سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1966ع

مضمون

صفحو :1

مهراڻ 1.2/ 1966ع

غلام محمد گرامي

گذارش

سدا حيات لطيف

”وادي، مهراڻ“، اها سٻاجهي ۽ نماڻي، مردم خيز ۽ سدا حيات وادي آهي، جنهن جي خاڪ پاڪ مان، ”لطيف“ جهڙو يگانهء روزگار ۽ گوهر آبدار پيدا ٿيو. لطيف ۽ سندس فن، پنهنجي عظيم انفراديت ۽ افاديت جي لحاظ سان، بين الاقوامي شهرت ۽ عظمت حاصل ڪري چڪا آهن.

        مشرق ۽ مغرب جي باشعور ۽ اهل، فن ناقدن، لطيف جي ڪلام جي ڇنڊ ڇاڻ ۽ پرجهڻ کانپوءِ، سندس ”فن“ کي ”زندگيءَ جو فن“ ڪوٺيو آهي. بيشڪ لطيف جو فن ۽ شعور، پنهنجي مٿي هڪ با بصيرت ۽ آفاقگير، صاحب، فن جو تجزيو آهي، ۽ ان سان گڏ، زندگيءَ جي صالح ۽ صحتمند معيارن ۽ قدرن کي سمجهندڙ شاعر جو شعور آهي.

        لطيف سائين، هڪ جامع اوصاف ۽ آدرشي انسان جي حيثيت سان به وڏو مقام حاصل ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ سندس سيرت ۽ اخلاق، رهڻي ڪرڻي ۽ بود وباش، به فقيراڻي ۽ صوفياڻي رنگ سان رتل هئي; ته سندس تبليغ، ارشاد، تلقين ۽ ڪلام به روح آفرين ۽ وجد انگيز آهن. سندس ڪلام ۾ رقت انگيز ۽ شڪست ساز جون اهي ”آهون ۽ صدائون“ آهن، جي هر دور جي مُرده ۽ بيحس، بيمار ۽ بيڪار، قلب لاءِ به زندگيءَ جو پيغام ثابت ٿين ٿيون.

        لطيف، نه فقط هڪ صالح فرد جي حيثيت سان مثالي ۽ آدرشي انسان آهي، پر ان سان گڏ، سندس اجتماعي حيثيت به اصلاح بخش آهي.

        لطيف سائينءَ، ظاهر ۾ هڪ گمنام صوفيءَ وانگر ”وجهي منهن مونن ۾، غربت ساڻ گذار جي مصداق، پنهنجي ساري حياتي، سيروسفر، تجربي ۽ مشاهدي، صحبت ۽ رهاڻ، عبادت ۽ رياضت، گمناميءَ ۽ گوشه نشينيءَ ۾ گذاري. پاڻ ڪڏهن به عملي طرف سان نه ڪنهن هنگامه خيز، انقلابي ۽ اصلاحي تحريڪ ۾ حصو ورتائون ۽ نڪو سندن مريدن ۽ صحبتين، پنهنجي دور  ۾ ڪنهن انقلابي تحريڪ سان ساٿ ڏنو. باوجود ان جي، ”لطيف“ جي اها گوشه گيري، پيشه ور صوفيءَ واري فراريت نٿي چئي سگهجي، جنهن ۾ هڪ ”صوفي“ مڪان ۽ زمان جي سڀني مسئلن_ انسان ۽ ان جي حيات، حڪومت ۽ رياست، کان منهن موڙي، سڳا ٽوڙي، الفي پهري، ”هو حق جا نعرا هڻي، پاڻ ۾ ئي غرق ٿي ويندو آهي!

ان قسم جا فراريت پسند صوفيءَ جي دعوائن ۾، هن قسم جون صدائون هونديون آهن:

عدَمي عدَم، عدَمي عدَم، ز عدَم چه صرفه بَري عبَث!

        ان قسم جي رهبانيت ۽ جوڳيپڻي، ترڪ دنيا ۽ فراريت جي ڪري، هن عظيم ڪائنات کي، ڪٿي ”رام ليلا ۽ مايا چيو ويو، ته ڪٿي ”عالم خيال ۽ عالم مثال سڏيو ويو. حالانڪه، هيءَ ڪائنات ۽ ان جو نظام، انسان ۽ ان جي جدوجهد، زندگي ۽ ان جو مقصد، حيات ۽ ان جي ارتقا، سڀ ”حقيقت“ آهن. ان حقيقت کان انڪار ڪري، گمناميءَ ۽ فراريت جي آرام طلب ۽ عيش پساند اڪيلائيءَ ۽ اوندهه ۾ گذارڻ، نه فقط خدا تعاليٰ ۽ ان جي دين فطرت جي عدولِي ڪرڻ جي برابر آهي: پر ان سان گڏ، انفرادي توڙي اجتماعي زندگيءَ ۽ ان جي مقصد تان به هٿ کڻڻ جي برابر آهي.

        لطيف سائين، ان فراريت ۽ گريز جو قائل نه آهي، فرمائي ٿو:

هڻ ڀالا، وڙهه ڀاڪرين، آڏي ڍال مَ ڍار!

لطيف سائينءَ جي اها حق شناسي ۽ ديده ريزي، سندس ”رسالي“ جي هر سٽ ۾ موجود آهي. لطيف سائينءَ زندگي ۽ ان جي هنگامه خيز اٿل پٿل، رياست ۽ حڪومت ۽ ان جي همه گير تسلط ۽ تشدد، عوام ۽ ان جي دُکن دردن سان ڀريل حياتيءَ، جي هر پهلوءَ کي بصيرت واريءَ نگاهه سان مطالع ڪيو آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي، جو سندس سماجي شعور، هڪ طرف دک ۽ درد جو ترجمان ۽ درمان آهي: ته ٻئي طرف، منجهس اصلاح حال ۽ انقلاب خيال جي تحريڪ موجود آهي.

        هو هر انفرادي ۽ اجتماعي خلَل ۽ ذَلَل کي چيو ڏئي:

مَتو آهين مَڇَ، ٿلها ٿو ٿونهان هڻين،

تو جا ڀانئين آڇ، تنهن پاڻيءَ پُنا ڏينهڙا!

        لطيف، اصل ۽ نقل، حق ۽ باطل جي ريب ۽ فريب واري ڪشمڪش ۽ منافقانه ڪاوش، توڙي ”موسيٰ“ جي منهن ۾، ”اندر واري ابليس“ کي به خوب ٿو سڃاڻي، فرمايائين:

منهن ته موسيٰ جهڙو، اندر ۾ ابليس،

اهڙو خام خبيث، ڪڍي ڪوهه نه ڇڏئين.

 

اندر ويهاري ڪانءُ، ٻاهر ٻولي هنجهه جيان،

اهڙو ٺلهو، ٿانءُ، ڀڃي ڇو نه ڀورا ڪرين.

        ان طرح، دين ۽ مذهب جي آڙ ۾ لڪل، گنديءَ ۽ گراهه جي گولَن جي ڪشمڪش کي به خوب سڃاتائين. فرمايائين:

ڦِريا پسي ڦيڻ، کريَن کير نه چکيو،

دتيا ڪارڻ دين، وڃائي وِلها ٿيا

ان طرح بيعمل ۽ بدڪردار مسلمانن کي چئي ڏنائين:

ان پر نه ايمان، جئن ڪلمه گو ڪوٺائين،

دغا تنهنجي دل ۾، شرڪ ۽ شيطان،

منهن ۾ مسلمان، اندر آذر آهيين.

ان طرح آڌرمي ۽ نالي جي هندن کي به چئي ڏنائين:

هندو هڏ نه آهيين، جڻيو تو مَ جڳاءِ،

ڪوڙو تون ڪفرسين، ڪافر مَ ڪوٺاءِ،

تلڪ تنين کي لاءِ، سچا جي شرڪ سين.

رسم، جسم ۽ اسم جي پوڄارين ۽ بيروح ۽ بيمقصد  ماڻهن کي چئي ڏنائين:

روزا نمازون، ايءُ پڻ چڱو ڪم،

پر اوڪو ٻيو فهم، جنهن سان پسجي پرينءَ کي.

جان جان پسين  پاڻ کي، تان تان ناهه نماز،

سڀ وڃائي سازَ، تِنهان پو، تڪبير چئو.

حقيقت شناسيءَ لاءِ علم ۽ عمل، فڪر ۽ نظر، حال ۽ خيال جي شهادت تي زور ڏيندي فرمايائين:

اک اَشهد چاءِ، ته مشاهدو ماڻئين!

بيعمل عالمن ۽ ڪاتبن کي فرمايائين:

نظر هجي نيڪ، ته بسم الله ئي بس ٿَئي.

يا

ورق وارين ويهه ته حرف مڙيو ئي هيڪڙو.

منافقيءَ ۽ رياڪاريءَ واري هلت چلت تي چيائين:

چائت پائي چت ۾، سنهو ڪتيو جن،

تن جو صرافن، دُڪو داخل نه ڪيو.

اخلاص ۽ محبت، نيت صالح ۽ نيڪ مقصد وارن عاجزن ۽ نماڻن جي رياضت تي تحسين ڪندي چيائين:

محبت پائي مَنَ ۾، رنڍا روڙيا جن،

تن جو صرافن، اڻتوريو اگهائيو.

بي اتفاقيءَ ۽ باهمي جنگ و جدال تي چيائين:

ولر ڪيو وتن، پرت ته ڇنن پاڻ ۾،

پسو پکيئڙن، ماڻهنئان ميٺ گهڻو.

        لطيف جا اهي ”بيت“، اصل ۾ اهي ”آيتون“ آهن، جن جي روشنيءَ ۾ اسان پنهنجي زندگيءَ کي ڪنهن اعليٰ مقصد ۽ تعميري نصب العين تائين پهچائي سگهون ٿا. لطيف جا تجربا ۽ مشاهدا، رايا ۽ نتيجا سورهن آنا سَچَ آهن: لطيف جا اشارا ۽ ڪِنايا، نهايت تعميري، پائدار ۽ حيات بخش آهن.

 

        لطيف سائينءَ، پنهنجي دور ۽ ماحول کي، سماجي ردوبدل کي، مذهبي حالتن کي، عوامي زندگيءَ کي، رياست ۽ حاڪميت کي رڳو ظاهري نظرن سان نه، پر بصيرت وارين اکين سان مطالع ڪري، هڪ پيغمبر جي زبان سان ورجايو آهي. اهو ئي سبب آهي جو سندس پيغام ۾ دائمي قدر موجود آهن. سندس پيغام هر دور لاءِ ۽ هر سماج لاءِ هڪ آدرشي ۽ مثالي نصب العين رکي ٿو.

        لطيف جي حڪمت آفرين تعليم جو روح اهو آهي ته عبد جا معبود سان نياز مندانه تعلقات پيدا ڪري بَديءَ ۽ شَر کي ختم ڪري سگهجي ٿو. ”خير، حسن ۽ حق سان والهانه وابستگي پيدا ڪري، ”خير“ کي پيدا ڪري سگهجي ٿو. ان سلسلي ۾ ۾ لطيف، حسن، حق ۽ خير جي محيظ ڪُل حيثيت کي بيان ڪندي فرمائي ٿو:

منهن محراب پرينءَ جو، جامع سڀ جهان!

        لطيف جو اهو فن ۽ پيغام فقط ڪنهن هڪ قوم، هڪ مشرب، هڪ دور ۽ هڪ سماج تائين محدود نه آهي، پر ان ۾ آفاقيت ۽ صحتمند دائيت آهي. اهو ئي سبب آهي جو سندس ڪلام، انساني ذهن ۽ شعور جي تشڪيل ۽ تعمير ۾ ڪارگر ثابت ٿي سگهي ٿو. ان ڪري ئي کيس نه فقط سنڌ جو روشن ستارو ۽ قومي هيرو مڃيو ويو آهي، پر ان سان گڏ، سندس بين الاقوامي شهرت مشرق ۽ مغرب تي ڇائنجي چڪي آهي.

        لطيف جي ڪلام جي ٻي انفرادي حيثيت اها به آهي، ته سندس شاعري خالص ديسي اصناف_  بيت ۽ وائيءَ _  تي مشتمل آهي. حالانڪه سندس دور ۾، غزل ۽ قصيدو معراج ڪمال تي پهتل هو. سندس ڪيترا معاصر فارسي شاعر هئا ۽ صاحب ديوان هئا، پر لطيف نه پنهنجي سنڌي سليمي ٻوليءَ کي ڌاريءَ ۽ اڌاريءَ ٻوليءَ تي ڇڏيو، ۽ نڪو پنهنجي بيت ۽ وائيءَ کي غزل ۽ قصيدي جي مقابلي ۾ ڇڏي سگهيو. چي:

ايءَ نه مارن ريت، جئن سيڻ مٽائن سونَ سين!

        اهو ئي سبب آهي جو سندس شاعريءَ ۾ بيمقصد شاعريءَ واري لغو بياني، مبالغه آرائي لفاظي، انشاپردازي ۽ ڊاڙ ٻٽاڪ آهي ئي ڪانه!

        ان سان گڏ، سندس شاعريءَ جو افادي پهلو اهو به آهي ته لطيف، پنهنجي واردات ۽ ڪيفيات کي، ”ادب برائي ادب“ جي لغو ۽ مهمل بس منظر مان ڪڍي ”ادب برائي حيات جي روشن ۽ تابناڪ مقصد تائين پهچائي سگهيو آهي. جنهن ۾ ذوق جماليات سان گڏ، اعليٰ آدرش ۽ صحتمند نصب العين جي تحصيل لاءِ پيغام به آهي ۽ علمي راهه به ڏسيل آهي: جدوجهد ۽ جهاد  جي تلقين به آهي ته ذڪر ۽ فڪر جو ارشاد به آهي: اخلاق ۽ ڪردار جي بلنديءَ لاءِ ترغيب به آهي ته عمل ۽ اصلاح لاءِ تنبيهه به آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو سندس شاعري، رسالو، يعني پيغام بنجي چڪي آهي، ۽ اهو پيغام امن ۽ ايمان، صلح ۽ محبت، برادريءَ ۽ اخوت جو جامع پيغام آهي، جو پوريءَ انسانذات ڏانهن عام آهي.

        لطيف جي حڪيمانه طرز ادا جو صحتمند پهلو اهو به آهي ته پاڻ سنڌ جي عوامي ڪهاڻين ۽ روايتن کي اڳيان آندو اٿس، جن کان شهري توڙي ٻهري سڀ واقف آهن. لطيف، انهن مان استعاري ۽ اشاري سان ڪيئي مسئلا حل ڪيا آهن ۽ عام ماڻهن جي ذهني اعتبار کان، دقيق ۽ عميق حقيقتون سوليون ڪري ٻڌايون اٿس.

        ان سلسلي ۾، ”سنديان را اصطلاح سند مدح جي مصداق، لطيف، سولي ۽ سوادي، سهڻي ۽ من مهڻي، مٺي ۽ ملوڪ، ٻولي ڪم آندي آهي.

        لطيف جي بصيرت افروز نگاهه، ”وادي مهراڻ جي تهذيب ۽ شرافت کي به نظرانداز نه ڪيو آهي. هو سنڌ کي مثالي سرزمين سمجهي ٿو. هو سنڌ کي امن ۽ ايمان، اخوت ۽ انسانيت جو مرڪز قرار ڏئي ٿو. سنڌ جي تهذيب ۽ روايات جي نقشگري ڪري ٿو. سنڌ جي ماڻهن، هنرن، پکين، ريتن روايتن، رسمن ۽ عادتن کي ور ور ڪري ورجائي ٿو. لطيف جي دعا آهي ته سر زمين سنڌ مان ”خير ۽ برڪت“ جو اهو پيغام پيدا ٿئي، جو پوري انسانذات لاءِ امن ۽ ايمان، خير ۽ برڪت جو پيغامبر بنجي. ان لاءِ والهانه انداز ۾ چئي ٿو:

سائين، سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سڪار،

دوست تون دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين!

        اها سنڌ جي تهذيب ئي ”خير ۽ برڪت“ جو سبب ثابت ٿي آهي، جنهن کي زندهه رکڻ اسان جو فرض آهي.

        ان سلسلي ۾ اهو به ياد رکڻ گهرجي ته نڪا زندگي بيمقصد آهي ۽ نڪو انسان جي تخليق بنا مقصد جي ٿي آهي. انسان جو اخلاقي وجود هن ڪار گاه حيات جي تعمير جي سلسلي ۾ خدا جو نائب قرار ڏنو ويو آهي. انسان کي جدوجهد ڪرڻي آهي، هن ڪائنات ۽ ان جي نظام کي مطالع ڪرڻو آهي، هن ڪائنات جي تسخير ڪرڻي آهي، هن دنيا کي امن ۽ ايمان سان سينگارڻو آهي، هن دنيا مان ظلم ۽ تشدد، نفرت ۽ عناد، ڏاڍ مڙسيءَ ۽ ارهه زورائيءَ جون پاڙون پٽڻيون آهن. هن دنيا ۾ علم ۽ فڪر جون مشعلون ٻارڻيون آهن. هن دنيا جي گگدام عوام کي پنهنجي حقن ۽ آزاديءَ حاصل ڪرڻ لاءِ تيار ڪرڻو آهي. هن دنيا مان شر ۽ بديءَ، فتني ۽ فساد جون سڀ شرارتي قوتون ختم ڪرڻيون آهن. هن دنيا مان رنگ ۽ نسل، اوچ ۽ نيچ، ذات ۽ پات جي درجه بندي کي نگهوسار ڪرڻو آهي.

        ان ڪري، انسانذات لاءِ فراريت ۽ رهبانيت واري واٽ، گمراهيءَ جي واٽ آهي، جنهن ڏانهن ڪو به مصلح، مجدد، مفڪر ۽ شاعر دعوت نٿو ڏئي سگهي. شاهه به ان سلسلي ۾ سسئيءَ جي ڪردار  جي ترجماني ڪندي فرمايو آهي:

تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهين ويل و هڻ جي،

متان ٿئي اونداهه، پير نه لهين پرينءَ جو.

ان طرح فرمائي ٿو:

هَٿين، پيرين، مونڙين، هل هنئين سين هوتن!

        مقصد جي طلب ۽ تلاش جي سلسلي ۾ جدوجهد جاکوڙ کي برداشت ڪرڻ سر سسئيءَ جو اهم ڪردار آهي.

        انسان جي زندگيءَ جي جامعيت جن لازمي مرحلن سان وابسته آهي، تن ۾ تعليم ۽ تربيت، ذڪر ۽ فڪر، صحبت ۽ تجربي کي شمار ڪري سگهجي ٿو. مذهبي زبان ۾ انهن مرحلن کي شريعت، طريقت، حقيقت ۽ معرفت چيو ويو آهي. لطيف به ائين ئي فرمايو آهي. چي:

ساري سک سبق، شريعت سندو سوهڻي،

طريقتان تکو وهي، حقيقت جو حق،

معرفت مَرڪ، اصل عاشقن جو.

        انهن مرحلن جي تشريح اها آهي ته _ شرع قانون آهي، طريقت عمل آهي، معرفت ڄاڻ سڃاڻ آهي، ۽ حقيقت ڦَلَ آهي. انهن مرحلن جي تڪميل ڪندڙ، هڪ بااخلاق ۽ آدرشي انسان بنجي ٿو، جنهن کي عرف عام ۾ ”صوفي“ به چيو ويو آهي:

صوفيءَ صاف ڪيو، ڌوئي ورق وجود جو،

تهان پوءِ ٿيو، جيئري پسڻ پرين جو

وهه وٽي هٿ ڪري، پُر پيالو پيءُ،

هنڌ تنين جو هيءُ، جن حاصل ڪيو حال کي.

        اسلام جو اخلاقي نظام، قرآن جو نظريه ۽ ايمان، رسول پاڪ جو اسوه حسنه به اهو ئي آهي. اهي ئي اوصاف اخلاق آهن، جن کي صبغته الله، جهاد اڪبر، تزڪيه نفس ۽ علم باطن چيو ويو آهي. علم جي حقيقت ۽ ايمان جي حقيقت به اها ئي آهي.

        خالص علمي زبان ۾ چئجي ته تصوف آهي ”سيرت جي تطهير ۽ اخلاق جي تڪميل“. لطيف به ان تصوف جو قائل آهي. لطيف وٽ به تزڪيه نفس ۽ باطني اصلاح جو اهو ئي سامان آهي. ٿورن لفظن ۾ لطيف وٽ، ”انسان کي ”انسان بنجڻ جي دعوت آهي.

        ان طرح لطيف سائين ٻڌائي ٿو ته هڪ صاحبدل صوفي، پنهنجي حال ۽ عقيدي جي لحاظ سان هڪ مخصوص انفرادي مقام ٿو رکي. فرمايائين:

اک الٽي ڌار، ونءُ الٽو عام سين،

لهوارو لوڪ وهي، تون اوچو وهه اوڀار!

”اک الٽي ڌار چئي، تقليد جامد جي قيد ۽ بند مان آزاديءَ ڏانهن اشارو ڪيو ويو آهي. زندگيءَ جا بهترين اصول ۽ عقيدا اهڙا نه آهن، جي عام ماڻهن جي ذهني سطح تي ماپي سگهجن. ان لاءِ ”عوام جي چئي آکئي تي هروڀرو نه هلڻ گهرجي. ان سلسلي ۾ ”عوام سَند نه آهي. جڏهن عوام حقيقت ۽ ان جي راهه کان ڀٽڪي، ”لهوارو“ وهڻ لڳي، تڏهن لطيف فرمائي ٿو ته پاڻ کي اوچو وَهڻو آهي. اهو اوچو وَهڻ ۽ سرافراز ٿي رهڻ، گويا سوريءَ جو سڏ آهي، جو نينهن وارن لاءِ آزمائش جو دستور ٿو رکي:

سوريءَ سڏ ٿيو، ڪا هلندي جيڏيون،

وڃڻ تن پيو، نالو نينهن ڳنهن جي.

۽ اهو به ”عام کان مٿي مقصد آهي.

عاشق زهر پياڪ، وهه پَسي وهسن گهڻو،

ڪڙي ۽ قاتل جا، هميشه هيراڪ،

توڻي چڪنن چاڪَ، ته به آهَ نه سان عام سين.

        بهرحال، لطيف جو پيغام علم ۽ فڪر جو پيغام آهي، حڪمت ۽ موعظت جو پيغام آهي، هن دور جي مشڪل مسئلن لاءِ ”حل آهي، هن دور جي پياسي انسانذات لاءِ آب حيات آهي، ۽ رسالو سمونڊ آهي:

شيوا ڪر سمونڊ جي، جت جَر وهي ٿو جال،

ماسو جڙئي مال، ته پوڄارا پُر ٿئين.

شال اسان جا سنڌي سٻاجهڙا، لطيف جي فن ۽ پيغام مان ڪو ماسو حاصل ڪن ۽ پوءِ عالم کي اهي هيرا ۽ لعل آڇي سگهن!

        اڄ علم ۽ سائنس جي رفتار بجليءَ کان وڌيڪ تيز ٿي چڪي آهي. انسانذات جي امن ۽ سلامتيءَ جون واڳون، اهڙن واڳَن ۽ ارڙ نانگن جي وات ۾ اچي چڪيون آهن، جي علم ۽ سائنس جي ذخيري تي واسينگ نانگ ۽ ديو وانگر کُپُ کوڙيو ويٺا آهن. جيڪڏهن روحانيت ۽ اخلاق جي ترقي اهڙي تيز رفتار سان نه رهي ته پوءِ يقينا ”توازن حيات ۾ خلل پيدا ٿيندو ۽ سائنس ۽ علوم جديد، انسانذات لاءِ عذاب پيدا ڪري ڇڏيندا. تنهن ڪري اڄ جي انسانذات تي پهريون فرض اهو ٿو عائد ٿئي ته هو پنهنجي اخلاقي ڪردار ۽ روحاني معيار کي ان درجي تي پهچائي، جتي علم جديد ۽ سائنس جي رسائي آهي._  ورنه هيءَ دنيا ”هيروشيما ۽ ناگاساڪي“ ٿيندي ٿيندي، هڪ ڏينهن ”ويٽنام بنجي ويندي، ۽ هر طرف ائٽم بمن ۽ هيڊروجن بمن جو دونهون هوندو، بچيل کچيل انسان وڃي غارن ۾ لڪندا ۽ دنيا ڪروڙي نسال پوئتي پٿر جي زماني ۾ وڃي پناهه وٺندي!

        ڪاش! لطيف جي عالمگير امن ۽ انسانيت واري پيغام کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچايو وڃي!

”مهراڻ جو ٻارهون سال

        ”مهراڻ“ پنهنجي ٻئي دور(5 5 9 1ع- -1965) جا يارنهن سال، خير سلامتيءَ سان پورا ڪري، ٻارهين سال ۾ قدم وڌايو آهي، هيءَ پرچو، 1966 ع جي پهرين ٻن سماهين_ جنوري فيبروري، مارچ ۽ اپريل، مئي، جون _  تي مشتمل آهي، ۽ هن پرچي سان، ”مهراڻ جو گويا ٽيون دور شروع ٿيو آهي.

        هن دور جي شروعات، علمي ۽ تحقيقي مقالن سان ٿي آهي. سڀ کان اول، صدر مملڪت پاڪستان، جي هڪ نهايت لذيذ ۽ فڪر انگيز تقرير ”جديد دور ۾ اهل اسلام جون ذميداريون“ آيل آهي. اها تقرير، جديد مسئلن جي ڇنڊ ڇاڻ سان گڏ ترقي يافته فڪر و نظر جي ترجمان آهي ۽ رجعت پسند خيالن لاءِ صور اسرافيل جي حيثيت ٿي رکي. ان ۾ ”اسلام کي روشن نصب العين جي حيثيت سان، پيش ڪندي، چيو ويو آهي:

        ”اسلام مذهب نه هو، پر هڪ ترقي پسندانه تحريڪ هئي، جا پنهنجي صحتمند اخلاقي ۽ علمي، نظرياتي ۽ فڪري اصولن ۽ قدرن جي بنياد تي وڌندي رهي.

        ”اسلام انساني حيات کي مقصد ۽ جدوجهد جو نئون پيڪر ۽ نئون تعبير عطا ڪيو. ان طرح سان انسان جي ارتقائي تاريخ کي نئين منزل سان روشناس ڪيو“

        ان کانپوءِ، حضرت علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي تقرير ”محبت جي ضرورت“ پيش ڪيل آهي. ان تقرير ۾ هڪ طرف زندگيءَ جي مقصد جي تشريح، نهايت فڪر انگيز طريقي سان تي ڪئي وئي آهي: ته ٻئي طرف زوال پذير قوم کي زندهه ڪرڻ جا اخلاقي اسباب پڻ بيان ڪيا ويا آهن _ اها به غور طلب تقرير آهي.

        ان کانپوءِ، سنڌ جي عظيم محب وطن، جناب جي ايم سيد جو مقالو ”محبت جي ورکا جي عنوان سان آيل آهي، سيد صاحب، سنڌ جي تصوف ۽ مشهور صوفياي ڪرام جي، علمي ۽ تحقيقي نظر سان ڇنڊ ڇاڻ ڪئي آهي ۽ ٻڌايو آهي ته ڪيئن سرزمين سنڌ ۾ امن ۽ عافيت، برادري ۽ اخوت وارو نظريو ۽ نصب العين پيدا ٿيو آهي ۽ وڌيو ويجهيو آهي.

        تاريخي ۽ تحقيقي مقالن جي سلسلي ۾ ”ٺٽي ۽ ديبل جو تقابلي مطالعو“، سنڌ جي مشهور مورخ، پير حسام الدين راشديءَ جي تحقيق ۽ ڪاوش جو شاهڪار آهي، جنهن ۾ ٺٽي جي محل وقوع ۽ جاگرافيائي حيثيت تي بحث ڪري، ان تحقيق کي حرف آخر تائين پهچايو ويو آهي.

        ان طرح ”سر بارٽل فريئر“ سنڌ جي مشهور ڪمشنر جي ڪارنامن تي جناب لطف الله صاحب بدويءَ نهايت معلومات افزا ۽ تفصيلوار تاريخي ۽ تهذيبي بحث ڪيو آهي، جو مطالعي جي لائق آهي.

        سنڌ جي صوفياي ڪرام جي سوانح ۽ سيرت جي سلسلي ۾، ”سرمست درازي“ جناب پروفيسر محبوب علي چنا جو، ۽ ”مخدوم نوح سرور“ جناب سيد حاجي علي اڪبر شاهه صاحب جو، يقين آفرين ۽ ايمان افروز مضمون آهن. اهي ٻيئي بزرگ، سنڌي ادب ۽ تصوف ۾ وڏي حيثيت رکن ٿا. انهن جي جدا جدا تاريخي ۽ تهذيبي پس منظر کي سمجهڻ لاءِ، هي مقالا ڪارگر ثابت ٿيندا.

        ”سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب“ پروفيسر ماڻڪ  پٿاوالا جي مشهور انگريزي ڪتاب "A Physical and Economic Geography of Sind,” 1958, SIndhi Adabi Board` جي هڪ باب جو ترجمو آهي، جو مسٽر شمس الدين عرساڻيءَ جو ڪيل آهي. مسٽر پٿا والا، سنڌ جي جاگرافيءَ تي بين الاقوامي شهرت حاصل ڪري چڪو آهي ۽ کيس ”سنڌ“ تي سَنَد طور تسليم ڪيو ويو آهي. هن مقالي ۾ جنهن محققانه انداز ۾ بحث ڪيل آهي، ان جو اعتراف هر ڪو علم دوست ڪري چڪو آهي.

        ”ننگر پارڪر جا آثار قديمه“ پڻ، سنڌ جي قديم تهذيب جي قدامت ۽ عظمت جو هڪ داستان آهي، جو محترم مير حاجي محمد بخش ٽالپر لکيو آهي، ان ۾ جين ۽ هندو دور جي تهذيب جا آثار بيان ڪيا ويا آهن.

        ”سماٽ قوم جو اصل نسل“، سنڌ جي خالص ”سماٽ برادريءَ جي وجه تسميه، پاڙن، قبيلن، ذاتين ۽ خاندانن جي معلومات افزا ۽ محققانه ڇنڊ ڇاڻ تي مشتمل آهي. ان جو لکندڙ مرحوم علي محمد سيال (سابق ڊپٽي ڊائريڪٽر تعليمات، سنڌ) جو محقق ۽ مورخ آهي. سنڌ سان تعلق رکندڙ عالمن کي هن بحث جي پڙهڻ کانپوءِ سنڌ جي قومن متعلق ڪافي معلومات حاصل ٿيندي.

        ”سُمنگ چارڻ“ سمن جي دور جو، قاضي قاضن کان به ٻه صديون اڳ، مشهور شاعر ۽ بديه گو سگهڙ هو. سندس سوانح ۽ فن تي محترم محرم خان (ليڪچرار، سنڌ يونيورسٽي)، نهايت، مفصل، معلومات افزا ۽ محققانه بحث ڪري، سنڌي شاعريءَ جي تاريخ ۾ صدين جو اضافو ڪيو آهي. هي مقالو، هر خيال کان تحسين جي لائق آهي، اميد ته غور سان پڙهيو ويندو.

        ”صوفي صادق فقير جو ڪلام محترم راڄ محمد پَليءَ جي اڻڇپيل علمي تحقيق جو هڪ شاهڪار آهي، هن آخري قسط ۾، صوفي صاحب جو سمورو ڪلام، ڏاڍي تحقيقي ۽ ڇنڊ ڇاڻ سان پيش ڪيو ويو آهي. ائين چوڻ ۾ وڌاءُ نه ٿيندو ته صوفي فقير تي ”مهراڻ ۾ ڇپيل ٻيئي مقالا، پنهنجي افادي حيثيت سان هڪ مستقل ڪتاب جي حيثيت رکن ٿا. صوفي صادق فقير جي ”سوانح ۽ ڪلام تي مڪمل تحقيق ڪم، مهراڻ جي وساطت سان شايع ٿيو آهي ۽ اهو مهراڻ لاءِ قابل فخر ڪارنامو چئي سگهجي ٿو. اميد ته ان سلسلي ۾ سنڌ جي ٻين گمنام يا شهرت يافته بزرگن، عالمن، صوفين ۽ شاعرن جي سوانح ۽ ڪلام (غير مطبوع) تي ان قسم جا علمي مقالا پيش ڪيا ويندا.

        مقالن کانپوءِ ”مهراڻ جا موتي“ ، ”سنڌي نثر مان مثالي ٽڪرا ، ”ادبي خط“ ، ”پڙهندڙن جا پيغام ، ”علمي، ادبي ۽ ثقافتي سرگرميون“ ۽ ”آديسي اُٿي ويا...!“__  وارا سڀ دستوري ڪالم پيش ڪيا ويا آهن.

        اميد آهي ته ”مهراڻ جا خريدار ۽ صاحب ذوق اديب، پنهنجي دلي تعاون سان ”مهراڻ کي نوازيندا رهندا.

        هن پرچي جي مواد جي چونڊ ۽ ترتيب لاءِ محترم جويي صاحب، اعزازي سيڪريٽري، ۽ محترم شيخ علي محمد صاحب، ميمبر، سنڌي ادبي بورڊ: ۽ ان جي طباعتي حسن ۽ زيبائش لاءِ مسٽر غلام رباني، اسسٽنٽ سيڪريٽري ۽ مسٽر علي بخش احمد زئي، مئنيجر، سنڌي ادبي بورڊ پريس، ۽ پريس جي ڪارپر ذازن جو شڪر گذار آهيان، جن جي تعاون سان هي معياري پرچو تڪميل تي پهتو آهي. _غ. م. گ

 

 

*----------*----------*

 

 افسانا

 

فيلڊ مارشل، محمد ايوب خان، صدر مملڪت پاڪستان

جديد دور ۾ اهل اسلام جون ذميداريون

        اسلام، صلح ۽ امن، انسانيت ۽ اخوت جي دين جي حيثيت ۾، هن ڪائنات ۾ نمودار ٿيو، ان کي اڄ چوڏهن سو ورهيه گذري چڪا آهن.

        سڀني مذهبن ۽ آسماني تعليمات جي سڀني دفترن ۽ صحيفن جو مجموعو اسلام آهي. اسلام مذهب نه هو، بلڪ هڪ ترقي پسندانه تحريڪ هئي، جا پنهنجي صحتمند، اخلاقي ۽ عملي، نظرياتي ۽ فڪري اصولن ۽ قدرن جي بنياد تي وڌندي رهي، ۽ اڳتي هلي پوري انسانذات تي ڇائنجي ويئي.

        اسلام، سڀني مذهبن جي احترام کي ملحوظ رکندي، انساني حيات کي مقصد ۽ جدوجهد جو نئون پيڪر ۽ نئون تعبير عطا ڪيو، ان طرح سان انسان جي ارتقائي تاريخ کي نئين منزل سان روشناس ڪيو.

        جڏهن اها تحريڪ اسان جي زندگيءَ جو لازمي حصو بڻي رهي، تڏهن ان تحريڪ جا قائل ۽ افراد،سائنس ۽ عملي علمن ۾ شاندار ڪارناما ڏيکاريندا رهيا، جن جو مثال اسان کي تاريخ ۾ نٿو ملي.

        اها به هڪ بدقسمتي چئبي جو ڪجهه زماني جي گذرڻ کانپوءِ، مسلمان مجموعي، حيثيت سان اسلام کي ”نظري“ ”مذهب“ ۾ تبديل ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويا، ۽ دين هڪ ترقي پسند، فعال ۽ صحتمند تحريڪ جي حيثيت سان نظر انداز ڪيو ويو. ان جو لازمي نتيجو اهو نڪتو آهي جو ”دين “۽ ”مذهب“ جي وچ ۾ ويڇو پئجي ويو. ”دين ۽ مذهب“ جي ان ويڇي ۽ تفريق جو اثر اڄ به اسان جي فڪر ۽ عمل ۾ نمايان طرح سان موجود آهي. اصل ۾ اسلام، مذهب ۽ زندگيءَ جي ان ويڇي کي مٽائڻ آيو هو. ليڪن فطرت جي ستم ظريفي چئجي جو اسلام جا متبعين پاڻ ان دوُئي ۽ ثنويت جو شڪار بنجي ويا.

        اها به هڪ حقيقت آهي ته جڏهن زندگيءَ ۽ مذهب جو رشتو، هڪٻئي کان ڇڄي ڌار ٿي وڃي ٿو، تڏهن به زندگي ته بهرحال، ڪنهن نه ڪنهن طرف ڏانهن ڪاهيندي رهي ٿي: پر جڏهن مذهب هڪ بيجان شي بنجي رهجي ٿو وڃي، جنهن ۾ ڪا به لوچ ۽ لچڪ باقي نٿي رهي، نڪو منجهس نمو ۽ حرڪت جي صلاحيت ٿي بچي: تڏهن اهو جامد ۽ پٿر وانگر بيحس و حرڪت، زندگيءَ سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي هلڻ جي بدران، مسجدن ۽ خانقان هن ۾ قيد ٿي رهجي ٿو وڃي.

        اسلام سان به ائين ئي ٿي چڪو آهي. انسانيت، سائنس ۽ فلسفي ۾ ترقي ڪندي، الائي ڪٿي وڃي پهتي آهي: پر اسان جو مذهب صدين کان وٺي هڪ ئي هنڌ خاموش ۽ بيحرڪت بيٺو آهي. اسلام جو معجزو اهو هو، جوان بت پرستيءَ جو خاتمو ڪري ڇڏيو: پر مسلمانن جي ٽريجڊي ۽ الم انگيز حقيقت اها آهي، جو انهن خود اسلام کي ئي بُت بنائي ڇڏيو!

        مذهب کي ان طرح سان بت بنائڻ جو جيڪو خطرناڪ نتيجو نڪتو آهي، جنهن اسان جي قومي ذهنيت ۽ ثقافت تي تباه ڪن اثر وڌو آهي: اهو هي آهي جو جن ماڻهن هن جديد دور جي وڌندڙ ترقيءَ جو ساٿ ڏيندي اڳتي قدم کنيو آهي، تن تي دنيادار مسلمانن جي ڇاپ هنئي وئي آهي _ ۽ جي ماڻهو، مذهبي رسومات ۽ روايات جي آڙ ۾ ماضيءَ جي دنيا واري جمود ۽ سڪون جا مجسما بنجي رهجي ويا، اهي سچا ۽ پڪا مسلمان سڏائيندا رهيا. آهستي آهستي مستقبل ڏانهن نگاهه کي، شاهراهه حيات تي اڳتي وڌڻ وارا، اسلام کان منحرف ۽ پر گشته شمار ٿيڻ لڳا، پر ماضيءَ ڏانهن نهاريندڙ، مقدس ۽ ديندار قرار ڏنا ويا. ٻيو ته ان سان گڏ، هر نئين قدم، هر نئين ايجاد ۽ هر نئين تعليم متعلق، اهو شور برپا ڪيو ويو ته اهو ”اسلام جي خلاف آهي. اهو ئي سبب آهي جي اسان جو تاريخ جي هر دور ۾، هر انقلابي راهنما جي خلاف ڪفر جون فتوائون لڳائيندا رهيا.

        مان اوهان کي دعوت ٿو ڏيان ته اوهان ذرا انهن خطبن جو ٿڌي سيني سان ذهن کي خالي ڪري جائزو وٺي ڏسو، جي مسجدن ۾ پڙهيا وڃن ٿا. انهن ۾ اوهان کي صاف نظر ايندو، ته موجوده زماني جي ننڍي ۾ ننڍي ڳالهه تي به غصي جو اظهار ڪيو ٿو وڃي، صرف ان لاءِ اها ڳالهه نئين آهي. منهنجي خيال ۾ اهو اسلام سان وڏو ظلم آهي، جو هن قسم جي بلند ۽ باوقار دين کي،  ترقيءَ جو دشمن ۽ علم ۽ بصيرت جو حريف بنائي پيش ڪيو وڃي ٿو. اهو صرف اسلام سان ئي ظلم نه آهي، پر انهن نوجوانن سان به ظلم آهي، جي هن جديد دور ۾ مسلمان ٿي رهڻ چاهين ٿا. حقيقت اها آهي ته ان قسم جي روش، زندگيءَ ۽ مذهب ٻنهي سان انتهائي بي انصافي آهي، جو ويهين صديءَ جي انسان تي اها پابندي لڳائي وڃي ته اگر کيس پاڻ ”مسلمان ثابت ڪرڻو آهي ته پوءِ کيس ڪيتريون صديون پوئتي وڃڻو پوندو _ آخر ان جو سبب ڪهڙو آهي؟

        ڇا، ان جو سبب اهو آهي ته اسان پنهنجي حقيقي نصب العين تان هٽي ۽ ڀٽڪي چڪا آهيون، ۽ اهڙي سياسي ۽ معاشرتي نظام وضع ڪرڻ ۾ ناڪامياب ٿيا آهيون، جو نظام هن دور جي تقاضائن ۽ تغير پذير قدرن سان ساٿ ڏيڻ جي صلاحيت رکي ها!

        يا، اسان پنهنجي دين کي جنن ۽ فرشتن جون ڪهاڻيون بنائي ڇڏيو آهي، ۽ دين کي وهم پرستيءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙي ڇڏيو آهي، ۽ انڌي تقليد جو نعرو بلند ڪري اسان انسان جي تخليقي تمنائن جو رستو ئي روڪي ڇڏيو آهي؟

        يا، ان جو سبب اهو تصوف آهي جو اسان جي غلط عملن ڪري بيروح ٿي چڪو آهي، جنهن زندگيءَ جي حقائق سان مردانه وار مقابلي ڪرڻ جي بجاءِ، اسان جي ذهن ۾ فرار واري ذهنيت پيدا ڪري ڇڏي آهي ۽ زندگيءَ کي قبرن ۽ حجرن ۾قيدي بنائي ڇڏيو آهي؟

        يا، ان جو سبب اسان جو اهو غلط عقيدو ته سان هٿن پيرن هلائڻ کانسواءِ، اڳين دنيا ۾ نجات جا حقدار بنجي سگهنداسون. ڇا اسان ان حقيقت کي وساري چڪا آهيون ته آخرت جي زندگي، اسان جي هن زندگيءَ جي عملن جو ثمر ٿيندي، اسان جنت ۾ اهو ئي حاصل ڪنداسون، جو ڪجهه اسان هن دنيا ۾ پوکينداسون.

        اهي سوال نهايت اهم آهن، اسان لاءِ نهايت ضروري آهي ته اسان، انهن بنيادن عنصرن جي پاڙن تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪريون، جن اسلام جي برق آسا ۽ شعله صفت روح کي خاڪ جو ڍير بنائي ڇڏيو آهي.

        ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ان قسم جي تحقيق ۽ پرک ڪندي، اسان جي سامهون ٻيون به ڪيتريون اهڙيون حقيقتون اينديون، جي نهايت تلخ ۽ ناخوشگوار هونديون ليڪن اسان جو فرض اهو آهي ته اسان انهن تلخين ۽ ناخوشگوارين جي ڪا به پرواهه نه ڪريون ۽ يقين محڪم سان، بلڪل بيباڪانه انداز ۾، سرگرم جستجو رهون.

        اسلامي دنيا جي زوال ۽ انتشار جو هڪ وڏو سبب، مذهبي فرقه بندي پڻ آهي. غلط يا صحيح، بهرحال موجود آهي. ان حقيقت کان انڪار ڪرڻ حماقت چئبي. اگر ان بحث کي ڇيڙيو وڃي ته ڀلا ڪهڙو فرقو حق تي آهي، ۽ ڪهڙو باطل تي، _ ته پوءِ ان جو نتيجو هاڃيڪار ٿيندو ۽ تخريب کانسواءِ ٻيو ڪجهه به حاصل نه ٿيندو. ان لاءِ صحيح طريقو اهو آهي ته، مختلف فرقن جي اختلافي نظرن ۽ مسئلن کي ڇيڙڻ ۽ آڀارڻ جي جاءِ تي، ان تي زور ڏنو وڃي، جو انهن سڀني ۾ قدر مشترڪ جي حيثيت رکي ٿو. ڇا ائين درست نه ٿيندو ته هڪٻئي تي نڪته چيني ڪرڻ جي بجاءِ، اسان ان تي زور ڏيون ته اصل ۽ بنياد جي اعتبار سان اسان سڀ متحد آهيون. ڇا لاءِ ته اسان سڀ هڪ الله، هڪ رسول ۽ هڪ ڪتاب تي ايمان رکون ٿا. اڄ دنيا ٻن ڪئمپن ۾ ورهائجي چڪي آهي. انهن ٻنهين جي باهمي ڪشمڪش، نظريات ۽ مخصوص آئيڊيولوجي، تي مبني آهي. ڪميونزم عزم ڪري چڪي آهي ته هوءَ پنهنجو نظريو، ساري دنيا تي مسلط ڪري. اها به حقيقت آهي ته مذهب، ڪميونزم جو ڪو ماثر ۽ مڪمل جواب نه ڏئي سگهيو آهي، ڇا لاءِ جو ڪميونزم جو نظريو، بنيادي طرح سان ماده پرستيءَ تي مبني آهي.

        ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته جي قدر ”ماديت“ مان نمودار ٿين ٿا، انهن جو به هن ڪائنات جي نظام ۾ ڪو مقام آهي. پر فرق رڳو اهو آهي ته انهن مادي قدرن جي هروڀرو ايتري اهميت ڪانه آهي، جو انسانذات انهن جي پويان سڀ ڪجهه وڃائي ويهي.

        موجوده حالتن ۾ ”ڪميونزم“ جو هڪ ۽ صرف هڪ جواب آهي، اهو جواب فقط ”اسلام وٽان ملي سگهي ٿو.

        ڪميونزم جي مادي فلسفي ۽ مغرب جي مادي قدرن جي باهمي ڪشمڪش ۾ صرف ”اسلام ئي اهو فطري ۽ عملي نصب العين پيش ٿو ڪري، جو انسانيت جي روح کي هلاڪت کان بچائي سگهي ٿو.

        ڪميونزم جي چئلينج جي مقابلي ڪرڻ جي سلسلي ۾ نهايت ضروري آهي ته ”اسلام کي ماضيءَ جي خلوتگاهن مان ڪڍي، عصر، حاضر جي ”روشنيءَ“ ۽ ”زبان ۾ پيش ڪيو وڃي.

ان کي رڳو هڪ نظري نصب العين جي حيثيت سان نه پر، تمدني، سياسي، معاشي، اخلاقي ۽ روحاني زندگيءَ لاءِ، مڪمل ضابطه حيات جي حيثيت سان پيش ڪيو وڃي. بس، منهنجي خيال ۾ اها ئي اسلام جي صحيح ۽ بنيادي حيثيت ۽ حقيقت آهي.

در مملڪت، فيلڊ مارشل، محمد ايوب خان جو، ٽنڊي الهيار، سنڌ ۾ عالمن جي اجتماع کي خطاب _ مئي 9 5 9 1 ع.)

 

 

*-----------*---------*

 

علامه آءِ آءِ قاضي

محبت جي ضرورت

هيءَ تقرير دلپذير، هن دور جي عظيم شخصيت، حضرت علامه آءِ آءِ قاضي مدظله العاليٰ جي آهي، جا پاڻ، 5 1  فيبروري 4 5 9 1 ع تي، سنڌي يونيورسٽيءَ جي هڪ عظيم علمي اجتماع ۾ ڪيائون. اها تقرير، پروفيسر ڊاڪٽر قاضي نبي بخش، صدر شعبهء فارسي، سنڌ يونيورسٽي جي ڪيل تقرير تي هڪ علمي ۽ فڪري ڇنڊ ڇاڻ جي حيثيت رکي ٿي. اميد تي رسالي ”مهراڻ جا ناظرين، هن دانشمدانه ۽ اصلاحي تقرير مان، روحاني ۽ اخلاقي حظ حاصل ڪندا. اها تقرير، محترم مقبول احمد ڀٽي، ايم اي جي قلمبند ڪيل آهي _ ادارو

 

خواتين ۽ حضرات

        جيڪڏهن هينئر آءُ اوهان کي پنهنجي دوست، پروفيسر قاضيءَ جي تقرير متعلق، پنهجي تاثرات بيان ڪرڻ لاءِ چوان ته پوءِ اوهان ايمانداريءَ سان ٻڌايو ته جيڪر ائين نه چئو ته پروفيسر صاحب، محبت بابت ڪا نئين ڳالهه ته ڪئي ڪانه. انهيءَ الفت، قرب ۽ ڪشش جا وعظ اسان پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪافي ٻڌندا پئي آيا آهيون. هن تقرير جي رد عمل طور، يقيناً توهان ائين ئي چئو ته اسان ”زندگيءَ جي الهيءَ اهم جذبي“ بابت هزار بار ٻڌو آهي. ٻڌو ته برابر آهي، پر آءُ پڇندس ته توهان ڪڏهن اتفاق سان عملي ۽ ارادي طور ان کي استعمال به ڪيو آهي؟

        حالانڪه اها حقيقت آهي ته جيڪڏهن اهو جذبو ڪائنات جي ڪاروبار جاري رکڻ لاءِ ڪار فرما نه هجي ته انسان هوند انهيءَ هڪ جذبي جي ڪري، ٻي هر ڪا زحمت گوارا ڪرڻ خوشيءَ سان برداشت نه ڪري ها!

        انگلينڊ جي بادشاهه يا راڻيءَ جي سواريءَ جي نظاري ڏسڻ لاءِ، انگريزن کي اٺ _ ڏهه ڪلاڪ اڳواٽ وڃي ڪنهن گوشائتي هنڌ تي بيهڻو پوندو آهي ته جيئن ويجهڙو ديدار ڪري سگهن.

        اها آرزو، اها خواهش، اها طلب ۽ اهو جذبو آهي، جنهن کي ”زندگي جو اهم جزو“ سڏيو وڃي ٿو. اسان جي زندگيءَ ۾ ڪيترا اهڙا مختلف پهلو آهن، جن ۾ اسان ان جو اظهار ڪريون ٿا.

        غزاليءَ اڳئين وقت جي مسلمانن جي عبادت جي جذبي جو نقشو چٽيو آهي، ته جمعي نماز واري اذان کان اڳ، صبح ساڻ، احڪام الاهيءَ جي ادائگيءَ لاءِ سڀ ڪم ڪاريون سيڙائي، سڀ کان اول اچي اڳينءَ صف ۾ ويهڻ جي ڪوشش ڪندا هئا، ته جيئن خطيب جو خطبو آسانيءَ سان ٻڌي سگهن. خطبي ۽ نماز کانپوءِ به ڪيترو وقت تسبيح ۽ تهليل ۾ محو ۽ مشغول رهندا هئا، جنهن مان انهن کي روحاني لذت حاصل ٿيندي هئي. اهي ماڻهو، پنهنجي ان جذبي جي تسڪين لاءِ پنهنجون ٻيون سموريون خواهشون قربان ڪري ڇڏيندا هئا.

        ان جي برعڪس اڄ حالت اها آهي جو اسان سڀ کانپوءِ اچي، پوئينءَ رڪعت جي رڪوع ۾ پهچڻ جي ڪوشش ٿا ڪريون، ته جيئن هڪ اهڙي خواهش جي پورائي گهڻو وقت نه وٺي، جنهن سان اسان جي دلچسپي گهٽ آهي. اسان اڄ پنهنجي هر نفساني خواهش جا غلام آهيون.

        مٿئين مثال ڏيڻ مان منهنجي مراد محض اهو ثابت ڪرڻ آهي ته اسان جون خواهشون ۽ جذبات، وقت بوقت بدلبا رهن ٿا، جنهن جي نتيجي طور اسان مان انتظام ۽ يڪرنگي نڪري چڪا آهن. اڄ پيءُ جو پُٽ سان، ڀاءُ جو ڀاءُ سان، ۽ ڀيڻ جو ڀيڻ سان اختلاف آهي.

        هاڻي محبت ۽ الفت پيدا ٿئي ته ڪيئن؟ شايد اهو جذبو، هن وقت عنقا ٿي چڪو آهي، جنهن جو نالو ته سڀني ٻڌو آهي، پر آهي ڇا، سو ڪنهن کي به پتو يا پروڙ نه آهي.

        خبر نٿي پوي ته عدم توازن ۽ عدم تعاون جي اهڙي عالم ۾ اسان جو نظام زندگي ڪيئن برقرار رهي سگهندو، جڏهن ته ڪو به معمولي جزو به پاڻ ۾ ڪشش ۽ يگانگت نه هئڻ ڪري زنده نٿو رهي سگهي، تڏهن هيڏي ساري سنسار جو انتظام بغير ڪنهن توازن ۽ اصول جي ڪيئن هلي سگهندو؟

        انتظام فقط اتحاد ۽ اتفاق ڪرڻ سان قائم رکي سگهجي ٿو. ۽ ظاهر آهي ته ان قسم جي جماعتبنديءَ لاءِ سڀ کان اڳ، الفت جو عنصر پيدا ڪرڻو آهي، جنهن جي ڪشش ڪري هر چيز جا مختلف اجزاء ڪشجي ۽ ڇڪجي اچي هڪٻئي ۾ گڏجن ٿا، _ ۽ ان کانپوءِ منجهانئن هڪ بلڪل نئين شي نڪري نروار ٿي ٿئي. انهيءَ نئين شي جي نروار ٿيڻ بعد، اسان کي انهن چيزن جي زندگيءَ جو يقين ٿئي ٿو. ان نئين شي کي اسان ”جمعيت“ ڪوٺي سگهون ٿا. جمعيت يعني مختلف جزن جو گڏجي، ڪنهن نئين شئي ٺاهڻ جو اصول. اهو اصول ڪائنات جي تمام عناصر سان هڪجهڙو لاڳو آهي. جمادات، نباتات ۽ حيوانات سان گڏ، انسانذات سان به اهو شرط لاڳو آهي ته جيسين انهن مان هر هڪ پنهنجي جدا جدا جزن کي گڏي، اتفاق ڪري، پاڻ کي وڌيڪ پسنديده شئي يا زياده مضبوط نظام نه پيدا ڪيو آهي، تيسين انهن جو صفحهء هستيءَ تان ميٽجي وڃڻ، بلڪل لازمي امر آهي.

        ساڳئي اصول مطابق، انسانن ۾ ”آدميت“ پيدا ٿيڻ کانپوءِ، جڏهن منجهن ”اجتماعيت“ جو روح جاڳي اٿي ٿو، تڏهن انسانيت جو ضمير زنده ٿيو پوي، جو انهن جو مجموعي مفاد لاءِ هر هميشه برسر پيڪار رهي ٿو. اهڙيءَ طرح، اتحاد مان انتظام ۽ انتظام مان زندگيءَ جا چشما ڦٽي نڪرن ٿا، جي مرده جسمن ۾ به جان وجهيو ڇڏين.

        ان جي برعڪس بي اعتماديءَ ۽ بي اتفاقيءَ، عدم تعاون ۽ انتشار ڪري ايتري ئي تباهي ۽ بربادي ايندي آهي، جيتري اتفاق ۽ اتحاد ڪري انسانذات جي تعمير ۽ ترقي ٿيندي آهي، يا ٿيڻ جو امڪان هوندو آهي.

        انسان جو مُرده جسم، ان اصول جو زنده مثال آهي. زندگي يعني اتحاد ختم ٿي وڃڻ کانپوءِ هڪ عضوي جو ٻئي سان تعاون ٽٽُيو پوي. پوءِ سَنڌَ، سَنڌَ کان ۽ جزو، جزي کان جدا ٿيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.

        اسان چوندا آهيون ته مرده جسم مان بدبوءِ ٿي نڪري، اها بدبوءِ ڇا آهي! مرده جسم جي منتشر ٿيل باريڪ جزن مان جڏهن الفت جو انگ ختم ٿيو، تڏهن هو پنهنجي اجتماع کان علحده ٿي، اسان جي سِنگهڻ جي حس تائين پهچن ٿا ۽ اسان بدبوءِ محسوس ڪريون ٿا. حالانڪه ساڳيا جزا هر زنده جسم ۾ به موجود هئا، پر جسم سان سندن گَهَري تعلق ۽ تعاون هئڻ ڪري، ان کان اڳ هو عليحده ٿي، اسان تائين نٿي پهتا. ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته اها فقط اتحاد ۽ اتفاق جي برڪت هئي، جنهن زنده جسم ۾ بدبوءِ نٿي پيدا ٿيڻ ڏني. اهو ڪو ڪتابي علم ناهي، اها برڪت ان جذبه عه  الفت جي آهي، جو اسان جي احساس کي جاڳائي ٿو. روءِ زمين تي ڪا به شي ان جي ڪشش کانسواءِ، پنهنجو وجود برقرار رکي نٿي سگهي.

        جيئن اڳ چيو ويو آهي ته مرده جسم مان الفتي انگ نڪرڻ ۽ باهمي اتحاد ختم ٿيڻ کانپوءِ ان ۾ بدبوءِ پيدا ٿيو پوي، بلڪل ساڳي حالت، نسل انسانيءَ سان لاڳو آهي.

        هر ڪٽنب، قبيلي يا قوم جي باهمي محبت ختم ٿيڻ کانپوءِ، ان مان جذبو ۽ جان نڪري ٿا وڃن. ان کانپوءِ لازم آهي ته منجهس ”انتشار ۽ بدبوءِ“ پيدا ٿين. ڇاڪاڻ جو منجهس زندگيءَ جو اَهم ترين جزو،  باقي نه رهيو آهي. اهڙيءَ حالت ۾ ”انصاف“ يا ڪنهن به ٻي چڱيءَ خصلت جي طاقت ان کي مرده ٿيڻ کان بچائي نٿي سگهي.

        اسان کي پنهنجي قوم جي مجموعي نموني ۾ مذمت ڪرڻ جي بجاءِ، انفرادي طور پاڻ کي به ڏوهه ڏئي پاڻ مان خود پسندي ۽ خود غرضيءَ واريون خواهشون ڪڍڻ گهرجن. اسان کي پنهنجي جان  سان محبت ڪرڻ جي بجاءِ، ٻين کي گهُرڻ ۽ انهن سان تعاون ڪرڻ گهرجي. هن وقت هيءَ حالت آهي جو اسان مان هر هڪ پاڻ کي پسند ڪرڻ، ۽ پاڻ کي پوڄڻ ۾ پورو آهي. عملي دنيا ۾، ڪنهن ٻئي سان، اسان جو بيغرضانه تعلق رهيو ئي نه آهي. جيڪڏهن ڪو الفت يا محبت جو ڪڏهن ڪو اکر کڻي ٻڌي ٿو، ته سمجهي ٿو ته اهو فقط پَرِين ۽ جِنن جي آکاڻيءَ سان تعلق رکي ٿو، ۽ ان جو هن عملي دنيا سان ڪو به واسطو نه آهي. بقول مرزا حيرت: ”پاڻ کي پوڄڻ کان بهتر آهي ته اسان بُتن جي پرستش شروع ڪري ڏيون!“

        شاهه لطيف جو خيال آيه ته جن ”جُنگَن“ سچ پچ ذاتي غرض کي ترڪ ڪيو آهي ۽ جن الله· سان دل لڳائي آهي، انهن سان ملڻ به وڏي سعادت آهي.

مون سي ڏٺا ماءِ، جن هو ڏٺو پرين کي،

رهي اچجي راتڙي، تن جُنگن سندي جاءِ.

        جنهن معاشري ۾ ايڏو ڏڦيڙ هجي، جو ڀاءُ، ڀاءُ کي نه سهي سگهي، ان جو جلد کان جلد خاتمو ٿيڻ بيحد ضروري ۽ لازمي آهي.

        قدرت جو هر قانون، پنهنجيءَ جاءِ تي اَٽل ۽ ناقابل درگذر آهي: جنهن کان عالم جي مخلوقات جو ڪو به جزو انحراف ۽ روگرداني نٿو ڪري سگهي. ان قانون مطابق ڪنهن به بَني بشر، توڙي ڪنهن ٻي مخلوق کي باهمي الفت جي قانون ٽوڙڻ بعد، خطه عه زمين تي رهڻ جو حق نٿو رهي. جيڪڏهن ان قسم جي تخريب بدران تعمير ڪئي وڃي ٿي، تڏهن ته قدرت به ان لاءِ اهڙو انعام عطا ڪري ٿي.

        اسان ڏٺو ته هڪ غليظ ڦُڙو، جڏهن جسم انساني جي ٻين جزن سان اشتراڪ __عمل ڪري ٿو، تڏهن پورن نوَن مهينن ۽ ڏهن ڏينهن بعد، ان ۾ به زندگي پيدا ٿيو پوي.

        ساڳئي وقت، مرده جسم جا جزا، جڏهن منجهانئن جان نڪريو وڃي، تڏهن هڪٻئي کان الڳ ٿيڻ لاءِ تيار ٿيو وڃن، ۽ جيڪڏهن ميت، جلد زمين اندر دفن نه ڪري ڇڏجي، ته جيڪر سندس هڪ هڪ جزو ٻئي کان عليحدو ٿي ڦاٽي پوي.

        بعينه اها حالت اسان انسانن ۽ پنهنجي سوسائٽيءَ سان لاڳو رهي ٿي، جيڪڏهن اسان کي زنده رهڻو آهي ته پوءِ لازمي طور تي، هڪ ٻئي سان تعاون ڪرڻو آهي. انهيءَ ۾ اسان جي پنهنجي مرضيءَ جو ڪو به دخل نٿو رهي. ڇا لاءِ، ته جيڪڏهن زبان سان اسان ”انسانذات“ کي هڪ ”انسان ڪبير“ ڪري ڪوٺيون، ۽ ڪائنات کي ”شيخ الاڪبر“ سان تشبيهه ڏيڻ جي تبليغ ڪئي ته ان مان عملي طور تي ڪو به مطلب بار آور نه ٿيندو. ان جي بجاءِ اسان کي سنجيدگيءَ سان سوچڻو آهي ته ”عدم تعاون ۾ جي عام فضا ۾ اسان ايندڙ تباهيءَ ۽ موت کان ڪيئن پاڻ بچايون. ٻيءَ صورت ۾ ظاهر آهي ته اسان کي فقط هن دنيا جي هر حسين شي ۽ فنڪارانه شاهڪار تان دستبردار ٿيڻو پوندو، جي سمورا لطيف جذبن جي پيداوار آهن، بلڪه جلد کان جلد هن صفحه عه هستيءَ تان ميٽجي وڃڻ لاءِ آماده ٿيڻو پوندو. ”خس ڪم جهان پاڪ“.

        جا شي قدرت جي ڪنهن اٽل قانون مطابق عمل پذير ٿيڻي آهي، اها پنهنجي مقرر وقت ٿي ضرور ايندي ۽ ٿي رهندي. ان کان بچڻ جي فقط هڪ صورت آهي، ته اسان مان هر هڪ انفرادي طور سوچي ته آءُ بذات خود ڪيئن ان اصول جي پابندي ڪريان. ٻئي جي خواهشن ۽ طبعي لاڙن ۾ ڪنهن جي دست اندازيءَ ڪرڻ جو به ضرور ناهي. هر هڪ کي پنهنجو نقطه نظر آهي.

        مُهاڻيءَ کي جيڪڏهن مڇيءَ جي کِکاڻ مان فرحت اچي ٿي ته ان کي موتيا گُل اچڻ مان ڪهڙو سود؟ پنهنجي طبيعت مطابق، هر ڪو پنهنجي ذوق جي تڪميل ڪري: ليڪن بهرحال قدرت جي انهن بنيادي اصولن کان ڪنهن به صورت ۾ روگرداني نه ڪري، جو اسان جي زندگيءَ جو ”اهم جزو“ آهي. انهيءَ ڪري جيڪڏهن ڪنهن کي ”موت سان ملاقات ڪرڻ جي خواهش آهي، ته پوءِ کيس ان سان به ملڻ جي موڪل هئڻ گهرجي.

        اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪا به ذليل خواهش، هر شخص لاءِ پنهنجي سر شرم جو باعث هئڻ گهرجي.

        دنيا جي هيترين حَسين شين مان جڏهن هن کي ڪا به پسندڪرڻ جي اجازت آهي،۽ پوءِ به هو پاڻ لاءِ ڪا خراب شي پسند ڪري ٿو ته پوءِ اها سندس قسمت!

        اصل ۾ قوم جي ماڻهن جي خواهش کي ئي ”تهذيب“ ڪري ڪوٺيو وڃي ٿو. پنهنجي پسند اسان کي جتي بهترين انسان بنائي سگهي ٿي، اتي ”بدترين حيوان“ بنجڻ جو پڻ ان مان هر مهل امڪان آهي.

*---------*---------*

 


 

جي ايم سيد

محبت جي ورکا

(”محبت جي ورکا سنڌ جي مشهور اهل قلم ۽ محب وطن شخصيت، جناب جي ايم سيد صاحب جي اها تحرير آهي، جنهن ۾ پاڻ سنڌ جي ٽن مشهور صوفي بزرگن سخي قبول محمد سائين، صوفي عبدالستار جهوڪ واري ۽ ميين عبدالرحيم ملاڪاتيار واري، جي سوانح سان گڏ،ک سندن پيغام جو تعارف ڪرايو اٿن. ۽ هندو ڀڳتن ۽ سنتن مان، مشهور ڀڳت ڪنور رام جي سوانح ۽ پريم ڀڳتيءَ جو ذڪر ڪيو اٿن

        اها حقيقت آهي ته سنڌ جي صوفي دريشن جي پيغام ۽ تعليم ۾ بين الاقوامي انساني قدرن جي ترجماني موجود آهي. سندن خطاب پوري انسانذات ڏانهن آهي. انهن تزڪيه نفس سان گڏ، مساوات ۽ ڀائپي، برادري ۽ برابري، امن ۽ ايمان، محبت ۽ اصلاح جي تعليم ڏني آهي. انهن وٽ اسلام ۽ اسلامي تصوف جو تعبير، هڪ بين الاقوامي، اصلاحي ۽ اخلاقي نظام آهي، جنهن جو بنياد ۽ مرڪز ”وحدت ۽ انسانيت“ آهي.

”عشق سارو اسلام، مذهب  محبت عين مبارڪ“

جناب شاهه صاحب، سياسي مسئلن کان پري رهي، سنڌ جي تصوف ۽ صوفين جي سوانح ۽ تعليم تي، ڪيترا مفيد ۽ روح آفرين ڪتاب لکيا آهن، جي ڇپجي رهيا آهن.

        اميد ته ”مهراڻ“ جي پڙهندڙن لاءِ، سندن هي جامع ۽ مختصر مضمون، نه فقط بصيرت افروز ثابت ٿيندو، پر ان سان گڏ، سنڌي صوفين جي رهڻيءَ ڪهڻيءَ حال ۽ خيال، عمل ۽ اخلاق، تعليم ۽ پيغام کي سمجهڻ جي سلسلي ۾ ڪيئي نيون راهون پڻ ڏسيندو. ڪاش! سنڌي بزرگن جي ان پيغام کي عام ڪرڻ جي ڪا صورت پيدا ڪئي وڃي، ڇا لاءِ ته انهن جو پيغام، امن ۽ ايمان جو پيغام آهي ۽ اڄ انسانذات کي فقط ان جي ضرورت آهي. _ غ.م. گرامي)

صوفي قبول محمد صاحب ولد خواجه

نجم الدين فاروقي، درازا

        انسانذات جي رهبريءَ ۽ هدايت، اتحاد ۽ امن، ترقيءَ ۽ تهذيب لاءِ، جي راهون ۽ رستا رٿيا ويا آهن، مذهب جو انهن ۾ مکيه درجو آهي.

        مذهب جون ٻه تشريحون پئي ڪيون ويون آهن:

        هڪڙيءَ جو واسطو عام ماڻهن جي ضروريات، حالات ۽ نفسيات جي بنياد تي رٿيل رسم، رواج، عبادات ۽ قانونن سان پئي رهيو آهي، جنهن کي عام طور شريعت جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.

        ٻيءَ تشريح جو لاڳو رموز حقيقت ۽ اسرار ڪائنات جي کوجنا، اتحاد انساني ۽ امن عالم جي مقصد، ذهني صلاحيت ۽ روحاني ترقيءَ جي معلومات سان پئي رهيو آهي، جنهن کي عام طور تصوف جي نالي سان منسوب ڪيو ويو آهي.

        چوڻ ۾ اچي ٿو ته هن پوئينءَ تشريح جا ڄاڻو هر ملڪ جي رهاڪن، هر قوم جي ماڻهن ۽ هر مذهب جي پوئلڳن اندر موجود پئي رهيا آهن. جن جا مقصد ۽ مرادون ساڳيا هئا. انهن ڄاڻن اڪثري محدود دائري اندر مخفي طور سينه بسينه رازن ذريعي انهيءَ تعليم کي راسخ العلم، اهل نظر ۽ صاحب دل ماڻهن ۾ پئي پکيڙيو آهي. مسلمانن انهيءَ گروهه کي صوفيائي ڪرام جي لقب سان منسوب ڪيو آهي. اهڙن بزرگن جا هر ملڪ ۽ زماني ۾ ادارا رهيا آهن.

        سنڌ ۾ به اهڙا ادارا يا خانقاهون رهيون آهن. رواجي طرح سان ته ساري سنڌ درويشن ۽ ولين جي درگاهن سان ڀري پيئي آهي: جن ۾ ڪيترائي حميده اخلاق وارا، برگزيده صفات پيران طريقت ۽ بزرگان دين ٿي گذريا آهن_ جن جون درگاهون اڄ تائين مرجع عام پئي رهيون آهن ۽ انهن جي سلسلن ۾ هزارين بلڪ لکها معتقد منسلڪ آهن.

        پر هتي صرف صوفي ادارن جو ذڪر ڪرڻ مقصد آهي. سنڌ ۾ اهڙن ادارن جا چار مرڪز هئا.

(1)     سيوهڻ ۾ قلندر لال شهباز جي درگاهه.

(2)    جهوڪ ۾ شاهه عنايت صوفيءَ جي خانقاهه.

(3)    ڀٽ تي شاهه عبداللطيف جو آستانو.

(4)    درازن ۾ سچل سرمست جو ميڪده عشق.

        اهي ادارا منهنجي نظر ۾ انهيءَ بين الاقوامي برادريءَ جون شاخون آهن، جن جو وجود هر ملڪ ۽ هر زماني ۾ پئي رهيو آهي.

        انهن جا متا ۽ مقصد ساڳيا رهيا آهن، ليڪن طريقه ڪار عليحده هئا.

        هڪڙن علم يا گيان کي ترجيح ٿي ڏني، ته ٻين عشق يا ڀڳتيءَ کي رهبر راهه ٿي بنايو. هتيءُ آءُ درازن جي اداري جو ذڪر ڪندس، جنهن سان سخي قبول محمد جو تعلق هو.

        ان سلسلي ۾ باني خواجه محمد حافظ عرف صاحبڏنو هو، ليڪن ان تحريڪ کي زور وٺائڻ جو سهرو سچل سرمست جي سر تي سونهين ٿو.

        اهي صاحب فاروقي خاندان مان شمار ڪرڻ ۾ اچن ٿا، جن جو وڏو، ميان شهاب الدين، چيو وڃي ٿو ته سنه 3 9  هجريءَ ۾ محمد بن قاسم سان گڏ سنڌ ۾ آيل هو، جو سيوهڻ ۾ رهي پيو، ۽ ان جي پوين مان ميان ابو سعيد لڏي اچي راڻيپور جي ڀر ۾ ويٺو. سندس مقبرو راڻيپور مڪان مرسيجي ۾ آهي. اهو شيخ بهاء الدين ذڪريا ملتانيءَ جو، سندس خليفي شيخ جمار جي ذريعي مريد ٿيو. سندن سلسله طريقت سهروردي هو.

        انهيءَ مخدوم ابو سعيد جي نائين پيڙهيءَ ۾ خواجه محمد حافظ عرف ميان صاحبڏنو پيدا ٿيو.

        چوڻ ۾ اچي ٿو ته هي پهريائين حڪومت جي نوڪريءَ ۾ هو، پوءِ هڪ مجذوب عورت جي هن گفتي تي ته ”خدا توکي ٿو ڳولي، تون ڪنهن جي ڳولا ۾ آهين؟“ جذبي ۾ اچي، نوڪري ڇڏي، جهنگل وسائي ويٺو، ۽ شاهه عبيدالله· قادريءَ جي صحبت ۾ اچڻ بعد راز حقيقت معلوم ڪري، سندس طريقو اختيار ڪيائين.

        ميان صاحبڏني کي ٻه فرزند عطا ٿيا:

(1)  ميان عبدالحق اول.  (2) ميان صلاح الدين.

        ميان عبدالحق والد جي مسند تي ويٺو. سندس ڀاءُ کي هڪ فرزند ٿيو، جنهن جو نالو ڏاڏي جي نالي پٺيان عبدالوهاب رکيو ويو. ليڪن سندس چاچو کيس پيار کان ”سچل“ سڏيندو هو، جنهن ڪري سندس اهو نالو مشهور ٿي ويو.

        اهو ئي صاحب هو، جنهن صوفياڻي تعليم کي سندس جد امجد حضرت عمر فاروق وانگر نقاري جي چوٽ تي کليو کلايو ظاهر ڪيو.

        جيڪڏهين غور سان ڏسبو، ته سندس تعليم جا مقصد هيٺيان ٽي هئا:

        (1)     وحدت الوجود جو اظهار.

        (2)    وحدت انساني جو پرچار.

        (3)    وحدت مذاهب جو ذڪر اذ ڪار.

        سچل سرمست انهن مقصدن جي حصول لاءِ عشق کي رهبر راهه بنايو.

        درحقيقت عشق، حسن، حق ۽ خير جي ڳولا جي بي انتها جذبي ۽ خواهش جو ٻيو نالو آهي. سچي عاشق جي نظر ۾ خدا حَسين آهي، ۽ ان جي پيدا ڪيل هر شيءِ ۾ حُسن ازلي سمايل آهي.

        هو ذات حقيقيءَ کانسواءِ ٻئي ڪنهن وجود کي تسليم ڪونه ٿو ڪري. هن وٽ ذات هڪ آهي، ٻي سڀ صفات آهي.

        انسان سڀ ان جو مظهر آهن. هو حَسين جي هر مظهر ۾ حسن ڏسي ٿو.

        هن وٽان ڪاري گوري، چڱي مَدي، جا تفاوت ميٽجي وڃن ٿا.

”نه منجهه ڪفر نه منجهه دين،

عشق لڳئي ته ڪر آمين.“

جو ڪلمون سندس زبان تي جاري رهي ٿو.

        ظاهر جا اختلاف هو ڀلجيو وڃي، دوئي ڪڍيو ڇڏي، سڀ جاءِ تي پرين پيو پسي.

        سچل سائينءَ جي تعليم جو لب لباب اهو هو. ان کانپوءِ درازا انساني برادريءَ ۽ مذهبي وحدت جو مکيه مرڪز ٿي ڪم اچڻ لڳو.

        سچل سرمست جو اولاد زنده نه رهيو. سندس چاچي کانپوءِ انهيءَ اداره عشق جا مدار المهام يا عام زبان ۾ جاءِ نشين هيٺيان ٿيا:

        (1)     سخي قبول محمد اول.

        (2)    خواجه نظر محمد.

        (3)    خواجه نجم الدين.

        (4)    سخي قبول محمد دوم _ جنهن جي زندگيءَ جو احوال هتي ڏجي ٿو، سو پنجون نمبر مسند نشين هو.

        سخي ميان قبول محمد سنه 1 6 2 1 هه مطابق سن 1842ع ۾ درازن جي ڳوٺ ۾ تولد ٿيو. هن ابتدائي تعليم راڻيپور جي هڪ مولويءَ ۽ سندن عزيز ميان عبدالقادر فقير وٽ سنڌيءَ ۽ فارسيءَ ۾ ورتي.

        سندن والد خواجه نجم الدين، ٽيويهن سالن جي ڄمار ۾ سنه 1276هه ۾ وفات ڪري ويو، جڏهين هي اڃا يارهن ورهين جو مَسَ هو. ان کانپوءِ کين درگاهه جي مسند تي ويهاريو ويو. مسند نشينيءَ کان پوءِ پاڻ پڙهڻ ڇڏي ڏنائون. سارو وقت ذڪر فڪر ۾ گذارڻ شروع ڪيائون. هي بزرگ، پرهيزگار، ڪم سخن ۽ صاحب حال شخص هو.

        اڪثر درگاهن جي سجاده نشينن وانگر، هي به درگاهه جي مقرر ڪيل حد کان ٻاهر نه نڪتو. هن جي مسند نشينيءَ جو جملي عرصو ايڪهتر سال رهيو.

        هن انهيءَ عرصي ۾ سچل سرمست جي شروع ڪيل تحريڪ کي نئين سر منظم ڪيو. سندس ڪشش ۽ ڪوشش سان وٽس جملي مذهبن جا ماڻهو بنا ڪنهن فرق جي ڪَٺا ٿي، صوفيانه تعليم جي بنيادي متن ۽ مقصدن مان واقف ٿيڻ لڳا. هتي اچي ته هرڪو سگهيو ٿي، ليڪن ان مان فيضياب صرف زندهه دل ۽ صاحب نظر ٿيا ٿي.

اٿان جاءِ نهين ڪنهين دي اَوڻ دي،

رئ عشق ٻاجهون لئي پاوڻ دي.

        ان وقت سنڌ جو تعليم يافته طبقو ٻن گروهن ۾ ورهايل هو:

        (1) مُلن ۽ پنڊتن جو: جن مان اڪثر فرقي پرست، تنگ دل، ڪوتاهه نظر هئا.

        (2)  ڪامورو ڪلاس: سخي صاحب وٽ پوئين گروهه جا ڪيئي فرد اچي ڪٺا ٿيندا هئا. پر بدقسمتيءَ سان انهن جو گهڻو حصو، نوڪرين، اضافن، اولاد، ملڪيت وغيره جو زياده طالبو هو. تنهن ڪري انهن ذريعي گهڻو ڪجهه ٿي نه سگهيو.

        پر انهيءَ گروهه جي وسيلي اهو فائدو ٿيو، جو هي آواز ڪاليجي پروفيسرن، شاگردن، ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جي ميمبرن تائين وڃي پهتو، جنهن ڪري سنڌ جا هندو ۽ مسلمان فرقه پرستيءَ جو ايترو شڪار نه ٿيا جيترو ٻين ملڪن جا هندو مسلمان ٿيا.

        مون کي ساڻن ملاقات جو موقعو 6 آڪٽوبر 4 2 9 1 ع تي شيخ بهاءَ الدين ايسڪائيز انسپيڪٽر مانجهند، ساڪن شڪارپور جي ذريعي ٿيو.

        ڪلاڪ کن سندس مجلس عام ۾ ۽ ڏهه منٽ خلاصگائيءَ ۾ ملاقات ٿي.

        ان وقت آءُ تصوف جي مکيه متن ۽ مقصدن مان واقف ڪونه هوس. درويشن ۽ بزرگن جي زيارت جو شوق مون کي چڪي نيئي اتي پهچايو هو.

        سندس مجلس عام ۾ ڪا به گفتگو ڪانه ٿي. سخي صاحب کٽ تي سارو وقت استغراق جي حالت ۾ ويٺو رهيو. طالب صوفيانه ڪلام چوندا رهيا. مجلس برخاست ٿيڻ بعد وري ڪجهه وقت کانپوءِ چبوتري ۾ ملاقات ٿي. پاڻ سڪوت ۾ هئا. بهاول فقير تعارف ڪرائي، دعا گهري. نگاهه مٿي ڪري، اکيون مٿي کڻي، دعا ڪيائين.

        سندس نوراني شڪل، سفيد ريش، سبز دستار، پرسڪون چهرو، پراسرار اکيون اڃا تائين نٿيون وسرن.

        هن وقت جڏهن ڪيئي سال گذري ويا آهن ۽ صوفيانه تعليم جي مکيه متن ۽ مقصدن جو ٿورو پتو پوڻ لڳو آهي، تڏهن آءُ سمجهان ٿو ته دعا گهرڻ وقت سندس اکيون مٿي کڻي نهارڻ جو دعا جي اجابت ۾ وڏو حصو آهي.

آنانڪ خاڪ را بنظر ڪيميا ڪنند،

آيا بود ڪ گوشه عه چشمي بما ڪنند.

        هن وقت مون کي هي معلوم ڪري خوشي ٿئي ٿي ته ڪيترا ماڻهو ان تعليم جي سمجهڻ ۽ سوجهڻ ڏي توجهه ڏيئي رهيا آهن.

        سنڌ صوفين جو ملڪ آهي، ان جي تهذيب ۽ تعليم صوفيانه آهي.

        اها سنڌ جي وڏي خدمت ٿيندي، جيڪڏهين انهيءَ تعليم جي مکيه متن ۽ مقصدن جي لاءِ وڌيڪ کوجنا ڪئي وڃي.

        سچل سرمست جي ڪلام ۾ منصور، شمس تبريزيءَ ۽ عطار جو اڪثر ذڪر اچي ٿو. اهي ايران جا رهاڪو هئا، جن قديم ايران، يونان، هند ۽ مصر جي مذهبي ۽ تهذيبي قديم ورثي سان گڏ، مسلمان صوفين وٽي ان اسلامي تصوف جا پڻ ڪيئي نڪتا حاصل ڪيا هوندا. ان ڪري انهن سڀني هنڌن جي مذهبي ۽ تهذيبي روايتن ۽ تعليم سان گڏ، درويشن ۽ ويدانتي فقيرن، ۽ مسلمان صوفين جي ملفوظات ۽ سوانح حيات ۽ صوفيانه اصولن کي مطالع ڪرڻ ۽ انهن جي تنقيدي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ ضروري آهي. ان کانپوءِ ئي اها کوجنا مڪمل ٿي سگهندي.

        سخي صاحب کي چار فرزند ٿيا:

        (1) ميان محمد بچل، (2) ميان محمد پريل، (3) ميان صاحبڏنو، (4) ميان رستم علي.

        پهريان ٻه، سندن حياتيءَ ۾ وفات ڪري ويا هئا، جنهن ڪري سندن 3 2 _ والقعد سنه 3 4 3 1 هه مطابق 5 1  جون 1925ع تي وفاتيءَ کانپوءِ، سندن جاءِ تي ميان صاحبڏنو مسند نشين ٿيو.

صوفي عبدالستار صاحب ولد پير غوث محمد صاحب، جهوڪ

        هيءُ صاحب سنڌ جي مشهور صوفي شاهه عنايت عرف شاهه شهيد جو اَٺون نمبر سجاده نشين هو.

        آءُ سخي قبول محمد صاحب درازن واري جي احوال ۾ تصوف جي متن ۽ مقصدن، طريقه ڪار وغيره بابت مختصر بيان ڪري آيو آهيان. اهو به ٻڌائي آيو آهيان ته صوفيائي ڪرام هڪ انساني وحدت واري بين الاقوامي اداري جي پيغام جا حامل آهن ۽ انهن جون درگاهون انهيءَ اداري جون شاخون آهن. اهو به ٻڌايو اٿم ته سنڌ جا اهڙا چار مرڪز هئا، جن ۾ قلندر شهباز عليه رحمت کانپوءِ نمبر جهوڪ ۾ شاهه عنايت جي خانقاهه کي ملي ٿو. ان ۾ اهو به ڄاڻايو اٿم ته خواجه محمد حافظ عرف ميان صاحبڏني، شاهه عبيدالله· قادريءَ کان فيض حاصل ڪيو هو.

        اهو شاه عبيدالله· ان شاهه عبدالملڪ جو ڀاءُ هو، جنهن کان شاهه عنايت جهوڪ واري کي فيض مليو.

        شاهه عنايت الله· مخدوم فضل الله· جو فرزند هو، جو سنڌ جي مشهور درويش مخدوم صد ولانگاهه جي اولاد مان هو.

        شاهه عبدالملڪ قادري، شيخ شاهي، شيخ بهاوالدين ، مخدوم ابوالفتح، مخدوم ابراهيم، شيخ شمس الدين، بهاء الدين دولت آبادي، ابو العباس احمد، مير حسن، سيد موسيٰ قادري، سيد علي قادري، سيد محمد بغدادي، سيد حسن بغدادي، سيد محمد صنود بغدادي، ابو صالح نصر فخرالدين سيد عبدالرزاق، سيد عبدالقادر جيلاني.

        تاريخ ”تحفته الڪرام“ واري لکيو آهي ته شاهه عبدالملڪ دکن جو رهاڪو هو.

        سيد حسام الدين راشدي ”گلدسته صلحاء سورت“ جي حوالي سان ڏيکاريو آهي ته ”سلسله طريقت ۾ هي ڇهين واسطي سان شيخ بهاءَ الدين دولت آباديءَ سان لاڳاپو رکندڙ هو.“

        دولت آباد ون چار آهن: هڪ اورنگ آباد (دکن) جي ڀر ۾ آهي، هڪ افغانستان ۾، ۽ ٻه ايران ۾.

        اورنگ آباد جي ڀر واري دولت آباد ۾ شيخ بهاءُ الدين ۽ شيخ شمس الدين جون مزارون آهن، جي مون هندوستان جي سير وقت 0 3  جولاءِ 1 3 9 1 ع تي ڏٺيون هيون. انهن تي ساليانو عرس 9  ذوالج تي ٿيندڙ آهي.

        ممڪن آهي ته اهي ساڳيا بزرگ هجن، جن کي ”تذڪره اولياء سنڌ“ واري شيخ شهاب الدين ۽ شيخ فتح محمد جي واسطي سان حضرت مسيح الاولياء شيخ عيسيٰ جند الله· بن شيخ يوسف پاٽائي سنڌيءَ جو فيض يافته ڄاڻايو آهي، جو پوءِ وڃي برهانپور ۾ ويٺو هو، جتي ان جي مزار آهي.

        ساڳي ”تاريخ تحفته الڪرام“ جي مصنف پنهنجي ”طومار سلاسل طريقت“ ۾ جيڪو شجرو ڄاڻايو آهي، تنهن ۾ هن کي شيخ عزيز الله· جي واسطي سان شيخ ميرانجي برهانپوريءَ تائين وٺي وڃي ٿو. ان کان پوءِ شيخ علي خطيب احمد آباديءَ جي معرفت، مخدوم جهانيان جهان گشت جي ذريعي، حضرت بهاءُ الدين زڪريا ملتانيءَ جي معرفت، شيخ شهاب الدين سهرورديءَ تائين پهچائي ٿو.

        ساڳئي مير علي شير قانع پنهنجي ٻيءَ تصنيف ”معيار سالڪان طريقت“ (تصنيف سنه 2 0 2 1  هه) ۾ شاهه عنايت کي شاهه عبدالملڪ جو مريد ڄاڻائيندي، وري شيخ عزيز الله· جي واسطي سان شيخ علي خطيب احمد آباديءَ تائين پهچائي، شاه عالم بخاري گجراتيءَ تائين پهچائيندي، قادري سلسلي جو ڄاڻايو آهي.

        انهن شجرن ۾، ٿوري گهڻي اختلاف هئڻ ڪري، وڌيڪ کوجنا جي ضرورت آهي.

        هيٺ آءُ انهيءَ اداير طرفان جو انقلابي نظريو، صوفياي سنڌ جي سامهون پيش ڪيو ويو، ان جو ذڪر ڪندس.

        طريقت جي ڄاڻن طرفان تصوف جا ٻه نظريا پيش ڪيا ويا ٿي، جن ۾

        (1)  هڪ اهو هو ته مذهب اسلام آخري، مڪمل ۽ جداگانه دين هو، ان جي اچڻ بعد ٻيا سڀ دين منسوخ ٿي ويا هئا. ديني ۽ دنيوي نجات انهيءَ جي ذريعي حاصل ٿيڻ واري هئي. تنهن ڪير شريعت اسلاميءَ جي پيرويءَ کانسواءِ طريقت بيڪار هئي. خدا شناسيءَ لاءِ به بزرگن دين جي ٻڌايل رستن تي هلڻ ضروري هو.

        (2)  ٻين جو چوڻ هو ته

        سڀني مذهبن جي ظاهري مختلف شريعتن جي پويان پيغام وحدت سمايل هو. جملي پيغمبرن، رشين، فلسوفن جا متا ۽ مقصد بنيادي حيثيت سان ساڳيا هئا. سندن شريعتن جو ظاهري اختلاف ملڪي حالات ۽ ضروريات، ماڻهن جي ارتقاي مدارج ۽ سمجهه مطابق عارضي ۽ فروعي هو. اسلامي شريعت انهن جي عارضي، ۽ فروعي اختلافن ۽ تحريف ۽ تبديل جي ڪري، انهن جو نعم البدل بڻي آهي، ان ڪري انهن شريعتن جو مسخ ٿيڻ ۽ منسوخ ٿيڻ لازمي امر هو. ان صورت ۾ به، رموز حقيقت ۽ اسرار ڪائنات جي ڳولا جي سلسلي ۾، تصوف جا بنيادي متا، اتحاد انساني، امن عالم ۽ حقيقت شناسي، بنيادي طرح سان وڏي اهميت رکن ٿا. انهن جي مرڪزي حيثيت تي سڀئي مذهب ۽ فلسفا اچي جمع ٿين ٿا. اصل ۾ اها جامعيت ئي اسلامي شرع جو اجتماعي روح آهي، جنهن تي اهل تصوف پنهنجي مقصد جو بنياد رکيو آهي. ان ڪري انهن پنهنجو مقصد وحدت انساني رکيو، جنهن جي جواز ۾ هتي وحدت الوجود ۽ ۽ وحدت مذاهب جي نظرين کان ڪم ورتو ويو. ان حقيقت جي تشريح مثنوي مولانا روم، توڙي شاه ولي الله· جي ڪتابن، ۽ مولانا عبيد الله· سنڌيءَ جي تحريرن ۾ موجود آهي. انهن جي تاويلات کي ڪي اهل شرع سلسلا تسليم نٿا ڪن، جنهن جو تفصيل ڪتابن ۾ موجود آهي.

        منهنجي ناقص خيال موجب ڪيترا سنڌ جا صوفي بزرگ سندس بنيادي متن ۽ مقصدن جا پوئلڳ هئا.

        بد قسمتيءَ سان شاهه عنايت جو شعر، ملفوظات يا تصنيف ڪا نه ٿي ملي سگهي، جنهن ڪري سندس تعليم بابت تفصيل سان ذڪر ڪري سگهجي.

        ليڪن سندس چشمه فيض مان سيراب ٿيل هيٺين بزرگن جي ڪلام مان سندس تعليم جو پتو ڪڍي سگهجي ٿو:

        (1 ) سيد جان الله· شاهه رضوي، روهڙي

        (2 ) روحل فقير، ڪنڊڙي تعلقو روهڙي

        (3 ) فقير قادر بخش بيدل، روهڙي

        (4 ) سيد رکيل شاهه صوفي، فتحپور گنداواهه، سبي

        (5 ) صادق فقير صوفي، عمر ڪوٽ

        (6 ) سيد قطب شاهه  صوفي، جهانيان، حيدرآباد

        (7 ) نواب ولي محمد خان لغاري، تاجپور

        (8 ) درياهه خان فقير، خيرپور

        (9 ) خير محمد خان فقير هيسباڻي، خيرپور

        (0 1 ) دلپت صوفي، روهڙي

        آءُ سخي قبول محمد جي احوال ۾ ٻڌائي آيو آهيان ته پيغام وحدت ۽ محبت انسانيءَ جي مقصدن جي حصول لاءِ صوفياي ڪرام ٻه طريقا پئي اختيار ڪيا آهن:

        1_ علم جو،       2 _ عشق جو.

        شاهه شهيد ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته ٻنهي طريقن کي ڪتب آندو آهي، جنهن جو پتو ان مان پوي ٿو ته سندس طالبن صفاتي شعر کان ذاتي ڪلام طرف گهڻو توجهه ڏنو آهي.

        صفات مجاز آهي. ذات حقيقت آهي.

        هيٺ آءُ سندس پوئلڳن جي ڪلام مان ڪي حوالا سندس متن ۽ مقصدن جي ثبوت ۾ ڏيندس.

        1) وحدت الوجود                       دلپت

هر شي دي وچ تونهين وسيا  اپنا آپ ڇپايئه ڪيو!

اندر ٻاهر تونهين وسيا،        بانورا لوڪ ڀلايئه ڪيون!

        2 ) وحدت مذاهب                     روحل فقير

هڪ هندو ٻيا مسلمان، ٽيون وچ وڌائون وير،

انڌن اوندهه نه لهي، تن کي سچ چوندو ڪير،

”روحل“ راهه پرين جي، جڏهين گهمي ڏٺو سون گهيڙ،

ته رب مڙني ۾ هيڪڙو تنهن ۾ ڦند نه ڦير.

جي پپر ۾ پميسر ته ٻٻر ۾ ڪو ٻيو؟

بيدل فقير

بحر عميق مين جوئي پوسي،

دين ڪفر دا دفتر ڌوسي.

        3) پاڻ سڃاڻڻ                         بيدل فقير

پاڻ پنهون تون آهن،           ڪيچ ويئين ڇو ڪاهي!

خلق الاَدم عليٰ صورته،                غير خدا جو ناهين.

        4) دُوئي ڪڍڻ                         بيدل فقير

بيدل ڳالهه وحدت دي من تون،       طلسم وهم دوئي دا ڀن تون:

وچ عروج نزول دي گهن تون،  لذت آوڻ جاوڻ دي.

5 ) عشق کي رهبر راهه ڪرڻ         بيدل فقير (سرائڪي ۾)

عشق هي پير پيغمبر ميڏا،   عشق هي هادي رهبر ميڏا،

عشق هي حيدر صفدر ميڏا،   عشق هي ميڏي پشت پناهه.

بيدل فقير (فارسيءَ ۾)

مي رسد هردم بگوش جان من پيغام عشق،

ڪاي فلان گر ترڪ جان سازي بنوشي جام عشق.

        6)  وحدت انساني                     بيدل فقير

حقيقت ۾هڪ ٿيو، ڪفر ۽ ايمان،

مظهر مولا پاڪ جو، هندو مسلمان،

تارا ڪيا تالان، سورج سندي سوجهري.

 

حقيقت ۾ هڪ ٿيو، اڇو ۽ ڪارو،

نينهن هنيو نعرو، هر مظهر ۾ هڪڙو.

        ان وقت جي تصوف جو ڄاڻڻ نهايت ضروري آهي جو وحدت الوجود جي عينيت پسند نظرئي تي قائم هو. جنهن موجب ڪائنات ۽ مخلوقات سڀ الله  پاڪ جو مظهر ڪري مڃيا ويا آهن. سنڌ جي تهذيب ۽ ڪلچر صوفيانه آهن. ان جي واقفيت لاءِ شاهه عنايت جي آستاني جو سلام ضروري آهي. درويش ظاهري جامو بدلائي ويا آهن، پر انهن جي اوتارزن مان اهو ئي آواز اچي رهيو آهي. ٻڌڻ ۽ سمجهڻ وارن جي کوٽي آهي.

        انهيءَ مختصر تعارف کانپوءِ، شاهه شهيد جي اٺين نمبر جاءِنشين ميان عبدالستار جي شخصي زندگيءَ جو احوال پيش ڪندس.

        هي سن 2 0 9 1 ع ۾ ڄائو هو. جهوڪ شريف جي شهر ۾ ئي سنڌي تعليم ورتائين. ان کانپوءِ مولوي نواز علي خيرپوريءَ وٽ پارسي ۽ ٿوري عربي پڙهيائين. پوءِ پڙهڻ ڇڏي ڏنائين، ليڪن ڪتابن جي مطالعي جو کيس ڪافي شوق هوندو هو ۽ چڱو ذخيرو ڪتابن جو گڏ ڪيائون.

        سندن والد جي وفاتيءَ بعد کين مسند تي ويهاريو ويو.

        هي پنهنجي بزرگن جي نيڪ روايت قائم رکيو آهي. هندو مسلمان درگاهه تي ايندا رهيا. شاه شهيد جي درگاهه تي ساليانو ميلو تاريخ 7 1  صفر مهيني تي لڳندو آهي، جنهن موقعي تي درگاهه جا اڪثري طالب اچي حاضر ٿيندا آهن ۽ راڳ ۽ سماع جون مجلسون قائم ٿينديون آهن.

        صوفي ميان عبدالستار، عابد، حليم، خوشخلق، تعصب ۽ دوئيءَ جي خرابين کان خالي، ڪم آزار ۽ يارويس بزرگ هو.

        سندس صحبت ۾ راحت پيئي ايندي هئي. رات جو اڪثر فقير ارجنداس کان صوفيانه ڪلام ٻڌندو هو. سندس خوراڪ ۽ پوشاڪ نهايت سادا هوندا هئا.

        منهنجي ساڻس ملاقات 6 2 9 1 ع ۾ ميران محمد شاهه (مرحوم) جي معرفت ٿي، جنهن سان هن جا دوستانه تعلقات هوندا هئا.

        9 2 9 1ع ۾ جڏهين ضلعي لوڪلبورڊ ڪراچيءَ جي پريزيڊنٽ طور آءُ دادا ڄيٺمل سان گڏجي، جهوڪ ويو هوس تڏهن ڏاڍيون روح رهاڻيون ٿيون. پوءِ اڪثر پيو ملڻ ٿيندو هو.

        آخر عمر ۾ اڪيلائيءَ ۾ ذڪر فڪر ۾ رهڻ کي گهڻو پسند ڪندو هو.

        پاڻ 3 2  جمادالثاني سنه 1 8 3 1ع  روز ڇنڇر مطابق 2  ڊسمبر 1961ع  تي وفات ڪيائين. کانئس پوءِ سندس جاءِ تي، هن وقت سندس فرزند ميان ارشاد عباس مسند نشين آهي.

هيءُ صاحب نوجوان، فضيلت جو صاحب، خانداني روايت جو قائم ڪندڙ آهي. خدا شل کيس عمر دراز ڏئي، اڳين جي جلايل جوت کي زنده رکڻ جي توفيق عطا فرمائي.

ميان عبدالرحيم صاحب ولد ميان ولي محمد صاحب درس ملاڪاتيار

سنڌ هڪ مردم خيز ملڪ آهي، ان جي سرزمين ڪيئي بزرگ پيدا ڪيا، جن جون مزارون ۽ مقبرا ان جي گوشي گوشي ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جيئن مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي.

        ڪو وقت اهڙو به هو، جو هتي جا درويش ۽ عالم لاهور، دهلي، برهالپو، گجرات، ڪڇ بلڪ عرب تائين وڃي پيغام حق جو آواز بلند ڪندا هئا.

        لين ”تِلڪ الاَ يَام نداوُلهابَينَ الناسِ“ اڄ اهي مڙهيون ۽ مڪان خالي نظر اچن ٿا.

بقول شاهه عبدالطيف عليه الرحمته:

ويا سين وينجهار، هيرو لعل ونڌين جي،

تنين سندا پويان، سيهي لهن نه سار،

ڪُٽين ڪُٽ لهار، تنين سندي ڀيڻئين.

وارو حال آهي

        انهن جاين تي نه اڄلڪهه ذڪر الاهي آهي، نه تزڪيه نفس ۽ حميده اخلاق جي تعليم آهي. محبت جي جاءِ تي ڪفلت ڪا هجي پيئي آهي.

        انهيءَ اڻٽيهين اونداهيءَ ۾ جي ڪٿي باهڙي ٻرندي ڏسبي آهي، ته روح کي راحت پيئي ايندي آهي.

        هيءُ بزرگ انهن دونهين دکائيندڙن مان هڪ هو، ۽ سنڌ جي هڪ ڪنڊ ۾ خاموش زندگي گذاري رهيو هو.

        ساڻس منهنجي ملاقات اوچتو ۽ اتفاقاً ٿي.

        ڪراچي ضلعي لوڪلبورڊ جي پريزيڊنٽيءَ جي زماني ۾، منهنجا ڪراچيءَ جي هڪ انگريز مسٽر گبسن سان اختلاف پيدا ٿي پيا. ان وقت آءُ ڪانگريس ۾ هوس. هن مون کي هيسائي، لوڪلبورڊ مان ڪڍڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي، پر ان ۾ هو ڪامياب ٿي نه سگهيو. ان ڪري هن ٻيو ڪو چارو نه ڏسي، ڪوٽڙي تپو، جنهن جو آءُ رهاڪو هوس، لکپڙهه ڪري نئين دادو ضلعي سان لاڳو ڪرائي ڇڏيو، سندس انهن ارادن کي شڪست ڏيڻ خاطر دوستن جي صلاح سان آءُ ٻنهي ضلعن ۾ لوڪلبورڊ ميمبريءَ لاءِ اميدوار بيٺس.

        پنهنجي تڪ مان بنا مخالفت جي چونڊجي آيس. ليڪن ڪراچي ضلعي جي جهرڪ تڪ مان سرڪاري گروهه هڪ مڪاني وڏيري کي اميدوار بيهاريو. ووٽر سڀ انهيءَ طرف جا هئا. انهيءَ مڪاني اميدوار جي خلاف بيهي ته رهيس، ليڪن حالتن موجب ڪاميابي مشڪل پئي نظر آئي.

        اليڪشن ۾ فتح ۽ شڪست لازم ملزوم شيون ٿين ٿيون. پر هتي منهنجي شخصي فتح ۽ شڪست جو سوال نه هو، پر سرڪاري گروهه ۽ مخالف گروهه جو سوال هو، ان ڪري جملي دوستن مون کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ هر طرح جو زور لڳايو. ليڪن ظاهري طرح ڪو خاطر خواهه نتيجو ڪونه نڪتو ٿي.

        هڪ ڏينهن جڏهن آءُ شال جي اراضيءَ ۾ هوس، چاچو حاجي عبدالحڪيم شاهه ٽکڙ وارو هن بزرگ کي چاڙهي اچي اُتي نڪتو.

        مون کي چيائين ته ”تنهنجي مدد لاءِ اهو بزرگ وٺي آيو آهيان، جنهن جو هن ملڪ تي ايڏو اثر آهي، جو هن کي ڪو به انڪار ڪري نٿو سگهي. سڄا سارا ٽيهه سال هو پنهنجي خانقاهه کان ٻاهر نه نڪتو آهي، هينئر منت ڪري وٺي آيو آهيانس“.

        درويش ڏٺم_ ٿورو ڳالهائو، سندس اکيون خمار ۾ بنا نشي جي ڀريل هيون. مون کي خيال ٿيو ته هڙي بزرگ کي هن معاملي لاءِ تڪليف نه ڏيڻ کپندي هئي. شاهه صاحب وڏي فرمايو ته هن کانسواءِ قصو ٺهڻ وارو ڪونه هو.

        سندس اچڻ جو ٻڌي ي تر جا سڀيئي ماڻهو، مخالف اميدوار سوڌا اچي سندس خدمت ۾ ڪٺا ٿيا. انهن هن کان پڇيو ته ”سائين تون نه اچڻو نه وڃڻو، ڪيئن اچي نڪتو آهين!“

        چيئان: ”ابا، ولي محمد، توکي شاهه جي فائدي ۾ هٿ کڻائڻ آيو آهيان.“ وڌيڪ چيائين ته ”ابا، مون فقير کي انهن ڳالهين سان دلچسپي ڪانه آهي، ليڪن مون کي ٽن ڳالهين لوڙهي ڇڏن لاءِ مجبور ڪيو:

        (1 ) حاجي عبدالحڪيم شاهه جهڙي پيرمڙد، باهمت ۽ بااخلاق سيد اچي صبوح جو منت ڪئي. اسان کي فيض رسول جي دروازي تان مليل آهي، ان جي اولاد کي انڪار ڪري نٿي سگهيس.

        (2 ) ٻيو ته شاهه صاحب چيو ته جنهن اميدوار جي مدد لاءِ هو مون کي وٺي ٿي آيو، اهو خدمت خلق جو جذبو رکندڙ ۽ بااخلاق نوجوان آهي.

        (3 ) هو حڪومت وقت جي دٻاءُ اڳيان سرنمائڻ کان انڪار ڪري بيٺو هو. اهڙين حالتن ڪري اچي نڪتو آهيان.“

        اميدوار ۽ ان جي طرفدارن يڪدم هائوڪار ڪئي، ۽ آءُ بنا مخالفت جي ڪامياب ٿي ويس.

        ان کان پوءِ هن مون کي مقابل ٿي چيو ته

        ”ابا، مون درويش جي هيءَ نصيحت ياد ڪري ڇڏج:

        ”خلق خدا جي خدمت جو ڪم هٿان نه ڇڏج، سنڌي سٻاجهڙا اٿئي انهن جي پارت اٿئي. انهن جي خدمت ڪندي ته مشڪلاتون سامهون اچنئي ته مڙس ٿي مقابلو ڪج. ڏسجئين متان لالچ ۾ لڙهي ۽ دڙڪي پر ڊڄي وڃين. سچ جي ٻيڙي لڏندي پر ٻڏندي ڪانه. الله· جي مدد ۽ اسان درويشن جون  دعائون توسان شامل رهنديون.“

        مون بروقت وعدو ڪيو ته ”سائين دعا ڪجو، ٻنهي حالتن هيٺ حق جي پاسي کي نه ڇڏيندس.“

        هن وقت هو بزرگ گذر ڪري ويو آهي. ان ڳالهه کي ٻٽيهه ورهيه گذري ويا آهن. ان وچ ۾ ڪيترن مقابلن کي منهن ڏيڻو پيو آهي. پر خدا جي لطف ۽ درويشن جي دعا سان همت نه هاري اٿم.

        هن وقت طبيعت بيچاق، دل جي بيماريءَ ڪري ڪو به سخت ڪم ڪرڻ جهڙو نه آهيان. ان حالت هيٺ ڪيئي دفعا ڪمزوري پئي محسوس ٿي آهي، پر اهڙن وقتن تي هن درويش جون پر خمار اکيون اچي سامهون بيهنديون آهن ۽ ڪمزور کي نوشدارو جو ڪم ڏيئي، تازو توانو ڪري ڇڏينديون آهن. هن وقت منهنجي حالت هيٺين آهي.

آڏو آڙيچن کي چڪڻ ۽ چاڙهه،

مون مُٺيءَ کان نه ٿئي، وڏ پڻ ۾ وِلاڙ.

ليڪن غيب کان ڪنن ۾ آواز گونجي رهيو آهي ته:

هٿين پيرين، مونڙين ڪهج ڀرڪپار،

متان ڇوري ڇڏئين، پريتڻي پچار.

        اهڙو آواز وريو جوانيءَ جو جوش تازو ۽ همت کي مضبوط ڪري ڇڏي. دل ۾ يقين ويهي ويو آهي ته:

        ”هن سٻاجهڙي سنڌ ۽ ان جي رهاڪن لاءِ سگهوئي واءِ سڻاوا لڳندا، واهوندا، ورندا، ٿَر بَر وسندا، سڪل پَٽ ساوا ٿيندا، ڏک ويندا، سک ايندا

        انهيءَ اميدن تي پيو هلان.

        هن مختصر تعارف کانپوءِ، هن درويش جي زندگيءَ جو مختصر احوال پيش ڪريان ٿو.

        سندس وڏا ڪلهوڙن جي حڪومت کان اڳ سڪريلا ڍنڍ ضلعي ٿرپارڪر کان لڏي اچي ملاڪاتيارن ۾ ويٺا هئا.

        ميان صاحب جو ڏاڏو محمد قاسم عليه رحمت، حضرت غوث بهاءُ الحق زڪريا ملتانيءَ جي سلسلي جو فيض يافته ۽ سهروردي طريقي جو بزرگ هو. پر سندس والد کي امانت لواري وارن نقشبندي بزرگن کان ملي. پاڻ نقشبندي طريقي جي تلقين پنهنجي والد ميان ولي محمد کان ورتائون.

        ميون عبدالرحيم صاحب سن 2 9 2 1 هه ۾ ڄائو هو. هن فارسي سڪندر نامي تائين ۽ ڪجهه عربي به پڙهي هئي. فقه، حديث ۽ تفسير مان چڱو واقف هو.

        سندس والد جي انتقال کانپوءِ، هي ان جي مسند تي ويٺو. طريقت جا سبق والد کان ورتا هئائين.

        هي درويشن جي انهيءَ گروهه مان هو، جي جيتوڻيڪ وحدت وجودي فڪر جي مکيه صوفياي ڪرام وانگر بين الاقوامي وسعت نظر نه رکندا هئا. پر صاحب شريعت بزرگ هئا. صرف تزڪيه نفس ۽ اخلاق جي درست ڪرڻ جو مشغلو هوندو هو، پر تعصب، فخر ۽ دوئيءَ کان آزاد هئا. پاڻ سارو وقت ڳوٺ ۾، ياد الاهي ۽ معتقدين جي تربيت ۾ گذاريندا هئا. هن وٽان ڪيترا ماڻهو فيض يافته ٿي نڪتا، جي اڄڪلهه پنهنجي تَرَ ۾ مرجع خاص و عام آهن. انهن مان ڪن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا.

(1)  حاجي بشام فقير بروهي، تعلقو کپرو.

(2)  ميان غلام احمد صاحب ملڪاڻي (دادو)، سندن والد کان ذڪر ورتو هو.

(3)  سيد مهر شاهه، ڄام مراد علي خان جو ڳوٺ، ملير.

(4)  حاجي ٺارو فقير بروهي، کپرو

(5)  پير سيد علي اڪبر شاهه جيلاني، لوني (مارواڙ).

(6)  ميان حاجي محمد صاحب، چوٽياري، جنهن جو خاندان هن وقت مديني شريف ۾ آهي. کين ٽي فرزند ٿيا، جن مان ميان محمد اسحاق وڏو آهي.

        پاڻ اڪثري گوشه نشينيءَ ۾گذاريندا هئا، پهرينءَ ملاقات کانپوءِ، هڪ دفعي سندن خدمت ۾ ملاڪاتيار ۾ وڃڻ ٿيو. هڪ ڪکن جي لانڍيءَ ۾ زمين تي نهايت سادگيءَ ۾ ويٺل هئا.

        اکيون ساڳيءَ طرح خماريون پييون هئن. مون، بنا نشي جي ڪنهن به ماڻهو جي اکين ۾ ڪرشنا مورتيءَ کانسواءِ، اهڙو خمار ڪونه ڏٺو آهي. سندس مجلس ۾ ويهڻ بعد هيٺين مصرع ياد پوندي هئي:

ويٺي جنين وٽ، ڏکندو ڏور ٿئي،

تون تنين سين ڪٽ، اوڏا اڏي پکڙا.

(شاهه)

        پاڻ 3  صفر سن 9 5 3 1 هه مطابق 4 1  مارچ سن 0 4 9 1 ع تي وفات ڪيائون. ان وقت سندس عمر ڇاهٺ ورهيه هئي.

        کانئن پوءِ، سندن جاءِ تي سندن وڏو فرزند ميان محمد اسحاق مسند نشين ٿيو، جنهن کي هڪ فرزند محمد قاسم عرف غلام مصطفيٰ نالي سان آهي.

ڀڳت ڪنور رام ولد ڀائي تارا چند، ڳوٺ جروار، ميرپور ماٿيلو

        سنڌ، صوفين ۽ درويشن جو ملڪ آهي، جيئن اڳ عرض ڪري چڪو آهيان. انهن سنَتن ۽ صوفين جا مکيه مقصد

        (1)  نظريي ۾ وحدت الوجود جي تعليم، (2) اتحاد انساني لاءِ ڪوشش، ۽ (3 ) جملي مذهبن جي بنيادي وحدت جو پرچار، پئي رهيا آهن، ۽ انهن مقصدن جي پکيڙڻ لاءِ اصل کان هنن ٻه طريقا پئي اختيار ڪيا آهن: هڪ گيان جو، ۽ ٻيو ڀڳتيءَ جو.

        صوفين ۽ درويشن جي گهڻي حصي، هر هنڌ، عشق يا ڀڳتيءَ جي ذريعي مٿين مقصدن جي حصول لاءِ ڪوشش پئي ڪئي آهي.

        سنڌ جي ڳوٺن کي جنهن چڱيءَ طرح گهمي ڏٺو هوندو، ان کي پتو آهي ته ڳوٺن ۾ ڳائڻا ۽ ڀڳت ڇيريون پايو يڪتارا کنيو، انهيءَ صوفيانه تعليم کي، جا هندو مسلم درويشن شعر جي صورت ۾ آندي هئي، گهر گهر پڄائي رهيا آهن.

        شاهه عنايت عليه الرحمته ۽ سچل سرمست جي مسند نشيني جي احوالن ۾ ڄاڻائي آيو آهيان ته انهن جي طالبن ذريعي ڪهڙيءَ طرح سندن ڪلام سنڌ ۾ پکڙيو.

        بلڪل ساڳيءَ طرح گرونانڪ، ڪبير ڀڳت ۽ ميران ٻائيءَ جو ڪلام، جنهن جو مقصد به ساڳيو هو، سنڌ اندر پکڙيو رهيو.

        ڳوٺ ڳوٺ ۾ گردوارا، ٽڪاڻا، اداسين جون سماڌيون ۽ آستان هئا ۽ آهن، جن جي ذريعي پريم جو پيغام پکڙيو رهيو. سنڌ به ڪيئي سنت پيدا ڪيا، جن جو ڪلام هندن توڙي مسلمانن ۾ پکيڙيو ويو.

        سوامي مينگهراج، بهاولپور جي احمد پور ڳوٺ مان شڪارپور ۾ اچي، مهراج هيمنداس جي مڙهيءَ ۾ رهيو. وڏو ودوان ۽ ڪَوي، گڻوان ۽ پريمي ڀڳت هو.

        ان جي سنگ ۾ ڀائي چئنراءِ گهڻو ڪجهه پرائي شعر چوڻ لڳو، جنهن کي ”ساميءَ جي سلوڪن“ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.

        ازان سواءِ هندن مان دلپت صوفي، سائين پارو شاهه، وسڻ گهوٽ ۽ ڪيترن ٻين سنتن جو نالو سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مشهور آهي.

        جهڙيءَ طرح مسلمان صوفي، اهڙي طرح هندو سنت ساڳي ذڪر ڪيل ٽن مقصدن ۾ مڃيندڙ هئا. سڀني کي پتو هو ته واٽون کڻي ويهه هجن پهچڻ واري جاءِ ساڳي هئي. هنن کي پتو هو ته تصوف ۽ ويدانت هڪ ئي مقصد جا ڳولا آهن.

        هنن جڏهين ايڪتا جو نالو ٿي ورتو ته ان مان منش جاتي مراد هين ۽ نه ڪي قومون ۽ فرقا، هنن هندو، مسملان، ڪرستان وغيره کي هڪ وڻ جي ٽاري يا هڪ بدن جا جزا ڪري ٿي سمجهيو. هنن کي مذهبن جي ظاهري گهڻائيءَ پويان باطني وحدت پيئي پرکڻ ۾ آئي.

        هو پريم جا پرچارڪ هئا. تنهن ڪري جنهن ڪلام ۾ ساڳيو حق جو پيغام هو، سو بيڌڙڪ ڳائيندا هئا.

        ڪنور رام ڀڳت به انهن مان هڪ پريم پرچارڪ هو. ڀڳت ڪير آهي، ڀڳتي مارگ جا بنيادي اصول ڪهڙا آهن، ان جو بيان، تيرٿ بسنت، ڀڳت ڪنور رام جي جيون چر تر لکندي ڪيو آهي. ان جو اختصار هيٺ ڏجي ٿو:

وڃائي وجود کي، پاڻان پاسي ٿيءُ“ پاڻ کي خوديءَ کان خالي ڪري مرڻ ۾ مشاهدو ماڻڻو آهي.

جسماني ۽ نفساني لذتون ۽ خواهشون ترڪ ڪري، اندر کي اجارڻو آهي.

نيڪ عمل ڪرڻا آهن.

سچو رهبر هٿ ڪرڻو آهي.

دل کي محبت سان ڀرڻو آهي.

ذڪر فڪر ۾ وقت صرف ڪرڻو آهي.

ٿورو ڳالهائڻ، ٿورو کائڻ، ٿورو سمهڻ ۽ ايڪانت ۾گذارڻو آهي.

وڏائيءَ يا فخر کي ڦٽو ڪرڻو آهي.

رضا تي راضي رهڻو آهي.

سڀ ۾ پرين پسڻو آهي.

ٻين کي سمجهائڻ عيوض پاڻ سمجهڻ جي ڪوشش ڪرڻي آهي.

اهو پَتو رکڻو آهي ته عقل، عشق بنا بيڪار آهي.

صداقت ۽ سچائيءَ کي هٿان نه ڇڏڻو آهي.

ٻين جي عيبن ڏسڻ جي عيوض پنهنجن عيبن کي پروڙڻو آهي.

        انهيءَ مختصر تعارف کانپوءِ ڀڳت ڪنور جي زندگيءَ جو احوال پيش ڪجي ٿو.

        هي سکر ضلعي جي جروار ڳوٺ، تعلقي ميرپور ماٿيلي ۾ رهندڙ هڪ مسڪين واڻئي ڀائي تاراچند جو فرزند هو. سندس والده جو نالو شريمتي تيرٿ ٻائي هو.

        چون ٿا ته هنن کي ڀائي سترامداس جي دعا سان هي پٽ ڄائو هو، تنهن ڪري ڄمڻ سان ڀائيءَ جي حوالي ڪيائونس.

        هي سن 5 8 8 1 ع ڌاري ڄائو هو. ڀائي سترامداس پاڻ ڀڳت هو، صوفيانه ڪلام چوندو هو.

        ڪنور رام عربي سنڌي لکي نه ڄاڻندو هو. گرمکيءَ ۾ لکندو هو، گائن وديا حيات پتافيءَ جي ڳوٺ واري دربار جي شيوا ڌاريءَ ڀائي هاسارام کان سکيو. وڏي ٿيڻ بعد هي اچي ڀائي سترامداس وٽ رهڻ لڳو ۽ ساڻس گڏ ڀڳت وجهندو هو.

        ڀائي سترامداس جي ديهانت کانپوءِ هو جدا ڀڳت ڪرڻ لڳو، پر جتي ڀڳت لاءِ ويندو هو ته ڀائي سترامداس جي آڪهه جو ماڻهو وٺي ان جي آگيا سان ڀڄن ڀاءُ ڪندو هو.

        سندس والد هن جي شادي، ڀائي اوٽو مل منگهرياڻين واري جي نياڻيءَ سان ارڙهن ورهين جي ڄمار ۾ ڪرائي.

        هن کي هڪ پٽ آهي، جو اڃا تائين جروار جي ڳوٺ ۾ رهندو آهي. ڀڳت صاحب شڪل ۾ سهڻو هو، اکيون رونق واريون هيس، سندس آواز ۾ حد درجي جو ميٺاج ۽ درد هوندو هو.

        هن جي ڪلام ۾ اهڙو تاثير هو، جو ڪنور رام جي ڀڳت جي پتي پوڻ تي، هزارن جي تعداد ۾ آسپاس کان هندو مسلمان اچي سندس راڳ ٻڌڻ لاءِ ڪٺا ٿيندا هئا. هي اڪثري ٻارهين بجي رات کانپوءِ ڳائيندو هو ۽ صبوح تائين پيو ڳائيندو هو. جيئن رات ڀِڄندي هئي، تيئن هن جو اثر وڌندو ويندو هو.

        اهي پري کان آيل ماڻهو ساري رات ويهي راڳ ٻڌندا هئا. راڳ پوري ٿيڻ کان اڳ انهن مان ڪو به ٻاهر نه نڪرندو هو. سندس راڳ ۾ گهڻو حصو صوفين جو ڪلام هوندو هو. مون کي رڳو ٻه دفعا سندس ڪلام ٻڌڻ جو موقعو مليو. هڪ دفعي سَن جي شهر ۾، ٻئي دفعي مانجهندن ۾ ٻائٻي ڌرمداس جي درٻار ۾. اهي ٻئي دفعا جڏهين ياد پوندا آهن، ته حافظ شيرازيءَ جي هيءَ مصرع اچي ياد پوندي آهي.

چه بانگ بود ڪ بنواخت مطرب عشاق!

ڪه رفت وقت هنوزم دام پر از غوغا ست!

”آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه، مون کي تن ماروئڙن جي“

ته ان وقت جي کاڌو کائيندو هجان يا پڙهندو هجان، ته ٻئي ڇڏائي ويندا اٿم. ڪنهن اونهي غور ۽ فڪر ۾ پئجي ويندو آهيان. ڪيئي خيال دل تي تري ايندا آهن ۽ گهڻيئي ستل سور جاڳي پوندا آهن. اهو وقت جي موڊ (رجحان) ۽ طبيعت جي لاڙي تي مدار رکي ٿو ته ڪهڙيون ڳالهيون ۽ ڪهڙا مارو ياد اچن. انهيءَ مصرع ۾ ٽي لفظ پُر معنيٰ آهن. ڪانگو، ڳالهه ۽ ماروئڙا.

        (1) ڪانگ کي شاهه صاحب قاصد، پيغام نيندڙ، خوشخبري آڻيندڙ، پرين پرچائيندڙ، غيب جون خبرون پهچائيندڙ ۽ ستا سور جاڳائيندڙ ڪري ظاهر ڪيو آهي.

        (2) ڳالهه لفظ جون به ڪيئي معنائون ڪيون وڃن ٿيون. مثلاً قصو، ڪهاڻي، مخفي راز، غيب جا احوال، ماضيءَ جون يادگيريون، مستقبل جا خواب، دردن جا داستان، قديم روايات، تهذيب ۽ تمدن جو ذڪر، همنفس ۽ همجنس دوستن کان دوري، مارئيءَ جا ديس ۾ معصومانه ۽ سادي زندگيءَ جا زمانا، ان ۾ اهي سڀ اچي وڃن ٿا.

        (3) مارو لفظ مان قبيلو، ديسي، دوست، عزيز، همخيال ۽ همجنس ۽ ساٿيءَ جون معنائون نڪري سگهن ٿيون.

        سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”پٿر پَرائي سور سڀڪا پنهنجا روئي.“ مون کي ان وقت ڪنهن مهل گذر ڪري ويل دوستن، عزيزن ۽ پيارن جي ياد گيري اچيو پوي.

        ڪنهن وقت ويل ديسين، دوستن، همنفس ساٿين، جنم کان گڏ گذارڻ وارن سنگتين سان ڪيل ملاقاتن، رس رهاڻين، سندن ڇڏيل ٽڪاڻن، ٽولن، ڪتابن، روايتن جي ياد گيري اچيو ستائي.

        ڪنهن وقت هندن مسلمانن جو شاديءَ غميءَ ۾ اچڻ وڃڻ، عاشورن، عيدن، ڏياريءَ، دسهڙن جي موقعن تي ونڊون ورهاستون، پيرن، فقيرن، ساڌن، سنتن جون مجلسون، تصوف ۽ ويدانت جي بنياد تي پيدا ٿيل عقيدا اچيو ياد پون، ۽ انهيءَ سڀ جي مقابلي ۾ هاڻوڪو جو زمانو اچيو سامهون بيهي.

        ڪنهن مهل سنڌ جي قديم سڀيتا، موهن جي دڙي جو تمدن، سومرن ۽ سمن جي دور جون ڳالهيون _ سسئي پنهون، مومل راڻي، ليلا چنيسر، عمر مارئي، دودي چنيسر، ڄام تماچي ۽ نوريءَ جا داستان اچيو سامهون بيهن.

        ڪنهن مهل سنڌ جي راءِ گهراڻي، سومرن، سمن، ڪلهوڙن، بلوچن جي زماني واري آزاديءَ جا واقعا اچيو اکئين سامهون بيهن.

        مطلب سنڌ جو ڪانگو ڪنور ڀڳت، ڪهڙي ڳالهه ۽ ڪهڙا مارو ٿو ياد ڏياري، اهو موقعي ۽ مهل تي مدار ٿو رکي.

        اها ڪافي درياهه خان فقير ڪنڊڙيءَ واري جي چيل آهي. جو شاهه عنايت صوفيءَ جي طالبن مان هو.

        ڀڳت ڪنور نانڪ پنٿي سلسلي سان واسطو رکندڙ هو. هڪ جو پيغام ٻئي جي آواز سان گڏجي اهو ترنم ٿو پيدا ڪري، جنهن جي خبر صرف ”لڳيان واليان نون“ کي پئجي سگهي ٿي.

        اڪثر ڳائيندڙ ڳائڻ واري پيسي تي گذران ڪندا آهن، پر ڀڳت ڪنور ان مان هڪ پائي به پنهنجي ڪتب نه آڻيندو هو. سندس گذران دڪان ۽ واپار تي هوندو هو. مليل پيسو انڌن، منڊن، غريبن، محتاجن، يتيم ٻارن، ۽ بيوه عورتن ۾ تقسيم ڪري ڇڏيندو هو. ان ۾ هندو مسلم جو فرق نه رکندو هو.

        هي ڪلام ماڻهن جي تفريح طبع ۽ دل وندرائڻ لاءِ نه چوندو هو، پر سنڌ جي صوفيانه ڪلچر جي پيغام پهچائڻ لاءِ پرچارڪ ٿي ڳائيندو هو. ان ۾ پاڻ وڃائڻ، پاڻ سڃاڻڻ، محبت ۽ اخلاص جا سبق سمايل هوندا هئا.

        ڀڳت صاحب جي حياتيءَ تي هڪ ناياب ڪتاب شري تيرٿ بسنت لکيو آهي. ان جي پڙهڻ لاءِ آءُ، ڀڳت ڪنور رام ۽ سنڌي تهذيب جي پياسن کي مشورو ڏيندس.

        چوڻ ۾ اچي ٿو ڪنور رام جڏهين مانجهندن جي ميلي تان ٿي، دادو لٿو ۽ اتان ٻيءَ گاڏي ۾ سکر وڃڻ لاءِ رڪ اسٽيشن تي پهتو، ته گاڏيءَ ڇٽڻ بعد کيس پير صاحب ڀرچونڊي جي مريد جان محمد جلباڻيءَ انتقام طور، بندوق هڻي قتل ڪري وڌو. ڇا لاءِ ته ان کان اڳ، سکر ۾ پير صاحب ڀرچونڊي شريف جي فرزند کي، ڪن آرين، تعصب وچان مارڪُٽ ڪئي هئي، ۽ مشهور مهاسڀائي ليڊر، ڊاڪٽر مونجي، هڪ عام جلسي ۾ تلوار هٿ ۾ کڻي، مسلمانن جي خلاف اشتعال پيدا ڪيو هو. گاڏيءَ ۾ علاج نه ٿيڻ ڪري باگڙجيءَ جي اسٽيشن تائين رت ڇڏي، انتقال ڪري ويو.

        سکر، روهڙي، ٻين شهرن ۾ هن جا ماتمي سرگس نڪتا. اهو حادثو 2  نومبر 9 3 9 1 ع تي سرزد ٿيو. سندس اگني سنسڪار جروار جي ڳوٺ ۾ ڪيو ويو.

        هن قسم جا واقعا، سنڌ جهڙي صوفياڻي زمين تي ڪٽرپڻي جي دور جو ڄڻ آغاز هئا. ۽ ان کانپوءِ مسجد منزلگاهه جي تحريڪ ۾ ڪن اشتعا پسند ماڻهن طرفان، هندن_ مسلمانن جي وچ ۾ حد کان وڌيڪ ڏڦيڙ ۽ وير وروڌ پيدا ٿيو. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو سکر ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ خونريز قتلا ٿيو ۽ هزارين بيگناهه، هندو ۽ مسلمان لکن جو مال ملڪيت، ان باهه جو بَکُ ٿي ويا. ان سلسلي ۾ پروفيسر پمناڻي ۽ الهه بخش مرحوم جي قتل جا واقعا رونما ٿيا. بعد ۾ جي هندو مسلم فساد ٿيا ۽ خونريز واقعا پيش آيا تن کان هر ڪو واقف آهي.

        اسان اڃا تائين اهڙن دورن مان لنگهي رهيا آهيون، جن ۾ انسانذات جي محبت تي خود غرضيءَ ۽ نفسانفسي غالب آهي. خبر نه آهي ڪڏهين اهو سمو پورو ٿيندو. پر اميدون رکيو ويٺا آهيون ته جنهن سرزمين، شاهه عنايت، شاه لطيف، سچل، سامي جهڙا بزرگ پيدا ڪيا آهن، سا ضرور اخوت ۽ مساوات جا انساني ۽ عالمي قدر پيدا ڪندي. شاهه صاحب چئي رهيو آهي ته:

متان ٿئين ملور، آئون آڳاهون آهيان،

ڏسڻ ۾ ڪر ڏور، پر حد ٻنهي جو هيڪڙي.

پريان حافظ شيرازي پيو فرمائي:

دور گردون بردو روزي بر مراد ما نگشت،

دائما يڪسان نه باشد ڪار دوران غم مخوز.

 

*-----------*----------*

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com