سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1 ۽ 2 / 2002ع

 

صفحو :16

مون نوڪرن کي موڪل ڏيئي ڇڏي هئي. گيٽ تي وڃان پيو ته عجيب عجيب سوال ورائي پئي ويا، ”اهو غلط يا صحيح؟ جي ڪنهن ڏسي ورتو ته؟ ته خير آهي. ماڻهوءَ کي پنهنجي حياتيءَ جي ڪشڪول ۾ ڪجهه سڪن ميڙڻ جو حق به ناه ڇا؟، ۽ انهيءَ ٻڏتر ۾ ئي تون اچي وئي هئينءَ.

رڪشا کي ڀاڙو ڏيندي تو مون ڏانهن نهاريو هو. تنهنجي نظرن ۾ الاءِ ڇا هو. ڪڏهن ڪڏهن ڪيترن ماڻهن کي شڪار ٿيڻ جو خدشو ورائي ويندي آهي. لڳندو اٿن ته ڄڻ ڪا جهڙپ آئي ڪه آئي.

اندر آيا هئاسين ته هر شئي ۾ ڄڻ بهار گهڙي ويئي هئي. ڪمري جي ڀتين تي شوخ رنگ اچي ويا هئا. گهڙيال ڌڪ هڻي يارنهن وڃڻ جو احساس ڏياريو هو.

”صحيح ٽائيم تي آئي آهيان... ها نه...“

”هر اُهو وقت جنهن تي تون اچين، صحيح ئي هوندو آهي.“ لفظ ڄڻ ڀڙڪو کائي پئي نڪتا. اندر ۾ ولر ڪيو ويٺا هئا، رڳو تنهنجي آواز جي دل کلڻ جا منتظر هئا....

”اِهو ڪيڏو نه عجيب آهي ته ماڻهو ملڻ لاءِ انڪري اچي جو کيس جدا ٿيڻو آهي.“ ڊرائنگ روم ۾ ايندي، پنهنجو ننڍو ٿيلهو سائيڊ ٽيبل تي رکندي تو وارن کي جهٽڪو ڏيندي ڳالهايو هو.

”جدائيءَ جي ڳالهه ابتدا ۾ ئي ڪرڻ ٺهي ٿي ڇا؟“ منهنجي لهجي ۾ تيزي هئي. آواز ۾ ڪاٽ، تو خفيف مُرڪيو هو.

”جيڪي انتها ۾ ٿيڻو هجي، اُن لاءِ ابتدا ۾ ئي ڪجهه چوڻ، ڪجهه غلط ته ناهي...“ هڪ صوفي تي ويٺي هئينءَ ۽ نگاهه کي ڪٿي به ويهڻ نه پئي ڏنئي.

مان تو ڏانهن سرڪي آيو هئم. تنهنجي مُنهن تي وري ڪجهه خدشا آيا هئا. تنهنجي ويجهو اچي مون هٿ وڌايو هو... ”پنهنجو هٿ مون کي ڏئي ڇڏ...“ تو مرڪيو هو.

”اِهوئي ته نٿي ڏئي سگهان.“

”مون هميشه لاءِ ناهي گهريو، ڪجهه گهڙين لاءِ گهران پيو.“

”ڪجهه گهڙين ۾ هميشه جا فيصلا ناهن ٿيندا ڇا؟“

”اِهي گهڙيون گذري ويون هن فردوس.... اُنهن گهڙين ۾ هميشه جي لاءِ تون منڪر ٿي چڪي آهين. هي کن پل جو سوال آهي.“

ڪجهه ٻڏتر جي دوران ئي تو پنهنجو هٿ منهنجي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو هو. ماٺ وري سامهون اچي ويئي هئي. تنهنجو هٿ پنهنجي هٿ ۾ عجيب لڳو هئم. سانورن هٿن ۾ کير جهڙا اڇا اُجرا هٿ ڪٿي سونهن ٿا. تو هٿ ڇڏائڻ جي ڪابه ڪوشش ڪانه ڪئي هئي. عجيب لمحا هئا اُهي به. جسم ۾ عجيب لهرون اُٿندي محسوس ٿي رهيون هيون ۽ اُهو به بيحد عجيب هو ته ڪنهن ۾ به سيڪس جو ڪوبه شائبو نه هو.

”مون سان شادي ڇو ڪونه ٿي ڪرين دوسي. ڪهڙي خرابي آهي مون ۾؟“ هاڻي آواز کوهه مان اچي رهيو هو. ساهه کي ڄڻ ڪنهن سوڙهو ڪري ڇڏيو هجي.

”ڪن ڪن ڳالهين جا ڪي به سبب ناهن هوندا، احمد!“ تو ڳالهائيندي پنهنجي هٿ ۾ منهنجي کاٻي ڪرائي جهلي ورتي هئي ۽ منهنجي واچ جي بيلٽ تي آڱريون ڦيرڻ شروع ڪيون هئائين. ”مان... بس اوهان جي ٿي نٿي سگهان....“

”پر اُنهيءَ جو ڪو ته سبب هوندو نه.“

بي ساخته چئي ويٺو هوس. حالانڪ تنهنجي چيل جملي مٿان اُهو جملو اجايو هو.

”منهنجي دل اوهان کي قبول ڪرڻ ۾ دير ڪئي آهي احمد...۽ جسم ته قبول ڪرڻ جو سوچي ئي نه پيو...“

تو سٽَ واچ جي بيلٽ جو ڪڙو کوليو هو، ڪرائي خالي ٿي ويئي هئي.

”دل قبوليو آهي؟“ تو ڏانهن گهريو هئم. الاءِ ڇا پئي ڳالهايوسين، الاءِ ڇا ڳالهائڻو هو.

”دل نه قبولي ها ته مان اچان ها ڇا؟“

”پر دل ته موڪلائڻ لاءِ اچڻ قبوليو آهي جانم....!“

عجيب حالت ٿي ويئي هئي. منهنجي ڀر ۾ هئينءَ... بلڪ ڄڻ ته ڀاڪر ۾ هئينءَ....

تنهنجا وار منهنجي ساڄي ڪلهي تي خوشبو وکيري رهيا هئا ۽ تنهنجين نگاهن منهنجي وجود ۾ ڊرلنگ (Drilling) پئي ڪئي.

”منهنجي من ۾ اوهان جي عزت آهي احمد ۽ انهيءَ عزت کي مان سلامت رکڻ ٿي گهران.... محبتن وسيلي اِنهيءَ کي خراب ڪرڻ نٿي چاهيان.“

”محبت ۾ عزت خراب ٿيندي آهي ڇا فردوس؟“

تو هيٺيئن چپ کي ڪجهه لمحن لاءِ ڪٽيو هو.

”گهٽ ۾ گهٽ مون وٽ ته ائين ئي ٿيو آهي.“

”پر مان... ائين نٿو ڪري سگهان، تون مون کي هڪڙو موقعو ڏي ته سهي... مان... تو جملو ڪٽيندي، منهنجي هٿن کي جڪڙي ورتو هو.

”مان... اوهان کي فيصلو ٻڌائي چڪي هان....“

الائي ڪيترا لمحا سر ڪيا هئا.... اسان ٻيئي هڪٻئي ۾ گم هئاسين، ڀاڪر پاتل نه به هو ۽ ڪا آزادي به ڪانه پئي محسوس ٿي. سڄو جسم جڪڙيل هو.... تو منهنجيءَ شرٽ جي ٻانهن جا بٽڻ کولي، اُنهن کي ٽي ٽي درَ ڏنا.

”توهان جون ٻانهون ڏاڍيون خوبصورت آهن، اُنهن تي شرٽ جون ٻانهون ورائيندي ڪيو. ”پيار مان نهاريو هيئي.... دل چيو چوانس، ”ڪپي ڏيانءِ.... جي وڻنئي ٿيون ته کنيو وڃ....“ ۽ اُتي به خيال آيو ته ڪاش مان سڄو سارو کيس پسند هجان ها ته پنهنجي وجود جا ڳڀا ڳڀا ڪري ڏيانس ها.

”ٺيڪ آهي....“

تو بيگ مان بال پين ڪڍي هئي ۽ اُنهيءَ سان منهنجي ڪرائيءَ تي لکڻ شروع ڪيو هُيهء. پين گڏ هئي، اکر خيالي هئا.

”ڪجهه لک نه، ائين خالي پين ڇو ٿي گهمائين.“

”جي اهو سڀ خالي آهي ته توهان ڪيئن پڙهي ورتو آهي احمد؟“

۽ بس.... تنهنجي انهيءَ جملي سان الا ڇا ٿي ويو هو، مون سٽ ڏيئي توکي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو هو. تو روڪڻ جي ڪابه ڪوشش نه ڪئي هئي. بس، منهنجي اندر ۾ گهڙي وئي هئينءَ... اکين مان مينهن وسڻ شروع ٿيو هو.... منهنجو سينو ۽ کاٻو ڪلهو پُسندا رهيا.... سڀ آواز بند ٿي چڪا هئا. بس بي آواز بارش جاري هئي.

الائي ڪيترو وقت اهو سڀ جاري رهيو. هوش آيوسين ته منهنجي شرٽ جي سيني تي تنهنجا وار رهجي ويا هئا. الڳ ٿي وئينءَ پر اُهي ٽي چار وار، آلن ڳوڙهن سان، چنبڙيل هئا. مون اُنهن کي ڳڻيو، اُهي پنج هئا. ”تنهنجا هي پنج وار، مون سان چنبڙي پيا آهن دوسي.“

مرڪڻ جي ڪوشش ڪئي هئم، ڳوڙهن مرڪڻ نه پئي ڏنو.

”مان سڄي ساري، اوهان کي چنبڙي پئي آهيان احمد.“ تو سُڏڪي ڏنو. وري فاصلا وچ ۾ اچي ويا هئا.

”ته بس.... پوءِ پنهنجو پاڻ ڇڏاءِ نه.“

”ڪٿي پئي ڇڏايان.... پنهنجو پاڻ ئي ته ارپيو اٿم.“ ڳوڙها اگهيئي پئي.

”ته پوءِ ڇو ٿي مون کان منڪر ٿئين.“

”ڇاڪاڻ ته مان الاءِ ڇو، هن کي اڃان به پهريون نمبر ٿي ڀانئيان احمد. ايتري قربت هوندي به اوهان ٻيو نمبر ئي رهو ٿا.“

جملو چئي اوڇنگارن ۾ پئجي ويئي هئينءَ... مون تنهنجو هٿ وري جهليو هو.

”مان نمبرن جي چڪر ۾ ناهيان پوندو. تون بس مون کي قبول ڪر.“ تو هاڻي وري ڳوڙهن تي قابو پائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي.

”مان.... احمد... توهان کي نمبر ون رکڻ چاهيو هو، پر  پنهنجي ملڻ ۾ دير ٿي ويئي ۽ هاڻي، پهرين جاءِ اوهان کي ڏيئي نه سگهنديس... ۽ ويساهه گهاتيءَ جو اهو تصور کڻي مان سُک سان جِي نه سگهنديس....تنهن ڪري، تنهن ڪري...“

تو جملو اُتي ئي ڇڏي ڏنو هو ۽ مون هڪ وڏو ساهه کنيو هو.

”ٺيڪ آهي. تو وٽ ٻيو نمبر ٿيڻ به منهنجي لاءِ اعزاز آهي. هاڻي وڌيڪ ڳالهائڻ لاءِ مون وٽ ڪجهه ناهي. تون چئين ته مان چوڪيدار کي رڪشا آڻڻ لاءِ چئي ڇڏيان.“

ڏاڍو تڪڙو جملو هو ۽ اوتري ئي تڪڙي تنهنجي اقرار ۾ ورندي هئي ۽ الاءِ ڇو اُن مهل اک گهڙيال ڏي کڄي ويئي هئي. ٻارنهن لڳي ڏهه منٽ ٿيا هئا.

چوڪيدار کي رڪشا لاءِ چوڻ کان پوءِ مان اندر اچي بيٺو هئس. نگاهه تو ڏانهن کڄڻ لاءِ بيتاب هئي پر مون سختيءَ سان ڪنڌ کي جهڪائي ڇڏيو هو. تون پرڀور بيٺي هئينءَ. الاءِ ڪيئن ڇڪجي مون ڏي آئينءَ ۽ ٻانهن کي جهليندي، ڪنن ۾ سُرٻاٽ ڪيو هُيهءِ.

”توهان جو آواز مون کي چريو ڪري ڇڏيندو احمد.... مان اُنهن لهرن ۾ گم ٿي ٻاهر نڪرڻ نه چاهيندي آهيان.“

”نڙيءَ کي گُهٽي ڇڏيان.“ تو ڏي نهاريو هئم ۽ تو پاڻ ڀاڪر پائيندي ڳچيءَ تي آڱريون ڦيريندي چيو هو.

”انهيءَ کي جي ڪجهه ٿي وڃي ته مان ته هڪدم مري ويندس.“

”ڳچي واري کي، نڙيءَ واري کي چهڪ ڏيئي پيئي وڃين، باقي نڙيءَ جو ايترو خيال ٿَئي؟“

”اها رُڳي منهنجي نالي، اها ته مڙني جي آهي، ها... ڳچيءَ وارو منهنجو آهي.“

وري ڪجهه نظر نه پئي آيو. تنهنجن وارن جا ڇڳا ڇانوَ ڪري رهيا هئا. مون کين هٿ لاتو هو.

”ٿي سگهي ته ڪڏهن وار نه ڪٽرائجانءِ دوسي.“

”نه ڪٽرائيندم.“

تو وري ڀاڪر نه پئي ڇڏيو. ساهه تي ڪو خنجر رکيل هو... الاءِ ڇا چوڻ چاهيم پئي، چئي نه سگهيس.... اُتي ئي تو سُرٻاٽ ڪيو هو...“ مون کي ’فاقر‘ جون ڪجهه سٽون ٻڌايو... تحت اللفظ.“

جدائيءَ جي گهڙين ۾، وهندڙ اکين جي سامهون ڌنڌلا اکر ايندا ويا ۽ مون آهستي آهستي چوڻ شروع ڪيو.

کوئي يه کيسي بتائي که وه تنها کيون هي،

وه جو اپنا تها وهي اور کسي کا کيون هي.

يهي دنيا هي تو پهر ايسي يه دنيا کيون هي،

يهي هوتا هي تو آخر يهي هوتا کيون هي.

اک ذرا هاتهه بڙهادين تو پکڙلي دامن،

اُس کي سيني ۾ سما جائي هماري دڙهکن،

اتني قريب هي تو پهر فاصلا اتنا کيون هي!

دل برباد سي نکلا نهين اب تگ کوئي،

اک لُڻي گهر په ديا کرتا هي دستک کوئي،

آس جو ٽوٽ گئي، پهر سي بندهاتا کيون هي!

تُم مسرت کا کهو يا اُسي غم کا رشتا،

کهتي هين پيار کا رشتا هي جنم کا رشتا،

هي جنم کان جو يه رشتا تو بدلتا کيون هي!

آخري سِٽ سان سُڏڪو اُڀريو هو، جيڪو گهُٽي ڇڏيو هئم... تون ڀاڪر ۾ ئي هئينءَ... بس ڄڻ ساهه نڪري ويو هجئي.... سُڏڪي ۾ چيو هئم.... ”سدرشن فاقر“ جي ڪا ٻي تخليق ٻڌايو سائين.“

۽ وات مان بي ساخته نڪري ويو هو:

تو نهين تو زندگي مين اور کيا رهه جائي گا،

دور تک تنهائيون کا سلسلا رهه جائي گا،

درد کي سار تَهين اور ساري گذري راستي،

سب دونهوان هو جائين گي اک واقعا رهه جائي گا،

يون بهي هوگا وه مجهي دل سي بهلادي گا مگر،

يه بهي هوگا خود اسي مين اک خلا ره جائي گا!

ٻاهر، رڪشا جو آواز ٿيو هو.

دائري انکار کي اقرار کي سرگوشيان،

يه اگر ٽوٽي کبهي تو فاصله رهه جائي گا.

۽ اندر، منهجي وجود کي سندس وجود جي ولِ ويڙهي ورتو هو. نگاهه وري گهڙيال تي اٽڪي پيئي. هڪ هڪ گهڙي ڳڻڻ جو هنر اچي ويو هو. گهڙيال ٻارنهن لڳي ٻاويهه منٽ وڄايا پئي.

زوال جي اها گهڙي اڄ تائين قائم آهي فردوس... مون پنهنجي زندگي جي ڪُل سفر کي اُنهن ٻياسي منٽن ۾ بند ڪري ڇڏيو آهي. اها واچ... اها پين، اِهي وار ۽ اهو ڀاڪر... سڄيءَ عمر لاءِ خزانو آهن ۽ هڪ ڳالهه چوانءِ... شايد ڄاتل الاءِ اڻ ڄاتل اتفاق هو ته اهو ڏينهن 14 فيبروري هو، جنهن کي Valentine Day ڪري دنيا جا محبت ڪندڙ ملهائيندا آهن. بس... رڳو اِهو عجيب لڳندو آهي ته اُنهيءَ ڏينهن تي ملندا آهن ۽ اسان وڇڙڻ جو فيصلو ڪيو هو!

اڪبر لغاري

جمهوريت زنده باد

”هڪ ـــ مارشل لا مُرده باد.... ٻه ـــ جمهوريت زنده باد،... ٽي ــ عوامي انقلاب زنده باد... چار...“ تقريباً چار فوٽ ڊگهو، چمڙي جو ڪؤڙو، سچل جي پُٺن تي وسي رهيو هو ۽ سچل هر ڪؤڙي لڳڻ تي نعرا هڻي رهيو هو. ڏهن ڪؤڙن کان پوءِ هڪ ڊاڪٽر اڳتي وڌي سچل جو معائنو ڪري، جمعدار کي اشارو ڪيو، جيڪو وري شروع ٿي ويو. تيل پياريل چمڙي جو ڪؤڙو جسم تي خنجر وانگر وار ڪري رهيو هو ۽ سچل جي اگهاڙي پٺيءَ تان چمڙي جا ٽُڪر لهي رهيا هئا، جتان رت ڦوهارا ڪري وهي رهيو هو. جيئن جيئن ڪؤڙن جو تعداد وڌڻ لڳو، تيئن تيئن سچل به اُڀ ڏاريندڙ نعرا هڻڻ لڳو، ليڪن پنجاهه ڪؤڙن لڳڻ کان پوءِ هو بيهوش ٿي ويو. ڊاڪٽر وري سندس چيڪ اپ ڪرڻ لڳو ۽ تشويشناڪ انداز ۾، اُتي بيٺل، ”اعليٰ عملدارن“ کي ٻڌائڻ لڳو ته هن کان وڌيڪ ڪؤڙا هنيا ويا ته سچل مري ويندو. اعليٰ عملدارن جي اشاري تي سچل جا هٿ پير ڇوڙي، کيس اسٽينڊ تان لاهي، سندس بيهوش جسم کي جيل جي کوليءَ ۾ اڇلايو ويو.

* * *

سچل يونيورسٽيءَ ۾ ايم. اي. ڪري رهيو هو ته ”جمهوريت جي بحالي جي تحريڪ“شروع ٿي ويئي. سچل به يونيورسٽيءَ جي هڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو روشن خيال نظرياتي ڪارڪن هو. ليڪن تقرير ڏاڍي جوشيلي انداز ۾ ڪندو هو. سندس تقرير ٻڌندڙن ۾ وڏو جوش و خروش ۽ ولولو پيدا ڪري ڇڏيندي هئي.

جمهوريت جي بحاليءَ جي تحريڪ آهستي آهستي زور وٺڻ لڳي. هر طرف جلسا ٿيڻ لڳا. جلوس نڪرڻ لڳا، هڙتالون ٿيڻ لڳيون، جنهن جي نتيجي ۾ وري پهرين ڳوڙها آڻيندڙ گئس، پوءِ لاٺي چارج کان ٿيندو معاملو وڃي فائرنگ تائين پهتو. هڪ طرف گن مشينن جو گهمنڊ هو ته ٻئي طرف حوصلي جي بلندي هئي. هزارين جوشيلا جوان روڊ بلاڪ ڪري رهيا هئا. لاٺي چارج ۾ مٿا ڦاڙائي رهيا هئا، رستا رت ۾ ڳاڙها هئا، پر پوءِ به نعرن جي گونج ۾ ٻُري رهيا هئا. هنن جوانن جي اڪثريت غريبن ۽ شاگردن جي هئي. وڏا ليڊر گهڻو ڪري يا ته پنهنجي ڊرائنگ رومس مان اخباري بيان ڏيئي رهيا هئا يا گرفتاري پيش ڪري، جيل ۾ ’اي‘ ۽ ’بي‘ ڪلاس لاءِ ’جدوجهد‘ ڪري رهيا هئا.

ٻَڌ ٻَڌان شروع ٿي ويئي ۽ بيشمار ماڻهو گرفتار ٿيا. ڪيترا ته معافي ناما لکي آزاد ٿي ويا. ليڪن جن ڪنڌ نه جهڪايو، اُنهن تي بغاوت، آتش زني، سرڪاري ملڪيت تباهه ڪرڻ ۽ امن ۾ خلل وجهڻ جا ڪيس داخل ڪيا ويا. تحريڪ کي چيڀاٽڻ لاءِ طاقت جو بي انتها استعمال ٿيو ۽ سڀ وسيلا ڪتب آندا ويا. تڪڙين عدالتن، تڪڙا ڪيس هلايا ۽ هر ”باغي“ کي اسي ڪؤڙا ۽ ڪيترن ئي سالن جي ٽيپ ملي.

سچل به هر جلسي ۾ تقريرون ڪيون ۽ هر جلوس ۾ شامل رهيو. هو جمهوريت کي واقعي به سڀني مسئلن جو حل سمجهندو هو. روٽي، ڪپڙو ۽ مڪان صرف جمهوريت ۾ ئي ممڪن هو. مسڪين ماڻهن لاءِ روزگار، تعليم ۽ صحت جا درواز صرف جمهوريت ۾ ئي کُلي ٿي سگهيا. هو جهموريت لاءِ هر قسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار هو.

سچل به پنهنجن سڀني ساٿين سميت گرفتار ٿيو. مٿس بغاوت جو ڪيس هلائي، کيس اسي ڪؤڙن ۽ ڇهن سالن جي ٽيپ ڏني ويئي. بيشمار نوجوانن وانگر سچل به ڪؤڙا کائي، جيل اندر پنهنجي سزا پوري ڪرڻ لڳو. کيس ڪؤڙا کائڻ ۽ جيل ۾ وڃڻ جي ڪا ندامت نه هئي پر مائٽن جو اُلڪو ضرور هئس.

هو پنهنجن مائٽن جو اڪيلو پٽ هو. سندس پيءُ پنهنجي ڳوٺ ۾ پرائمري استاد هو. هر مائٽ وانگر سچل جي ماءُ پيءُ به سچل لاءِ وڏا خواب ڏٺا هئا، جن جي ساڀيا لاءِ کيس يونيورسٽيءَ ۾ داخل ڪرايو هو. سچل سان ملڻ لاءِ سندس پيءُ جڏهن جيل ۾ آيو ته کيس شيخن جي پويان ڏسي پنهنجا لڙڪ روڪي نه سگهيو، پر سچل کيس آٿت ڏني. ”توهان ڏسي وٺجو بابا سائين، جمهوريت جو سج ضرور اُڀرندو. هي ڏکيا ڏينهن به گذري ويندا ۽ حقدار کي پنهنجو حق ضرور ملندو. عوامي حڪومت ايندي ۽ عوام ئي پنهنجا فيصلا پاڻ ڪندو.“ سچل پوري اعتماد سان پيءُ کي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

سچل جو پيءُ، ميهني ۾ ٻه دفعا کيس ملڻ لاءِ ايندو رهندو هو ۽ ڳوٺ جا حال احوال به ڏيندو رهندو هو. سچل جيل ۾ پنهنجو ڪم جاري رکيو ۽ قيدين کي گڏ ڪري اُنهن کي جمهوريت تي ليڪچر ڏيندو هو. شروع شروع ۾ کيس ملڻ لاءِ پارٽي جا ڪيترائي ڪارڪن ايندا هئا ليڪن آهستي آهستي انهن ملاقاتين جو انگ گهٽ ٿيندو ويو ۽ آخر ۾ صرف هڪڙو ملاقاتي وڃي بچيو ۽ اُهو هو سچل جو پيءُ.

ليڪن سچل همٿ نه هاري. کيس جمهوريت ۽ پنهنجي پارٽي ليڊرن تي پورو اعتماد هو. جمهوريت، جيڪا هر بيماري ۽ هر درد جي دوا هئي، جنهن کي سچل محبوبه وانگر چاهيو هو، جنهن لاءِ هن مائٽن جي خوابن جي به پرواهه نه ڪئي هئي، جنهن کي آزاد ڪرائڻ لاءِ پاڻ خوشيءَ سان زنجيرون پائي ويٺو هو ۽ جيل جون صعوبتون وڏي صبر ۽ جذبي سان برداشت ڪري رهيو هو.

وزير تعليم پنهنجي کاتي جي اهم ڪامورن سان گڏجاڻي ڪري رهيو هو ته کيس انٽرڪام تي سندس پي. اي ٻڌايو ته ڪو سچل نالي ماڻهو آيو آهي، جيڪو وزير صاحب سان ملڻ لاءِ ڏاڍو گوڙ ڪري رهيو آهي.

”ڪير سچل؟ توکي خبر ڪانهي ته آءٌ اهم پاليسي ميٽنگ ۾ مصروف آهيان“، وزير صاحب پي. اي کي ڇنڊ پٽيندي چيو.

”سائين، مون هن کي ڏاڍو سمجهايو آهي پر مڃي ئي نٿو. چوي ٿو ته آءٌ مارشل لا واري دور ۾ سائينجن سان جيل ۾ گڏ هئس.“ پي. اي تڪڙ ۾ وضاحت ڪئي.

”چڱو ويهارنيس ۽ ميٽنگ کان پوءِ موڪلجانس.“

وزير صاحب انٽرڪام رکندي، بيزاريءَ مان آفيسرن کي چوڻ لڳو، ”يار! ڏاڍو اچي هنن جيالن مان ڦاٿا آهيون. هر روز ڪونه ڪو جيالو زوري آفيس ۾ گهڙيو اچي. اڙي بابا ڪير سمجهائي هنن کي ته توهان جمهوريت لاءِ قربانيون ڏنيون، جمهوريت اچي ويئي، هاڻي وڃي پنهنجي ڪم ڌنڌي جي ڪريو، اسان جو رت ڇو ٿا پيئو.“

”سائين! هنن جيالن ته اسان کي به ڏاڍو تنگ ڪيو آهي. درخواستن تي سائينجن جو نوٽ لڳل ڏسي کڻي ٿا چُپ ڪريون.“ هڪ ڊي. اي. او صاحب موقعي جو فائدو وٺڻ لڳو.

”اڙي نه بابا نه. نوٽ ته آءٌ هزارن ماڻهن کي هڻي ٿو ڏيان پر صرف جان ڇڏائڻ لاءِ. نوڪريون صرف انهن ماڻهن کي ڏيڻيون آهن، جن جي لسٽ آءٌ توهان کي ڏيان“ وزير صاحب ڊي. اي. او کي تنبيهه ڪئي.

ميٽنگ کان پوءِ سچل کي سڏ ٿيو ته هن وزير صاحب کي ڀاڪر پائي ملڻ جي ڪوشش ڪئي پر وزير صاحب ڪرسيءَ تي ئي ويٺي هٿ ڏنو.

”ها بابا ٻڌايو، ڪيئن اچڻ ٿيو؟“ وزير صاحب رُکائيءَ مان پڇيو. وزير جي سرد مهري ڏسي سچل ٿورو هٻڪيو، پر همٿ ڪري چيائين، ”سائين پاڻ جيل ۾....“

”ها ها، اُهو مون کي ياد آ، پر مون پڇيو ته ڪيئن اچڻ ٿيو؟“ وزير سچل جي ڳالهه ڪٽيندي وري پڇيو.

سچل کي سندس لهجي تي حيرت به ٿي ۽ غصو به آيو، ”هي اُهو ساڳيو ماڻهو آهي جيڪو جيل ۾ اسان سان گڏ هو. سچل دل ۾ سوچيو.

”سائين جيل ۾ وڃڻ کان پهرين آءٌ يونيورسٽي يونٽ ۾ فيڊريشن جو جنرل سيڪريٽري هئس ۽ ايم. اي. ۾ پڙهندو هئس. جيل جي ڪري ايم. اي. ته اڌ ۾ رهجي ويئي پر مون وت بي. اي جي ڊگير آهي. بيروزگار آهيان، مهرباني ڪري ڪنهن نوڪريءَ سان لڳايو.“

”بابا نوڪريون آهن ڪٿي جو ڏيون. دعا ڪر ته ڪي جام نوڪريون اچن ته ويهي ورهايون.“ وزير بيزاري مان وراڻيو.

”سائين! ڪجهه نوڪريون آيون ته آهن، اخبار ۾ مون پڙهيو....“

”اهي نوڪريون اسان هر ايم. پي. اي کي ڪوٽا مطابق ڏيئي ڇڏيون آهن، جو مٿان جو حڪم ئي اهڙو هو. تون وڃي پنهنجي تڪ جي ايم. پي. اي کي منٿ ڪر، اُهوئي تنهنجي نالي جي سفارش ڪندو.“ وزير وري ڳالهه ڪٽندي چيو.

سچل خاموشيءَ سان اُٿي هليو آيو. کيس هن وزير وٽان نوڪري ملڻ جي ڪا اميد نه هئي. سچل گهر آيو ته سندس پيءُ ڏانهن اُميد ڀريل نظرن سان ڏٺو. سچل جو پيءُ هاڻي رٽائر ٿي چڪو هو ۽ گهر جو گذر سفر صرف سندس پينشن تي هو.

سچل ٻئي ڏينهن پنهنجي تڪ جي ايم. پي. اي وٽ ويو پر اُن به کيس سولو منهن ڪونه ڏنو. پوءِ هو واري واري سان هر وزير، ايم. پي. اي ۽ ايم. اين. اي وٽ ويو. پارٽي اڳواڻن وٽ ويو ته سائين مون کي ڪو روزگار ڏيو، ڪابه هلڪي ڦلڪي نوڪري ڏيو، پٽيوالي ئي ڏيو پر مون کي بيروزگاريءَ جي عذاب مان ڪڍو. هر طرف بهانا هئا. آسرا هئا، ڇڙٻون هيون، جيالي هجڻ جا مهڻا هئا ـــ پر ڪا نوڪري ڪانه هئي. هن لاءِ مائٽن سان اکيون ملائن به ڏکيو ٿي پيو هو. آفيسن ۾ اچڻ وڃڻ لاءِ به ڀاڙو کپي، پر اُهو به ڪٿان اچي؟ پينشن مان ته پيٽ به پورو نٿي ٿيو.

مايوس ٿي سچل بئنڪ مان قرض کڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن ڪو ڌنڌو ڌاڙي شروع ڪري سگهي، پر اُتان کيس جواب مليو. قرض کڻڻ لاءِ سچل وٽ نه ته ڪو ضمانتي هو ۽ نه رشوت ڏيڻ لاءِ ڪو ڏوڪڙ.

مايوسيءَ جو زهر سندس رڳن ۾ اڃا به وڌيڪ ڦلجڻ لڳو، جڏهن هن اخبار ۾ پڙهيو ته ڊي. ايس. پي ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر جون نوڪريون، بنا امتحان جي صرف وزيرن ۽ مشيرن جي اولاد کي مليون هيون. سندس تڪ جي منسٽر جا ته ٻه پٽ اسسٽنٽ ڪمشنر ٿيا هئا. همٿ ڪري ٻيهر سيڪريٽري جو رخ ڪيائين، جتي کيس ايجنٽ مليا.

”نوڪري کپي توهان کي؟“ هڪ ايجنٽ رازدارانه انداز سان سچل کان پڇيو. سچل جو هاڪار ۾ جواب ٻڌي پڇيائين، ”ڪهڙي نوڪري؟“

”جيڪا به ملي.“

”پرائمري ماستري 15 هزار، ڪلارڪي 25 هزار، اي. ايس.آءِ لک روپيا، ڪسٽم آفيسر پنج لک، ڊي. ايس. پي ڏهه لک...“

ايجنٽ جون اهي ڳالهيون ٻڌي سچل جو مٿو چڪرائڻ لڳو.

”هي آهي اُها جمهوريت، جنهن لاءِ اسان ڪؤڙا کاڌا، جيل ڪٽياسين، ذلتون برداشت ڪيوسين. اسان ته ماڻهن کي عزت ۽ آجپي جا خواب ڏيکاريا هئا، هتي ته اسان کي ئي عزت ڪانه ٿي ملي. جيالو لفظ، جيڪو ڪڏهن وڏو معتبر لقب هو، اُهو هاڻي گار بنجي ويو آهي.“ سچل تي جنون سوار ٿي ويو. عرصي کان رجندڙ غصو آتش فشان بنجي ويو ۽ هو سڌو هوم منسٽر جي ڪمري ۾ ڌوڪيندو ويو، جيڪو پارٽي جو اهم عهديدار پڻ رهي چڪو هو. هن کي روڪڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي ويئي ليڪن هن جي جسم ۾ بجلي ڀريل هئي. سڀني کي ڌڪا ڏيندو، وڃي منسٽر جي اڳيان بيٺو. هوم منسٽر وٽ ڪجهه دوست ويٺل هئا ۽ ٽيبل تي ڪافي لوازمات سجايل هئا. سچل کي زبردستي اندر ايندو ڏس، هو تپي لال ٿي ويو.

”هي ڇا بدتميزي آهي، ڪهڙو طريقو آهي اندر اچڻ جو هي؟“

”منسٽر صاحب، توهان جي آفيس جي ٻاهران نوڪريون سرِعام نيلام پيون ٿين، ليڪن توهان وٽ اسان ڪارڪنن لاءِ ڪا نوڪري ڪانهي. اهي منسٽريون توهان کي اسان جي قربانين سان مليون آهن. جيل اسان وياسين، ڪؤڙا اسان کاڌا آهن، هي ڏسو...“ سچل پنهنجي قميص مٿي ڪري پنهنجا پُٺا ڏيکارڻ لڳو، جيڪي ڪؤڙن جي نشانن سان چچريا پيا هئا.

”توهان جيالن جو وڏو مسئلو اِهو آهي ته توهان کي ڳالهائڻ جي تيمز ڪانهي. توهان قربانيون جمهوريت لاءِ ڏنيون هيون، ڪو مون تي ٿورو ڪونه ڪيو هو. هي منسٽري مون کي توهان جيالن جي ڪري نه پر منهنجي خانداني وفاداريءَ جي ڪري ملي آهي.“ مسٽر صاحب تپي ڳاڙهو ٿي چڪو هو. ”هاڻي ٽر هتان... گيٽ آئوٽ... نه ته ڏاڍو بڇڙو ٿيندين.“

سچل به آپي کان ٻاهر نڪري چڪو هو، ”آءٌ توهان کي خوب سمجهيو ويو آهيان، منسٽر صاحب! توهان اسان غريب ڪارڪنن جي رت جو سودو ڪرڻ وارا آهيو. اسان جي قربانين کي ڪئش ڪرائڻ وارا آهيو. توهان جا غير جمهوري رويا....“

”بڪواز بند ڪر، توهان جيالن جو دماغ ايڏو خراب ٿي ويو آهي.“ منسٽر رڙيون ڪرڻ لڳو ۽ پنهنجي عملي کي حڪم ڪيائين، جنهن سچل کي سوگهو کڻي ڪيو ۽ حد جي صوبيدار کي گهرائي سچل کي اُن جي حوالي ڪيو ويو.

ٿاڻي تي سچل کي پهرين ته خوب ”مزو“ چکايو ويو ۽ پوءِ مٿس ايف. آءِ. آر داخل ڪري کيس ڪورٽ ۾ چالان ڪيو ويو، جنهن ۾ ڏيکاريل هو ته سچل پستول کڻي، هوم منسٽر تي قاتلاڻو حملو ڪيو هو. هٿ ٺوڪين گواهن جي گواهي، سچل کي ٻيهر جيل پهچائي ڇڏيو.

سچل جي ماءُ اِهو صدمي سهي نه سگهي، ۽ خاموشي سان هن جهان مان لاڏاڻو ڪري ويئي. سچل جو سڄو جوش و خروش ختم ٿي چڪو هو. هو اندران ڀڄي ڀُري چڪو هو. مائٽن جي خوابن ۽ پنهنجن آدرشن جو اهڙو حشر! سندس قربانين ۽ جدوجهد جو هي انعام!

جيل ۾ هن پهرين به ڇهه سال گذاريا هئا، ليڪن اُهي پر اميد ڏينهن هئا. روشن مستقبل جي آسري ۾ گذري ويا. ليڪن هن دفعي ته سڀ اميدون دم ٽوڙي ويون.

اڳيان هڪ ڊگهي تاريڪ سرنگهه هئي، جنهن جي اختتام تي به ٻاٽ اونداهي هئي، سندس قوت ارادي ڪمزور ٿيڻ لڳي ۽ هو بيمار ٿي پيو. ٽي. بي جهرو موذي مرض کيس وڪوڙي ويو.

جڏهن جيل مان نڪتو ته ٽي. بي خطرناڪ حد تائين وڌي چڪي هئي. سندس پيءُ کيس گهر وٺي وڃڻ جي بجاءِ، ٽي. بي سينيٽوريم ۾ اچي داخل ڪرايو. ٽي. بي اهڙو مرض آهي جنهن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ سٺي غذا ۽ سٺيون دوائون کپن، جيڪي نه ته سرڪار وٽ هيون ۽ نه سچل جي پيءُ وٽ.

سچل جا ڦڦڙ پروڻ ٿي چڪا هئا. کنگهندو هو ته سندس وات رت سان ڀرجي ويندو هو. علاج جي نالي ۾ جيڪو ناٽڪ ٿيندو هو، تنهن سچل کي اڃا به گهڻو ڪمزور ڪري ڇڏيو. حالت سڌرڻ بجاءِ ڏينهون ڏينهن پوئتي ٿيندي ويئي.

اڄ سينيٽوريم ۾ سڀني مريضن کي صاف ڪپڙا پارايا ويا. وارڊ جي خصوصي صفائي ٿي ۽ مريضن کي دوائون به پوريون مليونڇو ته اڄ صحت جي وزير کي دورو ڪرڻو هو. سچل همٿ ڪري هڪ نرس کان پڇيو: ”سسٽر، اڄ ته چوڏهين آگسٽ به ڪونهي، پوءِ وزير صاحب دوري تي ڇو پيو اچي؟“

”اڄ سينيٽوريم جي ڊاڪٽرن ۽ اسٽاف ’جشنِ جمهوريت‘ ملهائڻ لاءِ فنڪشن جو بندوبست ڪيو آهي ۽ وزير صحت اُن ۾ خاص مهمان آهي، تنهنڪري هو وارڊن جو چڪر به لڳائيندو ۽ مريضن ۾ فروٽ به ورهائيندو.

”جشنِ جمهوريت!“ سچل حيرت مان چيو ۽ سالن کان پوءِ کلڻ جي ڪوشش ڪئي پر کلڻ جي بجاءِ کيس کنگهه اچي ويئي. کنگهه ايڏي ته زوردار هئي جو سچل جا ڦڦڙ چيرجي پيا ۽ هن رت جي زوردار الٽي ڪئي، جنهن سندس بيڊ جي سفيد چار کي ڳاڙهو ڪري ڇڏيو.

ٻاهر دهلن ۽ شرناين سان وزير جي آجيان ٿي رهي هئي. فوٽوگرافرن جو هڪ ٽولو وارڊ ۾ داخل ٿيو جنهن پنهنجا ڪئميرا سيٽ ڪيا ۽ پوءِ وزير صاحب وارڊ ۾ داخل ٿيو. کيس ڳاڙهن گلابن جا هار پاتل هئا. هو هر مريض کي فروٽ جي ٿيلهي ڏيئي چئي رهيو هو.

”چئو جمهوريت زنده باد.“

”جمهوريت زنده باد“ مريض چئي رهيا هئا ۽ فوٽو به نڪري رهيا هئا.

وزير صاحب جڏهن سچل جي ويجهو پهتو ته اُن جي چئني طرف رت جي الٽي ڏسي، کيس ڪراهت جو احساس ٿيڻ لڳو. فروٽ جي ٿيلهي سچل جي پيرن وٽ رکي هو لنوائي اڳتي وڌڻ لڳو ته سچل همٿ ڪري ٿورو اُٿيو ۽ ڪجهه چوڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو ته کنگهه جو دورو پيس.

”جه.....م......هو.....ر.....يت......“

سندس وات رت سان ڀرجي ويو ۽ هو ساڻو ٿي ڪِري پيو.

ايوب عُمراڻي

اندر جي اوندهه

ٽيڪسيءَ ۾ ويهڻ لاءِ پهريون پير رکندي مهتاب مون ڏانهن ڏٺو. چهري تي اُداسي ۽ وياڪلتا نمايا هئس. نيڻن ۾ پاڻي ڀرجي آيو هئس. مان اسپتال جي گيٽ تي بي حس و حرڪت بيٺو رهيس. ڊرائيور ٽيڪسي اسٽارٽ ڪئي ته اڳينءَ سيٽ تي ويٺل عبدالڪريم هٿ لوڏي موڪلايو. ڏٺم ته مهتاب رئي جي پلئه سان اکيون اُگهي رهي آهي. جڏهن ٽيڪسي هلي ته مهتاب شيشي مان مون ڏانهن ڏسندي رهي. ٽيڪسي تيزيءَ سان اڳتي وڌي ويئي ۽ چند لمحن ۾ ٽريفڪ جي درياهه ۾ ٻُڏي گم ٿي ويئي!

”مهتاب!“... ڪيڏو نه عجيب ۽ پيارو نالو آهي! هڪ سال اڳ اِهو نالو منهنجي لاءِ بلڪل اوپرو ۽ اجنبي هو. مان اِن نالي سان مانوس تڏهن ٿيس، جڏهن هوءَ پهريون ڀيرو منهنجي وارڊ ۾ داخل ٿي هئي. منهنجو رويو ساڻس بلڪل عام مريضن جيان هو. مون هن تي بلڪل اوتروئي توجهه ڏنو، جيترو عام طور تي هڪ ڊاڪٽر کي ڪنهن مريض تي ڏيڻ گهرجي. اُن وقت سندس پورهي ماءُ کيس داخل ڪرائيندي ايتروئي ٻڌايو هو ته ”مهتاب هڪ حساس ڇوڪري آهي. اڪثر شاعريءَ جا ڪتاب پڙهندي آهي ۽ پوءِ سوچن ۾ گم ٿي ويندي آهي. عجيب حالت ٿي ويندي اٿس، زور زور سان ٽهڪ ڏيندي وري سُڏڪي پوندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن پاڻ به شاعري ڪندي آهي.“ مون مهتاب جو اِهو علاج ڪيو ته ساڻس ڪچهري ڪندي کيس پنهنجا ڪچا ڦڪا شعر ٻڌائيندو رهيس ۽ پوءِ کيس ٻڌايم ته ”هي شاعر ماڻهو عام ماڻهن کي ڏکن ۾ مبتلا ڪرڻ لاءِ اڪثر غير سائنسي ڳالهيون ڪندا آهن. اڄڪلهه جي جديد سائنسي دؤر کي شعرن جي ڪابه ضرورت ناهي.“ شاعرن تي منهنجي تنقيد کيس صفا نه وڻندي هئي، پوءِ مون اٽڪل ڪري هڪ ٻن شاعرن کي منٿ ڪري مهتاب سان ملاقات ڪرائي. کين اڳ ئي اِهو سمجهائي ڇڏيم ته هو اِن ڳالهه جو اقرار ڪن ته سندن شاعريءَ جو حقيقت سان ڪوبه واسطو ناهي. هُو نه محبوب لاءِ آسمان جا تارا ٽوڙي سگهن ٿا، نه ئي سوا نيزي جي سج تي بيهي محبوب جي جدائيءَ جو غم برداشت ڪري سگهن ٿا. هنن ته صرف ٽائيم پاس ڪرڻ لاءِ شاعري ذريعي اهڙيون غير سائنسي ۽ تصوراتي ڳالهيون ڦهلايون آهن!

شاعرن سان ملاقات کان پوءِ مهتاب جي طبيعت ۾ حيرت انگيز تبديلي اچي ويئي، آهستي آهستي هو نارمل ٿيڻ لڳي. ايتريقدر جو هفتي ڏيڍ ۾ کيس گهر وڃڻ جي اجازت ملي ويئي. پر ٻئي دفعي جڏهن هوءَ Psyco case بنجي انتهائي خطرناڪ حالت ۾ داخل ٿي ته مان حيران ٿي ويس. مون کي محسوس ٿيو ته شاعريءَ کان سواءِ ٻي به ڪا ڳالهه آهي، جنهن هن خوابن جي پريءَ جهڙي ڇوڪريءَ کي ذري گهٽ پاڳلپڻي جي آخري اسٽيج تي پهچائي ڇڏيو آهي. مون کي اِن ڳالهه جو شديد احساس ٿيو ته اڳئين ڀيري منهنجي علاج ۾ ضرور ڪا ڪمي رهجي ويئي آهي. مون سندس شاعريءَ سان دلچسپيءَ جي بنيادي ڪارڻ کي معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي هئي. اصل حقيقت ته ڪا ٻي هئي، جنهنڪري هن شاعريءَ پڙهي فرار حاصل ڪرڻ پئي چاهيو. هاڻي جڏهن اُهو مسئلو حل ئي نه ٿيو آهي ته هوءَ ٻيهر نفسياتي مريضه بنجي ويئي آهي. هن ڀيري مهتاب سان گڏ سندس ننڍي ڀيڻ آئي هئي. مهتاب جي حالت ايتري ته خراب هئي جو في الحال ته فوراً کيس ننڊ جي انجيڪشن ڏيئ ڇڏيم. مون سندس ننڍي ڀيڻ کان سوال ڪيو:

”مهتاب هاڻي شاعري پڙهندي آهي؟“

”جڏهن کان هِتان علاج ٿيو هوس، شاعريءَ پڙهڻ ڇڏي ڏني هئائين.“

”ڏسو! ڊاڪٽر کان ڪابه ڳالهه لڪائبي ناهي. جيڪڏهن ڪا ڳالهه لڪائبي ته علاج صحيح طرح نه ٿي سگهندو. اڳئين ڀيري به شايد توهان مهتاب بابت مون کي مڪمل طرح نه ٻڌايو هو ۽ اِن ڪري سندس علاج ۾ ڪا ڪمي رهجي ويئي، جنهن ڪري ٻيهر هن تي ساڳي بيماريءَ جو حملو ٿيو آهي.“

مهتاب جي ننڍي ڀيڻ تعليم يافته هئي. منهنجي ڳالهه سمجهي ويئي. چيائين: ”ڊاڪٽر صاحب! مهتاب جي بيماريءَ جو اصل ڪارڻ حافظ عبدالڪريم آهي.“

”حافظ عبدالڪريم؟“ مون حيرت مان پڇيو.

”ها، حافظ عبدالڪريم، جو مهتاب جو مڙس آهي. هُو اکين کان معذور آهي. مهتاب ننڍي هوندي کان ئي سندس نالي ٿيل هئي. اسان ڳوٺان ڪراچي شفٽ ٿي آياسين ته بابا حافظ کي ساڻ وٺي آيو، هتي ئي شادي ٿي.“

Oh! What a great tragedy“ مون چيو، ”ڀلا مهتاب اُن شاديءَ خلاف ڪا مزاحمت نه ڪئي؟“

”مهتاب اُن وقت ٻهراڙيءَ مان شفٽ ٿيل ڇوڪري هئي ۽ سندس عمر به چوڏهن کن سال مس هئي.“

”توهان اِها ڳالهه پهريائين مون کان ڇو لڪائي؟ هي ته انتهائي سيريس ڪيس آهي، جنهن کي مان هڪ آرڊنري ڪيس سمجهي هينڊل ڪندو پئي رهيس.“

هن رڳو ايترو چيو: ”آءِ ايم ساري ڊاڪٽر! اسان عورتن جون ڪجهه مجبوريون اهڙيون ٿين ٿيون، جو اسان گهڻو چاهيندي به حقيقتن کي ذروبه سامهون آڻي نه سگهندا آهيون.“

شام جو جڏهن مهتاب کي هوش آيو ته مون ڪنهن به ماڻهوءَ کي هن جي ويجهو وڃڻ نه ڏنو. سچ پچ مون کي سانس وڏي همدردي ٿي پيئي هئي. ڪٿي هڪ نوجوان خوبصورت ڇوڪري ۽ ڪٿي هڪ انڌو مڙس! مون پنهنجي پرئڪٽس دوران ڪجهه اهڙين ڇوڪرين کي ضرور ڏٺو هو جن بدنصيبن کي پاڻ کان وڏيءَ عمر جي مردن سان زبردستي شادي ڪرائي ويئي هئي يا حق بخشرائي گهر ۾ ويهاريون ويون هيون. پر هيءُ پهريون ڀيرو هو جو ڪراچيءَ جهڙي شهر ۾ ڪنهن پڙهيل لکيل نوجوان ۽ خوبصورت ڇوڪريءَ کي هڪ نابين جي حوالي ڪري سندس وجود ۾ اونده ڀري ويئي هئي! ڪراچي، جتي جون ڇوڪريون هميشه فلمي هيرو جهڙن نفيس ڇوڪرن جا خواب ڏسنديون آهن، جتي محبت پهرين ۽ شادي پوءِ ٿيندي آهي، اُن ئي شهر ۾ هڪ ڇوڪريءَ کي آگ جي اوڙاهه ۾ اُڇلايو ويو هو!

هوش ۾ اچڻ وقت هوءَ ڪافي ٿڪل هئي. مان سندس لاءِ چانهه کڻي ويس. هوءَ مون کي ڏسڻ سان سڃاڻي ويئي، ڇو ته اُن وقت نارمل حالت ۾ هئي. حيرت مان چيائين: ”ڊاڪٽر صاحب! هي ڇا توهان پاڻ پيا تڪليف ڪريو؟“

”مهتاب، اِن ۾ تڪليف جي ڪهڙي ڳالهه آهي. چانهه تيار هئي، سوچيم متان توهان به پيئو، اِن ڪري کڻي آيس.“

هن چانهه جو ڪوپ مون کان ورتو. چانهه پي ڪوپ اسٽول تي رکي ڇڏيائين. چيائين: ”ڊاڪٽر صاحب! مون شاعري پڙهڻ ڇڏي ڏني آهي، پر پوءِ به منهنجي من ۾ اونده انڌوڪار آهي!“

چيومانس: ”رليڪس مهتاب! تون ته تمام همت واري ڇوڪري آهين! اِهو رڳو توسان ناهي، پر اڄڪلهه جي دور ۾ هر انسان جي من ۾ اونده ڀريل آهي. هر انسان ڪامپليڪس جو شڪار آهي. مان سائڪالاجسٽ آهيان، پر ڪڏهن ڪڏهن مان به اهڙن ذهني مونجهارن ۾ ڦاسي ويندو آهيان جو ذري گهٽ نفسياتي مريض بنجي ويندو آهيان. خاص طور تي محبت جي معاملي ۾ ته مان صفا بدنصيب رهيو آهيان. ان معاملي ۾ منهنجي اندر ۾ اُڻٽيهين اونداهي آهي، ڪا جگنو جيتري روشني به نه آهي!“

محبت جو نالو ٻڌڻ تي هوءَ ڇڪري پيئي. چيائين: ”ڇا توکي محبت ۾ ڪو دوکو مليو آهي؟“

”دوکو نه پر دوکا مليا آهن.“

”ڪنهن کان؟“

”مهربانن جي هڪ ڊگهي لسٽ آهي. مون کي ڪٿان به سچو پيار نه مليو آهي، مهتاب! مان ندنصيب آهيان!“

منهنجي ڳالهه ٻڌي پهرايئين ته مون کي حيرت وچان ڏسندي رهي، پوءِ چيائين: ”تو ڀلا ڪنهن ڇوڪريءَ سان محبت ڪئي؟“

”ها ڪئي هيم!“ چيومانس.

”پوءِ؟“ هن تجسس وچان چيو.

”اُن ڇوڪريءَ مون سان شادي ڪئي، پر هينئر اُها ڇوڪري انڌي آهي!“

”انڌي آهي؟“ هن ذري گهٽ رڙ ڪندي چيو.

”ها مهتاب! هوءَ عقل جي انڌي آهي! مون گذريل پنجن سالن کان وٺي ساڻس هر طرح سان نباهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ساڻس محبت ڪئي آهي، پر هن مون تي رڳو شڪ ڪيا، پهرا ڏنا، منهنجي خلاف اُفواهه هلائي مون کي بدنام ڪيو. هن منهنجي زندگي زهر بنائي ڇڏي آهي. مان ته ڪڏهن ڪڏهن نفسياتي مريض بڻجي خودڪشي ڪرڻ لاءِ به تيار ٿي ويندو آهيان!“

هن ٿڌو ساهه کڻندي چيو: ”اوهه ڊاڪٽر! توسان ته بلڪل مون جهڙي حالت آهي! تنهنجي زال عقل جي انڌي آهي ۽ منهنجو مڙس اکين کان انڌو آهي! هُو به مون تي سڄو ڏينهن شڪ ڪندو رهندو آهي. مون کي ته ڏٺي ئي نه وڻندو آهي!“

”مهتاب! پاڻ کي هاڻي اُنهن ٻنهي انڌن مان جان ڇڏائڻي پوندي. تون نوجوان آهين. خوبصورت آهين، مان توکي ڪنهن انڌي جي زال ٿيڻ نه ڏيندس. جيڪڏهن تون بُرو نه سمجهين ته مون کي پنهنجي اونداهي دنيا ۾ روشنيءَ جو ترورو سمجهي سگهين ٿي. سچ پچ ته منهنجي دل تنهنجي چاهت ۾ تڏهن کان ڌڙڪڻ شروع ڪري ڏنو هو، جڏهن تون هِت پهريون ڀيرو آئي هئينءَ. پر ڇا ڪجي. ڊاڪٽر ۽ مريض جو رشتوئي اهڙو آهي جو ماڻهوءَ کي هڪ حد ۾ رهڻو ٿو پوي.“

منهنجيءَ ڳالهه تي اکين ۾ ڳوڙها تري آيس. منهنجي هٿ کي پنهنجي نازڪ هٿ ۾ وٺندي چيائين: ”ڊاڪٽر! تون مون سان ڪوڙ ته نٿو ڳالهائين. ڇا تون مون سان سچ پچ محبت ڪرين ٿو؟“

چيومانس: ”مهتاب! مان توسان محبت کي عبادت ٿو سمجهان. پاڻ ٻنهي کي محبت ڪرڻ جو حق حاصل آهي. پاڻ ڪيترو وقت انڌن جي رحم و ڪرم تي رهنداسين!“

منهنجي ڳالهه ٻڌي چهري تي نکار اچي ويس. چيائين: ”ڊاڪٽر! مان اڄ ايتري خوش آهيان، جو پاڻ کي ڪڪرن، سمنڊن ۽ پهاڙن مٿان اُڏامندي پيئي محسوس ڪريان. دل چاهي ٿي ته پاڻ اڪيلا اڪيلا دور ڪنهن ڳوٺ ڏانهن نڪري هلون، جتي هڪ سادي جهوپڙي هجي، اُن ۾ رهون. چوڌاري چُهچ سايون ٻنيون هجن، تون ٻنيءَ ۾ ڪم ڪرين ۽ مان تولاءِ ماني کڻي اچان. تون مون سان دير سان ماني کڻي اچڻ تي رُسين ۽ مان توکي پرچايان!“

”واهه! ڇا ته شاعرانه ۽ رومانٽڪ منظر نگاري آهي! جيڪڏهن تنهنجي اها خواهش آهي ته پوءِ پنهنجيءَ ڀيڻ کي ڪنهن بهاني سان گهر موڪل ته سڀاڻي آچر تي توکي ٻهراڙي گهمائي اچان!“

چيائين: ”مان اديءَ کي گهر موڪلي ڪپڙا گهرائي ٿي وٺان، سڀاڻي ضرور آئوٽنگ تي هلنداسين.“

ٻئي ڏينهن مون کيس پنهنجي ڪار تي کينو. هن مڪمل تياري ڪئي هئي. ٽِڪن تي ڀريل ڪاٽن جو ڳاڙهو وڳو سندس سونهن کي چار چنڊ لڳائي رهيو هو. ڏهين وڳي اسان ڄامشوري پُل جي المنظر ريسٽورينٽ تي پهتاسين. اُتي پلو کائي اڳتي وڌياسين ۽ ٽنڊي ڄام کان پري هڪ ڪچي لِنڪ روڊ تي مُڙي انبن جي هڪ باغ وٽ اچي بيٺاسين. انبن جي موسم هئي ۽ باغ ۾ انب پڪل ۽ اڌ پڪل حالت ۾ وڻن تي لٽڪي رهيا هئا. مون گاڏيءَ جو هارون وڄايو. باغ ۾ ٺهيل جهوپڙيءَ مان هڪ اڌڙوٽ عمر جو شخص پَن جي ٻيڙي ڇڪيندي ٻاهر نڪتو. جڏهن اسان جي ويجهو آيو، تڏهن مون تي نظر پوندي ئي ذري گهٽ رڙ ڪندي چيائين: ”اڙي انب آهين ڇا!“

مان مُرڪندو رهيس. هن ڊوڙي اچي مون کي ڀاڪر وڌو. ڊگهي خوش خير عافيت کان پوءِ جڏهن سندس نظر مهتاب تي پيئي ته کيس حيرت مان تڪڻ لڳو. چيومانس: ”چاچا خميسا! هيءَ مهتاب آهي!“ ۽ مهتاب جو توجهه چاچي خيمسي ڏانهن ڇڪائيندي چيم: ”۽ هي چاچو خميسو آهي، هن انب جي باغ جو مالڪ، هاري ۽ رکوالو کيس انبن سان ايتري محبت آهي جو هو مون کي به ننڍي هوندي کان وٺي انب سڏيندو آهي!“ اِن ڳالهه تي مهتاب کان ٽهڪ نڪري ويو.

چاچي خميسي چيو: ”ڀلا غريب خاني تي هلندا يا هِتان ئي واپس ٿيندا؟“ مون چاچي خميسي کي ٿورڙو پري وٺي وڃي ڳالهه سمجهائي ۽ پوءِ مهتاب ڏانهن آيس. چيومانس: ”مهتاب! ڇا خيال آهي، انبن جي باغ واري رومانٽڪ ماحول ۾ رهڻ پسند ڪنديون يا چاچي خميسي جي گهر هلنديون؟“

چيائين: ”ههڙو ماحول ته مون صرف خوابن ۾ ئي ڏٺو آهي!“

چاچي خميسي چيو: ”ٺيڪ آ، توهان ڀلي هِتي ئي رهو، مان توهان لاءِ ماني ٺهرائي ٿو اچان.“

چيومانس: ”اڄ اسان نه ماني کائينداسين نه ئي ننڊ ڪنداسين، پر تنهنجي باغ جا انب کائينداسين!“

کِلندي چيائين: ”پنهنجو باغ اَٿو ڍءُ ڪري کائو.“

چاچو خميسو منهنجي منع جي باوجود ڳوٺ هليو ويو. مون مهتاب جي هٿ مان وٺي کيس واٽر ڪورس ڪراس ڪرايو ۽ سڌو باغ ۾ هليا آياسين. باغ ۾ گهڙڻ شرط مون کي ننڍپڻ ياد اچي ويو. مان سڀ کان وڏي ۽ گهاٽي انب جي وڻ تي چڙهي ويس. جڏهن هيٺ نظر ڪيم ته مهتاب غائب هئي! مون مهتاب کي زور سان سڏ ڪيو، پر سندس جواب ڀرسان وري ٽار تان مليو. هوءَ به منهنجي پٺيان انب جي وڻ تي چڙهي آئي هئي. مان کيس اُتي ڏسي ڏاڍو حيران ٿيس. هن هڪ پڪل انب کي ڇهندي چيو: ”ڊاڪٽر! مان اڪثر سوچيندي آهيان ته عورت به مرد لاءِ هڪ انب جيان ئي هوندي آهي. مرد سندس رت ست، سونهن ۽ سوڀيا ايستائين چوسيندو رهندو آهي، جيستائين سندس جسم ۾ جوڀن جو رس موجود هوندو آهي؛ پر جڏهن اُهو جوڀن جو رس ختم ٿي ويندو آهي ۽ عورت بلڪل چوپيل ڪوڪلي جهڙي ٿي پوندي آهي، تڏهن کيس ڦِٽو ڪيو ويندو آهي.

چيومانس: ”مهتاب! هروڀرو ائين به ناهي. ڪي مرد اهڙا به آهن جيڪي عورتن جي ظلم جو نشانو بنجن ٿا، اُن جو جيئرو جاڳندو مثال مان تنهنجي سامهون آهيان!“

هو مون کي ڏسي خاموش ٿي ويئي.

مون ٻيهر ڳالهايو. چيومانس: ”مهتاب! مون کي خبر آهي ته تو شاعري پڙهڻ بند ڪري ڇڏي آهي، پر اڄ تون صرف مون لاءِ ڪو شعر نه ٻڌائيندينءَ؟“

چيائين: ”مان توکي پنهنجو نثري نظم ٻڌايان.“

چيومانس: ”بلڪل ٻڌندس.“

هن نثري نظم ٻڌائڻ شروع ڪيو:

”اسان جي رحم جوڳي جيون تي،

کِلن ٿا ڪئين وڏا ماڻهو،

۽ تفريح هڪ نئين وياسين بنجي،

اُنهن لئه

ٽهڪ، چٿرون ۽ چيڙ جا نالا

لکي ڇڏيائون مقدر ۾.

جڏهن به ڪنهن گهٽيءَ مان،

گذر ٿو ٿئي،

ته تاڙيون، ٽهڪ ۽ هوڪرا ٿا مچن،

اسان جو اندوهناڪ جيون،

ڄڻ ڪو عجوبو آ،

جنهن تي مذاقون مچائي،

ماڻهن تفريح آ حاصل ڪئي!

۽ هر ماڻهو بيرحم جلاد آهي،

ڪوئي ناهي جو،

اسان جي دل جو آواز ٻُڌي.....“

هن نثري نظم ختم ڪيو ته سندس اکين ۾ ڳوڙها هئا. چيائين: ”خبر اٿئي، هي نثري نظم مون ڪهڙيءَ ڪيفيت ۾ لکيو آهي؟ هڪ پاسي منهنجو انڌو مڙس مون تي شڪي آهي ته ٻئي پاسي اوڙي پاڙي جا ڪئين نوجوان مون کي ’انڌي جي زال‘ سمجهي ايترو ته بي غيرت، نيچ ۽ ڪميڻو سمجهن ٿا جو مان ڄڻ سندن هڪ اشاري سان پڪل انب جيان سندن جهوليءَ ۾ ڪِري پونديس! اُن آزار جي ڪري مان هفتن جا هفتا گهران نڪري نه سگهندي آهيان. مون کي ڏاڍا گندا ۽ غليظ جملا ٻڌڻا پوندا آهن.“

 مهتاب جي ڳالهه ٻڌي مون کي ساڻس ويتر همدردي پيدا ٿي پيئي. چيومانس: ”مهتاب! توکي جس آهي، تو تمام گهڻو ڀوڳيو آهي. تون درد جي ٻٽي عذاب مان گذري رهي آهين، پر تڏهن به ٻاڦ ٻاهر نه ڪڍي اٿئي. ڇا تنهنجي مائٽن کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿيو آهي؟“

چيائين: ”هاڻي اِن ڳالهه جي ضرورت ئي ڪهڙي آهي. ڪنهن جي غلطي محسوس ڪرڻ سان منهنجي زهر ڀريي جيون ۾ ڪو امرت ته نه ڀربو!“

چيومانس: ”مهتاب! تون اڄ کان خوش گذار! زندگيءَ کي اِنجواءِ ڪر. تون هن زمين تي دک ڪٽڻ لاءِ پيدا نه ٿي آهين. سُکن ۽ خوشين تي به تنهنجو حق آهي.“

منهنجي آٿت تي اکين ۾ ڳوڙها تري آيس، پر چهري تي زوريءَ مُرڪ آڻيندي چيائين: ”ٿئنڪ يو، سو مچ ڊاڪٽر!“

مون سندس ئي رئي سان ڳوڙها اُگهيس ته سندس اکين ۾ زندگيءَ جو جوت جلڻ لڳي.

اسان سڄو ڏينهن باغ ۾ گذاريو. مان لطيفا ۽ ٽوٽڪا ٻڌائي کيس کِلائيندو رهيس. اسان شام جو سج لهڻ مهل ڳوٺ جي خوبصورت منظرن کي پنهنجي اکين ۾ ڀريندا ڏهين وڳي ڪراچي پهچي وياسين. هڪ ڏينهن جي اِن خوبصورت سفر جي ڪري اِها سڄي رات مهتاب ڀرپور ننڊ ڪئي ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو دير تائين هوءَ ننڊ مان نه اُٿي. هوءَ اڃا ننڊ ۾ ئي هئي ته صبح جو سوير سندس ماءُ هڪ انڌي شخص کي ساڻ ڪري اچي ڪڙڪي. مون کي پڪ ٿي ويئي ته اِهو انڌو شخص مهتاب جو مڙس حافظ عبدالڪريم آهي. مهتاب جي ماءُ جي اِن حرڪت تي مون کي سخت ڪاوڙ آئي. مون کيس هڪ طرف وٺي وڃي چيو: ”توهان هن حافظ کي ساڻ وٺي آيون آهيو! جنهن شخص جي ڪري مهتاب هيتري تڪليف ۾ مبتلا ٿي آهي، توهان اُن کي هتي آڻي مهتاب کان خودڪشي ڪرائيندا ڇا؟“

هن پنهنجي غلطي مڃڻ کان انڪار ڪندي چيو: ”هُو سندس مڙس آهي. اڄ ضد ڪيائين ته مهتاب ڏي وٺي هلو، سو مان به انڪار نه ڪري سگهيس!“

مون کي هن تي افسوس ٿيو. چيومانس: ”مهتاب اڃا ستل آهي، اُٿندي ته ملجانس، ۽ کيس اِهو نه ٻڌائجان ته سندس مڙس به آيو آهي. مان کيس ٻئي ڪمري ۾ وٺي ٿو هلان.“

مهتاب اُٿي ته ماءُ ملڻ هلي ويس. گهران آندل ناشتو به ڏنائينس پر هوءَ مون لاءِ ضد ڪري ويٺي ته ڊاڪٽر کان سواءِ ناشتو نه ڪنديس. مان حافظ عبدالڪريم کي ٻئي ڪمري ۾ وٺي ويس. کيس اُتي ويهاري پوءِ مهتاب ڏانهن آيس. ساڻس ناشتو ڪيم. ناشتو ڪري چيومانس ته ”مان هاڻي ٻيا مريض ڏسڻ ٿو وڃان، تون تيستائين پنهنجي ماءُ سان ويهي ڪچهري ڪر.“ هوءَ هاڪار ۾ مُرڪي پيئي.

حافظ عبدالڪريم ٽيهن کن سالن جو هڪ خوبصورت نوجوان هو. هڪ پاسي مهتاب جي حوالي سان منهنجي من ۾ هڪ لاءِ ڌڪار ۽ نفرت هئي پر ٻئي پاسي معذور هئڻ جي ناتي هو قابل رحم به هو. مون اڻ ڄاڻ ٿي کانئس سوال ڪيو: ”تون هتي ڇو آيو آهين؟“

مُرڪندي چيائين: ”پنهنجي زال سان ملڻ!“

چيومانس: ”تنهنجي زال کي ڇا ٿيو آهي؟“

چيائين: ”پاڳلپڻي جو دؤرو پيو اٿس!“

چيومانس: ”تنهنجي زال جي پاڳلپڻي جو بنيادي ڪارڻ ڇا آهي؟“

چياين: ”پهرين اِهو ٻڌاءِ ته تون ڪير آهين ۽ مون کان اِهي سوال ڇو ٿو ڪرين!“

چيومانس: ”مان هن اسپتال جو ڊاڪٽر آهيان. تنهنجي زال جو علاج مان پيو ڪريان!“

منهنجي ڳالهه تي منهن تي مُرڪ اچي ويس. چيائين: ”ڊاڪٽر صاحب! پوءِ توکي خبر هوندي ته مهتاب کي پاڳلپڻي جا دؤرا ڇو ٿا پون؟“

چيومانس: ”مون کي ڇڏ، تون ئي پنهنجي زال بابت صحيح ٻُڌائي سگهين ٿو.“

تڏهن چيائين: ”ڊاڪٽر صاحب! مهتاب جي بيماريءَ جو اصل ڪارڻ مان آهيان! ڪٿي هڪ خوبصورت نوجوان ۽ پڙهيل لکيل ڇوڪري ۽ ڪٿي هڪ انڌو شخص!... ڊاڪٽر صاحب، اڄ مان پنهنجي انڌي انا جي بُتن کي ڀڃي مهتاب کي ٻُڌائڻ آيو آهيان ته مان کيس آزاد ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. کيس پنهنجي مرضيءَ سان زندگي گذارڻ جو پورو پورو حق آهي. منهنجي ته دنيا اونداهي آهي، پر مان مهتاب جي دنيا اونداهي ٿيڻ نه ڏيندس.“

چيومانس: ”اِها سوچ توکي مهتاب سان شاديءَ کان اڳ ۾ اچي ها ته بهتر هو.“

چيائين: ”توهان جي ڳالهه صحيح آهي. مون کي مهتاب سان بي پناهه محبت هئي مان جڏهن حادثي ۾ پنهنجيون اکيون وڃايون ته ڊاڪٽرن مون کي اهوئي چيو ته سال کن ۾ منهنجون اکيون ٻيهر روشن ٿي وينديون نه ته آپريشن کان پوءِ ته ضرور ٺيڪ ٿينديون. مون مهتاب سان اِن آسري ۾ شادي ڪئي. پر جڏهن منهنجون اکيون ٺيڪ نه ٿيون ته مان آپريشن لاءِ ويس. افسوس جو مون کي ڊاڪٽر جي في جا پئسا ٻڌي واپس ورڻو پيو ۽ انڌي جو انڌو رهجي ويس!“

”ڇا، ته اِها ڳالهه آهي!“ مون کي عبدالڪريم سان همدردي ٿيڻ لڳي.

هن ٿورو ترسي سوال ڪيو: ”سائين! مان مهتاب سان ملي سگهان ٿو؟“

چيومانس: ”في الحال نه!“

هو چُپ ٿي ويو.

مان عبدالڪريم جي حالت تي سوچڻ لڳس ۽ پوءِ ٻئي لمحي مون کي ڊاڪٽر عطا ياد آيو. سوچيم ته عطا جي انسان دوستي هينئر ڪم نه ايندي ته ڪڏهن ايندي. مون ٻئي ڪمري ۾ وڃي ڊاڪٽر عطا کي فون ڪئي. کيس ٻڌايم ته هڪ انتهائي غريب مريض موڪليان ٿو، اُن جي اکين جو مفت آپريشن ڪرڻو پوندئي. هن به ها ڪئي ۽ چيائين ته مريض اُن ئي وقت کيس ڏياري موڪليان. مان سڌو عبدلڪريم وٽ آيس. چيومانس: ”اچو، توهان جي آپريشن جو بندوبست ٿي ويو آهي!“

هو حيران ٿي ويو. چيائين: ”اِهو بندوبست ڪنهن ڪيو؟“

چيومانس: ”اِهو سوال هينئر نه ڪر! ٺيڪ ٿي ويندين ته پوءِ ٻڌائيندوسانءِ. هينئر گاڏي تيار بيٺي آهي، جيڪا توکي اکين جي اسپتال کڻي هلندي.“ حيرانيءَ مان سندس چپ ٿڙڪڻ لڳا. هو اُٿي بيٺو. مان کيس ٻانهن کان وٺي گاڏيءَ ۾ ويهاريو.

مان اُتان ٿي سڌو مهتاب ڏي آيس. مهتاب ماڻس سان ڪچهريءَ ۾ مصروف هئي. منهنجي اچڻ تي خاموش ٿي ويئي. مهتاب چيو: ”توهان ڪهڙي قسم جا ڊاڪٽر آهيو، جل علاج جا پئسا ته وٺو ٿا پر هيستائين رڳو ننڊ ڏيارڻ جي انجيڪشن ڏني اٿو.“

مهتاب جي جملي ۾ شرات هئي. چيومانس: ”اسان دوا جا پئسا نه پر مريض کي ٺيڪ ڪرڻ جا پئسا وٺندا آهيون. اڄ تون بلڪل ٺيڪ ٿي ويئي آهين ۽ بل ادا ڪري گهر وڃي سگهين ٿي!“

منهنجي جواب تي وڏو ٽهڪ ڏنائين. چيائين ”هاڻي پنهنجي گهر وڃڻ بدران تنهنجي گهر هلنديس!“

”ڇو؟“ مون حيرت مان چيو.

چيائين: ”مان تنهنجي زال ڏسڻ ٿي چاهيان، جيڪا تو تي شڪ ڪري پاڻ ته پاڳل ٿي پيئي آهي پر توکي به ذري گهٽ نفسياتي مريض بنائي ڇڏيو اٿس!“

مهتاب جي ماءُ حيرت مان ڏانهن ڏٺو. پوءِ مهتاب کي روڪيندي چيائين: ”مهتاب! پنهنجي حد ۾ رهه! ڊاڪٽر صاحب سان اِئين نه ڳالهائبو آهي.“ مون مهتاب جي ماءُ جي ذري به پرواهه نه ڪندي چيو: ”مهتاب! تون منهنجي گهر هلندينءَ ته منهنجي ڊراڪولا جهڙي زال توتي به شڪ ڪندي، بلڪه ٻنهي کي سڳ سوڌو پڪڙڻ جو اعلان ڪندي. ٻنهي کي ويلڻ سان مار ڏيندي. هجئي منظور ته ڀلي هل!“

منهنجي ڳالهه تي کِلي کِلي کيري ٿي پيئي. چيائين: ”هاءِ ڙي قسمت! ڪٿي نفسياتي بيمارين جو ماهر ڊاڪٽر ۽ ڪٿي زال هٿان ويلڻ سان مار!“ هوءَ وري به ٽهڪ ڏيڻ لڳي. چيومانس: ”مون پنهنجي زال تي نثري نظم لکيو آهي، ٻڌندينءَ؟“

چيائين: ”بلڪل، ڇو نه”“

مون چيو:

”دنيا جو سمورو نفسيات جا ماهرو!

توهان جو علم ۽ عقل،

منهنجي ڪم جو ناهي!

ڇو ته؛

توهان پنهنجي ڪتابن ۾

جهيڙاڪ ۽ شڪي زال جو

دماغ درست ڪرڻ لاءِ

ڪوبه فارمولا نه ٻڌايو آهي!“

منهنجو نثري نظم (جيڪو مون اُتي جو اُتي ٺاهي ورتو هو) ٻڌندي ايترا ٽهڪ ڏنائين جو اکين مان پاڻي ڇُلڪي پيس.

شام جو مان پنهنجي ڊيوٽي ختم ڪري مهتاب جي ماءُ کان موڪل وٺي کيس سمنڊ جي ڪناري تي وٺي ويس. پاڻيءَ ۾ پير پُسائيندي مون مهتاب کي چيو: ”توسان تنهنجي مڙس ڪڏهن محبت جو اظهار ڪيو؟“

هن غضبناڪ نظرن سان مون کي ڏٺو. چيائين: ”ڪنهن عورت جي زندگي تباهه ڪري ساڻس محبت جو اظهار ڪرڻ ظلم ناهي ته ٻيو ڇا هي؟ ها، هو مون سان اهڙو ظلم اڪثر ڪندو رهندو آهي.“

چيومانس: ”هڪ معذور جي حيثيت سان توکي هن تي ڪڏهن رحم آيو؟“

چيائين: ”شاديءَ کان اڳ هن تي رحم ايندو هو، پر هاڻي ته مان خود قابل رحم آهيان!“

مون دور دور کان ايندڙ سمنڊ جي لهرن کي ڏسندي چيو: ”جيڪڏهن تنهنجي مڙس جون اکيون اوچتو ئي اوچتو ٺيڪ ٿي وڃن ته پوءِ تنهنجو اُن سان ڪهڙو رويو هوندو؟“

چيائين: ”مون کي هُن کان شديد نفرت آهي ۽ رهندي!“

مون اُن بحث کي اُتي ئي ڇڏي مهتاب کي آفر ڪئي ته هوءَ ٻيءَ ڪهڙي انجواءِ ڪندي. هن فن لئنڊ تي پينگهه ۾ لُڏڻ پسند ڪيو.

اسان پينگهه ۾ وڃي ويٺاسين ۽ پينگهه تيزي سان هلڻ لڳي ته هوءَ ٻيئي ٻانهون منهنجي ڳچيءَ ۾ وجهي هلڪيون دانهون ڪرڻ لڳي. مان کيس رليڪس ٿيڻ لاءِ چوندو رهيس. جڏهن پينگهه بيٺي ته سندس اکيون بند هيون. چيومانس: ”محترمه! هوش ۾ اچو! مون تان ۽ پاڻ تان ماڻهو نه کلايو!“

هن ڪنڌ مٿي کنيو؛ اکيون پٽيون. سندس اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. پينگهه مان لهندي چيائين: ”ڊاڪٽر! تون مون کي ڇڏي ته نه ويندين نه؟ مان ڏاڍي ڏکويل عورت آهيان! تون مون کي ڇڏي ويندين ته مان پاڻ ماري ڇڏينديس!“

چيومانس: ”چري ڇوڪري! رليڪس ٿيءُ. مان توکي ڪيئن ڇڏي ويندس. مان ته توسان گڏ آهيان.“

چيائين: ”ڊاڪٽر! مون کي لڳي ٿو ته تون مون کي ڇڏي ويندين!“

چيومانس: ”اِهو تنهنجو وهم آهي. مان زندگيءَ جي هر موڙ تي توسان گڏ هوندس. مان توسان هر ساهه ۽ دل جي ڌڙڪڻ ۾ گڏ هوندس.“

هن کي مون تي يقين نه آيو. چيائين: ”ڊاڪٽر ائين ته ناهي جو تنهنجو پيار صرف ۽ صرف منهنجو نفسياتي علاج ڪرڻ لاءِ آهي؟“

اسان پارڪ ۾ اچي ويٺاسين. مون مهتاب کي ڪوبه جواب نه ڏنو. لفظ ساٿ ڇڏي ٽڙي پکڙي ويا. مون ٽڙيل پکڙيل لفظن کي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مٿان مهتاب ڌونڌاڙيندي چيو: ”ڊاڪٽر مون کي جواب ڏي!“

چيومانس: ”مهتاب، اِها حقيقت آهي ته مان توسان محبت ٿو ڪريان!“

چيائين: ”ڪيتري محبت؟ جيتري ڪو ڊاڪٽر پنهنجي مريض سان ڪندو آهي؟“

چيومانس: ”محبت کي ڪڏهن به ساهميءَ ۾ توري نٿو سگهجي.“

چيائين: ”کُلي ڳالهه ڪر!“

چيومانس: ”مون توسان صرف هڪ ڪوڙ ڳالهايو هو، سو به توکي خوش ڪرڻ لاءِ، حقيقت اِها آهي ته منهنجي گهر ۾ ڪابه بد دماغ ۽ شڪي مزاج عورت ناهي!“

منهنجي ڳالهه ٻڌي يڪ ٽڪ مون کي ڏسندي رهي ۽ پوءِ مون کي چيائين: ”تو مون سان دوکو ڪيو، ڪوڙ ڳالهايو. توهان مرد وڏا مطلب پرست آهيو. هميشه لفظن جا ڄار اُڻي عورتن کي مڇي جيان ڦاسائي وجهندا آهيو.“ اُن وقت آواز ڪرخت ۽ ڳؤرو ٿي ويس. اکيون ڦهلائيندي چيائين: ”ڊاڪٽر! تون ڊاڪٽر نه پر ٺڳ آهين! خبر ناهي ته هن کان اڳ ۾ مون جهڙيون ڪيتريون نيم پاڳل عورتون محبت جي ٻن ٻولن ۾ ڦاسائي چڪو هوندين. منهنجو توسان ڪوبه واسطو ناهي. هاڻي منهنجو موت به ٿيو ته اُن جو ذميوار تون هوندين!“

ائين چئي هوءَ پارڪ مان اُٿي هڪ پاسي تيزيءَ سان ڊوڙڻ لڳي. مون کيس گهڻائي سڏ ڪيا، پر هوءَ نه رُڪي. مان به سندس پويان لڳس، پر هوءَ ماڻهن جي مجمعي ۾ ڏسڻ ۾ ڪانه آئي. مان ٿڪل قدمن سان سڄي ڪلفٽن تي کيس ڳوليندو رهيس، پر هوءَ اهڙي گم ٿي جو وري نه ملي. مون کي پنهنجي پاڻ تي ڪاوڙ آئي. مان سڌو اسپتال آيس. سڀ کان پهرين مهتاب جي اسپتال مان ڊسچارج ٿيڻ جي رپورٽ ٺاهيم. پوءِ گهر آيس، گهر ۾ لائيٽ بند هئي. لائيٽ ٻاريم ته سڄو گهر روشن ٿي ويو. پر منهنجي اندر مان اوندهه وڃي نه سگهي. منهنجي دل بي چئن هئي. مون کي مهتاب سان سچ پچ ته لازوال محبت ٿي ويئي هئي ۽ مهتاب جو ائين هليو وڃڻ منهنجي لاءِ تمام وڏي عذاب کان گهٽ نه هو. مون کي مهتاب سان محبت هئي، پر مون نٿي چاهيو ته ڪنهن انڌي جي زال کي علاج بهاني وڏا سبزباغ ڏيکاري اُن جي دل ۽ دماغ تي قبضو ڄمائي ويهان. مون مهتاب کي آهستي آهستي ٻڌائڻ چاهيو ٿي ته مان ڇا آهيان ۽ ڪيئن پيو جيون گذاريان، پر مهتاب منهنجي اڌ ۾ ڪيل ڳالهه کي سمجهڻ بنا ئي ري ايڪشن ۾ اچي ويئي. ڪاش اِهو سڀ نه ٿئي ها!

اُها سڄي رات مون جاڳندي گذاري. محبت جي باري ۾ مان سچ پچ ته ڏاڍو نڀاڳو شخص آهيان، ان ڪري ئي اڄ تائين شادي نه ڪري سگهيو آهيان. مون هيستائين مهتاب کي رليڪس ڪرڻ لاءِ پنهنجي شڪي مزاج زال جو ڪوڙو قصو پئي ٻڌايو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com