سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1 ۽ 2 / 2002ع

 

صفحو :22

اهو انگريزن جي بادشاهيءَ جو دور هو. مولانا امروٽي انگريزن جو سخت مخالف هوندو هو، سو انگريز سدائين سندس خلاف سازشون ڪندا رهندا هئا ۽ ويڪائو مُلن، مولوين ۽ پيرن کي بڇ ڪندا هئا، ته اهان امروٽيءَ جي خلاف ڪنهن نه ڪنهن طرح پروپئگنڊا جاري رکي.

’وهابيءَ جو ٺپو‘ انهيءَ زماني ۾ عام جام لڳندو هو ۽ ڏاڍو خراب سمجهبو هو. سنڌ جا سادا سودا مسلمان واڻئي جي هٽ تان سودي وٺڻ ۾ عار محسوس ڪونه ڪندا هئا. پر، ڪنهن به اهڙي مسلمان دڪاندار وٽان سيڌو سامان وٺڻ کان ڪيٻائيندا هئا، جنهن لاءِ اهو مشهور ٿيندو هو ته ’وهابي‘ آهي.

اهو ساڳيو ٺپو مرحوم محمد عثمان ڏيپلائيءَ تي به لڳو، ڇو ته هن به مولانا امروٽيءَ وانگر مڪار پيرن جي خلاف وڏي جدوجهد ڪئي. ڪيئي ڪتاب ڪڍيا، جن ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪيو.

قرآن ڪريم جي سنڌي ترجمن ۾ مٽيارين جي مشهور عالم قاضي عزيز الله جي ترجمي کي اوليت جو شرف حاصل آهي. هن اهو ترجمو سنه تيرهن صديءَ جي شروع ۾ (غالباً 1330هه) ڌاران ڪيو هو، پر انسان ۾ ”پاڻ پڏائڻ“ جو جذبو آهي، سو، ڪن ماڻهن وٺي هُل اُٿاريو، ته سڄي دنيا ۾ قرآن شريف جو پهريون پهريون ترجمو سنڌي ٻوليءَ ۾ ٿيو هو. پوءِ وري چيائون ته نه، سڄي هندستان ۾ ٿيو هو. انهيءَ ڳالهه جو بنياد رکيائون بزرگ جن شهريار جي ڪتاب ”عجائب الهند“ جي هڪ روايت تي.هن غريب ته پنهنجي ڪتاب ۾ اهڙي ڳالهه ڪئي ئي ڪانه هئي. ايترو سو لکيو هئائين ته سنڌ جي فتح ٿيڻ کان پوءِ هڪ عراقي عالم سنڌ ۾ عربن جي گاديءَ منصوري ۾ لڏي آيو ۽ گهر ڪري ويٺو. سنڌ جي فتح کانپوءِ اسلام جي اُڀرندڙ طاقت کي ڏسي، ڪشمير جي پاسي هڪ راجا منصوري جي عرب حاڪم کي چوائي موڪليو ته اهڙو ڪم عالم موڪليو، جيڪو مون کي قرآن جي تعليم سان آشنا ڪري. منصوري جي عرب حاڪم اُنهيءَ ئي عراقي عالم کي ڏياري موڪليو، جنهن راجا کي قرآن شريف جي معنيٰ ۽ مطلب سمجهايو.

هرڪو سمجهي سگهي ٿو ته عراقي عالم راجا کي قرآن جي تعليم اُنهيءَ ئي ٻوليءَ ۾ ڏني هوندي، جيڪا هو ڄاڻندو هوندو. سنڌي ٻولي نڪي ته قرآن جي ٻولي هئي، نڪي عراقي عالم جي مادري ٻولي هئي. ۽ نه وري ڪشمير جي راجا جي ٻولي هئي. نه وري بزرگ بن شهريار ڪٿي به اهو لکيو آهي ته عراقي عالم سڄي قرآن شريف جو سنڌي ترجمو ڪيو.

پر، سنڌ ۾ ڪي عالم سڳورا اُهو ’مفروضو‘ اڃا ڦهلائيندا وتن ٿا، ته سڄيءَ دنيا ۾ قرآن شريف جو ترجمو سڀ کان اول سنڌي زبان ۾ ٿيو هو.

هند سنڌ ۾، قرآن ڪريم جا گهڻي ۾ گهڻا ترجما اردوءَ ۾ ٿيا آهن. انهن ۾ ديوبند جي عالم شيخ الهند مولانا محمود الهسن جو ترجمو سڀني کان وڌيڪ مشهور ٿيو آهي. هن تفسير، تشريح ۽ توجيہ جي اوٽ وٺڻ بدران، قرآن ڪريم جو ”تحت الفظ“ ترجمو ڪيو آهي، ته پڙهندڙ پنهنجو عقل ڪم آڻي، پاڻ قرآن ڪريم جي معنيٰ ۽ مطلب سمجهي.

انگريزيءَ ۾ محمد ماردوڪ به ساڳيو رستو اختيار ڪيو آهي. سو، سندس ترجمو ٻين انگريزي ترجمن کان وڌيڪ مقبول آهي.

اسان جي پنهنجي دور ۾، ٻير واري بزرگ، مولانا عبدالڪريم قريشيءَ به پنهنجي ترجمي ۾ ساڳيو اصول اختيار ڪيو آهي.

هن دؤر ۾ معلومات جا بيشمار وسيلا نڪري پيا آهن. انسان الائي ڪٿان جو ڪٿي وڃي پهتو آهي. ليڪن، ڪيئي ايام اڳي، جڏهن چوڌاري جهنگ هو، تن ڪن نيڪمردن اُن کي ڪپي صاف ڪيو. رستو ٺاهيو. ماڻهن لاءِ سهولت پيدا ڪئي. سندن همت ۽ محنت جو قدر نه ڪرڻ نسوري ناداني ٿيندي.

مرحوم محمد عثمان ڏيپلائي جو نالو انهن نيڪ مردن ۾ سرفهرست آهي. هن اڄ کان پنجاهه ورهيه اڳ قرآن ڪريم جي تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ حيدرآباد جي محلي ’الهندي ڪچي‘ ۾ ”قرآن پريس“ قائم ڪئي. قرآن شريف جي سليس سنڌي ترجمو شايع ڪيو. دعا آهي رب پاڪ سندس روح کي پنهنجي رحمت سان نوازي ۽ جنت ۾ جايون ڏئي.

سندس فرزند محترم محمد علي ڏيپلائي تحسين ۽ مبارڪباد جو مستحق آهي، جنهن پنهنجي والد صاحب جي هن سونهري ڪارنامي کي قائم رکڻ لاءِ انهيءَ ترجمي جو نئون ۽ سهڻو ڇاپو شايع ڪرڻ ۾ ”سنڌيڪا اڪيڊمي“ وارن سان گڏجي، ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. اُميد آهي ته هو آئينده به اهڙن نيڪ ڪمن ۾ بهرو وٺندو رهندو.

ڏيپلائي صاحب جي ترجمي جي زير نظر ايڊيشن معياري ڊبل ڪرائون سائيز ۾ عمدي ڪاغذ تي ڇپيو آهي. منجهس 632 صفحا آهن. جاذب نظر گيٽ اپ ۽ سهڻو رنگين جلد اٿس. ”هديو“ هڪ سؤ سٺ روپيا آهي. ملڻ جو هنڌ هي آهي: ”سنڌيڪا اڪيڊمي“، بي /24، نئشنل آٽو پلازه مارسٽن روڊ، ڪراچي.

بيان العارفين

سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي باڪمال بانيڪار شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جي عارفانه گفتن کي سندس هڪ مريد محمد رضان بن عبدالواسع (عرف مير دريائي بن داروغہ گهر ٺٽوي) سندس وفات کان ڇهه ورهيه پوءِ سنه 1038هه ۾ ”ملفوظات“ جي صورت ۾ قلمبند ڪيو ۽ اُن جو نالو ”بيان العارفين في تنبيہ الغافلين“ رکيو. اهي اقوال فارسي زبان ۾ قلمبند ڪيا ويا، جن ۾ شاهه ڪريم جا روح پرور ”سنڌي“ بيت ۾ شامل ڪيا آهن.

’ملفوظات‘ اهڙي تحرير کي چئبو آهي، جنهن ۾ ڪنهن صوفي بزرگ جي تعليمات توڙي گفتگو ۽ قولن اقوالن کان سواءِ سندس نصيحتن ۽ حڪايتن کي قلمبند ڪيو ويو هجي.

شاهه ڪريم  جي انهيءَ مشهور زمانه مفلوظات ”بيان العارفين“ جو فارسي مان سنڌيءَ ۾ ترجمو پهريائين عبدالرحمان بن محمد ملوڪ ڪاٺ ٻانڀڻ 1213هه ۾ ڪيو. اُن کان پوءِ 1904ع ۾ مرزا قليچ بيگ ”رسالہ ڪريمي“ شايع ڪيو. مرزا صاحب کان پوءِ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي نيئن انداز ۽ ترتيب سان سندس سوانح ۽ ڪلام سهيڙي سنه 1937ع ۾ شايع ڪيو. بعد ۾ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ”ڪريم جو ڪلام“ 1963ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.

تبصره هيٺ آيل ڪتاب ”بيان العارفين في تنبيہ الفافلين“ سنڌ جي مشهور اديب ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالغفار سومري صاحب سليس ۽ عام فهم ترجمي، نئين تحقيق ۽ جامع تشريحي حوالن سميت سجائي ۽ سينگاري تيار ڪيو آهي، جو سنڌ اوقاف کاتي ۽ ”علامہ آءِ. آءِ. قاضي تحقيقي رٿا“ وڏي اهتمام سان شايع ڪيو آهي.

هي تحقيقي فن پاور جنهن معيار ۽ جامعيت، محنت ۽ محبت سان ترتيب ڏيئي پڌرو ڪيو ويو آهي، سو ڊاڪٽر سومري صاحب جي محققانه قابليت ۽ فاضلانه صلاحيت جو هڪ يادگار مثال آهي، ۽ ان طرح اهو ايڊيشن اسان جي ادب جو هڪ انفرادي اثاثو بڻيو آهي. هي پُربهار ڪتاب سنڌي ادب جي تحقيق سان دلچسپي رکندڙن لاءِ هڪ اهم ماخذ طور ڪتب ايندو.

هي مايدار ڪتاب ستن بابن تي مشتمل آهي، جي 178 صفحن تي ڦهليل آهن. اُنهن کان پوءِ ڇهن صفحن جو ضميمو شامل ڪيل آهي. اهڙيءَ طرح 81 صفحن تي ضخامت تي جامع تشريحي حوالا آيل آهن، جن سان گڏ مقدمي، متن ۽ حوالن ۽ استفاده ڪيل 61 ڪتابن جي فهرست پيش ڪيل آهي. ان کان اڳ قرآني آيتن، حديثن ۽ بزرگانه قولن جي فهرست ڏني ويئي آهي. ٽين فهرست ماڻهن جي نالن ۽ چوٿين فهرست ماڳن مڪانن، شهرن ۽ ذاتين جي نالن جي پڻ درج آهي. آخر ۾ 166 صفحن تي ”بيان العارفين و تنبيہ الفافلين“ جي اصلي فارسي مخطوطي جي مڪمل متن جو عڪس ڏنو ويو آهي. جو محقق محترم ڊاڪٽر عبدالغار سومري صاحب سيد علي مير شاهه صاحب جوڻن واري کان حاصل ٿيو. اهو مخطوط 29 رمضان المبارڪ 1228هه تي ضياءُ بن گل محمد لکي پورو ڪيو. اُنهيءَ نسخي کان علاوه ڊاڪٽر سومرو صاحب ٻن ٻين قلمي نسخن جو ذڪر به ڪري ٿو، جي سندس آڏو رهيا آهن: اُنهن مان پهريون نسخو منصور لائبرريءَ جي ملڪيت آهي، جو 1243هه ۾ محمد صالح نالي ڪاتب لکيو ۽ ٻيو قمبر جي راشدي خاندان وٽ آهي، جنهن جا شروعاتي ورق ضايع ٿيل آهن ۽ آخر پڻ اڻپورو آهي. ان طرح سنڌ جي ٻن علمي ذوق رکندڙ صاحبن قاضي شوڪت (هالا پراڻا) ۽ مخدوم سليم الله صديقي پاٽائيءَ جي ادبي سهڪار ۽ سندن ڪتبخانن مان استفادي جو به اعتراف ڪيو ويو آهي.

هن ڪتاب جو مُهڙ ۾ ڊاڪٽر سومري صاحب پاران چئن صفحن جو مهاڳ ۽ پنجٽيهن صفحن جو جامع ۽ سير حاصل مقدمو ڏنل آهي، جنهن لاءِ محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب تعارف ۾ ڄاڻايو آهي ته، ”ڪتاب جو مقدمو ڊاڪٽر موصوف جي اعليٰ تنقيدي ۽ تشريحي بصيرت تي شاهد آهي. اُن ۾ زير بحث آندل سڀ ذيلي موضوع وڏي معلومات ۽ معنيٰ وارا آهن، پر انهن مان به خاص اهميت رکن ٿا: هڪ ”بيان العارفين ۾ صوفي فڪر ۽ اُن جا ماخذ“ ۽ ٻيو ”شاهه ڪريم جو عرفان“. پهرئين مان سنڌ ۾ صوفيانه فڪر جو تاريخي پس منظر اجاگر ٿئي ٿو ۽ سنڌ ۾ صوفيانه فڪر جو روح روشن ٿئي ٿو. انهيءَ لحاظ سان، سنڌ ۾ صوفيانه فڪر جي تاريخ ۽ ترويج ۾ هي مقدمو هڪ دستاويزي حيثيت رکي ٿو. ان سان گڏ، متن جي آخر ۾ ڏنل تشريحي حوالا اعليٰ علمي تحقيق جو آئينو آهن، جن جي مطالعي سان پڙهندڙ جي معلومات ۾ مزيد اضافو ٿيندو. هن ڪتاب جي شايع ٿيڻ سان، پهريون ڀيرو ميين شاهه ڪريم جي ذاتي ۽ فڪري عظمت جو صحيح اندازو ٿئي ٿو. اها عظمت اڄ کان چار سؤ سال اڳ واري سنڌ جي هڪ مثالي فرد جي آهي.“

مقدمي ۾ مصنف جي عنوانن تي بحث ڪيو آهي، انهن ۾ ”شاهه ڪريم جو سوانح“، ”شاهه ڪريم جي سماع جي روايت“، ”حڪايتن ۾ حقيقت جو پهلو“، ”شاهه ڪريم جي دور جي سياسي ۽ سماجي پس منظر“، ”سنڌ هند ۾ تذڪرن ۽ مفلوظات جي روايت“ ۽ شاهه ڪريم جو عرفان“ آيل آهن.

”بيان العارفين“ جي هن مطالعي فراهم ٿيڻ سان اسان کي سنڌ ۾ تسوف ۽ اُن جي روحاني توڙي فڪري ارتقا جا بنياد نظر اچن ٿا. هيءُ ڪتاب سنڌ جي اديبن، عالمن، محققن، صوفين، شاگردن توڙي عام پڙهندڙن لاءِ هڪ وقت مفيد آهي. هن ڪتاب جو هر هڪ اهل ذوق وٽ هجڻ پڻ ضروري آهي.

ڊاڪٽر عبدالغفار سومري صاحب تحقيقي رٿابندي، اسلوب بيان ۽ عالمانه پيرايه اظهار تي کيس دل جي گهراين سان تحسين ڏيڻ ۾ ڪابه دقت محسوس ڪانه ٿي ٿئي، ڇاڪاڻ ته مطالعي مان لڳي ٿو ته ڄڻ اهو ”طبعزاد شهپارو“ هجي. اهڙيءَ طرح نثر جو عالمانه انداز ۽ متاثر ڪندڙ لمحو ۽ لفظن جي چونڊ سندس فاضلانه صلاحيت جا چٽا گواهه آهن. ”بيان العارفين“، سنڌ اوقاف کاتي (حيدرآباد) کان ملي سگهي ٿو.

ـــ ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو

(ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ٿورن سان)

        خطَ ٻن اُستادن جا                             [تبصرو]

”سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت“ (حيدآباد) هڪ اهڙو باوقار علمي ۽ اشاعتي ادارو آهي، جنهن گذريل ٽيهارو کن سالن وٺي، نهايت خاموشيءَ سان، فڪري جاڳرتا ۽ سنڌ دوستيءَ جو سنجيده موضوعن تي متعدد معياري ڪتاب شايع ڪري، ادبي دنيا ۾ هڪ وڻندڙ ۽ مانائتو مقام حاصل ڪيو آهي. انهيءَ دلپذير سلسلي جو سهرو، اداري جي باني ۽ روح روان، سائين محمد ابرهيم جويي جي سِر تي سونهي ٿو. جنهن جي مثالي ادبي خدمتن کان اهل سنڌ چڱيءَ طرح واقف ۽ مداح آهي.

تازو سهڪاري سنگت ”خَطَ ٻن اُستادن جا“ عنوان سان هڪ عمدو ڪتاب شايع ڪيو آهي، جنهن جو سهيڙيندڙ محترم ”سنگرام“ آهي.

ڪتاب ۾ سائين محمد ابراهيم جويي ۽ سندس هڪ دلي دوست ـــ جيڪو پڻ اُستاد آهي ـــ محترم غلام علي چنا جا خَطَ آهن، جيڪي ٻنهي صاحبن مختلف موقعن تي هڪ ٻئي ڏانهن لکيا آهن ۽ اُنهن جو عرصو، 1968ع کان وٺي 2001ع تائين واري طويل دؤر تي ڦهليل آهي.

محترم غلام علي چنا، پيشي جي لحاظ کان هڪ سينئر ۽ محترم اُستاد آهي ۽ تعليم کاتي ۾ ملازمت دوران، جويي صاحب سان عقيدتمندانه تعلق پيدا ٿيس، جو اڄ تائين قائم آهي.

محترم جويي صاحب، خط و ڪتاب جي ان دلچسپ سلسلي کي، ڪتابي صورت ۾ محفوظ ڪري، سنڌي ادب، ۾ ”خَطَن“ جي خوشگوار روايت کي جِلا ۽ تازگي بخشي آهي.

ٻنهي محترم اُستادن جا خط پنهنجي مضمون آفرينين جي لحاظ سان دل کي ڇُهندڙ ته آهن ئي آهن، پر انهيءَ ڪتاب جو پيش لفظ ـــ جيڪو پنهنجيءَ جامعيت جي لحاظ کان هڪ چڱو خاصو معياري مضمون پڻ آهي ـــ پنهنجي ضخامت ۾ اهڙيون ته اڪيچار دلچسپون ۽ دلبريون رکي ٿو، جو اُن جو مڪمل متن، هِتي مهراڻ جي مانواري پڙهندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪرڻ، نهايت ئي مناسب ۽ موزون آهي. پيش لفظ ۾ سهيڙيندڙ ”سنگرام“ لکي ٿو:

”پنهنجي پياري، دل گُهرئي دوست کي ڪنهن ماڻهوءَ چيو ته ”يار، آءٌ توکي پنهنجو ڀاءُ ٿو سمجهان!“ دوست چيس، ”پاڻ ته سُٺا دوست آهيون، پوءِ هيءَ تبديلي ڇو؟“ هُن وراڻيس، ”دوستُ هڪُ نه ته ٻيو ملي ويندو آهي پر ڀاءُ جي نه هوندي ڀاءُ مشڪل ٿو ملي!“ دوست چيس، ”ائين ته ڀاءُ جو ملڻ مشڪل ئي نه پر ممڪن به ڪونهي! ٻيو به ڀائرن ۾ وڏ ننڍائي به ٿئي ٿي! دوستيءَ ۾ ائين نه هوندو آهي. مان ڀانيان ٿو ته دوستيءَ کي تو سمجهيو نه آهي. منهنجي هڪڙي اوستاد لفظ ’دوست‘ کي ڀڃي، اُن جي معنيٰ مون کي سمجهائي هئي ته دو + ستَ ـــ سَتيه ـــ سَچَ، معنيٰ ٻن سچن جو ميلُ. ٻن سچاين جو سنگ يا ساٿُ.“

سو، جيڪي دوستيءَ جي اِن مفهوم ۽ اُن جي گهرائيءَ کان واقف هوندا آهن ۽ اُن جي قدر ۽ اهميت ڄاڻن ٿا، سي سِرَ جي سَٽ ڏيئي به پنهنجي ”سچ جو ساٿ“ کي قائم رکن ٿا. وقت گذرڻ سان اُن ۾ پُختائي ايندي آهي ۽ آزمائش جي گهڙين ۾ اُن ۾ نِکارُ ايندو آهي، جيئن سونُ باهه ۾ تپي ڪُندن بنجندو آهي.

ماڻهوءَ مُڪتي پريت ۾ اَجوکِي آهي،

سامي! هن سنسار کي جي ڪو ساڃاهي.

مُور نه هُو چاهي، ڀيدُ پوي ڪو پريت تي.

(سامي)

خطن جو هيءُ مجموعو سائين غلام علي چَني ۽ سائين محمد ابراهيم جويي صاحب جي اهڙي ئي هڪ مثالي دوستيءَ جو دل نواز داستانُ آهي.

مُخلص دوستن جا هڪٻئي ڏانهن لکليل خط سچ پچ ته دوستيءَ جا اهڙا ئي من کي ڇُهندڙ دستاويز هوندا آهن. اُنهن ۾ سندن دؤر جا انيڪ اُڌما ۽ احساس، ويچار ۽ آدرش درج ٿيل هوندا آهن، جي پڙهندڙ ۽ پڙهندڙن جي ٻُڌندڙ هانوَ لاءِ نرم ’ٿڌڙن‘ ۽ ساهه سُڌير ’ڇنڊن‘ جو ڪم ڏيندا آهن. اهڙا خطَ دلي تعلق قائم رکڻ جا بهترين نقش ۽ نمونا ٿين ٿا. اُنهن ۾ هڪ انوکي ۽ نرالي سُرهاڻ هوندي آهي، جيڪا هر وقت لازوال محبت جي خوشبو چؤڏِس پکيڙيندي رهندي آهي.

تحرير جي ايجاد، جڏهن به اُها ٿي ۽ جتي به اُها ٿي، سچ پچ ته انساني ذهن جو هڪ بي مثال ڪرشمو هئي. ڇو ته ڪيل گُفتگو، ٻُڌل ڳالهيون ۽ قصا وغيره ڪجهه ياد رهن ٿا، ڪجهه وسريو وڃن ٿا ۽ ڪجهه وري وقت گذرڻ سان پنهنجو اصل مفهوم ۽ تاثر وڃائي ويهن ٿا. پر تحرير هڪ اهڙو محفوظ خزانو آهي، جنهن کي انسانُ سالن ۽ صدين تائين سانڍي سگهيو ٿي. ”خط نويسي“ تحرير جي اُها دل جي اندرئين تَهه مان نڪرندڙ صنف آهي، جيڪا مختلف ارتقائي مرحلا طئي ڪري اڄ انشاپردازيءَ جي اُوچي مقام تي پهتي آهي ۽ اعليٰ ادب جو رُتبو ماڻيو اٿس.

خط لکڻ لاءِ فقط دل جو اُڌمو ئي ڪافي هوندو آهي، ڪنهن لياقت يا اعليٰ قابليت جو هئڻ هروڀرو ضروري نه آهي. من اندر ۾ هُرندڙ ڳالهه سادي نموني سان سهڻي کان سهڻي انداز ۾ به لکجي ويندي آهي. بس، دل جي سڪ، تانگهه ۽ طلب ئي هوندي آهي، جيڪا قلم کڻي لکڻ تي مجبور ڪندي آهي. اُن ڪيفيت ۾ لکيل خطَ لفظن جو روپ ڌاري ڄڻ ته ”اڌ ملاقات“ بڻجي ويندو آهي!

آڳاٽي زماني ۾ جيئن ته تعليم اڃا عام نه هئي تنهنڪري ماڻهن کي خط لکڻ ۾ ڪجهه ڏکيائي ٿيندي هئي، پر جيئن چوندا آهن ته ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي بلڪل اهڙيءَ طرح ئي خط لِکاريُن جو هڪ طبقو تن ڏينهن ۾ پيدا ٿيو. اُهي خط لکڻ ۾ ڀڙ ۽ ماهر ماڻهو صبح کان شام تائين ڪَن ۾ قلم هڻي، گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ گهمندا وتندا هئا ته جيئن جيڪڏهن ڪنهن کي ڪو خط لکرائڻو هجي ته کيس اُن جو ڪجهه نه ڪجهه مواوضو يا اُجورو ڏيئي کانئس خط لکرائي. اِن ريت خط نويسيءَ باقاعدي هڪ پيشي جي شڪل اختيار ڪئي. جيڪو به ماڻهو اِن شعبي ۾ جيتري مهارت رکندڙ هو، تنهن اوتري ئي شهرت ۽ ناڻو ڪمايو ۽ سندس طلب اوتري ئي وڌيڪ ٿيڻ لڳي. نالي وارا لِکاري ته بادشاهن جي درٻارن تائين به رسائي حاصل ڪري وٺندا هئا ۽ پنهنجي اِن ڏانءَ کي خوب ڪئش ڪرائيندا هئا.

خط نويسين يا انشاپردازن پنهنجي علم ۽ هنر جي ڌاڪي ڄمائڻ لاءِ وڏا وڏا ”لقب القاب“ ۽ ”خطاب“ گهڙي ورتا. ڊگهيون ڊگهيون عبارتون، ٺهڪندڙ استعارا، تمثيلون ۽ تشبيهون، من موهيندڙ انداز ۾ لکي، پڙهندڙ جي من کي موهت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. معاملو اِتي وڃي پهتو، جو تحرير جي سادگي، دل جي سچائي ۽ خلوص جي چاشني خطن مان بنهه موڪلائي ويئي. پر پوءِ جدت پسند ماڻهو اِن مصنوعي لفاظيءَ مان بيزار ٿي پيا، ۽ نامور اردو ۽ فارسي شاعر، اسد الله خان غالب جهڙن سخن جي سرواڻن ته خط نويسيءَ ۾ ’انداز بيان ئي اؤر‘ قسم جو اپنايو.

ڊاروٿي آسبرن پنهنجي هڪ خط ۾ ”آئيڊيل“ يا مثالي خط جي وصف هن ريت بيان ڪئي آهي: ”منهنجو خيال آهي ته هر قسم جا خط اجائي ڏيکاءَ ۽ فرضي نماءَ کان آجا هئڻ گهرجن. اُهي اجائي پٽار بجاءِ عام گفتگوءَ واري انداز ۾ لکڻ گهرجن. نمائشي ۽ وڏن لقبن ۽ ڏکين لفظن کان پاسو ڪيو وڃي.“

سائين محمد ابراهيم جويو پڻ ساڳين خيالن جو حامي ٿو ڏسجي. هن ڪتاب ۾ شامل خط نمبر 17 ۾ غلام علي چني کي لکي ٿو: ”... خاص ڳالهه هيءَ مهرباني ڪري دل سان هنڊائج ته خط ۾ مون کي ايترن گهڻن لقبن القابن سان مخاطب ڪرڻ نه مناسب آهي نه ضروري آهي. سنئون سڌو محترم.... يا عزيزم... يا اهڙي قسم جو ٻيو ڪو اڃان ئي سِڌو سادو سنڌي ٻوليءَ جو لفظ ڪم آڻڻ ڪافي سمجهڻ گهرجي. اڳئين زماني ۾ جڏهن انشاپردازيءَ ۽ مضمون نويسيءَ ۾ لفظن جي ٽڪساٽ تي گهڻو ڌيان ڏنو ويندو هو ۽ مطلب ۽ معنيٰ جي مواد تي گهٽ، تڏهن اهڙن طول طويل ’مخاطبات‘ کي، عبارت جي رنگين بيانيءَ لاءِ ڪم آندو ويندو هو. هن زماني ۾ تحرير ۽ مضمون نويسيءَ جي اِها هڪ وڌيڪ خوبي ليکي وڃي ٿي ته سادا لفظ هجن ۽ سڌيءَ سنئينءَ طرز ۾ ۽ مختصر کان مختصر انداز ۾ پنهنجي مطلب جو بيان ڪيل هجي.“

سچ پچ ته، خطن رستي ماڻهو پنهنجا من جا اُڌما ۽ اُمنگ، فطري ۽ دلي ڪيفيتون، شخصي تعلق، زندگيءَ جا ڀانت ڀانت مسئلا، راز نياز، ڪاوڙ، محبت، بيچيني، سڪ ۽ سوز، مطلب ته هر قسم جا حال احوال سڌا پاڌا ۽ ساديءَ سَوَليءَ ٻوليءَ ۾ ڏيئي وٺي سگهي ٿو ۽ پاڪ ۽ پويتر انساني جذبن جو اظهار ڪري سگهي ٿو.

ادبي دنيا ۾ خطن کي وڏي اهميت آهي، جنهن جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته دنيا جي اعليٰ ادب ۾ مارڪس سِسَرو 43-106 ق. م، مائيڪل ائنجلو (1475-1564ع)، روسو (1772-1778ع)، ورڊ سورٿ (1770-1850ع)، ۽ پنهنجيءَ ويجهيءَ سرزمين مان مخدوم محمد معين ٺٽوي (متوفي 1161هه)، مرزا غالب (متوفي 1869ع)، جواهرلال نهرو، ابو الڪلام آزاد، سائين جي. ايم. سيد، علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ، شيخ اياز، ۽ ٻين علم ‎۽ ادب، سياست ۽ فن لطيف جي مختلف شعبن ۾ پنهنجو پاڻ موکيندڙ اڪابرن خط نويسيءَ ۾ مهارت رکڻ سبب اِن صِنف ۾ خوب نانءُ پيدا ڪيو ۽ شُهرت جي بلندين کي ڇهيو.

اِئين، عالمي اد ب ۾، ڊارامن، ناولن ۽ ڪهاڻين جيتري بلڪ ڪجهه وڌيڪ ئي اهميت خطن، ڊائرين، نوٽبڪن ۽ سوانح عمرين کي حاصل آهي، ڇو ته باذوق پڙهندڙن کي افسانوي ڪاوشن جي پڙهڻ کان پوءِ وري به انهن جي سِرجيندڙ جي شخصيت جي سچي پچي روپ ۽ حقيقي بلندين معلوم ڪرڻ جو اشتياق ٿئي ٿو، جيڪو فقط ۽ فقط اُنهن سوانحي داخلائن، آپ بيتي ڪٿائن ۽ خطن ذريعي ئي معلوم ٿي سگهي ٿو.

سِسَرو جي لکيل ”دوستن ڏانهن خطن“ جي ٻن جلدن مان اَڻڄاتل قديم دؤر جي دنيا جا احوال ملن ٿا، جن کي پڙهي، ماڻهوءَ جون اکيون ۽ ذهن جون دريون کُلي وڃن ٿيون؛ روسو جي شخصيت جو سچو پچو ۽ مڪمل روپ، سندس علمي ۽ رومانوي مضمونن ۽ ڪتابن کان وڌيڪ، سندس خطن ۾ ملي ٿو؛ مائيڪل ائنجلو جي خطن جي مجموعي پڙهڻ سان قاريءَ آڏو سندس فن سان پرخلوص وابستگيءَ ۽ بي انتها قوت وارو ڪردار اُڀرڻ لڳي ٿو؛ انگريزيءَ جي خود مست شاعر، لارڊ بائرن، جي رڪارڊ مان جيڪڏهن سندس خط ڪڍي ڇڏجن ته سندس بلند پايه جذبات ۾ ٻڏل شاعريءَ کي سمجهڻ لاءِ باقي بچندو ئي ڇا؟ شيخ اياز جي ڪامل شخصيت جو سچو پچو روپ سندس شعر سان گڏوگڏ سندس خطن جي مجموعي ”جي ڪاڪ ڪوريا ڪاپڙي“ ۾ ملي ٿو، جيڪي هُن سائين محمد ابراهيم جويي ڏانهن لکيا؛ سندس اُنهن خطن ۾ ڪويءَ جي اُڏام به ملي ٿي ته سندس آتما جو درشن به ٿئي ٿو، جن جي گهراين مان پوءِ انيڪ گيت نڪري، هند سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙيا ۽ وڏي ذوق ۽ شوق سان پڙهيا ويا.

ڪي ماڻهو خطن کي پنهنجي زندگيءَ ۾ هڪ خاص مقام ڏيندا آهن. اُهي خطن جي اهميت کان بخوبي واقف وهندا آهن۽ خط لکڻ وقت اها ڳالهه ذهن ۾ رکي خط لکندا آهن ته اهي ڪڏهن نه ڪڏهن هڪ ڏينهن ضرور ڇپجندا. اُنهيءَ ڳالهه کي ڌيان ۾ رکندي هو ڪوشش ڪندا آهن ته سندن خطن ۾ ڪا اهڙي هڪ به ڳالهه نه هجي جيڪا اڳتي هلي سندن شخصيت جي ڪمزوري ثابت ٿئي. دنيا جي اڪثر ليکڪن ان ڳالهه کي خيال ۾ رکندي خط لکيا آهن. چارلس ڊِڪنس خطن جي اهميت کان واقف هو تنهنڪري پنهنجن مِٽن مائٽن ۽ يارن دوستن کي لکيل خطن ۾ ادب بابت ڊگها بحث ڪندو هو. جيتوڻيڪ کيس اها به خبر هئي ته جن ماڻهن کي هو خط لکي ٿو تن کي ادب ۾ ڪائي دلچسپي نه آهي پر تنهن هوندي به هو محض انڪري اِهي بحث ڪندو هو ته جيئن اڳتي هلي اُهي ڇپجن.

شيخ اياز کي ته سائين محمد ابراهيم جويي خاص اُتساهه ڏياري خط لکرايا ته جيئن اُهي ٽماهي ادبي رسالي ”مهراڻ“ ۾ شايع ڪري سگهجن. اهي خط سنڌي ادب ۾ انشاپردازيءَ جو هڪ بي مثل نمونو ثابت ٿيا ۽ بعد ۾ ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙيءَ“ جي نالي سان مجموعي جي صورت ۾ پڻ شايع ٿيا. انهن خطن جي اڀياس مان اها ڳالهه بخوبي واضح ٿئي ٿي ته اياز اُنهن کي لکڻ وقت شعوري طرح ڪيترو نه ”سُچيت“ هو. کيس پڪ هئي ته اهي خط ڇپجندا ۽ ڇپجڻ لاءِ ئي هُن لکيا آهن. سندس ان سُچيتائي ۽ ساوڌانيءَ ڪري ئي اهي خط خوبصورت، فنائتا معلومات افزا ٿي ويا آهن، اهي خط نه صرف گُل آهن پر هڪ مالها ۾ پويل به آهن. ياد رهي ته ”اياز“ جي خطن جي ان مجموعي ۾ شامل 22 خطن مان 21 خطَ اُنهن ئي ڏينهن ۾ ”مهراڻ“ ۾ ڇپجي ۽ شهرت ماڻي چُڪا هئا.

ان طرح، خط ڪيترن ئي قسمن جا ٿين ٿا، جهڙوڪ والدين جا اولاد ڏي لکليل خط، جيئن نهروءَ جا پنهنجي ڌيءَ اندرا ڏي، ۽ ذوالفقار علي ڀُٽي جا بينظير ڏي لکيل خط؛ سياسي نوعيت جا خط، جيئن مهاتما گانڌيءَ جا خط، جناح ـــ گانڌي خط و ڪتابت؛ سائين جي. ايم. سيد ڏانهن سياستدانن ۽ قومي ڪارڪنن جا لکيل خط؛ علمي ۽ ادبي نوعيت جا خط، جيئن سائين محمد ابراهيم جويي صاحب ڏانهن سير ۽ سفر بابت لکيل شيخ اياز جي خطن جو ڇپيل مجموعو، ۽ ٻيا سندن هڪٻئي ڏانهن لکيل ڪيئي اڻ ڇپيل اهڙا خط يا جيئن سائين غلام مصطفيٰ شاهه جي خطن جو مجموعو؛ عشق ۽ محبت بابت خط، جيئن ڪافڪا جا پنهنجي محبوبه ملينيا ڏي لکيل، ۽ آسڪروائلڊ جي خطن جو مجموعو ”گلاب جي پنکڙين جهڙا ڳاڙها چَپَ“؛ زالن ۽ مڙسن جا هڪٻئي ڏانهن لکيل خط، جيئن واجد علي شاهه اختر ڏي سندس بيگمات جا لکيل خط؛ هم مشرب دوستن جا هڪٻئي ڏانهن لکيل خط، جيئن محمد امين کوسي جا سائين جي. ايم. سيد ڏانهن لکيل خط ۽ غير رسمي، نجي خط؛ ڪاروباري خط. سرڪاري لکپڙهه؛ وغيره وغيره.

سنڌي ٻوليءَ ۾ خطن جي صِنف تي ٻين ٻولين جي ڀيٽ ۾ گهٽ ڪم ٿيو آهي. ان جا گهڻائي ڪارڻ ٿي سگهن ٿا. بهرحال، هن وقت تائين جيڪي مشهور خطن جا مجموعا اسان وٽ ڇپيا آهن تن مان ڪجهه هيٺ ڏجن ٿا:

1 ـــ ”رهاڻ“ ـــ ميران محمد شاهه جي سائين جي. ايم. سيد ڏانهن لکيل خطن جو مجموعو.

2 ـــ ”ساهڙ جا سينگار“ ـــ علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ جي سائين جي. ايم. سيد ڏانهن لکيل خطن جو مجموعو.

3 ـــ ”خط ۽ مضمون“ ـــ پير علي محمد راشديءَ جي سائين جي. ايم. سيد ڏانهن لکيل خطن جو مجموعو.

4 ـــ ”اڄ پڻ چِڪيم چاڪَ“ ـــ سائين جي. ايم. سيد ڏانهن لکيل مختلف دوستن جي خطن جو مجموعو.

5 ـــ ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ ـــ سائين محمد ابراهيم جويي ڏانهن لکيل شيخ اياز جي خطن جو مجموعو.

6 ـــ ”واڄٽ ويراڳين جا“ ــــ ڀاڱو پهريون، ٻيو ۽ ٽيون، سائين جي. ايم. سيد ڏانهن محمد امين کوسي جي لکيل خطن جو مجموعو.

7 ــــ ”ڪجهه خط“ ــــ سائين جي. ايم. سيد ڏانهن سياستدانن، قومي ڪارڪنن ۽ ٻين لاڳاپيدارن جي لکيل خطن جو مجموعو.

8 ـــ ”سير ۽ سفر“ ـــ پروفيسر غلام مصطفيٰ شاهه جي خطن جو مجموعو.

9 ـــ ”خط ـــ ٻن اديبن جا“ ـــ عبدالقادر جوڻيجي ۽ سائين محمد ابراهيم جويي جي خطن جو مجموعو.

10 ـــ مهاتما گانڌيءَ جا خط.

11 ـــ جواهر لعل نهروءَ جا اِندرا ڏانهن لکيل خط.

12 ـــ ذوالفقار علي ڀٽي جا بينظير ڏانهن لکيل خط.

13 ـــ ”اڌ ملاقات“ ـــ طارق اشرف جي خطن جو مجموعو.

14 ـــ ”جيءُ منهنجو جن سين“ ـــ حڪيم عبدالحميد خان چانڊئي صاحب جا ”سهيڙيل سنيها“.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com