سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1991ع

مضمون

صفحو :13

تبصرا

ادبي اشارا

مصنف: ڊاڪٽر نواز علي ”شوق“

ملڻ جو هنڌ: ڪافي پبليڪيشنس ڪراچي – 1990ع

مڪتبه برهان – اردو بازار ڪراچي

قيمت: پندرهن رپيا

هيءُ ڪتاب، ”ادبي اشارا“، پروفيسر ڊاڪٽر نواز علي ”شوق“ جي ڪوشش جو عمدو شاهڪار آهي. ڊاڪٽر صاحب، هن ڪتاب ۾ اُهي چونڊ ادبي عنوان گڏ ڪيا آهن، جيڪي سنڌي جي نصاب ۾ شامل آهن ۽ اهي ادبي ڄاڻ جو هڪ اهم حصو آهن، انهن ادبي عنوانن متعلق بي اي ۽ ايم اي ليول تائين سوال به پڇيا وڃن ٿا.

ليڪن انهن عنوانن ۽ موضوعن تي هڪ ڪتاب نه آهي، اهي، جدا جدا  ڪتابن ۾ پکڙيل آهن، جنهن ڪري، عام شاگردن جي مطالعي ۾ نٿا اچن، انهيءَ جي علاوه، مقابلي جي امتحانن ۾ به اهي ئي عنوان بحث ۽ تنقيد لاءِ پڇيا وڃن ٿا؛ مثلاً – داستان؛ ڊرامو؛ مضمون؛ ناول؛ افسانو؛ ادب ۽ ادبي تخليق؛ تنقيد؛ علم بديع ۽ علم بيان. اهي اهڙا ادبي عنوان آهن، جن کي ڊاڪٽر ”شوق“ نهايت ئي آسان، عام فهم، پسنديده ۽ دلڪش انداز ۾ سمجهايو آهي. داستان، ڊرامي، ناول وغيره تي مختصر، ليڪن جامع نموني سان بحث ڪيو آهي.

هن وقت به ڪاليج کان يونيورسٽي سطح تائين اهي ادبي عنوان، سنڌي ادب جي نصاب جو اهو لازمي حصو آهن ۽ شاگردن کي امتحان ۾ ڪي نه ڪي عنوان ڏيئي سندن مطالعي جي آزمائش ورتي ويندي آهي. ڊاڪٽر ”شوق“، انهن سمورن ادبي عنوانن کي يڪجا ڪري ”ادبي اشارا“ جي عنوان سان ترتيب ڏنو آهي.

حقيقت ۾، ڊاڪٽر صاحب سنڌي ادب جي اُستادن، شاگردن ۽ سنڌي ادب سان چاهه ۽ دلچسپي رکندڙن لاءِ رهنمائي ۽ رهبري جو وسيلو فراهم ڪيو آهي.

دلچسپ ۽ وڻندڙ اها ڳالهه به آهي ته هن ڪتاب ۾ جيترا به موضوع شامل آهن، تن جي تاريخي ۽ ادبي حيثيت جو جائزو تفصيل سان پيش ڪيو ويو آهي 7 انهن جي بڻ بڻياد ۽ اصل تي به روشني وڌي وئي آيه، جنهن مان استاد ۽ شاگرد لاڀ پرائي سگهن ٿا.

انهن ”ادبي اشارن“ ۾ جيڪڏهن اڳتي هلي نئين ايڊيشن ۾ ”علم بيان“ جي عنوان ۾ ڪجهه وڌيڪ اضافو ڪيو وڃي ته بهتر ٿيندو، انهيءَ کانسواءِ ٻين ادبي صنفن، مثال طور بيت؛ غزل؛ رباعي؛ مثنوي مسدس وغيره کي به شامل ڪيو وڃي ته بلڪل مناسب آهي؛ ڇو ته، اهي به اهڙي قسم جي ڪتاب جي ضرورت ۾ شامل آهن.

ــ پروفيسر ڊاڪٽر گل حسن لغاري

ٽنڊوڄام

رت ڀنا رابيل

”رت ڀنا رابيل“، مقصود گُل جو ٻيو شعري مجموعو آهي، هن کان اڳ ٻارن جي لاءِ ڪيل سندس شاعري جو مجموعو ”ڪرڻا ڪرڻا“ جي نالي سان شايع ٿي چڪو آهي. مقصود گل جو نالو ادبي دنيا ۾ نئون ڪونهي، هو گذريل پندرهن سورهن سالن کان مسلسل لکي رهيو آهي ۽ سندس تخليقون مختلف رسالن ۾ شايع ٿينديون رهن ٿيون. منفرد لهجي وارو شاعر مقصود گل پڪي ۽ پختي شاعري سبب پنهنجي هڪ ڌار سڃاڻپ رکي ٿو.

”سنڌڙي“ ڪتابي سلسلي رتي ديري طرفان شايع ٿيل مقصود گُل جو شعري مجموعو ”رت ڀنا رابيل“ ٽن حصن ۾ ورهايل آهي، پهرين حصي ۾ غزل، ٻئي ۾ نظم ۽ ٽئين حصي ۾ آزاد نظم ڏنل آهن. مجموعي جي شروعات ۾ نامياري شاعر محترم رڪش سنڌيءَ ”پنهنجي پاران“ جي عنوان هيٺ، مقصود گل جي شعري پس منظر جو ذڪر ڪندي اشاعتي اداري جي ڪيل ڪوششن بابت لکيو آهي.

ڪتاب جو مهاڳ، ”سڄڻ ۽ ساڻيهه“ جي عنوان سان، شاعر جي تمام ويجهي دوست ۽ نوجوان شاعر محترم مختيار گهمري جو لکيل آهي. هو هڪ هنڌ لکي ٿو: ”مقصود گل، شاعريءَ جي ابتدائي اصلاح پنهنجي والد قاضي عبدالحئي ”قائل“ کان ورتي. اڳتي هلي سنڌ جي بي باڪ ۽ ڀلوڙ شاعر ڊاڪٽر عطا محمد حاميءَ جي رهنمائي جي چيچ پڪڙي ادب ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ وکون کڻڻ شروع ڪيائين.“

غزل جي حصي جي شروعات ۾ ”شاعر گُل ۽ خوشبو گيت“ جي عنوان سان، نوجوان شاعر محترم علي دوست عاجز جو، مقصود گل جي شاعري بابت تاثر ڏنل آهي، جنهن ۾ هُن غزل جي شعرن جي مثالن سان، شاعر جي جذبن ۽ احساسن کي ظاهر ڪيو آهي، هو هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ”اکرن بجاءِ احساسن جي اُپٽار سچ ته ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. ٻاهراين اثر اندر جي اُڌمن ۾ اُٿل آڻي، مشاهدي ۽ مطالعي جي رنگ ۾ رڱجي، حساس ۽ ڏاهي ڏاتار جي قلم جي نوڪ مان نوٽبڪ تي عجيب صورت ۾ نروار ٿين ٿا، فطري محبت ۽ لطيف جذبن جون صورتون، قاضي صاحب جي شاعري ۾ پڙهندڙن کي نظر اينديون.“

غزل جي حصي ۾ ڪُل 56 غزل ڏنل آهن ۽ هر غزل جو پنهنجو پنهنجو رنگ آهي. پيار محبت جون ڳالهيون به آهن ته درد جا داستان به، وڇوڙي، انتظار ۽ اهڙين ٻين ڪيفيتن جي هوندي به مقصود گل جي غزلن تي عصري حالتن جو اثر نمايان آهي.

تنهنجو مُرڪڻ آ صبح جو سوجهرو

رنج تنهنجو روڄ واري رات آ

*

شام جو آفيس کان موٽيس جڏهن

مون امڙ کي در تي بيٺل هو ڏٺو.

*

اهڙا ٻيا ڪيترائي شعر غزل واري حصي ۾ شامل آهن، جن ۾ نهايت اثرائتا احساس، آسان ۽ سادي ٻوليءَ ۾ بيان ٿيل آهن، جيڪي هڪ ڀيرو پڙهڻ کانپوءِ وسرن نٿا. اها ئي هڪ ڪامياب غزل جي خوبي آهي.

مجموعي جو ٻيو ڀاڱو 36 نظمن تي مشتمل آهي، انهيءَ حصي جي شروعات ۾ ”پربتن تي پيچرا“ جي عنوان سان، محترم سرمد چانڊيي، مقصود گل جي نظمن جو ڀرپور جائزو ورتو آهي، جنهن ۾ هن شاعر جي نظمن کي وقت ۽ حالتن جو آواز سڏيو آهي. هن حصي ۾ ”ڌرتيءَ جي ڌيءَ“، ”گل ۽ ٽانڊا“ ”ستايل سونهن“، ”ڪينجهر ۾ ڪنول“، سچل جو پاڙيسري“، ”امن جي ڳولا“، ”سچو شاعر“، ”ڪرڻن جي ڄڃ“، ”عيد“ ۽ ٻيا ڪيترائي اثرائتا نظم شامل آهن.

نظم ”عيد“ جي هن شعر مان اسان جي سماجي ۽ اقتصادي حالتن جو اولڙو پسجي ٿو:

صبح جو ڏيئي صدا، گهر گهر پني

گودڙيءَ ۾ آ گداگر عيد ڪيئي.

مجموعي جي ٽئين ۽ آخري حصي ۾ آزاد نظم شامل آهن، انهيءَ حصي جي منڍ ۾ ”آزاد نظم جو پابند شاعر“ جي عنوان سان محترمه حميده قاضي جو اڀياس ڏنل آهي، جنهن ۾ هُن مختلف رُخن کان آزاد نظمن جو جائزو وٺندي، مقصود گل کي هن دؤر جو خوبصورت خيالن، نازڪ جذبن وارو حقيقت پسند شاعر سڏيو آهي. محترمه حميده قاضي هڪ هنڌ لکي ٿي:

”مقصود گل جي آزاد نظاماڻي شاعري، پڙهڻ کانپوءِ پوري ريت پروڙ پوي ٿي ۽ انهي نتيجي تي پهچجي ٿو ته هن، جديد صنف سان نهايت خوبصورتي ۽ ڪاميابي سان نباهيو آهي. وڏي ڳالهه ته سموري شاعري، موسيقيت ۽ مبهم موزون وزنن ۾ پابند محسوس ٿئي ٿي.“

تيرهن آزاد نظمن مان، ”روشنائيءَ جو شهر“ ”محبت“ ”او ڌاڙيل“ ۽ ”سج سدائين روشن رهندو“، نمايان نظم آهن. آزاد نظم جون به ڪي پابنديون آهن، جن کي شاعر نهايت ڪاميابي سان پورو ڪيو آهي، خاص طور تي هن مترنم لفظن واري موسيقي ڏانهن گهڻو ڌيان ڏنو آهي.

مجموعي ۾ ڏنل ٽنهي صنفن يعني غزل، نظم ۽ آزاد نظم کي شاعر، فني ۽ فڪري لحاظ کان سٺو نباهيو آهي، ٽائيٽل ڪور جي پٺيان شاعر جو تعارف ڏنل آهي، جيڪو نامياري شاعر محترم اُستاد بخاري جو تحرير ڪيل آهي. استاد بخاري شاعر لاءِ لکي ٿو.

”گل، گهڻ گڻو ماڻهو، محفلن جو مور، اهل دل به اهلڪار به، ملڻو جلڻو، ٻهڪڻو ٽهڪڻو هوندي به سڀاء ۾ سنجيدگي، همدرد انسان، ڪلاڪاري سان لڳاءُ ۽ ساهت سان سچي ورتاءُ اهو رنگ لاتو آهي، جو قومي درد مند، حساس دل شاعرن جي قطار ۾ شامل ٿي چڪوآهي.“

مجموعي جو چار رنگو خوبصورت ٽائيٽل، مشهور آرٽسٽ فتاح جو ٺاهيل آهي.

158 صفحن تي مشتمل، مشهور شاعر مقصود گل جو شعري مجموعو تمام مناسب قيمت ۽ سهڻي اثرائتي شاعري سبب، وڌ کان وڌ پڙهندڙن تائين پهچڻ جي خوبي رکي ٿو.

ــــ ادل سومرو

تنوير چئي

هي تنوير جي ڪلام جو مجموعو آهي، جنهن ۾ هن جو ڇاپيل توڙي اڻڇاپيل ڪلام ڏنل آهي، جيڪو سندس اڄ تائين جي شاعراڻي زندگي کي گهيرو ڪيو بيٺو آهي؛ مطلب ته تنوير شروع کان وٺي اڄ تائين جيڪو ڪلام چيو آهي، تنهن مان جيڪي به هن ڇاپائڻ گهريو آهي سو سمورو ڪلام ڏنل آهي، ان مجموعي ۾ هن جا چار ڇاپيل مجموعا - رڳون ٿيون رباب، شعر، سج تريءَ هيٺان ۽ هيءَ ڌرتي - به ڏنا ويا آهن ته ٻيو ڪلام به آهي، جيڪو 1988ع تائين جو چيل آهي.

هن غزل، نظم، گيت، وائي ۽ هائيڪو وغيره صنفن ۾ پنهنجي سخن طرازيءَ جو ڪؤنتل ڪڏايو آهي، هو خوب کان خوبتر جي تلاش ۾ ڏيهي توڙي پرڏيهي ادب مان مويت چونڊڻ ۽ انهن مان پنهنجو شعر جو هار پوئڻ ۾ لڳل رهيو آهي، ان ڪري هن پاڻ به لکيو آهي ته ٻين جي لکئي کي ترجمي جي ذريعي سنڌ وارن جي آڏو پيش ڪيو آهي. هن اهو سفر طئي ڪندي جپاني شاعري مان هانيڪو جي صنف آڻي هتي پيش ڪئي، جنهن جي پيرويءَ ۾ سنڌ وارن به لکڻ شروع ڪيو. آهسته آهسته انهيءَ صنف کي ”ٽيڙوءَ“ جي نالي سان به پيش ڪيو ويو. مطلب ته هن جي آندل سوغات کي ڪافي مقبوليت حاصل ٿي. حالانڪه هو پاڻ سمجهي ٿو ته هائيڪو ۾ کيس اهو مقام حاصل ٿي نه سگهيو آهي، جيڪو ٿيڻ گهربو هو.

منهنجي خيال ۾ هو بنيادي طرح غزل جو شاعر رهيو آهي، ڇاڪاڻ جو هو شاعري جي ٻين صنفن ويندي ترجمن ۾ به غزل کان پاڻ کي پري رکي نه سگهيو آهي، ان ڪري ائين محسوس ٿئي ٿو ته تنوير بنيادي طرح ڪالهه به غزل جو شاعر هو، اڄ به غزل جو شاعر آهي ۽ سڀاڻي به غزل جو ئي شاعر رهندو. هن پاڻ چيو آهي:

غزل تنوير ديواني جو ٻڌندين

خرد وارا به ديوانا ٿين ٿا

هن جي شروعاتي غزل ۾ اهائي ايراني روايت ڪارفرما آهي، چوي ٿو:

ڇڏي نه پنهنجي نشيمن کي آه سان ساڙي

خزان جي وقت نه بلبل ڪڏهن چمن ۾ هجي

رهيا تشنه ميڪش رهيو تشنه ساغر

تنهنجي ميڪدي جو نظام الله الله

هتي انسانيت جو خون انسانن هٿان ٿو ٿئي

ستم ڪهڙا اڃا تنوير زير آسمان ڏسبا

اي قاتل خون عاشق سان ڀريل دامن سنڀالي رک

هي ڪم ايندءِ ڪڏهن رنگينيء محفل بنائڻ ۾

مقصود آزمائش ذوق سفر هئي

مون ڪاروان کي سر منزل ڇڏي ڏنو

اڃا ڏسان ٿو فضائي چمن تي ويراني

نگاه ناهي ٿي مانوس نو بهار اڃا

تنوير ذڪر ماضي رنگين کي ڪين ڇيڙ

مان انجمن کي ياد نه ڪو انجمن مون کي

وساريو هونءَ ته هو تنوير کي مون

جڏهن ٿيو هو غزلخوان ياد آيم

سو وقت به ڪهڙو وقت هو جو،

ڪنهن سان محبت هوندي هئي

ڪجهه منهنجي شرارت هوندي هئي،

ڪجهه هن جي شڪايت هوندي هئي.

 

هڪ نظم جو ٽڪرو پيش ڪجي ٿو:

تو مون کي مرڪي کيڪاريو

قرب منجهان صوفي تي وهاريو

تنهنجون خوني خماري اکڙيون

تن ۾ ڪجل جون ڪاريون ليڪون

۽ ڇپرن تي ٿيل ڪمل جان

هلڪي نيري رنگ جون جهلڪون

تنهنجي ڳلن تي هلڪي لالي

تنهنجي چپن تي هلڪي لالي

تنهنجي وارن ۽ ڪپڙن مان

خشبوءِ جو دريا اٿلي پيو

تنهنجيون ڇاتيون آتيون آتيون

سوڙهو چولو ڄاڻُ ته ڦاٽو

هن مان ڏسبو ته غزل جي فضا کان تنوير ڪٿي به ٻاهر نڪري نه سگهيو آهي، حالانڪه چوڻ خاطر چوي ٿو:

ڪنهن جي نظرن ڦرڻ سان اي تنوير

منهنجي باقي سا شاعري نه رهي

جيڪا حقيقت نه، پر وقتي ڳالهه آهي. هن جو بنهه پوئين دور جو شعر آهي:

هر ڪو ماڻهو پيار ڪري ٿو

ڪوئي ڪنهن سان ڪوئي ڪنهن سان

مان جو توسان پيار ڪريان ٿو

نه ڀانء ته ڪو بيڪار ڪريان ٿو.

هن مجموعي ۾ 1950ع کان وٺي 1988ع تائين جو ڪلام شامل ڪيل آهي ۽ اهو سڄو دؤر سنڌ جي واسطي سکن جو نه پر ڏکن جو دور رهيو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي هر هڪ سپوت کي اهڙي فضا ۾ گهڻو ڪجهه سهڻو پيو آهي. تنوير به اهڙن ئي سپوتن مان هڪ آهي، جنهن پنهنجي شاعري ۾ ان دک درد کي محسوس ڪيو، ورجايو ۽ ويرين سان مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ قومي سطح تي گهڻو ڪجهه چيو آهي.

اهڙي طرح هن نه رڳو مارئي کي پر سسئي، سهڻي، ٻيجل توڙي ڀٽائي کي خطاب ڪري پنهنجي اندر جا اڌما ظاهر ڪيا آهن، هن ان سان گڏ هوش محمد شيديءَ جو پيغام رسايو آهي. چوي ٿو:

رات مون کي خواب ۾ هوشوءَ ڏنو هڪڙو پيام

سنڌ وارن کي ڏجان منهنجا ڳڻي سؤ سؤ سلام

نوجوانن کي وڃي شاعر اهو پيغام ڏي

ڪين پيارو ڪن وطن کان ڪڏهين پنهنجي ساهه کي

هن اهو پيغام نوجوان نسل کي اجهو هينئن پهچايو آهي:

جوت جلندي رهي – لاٽ ٻرندي رهي

جي نٿا مچ مچائي سگهو دوستو

چڻنگ چولي ۾ پنهنجي لڪائي هلو

روشني زندگي آ اها زندگي

ڪنهن امانت جان دل سان لڳائي هلو

-

نئين نسل جا نوجوان جي اوهان ڏانهن

ايندا اميدن جا ڏيئا کڻي

ته سا لاٽ ايندي ڪٿان جنهن منجهان هو

ڏيئا ٻاري اکين جا ويندا کڻي

جي هو پڇندا اها روشني سان امانت

ڪٿي آ جا هوشوءَ اسان لئه ڇڏي

اوهان سر جهڪائي ڇڏيندؤ ته پر

ڇا زبان سان به سگهندو اتي ڪجهه ڪڇي

هيءَ امانت اٿو ساهه سان سانڍجو

هيءَ امانت اٿو ساهه سان سانڍجو

جوت جلندي رهي – لاٽ ٻرندي رهي

نئون نسل جيئن روشني سان ڀريل، وطن ۾ پنهنجون معصوم اکيون پٽي هو نوجوانن مان وڏي اميد رکي ٿو ۽ چئي ٿو:

سور سهن ٿا سر مٿي ڳڀرو ڇا جي ڪاڻ

رت اٻري ۽ دل رجهي، من ۾ آ مانڌاڻ

ڪپجي ڪنڌ ڀلي مگر جهڪي نه مڃجي آڻ

ٿيندا سور سراڻ، بڻبا تيز ترار جيئن

هو ڌرتي جي پاران پاڻ، ماءُ بڻجي ٿو چوي:

منهنجو پٽ اهو جنهن کي ڇاتيءَ ۾ ڇرا

گهايل ڪونهي جو مون کي ماءُ نه سڏي سو

ٿڃ نه بخشيان ان کي جيڪو چپ ويٺو

رنگ جنهن جو ريٽو، ماءُ انهيءَ جي آهيان.

هن وري چيو آهي:

اوچيون رکو هي لاٽون هي مشعلون ڏياٽيون

پنهنجن لئه روشنيون ۽ دشمن جي لئه اماڙيون

هن حالات حاضره کي ڪڏهن به ڪين وساريو آهي، اورنگيءَ واري واقعي تي هيئن ٿو لکي:

اورنگي ۾ باهه، چيٽون معصومن جون

دوزخ هن جهان جي هن جي آڏو ڇاهه

خلقي ڇا الله، ماڻهوءَ کان وڌ قهر ٻيو.

*

گهر سڙيا ور سڙيا سڙيو سڄو ڪهول

ڪنور سڙيا ڪنواريون سڙيون ٻريا رنگ رتول

ڏسي هن ڏهڪاءَ کي هينئڙي اچن هول

جيڪو جهلي جهول ته پون ان ۾ رت ڦڙا

هو پڇاڙي ۾ چوي ٿو:

دڙڪو ورندو دڙڪو ٿي گار ٿي ورندي گار

رت ورندو رت ٿي پيار ٿي ورندو پيار

گولي ورندي گولي ٿي هار ٿي ورندو هار

پو اي منهنجا يار نفرت ڇو پوکيون هتي.

تنوير هڪ گهڻ پاسائون شاعر آهي، تنهن تي هن ٿورڙي وقت ۾ ڇا لکي ڇا لکجي. البت ايترو چئبو ته هن شاعري ڪندي سنڌ جي وڏي خدمت ڪئي آهي. هن ايراني روايت کان پنهنجي جان ڇڏائي سنڌ جي روايتن کي پنهنجايو آهي. هن سنڌ جي تهذيب وتمدن، روايات و آثار ۽ لوڪ ادب کي ئي پنهجو ورثو ڪري کنيو آهي، هن ان مان ئي مهاورن ۽ اصطلاح، روزمره ۽ تلميحون، تشبيهون ۽ تاثرات وٺي پنهنجي شاعري کي چمڪايو آهي. حالانڪه هُنَ پرڏيهي ادب کي به ڪين وساريو آهي.

هو چوي ٿو:

سونهن ڪا ويئي آهي منهنجي ساهه ۾ سيبائجي

ماڻڪن جان ماڻڪيون واسينگ جهڙا وار هئا

پنکڙين جهڙي هئي پوشاڪ سو سينگار هئا

جنهن ڏي نظرون ٿي کڄيون سو روح ويو ٿي گهائجي

سونهن ڪا وئي آهي منهنجي ساهه ۾ سيبائجي

*

ڇيٽ جو چولو جنهن کي سوسيءَ جي سلوار

ڀلو ڙي سوسيءَ جي سلوار

ماڻهو ماڻهو جهڙو جنهن جا مکڙين جهڙا پار

جنهن جي آڏو ڦڪا ٿين ٿا سورهن ئي سينگار

اکيون انهي جون ٻرن مشعالا، ڀروون دونهين ڌار

ڇاتيءَ مان ٿي ڦاٽي جواني اکين مان اٿلي پيار

ڀلو ڙي سوسيءَ جي سلوار

هنن ٿورڙين سٽن ۾، ساهه ۾ سيبائجڻ، واسينگ جهڙا وار، پنکڙين جهڙي پوشاڪ، روح جو گهائجڻ، ڇيٽ جو چولو، سوسيءَ جي سلوار، اکين جون مشعلن وانگر ٻرڻ، ڇاتي مان جواني جو ڦاٽڻ جهڙا محاورا، تشبيهون ۽ تلميحون وغيره ڏيکارين ٿيون ته هن ايراني ورثي مان جان ڇڏائي ديسي ورثي مان سڀڪجهه نه ته به گهڻو ڪجهه ورتو آهي.

ساوڻ ساماڻو، آيون راتيون رس ڀريون

ڦوهه جواني مند جي چوڏس چٽاڻو

ننڊ نه آئي رات جو ٽري ويو ٽاڻو

اسان وهاڻو، سور ڪيا او سپرين

*

توکي ائين ويڙهي وڃان، جيئن وليون ويڙهن وڻ

سڪڻ کانپوءِ ڀي رهن، سدا ساڻ سڄڻ

جيئڻ ۽ مرڻ، تو سان ائين منهنجو ٿئي.

مند پنهنجي ڀرپور جوانيءَ تي هجي، راتيون رس ڀريون هجن، سڄڻ نه اچڻ جي ٽاڻو ٽري وڃي ۽ عاشق سورن کي وهاڻو ڪري سمهي پوي. اهڙن منظر کي ٿورڙين سٽن ۾ ائين آڻجي جو اهو سڄو نظارو اکين اڳيان گهمي وڃي ته پوءِ ڇا چئجي.

ساڳيءَ طرح ولين جو وڻ ويڙهي وڃڻ ۽ سڪڻ کان پوءِ ان سان چنبڙيو رهڻ به ائين آهي ڄڻ ٻن جيئن جي مرڻ ۽ جيئڻ جو ساٿ هجي.

تنوير جي شاعري ۾ اهڙيون ڪي ئي ڳالهيون آهن، جيڪي پڙهڻ ۽ سمجهڻ سان لاڳاپو رکن ٿيون.

 

ــــ عبدالقيوم صائب

ڊاڪٽر محمد علي قاضي ۽ لائبريرين شپ

پنهنجي ڪم وارين ۽ پيارين شخصيتن جي نيڪ قومي ۽ سماجي ڪارنامن کي اجاگر ڪري، قوم جي اسرندڙ فردن کي راهه ڏيکارڻ سان، وڏي سماجي خدمت سرانجام ڏئي سگهجي ٿي. ان ريت هڪ طرف قومي خدمتگارن جي خدمت جو اعتراف ڪجي ٿو ته ٻئي طرف اها به سڌ پوي ٿي ته اسان جي سماج ڪيئن ترقي ڪئي ۽ ان جي ارتقائي مرحلن ۾ ڪهڙن فردن جو هٿ رهيو آهي. هو پاڻ ڇا هئا ۽ ڪيئن نه رڳو پنهنجي زندگي سڌاري ڪارآمد بڻائي ويا پر اهو به پتو پوي ٿو ته ڪهڙي ڏس ۾ ڪهڙو سڌارو ڪڏهن، ڪيئن ۽ ڪنهن جي ڪوشش سان آيو. ان هڪڙي جي ڪري ان ڏس ۾ وري ڪهڙا فرد پيدا ٿيا، جن انهي نيڪي کي وڌيڪ اوج ڏيڻ جو ڪم ڏنو.

”ڊاڪٽر محمد علي قاضي ۽ لائبريرين شپ“ جي پڙهڻ مان اها خبر پوي ٿي ته سنڌ ۾ ڪتب خانن کي ڪيئن سنڀالجي، ڪيئن هلائجي، ڪيئن ۽ ڪهڙي سلسلي سان ڪتابن کي رکجي ۽ انهن جو بچاءُ ڪجي. اهڙي موضوع کي ٻين موضوعن وانگر پڙهائڻ لاءِ يونيورسٽي سطح تائين آڻڻ ۾ سند يافته ماڻهو پيدا ڪري، انهن جي لاءِ روزگار جو نئون ذريعو پيدا ڪرڻ جي خدمت ڪرڻ جو سهرو اسان جي ڊاڪٽر محمد علي قاضي جي سر تي سونهين ٿو، جنهن جي زندگي ۽ ڪارنامن کي هن ڪتاب ۾ اجاگر ڪيو ويو آهي. قاضي محمد علي مارچ 1915ع ۾، محمد هاشم قريشيءَ جي گهر ۾، ماتلي شهر ۾ پيدا ٿيو. سندن وڏا اصل ۾ پنجاب جي چنيوٽ ضلعي مان لڏي اچي حيدرآباد شهر ۾ پڪي قلع جي ڀرسان رهيا. ان وقت سنڌ ۾ ميرن جي صاحبي هئي. قاضي صاحب جو ڏاڏو عبدالواحد قريشي پنهنجي گهراڻي ۾ وڏو عالم ۽ سنڌي ٻوليءَ جو شاعر ٿي گذريو آهي، جنهن ”يوسف زليخا“ جو سنڌي نظم ۾ ترجمو ڪري سنڌي ٻوليءَ جي جهولي ڀري. اهڙي ۽ ٻي معلومات اسان کي هن ڪتاب جي ذريعي ملي ٿي.

هن ڪتاب ۾ ٻن ڳالهين تي زور ڏنو ويو آهي، هڪ ته قاضي محمد علي جي سوانح حيات، ٻي سنڌ ۾ لائبريرين شپ جي تاريخ، جا ڳالهه ڪتاب جي نالي مان ظاهر ٿئي ٿي.

هي ڪتاب دراصل جدا جدا مضمونن تي مشتمل آهي، جيڪي پروفيسر محمد اسحاق ابڙو، ڊاڪٽر الهه رکيو ٻٽ، دوست محمد ڀٽي، محمد حسن پنهور، شاهه محمد بلوچ ۽ ٻين جا لکيل آهن، جن جو قاضي صاحب سان گهرو ۽ ويجهڙائي وارو ناتو رهيو آهي، انهن مضمونن پڙهڻ سان پتو پوي ٿو ته قاضي اڃا پنجن سالن جي طبعي عمر کي به ڪو نه پهتو ته سندن والد گذاري ويو ۽ انهي يتيم ٻار وڏو ٿي پنهنجي پيرن تي بيهڻ لاءِ سخت جدوجهد ڪري ڪاميابي حاصل ڪري ٻين جي لاءِ پڻ هڪ مثال پيش ڪيو. ٻيو ته هو هڪڙو اورچ، ڌيرج وارو، نيڪ سيرت ۽ علم دوست انسان هو، جنهن جي دل ۾ الله تعالى جي سچي محبت ۽ رسول اڪرم ﷺ جن جو عشق موجزن رهيو. ان ڪري هن کي دنيا جون رنگينيون موهي نه سگهيون، بلڪه روزي ۽ نماز جو پابند هيءَ صالح ٻانهو، پنهنجو سارو وقت دين جي شغف، ڪتابن جي اڀياس، فقيرن ۽ صوفين، سالڪن ۽ صالحن جي صحبت ۾ گذاريندو هو، جيئن ابڙي صاحب ڄاڻايو آهي. ساڳئي وقت هو موسيقيءَ جو پڻ ڄاڻو هو.

قاضي صاحب جي ڪوشش جي نتيجي ۾ سنڌ يونيورسٽي اختياري سال 1965ع ۾ ”ٽن مهينن جي سرٽيفڪيٽ ڪورس“ شروع ڪرڻ جي اجازت ڏني، ان کانپوءِ سال 1966ع ۾ ”انڊر گريجوئيٽ ڊپلوما“ ۽ سال 72- 1971ع ۾ ”پوسٽ گريجوئيٽ ڊپلوما“ ۽ سال 74- 1973ع ۾ لائبريري سائنس ۾ ”ماسٽرس ڪورس“ پڙهائڻ جو بندوبست ڪيو؛ جيئن محمد حسن پنهور ۽ ٻين جي مضمونن مان ظاهر ٿئي ٿو، ان سلسلي ۾ اها ۽ ٻي ڪافي معلومات ملي ٿي، ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته هي هڪ ڪارائتو ۽ معلومات سان ڀريل سبق آموز ڪتاب آهي، جيڪو نه رڳو سنڌ جي سڀني سرڪاري توڙي خانگي ۽ ذاتي ڪتبخانن ۾ هئڻ گهرجي پر عام طور تي پڙهڻ لائق آهي.

البت هڪ غلطي جا هن ڪتاب ۾ آهي سا هيءَ آهي ته شاهه محمد صاحب ڪتاب جي پيش لفظ ۾ ڄاڻايو آهي ته قاضي صاحب جا وڏا حيدرآباد ۾ مير ڪرم علي خان واري مسجد جي ڀرسان، شاهي بازار ۾ کنڀاٽي گهٽي ۾ اچي رهيا. اصل ۾ مير ڪرم علي خان جي مسجد، کنڀاٽي ۾ ڪانهي بلڪ انهي گهٽي جو نالو ”سٿرن واري گهٽي“ آهي. اها مسجد اڃا تائين موجود آهي، جنهن کي ويجهڙائي ۾ نئين سر اڏايو ويو آهي، جنهن ڪري ان جي پراڻي عمارت ۽ فن تعمير واري اها اهميت ۽ حيثيت ختم ٿي چڪي آهي. هيءَ ڳالهه صرف رڪارڊ درست رکڻ لاءِ ڪئي اٿم.

ٻي وري ڇاپي جي غلطي آهي. ڪتاب ۾ ڄاڻايل آهي ته ٽنڊي باگي وارو مدرسو مير محمد ٽالپر برپا ڪيو. اصل ۾ اهو مدرسو مير غلام محمد خان ٽالپر برپا ڪرايو هو.

هي ڪتاب شاهه محمد بلوچ ترتيب ڏنو آهي، جيڪو گلشن پبليڪيشن ممتاز ڪالوني، حيدرآباد سنڌ وارن ڇپائي پڌرو ڪيو آهي ۽ اتان توڙي سنڌ جي ٻين ڪتب خانن تان ملي سگهي ٿو. ڪتاب جا صفحا 100 آهن ۽ سائيز ڊيمي آهي. ان ۾ آف سيٽ توڙي اڇو ڪاغذ ڪتب آندو ويو آهي. آفسيٽ واري ڪتاب جي قيمت00-25 رپيا ۽ اڇي ڪاغذ واري جي قيمت 00-20 رپيا آهي.

ــ عبدالقيوم صائب

تحفة الطاهرين

از: شيخ محمد اعظم بن محمد شفيع ٺٽوي

مترجم: عبدالرسول قادري بلوچ

قيمت: چاليهه رپيا

ناشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو

سن: 1990ع

هيءَ ڳالهه روز روشن وانگر ظاهر آهي ته اسلامي تاريخ جو ٻرندڙ گهوارو عرب هجي يا سنڌ، ايران هجي يا توارن، هندستان هجي يا پاڪستان، مطلب ته هر هنڌ ۽ هر ملڪ ۾ انسان جون خراب عادتون سڌارڻ، بگڙيل معاشير کي سنڀالڻ ۽ انهن کي، عروج ڏانهن مائل ڪرڻ ۽ انساني زندگي جي ايماني ۽ اخلاقي نظام کي مستحڪم بنيادن تي مضبوط ڪرڻ ۾ اوليائن، صوفين ۽ عالمن جيڪي ڪارنامه سرانجام ڏنا آهن. اهي قابل تحسين بلڪه قابل تقليد آهن، پر مسلمان بادشاهن جا دفتر هن اعزاز ماڻڻ کان گهڻي حد تائين خالي آهن، جيئن ته مسلمانن حاڪمن جو جاه و ثمڪنت، شان و شوڪت ۽ بزرگي و عظمت جو ستارو ڏاڍي دٻدٻي سان چمڪندو رهيو پر جنهن اسلام جي نالي تي هو فريدون هشمت، جمشيد جاه، سنڪدر شوڪتَ ۽ دارا پناه جي لقبن سان دنيا ۾ مشهور ٿيا، افسوس جو ان اسلام کي پروان چڙهائڻ لاءِ هنن ڪابه خدمت انجام نه ڏني پر انهن جي مقابلي ۾ صالحن ۽ اوليائن جي خلوص و عقيدت، اخوت و محبت ۽ ايمان جي ٿڌڙي هير جي لهرن انسانن جي دلين ۾ هڪ نئون روح ڦوڪيو ۽ انهن جي ولوله انگيز ڪارنامن حڪومت جي ايوانن ۾ زلزلا برپا ڪري ڇڏيا، مطلب ته انهن جو وجود گرامي بقول علامه اقبال جي هن ريت آهي ته:

جس سي جگر لاله مين ٺنڊڪ هو وه شبنم

درياؤن ڪي دل جس سي دهل جائين وه طوفان

حقيقت به اهائي آهي ته اسلام جي تاريخ جي ترو تازه ۽ سرسبز باغ جا گل اِهي ئي اوليا ۽ صوفي آهن، پر وڏي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اهڙن بزرگن ۽ اوليائن جي تذڪري نگارن عقيدت مندي جي جوش ۾ انهن جي مجاهدانه ۽ اصلاحي ڪارنامن جي ذڪر ڪرڻ بجائي من گهڙت قصن ۽ عقل جي خلاف روايتن سان اهڙن بزرگن جا تذڪرا سياه ڪري ڇڏيا آهن، جيڪو هڪ وڏو ظلم آهي. اهوئي حال زير نظر ڪتاب ”تحفة الطاهرين“ جو به معلوم ٿئي ٿو.

”تحفة الطاهرين“ جو مولف شيخ محمد اعظم ابن محمد شفيع ٺٽوي آهي. فاضل مؤلف هي تذڪرو سن 1190هه ۾ لکي ختم ڪيو ۽ ڪتاب جو نالو رکيائين ”تحفة الطاهرين“ جيڪو هيٺين قطع تاريخ مان برآمد ٿئي ٿو:-

شکرِ الله که يافت زيبِ رقم

نسخهء دل پذير و معدنِ هوش

سالِ اتمام و نامِ ميمونش

”تحفة الطاهرين“ بگفت سروش

1190هه

هن ڪتاب ۾ ٺٽي ۽ مڪلي ۾ دفن ٿيل راهِ طريقت جي سالڪن، صوفين ۽ اوليائن جو ذڪر خير آهي. هن ڪتاب کي سنڌي ادبي بورڊ سن 1956ع ۾ شايع ڪرايو ۽ ترتيب و تصحيح جو ڪم سنڌي ادبي بورڊ جي اڳوڻي ميمبر ۽ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر مرحوم آغا بدر عالم دراني ڏاڍي خوش اسلوبي سان سرانجام ڏنو. هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو منهنجي محترم دوست عبدالرسول قادري بلوچ صاحب جن ڪيو آهي، جيڪو ساڳي اداري جي سهڪار سان سن 1990ع ۾ منظر عام تي آيو آهي. ترجمو نهايت ئي سليس ۽ آسان زبان ۾ ڪيو ويو آهي، جنهنن مان محترم قادري صاحب جي علمي استعداد ۽ ذهانت جو پورو ثبوت ملي ٿو ۽ ترجمي تي اصل جو گمان ٿئي ٿو.

دنيا جي تذڪرن خصوصاً سنڌ جي تذڪرن سان تعلق رکندڙ تذڪرن ۾ هي تذڪرو ان اعتبار کان وڏي اهميت جو حامل آهي ته ڪلهوڙن جي آخري ۽ ٽالپرن جي اوائلي دور جي هڪ عظيم مؤلف جي تاليف آهي، بلڪه حد کان وڌيڪ قابل مستحسن ۽ هڪ سنڌي جي فارسي زبان تي دسترس جو آئينه دار آهي، جيتري قدر تذڪري جي مضمون جي بنياد جو تعلق آهي ته ان سلسلي ۾ آءُ قابل مقدمي نگار مرحوم بدر عالم دراني جي رائي سان اتفاق ڪريان ٿو ته مؤلف هن ڪتاب ۾ تذڪره نويسي جو اهوئي عام ۽ پراڻو نمونو بيان ڪيو آهي، يعني هر بزرگ جي مبالغه آميز تعريف ۽ توصيف سان ڪلام جو آغاز ۽ ان کانپوءِ سچيون ۽ ڪوڙيون، من گهڙت ڪرامتون لکيون اٿس، جنهن ڪري دنيا وارا ان حقيقت کان بي خبر آهن ته ساراهيل بزرگ پنهنجي حياتي ۾ ڪهڙا ڪهڙا ڪارناما سرانجام ڏنا.

هي منهنجو عقيدو ۽ ايمان آهي، جيڪو امام غزالي رحمت الله عليه پنهنجي مشهور ڪتاب ”التفرقه بين الاسلام هو الزندقہ“ ۾ صوفين سڳورن جي ٽولي جي باري ۾ ارشاد فرمايو اٿن ته ”هنن جي دل دنيا جي گندگي ۽ ٻيائي کان پاڪ، ڪامل رياضت سان صاف، خدا جي ياد ۾ روشن، فڪر جي مٺاڻ کان مٺي، شريعت جي پابندي سان سينگاريل ۽ شيشي وانگر صاف آهي، سندن ايماني نور شيشي جي ديڳڙي ۾ باهه کان سسواءِ دُکي ٿو ۽ نور جا ڪرڻا انهن جي دلين مان نڪرن ٿا“ اهائي ڪيفيت اسان کي ”تحفة الطاهرين“ جي مطالعي مان نظر اچي ٿي. جڏهن اسين صوفين سڳورن جي سوانح حيات کي پڙهون ٿا ته دل کي سرور اچيو وڃي پر ڪٿي ڪٿي مولف اهڙيون ڳالهيون لکيون آهن، جيڪي الله وارن جي حقيقي ڪيفيتن کان بلڪل مختلف ۽ الڳ آهن ۽ اهڙيون ڪرامتون انهن سان منسوب ڪيون ويون آهن، جيڪي عقل جي خلاف آهن، حالانڪه قرآن پاڪ ۾ ڪرامت جي معيار جو ذۡڪر ڪندي الله جل جلاله فرمائي ٿو ته ”ان اکرمکم عندالله التقکم“ يعني ”توهان مان سڀ کان زياده معزز ۽ صاحبِ ڪرامت اهوئي آهي، جيڪو سڀني کان زياده متقي آهي“ گهر يا الله وٽ اصل معيار تقوى آهي ۽ اها شئي حضور انور صلي الله علي وآلہ وسلم جي ڪامل پيروي مان ئي حاصل ٿي سگهي ٿي، ان کانسواءِ ٻي ڪابه شئي ڪرامت ڪانه ليکبي، جهڙي طرح هڪ شاعر چوي ٿو ته:-

به مصطفى به رسان خويش راکه دين همه اوست

اگر به او نه رسيدي تمام بو لهبي است

۽ حشرت مجدد الف ثاني رحمة الله عليہ پنهنجي مڪتوبات ۾ لکي ٿو ته ”من خدائي را به اين وجه دوست دارم که خدائي محمد است“

هن ڳالهه مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته الله وارن بندن کي رسول خدا ﷺ سان ڪيتري قدر ته عقيدت هئي.

انهن خامين کي نظرانداز ڪري جڏهن تاريخي نقطهء نگاه سان هن ڪتاب جو مطالعو ڪيو وڃي ته هيءَ ڪتاب پنهنجي نوعيت جي اعتبار کان وڏي اهميت رکندڙ ڪتاب ليکبو. هن ڪتاب جي سڀ کان وڏي خصوصيت جيڪا هن کي هر اعتبار کان ممتاز ڪري ٿي اُها هيءَ آهي ته فاضل مولف هن تذڪري ۾ ٺٽي جي بزرگن جو الڳ الڳ احوال لکيو آهي ۽ هر محلي جي بزرگن لاءِ جدا جدا بابن جو انتخاب ڪيو آهي، جنهنجو نتيجو اهو نڪرندو جو، انهن بابن جي روشني ۾ اڄ جو تاريخ دان يا جاگرافيائي دان پراڻي ٺٽي جو صحيح نقشو ڪڍي سگهي ٿو، ”تحفة الڪرام“ جي مولف مير علي شير قانع به ٺٽي جي متعدد مُحلن جا نالا لکيا آهن پر جيڪي تفصيل وار حالتون، رستا ۽ هنڌ ”تحفة الطاهرين“ ۾ وضاحت سان ملن ٿا سي ٻي ڪنهن تذڪري مان گهٽ ملندا، انهيءَ ڪري ائين چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته محققن ۽ جاگرافيائي دانن لاءِ هي تذڪرو ٺٽي جي آڳاٽي تاريخ ۽ ان جو جاگرافيائي محل وقوع معلوم ڪرڻ لاءِ حرف آخر ثابت ٿيندو. هن ڪتاب کي لکڻ وقت ”حديقته الاوليا“،”تحفة الڪرام“ ۽ ”تذڪرة المراد“ مولف جي آڏو هئا. ان کانسواءِ مولف جو پنهنجو زور بيان ۽ سالن جا سال سينه به سينه منتقل ٿيل خانداني روايتن جو، ذخيرو، تصنيف ۽ تاليف جي ڪُٺن منزلن کي طئي ڪرڻ ۾ مولف جو معاون و مددگار رهيو.

هن ڪتاب ۾ ڪل يارنهن باب آهن، جن ۾ ٺٽي جي هڪ سؤ چوهٺ بزرگن جو احوال زيبِ رقم آهي. آخر ۾ هڪ ضميمو به درج آهي، جنهن جي مطالعي مان سنڌ، ملتان، حيدرآباد، ٺٽي، سيوهڻ ۽ سکر جي آڳاٽي تاريخ، جاگرافيائي حدن ۽ محل وقوع جي صحيح پروڙ پئجي سگهي ٿي، جنهن مان مولف جي قابليت ۽ جاگرافيائي داني جو ثبوت ملي ٿو، هي فاضل مولف جي ٻي لافاني تصنيف ”هيت العالم“ آهي. ڪتاب جو مترجم محترم عبدالرسول قادري بلوچ هزارن، لکن مبارڪن جو مستحق آهي، جنهن هي لافاني ۽ بي مثل تذڪرو سنڌي ٻولي ۾ ترجمو ڪري سنڌي ادب تي وڏو احسان ڪيو آهي، جنهن ڪري سنڌي ادب جي شائقين لاءِ هن ڪتاب جو مطالعو آبِ حيات کان گهٽ نه آهي.

ـــ مرزا ڪاظم رضا بيگ

ڪينجهر-4

سنڌ يونيورسٽي ۾ جيڪي شعبا ابتدائي دور ۾ کليا، انهن ۾ ”سنڌي شعبو“ وڏي اهميت رکي ٿو. هي شعبو ڊاڪٽر بلوچ ۽ پروفيسر محبوب علي چنا جي آبياريءَ سبب شروع کان ئي سنڌي علم ۽ ادب جي واڌاري ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي. هن وقت تائين هن شعبي سنڌي ساهت جي حوالي سان اٽڪل ٽيهه اسڪالرن کي، سندن تحقيق جي نتيجي ۾ ڊاڪٽوريٽ جون ڊگريون ڏنيون آهن. ليڪن هنن خدمتن کان علاوه سنڌي شعبي مختلف وقتن ۾ ”سنڌي صحيفو“، ”سوکڙي“ ”سوغات“، ”پورب“ ۽ ”پرک“ جي نالن سان به مخزنون ڪڍي سنڌي ساهت جي خدمت به پئي ڪئي آهي.

سال 1987ع ۾ جناب مظهرالحق صديقي صاحب جي وائيس چانسيلريءَ جي دور ۾، هن شعبي هڪ مستقل ريسرچ جرنل ”ڪينجهر“ ڪڍڻ جي شروعات ڪئي. هن وقت تائين ”ڪينجهر“ جا ڪل چار پرچا نڪري چڪا آهن. تبصري هيٺ آيل چوٿون نمبر پرچو آهي جو سال 1990ع جي پرچي طور پڌرو ٿيو آهي.

هن پرچي جا ايڊيٽر صاحبان محترم ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ۽ ڊاڪٽر قاضي خادم آهن، هن ڀيري به دستور جيان سنڌي شعر، ٻولي ۽ ادب جي حوالي سان پرچي ۾ اٺ تحقيقي مقالا شامل ڪيا ويا آهن، ليڪن اهو پهريون موقعو آهي جو ٻن ٻاهرين ليکڪن: عبدالقيوم صائب ۽ ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر جا مقالا به ”ڪينجهر“ ۾ شايع ڪيا ويا آهن. هي هڪ سٺي روايت آهي، جنهن کي ساراهڻ گهرجي. اصل ۾ هن ڏس ۾ سنڌي شعبي جي استادن کان علاوه به سنڌ ۾ وڏو تعداد اهڙن لکندڙن جو آهي، جي سنڌي ٻولي ۽ علم جي خدمت ۾ مصروف آهن. بهتر آهي ته هن ڏس ۾ ايڊيٽر صاحبان اڃا به وک اڳتي وڌائين. تبصري هيٺ آيل پرچي ۾ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي، ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ، ڊاڪٽر قاضي خادم، هدايت پريم، نور افروز خواجه ۽ سحر امداد جا مقالا ۽ مضمون ڇپيا آهن، جي سڀ جا سڀ معياري آهن. اسان جو رايو آهي ته پرچي جي منتظمين کي هن مخزن کي وڌيڪ مستند ۽ معياري بنائڻ لاءِ اڃا به وڌيڪ جاکوڙ ڪرڻ گهرجي. اهڙن ناليرن عالمن ۽ اديبن جن سڄي زندگي سنڌي ادب جي خدمت ڪئي، انهن جا ايڊيشن ڪڍڻ گهرجن. ان ڏس ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڊاڪٽر دائود پوٽو، سيد حسام الدين راشدي، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، مرزا قليچ بيگ ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جون خدمتون عالم آشڪار آهن. ان کان علاوه ڪلاسيڪل سنڌي ادب ۽ جديد سنڌي ساهت جي اوسر جي حوالي سان پڻ ”ڪينجهر“ جا خاص نمبر ڪڍي سگهجن ٿا. اميد ته اداري جا اهلڪار هن طرف توجهه ڪندا.

ــــ محمد پنهل ڏهر

علمي، ادبي ۽ ثقافتي سرگرميون

500 ساله عرس

حضرت غوث الحق مخدوم نوح سرور ؒ

[اکين ڏٺو احوال]                       تحرير: الله بچايو ميمڻ

سنڌ جي سرزمين مردم خيز خطو آهي. هتي ڪيترن ئي بزرگن اوليائن، عالمن ۽ درويشن دين اسلام جي تبليغ ۽ اشاعت، انسانن جي رهنمائي ۽ سچائي جي پيغام کي ڦهلائڻ لاءِ ڪوششون پئي ڪيون آهن. اهڙن بزرگن ۽ عظيم شخصيتن ۾ صاحب الفيض والفتوح حضرت غوث الحق مخدوم نوح سرور ؒ جن جو نالو وڏي اهميت جو حامل آهي. حضرت مخدوم نوح سرور ؒ جو نه رڳو سنڌ، پر پنجاب، بلوچستان ۽ هندستان ۾ سندن مريدن ۽ پوئلڳن جو وڏو تعداد موجود آهي. سندن عظيم ڪارنامن ۾ قرآن شريف جو پنج سؤ ساله اڳ فارسي ترجمو ۽ تفسير ملفوظات، سنڌي زبان ۾ پراڻي شاعري، ذڪر ۽ سماع جا درس ۽ ٻيون شيون شامل آهن.

هن سال ڪجهه ڏينهن اڳ سالياني عرس جي موقعي تي سروري تنظيم مختلف ادارن ۽ جماعتن جي سهڪار سان هن عظيم اولياءَ جي خدمتن کي اُجاگر ڪرڻ جوا هتمام ڪيو. عرس جي تقريبات جي شروعات سهائي آچر تي صبح جو سوير درگاهه شريف هالا تي قرآن خواني سان ٿي، جنهن ۾ هزارين ميردن، معتقدن، پانڌيئڙن، استادن، شاگردن، مختلف جماعتن ۽ ادارن جي عهديدارن شرڪت ڪئي. عرس جي باضابطه افتتاح لاءِ سينيٽر مخدوم خليق الزمان جيئن ئي 9 وڳي ڌاري درگاهه شريف تي پهتا ته لاالله الالله جي ذڪر سان سندن آجيان ڪئي وئي. پاڻ مزار تي فاتح پڙهيائون ۽ مريدن  عام انسانن جي تندرستي ۽ خوشحاليءَ لاءَ دعائون گهريائون. ان موقعي تي سروري تنظيم جو چيئرمين مخدوم سعيد الزمان ۽ تنظيم جا عهديدار به موجود هئا. بعد ۾ مختلف جماعتن ۽ تنظيمن طرفان حضرت مخدوم نوح جي مزار تي گلن جون چادرون چاڙهيون ويون ۽ دعائون گهريون ويون، ان موقعي تي مٺائي به تقسيم ڪئي وئي. شام جو دستور موجب درگاهه شريف تي رسومات ۽ عرس جون تقريبات ٿيون. هن ڀيري درگاهه جا وليعهد ۽ قومي اسيمبلي جا ميمبر مخدوم امين فهيم خاندان سروري جي ٻن افراد سان آيا. پاڻ مريدن کي زيارت جو شرف بخشيائون ۽ کين تلقين ڪيائون ته الله ۽ ان جي رسول جي اطاعت سندن فرض آهي. هن زور ڀريو ته هڪ ٻئي جو ڏک سک ۾ ساٿ ڏيڻ لازمي آهي. مخدوم امين فهيم چيو ته مرشدنا سرور مخدوم نوح جي تعليمات جي پيروي ۽ ان کي هرهنڌ پکيڙڻ سڀني جو فرض آهي. هن ذڪر ۽ الله جي عبادت جي پڻ تلقين ڪئي. بعد ۾ سروري خاندان جي افراد باجماعت سانجهي جي نماز ادا ڪئي. ان موقعي تي ڏهر، ذڪر ۽ سماع پڻ ٿيو.

رات جو مَچَ تي سماع جي محفل ٿي، ان موقعي تي هالا شهر کان علاوه، اتر، ناري، لاڙ، ٿر، پنجاب، راجستان، بلوچستان جي هزارين مريدن درگاهه تي حاضري ڀري.

 

 

صبح جو جناب مخدوم خليق الزمان گورنمينٽ گرلز ڪاليج هالا ۾ زرعي ۽ صنعتي نمائش جو افتتاح ڪيو. هن مختلف اسٽال گهمي ڏٺا ۽ سندن محنت جي تعريف ڪئي. نمائش ۾ ائينيمل هسبينڊري، پولٽري، فشيريز، زراعت، زرعي انجنيئرنگ، ساسو، سنڌ سمال انڊسٽريز ڪارپوريشن. هلال احمر، سوشل ويلفيئر، سنڌي ادبي بورڊ، پاپوليشن ويلفيئر، فار ايسٽ کاتي ۽ ٻين ادارن پنهنجا اسٽال لڳايا، جيڪي عوام وڏي چاهه سان ڏٺا ۽ همت افزائي ڪئي.

ٻئي ڏينهن يعني سومر تي صبح جو درگاهه تي فجر نماز کانپوءِ ذڪر، سماع ۽ ڏهر جو سلسلو صبح تائين جاري رهيو. اتان پوءِ مريدن جا قافلا مرشد قبله مخدوم محمد زمان طالب المولى جي زيارت لاءِ ”بنگلي“ تي پهچندا ويا، جتي زيارت ۽ تلقين جو سلسلو دير تائين هلندو رهيو. هوڏانهن آچر، سومر ۽ اڱاري ڏينهن، دستور موجب چوپائي مال، گهوڙن، مينهن، ڍڳين، ٻڪرين رڍن وغيره جي پڙي لڳي، جنهن ۾ دستوري واپار ٿيو.

ميڙي جي آخري ڏينهن يعني اڱاري تي درگاهه جي ولي عهد مخدوم محمد امين فهيم ايم اين اي سڀ کان پهرئين درگاهه شريف حضرت مخدوم نوح جي مزار تي فاتحا پڙهي. بعد ۾ هُن صنعتي ۽ زرعي نمائش جو معائنو ڪيو ۽ مختلف اسٽال ڏٺا. هُن ائينيمل هسبينڊري کاتي طرفان مالوندن جي همٿ افزائي لاءِ لڳايل ڪئٽل شو جو افتتاح ڪيو ۽ مقابلي ۾ آندل جانور ڏٺا. مخدوم صاحب ڪامياب مالوندن ۾ انعام پڻ ورهايا.

بعد ۾ هُن نياڻين جي تعليم لاءِ تعمير ڪيل گورنمينٽ گرلز ڪاليج هالا جو به افتتاح ڪيو ۽ مختلف شعبا گهمي ڏٺا، ڪاليج جي پرنسپال پروفيسر آپا سعيده بشير مخدوم صاحب جي آجيان ڪئي، اتان پوءِ اڳوڻو وفاقي وزير مخدوم امين فهيم سروري اسلاميه گورنمينٽ ڪاليج هالا پهتو، جتي ادبي ڪانفرنس جي صدارت مخدوم امين فهيم ڪئي، خاص مهمان نامور اديب ۽ محقق ڊاڪٽر غلام علي الانا هو. تقريب جي ڪارروائي الله بچايو ميمڻ هلائي، ادبي ڪانفرنس جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ٿي، جيڪا سروري ڪاليج جي پرنسپال پروفيسر احمد علي انصاري ڪئي، اُن بعد هار پارائڻ، بئج لڳائڻ ۽ اجرڪون اوڍائڻ جي رسم ٿي، جنهن کانپوءِ فقير خان محمد لغاري ۽ ساٿين روايتي ”ڏهر“ پيش ڪيا. بعد ۾ سروري تنظيم جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ ڀليڪار ڪندي درگاهه ۽ هالا جي مسئلن تي روشني وڌي، ان بعد تنظيم جي سيڪريٽري جنرل پير منصور عليءَ تنظيم جي ڪارڪردگي بابت مفصل رپورٽ پيش ڪئي. ان موقعي تي سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ڪرايل حضرت مخدوم نوح سرور ؒ جي ترجمي ۽ تفسير جا نسخا جناب عبدالله ورياهه سڀني کي پيش ڪيا. ميونسپل ڪميٽي هالا جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان ميونسپل جي شيلڊ مخدوم امين فهيم کي پيش ڪئي. سنڌ اطلاعات کاتي طرفان رسيس جي موقعي تي شايع ڪرايل خاص اشاعت پڻ پيش ڪئي وئي. مخدوم امين فهيم سنڌي ادبي بورڊ طرفان مرحوم محبوب علي چنا جو تحرير ڪيل ڪتاب ”حشرت مخدوم نوح رحه جا سهيوڳي“ پڻ مهورت ڪري پڌرو ڪيو.

بعد ۾ ادبي ڪانفرنس ۾ پروفيسر سعيده بشير، ڊاڪٽر گل حسن لغاري، عبدالله خان ورياهه، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، علامه غلام مصطفى قاسمي ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا پنهنجا مقالا پڙهيا، اعزازي مهمان ڊاڪٽر الانا پنهنجي تقرير ۾ حضرت مخدوم نوح سرور جي تعليمات کي عام ڪرڻ تي زور ڏيندي سندن شاعري، ذڪر ۽ سماع ۽ ملفوظات تي تحقيقات ڪرڻ لاءِ چيو. هن چيو ته مخدوم نوح اڪيڊمي قائم ڪئي وڃي.

علامه قاسمي پنهنجي تقرير ۾ سهروردي طريقي کي عام ڪرڻ تي زور ڏنو. هن چيو ته حضرت مخدوم نوح پنهنجي دور جو جيد عالم ۽ عظيم بزرگ هو. سندن خدمتن کي صحيح نموني ۾ اُجاگر ڪيو وڃي.

صاحب صدر مخدوم امين فهيم پنهنجي صدارتي تقرير ۾ واضح ڪيو ته حضرت غوث الحق مخدوم نوح سرور پنهنجي حياتي اسلامي اقدار ۽ تعليمات جي فروغ لاءِ ڪتب آندي، جڏهن ته سروري جماعت ۽ مخدوم خاندان سرور نوح جي تعليمات کي عام ڪرڻ لاءِ پوريون ڪوششون ڪندو. هن چيو ته جلد مخدوم نوح ڪامپليڪس ۽ سروري اڪيڊمي قائم ڪرڻ لاءِ اپاءَ ورتا ويندا، جڏهن ته حضرت مخدوم نوح جي ملفوظات ۽ تعليمات جي اشاعت ڪري انهن کي عام بنايو ويندو. هن محققين ۽ اديبن تي زور ڀريو ته اُهي اڳتي وڌن ۽ سرور نوح ؒ جي خدمتن تي تحقيقات ڪري ان کي عوام اڳيان آڻين.

هن شهر جي مسئلن جي حل جو به يقين ڏياريو ۽ ٻڌايو ته حڪومت سنڌ طرفان  مخدوم نوح ڪامپليڪس رٿا جلد شروع ڪرائي ويندي، جنهن ۾ آڊيٽوريم، عجائب گهر، لائبريري، آڊيو وڊيو سينٽر ۽ ٻيون سهولتون هونديون.

ادبي ڪانفرنس ۾ اديبن، شهرين، مختلف جماعتن، تنظيمن جي سربراهن ۽ اراڪين، سروري تنظيم جي اراڪين مريدن ۽ معتقدن جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي.

بعد ۾ زرعي ۽ صنعتي نمائش ۾ لڳايل اسٽالن بابت انعامن جو اعلان ڪيو ويو، جنهن موجب پهريون انعام ائينيميل هسبينڊري کاتي کي، ٻيو انعام سنڌ اسمال انڊسٽيرز ڪارپوريشن ۽ ٽيون انعام ٻيلي کاتي حاصل ڪيو، جڏهن ته خصوصي انعام زراعت کاتي ۽ سنڌي ادبي بورڊ لاءِ ڏنا ويا.

اهڙي ريت عُرس جون پنج سؤ ساله تقريبات خيرن سان اختتام پذير ٿيون.

 

پير حسام الدين راشديءَ جي

نائين ورسي جي رپورٽ

رپورٽ: نثار منگي

سنڌ جي نامياري دانشور، محقق، مؤرخ ۽ تايرخ نويس پير حسام الدين راشديءَ جي نائين ورسي زبيده گرلس ڪاليج حيدرآباد ۾ 1- اپريل 1991ع تي شام جو عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي. تقريب جي باقاعده آغاز کان اڳ اسٽيج تي جن اديبن کي ويهاريو ويو، انهن ۾ مهمان خاص جي ڪرسي لاءِ نامور سنڌي اديب ۽ اڪيڊمي آف ليٽرس جي چيئرمين جناب غلام رباني آگرو ۽ صدارت جي لاءِ ڊائريڪٽر ڪاليجز حيدرآباد اُم الڪرلام آپا مريم نوحاڻي کان علاوه راشدي صاحب جي شخصيت ۽ سندس علمي ڪاوشن تي روشني وجهڻ وارن ۾ علي احمد بروهي، سنڌي ادبي بورڊ جي (اڳوڻي) سيڪريٽري عبدالغفار صديقي، ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل، غلام محمد لاکو، شاهه زيب، نذير ناز ۽ حسين شاهه راشدي شامل هئا.

اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض محترمه زينت صديقي ڏنا، تقريب جو آغاز تلاوت ڪلام پاڪ سان ٿيو، تلاوت محترمه قيصر جهان سومر ڪئي، تنهن کانپوءِ محترمه انيلا ميمڻ نعت سڳوري پڙهي.

جناب حسين شاهه راشدي آجيان واري تقرير ڪندي چيو ته مون کي بي انتها خوشي ٿي آهي جو اوهان منهنجي نماڻي نينڍ تي قرب ڪري هتي ڪهي آيا آهيو، راشدي صاحب چيو ته ان ڳالهه جي توهان کي خبر آهي ته اڄ اسان هتي پير حسام الدين راشدي جي ورسي ملهائي رهيا آهيون، هن سڀني آيل مهمانن جا ٿورا مڃيا.

ان کانپوءِ عبدالغفار صديقي تقرير ڪندي چيو ته مان نه رڳو پنهنجي طرفان پر بورڊ جي چيئرمين جناب مخدوم محمد زمان طالب المولى ۽ جناب مخدوم جميل الزمان پاران به ڀليڪار چوان ٿو. صديقي ٻڌايو ته سنڌي ادبي بورڊ راشدي صاحب جا 30 کن ڪتاب شايع ڪيا آهن. صديقي صاحب اعلان ڪيو ته ادبي بورڊ کان ڄامشورو ريلوي اسٽيشن تائين ويندڙ روڊ جو نالو ”پير حسام الدين شاهه روڊ“ رکيو پيو وڃي. غلام محمد لاکي تقرير ڪندي چيو ته بين الاقوامي ماهر جن ۾ شمل کان وٺي ايراني ماهرن تائين سڀ راشديءَ صاحب جي معرفت سنڌ ۾ آيا، لاکي صاحب، پير صاحب جي زندگي تي تفصيلي روشني وڌي.

ڊاڪٽر ايم ايڇ پنهور تاريخي ۽ تحقيقي حوالن سان راشديءَ صاحب جي زندگي جو احاطو ڪيو. برک اديب جناب علي احمد بروهي تقرير ڪندي چيو ته راشدي صاحب سواءِ ڪنهن ڊگري جي عالم هئو، هن چيو ته راشدي خود ايندڙ نسلن لاءِ رستو بڻيل آهي. بروهي صاحب چيو ته راشدي نج ڳوٺاڻو هئو. هن چيو ته راشدي خود تاريخ بڻيل آهي.

ان کانپوءِ محترمه شاهه زيب لکيل مقالي ۾ چيو ته سنڌ جو علائقو هر دور ۾ علم و ادب جو گهوارو رهيو آهي. هن چيو ته هن ڌرتي تي سدائين سورهيه ۽ سرويچ عالم ۽ اڪابر پيدا ٿيندا رهيا آهن. هن چيو ته راشدي صاحب جي عظيم شخصيت تي نه فقط اسان کي فخر آهي پر پوري مشرقي دنيا کي ناز آهي.

جناب مراد علي مرزا پنهنجي منفرد انداز ۾ تقرير ڪندي راشدي صاحب کي خراج تحسين پيش ڪيو.  محترمه نذير ناز تقرير ڪندي چيو ته پير حسام الدين راشدي ۾ جتي ظاهري جادو هو اتي تعليم جي روشني پڻ هئي. هن چيو ته جيستائين سنڌ آهي، تيستائين راشدي صاحب زنده آهي.

ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل تقرير ڪندي چيو ته اڄ اسين سنڌ جي عظيم شخصيت جي ورسي ملهائي رهيا آهيون، جنهن جا شاگرد هر فيلڊ ۾ موجود آهن. مغل صاحب چيو ته پير صاحب اسان وٽ ڊگري کانسواءِ عالم هو. مغل صاحب چيو ته اسان پير حسام الدين راشدي کي سنڌ جو ”ابن خلدون“ چئون ته وڌاءُ نه ٿيندو.

خاص مهمان جناب غلام رباني آگرو تقرير ڪندي چيو ته پير صاحب ڪابه فارمل تعليم حاصل نه ڪئي هئي. باوجود ان جي کين انگريزي ۽ فارسي تي زبردست عبور حاصل هئو. رباني صاحب چيو ته ويهين صدي ۾ سنڌ جي محققن جي لسٽ ٺاهجي ته پهرين نمبر تي راشدي صاحب جو نالو هوندو.

صدارتي تقرير ڪندي آپا مريم نوحاڻي چيو ته اڄوڪو ڏينهن سڀاڳو به آهي، مبارڪ به آهي، آپا چيو ته اها لفاظي نه پر حقيقت آهي، اڄوڪي نفسا نفسي واري دور ۾ علم و ادب جون ٻه ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ به وقت ڪونهي. هن چيو ته راشدي صاحب جي علم سان سنڌ جي سرزمين سونهري بڻجي پئي آهي. هن چيو ته راشدي صاحب بحيثيت تاريخ نويس، تحقيق کي نئون رخ ڏنو ۽ پير صاحب خاص اصول ڏنا.

صدارتي تقرير کانپوءِ تقريب ۾ ماهه رمضان المبارڪ جي ڪري افطاري جو وقفو ڏنو ويو، افطاري سنڌي ادبي بورڊ پاران سڀني مهمانن کي ڏني وئي، جنهن کانپوءِ راڳ جي محفل ٿي، جنهن ۾ جيجي زرينه بلوچ، الهداد زرداري، وحيد علي، شازيه خشڪ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو ۽ داد حاصل ڪيو.

تقريب ۾ جن اديبن شرڪت ڪئي، انهن ۾ مولانا غلام مصطفى قاسمي، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر شمس عباسي، دادي ليلا، آغا شهاب الدين، نفيس احمد شيخ، خان محمد پنهور، عبدالقادر جوڻيجو، جناب پير آفتاب شاهه جيلاني، امجد شاهه جيلاني، عبدالله ورياهه، ابراهيم خشڪ، شعبان وسطڙو ۽ نصير مرزا جا نالا قابل ذڪر آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 \
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com