ص- 353.

(2) مروج الذهب: مسعودي.

(3) ڪتاب الهند: بيروني، ص- 102، لنڊن. عجائب الهند: بزرگ بن شهريار، ص-114، پئرس.

’بارجه‘ هندستانين جا جنگي جهاز هئا. چين جي جهازن کي ’جنڪ‘ سڏيندا هئا. ابن بطوطا چيني جهازن وسيلي چين پهتو هو.

(4) سفر نامه ابو زيد سيرافي: ص – 126.

(1) هندن جي علميت لاءِ ڏسو ’طبقات الامم‘: قاضي صائد اندلسي ۽ ’ڪتاب الهند‘: بيروني. ٻئي ڪتاب اردو ۾ ترجمو ٿي چڪا آهن.

(2) سفرنامه ابو زيد سيرافي: ص- 145.

(3) مختصر تاريخ هند: ص 36- 37.

(1) المامون: شبلي نعماني، ص 146-147. هر فوجي دستي سان نفت انداز رهندا هئا، جن وت آتشي مادا ساڻ هئا.

(2) مقريزي: جلد-1، ص-417، ڪوفو ۽ بصره ٻه مکيه ڇانوڻيون هيون، جتان سنڌ کي فوجي مدد ملندي هئي.

(1) مختصر تاريخ هند: ص – 37، ابتدا ۾ فوجن جي قبيلن مطابق صف بندي ڪبي هئي؛ پوءِ دستا مقرر ٿيا.

نوٽ: مامون جي ڏينهن ۾ سنڌ جي عربن کي فوجي خدمات جي عيوض پگهار بدران جاگيرون ملڻ لڳيون. مثلا فضل بن ماهان کي سندان فتح ڪرڻ وقت مامون کيس اطاعت جي عيوض پڪيءَ طرح سندان تي حڪومت ڪرڻ جو پروانو کي ڏنو. سنڌ جي عرب اميرن ايترو زور ورتو، جو عمران بن موسيٰ بنانه جي عرب امير عمر بن عبدالعزيز هباريءَ هٿان مارجي ويو. سن جو خراج فقط 12 هزار درهم بغداد کي پهچڻ لڳو. سن ۾ ڪيترائي عربي نسل خاندان خودمختيار ٿي ويا هئا. اهي منصوره توڻي مرڪز خلافت کان بلڪل آزاد هئا.

(1) The Cambridge History of India. Vol. I, Ancient India.

(2) احسن التقاسيم: بشاري، ص 474- 482

(1) خانقاه بوترابي ميرپور ساڪري تعلقي جي ڳوٺ گُجي وٽ آهي، جا هارون الرشيد جي پوئين زمان جي يادگار آهي، سندس اوڀرندي واري ديوار جي ڪتبي مان پتو پوي ٿو ته گنبذ تي نقاشيءَ جو ڪم ڄام صلاح الدين ڪرايو هو.

(2) بکر جو قديم نالو ’فرسته‘ هو: ڏسو ’لب تاريخ‘ از: خان بهادر خداداد خان، رياض الهند پريس، امرتسر، 1901ع.

(3) Cunningham: A Coins of Ancient India, London, 1891.

Stien, M.A. Report of the Archoeological Survey work in the N.W. Frontier Province. 1904-5

(1) Rhys Davids, T.W: Budhist India, London, 1903.

(1) The Cambriage History of India, Vol. I, Chp. XIV, PP. 342-343.

(2) Cunningham, in The Journal of The Asiatic Society of Bengal, 1811, P. 184.

(3) R. Hughes-Buller: Imperial Gazetteer of India, Baluchistan, P. 20.

(1) احڪام السلطانيه: الماوردي، ص- 67، مصر.

النقودالاسلاميه: مقريزي، ص 4-5، مصر، 1298هه.

عهد فاروقيءَ ۾ سرڪاري دفترن جي زبان پارسي ۽ رومن هئي. عبدالملڪ بن مروان پهريان عراق ۽ سندس ڀروارن صوبن جي دفترن جي زبان عربي ۾ بدلائي هئي، ليڪن شام جي دفترن جي زبان رومن هئي: ڏسو ’تاريخ الخلفا‘ (سيوطي)، ص-218.

(2) رساله فخرالسودان علي بيضان: جاحظ، ص-81، مصر، 1314هه.

تاريخ ابن واضح يعقوبي: جلد-2، ص-105، ليڊن.

(1) ابو مسلم خراساني: جرجي زيدان جو اردو ترجمو، ص-43، لاهور.

(2) لوالائي ضلعي جي ديرڪوٽ ڳوٺ وٽ گهڻائي سڪا هٿ لڳا آهن، جي 128هه (سنه 745ع) جا مروان ثانيءَ جي زماني جا آهن، اهي بلخ جي ضربخاني جا جڙيل هئا.

R. Hughes-Buller: Imp. Gazetteer of India, Vol. Boluchistan. P.22.

(3) ڪتاب الخراج: قاضي ابو يوسف، ص-76.

(4) احسن التقاسيم: بشاري، ص- 482.

(1) ڪتاب البيان التبيين: الجاحظ، جلد-2، ص-215، مصر، 1345هه

ايڇ- ڪلؤسن صاحب برهمڻ آباد جي دَڙن مانا منصوره جي زماني جا ڪي عربي سڪا ڳولي هٿ ڪيا هئا.

(2) المعارف: آگسٽ 1949ع، ص 132-133، اعظم ڳڙه.

(1) سفرنامه ابو زيد سيرافي: ص – 130، پئرس.

(2) تقويم البلدان: ابوالفدا، ص-349. فتوح البلدان: بلاذري، ص-426.

(3) عربن معرفت گدامڙيءَ جو وڻ سنڌ مان عراق پهتو، گدامڙيءَ کي عرب سنڌي کجور سڏيندا هئا.

(1) R. Hughes-Buller: Makran Gazetteer. Dates.

(1) ڪتاب البلدان: ابن الفقيه همداني، ص-251، ليڊن. ڪتاب السالڪ والمالڪ: ابن خردازبه، ص-71، لنڊن. سنڌ مان برآمد جي شين جو تفصيل هن ريت هو: جواهرات، ياقوت، الماس، گينڊا، هاٿي، مور، عنبر، سنبل، لونگ، دالچيني، ناريل، ڪارا مرچ، بيد، بانس، ڪٿو ۽ ساڳ جو ڪاٺ.

(1) ڪتبا اللمع: ابونصر السراج، ص-26.

(2) فتويٰ ابن تيميه: جلد-2، ص 459-460.

(1) نوٽ: جديد نوافلاطوني طريقي جو بنياد امونيوس نه 220ع ۾ اسڪندريه (مصر) ۾ وڌو. هن ارسطو جي ڪتابن تي شرحون لکيون، مثلا ’قاطيفوسياس‘، ’طربيقا‘، وغيره جن جو عربيءَ ۾ ترجمو ٿيو.

(1) شيخ محي الدين ابن العربي، جنهن کي ’شيخ اڪبر‘ سڏين ٿا، اندلس ۾ ڄائو هو. مشرقي ملڪن جي سير ۽ سياحت ڪرڻ ۽ تصنيف ۽ تاليف بعد، سنه 638هه (1240ع) ۾ دمشق ۾ وفات ڪيائين. سندس ٻه ڪتاب (1) ’فتوحات مڪية‘ ۽ (2) ’فصوص الحڪم‘ تصوف جي تاريخ ۾ خاص شهرت رکن ٿا. ’فصوص الحڪم‘ ۾ الحاد ۽ زندقه کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي ۽ ’فتوحات مڪيه‘ محض خيالات جو طومار آهي. ابن الفارض ۽ ابن العربي صوفيانه شاعريءَ جا نمائندا آهن.

(1) حلاج جو ڪتاب ’الطواسين‘ فانس جي مستشرق لوئي ميستان سنه 1914ع ۾ پئرس مان شايع ڪيو؛ ان سان گڏ هن هڪڙي مستقل جلد ۾ حلاج متعلق قديم حالات ڏنا آهن. هن ڪتاب ۾ حلاج جي سنڌ ۾ اچڻ جو واقعو ابن باڪويه شيرازيءَ جي حوالي سان ڏنل آهي.

نوٽ: تصوف تي ٻه ڪتاب، هڪڙو عربيءَ ۾ ٻيو فارسيءَ ۾ مشهور آهن: عربي ڪتاب شيخ ابو نصر السراج  رحه جو تصنيف ڪيل ’ڪتاب اللمع‘ آهي، جنهن جو پروفيسر نڪلسن انگريزي ۾ ترجمو ڪيو؛ فارسي ڪتاب جو نالو ’ڪشف المحجوب‘ شيخ علي بن عثمان هجويري رحه داتا گنج بخش جو تصنيف ڪيل آهي، جو روسي پروفيسر چوڪوو وسڪيءَ معرفت يورپ ۾ شايع ٿيو. ٽيون ڪتاب ’گلشن راز‘ امير سيد حسني سنه 717هه (1317ع) ۾ تصنيف ڪيو هو، مگر محقق پهرين ٻن نسخن کي بهترين تسليم ڪن ٿا. ابوالقاسم عبدالڪريم القيشري (المتوفي 465هه) رسالو ’قيشريه‘ مرتب ڪيو.

(1) مختصر تاريخ هند: مولانا سيد ابو ظفر ندوي، ص-30.

(2) مروج الذهب: مسعودي، جلد-1، ص- 162، پئرس. هيءُ ڪتاب گجرات ۽ ٿاڻي وارن جي زبان لاڙي بيان ڪري ٿو.

(3) ڪتاب المسالڪ والممالڪ: ابن حوقل، ص-177، ليڊن.

(4) ڪتاب المسالڪ والممالڪ: ابن حوقل، ص-332، ليڊن.

(5) احسن التقاسيم: بشاري، مقدسي، ص 479-481، ليڊن.

(6) تاريخ مسعودي، ابوالفضل بيهقي، ص-243 ۽ ص – 504، ڪلڪتو 1852ع.

ڪتاب الفهرست: ابن نديم، ص- 24.

(1) ڪتاب الهند: البيروني ص-82. نقوش سليماني: سيد سليمان ندوي.

(2) ڪتاب البيان و التبيين: جاحظ، جلد-1، ص- 40، مصر.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org