سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1 ۽ 2 / 2002ع

 

صفحو :15

سندس جملن تي ڄڻ وئنيشنگ ڪريم لڳل هئي. لفظ هوائن ۾ گم ٿيندا رهيا. سماعتن ۾ ڄڻ ڪنهن شيمپو ڀري ڇڏيو هو. ڪنهن ڪٿي ڄڻ چيو هجي ته اِهو ته پڇينس اُن موقعي ملڻ لاءِ ڇا تون وٽ ڪوبه دروازو ڪونه کڙڪيو هو يا تو وٽ سڀ درَ Autolocked آهن؟

”سٺو ٿيو...“ چيم، بلڪ چئي ئي ڏنم.... ڪڏهن ڪڏهن الاءِ ڪيترين خراب شين کي سٺو چوڻو پوندو آهي.

”اڄ وري ٿورو وقت مليو آهي....“ سندس مُک تي ناسي مرڪ تري آئي. سندس چپن تي ناسي لِپ اسٽڪ جو لڳل آهي.

”هي ته مهرباني آهي اوهان جي... نه ته توهان پاران مليل وقت ته مان کپائي چڪو آهيان... توهان کي ياد آهي نه دوستي....اُن هڪ ڪلاڪ ۽ ٻاويهن منٽن ۾ پنهنجي رهندي ڄمار لاءِ فيول هٿ ڪري ورتو هو.“

”مون کي ياد آهي...“ هن وري نهاريو. نگاهون هڪدم اڙهن سال پراڻيون ٿي ويون. بلڪل اهڙيون.... جهڙيون اهو جملو پهريون ڀيرو ٻُڌي ٿيون هيون.

”منهنجي حياتيءَ ۾ هڪ شرٽ جون مٿي ٿيل ٻانهون آهن، هڪ واچ جو ڀڳل بيلٽ آهي، هڪ بال پين آهي، پنج وار آهن ۽ هڪ ڀاڪر آهي. جڏهن اُنهن تي هيءَ حياتي ايڏي سوير گذري آهي ته پوءِ جيڪو وقت هاڻي ملي ٿو ته اُهو ته ڪنهن احسان کان گهٽ ناهي؟“

شروعات:

منهنجي ٻانهن ۾ هن جي وارن جا ڇُڳا وکريل هئا، ائين ئي جيئن ڪنهن ڀِت تي ڪا دل گُل وکيريندي آهي. جيئن ئي پاسن تي خوشي هئي، سندس نازڪ وجود منهنجي ڀاڪر ۾ جڪڙيل هو. هن پنهنجو پاڻ کي ڍرو ڇڏي ڏنو هو ۽ مان ته هونئن به ڪشڪول کنيو بيٺو هوس. فقير صرف اُهي ته نه هوندا آهن جيڪي رستي تي بيٺل هجن يا رڳو در کڙڪائين؛ جيڪو نگاهه جو سوال ڪن، جن لاءِ اوهان جا پير ازل کان ابد تائين آرامگاهه جو درجو رکندا هجن؛ جن لاءِ اوهان جي مرڪ هڪ محو هجي ۽ جن جي ڪُل ڪائنات اُن هڪ شخص تي اچي بيهي رهي، تن کي اوهان ڪهڙي خاني ۾ فٽِ ڪندا؟

اڃا هاڻي هاڻي مون کيس چميو هو، جيئن ڪنهن پاڪ هستيءَ جي چانئٺ تي پنهنجا چپ رکيا آهن. اُنهن ۾ ڪوبه سيڪس نه هوندو آهي. بس عادت جو هڪ اظهار، عقيدت جي هڪ صفت لڪل هوندي آهي. نيڻ، دار، ڳل ۽ آخر ۾ چپَ... ۽ اُنهيءَ کان پوءِ هن صرف ايترو چيو هو ته ”اوهان نيٺ بي ايماني ڪري ئي ڇڏي نه...“

خبر ناهي ته ڳلي تي ترار ڪيئن ڦرندي آهي. بارش جو ڳڙو ڪيڏي تيزيءَ سان شيشا ڀڃندو آهي ۽ آسمان مان تيزيءَ سان ڪرندڙ پکيءَ کي پهرين گولي ماريندي آهي يا کيس زمين مان لڳندڙ ڌڪ جهوريندو آهي. پر اُنهن ساعتن ۾ اُها خبر هئي ته سندس اِهو جملو اِنهن مڙني ڪمن کان مٿانهون هو.

”هنن ساعتن کان پوءِ، مان اوهان سان سڄي حياتي ملي نه سگهندم. توهان پاڻ مون کي اجازت ڏني هئي، پر مون اُن مان ڪوبه فائدو ناهي ورتو. سڄي حياتيءَ جي وڇوڙي کان اڳ، مان هڪڙو ڀيرو اهي چپ ته چُمي سگهان ٿو....“

هن سُڏڪي ڏنو.

ٻاهر چوڪيدار شايد رڪشا آندي هئي، بنگلي جو گيٽ جيتوڻيڪ پري هو پر هنن ساعتن ۾ هر کڙڪو چٽو هو.

هن پنهنجي پرس کنئين، اوچتو ڊورندي مون ڏي آئي ۽ منهنجي نرڙ تي چپ رکي ڪجهه پل سانت ۾ گذاري ڊوڙندي ٻاهر نڪري ويئي.

ڪهاڻي:

ڳالهه ڪٿان کان ڪٿي شروع ٿيندي آهي، اُنهيءَ جو ڪو اندازو هجي ٿو؟ نه ڪو... ڪوبه ته اندازو نٿو هجي. جيڪو اُڇاترو اوهان جي ڀرسان لنگهي ويو هجي، اُن تي اوهان جو ڪهڙو ڌيان وڃي سگهي ٿو. ائين ته حياتيءَ ۾ هزارين ماڻهو اوهان جي ساڄي، کاٻي، اڳيان پويان ڦرندا رهندا آهن. اُها خبر ڪٿي هوندي ته اُنهن مان ئي ڪو ساهه جي رڳ تي آڱر رکڻ جو هنر ڄاڻي ٿو.

ورهيه اڳي، ڪنهن ڪنڊ ۾ بيٺو هوس. هٿن ۾ گلاس هو ۽ گلاس ۾ پاڻي. اڇي گلاس ۾ شفاف پاڻي کير لڳي رهيو هو ۽ ائين ئي ڪير ڀرسان لنگهيو هو، جيڪو به ڄڻ گلاس ۾ پاڻيءَ جيان هو. نگاهه رخ تي نه پيئي هئي، انڪري اندازو نه ٿي سگهيو ته ڪير ٿي سگهي ٿو، ڪيئن ٿي سگهي ٿو. اُنهن ڪٽارن جهڙن وارن جي اڳيان، چهرو سنبل جو هوندو يا نسرين جو، ڪا فرزانه لڪل هوندي يا ڪا شائسته. نالا ته نالا هوندا آهن، نه نه... نالا ئي ته سڀ ڪجهه هوندا آهن.

منهنجي ڇرڪ ڪڍڻ لاءِ نسيم وري اچي ويئي هئي، عزيز از جان دوست، نور حسن جي ڌيءَ مون کي ’دادو‘ چوڻ سٺو لڳندو آهي.

هن جهان ۾ موٽيس ته نگاهه وري گلاس تي اٽڪي پيئي. هن ڀيري پاڻيءَ ساهه پئي کينو.... ”آني.... هي دادو آهن، احمد حسن خان... اِهي....“

ڪنهن لهر ڪڙ کنيو ۽ نسيم جي جملي هڪ خوبصورت آواز مڪمل ڪيو.

”جيڪي اوهان جي پاڇي جا Close Friend آهن ۽ جن سان روز رات جو فون تي ڳالهائڻ کان سواءِ اوهان کي آرام ناهي ايندو ۽ جيڪي پنجٽيهن سالن جي عمر ۾ مڪمل پوڙها ٿي چڪا آهن.... ۽ .... ۽ .....“

مون هٿ مٿي کنيو ۽ هن جملو اڌ ۾ ڇڏي ڏنو. الائي ڇو مون کي لڳو ته اُن کان اڳ ڪنهن به مون بابت ايڏو خوبصورت ناهي ڳالهايو....

“I believe this is enough for me.”

 هي پهريون ڀيرو مون سان نگاهه ملائي ۽ سندس اکين اُٿندي ئي سوال ڪيو ته منهنجو ايترو ڄاڻڻ سٺو نه لڳو ڇا؟.... ۽ منهنجن ڪنن ڳاڙهسرو ٿيندي ها ڪئي ته بيحد سٺو لڳو....

”اوڪي.... توهان ته ڄاڻو ٿا، هاڻي دادوءَ کي ٿي ٻڌايان.“ نسيم جو سڄو زور مون تي اچي ويو. ”دادو!... هي آني آهي، فردوس آني.... Computer Science ۾ پڙهائيندي آهي.“

منهنجي دل چيو ته چوانس، هيءَ پڙهائيندي آهي؟ هن کي ته پاڻ اڃا ٻه چوٽيون ڇڪي، سڳيون ٻڌي، ٿيلهو کڻي روانو ٿيڻ گهرجي....

”السلام عليڪم....“ مون مُرڪڻ نه گهريو، چپن ڳالهه نه مڃي.

هن موٽ ۾ ڪنڌ لوڏيو.

”وعليڪم السلام....“

”بدقسمتيءَ سان، مان اوهان جي باري ۾ ڪجهه نٿو ڄاڻان.“

”ڇو.... توهان سان نسيم منهنجون ڳالهيون ناهن ڪيون...؟،

”توبنهن.... دادوءَ سان ڳالهه ڪيان، الامان... دادوءَ سان ته مان رڳو هِتان هُتان جون ڳالهيون ڪندي آهيان، ڪنهن بابت ڪجهه چوڻ کيس پسند ئي ناهي.“

اُن مهل ئي ڪنهن نسيم کي سڏيو ۽ هو بنان Excuse ڪئي رواني ٿي ويئي.... ائين لڳو، هن هيڏي ساري هال ۾، بلڪ مڪمل ڪائنات ۾ اسان رڳو ٻه ڄڻا اڪيلا بيٺا آهيون.... مون انهيءَ سحر مان پاڻ کي ڇڏائڻ پئي گهريو. نڙي صاف ڪيم، پاڻيءَ جا به ڍُڪ ڀريم، ۽ نه چاهيندي به ڪنڌ جهڪائي ڇڏيم.

”مان اوهان جي فين آهيان... ڇتي فين... توهان جو انداز... توهان جو آواز.... ڏاڍا خوبصورت هوندا آهن.“”

مون مُرڪي ڏنو، آواز مسلسل اچي رهيا هئا. ڪنهن چيو پئي ته هن کي ٿئنڪس نه ڪجانءِ. اها احسان منديءَ جي بي عزتي هوندي...

”مان بس، اهڙوئي آهيان، جيڪي دل ۾ ايندو آهي، اُن جو برملا اظهار ڪندو آهيان.“

”توهان جا موضوع سٺا هوندا آهن، ڳالهه ڪرڻ جو هُنر ڄاڻُ ٿا.“

”بس لفظن جي مهرباني آهي. ادا ٿي ويندا آهن.“

”واهه....“ هن مُرڪيو.... سندس مُرڪ بيحد آسوديءَ ۽ خوشگوار هئي. نگاهه بيٺي ته ڏاڍي مشڪل سان هٽايم.

”مان هتي نه هئم، ڪجهه عرصو ٻاهر ويئي هئس.... موٽيم ته اوهان جا پروگرامز مون خاص رڪارڊ ڪرائي رکيا هئا... سڀ ڏٺم.... ورائي ورائي ڏٺم.“

مون کي مونجهه ٿيڻ لڳي.... ايڏي عزت ڪٿي راس اچي ٿي... هن دنيا ۾ رهندي، اهڙا هزارين فينز ملن ٿا. الاءِ اُنهن جي پاران اِهو سڀ رسمي هوندو آهي. الاءِ حقيقي....“

”يونيورسٽيءَ ۾ مون کي گهر مليل آهي، توهان ڪڏهن اچو ته مون وٽ، سڀ توهان سان ملي ڏاڍا خوش ٿيندا.“

”جي ضرور.... ضرور ايندس مان.“

سندس مُرڪ نه هئي ڪو ڊرل جو برمو هو. منهنجي هانءُ ۾ ٺهندڙ سوراخ، اونهو ۽ ويڪرو ٿي رهيو هو. مون پاڻ سنڀالي وڏو ساهه کنيو، ”....Excuse Me“ آڱر سان اشارو ڪندي مون کانئس جاءِ گهري ۽ هال مان ٻاهر نڪري آيس. اڱڻ ۾ رکيل گلن جي خوشبوءِ، هن جي وجود جي سڳنڌ سامهون گوڏا ٽيڪيا هئا. ٻاهر نڪرڻ مهل اڻ سونهون ماحول هو.لڳو ئي نه پيئ ته ڪو مان هتان لنگهي اندر ويو هئس ۽ احمد جي گهر جو هي اُهو اڱڻ آهي، جتي مون کي هميشه فرحت ملندي آهي. فرحت ته اندر رهجي ويئي هئي، جيڪا کانئس الڳ ڪٿان پئي ٿي سگهي.

اُتان ٻاهر نڪتو هئس ته منهنجي چُپ مون سان سدائين جيان مشڪري ڪري رهي هئي... ڪنن ۾ آواز ايندا رهيا ۽ چپن جو آواز گم ٿي چڪو هو. نگاهه اُنهن منظرن کي به جهٽيو پئي، جڏهن هوءَ ڪنهن سان ڳالهه ته کِلي رهي هئي. براڊ ڪاسٽنگ جي دنيا سان تعلق رکڻ جي ڪري انيڪ  خوبصورت آواز ڪنن ۾ ٻُرندا رهن ٿا، پر اِها پڪ هئي ته ڪوبه آواز هن جي آواز جهڙو خوبصورت نه هو.

هنن ماڻهن جي رش ۾ ساهه کي تڪيلف ٿيڻ لڳي ئي....ماڻهو ماڻهوءَ سان ڇو ملندو آهي؟ ملڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهي ڇا؟ ماڻهوءَ جو سينو پنهنجي اندر ٻئي جي دل کي ڌڙڪڻ ڇو ٿو ٿئي. پنهنجي دل بئي کي ڏيڻ سان پاڻ اِهو عذاب ڪيئن ٿو کڙو ڪري.

گهر ننڍو نه هو، نظر ننڍڙي ٿي ويئي هئي. ڀلا جي گهر ۾ ڪا دعوت هوندي ته ماڻ هو ته گڏ ٿيندا نه... پوءِ اها شڪايت ڇا جي؟ ڪا به ڪنڊ خالي نه هئي. ته ائين ته ٿيڻو هو... مون جهڙن کي جي هتي اچي خالي ڪُنڊن جي ڳولا ڪرڻي هئي ته اها ته سوچ ئي اجائي هئي. اندر من ماني شروع ٿي هئي... منهنجي خالي هٿن ۾ ڪابه پليٽ نه هئي ۽ شايد انهيءَ جو کيس احساس هو. هوءَ تيزيءَ سان ٻاهر آئي هئي ۽ ٻنهي هٿن ۾ هڪ هڪ ڀريل پليٽ ساڻ هئس.... جنهن تيزيءَ سان هن وکون کنيون پئي، اِنهيءَ کان ته زمين جي اُنهيءَ ٽڪري کي شڪايت ٿي پئي، جتان سندس پير هٽيا پئي منهنجي نگاهه ۾ جيڪي ڪجهه هو سو مون ظاهر نه پئي ڪرڻ چاهيو. کيس ايندو ڏسي مون رخ موڙي ورتو هو.

”مان اوهان لاءِ ماني کڻي آئي آهيان.“

پليٽ ورتم، ته واتان پاڻهي نڪري ويو، ”مهرباني.“

سندس مُک تي مُرڪ جو دائرو ويڪرو ٿي ويو هو. الاءِ ڇو اُهو خيال هر هر اچي رهيو هو ته ڪي ڪي چهرا مُرڪڻ کي سونهن بخشيندا آهن.

هوءَ مون سان گڏ اُتي ئي ويهي رهي هئي. سندس آڱرين ۾ جڪڙيل چمچو به ڄڻ مهڪي اُٿيو هو. ائين پئي لڳو ڄڻ چمچي ۾ پليٽ ۾ مانيءَ ۾، هر شئي ۾ اکيون ئي رکيل هيون.

”توهان گهڻا Retakes ڪونه ڏيندا آهيو.... ها نه؟“

هن نگاهه کنئي، جيڪا سڀني تيرن سان ليس ٿيل هئي.

”ڪوشش ڪندو آهيان، ڌڻي مهرباني ڪندو اهي...“

جملا وات مان نڪتا پئي، پر هنن ڪابه موڪل نه پئي ورتي.

”منهنجي هڪڙي فرينڊ، اوهان جي رڪارڊنگ ۾ آئي هئي. توهان جي ڏاڍي تعريف پئي ڪيائين.“

”اڇا....“

”توهان ته تعريفن جا عادي هوندا.... ها نه؟“

”جي نه، ائين به انهي.“ مان ڄڻ گڙاٻڙائجي ويو هوس. خبر نه پئي پيئي ته سندس لهجو زورآور هو يا سندس نيڻ، بهرحال ڌار محسوس ٿيندي هئي.

”اوهان کي شهرت ڪيئن لڳندي آهي؟،

هن نگاهه جهڪائي ئي نه پئي... مون کي سندس نظر جي گرميءَ پگهرايو پئي.

”مناسب... سُٺي.“

”توهان ايترو گهڻو نٿا ڳالهايو، جيترو شوبز وارا ڳالهائيندا آهن.“

مون وٽ ڪوبه جواز نه هو، جواب نه هو. ڇا چئي سگهيس پئي ته ڪن ڪن ماڻهن جا چپ سبيل هوندا آهن. کين اڻ ڏٺل ٽاڪا لڳل هوندا آهن. جيڪا هلي ويندي آهي، اُها پاڻ ڪئنچيون ۽ ريل کڻي ويندي آهي ۽ کانئس موٽڻ وسري ويندو آهي....

”مانيءَ ۾ ڏاڍا مرچ آهن.... ها نه.... اوهان پگهرجي ويا آهيو.... مان اوهان لاءِ پاڻي ٿي کڻي اچان.“

هوءَ تڪڙو اُٿي هئي. مون رومال ڪڍڻ لاءِ کيسي ۾ هٿ وڌو هو ۽ الا ڪيئن پليٽ ترڪندي، هيٺ ڪري ڀور ٿي ويئي هئي. پليٽ ۾ بچيل ماني زمين تي وکري ته بوٽ مٿان به ڪري پيئي. ڪنهن ڪُن ۾ چيو، ”احمد! هي نئون تعلق به ائين ئي ڀور ڀور ٿي سگهي ٿو ۽ گڏ هليل لمحن جي هيٺ ڪِرڻ سان تنهنجو وجود به هِنن بوٽن جيان چمڪ وڃائي سگهي ٿو.... اهو چڱو نه ٿيندو ته توهان اِها پليٽ وري جهليو ئي نه.“

مون کي اهو جملو بهتر لڳو هو. مان تيزيءَ سان اُتان نڪري آيو هوس.

وقت کي ڇاهي؟

هو اوهان سان تعلق ۾ هوندي به لاتعلق هوندو آهي. اوهان جي گهڙيءَ گهڙيءَ جي خبر رکندي به اوهان کان غافل هوندو آهي. بس، تيزيءَ سان گذرن سان ئي سندس اڪيلو تعلق آهي، جيڪو اوهان سان قائم رهي ٿو. الائي ڪيترا ڏينهن هِن کان سواءِ گذري ويا هئا. هڪ ڏينهن ڪتابن جي هڪ دڪان ۾، ميلي ۾ لڳل ڪتابن جي چونڊ ڪندي، مون سندس آواز جي خوشبو محسوس ڪئي هئي.

”السلام عليڪم.“

ڪن ڪن چهرن کي گلاب چوڻ وڌيڪ مناسب هوندو آهي. اکين ۾ موجود ڪجل جي ڌار، جي اوهان جو هينئون ڦرون ڦارون ڪري سگهي ٿي، ته اِهو ڪم ته سندس ڀرون به اوڏي ئي صفائيءَ سان ڪري سگهن ٿا. سندس مُک تي اکين جو جادو ڪمال جو هو.

”وعليڪم السلام....“ مون کي لڳو هو ته ڪتابن کي مضبوطيءَ سان جهلڻ گهرجي، متان اُهي ڪِري نه پون.

”پنهنجي ملاقات ائين رستي ويندي ئي ڇو ٿي ٿئي احمد صاحب..... پاڻ ڪٿي ويهي نٿا ملي سگهون؟“

چوڻ لاءِ جملو چئي وئي هئينءَ پر هڪدم پنهنجيءَ ڳالهه تي تنهنجا ڳل ڳاڙها به ٿي ويا هئا... مان ڪجهه ڪڇان ئي ڪڇان ته ڇوڪرين جي هڪ انبوهه مون کي ورائي وڌو.... آٽو گراف بُڪس جي رش ۾ بهرحال منهنجي نگاهه وري به هٿ تي ئي هئي، جن هڪ نڪور ڊائريءَ کي جڪڙي رکيو هو.

“”هيءَ سڀ منهنجون Serdeops اٿوَ، ڏسو ڪيئن نه اوهان کي گهيريو بيٺيون آهن....“

دل چيو ته چوانس، ”تو ناهي گهيريو، هنن جي نظر ايندڙ گهيري کان تنهنجو اڻ ڏٺل دائرو وڌيڪ تنگ ڪندڙ آهي.“ پر اِهو سڀ چوڻ ڪٿي ممڪن هو.... مون کي خبر ڪانه هئي ته مون آٽوگراف بڪس تي ڇا پئي لکيو. ڪو نالو هو، ڪا مرڪ هئي، ڪجهه هو جيڪو موجود هو ۽ جنهن جو ورجاءُ باربار ڪاغذن تي ٿي رهيو هو.... هنن سڀني مان منهنجي جند توئي ڇڏائي هئي ۽ پوءِ ٻاهر هڪڙي ڪول ڪارنر تي ڊرنڪ مان ڍُڪ ڀريندي تو ٻارن وانگر مٿو لوڏيو هو.

”جند ڇڏايم نه اوهان جي..... عوام ۾ ڦاسي پيا هُئو....“

”اِها جند ڦاسايو به اوهان ٿا ۽ ڇڏائڻ جو بندوبست به پاڻ ٿا ڪيو.“ چوڻ لاءِ چئي ته ويو هئس، پر لفظن جي گهاءَ جي خبر نه هئي. لفظ جيڪي اوهان سان، اوهان جي ڳالهه ڪري به سگهن ٿا ۽ اوهان کان اوهان جي ڳالهه لڪائي به ته سگهن ٿا.

تون الائي ڪيتريءَ دير تائين ڳالهايئندي رهي هئينءَ. ڪن ڪن آوازن ۾ جملن جي خبر ناهي پوندي. بس اُهو آواز وڻندو آهي، ڪنن کي ڪابه طلب ناهي هوندي. ذهن کي سمجهڻ جي ضرورت جو خيال وسري ويندو آهي. بس اِهو آواز هوندو آهي. جيڪو اوهان جي حدبندي ڪندو آهي. اوهان جي چوڌاري گول ڪڍي وٺندو آهي ۽ اوهان هڪ محفوظ دائري ۾ اچي ويندا آهيو.

محبت ۾ گهڻا ماڻهو Involve ٿيندا آهن؟... ٻه ..... وڌ ۾ وڌ ٽيون، جيڪي ڪنهن به ڌر سان سچو هوندو آهي. اُنهيءَ ٽياڪڙيءَ مان سامهون واري جي اندر جي ڳڙکيءَ تي نظر پوندي آهي، پر پاڻ گڏ هئاسين ته ڪابه دري، ڪنهن هٿ جي منتظر نه هئي. سندس ڪُنڍي شايد ڪچي هئي، گِرل ڳريل هئي.... نرم نگاهه جي ٿوري هوا ئي تاڪَ کولي پئي ڇڏيا.

تو ڪجهه عرصو رکي مون سان آفيس ۾ ملڻ شروع  ڪيو. خوشبو ڪاريڊور ۾ هجي ته پڇڻ وارا ته پڇندا نه، ته ڪير لنگهي ويو آهي؟ ائين ئي تنهنجي اچڻ تي چؤٻول شروع ٿيندا هئا، پر توکي ڪهڙي پرواهه هئي. تو ته مون سان پنهنجي اندر جون ڳالهيون پئي ڪيون نه.

”هُو پنهنجي ذات ۾ ڪمال آهي احمد.... پر نگاهه کڻي ڏسڻ جو قائل ناهي.“ هاڻي ائين ٿي ويو هو جو تون مون کي احمد سڏي وٺندي هئينءَ. وقت به عجيب هوندو آهي. ماڻهوءَ کي ماڻهوءَ جي ڪيڏو نه ويجهو ۽ ڪيڏو نه پري وٺي ويندو آهي.“ مان هن سان ڳالهائيندي آهيان. گفتگوءَ ۾ الا ڪيترا موضوع زيرِ بحث ايندا آهن پر ڪڏهن به ماڻهن سان اندر جي ڳالهه اوري نٿي سگهان.“

اهو سڀ ائين ئي هو، جيئن بلڊوزر عمارتون پٽ ڪندو آهي؛ جيئن سائي گاهه کي سنب لتاڙيندا آهن ۽ جيئن جسم مان ساهه ڀڙڪو ڪري ٻاهر نڪرندو آهي. جنهن سان محبت ٿي ويئي هجي ۽ اُهو ڪنهن ٻئي جو هجي، اُها هن دنيا جي وڌيڪ تلخين مان هڪ تلخي آهي.

”مان هُن سان ڳالهايان؟“

”نه نه.... عجيب ماڻهو آهي، بگڙجي ويندو، تنهن ڪري هٿ ئي نه لايوس ته چڱو. “ تنهنجي مُک تي خدشا آيا هئا. شايد تو اڃا هُن کي وڃائڻ لاءِ همت نه ٻڌي هئي پر اصل ۾ ته اڃا تو هُن کي هٿ ئي ڪٿي ڪيو هو. هٿ ڪرڻ کان پوءِ ئي ته وڃائبو آهي. پر نه، ڪڏهن ڪڏهن ته ڪيتريون ئي شيون بنا هٿ ڪرڻ جي به وڃائجي وينديون آهن.“

”توهان کي پسند ڪيئن اچي ويو؟“

”ڪيئن ايندو آ؟“ تو هيٺيون چپ دٻائي مُرڪيو هو ۽ ڪنن ۾ ڪنهن ڳالهايو، ”جيئن تون اچي وئي آهين.“ پر زبان اُڪيلو، ”مون کي ڪهڙي خبر آهي.“

”ڇو؟... اوهان کي ڪڏهن به ڪوبه پسند ناهي آيو؟“

نگاهه ترار هئي، تير هئي، خنجر هئي ۽ سندس مُک انهن لاءِ دستي جو ڪم ڏيئي رهيو هو.

”مون پاڻ کي انهيءَ دائري مان ڪڍي ڇڏيو آهي.“

”پٿر جا ٿي ويا آهيو ڇا احمد؟“

”نه.... پٿرائجي ويو آهيان. نگاهه ۾ نور ناهي، زبان ۾ چاش ناهي، دوستي... ۽ شايد ڪنن کي هاڻي ڪنهن لفظ ٻڌڻ جي تمنا به ناهي.“

هن مون ڏانهن نهاريو هو ته اک نه ڪڍي سگهيو هو. ڪڏهن ڪڏهن ڪن ڪن منظرن ۾ ماڻهو جڪڙجي ويندو آهي. هن جي نگاهه ڀاڪر ۾ ڀري ڇڏيو ۽ سندس اکين ڄڻ پٺيءَ تي هٿ ڦيرڻ شروع ڪيا هئا.

”ائين ڇو ٿي ويندو آهي احمد؟“

”الاءِ.... پر اهو سڀ چڱو ناهي ٿيندو. جيئن دوائن جا Sideeffects خراب هوندا آهن نه، ائين ئي، اِهو سڀ به ڏاڍو خراب اثر ڇڏي ٿو.“

الاءِ ڪير اچي ويو هو. جيڪو آيو هو سو ياد ناهي. بس ايترو ياد آهي ته ڳالهه اوچتو ختم ٿي وئي هئي.

تون ۽ مان نيٺ اُنهيءَ وڻ هيٺان اچي بيٺا ئي هئاسين، جنهن کي محبت سڏبو آهي. الاءِ ڪيترو عرصو ترسي تون آئي هئينءَ، سَٺن ورهين، مهينن ۽ لمحن جو ڪوبه حساب نه هو. تنهنجي اچڻ کان پوءِ احساس ٿيو هو ته مان ته ڪڏهوڪو اُن وڻ هيٺان بيٺل هئس.

”هُو ته منهنجو هو ئي ڪونه احمد، منهنجو ٿي ئي نه پئي سگهيو.“

سامهون آئي هئينءَ ته سڏڪي پئي هئينءَ ڳلن تي ڳوڙهن جي بوندن لالاڻ وڌائي ڇڏي هئي. ماڻهوءَ جي ڌڪارجڻ کان پوءِ وٽس ڇا ٿو بچي. هٿ ڪيڏا نه خالي ويندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ته ڪراين ۾ هٿ محسوس ئي ڪونه ٿيندا آهن.

”توهان هن سانه ڳالهايو هو، ڇا؟“

”نه....“ سڏڪا وڌي ويا هئي. ”چڱو ٿيو جو نه ڳالهايم.... پريان ئي خبر پئجي ويئي ته هُو ته نجما سان شادي ڪرڻ ٿو گهري.“

ائين الاءِ ڇو ٿيندو آهي. جيڪو دل ۾ گهر ٺاهيندو آهي، اُنهيءَ کي اُتي رهڻ ڇو نه پسند ايندو آهي؟ ڇا عمارتن کي خالي رکڻ لاءِ جوڙبو آهي ۽ ڇا اتي آسيس جي کوٽ هوندي آهي؟ دل چيم، ته پڇانس، ايڏو طويل عرصو توکي رڳو اِن هڪ نقطي کي ڄاڻڻ ۾ لڳي ويو؟ پر اهڙن سوالن جو اِهو موقعو ئي ڪٿي هو.

”هاڻي؟“

منهنجي سوال جي موٽ ۾ تو ٽشوءَ سان ڳلن کي صاف ڪيو هو، چپ ڀڪوڙي نهاريو هيئي.

”هاڻي ڪجهه به نه.“

۽ الاءِ ڪيئن منهنجي واتان نڪري ويو هو، ”مان ناهيان ڇا؟“

جيڪو ٿيڻو هو، ٿي ويو. تنهنجي اکين ۾ اڻ لکي حيراني اُڀري ۽ گم ٿي ويئي هئي. ڇوڪريون ڪيڏيون نه تيز هونديون آهن. کين نه اُچاريل اقرار به ٻڌڻ ۾ ايندا آهن....

ماٺ اسان کي وڪوڙي ويئي هئي. مون ڪلهن تان هڪ وڏو بار ڪِرندي محسوس ڪيو هو، پر اهو اطمينان نه پئي ٿيو ته الاءِ بار لٿو آهي، يا الاءِ اُن ۾ اضافو ٿي ويو آهي.

پريان ڪٿان تنهنجو آواز آيو هو.

”مون اُن بابت ڪڏهن سوچيو ناهي.“

”توکي ڪوڙ ڳالهائڻ اچي ويو آهي دوسي؟“

”ڇا مطلب؟“

”مطلب اهو ته ڇا توکي انهن Feelings جي خبر نه هئي؟“

وري ماٺ ٿي ويئي هئي ۽ نيٺ تو ڪنڌ جهڪائيندي چيو هو.

”مون کي اندازو ته هو.“

”مان اِنهيءَ اندازي کي يقين ۾ تبديل ڪرڻ ٿو گهران.... جي تون موڪل ڏئين ته مان تنهنجو هٿ پڪڙڻ ٿو گهران.“

اهو سڀ ڪنهن ڳالهايو پئي، مون کي انهيءَ جي بلڪل به ڄاڻ نه هئي. ڪڏهن ڪڏهن، اوهان اندر هليا ويندا آهيو ۽ اوهان جو اندر گفتگو ڪرڻ شروع ڪندو آهي.

تون هڪدم اُٿي ويئي هئينءَ، نه ڪو سوال هو نه جواب.... بس منهنجي سامهون هڪ خالي ڪرسي رکيل هئي ۽ ڪمري ۾ تنهنجي خوشبو وکريل هئي. هي سڀ ڇا هو جيڪو ٿي رهيو هو. ڪنڊن پاسن تي، اوچتو ملندڙن ۾ هي ڪهڙي ڏور هئي. تعلق جو اُهو ڪهڙو حوالو هو، جيڪو ائين جُڙي ويو هو. بهرحال انهيءَ کي ئي محبت چئبو آهي.

عجيب حالت ٿي ويئي هئي دل جي. بار بار اهو احساس ٿيو پئي ته اظهار کان پوءِ اُهو سڀ غلط ته نه هو. سندس اندر ۾ اِهو سڀ دُکيل هو به ته اُهي اڱر مون ته نه ٻاريا هئا. پوءِ اُنهيءَ تپش کي پنهنجو ليکڻ يقيناً وڏي غلطي هئي. پر بهرحال اوهان غلطيون به ته ڪندا آهيو، پر اُتي اهو احساس به ٿيو پئي ته ٿي سگهي ٿو ته غلطي نه ٿي هجي.

منهنجي زندگيءَ ۾ محبت جو ڪهڙو عمل دخل هو. فرزانه سان محبت ڪئي هئي، جنهن کي شايد نه بلڪ يقيناً مون سان زندگي گذارن پسند نه هو ۽ جنهن سڌو سنئون مون کي ٻڌايو هو ته حياتي رڳو خواب ڏسڻ نه هوندي آهي. انهيءَ ۾ عقل، علم، حيثيت ۽ رتبي جي به طلب هوندي آهي. انهيءَ هڪڙي ڌڪي کان پوءِ مون شايد اُن راهه تي هلڻ ئي نه گهريو هو، پر پوءِ هي ڀ الائي ڪيئن ٿي ويو هو. شايد هڪ دفعي ڌڪ کاڌل، ٻئي دفعي کي خاطر ۾ نه آڻيندا آهن.

وري هڪ طويل غير حاضري هئي. اهو ئي لڳو پئي ته چيل جملا بي اثر هئا. موسمن جا احساس جي ڪابه خبر نه هئي. بس اهو احساس شديد هو ته دل جي اڪيلائيءَ ۾ اضافو ٿي ويو آهي.

دنيا جا سڀ سلسلا پنهنجيءَ جاءِ تي هئا، جو اوچتو هن جو فون اچي ويو هو.

”مان آئي آهيان، آفيس اچان پئي.“

دل چيو هو پڇانس، تون وئي ئي ڪڏهن هئين؟ پر سوچيم ته سڀ سوال سندس سامهون ئي پڇجن ته بهتر آهي، پر سچ ته اهو آهي ته هن کان سوال ڪرڻ جي همت ڪير ڪري سگهي ٿو. اوچتو سڀ ڪجهه خوبصورت ٿي ويو هو. دريءَ کان ٻاهر گلن جو رنگ مٽجي ويو هو ۽ تيز اُس خوشگوار بڻجي ويئي هئي.

اسين Flemineo ۾ اچي ويٺا هئاسين. پهرين ماڙ تي شيشي جي ڀرسان رکيل ٽيبل تي خوبصورت نيپڪن وڇائيندي تو بيري ڏانهن نهاريو هو.

“I need pepsi… chilled”

تو هن سان ڳالهايو هو پر لڳو هئم ته لاشعوري طور تي اندر ۾ ٻرندڙ ٽانڊن تي ڇنڊو وجهڻ لاءِ ته اهو جملو ڄڻ مون کي چيو هو. جيتوڻيڪ ضرورت مون کي هئي، پر شايد مون اونهيءَ جو برمهل اظهار نه ڪيو هو.

”مان نوڪري ڇڏي چڪي آهيان. ڳوٺ امان اڪيلي آهي، بابا به بيمار رهن ٿا، سوچيو اٿم ته هنن وٽ هلي وڃان.“

”جن کي وڃڻو هوندو آهي، اُهي ايندا ئي ڇو آهن؟“

”ڇاڪاڻ ته جي ايندا نه ته ويندا ڪٿان؟“

”ته بس، پوءِ اچڻ جي ضرورت ئي ڪهڙي هوندي آهي.“

جي ائين هجي ته ياد لاءِ ته اسان وٽ ڪجهه به نه بچندو.“

ڊرنڪ اچي ويو هو، تو هڪ وڏو ڍُڪ ڀريو هو.

”تون يادون ميڙڻ لاءِ ئي مون وٽ آئي آهين ڇا؟“

”ڪجهه ته هجي احمد، جنهن سان ماڻهو ڳالهيون ڪري سگهي.“

اکين ۾ لڙڪ آيا پئي ۽ تو ڪمال سان اُنهن کي ٽاريو پئي.

”منهنجي ڳالهه جو تو جواب نه ڏنو هو.“

”ڪهڙيءَ جو؟،

”هٿن جهلڻ جو، منهنجي زندگيءَ ۾ دخل جو.“

”منهنجو اُٿي وڃڻ جواب نه هو ڇا؟“

وري ماٺ هئي. سڄي پس منظر ۾ ڇا ٿي رهيو هو، اُن جو ڪوبه احساس نه هو. بس سڄي ڪائنات ۾ اسان ٻن جو آواز شامل هو.

”مون کي هڪڙو ڀيرو چؤ فردوس، ته تون مون سان محبت نٿي ڪرين....“

هٿ ۾ گلاس ڀڪوڙيو هئم.... لڳم پئي، بلڪل هيٺئين ڏاڪي تي بيٺل آهيان.

”مون اڄ ڏينهن تائين محبت جو اقرار ڪيو ته ناهي.“

تنهنجو لهجو عجيب هو. سڀ ڪجهه ڌنڌ ۾ ورتل هو، خيال آيم ته تعلق هو به الائي نه....

”پاڻ هڪٻئي لاءِ ڇا آهيون دوسي؟“

”الاءِ ڇا آهيون.... اهائي ته خبر نٿي پوي نه احمد.“

”منهنجي تنهنجي ۾ کوٽ آهي ڇا؟“

”نه.... نه.... نه.... اِهو منهنجو مطلب ناهي، منهنجو مطلب آهي نه.“

تون مُنجهي پئي هئينءَ. محبتن جا افسانا ائين مُنجهيل ڇو هوندا آهن. سڄي عمر ڳالهائن کان پوءِ صرف هڪ جملي ۾ سڀ ڪجهه Wind-up ٿي ويندو آهي.

”مون کي مطلب جي طلب ناهي. مان پنهنجي مقصد ۾ واضح آهيان، مان توسان شادي ڪرڻ ٿو گهران.... توسان سڄي زندگي گذارڻ ٿو گهران.“

”جن ڳالهين جي خبر هجي، اُنهن کي چوڻ ضروري ناهي هوندو.“

مون ڳالهه ڪٽي هئي. ”پر بنا چوڻ جي گذارو نه هجي ته چوڻو پوندو ئي آهي يار....“

”مون اڄ ڏينهن تائين چيو آهي.... ”تو مون ڏي گهوريو هو. مان وائڙو ٿي ويو هئس.“

”توکي جنهن لاءِ چوڻو هو ته تو چيو هو،“ ڳيت ڏني هئي، لفظ رُٺل رُٺل هئا.

”ائين ٿيندو آهي ڇا احمد، ته ماڻهو رڳو هڪڙي لاءِ ئي چوي. جي ائين هجي ها ته پوءِ توهان مون لاءِ ڪيئن پيا چئي سگهو، جڏهن ته مان فرزانه کي به سڃاڻان ٿي.“

ڪٿي ڪو ڌماڪو ٿيو هو. ضروري ناهي ته سامهون وارو به اوهان جي باري ۾ ايترو .ي بي خبر هجي، جيترا توهان سندس بابت هجو. اُهو ذهن جو قصو آهي، ڄاڻ جو معاملو آهي ۽ اُهو به ممڪن آهي ته توهان جيترا ذهين لڳو ٿا اوترو اندران ناهيو.

ماٺ ٿي ويو هئس، تو آهستي سان منهنجي هٿ جي پُٺي تي پنهنجو هٿ رکيو هو.

”فرزانه منهنجي ڪلاس فيلو هئي احمد.... هاسٽل جي ڪمري جي دريءَ مان، انيڪ ڀيرا مون اوهان کي ۽ هن کي وزيٽرس روم جي آڳر ۾ ڏٺو هو. هن پاڻ ئي مون سان....

منهنجن ڪنن ۾ سيٽيون وڄڻ لڳيون هيون. ڪجهه تيزيءَ سان چيم، ”محبتن جي اهڙي ارزائپ ۽ سستائپ جي ڪري ئي منهنجو مٿانئس اعتبار کڄندو ٿو وڃي.“

هٿ ڇڏائڻ گهريو هئم، تو مضبوطيءَ سان جڪڙي ڇڏيو هو.

”آهستي ڳالهايو.... هتي ماڻهو آهن...“

”ماڻهو ته هرهنڌ هوندا آهن، پوءِ اسان ڳالهائڻ بند ڪيون ڇا؟“

”مون ڳالهائڻ کان بلڪل ته ناهي روڪيو....“

”ته بس... پوءِ مون سان ڳالهاءِ... مون کي هر سوال جو جواب گهرجي ٿو...“ آواز وري مٿانهون ٿي ويو هو. تو سرگوشي ڪئي هئي.

”ڪٿي ٻاهر ٿا هلي ڳالهايون، اڪيلائپ ۾.“

”توسان اڪيلاپ نصيب ڪٿان ٿيندي.... خوابن جون ڳالهيون خوابن ۾ ئي ٺهن ٿيون....“

هٿ تي پڪڙ وڌيڪ گهري ۽ مضبوط ٿي ويئي هئي....“ ۽ جي مان واقعي به توهان سان اڪيلائپ ۾ ملان ته...“

”ته... مان واعدو ٿو ڪيان، توکي هٿ به نه لائيندس، بس توسان ڳالهائيندس.“

الاءِ ڇا پئي ڳالهايم، تو وري نهاريو هو.

”غلط ڇو ڳالهائيندا آهيو احمد! جي مون کي بي ايمانيءَ جو احساس ٿئي ته مان پاڻ اوهان کي ملڻ لاءِ چئي سگهان ٿي ڇا....؟“

جهڪيل ڪنڌ سان پڇيو هئم، ”ڪڏهن ملندينءَ؟“

”سڀاڻي ئي...“ تو هٿ کي اڃا به نه ڇڏيو هو، ”پر ياد رکجو.... اُها ملاقات آخري ئي هوندي.“

جملو مڪمل ڪري تو هٿ ڇڏي ڏنو هو.

لمحا طويل ٿي ويا هئا. الا ڪيترا ڀيرا گيٽ تان وڃي وٽي آيو هئس. تو يارهين بجي اچڻ لاءِ چيو هو. ٻاهر رستن تي ڌنڌ هو ۽ هوائن ۾ ڄڻ جنون جي لهر هئي. شايد جدائيءَ جي موسمن جو اهڙو ئي ڪو اُهڃاڻ پهرين سامهون ايندو آهي. عجيب ٻڏتر هئي ذهن کي! هوءَ ايندي، الاءِ نه ايندي.... اڪيلي گهر ۾ ملڻ لاءِ ڪيئن اچي سگهي ٿي؟ پر هُن پاڻ چيو هو... پر پنهنجو چيل ڪيتريون ڳالهيون ماڻهو ڪٿان پوريون ڪري سگهندو آهي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com