سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1991ع

مضمون

صفحو :7

رغبة الطالبين - ٽالپور دؤر جو

هڪ ناياب تفسير

عبدالرزاق گهانگهرو

 

سن 1197هه/1783ع ۾ مير فتح علي خان ٽالپور، ڪلهوڙڻ جي آخري حڪمران ميان عبدالنبي خان کي هالاڻيءَ جي ميدان تي شڪست ڏئي، سنڌ ۾ ٽالپورن جي صاحبي شروع ڪئي. (1) ٽالپور، ڪلهوڙن وانگر سنڌ جا اصل باشندا هئا. سندن زبان سنڌي ۽ سرائڪي هئي، پر ان هوندي به ٽالپور حڪمرانن سنڌي ٻولي جي وڏي سرپرستي ڪئي. سنڌ جا ٽالپور حڪمران عالمن جا قدردان ۽ علم پرور هئا. سندن درٻار ۾ هر وقت عالم، اديب ۽ شاعر رهندا هئا. هن دور ۾ سنڌي نظم ۽ نثر پورو عروج حاصل ڪيو. ڪلهوڙن جي دور وارو ديني ادب هن دور جي مڪتبن ۽ مدرسن ۾ رائج هو. سنڌ جا ٽالپور حڪمران ڪتاب پڙهڻ ۽ گڏ ڪرڻ جا شوقين هئا ۽ سندن عاليشان ڪتب خانه قائم هئا (2). سندن حويلين ۾ شهزادين کي پڻ دنيوي توڙي ديني تعليم ڏني ويندي هئي. شهزادين وٽ پڻ جدا جدا ڪتب خانا هئا ۽ وٽن پگهاردار ڪاتب مقرر ڪيل هئا. فن ڪتابت ۽ خوش نويسي هن دور ۾ زور ورتو. هن دور ۾ نهايت ئي قابل، قدر خوشنويس ۽ ڪاتب ٿي گذريا آهن. هن دور ۾ ڪو به بهترين ڪتاب عرب يا عجم کان سنڌ ۾ پهچندو هو ته ڪاتب انهن کي نقل ڪري مير صاحبن جي خدمت ۾ پيش ڪندا هئا. هر ننڍي توڙي وڏي شهر ۽ ڳوٺ ۾ مدرسا ۽ مڪتب قائم هئا، جن ۾ ديني تعليم ڏني ويندي هئي (3).

ٽالپورن جي دور جي تعليمي سرشتي بابت برٽن پنهنجي راءِ ڏيندي لکي ٿو ته ”ٽالپورن جي دور ۾ چئن سالن جي عمر ۾ ٻارن کي مدرسي ۾ موڪليو ويندو هو، جتي مولوي يا آخوند تعليم ڏيندا هئا. صبح کان وٺي شام تائين ٻار پڙهڻ ۾ رڌل هوندا هئا. پهرايئين آخوند ٻارن کي ”اَلحَمدُللهِ- رَبِ العَالَمِينَ“ جا اکر سڃاڻائيندو هو، ان کان پوءِ قرآن پاڪ جي پوئين پاري جون سورتون ياد ڪرايون وينديون آهن ۽ ساڳئي وقت لکڻ شروع ڪرائبو هو. اهڙي طرح لکڻ ۽ پڙهڻ سيکاريو ويندو هو. ان کانپوءِ معنى ۽ مطلب کان سواءِ قرآن پاڪ پڙهايو ويندو هو، جڏهن ٻار جي عمر نو سال ٿيندي هئي ته ان وقت مروج سنڌي زبان، جنهن ۾ نور نامون هو، پڙهائي ويندي هئي. مخدوم محمّد هاشم جا ڪتاب، جن ۾ شروعات تفسير سان ڪيل آهي، پڙهايا ويندا هئا. ان کانپوءِ نثر ۽ نظم ۾ باقي ڪتاب پڙهايا ويندا هئا (4)“ ان نموني ٽالپورن جي دور ۾ مدرسن ۾ تعليم جو رواج هو، جنهن جي متعلق سنڌ جي مؤرخن ڪافي روشني وڌي آهي. ٽالپور حڪمران مدرسن جي خرچ وغيره جو بار خود برداشت ڪندا هئا. هر هڪ مدرسي ۾ اعلى تعليم يافتہ مولوي يا مخدوم مقرر ٿيل هوندا هئا، جن کي حڪومت جي طرفان پگهار ملندو هو (5).

ٽالپورن جي دور ۾ سيوهڻ، ٽلٽي جي ڀرسان ٽپٽه، کهڙا، مٽياري، عمرڪوٽ ۽ چوٽياريون علم ۽ عرفان جا مرڪز هئا. انهن مدرسن ۾ صرف نحو، منطق، قفہ، تفسير، حديث، معافي، بيان ۽ بديغ وغيره جهڙا علم سيکاريا ۽ پڙهايا ويندا هئا (6). ٽالپرن جي دور ۾ مٽيارين جي هڪ بزرگ آخوند عزيز الله مٽياروي تيرهين صدي جي وچ ڌاري قرآن پاڪ جو سنڌي نثر ۾ ترجمو ۽ حاشيو لکيو (7). آخوند عزيز الله کان اڳ ۾ مولانا ميان مهرو دل به هن دور جو هڪ بلند مرتبي وارو عالم ۽ بزرگ ٿي گذريو آهي، جنهن قرآن پاڪ جي اُڻٽيهين پاري ”تبارڪ الذّي“ جو ترجمو ۽ تفسير لکيو آهي، جنهن جو اسان هتي علمي ۽ ادبي لحاظ کان جائزو پيش ڪريون ٿا.

1. مفسر جو تعارف:

مولانا ميان مهرو جي زندگي جو ڪو به مفصل ۽ مستند احوال ميسر ٿي نه سگهيو آهي. هندساتن جي هڪ سنڌي عالم ڊاڪٽر ديال آشا پنهنجي ڪتاب ”سنڌي شعر جي تواريخ“ ۾ هن بزرگ جو شمار سنڌي شاعرن ۾ ڪيو آهي ۽ ان جي باري ۾ وڌيڪ ڪو به احوال نه ڏنو آهي(8). مرحوم محمّد صديق ميمڻ ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ ۾ مولانا ميان مهرو جي تفسير“ رغبة الطالبين“ جي حوالي سان سندس باري ۾ مختصر احوال بيان ڪيو آهي، انهيءَ احوال جو بنياد مولانا ميان مهرو جي خود پنهنجي تفسير ۾ ڏنل احوال تي آهي. مرحوم محّمد صديق ميمڻ مولانا ميان مهرو جي باري ۾ لکي ٿو ته ”مولانا ميان مهرو ولد سرهيو ولد موٽيو ويٺل پراڻ بابت وڌيڪ احوال ملي نه ٿو سگهي، پر ايتري پڪ آهي ته هو لاڙ جو ويٺل هو ۽ ٺٽي جي ڪنهن عالم وٽ پڙهيو هو. ڇاڪاڻ ته تفسير ۾ سندس ٻولي اها آهي، جيڪا مخدوم محمّد هاشم ۽ ٺٽي جي ٻين عالمن ڪم آندي آهي.“(9)

مولانا ميان مهرو پنهنجي متعلق پنهنجي تفسير ”رغبة الطالبين“ ۾ ٻن هنڌن تي هن طرح ذڪر ڪيو آهي:

پڄاڻان حمد ۽ صلواة جي چوءِ ٿو گولو گولن اڀرن ڪنا

جو محتاج آهي ڏونہ رب تعالى، جو غني غفارا

آهي غني جنجي ۽ منجه سڀڪہ ساعت ليل ۽ نهارا

جو اميد نيندڙ آهي بخشش الله جي جو منجه دنيا ۽ آخرتا

نالو ان جو مهرو پٽ سرهيي جو قوم دَلن جي ڪنا

جو سرهو پٽ موٽي جو پراڻ سندو ساڪنا…الخ (10).

انهيءَ مٿئين بيان مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته مولانا ميان مهرو ذات جو دَلُ هو ۽ پراڻ جو ويٺل هو، سندس هن تفسير کي ڏسي اهو به چئي سگهجي ٿو ته مولانا ميان مهرو ٻين به ڪيترن ئي ڪتابن جو مؤلف ۽ مصنف هوندو، جيڪي زماني جي دست برد جو شڪار ڏسجن ٿا. اگر هن ڏس ۾ اڃا به وڌيڪ جستجو ڪئي وڃي ته ممڪن آهي ته سندس ٻي به ڪا ناياب ۽ قيمتي تصنيف ظاهر ٿي پوي. بهرحال مولانا ميان مهرو جي باري ۾ جيستائين ڪو مستند احوال ميسر ٿي سگهي، تيستائين اسان انهيءَ مٿئين احوال تي اڪتفا ڪريون ٿا.

2ـ تفسير جو تعارف:

تفسير ”رغبة الطالبين“ قرآن پاڪ جي اُڻٽيهين پاري ”تبارڪ الذي“ جو ترجمو ۽ تفسير آهي، مولانا مهرو پنهنجو هي تفسير 1206هه/1791ع ۾ لکيو. هي تفسير ٽالپورن جي دور جو هڪ ناياب تفسير آهي. (11) هي تفسير قاضي ابراهيم بن قاضي نور محمد پلبندري ۽ نورالدين جيوا خان، حيدري پريس بمبئي مان ليٿو ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. اهو ڇاپي تفسير 574 صفحن تي مشتمل آهي. هن تفسير جي آخر ۾ ڇپائيندڙ طرفان هي عبارت ڏنل آهي:

”الحمدلله وامنة ته هن ايامن نيڪن ۽ منجه هن زماني نيڪ فرجام جي هي تفسير سيپاري تبارک جو سانن اهتمام بنده درگاه مبين خير خواه امت رسول الامين قاضي ابراهيم بن قاضي نور محمّد پلبندري ۽ نورالدين جيوا خان مطبع حيدري بمبئي ۾ ڇاپيو.“(12)

3ـ تفسير جي تاليف جو سبب:

قديم دور جا جيڪي به سنڌي تفسير دستياب ٿيا آهن، تن ۾ اڪثر انهن جي اهميت ۽ انهن جي تاليف جو سبب بيان ڪيو ويو آهي، ته جيئن پڙهندڙن کي اهو ذهن نشين ٿئي ته هن تفسير جي لکڻ جو اصل ڪارڻ ڪهڙو هو ۽ ان جا ڪهڙا محرڪ هئا. انهيءَ ساڳئي اصول تي مولانا ميان مهرو پنهنجي هن تفسير ”رغبة الطالبين“ جي مقدمي ۽ ان جي آخر ۾ هن تفسير جي لکڻ جو سبب ڄاڻايو آهي. مولانا ميان مهرو ان سلسلي ۾ لکي ٿو:

تانپي طلب ڪئي مون کي هيڪڙي جماعت محبن منجا

هوا جي هم مجلس مهجا، منجا شاگردنئا

تن چيو مون کي هي ڪلام گهڻا مرتبا

ته تفسير سيپاري تبارڪ الذي جو منجه سنڌي لغتا

جي جوڙي تون جمع ڪري منجه واٽ خدا

ته هوند نفع وٺن گهڻا ان منجا مومن مرهاتا

جي واقف نه آهين عربي جا مگر سنڌي ڄاڻن ٿا

ته پڙي ان ڪتاب کي ڪن تهجي حق ۾ پڻ دعا

پوءِ برڪت دعا ان جي جڙيئي اجر عظيما

تڏه شروع ڪيم هن ڪتاب ۾ ڇڏي ٻي سڀڪا…الخ(13).

مولانا ميان مهرو جي انهيءَ مٿئين عبارت مان اها ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي ته کانئس اڳ ۾ ڪلهوڙڻ جي دور ۾ قرآن پاڪ جي آخري پاري ”عَمَّ“ جو تفسير سنڌي ۾ پڙهيو ٿي ويو. ان ڪري انهي ڳالهه کي محسوس ڪندي، سندس دوستن ۽ شاگردن کيس پاري ”تبارڪ الذي“ جو تفسير سنڌيءَ ۾ لکڻ جي طرف راغب ڪيو.

4ـ تفسير جي ترتيب ۽ سٽاءَ:

مولانا ميان مهرو پنهنجي هن تفسير جي ترتيب ۽ سٽاءَ کي پنهنجي دور جي سنڌي عالمن وانگر قائم رکيو آهي، هن تفسير جو گهري نظر سان  مطالعو ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته ان جي ترتيب ۽ سٽاءَ تي مخدوم محمّد هاشم ٺٽوي جو اثر غالب آهي. سڀ کان پهريائين مولانا صاحب تفسير کان اڳ ۾ هڪ عالمانه مقدمو ڏنو آهي، جنهن ۾ تعوذ، بسم الله ۽ سورة فاتحه جون فضيلتون بيان ڪيون آهن، انهن فضيلتن بيان ڪرڻ کانپوءِ مولانا ميان مهرو پاري ”تبارڪ الذي“ جي هر هڪ سورت جو ترجمو ۽ تفسير شروع ڪيو آهي. تفسير بيان ڪندي، ڪيترين جاين تي سورتن جي ترجمي ۽ تفسير بيان ڪرڻ کان اڳ ۾، انهن سورتن جو شان نزول بيان ڪيو ويو آهي. مثلاً سورة ”والمرسلت“ جو تفسير بيان ڪرڻ کان اڳ مولانا صاحب ان جو شان نزول هن طرح بيان ڪري ٿو:

”آهي تفسيرن سڳورن ۾ ههڙي پچارا

تجڏه انڪار ڪيو قريشن مڪيجي قرآن ڪريم ڪنا

جيئي نه مڃياءُ قرآن ڪريم کي احڪام ان سندا

۽ نه مڃياءُ رسالت رسول ڪريم جي جو پاڪيزو پيغمبرا

ڪياءُ انڪار قيامت جو ۽ هولن ان جي ڪنا

تڏه نازل ڪئورب تعالى هن سور کي قسمن طريقا…الخ(14)

مولانا ميان مهرو ڪيترن سورتن جو تفسير بيان ڪرڻ کانپوءِ انهن جون فضيلتون به بيان ڪيون آهن. مثلاً سورة الجن“ جي ترجمي ۽ تفسير بيان ڪرڻ کانپوءِ انهن جون فضيلتون به بيان ڪيون آهن. مثلاً سورة الجن“ جي ترجمي ۽ تفسير بيان ڪرڻ کانپوءِ ان جي فضيلتن کي مولانا صاحب هن طرح بيان ڪيو آهي:

تانپي اهي حديث نبوي ۾ هنپر بيانا

ته فرمايو رسول رب جي هيءَ حديث مبارڪا

تجيڪو پڙي سورة جنّ کي صدق سچه منجا

ته مقابل سڀڪنہ قبيلي جي جن آندو ايمانا

ڪِ نه آندو ايمان مٿي مير محمّد مقتدى

ڪَرَ گولو وٺي اُجو ڪناءِ منجه نام خدا

۽ پڻ فرمايو رسول رب جي سچي سردارا

تجيڪو پڙي قُل اُوجِي کي صدق سچه منجا

ته نه نڪرندو اوءِ شخص دنيا جي دار ڪنا

جيسي نه ڏسندو اوءِ منجه بهشت مڪان پهچي کا…الخ (15)

مجموعي طرح مولانا ميان مهرو پنهنجي هن تفسير کي ان طرح ترتيب ڏنو آهي. تفسير جي آخر ۾ پنهنجي دور جي همعصر عالمن وانگر، هن تفسير جي تاليف جو سن ڄاڻايو اٿائين، جيئن مولانا صاحب لکي ٿو:

تانپي جڏه هي ناقص جو اچي ٿيو تماما

تڏه نظر ڪئم ورهنم ته ڪيترا هين گذرئا

تان پاره سان ڇهه گذرنا ڪئا هجرة حبيبا

هئي تاريخ چوڏه ڪنا مهيني ڏي قعدا

۽ هو ڏينہ خميس جو ۽ وقت سندو ضحي

۽ منجه جورڻ ان نسخي جي مون کي لگا ڇهه ماه ڪاملا

هئم مانع ان مهينن ۾ پڻ گهڻان تماما

پر برڪت پلي ڄام جي جو عالم آڌارا

ڪئم ان نسخي کي نيئي نظاما…الخ(16)

5ـ تفسير جي مواد جا ذريعا:

مولانا ميان مهرو پنهنجي هن تفسير ”رغبة الطالبين“ لکڻ وقت هيٺين ذريعن کي ماخذ بنائي پنهنجو هي تفسير پورو ڪيو آهي، سندس تفسير جا بنيادي ماخذ هي آهن:

(الف) قرآن پاڪ:

مولانا ميان مهرو پاري ”تبارڪ الذي“ جي سورتن جو تفسير ڪندي، انهن آيتن جي مطلب ۽ مفهوم کي وڌيڪ مستند بنائڻ لاءِ انهن آيتن جي مضمون جي مناسبت سان قرآن پاڪ جي ٻين آيتن کي پيش ڪيو آهي، اهو ”تفسير القرآن باالقرآن“ جو اصول آهي، جيڪو قديم عالمن ۾ رواج ۾ هو. قرآن پاڪ جي مفسرن جو رايو آهي ته اهو طريقو تفسير لکڻ جو بهترين ذريعو آهي. مثلاً سورة الملڪ“ جي آيت ”هُوالَذِي جَعَلَ لَکُمُ الارضَ فَامشُوا فِي مَنَا کِبهَا وَ اِلَيہ الُنشُورُ“ جو تفسير ڪندي، مولانا صاحب لکي ٿو:

… ۽ ڏونہ ان خدا تعالى جي هلڻ آهي اهجو يقينا

اٿيندا مڙني مومن قبرن ڪنا اءِ جيڪي هوندا مؤا

جيئي اٿياريندو انکي جيرا ڪري قيامت ڏيها

واستي ڏيڻ جزا جي ۽ حساب ڪتاب لاءِ

جي ڪندو حساب ڪتاب آنسي موجب عملن پارا

هوندا عمل جهجا جهڙا ڏيندو پورهيو، ان کي ان موجبا

جهڙا عمل ڪئا هوندا جي ڪہ شخص صالح ڪِ طالحا

تهڙو پَسندو سڀڪو اجورو پهجو منجهه جزا جي ڏيها

فَمَن يّعملِ مِثقِالَ ذَرّةِ خيراً يّره ط وَمَن يَّعمَل

مِثقِالَ ذَرّةِ شَيراًيّره ات اهي اشارتا. (17)

(ب) حديث:

مولانا ميان مهرو آيتن جو تفسير ڪندي، قرآن پاڪ جي آيتن کي مضمون جي مناسبت سان بيان ڪرڻ کانپوءِ ان کي وڌيڪ سمجهائڻ لاءِ حديث جي صحاح سته جي ڪتابن تان حديثون پڻ نقل ڪيون آهن، ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته مولانا صاحب کي حديث جي فن تي وڏو عبور حاصل هو. مولانا صاحب پنهنجي هن تفسير ۾ جاءِ بجاءِ انهن حديثن جون عربي عبارتون به نقل ڪيون آهن. جيئن سورة ”المُدّثر“ جي آيت اِلاّ اَصحابَ اليَمِين“ جو تفسير بيان ڪندي لکي ٿو:

… ۽ جو مقاتل عالم جو هو مفسرن ڪنا

ته اصحاب جي يَمين جا اوءِ، شخص هوندا

جي هوا جيئي پاسي۾ حضورت آدم جي ميثاقجي ڏيها

جڏه خلقئو الله تعالى روحن کي ۽ ڪئاءِ طائفا

جنجي شان ۾ آهي هي حديث قدسي الله جي پارا

هؤ لاءِ فِي الجنةِ وَلاَ ابَالِي اها الفاظا

اينہِ چيو الله تعالى قدرت پهجي ڪنا …الخ (18)

(ج) مختلف تفسير:

مولانا ميان مهرو قران پاڪ ۽ حديث کان علاوه عربي ۽ فارسي جي ٻين ڪيترن معتبر ۽ مشهور تفسيرن تان به مواد ورتو آهي. اسان جي نظر ۾ سندس تفسير ۾ هيٺئين تفسيرن جا نالا گذريا آهن. جن کي مولانا صاحب پنهنجي تفسير ۾ سند ڪري ورتو آيه. تفسير جلالين، معالم التنزيل، بحر محيط، تفسير حسيني، مدارڪ، بحرالعلوم ۽ ڪشاف وغيره مثلاً سورةُ الدَهر“ جي آيت ”وَسَقهُم رَبُهم شرَاباً طهُورًا“ جو تفسير ڪندي، تفسير مدارڪ جي حوالي سان هن طرح لکي ٿو.

… سي ويٺا پياريندا پاڻي مومنن کي حوض ڪوثر منجا

۽ لکيو صاحب تفسير مدارڪ جي هنہِ طريقا

تجڏه پياريندا ملڪ مؤمنن کي شراب حوض ڪوثر ڪنا

تڏه قبول نه ڪندا اوءِ مؤمن ان شراب کي ان ملڪن جي هٿان

تانجو آڻيو رکندا مَلڪ پيالا ڀرؤ مؤمنن جي وات ڪنا

رضامنديون ٿينديون مؤمنن تي حق جي پارا (19).

6ـ تفسير جون خوبيون ۽ خاميون:

مولانا ميان مهرو جو تفسير ”رغبة الطالبين“ ڪيترين ئي خوبين سان ڀريل آهي. مولانا صاحب جو هيءُ تفسير ”تفسير القرآن“ ۽ تفسير القرآن بالحديث“ جي اصول تي جوڙيو ويو آهي. تفسير ڪندي اسرائيلي روايتن کان پرهيز ڪئي اٿائين. ڪيترين جاين تي عربي لفظن جي معنى کي واضح ڪرڻ لاءِ عربي ٻوليءَ جي مشهور ماهرن جهڙوڪ ابن ڪيسان، مجاهد، قتاده، ضحاڪ، ڪلبي، حسن بصري ۽ مقاتلؒ جي راين کي نقل ڪيو اٿائين، جنهن ڪري ڪيترن  ڏکين عربي لفظن جي معنى ۽ مفهوم کي سمجهڻ ۾ آساني پيدا ٿئي ٿي. اسان جي خيال ۾ اها هن تفسير جي سڀ کان وڏي خوبي آهي. مثلاً سورة ”المزمل“ جي آيت ”وَرَيِّلا القُرآنِ تَرِتيلا“ جو تفسير ڪندي مولانا صاحب لکي ٿو:

چئي معنى ان آيت جي حسن بصري هنترها

ته به تون قرآن ڪريم کي جيئن ڪلمون ڪلمون ٿيي جدا

چئي معنى ان آيت جي حسن بصري هنترها

نه پڙ تون قرآن ڪريم کي جيئن ڪلمون ڪلمون ٿيي جدا

۽ چيو مجاهد عالم معنى ان آية جي هن طريقا

ته پڙ تون قرآن ڪريم کي هرً هرً نه تڪڙ طريقا

۽ چيو قتاده معنى ان آية جي هن صورتا

ته محکم هو تون ان قرآن ڪريم اتي گهڻي محکمي ملا

جي احڪام ان ۾ سي مَ ڪج فراموشا…الخ(20)

باوجود انهن ڳالهين جي مولانا ميان مهرو ڪافي جاين تي عربي متن، ترجمي ۽ تفسير کي بيان ڪرڻ ۾ ڪو به امتياز نه رکيو آهي، انهيءَ ڪري اها خبر نه ٿي پئجي سگهي ته ترجمو ڪٿي ٿو ختم ٿئي ۽ تفسير ڪٿان شروع ٿئي ٿو. مثلاً سورة ”الحاقة“ جي آيت ”وَاِنّا لَنِعلُم مِنکُم مُکَذِّبِينَ“ جي ترجمي ۽ تفسير کي مولانا صاحب هن طرح گڏي بيان ڪيو آهي:

تحقيق ڄاڻہُ ٿا اس تَہ بعض اهجيکي اي مشرڪ مڪيجا

جي آهين ڪَوِيساهي ڪندڙ قرآن کي ظاهر زبانا.(21)

7ـ تفسير ۾ ڪم آندل ٻولي:

تفسير ” رغبة الطالبين“ جو مفسر 13 صدي جي شروعات جو مشهور عالم ٿي گذريو آهي. هن پنهنجي دور جي جيڪا سنڌي رسم الخط استعمال ڪئي آهي، سا کانئس اڳ ڪلهوڙن جي دور ۾ مخدوم ابوالحسن جي ايجاد ڪيل سنڌي رسم الخط آهي، انهيءَ رسم الخط جو ان دور ۾ تمام گهڻو رواج هو. سندس سنڌي عبارت ان دور جي مروج سنڌي ڊگهي نظم يعني ”نظم معرى“ ۾ آهي. الف اشباع واري قافيي کي استعمال ڪيو اٿائين.

مولانا ميان مهرو جي نظم جو جڏهن غور سان مطالعو ڪجي ٿو ته اهو معلوم ٿئي ٿو ته ڪلهوڙن جي دور ۾ مروج سنڌي نظم جو جيڪو انداز هو، اهو آهستي آهستي نثر جي طرف راغب ٿي رهيو هو، جنهن جا اهڃاڻ ۽ ڻشان مولانا ميان مهرو جي تفسير ” رغبة الطالبين“ مان ظاهر ٿين ٿا. مولانا صاحب جو هي ڊگهو نظم ڪيترن جاين تي ائين معلوم ٿئي ٿو ته هروڀرو طبيعت تي زور ڏئي عبارت کي نظم جي صورت ۾ بڻائڻ جي ڪُشش ڪئي وئي آهي، ڇاڪاڻ ته ان دور ۾ صاف طرح سان نثر وجود ۾ نه هو، اسان هتي ان جو هڪ مثال ڏيون ٿا:

پڻ پيئي پاڻي ستن دريائن جو جيئي نه ڇڏي ڪنهن قطري کان

منجه سياري ۽ اوناري ڪري قوت ان ڪنا

پوءِ جڏه رات پوي ان کي سڀڪہ ڏينهن پچاڻا

تڏه غم اچي ان حيوان کي اتِ هتہ طريقا

ته اڃه کاڌم سڀا ڪٿان کيندس، هوءِ منجه اًنہ فڪرا

وهان۾ ونڃي رات ان کي هوءِ معنجه انہ غمَناً فڪرا

اُهي هي بيان پويءُ تفسير حسيني ۾ ڪڊي نهارجا.(22)

هن تفسير ۾ ڪيترين جاين تي مٿئين مثال جهڙا نمونا ملن ٿا، اسان جو گمان غالب آهي ته ميان مهرو جي ئي تفسير کي ڏسي، آخوند عزيزالله مٽياروي نثر جي رنگ کي اختيار ڪيو هجي. مولانا ميان مهرو لاڙ جو ويٺل هو، ان ڪري پنهنجي تفسير ۾ لاڙ جي طرف استعمال ٿيندڙ لفظ استعمال ڪيا اٿائين. مثلاً: ڪڄاڙو، ريٻاڙو، ماڙو ۽ سُنہ وغيره. اهڙي طرح مولانا صاحب اهڙا لفظ ۽ اصطلاح به پنهنجي سنڌي عبارت ۾ استعمال ڪيا آهن، جيڪي هن وقت لاڙ ۾ به متروڪ ٿي چڪا آهن، اسان هتي ان جو هڪ مثال ڏيون ٿا:

(الف) آهين مخلوق مڙئي مغلوب هيٺ ان جي قدرتا.

جي ڏي نعمت ڪہ شخص کي ڪ کسي ڪہ شخص ڪنا

ڪِ وٺي پاڙ جهاڙو ڪہ دشمن پهجي ڪنا.      (23)

آندواسلام هزار، ڪنا ڪفر ڇٽا

  سانئي سوجهرو ڪئو ويئي اونداه وچا

  جن اسلام نه آندو سي هائي ۾ هڻبا.                   (24)

 

8ـ تجزيو:

مولانا ميان مهرو جو هي تفسير ” رغبة الطالبين“ سنڌ جي مشهور عالم ۽ مفسر مخدوم محمّد هاشم ٺٽوي کان پوءِ قرآن پاڪ جي مڪمل پاري جو تفسير آهي. هن کان اڳ ۾ ڪلهوڙن جي دور ۾ مخدوم صاحب کانسواءِ سنڌي زبان ۾ جيڪي به ترجما ۽ تفسير دستياب ٿيا آهن، سي ڪن سورتن جا ترجما ۽ تفسير آهن، جيتوڻيڪ هي تفسير مخدوم محمّد هاشم ٺٽوي جي تفسير هاشمي کان ڪن ڳالهين ۾ گهٽ آهي، پر ان هوندي به پنهنجي جاءِ تي زبان ۽ ادب جو وڏو شاهڪار آهي. سنڌ جو قومي ادارو سنڌي ادبي بورڊ، تفسير هاشمي وانگر ان کي شايع ڪرائي، ته سنڌي ديني ادب جي هڪ وڏي خدمت ٿيندي.

حوالا ۽ واڌارا

مولائي شيدائي: ”ٽالپرن جي مختصر تاريخ“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄام شورو سنڌ، 1983ع، ص 25

مرزا قليچ بيگ: ”تاريخ رياست خيرپور“، فيض پريس خيرپور ميرس سنڌ، 1924ع، ص 128

Mirza Kalech Beg. History of Sindh, vol II, Commissioner’s Press Karachi Sindh 1920, pp:164.

رچرڊ برٽن: ”سنڌ ۽ سنڌو ماتر ۾ وسندڙ قومون، مترجم محمّد حنيف صديقي، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد سنڌ، 1971ع، ص 125- 126.

مولائي شيدائي: ”تاريخ تمدن سنڌ“ سنڌ يونيورسٽي پريس حيدرآباد سنڌ، 1959ع، ص 1. 6

قدوسي اعجاز الحق: ”تاريخ سنڌ“ (اردو)، جلد ٻيو، مرڪزي اردو بورڊ لاهور، ص 779

ٽالپورن جي آخرين دور ۾ تيرهين صدي جي شروع ۾ آخوند عزيزالله مٽياروي (المتوفي 1273هه) پهريون سنڌي عالم هو، جنهن سنڌي ”ڪبت“ واري شاعري کان هٽي، خالص سنڌي نثر ۾ قرآن پاڪ جو ترجمو ۽ حاشيو لکيو. آخوند صاحب جي انهيءَ ترجمي جي ڪري ٻين سنڌي عالمن کي قرآن پاڪ جي سنڌي نثر ۾ ترجمي ڪرڻ ۾ آساني پيدا ٿي. گويا قرآن پاڪ جو هيءُ ترجمو کانئس پوءِ جي عالمن لاءِ هڪ رهنماءِ رهبر جي حيثيت رکي ٿو. آخوند صاحب جو هي ترجمو ۽ حاشيو سڀ کان پهريائين قاضي محمّد ابراهيم سن 1287هه/ 1870ع ۾ ليٿو ۾ ڇپيو ويو. هن ڇاپي  ۾ آخوند صاحب جي سنڌي ترجمي سان گڏوگڏ ان جي هيٺان شاهه ولي الله محدث دهلوي جو فارسي ترجمو به ڏنل آهي.

ڌاميجال ديال آشا ڊاڪٽر: ”سنڌي شعر جي تواريخ“، انجلي پرڪاش اُلهاس نگر، 1984ع، ص 185.

محمّد صديق ميمڻ: ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ جلد اول، آر ايڇ احمد اينڊ برادرس حيدرآباد سنڌ، 1976ع، ص 229.

مولانا ميان مهرو دل: ”تفسير رغبة الطالبين“، حيدري پريس بمبئي، ص 2- 3.

مصنف جون تصنيفات

بهارِ طالب

رباعياتِ طالب (ٻيو ڇاپو)

خود شناسي

شيطان

اسلامي تصوف

منتخب امام غزالي جا خط

يادِ رفتگان

ڪچڪول

شانِ سروري

ڪافي

ڇپر ۾ ڇڙيون (ٻيو ڇاپو)

سنڌ جو سانوڻ (مثنوي)

ديوانِ طالب المولى

آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه (مثنوي)

هالا جا مخدوم صاحب ۽ شاهه ؒ

شام ۽ صبح (نظم)

مثنوي عقل و عشق (ٻيو ڇاپو)

بي پير اکيون

مصريءَ جون تڙون

سدا وسين سنڌڙي

لغات سنڌي مخففات

آبِ حيات

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 \
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com