سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1991ع

مضمون

صفحو :3

 

مقالا

هِڪَ نقاد ۾ ايتري صلاحيت هئڻ گهرجي جو هڪ ادبي تخليق کي اُنَ جي سموري توانائي ۽ تهه داري سان گڏ محسوس ڪري سگهي. ايئن هو انهيءَ صورت ۾ ڪري سگهي ٿو، جڏهن هو پاڻ توانو ۽ تهه دار ماڻهو هجي. ۽ نقادن ۾ ته اهڙو ماڻهو گهٽ ئي هوندو آهي. ۽ اهڙو ماڻهو جو جذباتي تعليم کان واقف هجي، ڳوليو نٿو لڀي. علم ۽ فضل جي خيال کان ماڻهو جيترو وڌيڪ هوندو آهي، گهڻو ڪري جذباتي شاستگيءَ کان اوترو ئي وڌيڪ ڪورو هوندو آهي.

ــــــــ ڊي. ايڇ لارينس

خواجه حافظ شيرازي ۽ شاهه ڀٽائي

مخدوم محمّد زمان ”طالب المولى“

خواجه صاحب کي ”لسان الغيب“ جو لقب به مليل آهي، ڇو جو سندس ديوان مان فال ڪڍبي ته اڪثر صحيح جواب ملندو. خواجه صاحب سنه ستين هجري جو ماڻهو آهي. سندس تولد جي تاريخ ملي نه سگهي آهي. خواجه شيرازي پنهنجي شاعري سبب زندهه جاويد آهي ۽ سندس ڪلام جون خوبيون لکبيون ته ڪافي کان زياده آهن، تنهن ڪري انهن جي تعريفن ڪرڻ کي ڇڏي اصلي مقصد تي اچڻ ضروري آهي.

خواجه حافظ شيرازيءَ جو نالو شمس الدين ۽ سندس والد جو نالو مبارزالدين هو. خواجه صاحب جي شاعريءَ ۾ بي باڪي ڪنهن کان به لڪل نه آهي. خواجه صاحب ۽ شاهه ڀٽائي ٻئي انسان هئا ۽ منجهن سڀئي انساني تقاضائون، تمنائون ۽ خواهشون وغيره موجود هيون. شمس العلماء علامه شبلي نعماني خواجه حافظ لاءِ گهڻو ڪجهه لکيو آهي، جيڪو حافظ جي مطالعي ڪرڻ مان معلوم ٿئي ٿو، مگر افسوس هن ڳالهه جو ٿئي ٿو ته مولانا شبلي صاحب به خواجه صاحب جي ڪيترن ئي شعرن جون هٿرادو ۽ پنهنجي مرضيءَ موجب معنائون لکي خواهه مخواهه عوام کي غلط فهميءَ ۾ مبتلا ڪيو آهي. مثال طور خواجه صاحب جو هڪ شعر ۽ مولانا صاحب جي ڪيل معنى هيٺ ڏجي ٿي.

ميِ دو ساله و محبوب چارده ساله

مرا بس ست ازاين صحبتِ صغير و کبير

معنى:

ٻن سالن جو پراڻو شباب 14 سالن جي عمر جو معشوق

مون لاءِ هڪ ننڍو ۽ ٻيو وڏو صحبت لاءِ بس آهن.

علامه شبلي ”مي دو ساله“ جي معنى قرآن شريف ڪئي آهي ۽ معشوق ”چارده ساله“ جي معنى محمد (رسول الله صلعم) ورتي آهي. شرح ڏسڻ لاءِ ڪڍو صفحو 263- درحقيقت حافظ سڌو سنئون 100 پئسه سچو ۽ جنسي شعر لکيو آهي، جنهن کان خود مولانا صاحب به آشنا آهي. مولانا مرحوم بمبئي ۾ رهڻ واري دور ۾ مرحومه عطيه بيگم فيضي سان مجازي عشق ڪري رهيو هو ۽ پنهنجي فارسي ڪلام ۾ به ذڪر ڪيو آهي. اهو شعر هيٺ لکجي ٿو:

نثارِ بمبئي کُن هر متاعِ کهنه و نو را،

طرازِ مَسنِد جمشيدِ فرخّ تاجِ خسرو را.

 

بهرسو از هجومِ دلبرانِ شوخ و بيپروا،

گشتن از سِرره مشکل افتاد است رهرو را.

 

فغان از گرميء خوبان زرد شتي،

بهم آميخته از زلف و عارض ظلمت و ضو را.

 

بده ساقي مي باقي که در جنّت نه خواهي يافت

کِنارِ آبِ ”چوپاڻي“ و گلشگشتِ ”اپالو“ را.

”چوپاٽي“ ۽ ”اپالو“ بمبئي جا ٻئي ان وقت جا بهترين هنڌ هئا جتي عطيه فيضي سان مولانا صاحب جون عشقيه ملاقاتون ٿينديون هيون.

ش۾س العلماء مولانا شبلي نعماني جي انهيءَ عشقيه داستان کي ڊاڪٽر وحيد قريشي ”شبلي کي حياتِ معاشقه“ ۾ ”نفسياتي مطالع“ جي نالي سان تفصيلي طرح پيش ڪيو آهي، جنهن کي صاحبِ ذوق و تحقيق پڙهي سگهن ٿا.

عطيه فيضي سان ٻين به ٻن علامن مجازي معاشقو ڪيو هو، جن جا نالا به قابل ذڪر آهن، مرحومه عطيه فيضي صاحبه مون کي ٽنهي علامہ صاحبن جا اهي خط به ڏيکاريا هئا، جن هڪ ٻئي سان عشقيه ذڪر و فڪر درج هو. مرحومه فيضي هڪ اخبار ۾ به انهن خطن جو ذڪر ڪيو هو.

عطيه بيگم صاحبه تقسيمِ پاڪ و هند بعد هميشہ لاءِ پاڪستان آئي ۽ ڪراچيءَ ۾ ئي مدفون ٿي. عطيه فيضي راڳ رنگ جي محفلن ڪرائڻ جي بيحد شوقين هئي ۽ محفل ۾ مون کي نه رڳو سڏيندي هئي، بلڪ ڳائڻن وغيره جي ڪراچيءَ ۾ وٺي اچڻ جون فرمائشون به ڪندي هئي ۽ آئون فرمائشون نه رڳو پوريون ڪندو هوس مگر انهن محفلن ۾ باقائده شريڪ پڻ ٿيندو هوس.

اهو ڪهڙو ضروري آهي ته هروڀرو شاعر جي خيالات سان هٿ چراند ڪجي. ڪلام جي فقط ڏکين لفظن جي سچي ۽ صحيح معنى لکجي، پوءِ هر پڙهڻ واري تي ڇڏجي ته هو ڇاٿو سمجهي ڇو ته اهو ضروري ڪونهي ته هر شخص هر شارح سان اتفاق ڪري.

خود ڪلامِ الاهي سان به شارحن ۽ مفسرن ڪو نه گهٽايو آهي.

اهو هر شخص کي حق پهچي ٿو ته هو جائز تحقيق ۽ تنقيد ڪري.

پير محمد شاهه ولد پير جڙيل شاهه راڄپاريءَ وارو چوندو هو ته ”قرآن مظلوم آهي“. ننڍي هوندي انهيءَ ڳالهه تان کلبو هو پر اڄ سمجهجي ٿو ته مرحوم سچ ٿي چيو.

شاهه عبداللطيف ڀٽائي ديسي سنڌي شاعريءَ جو شهنشاهه آهي – سندن مٽ اڄ تائين پيدا نه ٿيو آهي ۽ نه ئي اڄ کانپوءِ به پيدا ٿيندو. ڀٽائي صاحب پنهنجو جواب پاڻ آهي، جيڪي حضرات پاڻ کي ”لطيف ثاني“ سمجهن ٿا ۽ ماڻهو به جن کي ”لطيف ثاني“ ڀانئين ٿا، اهي مڙئي صاحب غلط فهمي جو شڪار ٿيل آهن.

شاعر سان هي ظلم ڪيو ويندو آهي ته ان جي ڪلام کي سندس اصلي مفهوم کان پري رکيو وڃي يعني خواهه مخواهه ان جي لفظن، جملن، تشبيهن ۽ استعارن وغيره کي زور تي ٻين معنائن ۾ پيش ڪجي ۽ سڌن سنون مضمونن جا پنهنجي مرضيءَ موجب تاويل ڪيا وڃن، جن جو فهم به شاعري جي ذهن ۾ پيدا نه ٿيو هوندو. مي، ساغر ۽ مينا وغيره وغيره جي مفهوم کي ڦيرائي گهيرائي عجيب و غريب معنائن ۾ منجهائي ڇڏيو وڃي – آخر هڪ انسان پنهنجا صحيح جذبات ۽ تاثرات پيش ٿو ڪري، انهن جو حُليو هروڀرو بگيڙي ڇو ڇڏجي، اهو طيرقو بلڪل ناانصافيءَ جو آهي. واقعي شاعر جي ڪلام مان ڪيترائي اهڙا شعر ضرور ملندا، جيڪي تنقيد طلب ٿين ٿا، انهن جي ڇنڊ ڇاڻ ڀلي ڪجي – باقي شاعر سگهڙ ته ڪونهي جو ڏور ۽ ڳجهارتون ويهي ٿو لکي – شاعر آخر ماڻهو آهي، وٽس هر انساني خواهش ۽ هر انسان کي زياده کان زياده اهو ظلم ۽ ناحق ڀٽائي صاحب جي ڪلام سان ٿيل آهي – ڀٽائي صاحب جيڪڏهن وري اڄ جيئرو ٿي اچي، اهو حال ٿيل پنهنجي ڪلام سان ڏسي ته شارحن تي بدناموسي ۽ چوري جو ڪيس ڪورٽ ۾ داخل ڪري ها ۽ آئون اک ڏٺي جو شاهدي ڏيان ها.

ڀٽائي صاحب جو ڪلام هڪ لاوارث لاش وانگر آهي، جنهن کي جيئن وڻيو آهي، تيئن وڍ ڪٽ ڪئي آهي، انهيءَ وڍ ڪٽ کي هڪدم بند نه ڪيو ويو ته اهو سلسلو هميشہ جاري و ساري رهندو، جيڪو مونجهاري پيدا ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه ڏيندو.

آئون لائقڏني فقير تمراڻي، درگاهه ڀٽائي صاحب جي سجاده نشين پير غلام شبير صاحب ۽ سندن فرزندن پير غلام حيدر شاهه ڀٽائي عرف گلڻ سائين، ناز لطيفي صاحب ۽ پير پيرل شاهه جن کي اپيل ٿو ڪريان ته سڀئي گڏجي فوري طرح ڀٽائي صاحب جي ڪلام تي خاص ڌيان ڏين.

ڀٽائي صاحب ننڍي هوندي ئي مجازي عشق ۾ ملوث ٿي ويو هو، جنهن جو ذڪر سوانح نگارن کلي طرح ڪيو آهي، يعني مرزا مغل بيگ جي نياڻي سان سندن پيار پيدا ٿيو ۽ اڳتي هلي انهي ئي مائي سان شادي ٿي. تفصيل ۾ وڃڻ ضروري  ڪونهي.

يقيناً ڀٽائي صاحب جو ابتدائي ڪلام مجازي رنگ ۾ ئي آهي صرف پڙهندڙن جي غور ڪرڻ جي ضرورت آهي.

جنهن ”ديوان حافظ“ تان مون مٿيون پهريون شعر ورتو آهي. ان جو پتو هي آهي.

”ديوان حافظ“ مترجم اردو

مع سوانح عمري خواجه حافظ شيرازي

مولفہ

شمس العلماء مولانا شبلي نعماني رحمة الله عليہ

ملک سراج الدين اينڊ سنز 10 جون 1961ع کان اڳ ڇپيل بار اولّ ناشران کتب کشميري بازار لاهور

”بده ساقي مي باقي که در جّنتّ نخواهي يافت“

اها سٽ حافظ شيرازي جي ديوان واري پهرين غزل جي آهي

نمبر1- مون ٻڌو آهي ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڀٽائي صاحب جي ڪلام جو مڪمل شرح لکي رهيو آهي، جنهن ۾ آيات قرآني ۽ حديث شريف سان ڀيٽ به ڪئي پئي وڃي ۽ اهو ضخيم ڪتاب ٿيندو، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ کي مليو ته هڪدم ڇاپي پڌرو ڪيو ويندو ۽ جي ٻي ڪنهن اداري ڇاپيو ته اتان حاصل ڪبو.

منهنجي ذاتي راءِ ۽ نظريي موجب گذريل محققن توڙي اڄ ڪلهه سڀني زنده محققن مان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ وڌيڪ ۽ بهترين محقق آهي.

نمبر2- ڀٽائي صاحب توڙي ٻين شاعرن اعراب مان معنائون ورتيون آهن، جيڪا سنڌ ديسي شاعريءَ جي عظيم خصوصيت آهي-

مثال طور مولانا رحيم بخش قمر لاکو مون وٽ آيو، جيڪو مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج نوابشاهه جي مسجد جو پيش امام آهي، ۽ اچي پڇيائين ته هن بيت جي معنى ٻڌايو-

سَرَ لَوهِيڙا ڳڀيا – ڪُ سَرَ نسريا

تو ڪئن وسريا – ڍوليا ڏينهن اچڻ جا

قمر صاحب پڇيو ته لوهيڙا ته نه ڳڀبا آهن ۽ نه ئي ڦر ڏيندا آهن، پوءِ ڀٽائي صاحب لوهيڙا ڳڀجڻ ڪيئن ۽ ڇو چيو آهي؟

مون جواب ۾ چيو ته لوهيڙا يعني سَرَ جا ڪانا جن کي روهيڙا به چوندا آهن، جيئن ”پانڌي پرينءَ چئيج – سنيها ساري“، ”پرينءَ“ جي الفت تي زبَر آهي، جنهن جي معنى آهي ”کي“ يعني سر جا لوهيڙا يعني ڪانا ڳڀجي ويا آهن ۽ توکي اچڻ جا ڏينهن ڪيئن وسريا.

نمبر3- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ويجهڙائي ۾ هڪ خط موڪليو، جنهن ۾ مٿان هي بيت لکيل آهي.

ڳالهيون پيٽ ورن جون – وڌي وڻ ٿيون

ٻي کي مون نه چيون – گوشي پرين نه گڏئا

اهو ساڳيو بيت منٺار فقير مرحوم جي پوٽي ولي بخش فقير مرحوم هن طرح ٻڌايو-

ڳالهيون ٻيٽ وڻن جيئن – وڌي وڻَ ٿيون

ٻي کي مون نه چيون – گوشي پرين نه گڏئا

منهنجي خيال ۾ ولي بخش فقير جو ٻڌايل بيت زياده وڻت ۾ اچي ٿو-

نمبر4- آن جهاني ڊاڪٽر گربخشاڻي ڀٽائي صاحب جي ڪلام تي عظيم محنت ڪئي آهي ۽ ڪوشش ڪئي اٿس ته هر لفظ کي ثابت ڪري ته سنسڪرت زبان مان ٺهيو آهي، ان ڳالهه کي ڇڏي هيترو لکڻ به ضروري آهي ته ڊاڪٽر صاحب کان به غلطيون ٿيون آهن، مثال طور هي بيت جن بابت مون سال 1963ع ۾ هڪ مضمون ”سه ماهي مهراڻ“ ۾ (نمبر1 ۽ 2) شايع ڪرايو هو، جيڪو اڄ وري هت به لکجي ٿو ته جيئن 27 سال پراڻو وسري ويل مضمون دوباره ياد اچي ۽ نون ننڍن ماڻهن لاءِ نئين شيءِ پيش ٿئي-

شاهه جا بيتَ (الغوي تحقيق جي روشنيءَ ۾)

(نوٽ: شاهه جو رسالو، پنهنجي صوري ۽ معنوي جي صحت جي لحاظ سان، اڃا به تحقيق طلب آهي.

 شاهه جي رسالي جو متن مختلف ڇاپن ۾، مختلف نمونن ۾ آيل آيه. ڪن ۾ ڪيترا بيتَ گهٽايل آهن، ته ڪن ۾ پراوا بيت وڌايل آهن. رسم الخط جي خامين سان گڏ، مترادف المعاني لفظن جي املا ۽ صحت هر ڪنهن جامع وٽ جدا جدا نموني جي آهي. نه فقط لفظ بدليا آهن، پر مفهوم تي به اثر پيو آهي. ”شاهه“ جي ڪلام جي شرح جو مسئلو، متن جي صحت کان به اوکو آهي. ان تي لکڻ لاءِ اڃا ڪي ڪاپڙي ميدان تي ڪين آيا آهن. گربخشاڻي جي مختصر شرح ۽ لفظن جون معنائون به تحقيق طلب آهن.

هن مختصر مقالي ۾ حضرت مخدوم محمد زمان صاحب طالب المولى نه فقط رسالي جي رسم الخط جي صحت ڏانهن توجهه ڇڪايو، پر ان سان گڏ شاهه جي ڪلام جي صحيح مفهوم کي واضح ڪرڻ لاءِ پڻ نشاندهي ڪئي آهي.

پاڻ شاهه جا چند ابيات، مشتي نمونه از خروار داواري پيش ڪري، رسالي جي جامعين ۽ شارحين لاءِ لغوي تحقيق ۽ تشريح لاءِ جن اصولن ڏانهن اشارو ڪيو آهي، ڪاش انهن کي اڳيان رکي شاهه جا شارح، ڪجهه عملي طرح سان وک وڌائين. اميد ته حضرت طالب المولى جن جي هيءَ لغوي تحقيق سنڌي ادب، خاص طور شاهه جي شائقين لاءِ نه فقط معلومات افزا ٿيندي، پر ڪن اڳين عالمن جي ڪن غلطين جي ازالي ۽ تلافيءَ جو علمي ۽ معياري بَدلَ پڻ ثابت ٿيندي. – غ. م . گ)

رڳي روايتون ۽ رڳي انداز به اڪٿر صحيح ڪو نه هوندا آهن، جيئن ته اسان جي ملڪ ۾ اڃا تحقيق ڪرڻ جو جنون پيدا ڪو نه ٿيو آهي، تنهن ڪري اڪثر سڀڪو مسئلو تحقيق طلب رهجيو وڃي. ڀٽائي عليہ الرحمة جي سوانح عمري بابت به جيڪو لکيو ويو آهي، اهو فقط عام ۽ غير مستند روايتن ۽ ذاتي راين ۽ اندازن موجب لکيو ويو آهي، ۽ هاڻ سڀڪو لکندڙ اڃا تائين ته ساڳيون ڳالهيون نقل ڪندو ٿو اچي. اهڙي ئي طرح شاهه لطيف جو ڪلام به ابتدا کان ئي غلط سلط لکيو ۽ ڇپيو آيو آهي. شاهه جي ڪلام سان جيڪو ظلم ۽ ناحق ٿيل آهي، اهو هي ته

ابتدا کان ئي شاهه جو ڪلام ڪنهن شاعر ڪو نه لکيو آهي.

فقط خوشخط کان لکايو ويو آهي. خوشخط (خوشنويس) هروڀرو شاعر ڪو نه هوندا آهن. هنن جو ڌنڌوئي هوندو آهي، ڪتاب لکڻ. هو چاهيندا آهن ته هڪڙو ڪتاب جلد لکي پورو ڪجي ته وري ٻيو لکجي. هنن کي شاهه جو ڪلام جيئن ٻڌايو ويو ۽ جهڙي طرح لکيل ڏنو ويو، انهن، انهي ئي نموني لکي ڇڏيو.

شاهه جو ڪلام اڪثر عوام کي ياد هوندو آهي، اها ئي شاعر جي مقبوليت جي ثابتي آهي. پر عوام ئي ڪلام کي غلط به ڪري ڇڏيندو آهي، تنهن ڪري ڪلام لکائيندڙن ڪيترا اکر ۽ لفظ غلط لکيا، پوءِ رسالي جا جيترا به نسخا نقل ٿيا ۽ ڇپيا انهن ۾ غلطيون قائم رهجي ويون.

شاهه جي ڪلام جي عام مقبوليت ڏسي، پئسي ڪمائڻ جي لالچ سان مختلف ماڻهن رسالو ڇپائڻ شروع ڪيو، تنهن ڪري ڪلام جي صحت ڏانهن ڪنهن توجهه ئي ڪو نه ڏنو. ٻيو ته انهن رسالن ۾ وري پروف جون غلطيون به رهجي ويون.

اهو ئي سبب آهي جو اڄ شاهه جي رسالن کي ترتيب ڏيڻ وقت هر هڪ مرتب لاءِ ضروري ٿي پيو آهي ته رسالي جا ڇپيل ۽ قلمي نسخا جيترا به هٿ اچي سگهن ته پنهنجي آڏو رکي-

جيڪڏهن ڪي قلمي قديم نسخا صحيح به هئا يا آهن، ته وري انهن جي صورتخطي پراڻي آهي، تنهن ڪري پوين پڙهندڙن ڪيترا لفظ ۽ اچار اصل کان ٻيءَ طرح سمجهيا ۽ اهي موجوده لکت ۾ انهيءَ طرح لکي ويا.

رسالن ۾ اڪثر ڀلناما به شامل ڪيل آهن، پر غضب هي ته انهن ۾ اڪثر پروف جون غلطيون ٿيل آهن.

عربي، فارسي ۽ هندي زبانن جا اهڙا ڪيتارئي لفظ آهن، جن جي شڪل سنسڪرت جي لفظن جهڙي آهي. مثلاً فارسي ڪفظ “سَر“ يا عربي لفظ ”سِرَ“ ۽ سنسڪرت لفظ ”سَر“-

شڪل ٽنهي لفظن جي ساڳي، مگر معنائون ٻيون آهن. فارسي لفظ جي معنى آهي. ”چوٽي“ ۽ ماڻهوءَ جي مٿي کي به سر چئبو آهي؛ عربي لفظ جي معنى آهي ”ڳجهه“، ۽ سنسڪرت لفظ جي معنى آهي ”تير“.

مسلمانن توڙي هندن پنهنجي ذاتي راءِ موجب شاهه جي ڪلام جون جدا جدا پڙهڻيون مقرر ڪيون. اهو فقط هن ڪري جو هڪ ته رسالي جي مختلف نسخن ۾ به فرق آهي ۽ خاص سبب هي ته شاهه جو ڪلام لکندڙ ۽ ڳائيندڙ سنڌ جي مختلف حصن جا ماڻهو هئا ۽ آهن، تن لفظن جا اچار پنهنجي ماحول موجب سمجهيا، لکيا ۽ اچاريا. وري شهري زبان ۾ ته ٻهراڙي جي زبان کان به وڏو فرق آهي، تنهن ڪري شهري ماڻهن پنهنجو رنگ ۽ ڍنگ اختيار ڪيو.

شاهه جيڪا به آکاڻي لکي آهي يا ان جي جدا جدا ڀاڱبن تي راءِ زني ڪئي آهي ته ان ڪلام جي خوبي اها آهي ته اها آکاڻي سنڌ جي جنهن حصي سان تعلق رکي ٿي، ته اڪثر زبان به اتي جي ڪم آندي اٿس، تنهنڪري رسالي جي شارجن انهن محاورن ۽ شين جي ڪيترن ئي نالن کي نه سمجهڻ جي ڪري منجهانئن خيالي معنى ۽ مطلب ڪڍيو.

جن ڳائڻن جي پنجابي ۽ سرائڪي يا بلوچاڻي زبان آهي، انهن وري پنهنجي ڍنگ موجب لفظن جا اچار ورتا ۽ لفظن کي ڦيرايو - ۽ اهو سلسلو اڃا تائين جاري آهي ۽ اهل ڪندڙن ته هيڪاري ڪم وڃائي ڇڏيو آهي.

هر مذهب ۽ طريقي وارا ماڻهو، جي شاهه سان دلچسپي ۽ وڻت رکن ٿا ۽ هو پنهنجي عقيدن موجب شاهه جي ڪلام کي ڏسن ٿا ۽ ڪلام جون معنائون به پنهنجي نقطه نظر موجب ڪڍن ٿا.

وقتي ڦير گهير به ڪريو ڇڏين، ڇو ته ڇاپن ۾ پروف جي غلطن ڪري فرق ته آهي ئي، تنهن ڪري هر هڪ صاحب، ڪلام کي صحيح ڪرڻ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪريو ويهي.

سنڌيءَ جي پراڻي لکڻي به عجيب آهي – تمام پراڻي لکڻيءَ کي ڇڏي ويجهڙائي واري لکڻيءَ جو مثال پيش ڪجي ٿو. مثلاً شاهه صاحب جو هي بيت:

نٻر نيهه سندوم، مون اڀي هن ٿيلئو،

سعيو سامونڊن سي، اڳهم تا نه ڪئوم،

وجهڻ منجهه هئوم، پاڻ وراڪي رس سي.

مٿئين بيت ۾ لفظ ”نيهه“ جي پڇاڙيءَ ۾ ”نون“ ڪو نه ڏنل آهي.

مگر اچارڻ ۾ نوان اچي ٿو. ساڳيءَ طرح لفظ ”سي“ جي اچارڻ ۾ نوان اچي ٿو پر لکت ۾ نون ڪو نه آهي. ٻيا به اهڙا اکر جن جي اچارڻ ۾ ”نون“ اچي ٿو مگر لکت ۾ نون ڪونه ايندو آهي. جهڙو ”ڱ“ ۽ ”ڻ“ وغيره. پر پراڻي لکڻي ۾ اهڙن اکرن تي فقط هڪ ليڪ بنا ٽٻڪن جي ۽ ”ڻي“ کي ”ن“ ڪري لکيو ويندو هو. مگر پڙهڻ وارا صحيح اچارن سان پڙهندا هئا – اهڙيءَ طرح جهڙيءَ طرح هڪ عرب عربي عبارت اعراب کانسواءِ صحيح پڙهي ويندو آهي. اهڙن لکڻن کي جڏهن هاڻوڪي لکت ۾ آندو ويو، تڏهن به فرق پيدا ٿيو.

اسان جي راءِ آهي.

شاهه جي رسالي جو اهڙو نسخو تيار ٿيڻ کپي، جنهن ۾ جدا جدا پڙهڻيون نه هجن. سنڌ جي جن حصن جي زبان ڪم آيل آهي، اها اعراب سان لکيل هجي ته جيئن هر هڪ لفظ ۽ نالي يا محاوري ۽ پهاڪي جي اصليت ظاهر ٿئي. مونجهارا ۽ ڏکيائون ختم ٿي وڃن. اصلي اچارن ۽ پڙهڻي سان گڏ لکت جي صورت به هاڻوڪي هجڻ کپي.

هيءُ به خيال رکڻ گهرجي ته شاهه جي رسالي ۾ بيتن يا وائين (ڪافين) جي معنى ۽ شرح نه لکي وڃي، چو ته جڏهين صحيح نسخو تيار ٿيندو ته هر هڪ پڙهندڙ پنهنجي علمي لياقت ۽ عقلي ڄاڻ موجب ڪلام مطالع ڪري آساني سان لطف وٺي سگهندو.

ڇو ته شاهه جو ڪلام اهڙو آهي جو هر مذهب ۽ هر طريقي وارو شخص ان کي پڙهي دل ٺاري ٿو.

شاهه جي ڪلام تي جيڪڏهن شرح لکڻو هجي ته اهو جدا لکڻ کپي ۽ جيئن جو تيئن لکڻ کپي. رسالي ۾ فقط شاهه جي ڪلام وارن خاص لفظن جي مڪمل سمجهاڻيءَ سان لغت ڏيڻ گهرجي.

شاهه جي ڪلام جا جيڪي ٻين زبانن ۾ منظوم ترجما ٿي رهاي آهن، اهي اڪثر ناقص آهن ڇو ته ٻين زبانن ۾ اهو ناممڪن آهي ته شاهه جي صرف هڪ مصرع جو ئي پورو پورو منظوم ترجمو ٿي سگهي.

انهي مان ڇا ٿيندو جو غير سنڌي اهو لطف حاصل ڪري نه سگهندا ۽ هو ڪم از ڪم دل ۾ شاهه کي ايڏي اهميت نه ڏيندا. مگر ٻين زبانن ۾ ڪلام جي معنى ۽ شرح جيڪڏهن ڪو عالم لکندو ته اهو نهايت چڱو ڪم ٿيندو.

شاهه جا ٽي بيت

هاڻي شاهه جي ٽن يبتن بابت ڪجهه لکيو ويندو. ان مان معلوم ٿيندو ته شاهه جي ڪلام ڪيتريقدر تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهي ٽيئي بيت آنجهاني هوتچند مولچند گربخشاڻي جي ٺاهيل رسالي مان ورتل آهين. گربخشاڻي صاحب پاڻ کي رسالي ۾ مرتب مولف يا شارغ ڪري ڪونه لکيو آهي، بلڪه ”مهتمم“ ڪري لکيو اٿس، جنهن جي معنى آهي بندوبست ڪرڻ وارو مطلب هي ٿو نڪري ته انهي ڪم ۾ ڪن ٻين جو به حصو آهي. گهڻن جي ڪم ڪرڻ هوندي به ڪيتريون نه گهٽتايون رهجي ويون آهن! ان جو سبب فقط هي آهي ته هن وقت تائين مڪمل صحيح سنڌي لغت ٺهي ئي ڪانهي، جنهن ڪري پوري معلومات حاصل ٿي سگهي. شهرن ۾ ڄاول نپنل ماڻهن کي ٿر يا جبل جي زبان جي مڪمل خبر ڪيئن معلوم ٿئي. اتي جا محاورا يا شين جا نالا هت ڪٿان آيا، جن شين جو هتي وجود ئي ڪونهي! ته لازمي ڳالهه آهي ته انهن نالن ۽ لفظن جي معنى ڪيئن سمجهي ويندي. ان مشڪل کي حل ڪرڻ جو طيرقو هڪ ئي آهي ته ملڪ جي انهن خطن ۾ وڃي معلومات حاصل ڪجي. سو ايتري واندڪائي ڪنهن کي جو ڪم ڦٽائي وڃي محنت ڪري!‘ مون الله تي ڀروسو رکي، همت سان ڪوشش ڪئي آهي. انشاءَ الله ته شاهه جي ڪلام جي مڪمل لغت ٺاهي پيش ڪندس.

جيڪي ٽي بيت هيٺ پيش ڪيا وڃن ٿا، اهي جلد اول سريمن ڪليان ۽ داستقان ٽئي مان 4، 5 ۽ 7 نمبر وار آهن.

 (4)

سَر جو سَڃئو سڄڻين، ڀر ڀيڏيَ ڏيئي،

ڪانَ ڪر نگرُ ڪپئو، پَکنِ سِرِ پيهي،

جيرا جِڳِرِ بُڪيوُن، پاساڙا ٻيئي،

ويڄنئون ويئي، ٿي وهيڻي سڄڻين.

هر بيت جي پويان مهتمم صاحب جي لکيل معنى ۽ شرح پيش ڪري، ان تي پنهنجي راءِ ڏبي. ٽنهي بيتن مان ڪي خاص لفظ پيش ڪبا ۽ ڪن خاص ڳالهين تي رايو ڏبو.

سَر (سن. سَرَ. شر) تير. ٻاڻ

ڀيڏي (ڌن. وڍَيَه. گ. يڍ) ٽڻي، ڪرائي جو هڏو.

ڀر ڀيڏيءَ ڏيئي. جڏهين تير ڪمان تي رکبو آهي، تڏهن ڪمان کي ڪشي، ڪرائيءَ جي ڪنڊي جو آڌار ڏيئي، پوءِ چٽبو آهي.

ڪَرِنگَرُ. (سن. ڪَرنڪَه = بدن جو ڪو به هڏو) ڪرنگهو، پٺيءَ جو هڏو.

پَکَنِ. واحد، پَکُ. (سن. پَڪشَ) پَرُ، کنڀ، تيرن کي پک ٻڌندا آهن، ته انهن جي رفتار تکي ٿئي.

پاساڙا. واحد پاسارو (پارُشَو+ڙو) پاسريون.

مٿين لفظن جي معنى اگرچه ظاهر آهي، پر جيڪا مهتمم صاحب معنى ۽ شرح لکي آهي، اها مجبور ٿي ڪري ته ان بابت پنهنجي ڄاڻ به پيش ڪجي.

شاهه سنسڪرت جو لفظ ”سَر“ ڪم ڪونه آندو آهي هن فارسي لفظ ”سر“ استعمال ڪيو آهي.

هن فارسي لفظ ”سَر“ استعمال ڪيو آهي، جنهن جي معنى آهي ”مٿو“. سنڌيءَ ۾ اهو لفظ ”سر“ ڪم ڪونه آندو آهي. هن فارسي لفظ سر استعمال ڪيو آهي. ڳالهايو ويندو. سنڌيءَ يا فارسيءَ ۾ ”سر“ جي معنى ڪيپراٽي کان وٺي ڳچيءَ تائين به ورتي ويندي آهي. ساڳيءَ معنى ۾ لفظ ”سِسِي“ ۽ ”مٿو“ به ڪم آيل آهي. شاهه فرمائي ٿو:

مٿو مور نه پاڙيان، تنهن جيءَ تند تنوار

ڏيڻ گهڻو ڏهلو، سسي ڏيڻ سک.

ساڳئي مطلب ۽ مفهوم لاءِ لفظ ”ڪنڌ“ به ڪم ايندو آهي.

مثلاً شاهه چوي ٿو:

ٽيئي پرتا پاڻ ۾، تند، ڪٽارو، ڪنڌ

مٿئين بيت ۾ شاهه ”سر“ جو لفظ ”تير“ جي معنى ۾ ڪم آندو آهي، بلڪ پنهنجي سموري ڪلام ۾ شاهه ”سر“ جو لفظ سسي، مٿي ۽ ڪنڌ جي مفهوم ۾ استعمال ڪيو آهي.

شاهه جو هي بيت ڏسو:

وڍ سر ٿي سرهو، مَ ڪي آءُ مَ ڳاءُ،

جاجڪ تو مٿاءُ، ملڪ مڙوئي گهوريان.

 

فارسيءَ ۾ هڪ رباعي سيد الشهداء حسين عليہ الاسلام بابت آهي، جنهن ۾ سر جو لفظ مٿئينءَ معنى ۾ استعمال ٿيل آهي.

شاهه هست حسين و بادشاهه هست حسين،

دين است حسين و دين پناهه هست حسين،

سِرداد، نداد دست در دست يزيد

حقًاڪہ بناي لا الله هست حسين.

ڀيڏي = ماڻهوءَ جي ٻنهي پيرن جي مرين ۾ ٻنهي پاسي هڪ هڪ گول، ٿوري اڀريل هڏي ٿيندي آهي، ان کي ڀيڏي سڏبو آهي. ٻي ڪنهن زبان ۾ کڻي ”ڀيڏي“ ڪهڙيءَ به هڏيءَ کي چئبو هجي، پر اسان کي عام ۽ اصطلاحي معنى کي وٺڻو آهي. تنهن کاسواءِ شاهه جي مطلب کي به ته ڏسڻو آهي ته هن ڪهڙي نه صحيح حقيقت بيان ڪئي آهي.

ڀر ڀيڏيءَ ڏيئي = اها تير انادزن کي خبر آهي ته تير يا گز هڻڻ وقت ڪرائيءَ جي ڪنڊي جو ڪمان سان ڪو به واسطو ڪونه هوندو آهي. البت ڪرائي جو طاقت وارو هئڻ ضروري آهي ته جيئن ڪمان ۽ تير مضبوط جهليل هجن.

ويهي جنهن وقت تير هڻبو آهي ته ان وقت سڄو گوڏو ڀڃي ويهبو آهي. ۽ ان وقت ڀيڏي زمين تي کتل هوندي آهي. کٻو گوڏو اڀو رهندو آهي. سڄي هٿ ۾ تير، ڪمان جي زهه ۾ پيل، جهليل هوندو آهي ۽ کٻي هٿ ۾ ڪمان ۽ تير ٻئي ورتل هوندا آهن ۽ کٻيءَ ٻانهن جي ٺونٺ اڪثر کٻي گوڏي تي ٽيڪ ڏياريل هوندي آهي، انهيءَ طريقي سان تير زورائتو ۽ تيز به ويندو ۽ نشاني تي به پورو لڳندو آهي.

ڪَرِنگَرُ = ڪرنگهو خاص طرح ڳچيءَ ۽ ڪلهن واري گڏجڻ جي هڏي کي به چوندا آهن. چوڻي به آهي ”فلاڻي فلاڻي جو ڪرنگهو ڀڃي ڇڏيو“

بَکَ = تير کي پک ٻڌبا ڪو نه آهن. لوهه يا فولاد جي سيخ، جنهن مان تير ٺاهبو آهي، انهيءَ سيخ مان ئي تير جا پک به ٺاهبا آهن.

تير جا ڪيترائي قسم آهن، جن جا نالا به جدا جدا آهن. تير کي پک فقط انهيءَ ڪري رکبا آهن ته هو وڏو گهاءُ ڪري ۽ اندر وڃڻ بعد ڇڪڻ سان ٻاهر هڪدم نه نڪري سگهي.

جيئن شاهه به چيو آهي ته

لڳو جيءَ جڙي، تاڻيان تير نه نڪري.

هيٺ تير جي شڪل مان به مٿين حقيقت صاف ظاهر ٿئي ٿي.

پاساڙا- ٻهراڙيءَ ۾ اڄ به پراڻا ماڻهو وڏيءَ عمر وارا پاسرن کي ”پاساريون“ تي چوندا آهن ۽ شاهه ڀٽائي به لفظ ”پاساريون“ ئي ڪم آندو آهي. وزن ۾ به اهو لفظ بلڪل پورو پوتل آهي.

شڪاريءَ جو اصول آهي ته شڪار تي جيڪو به وار ڪري ته اهو اول سر تي ڪري. لڙائي يا جهيڙي ۾ به مٿي ۽ سِسِي تي ڌڪ هنيا ويندا آهن. محبوب جون نظرون به عاشق جي نظرن سان ٽڪربيون آهن. چوڻي به آهي ته فلاڻي کي ڪاپاري ڌڪ آهي، تنهن ڪري بيت جو مفهوم سڌو سنئون آهي ته

سِرَ جو سڃئون سڄڻين، ڀر ڀيڏيءَ ڏيئي.

 (5)

سِرَ جو سڃئو سڄڻين، ٻنگا ڄاڻ ڀري،

وئو وجودا نڪري، ڪڙڪڙ ڪانء ڪري،

پڇو پير ڀري، ته ڪِه ٺريو هٿ حبيب جو…

ٻنگا = ٻنگ مان (ڏسو مٿي 1، 8 ۽ 11)

مٿي ڏٺو ويو ته سر يمن ڪليان جي داستان پهرئين جي بيت نمبر 1 ۾ نه، باقي نمبر 8 ۽ 11 ۾ ”ٻگا“ ۽ ”ٻنگ“ ٻئي لفظ ڪم آيل آهن. انهن ٻنهي لفظن جي معنى ۽ شرح هن طرح لکيل آهي:

ٻنگا = ٻنگان (هاڻ) ٻنگ مان. ٻنگ. (سن، وَنڪ)، ور، پيچ، وٽ. هي تير اندازيءَ جو اصطلاح آهي، جڏهن ڪمان کي وچان کاٻي هٿ سان جهلي، زهه کي چپٽيءَ ۾ تير سميت ساڄي هٿ سان ڇڪي، ٻانهن کي اهڙي پوري ور تي آڻبو آهي جو تير تکو ۽ زرو سان ڇٽي وڃي، تڏهن انهيءَ ور کي ”ٻنگ“ ڪري چوندا آهن.

پير ڀري. قدم رنج فرمائي.

(ٻنگا) هي لفظ هندي زبان جو ”بنگ – گا“ آهي، جو ڦري ”ٻنگا“ ٿيو آهي. ”ٻنگا“ بانس جي ڪائيءَ جي ٽڪر کي چوندا آهن. بانس جي ڪاٺيءَ مان به ڪمانون سٺيون ٺهنديون آهن.

انهن بيتن ۾ ”ٻنگ“ يا ”ٻنگا“ ٻئي لفظ ڪمان جي معنى ۾ ڪم آيل آهن. 8 ۽ 11 بيت ۾ هن طرح اهي لفظ استعمال ٿيا آهن:

هڻ حبيب هٿ کڻي، ٻنگا لهي ٻاڻ،

چوري چنگ، ٻنگ لهي، حبيبن هنيوس

جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته ”ٻنگ“ ٻين اصطلاحي معنائن ۾ به استعمال ٿئي ٿو. اهو گربخشاڻي صاحب به صحيح لکيو آهي ته ور، پيچ وٽ جي معنى هروڀرو ڪڍي وئي آهي، تير هڻڻ وقت ٻانهن فقط ٻيڻي ٿيندي آهي. اتي جيڪڏهن ٻانهن کي ور ڏبو ته ماڳهين ٻئي طرف هليو ويندو ۽ زور سان به ڪو نه ويندو.

مٿين ٻنهي سٽن ۾ ”لهي“ لفظ غلط آيل آهي. شاهه صاحب اصلي ئي هيئن فرمايو آهي:

18- هڻ حبيب هٿ کڻي، ٻنگان ڀري ٻاڻ،

19- چوري چنگ، ٻنگ ڀري، حبيبن هنيوس.

2- مٿئين بيت ۾ ”پير ڀري“ جي معنى ”قدم رنج فرمائي“ بلڪل غلط آهي، ڇو ته شاعر محبوب سان ڪونه ٿو ڳالهائي، جنهن کي ”قدم رنج فرمائي“ جي جملي سان مخاطب ٿئي. هو ته پنهنجي همرازن يا عوام کي چوي ٿو ته

پڇو پير ڀري، ته ڪِه ٺرئيو هٿ حبيب جو.

اتي ”پير ڀري“ جي معنى ٿيندي ته ”هلي وڃي“ پڇو. سست رفتار ماڻهوءَ کي به چئبو آهي ته ”تڪڙو ٿي، ٻٽي پير ته ڀر“ وغيره.

سرَ جو سڃئو سڄڻين، سينڱ منجهان سِيلو،

ٽنگر ٽِڪئو ڪين ڪين، پار لنگهيو پِيلو،

هئڻ سيئي حيلو، جانب جيڏوئي ڪيو.

سينڱ = (سن. شِرنگ)، ڪمان

سيلو = (سن . شَلَيَه)، تير، گز.

ٽِنگَرُ = (سن. ٽَنڪار) ٽنڪار ڪندڙ، يعني تير، ڇو ته اڏامڻ مهل ٽنڪار ڪندو.

پِيلو = (سن . پِيلو)، تير.

سينڱ، برابر ڪمان کي چئبو آهي. پر اهو ڪمان جو ڪهڙو قسم ٿيندو آهي، ان جي تحقيق ته ٺهيو پر رڳو ايڏهين غور ئي ڪو نه ڪيل آهي ته آخر سينڱ ڇو نالو پيو.

درحقيقت اهو هندي زبان جو لفظ ”سينگ“ آهي، يعني سنڱ، جيڪو جانورن جي مٿي تي ٿيندو آهي. ڪن خاص جانورن جي سنڱن کي گهڙي ۽ پاڻ ۾ ڳنڍي ڪمان ٺاهي ويندي آهي، ان کي ”سينگ “ سڏيندا آهن ۽ بهترين ڪمان ٿيندي آهي.

سيل = هي به هندي لفظ آهي ۽ ننڍڙي تير جو نالو آهي. اول فارسي وارن ان کي ”سيل“ لکيو.

سنڌي ۾ جيئن بنده مان بندو،فائدو ۽ قصيدو ٿئي ٿو. تيئن سيل مان ”سيلو“ ٿيل آهي.

ٽِنگَر. هن جو ٽنڪار ٻنڪار سان ڪو به واسطو ڪونه آهي. اصل ۾ اهو لفظ آهي”ٽَونِگرُ“ ۽  ”واو“ نڪرڻ بعد ٿيو ”ٽنگر“، جنهن جي معنى آهي ٽونگ ڪندڙ، سوراخ ڪندڙ.

بيت ۾ وزن جي لحاظ کان ٽنگر توڙي ٽونگر ٻئي پورا بيهن ٿا.

پيلو = هي لفظ فارسي زبان جو آهي ۽ سندس صورتخطي آهي ”پيله“ ان جي معنى آهي مزه، مزگان، جنهن کي اسين پنبڻيون چوندا آهيون، جيئن لفظ ”سِيل“ ۾ واو وجهي سيلو ٺاهيو ويو، تيئن هن لفظ ۾ به واو وجهي ”پِيلو“ بنايو ويو آهي. اهي ٻئي لفظ اسم تصغير وانگر آهن، ڇو ته هو ننڍڙي تير لاءِ ڪم آيل آهي ۽ هن جي به (پنبڻي) ننڍڙي تير سان تشبيهه ڏنل آهي.

زور ڪري شاهه جي ڪلام وارن لفظن کي سنسڪرت ٻوليءَ مان ٿابت ڪرڻ جو الاجي ڪهڙو ضرور آهي – صحيح طريقو هي آهي ته جيڪو لفظ جنهن زبان جو هجي ته ان کي انهيءَ نموني سان پيش ڪرڻ گهرجي ۽ سندس بدليل صورت سمجهائجي، نه ته ٻيءَ حالت ۾ رڳو مونجهارا پيدا ٿيندا.

هن ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته آنجهاني گربخشاڻيءَ پنهنجيءَ پر ۾ دوستن جي مدد سان شاهه جي رسالي کي ترتيب ڏيڻ ۽ معنى توڙي شرح لکڻ ۾ لاجواب ڪوشش ڪئي آهي.

هي مضمون مهراڻ رسالي جي جلد 12، نمبر 1 ۽ 2 سال 1993 ۾ شايع ٿيل آهي.

 (4 اپريل 1991ع / 18- رمضان 1411هه)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 \
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com