سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1966ع

مضمون

صفحو :7

 

راڄ محمد پلي

صوفي صادق فقير جو ڪلام

(قسط 2  : آخري)

        (سنڌ جي مشهور صوفي شاعر، صادق فقير صديق رحه جي ”سوانح ۽ ڪلام“ متعلق، راڄ محد پليءَ، نهايت محنت سان مواد جمع ڪيو آهي. صوفي صادق رحه جي سوانح عمري، رسالي مهراڻ ”ڏهه ساله نمبر“ جي پهرئين حصي (1 2  / 1965 ع) ۾ شايع ٿي چڪي آهي. هن پرچي ۾، سندس ڪلام، بيت ۽ وايون پيش ڪيل آهن. مختلف سُرن جا ڪل: 2 3 2  بيت، ۽ مختلف سُرن جون 4 8  وايون، 7  سرائڪي وايون، ۽ 6  سرائڪي بيت، گڏ ٿي سگهيا آهن. افسوس اهو آهي ته صادق فقير جي ڪلام جا اهي نسخا، جي درگاهه جهوڪ شريف جي فقراء پاران تيار ٿيل آهن، اهي اڃا منصهء  شهود تي ڪين آيا آهن.

        اميد آهي ته هن سلسلي جا اهي ٻئي حصا، جي مهراڻ رسالي جي وساطت سان شايع ٿيا آهن، سنڌي ادب جي شائقينن لاءِ صادق فقير جي ڪلام، فن ۽ شخصيت لاءِ مستند مواد جي حيثيت حاصل ڪندا.

        صادق فقير، طريقت جي سلسلي موجب جڏهن ته سنڌ جي مشهور صوفي بزرگن جهوڪ وارن صاحبن جو مريد صادق آهي، ۽ تصوف ۾ وحدت الوجود جي نظريي جو شارح آهي: تڏهن سندس ڪلام ۽ پيغام ۾ وحدت ۽ انسانيت، محبت ۽ برادري، اخوت ۽ مساوات جو وسيع نصب العين موجود آهي. هڪ صوفي ۽ لاڪوفي هئڻ جي حيثيت سان، صوفي صادق فقير جو ڪلام سنڌ جي صوفي شاعرن ۾ پڻ ممتاز حيثيت رکي ٿو. ان طرح سوز ۽ گداز، ناز ۽ نياز، جمال ۽ جلال جي وجد آور ڪيفيتن جي پالوٽ، فقير صاحب جي فن ۽ ڪلام کي سه اُتشه ڪري ڇڏيو آهي. فقير صاحب جو فن ڪلاسيڪي فن جو تعريف لائق شاهڪار چئي سگهجي ٿو. فقير صاحب بيت ۽ وائيءَ جي وسيع دامن کي پنهنجي فني شهپارن سان مالا مال ڪري ڇڏيو آهي. ان کانسواءِ، سندس ڪلام، سنڌ جي راڳداري فن سان پڻ تعلق رکي ٿو. اهو ئي ڪارڻ آهي جو سندن ڪلام سنڌ جا صوفي فقراء، ميلن ۽ محفلن ۾ لطيف ۽ سچل جي ڪلام سان گڏ ڳائين ٿا. وجداني ڪيفيات جي ترجماني ۽ روحاني جذبات جي فراواني، فقير صاحب جي ڪلام سان گڏ ڳائين ٿا. وجداني ڪيفيات جي ترجماني ۽ روحاني پختگيءَ جي ڪري ڪلام ڄڻ الهام بنجي چڪو آهي. افسوس اهو آهي ته فقير صاحب جي ڪلام جا جيڪي ٻه-  ٽي نسخا مشهور آهن، انهن کي ڀيٽي، ڪو آخري ۽ مستند نسخو اڃا تائين نه بنايو ويو آهي. سنڌي اديبن تي فرض آهي ته هو هن سلسلي ۾ حال آهر ڪم ڪن. اڻهُوند ۾ هن پيش ڪيل ڪلام کي غنيمت سمجهڻ گهرجي. غ م . گ)

فقير صادق جي ڪلام جا ٻه اهم منتخب

        صوفي صاحب جي ڪلام جي مختلف عام نسخن کانسواءِ سندن بيتن جا ٻه منتخب، ”درد نامو“ ۽ ارشاد نامو“ سندن ڪلام جا مستند نسخا شمار ڪيا وڃن ٿا. ”ارشاد نامي“ ۽ ”درد نامن“ متعلق معلوم حقيقتون ۽ روايتون هيٺ ترتيبوار پيش ڪجن ٿيون:

        ارشاد نامو: ناياب آهي. فقير صاحب جي سجاده نشين وٽ چون ٿا ته هڪ نسخو هو، پر ظاهر ٿيل ڪونه آهي. جن فقير اهو نسخو ڏٺو آهي، تن جي چوڻ موجب هن انتخاب ۾ فقير ”صادق“ پنهنجي مرشد ”شاهه قلندر“ جي ارشادات ۽ ملفوظات کي بيتن ۾ بيان ڪيو آهي. انهن بيتن جو انتخاب ڪنهن ڪيو ۽ ڪڏهين ڪيو، ان متعلق ڪجهه به معلوم ٿي نه سگهيو آهي ۽ نڪو انهن بيتن جو ڪو مثال به هٿ اچي سگهيو آهي. ان سلسلي ۾ فقير صاحب جي پونيرن جي تعاون جي ضرورت آهي، اهي هن نسخي کي ڪوشش ڪري هٿ ڪري سگهن ٿا. ٻيءَ حالت ۾ فقير صاحب جي انهيءَ اهم ڪلام، جنهن ۾ جهوڪ شريف جي بزرگن جي ”ملفوظات“ محفوظ ٿيل آهي، جو ان طرح گم ٿي وڃن، ”تصوف“ ۽ ”اهل تصوف“ ۽ ”سنڌي ادب“ جي حق ۾ عظيم نقصان تصور ڪيو ويندو. هي نسخو موجوده وقت ۾ ”جهوڪ شريف“ جي معتقدين ۽ متوسلين لاءِ هڪ اهم روحاني ”هدايت نامي“ جي حيثيت رکي ٿو، تنهن کي، ان سلسلي جي فقيرن کي ڪوشش وٺي هميشه لاءِ محفوظ ڪرائڻ لاءِ جلد ڪو عملي قدم کڻڻ جڳائي.

        درد نامو: صوفي صادق جي ڪلام جو هي ٻيو اهم منتخب آهي، جو هڪ ٻن جاين تي دستياب ٿي سگهيو آهي. ”درد نامو“ هن ڪري به سڀ کان وڌيڪ اهميت وارو نسخو آهي جو ان ڪلام جو انتخاب ڪندي، صوفي صادق فقير جو مرشد حضرت صوفي فضل الله· شاهه قلندر رحه پاڻ آهي; ۽ ٻيو ته اهي بيت فقير صادق جي حياتيءَ ۾ ئي قلمبند ڪيا ويا آهن; ۽ ٽيون ته انهن بيتن کي آخري طرح يڪجا ڪرڻ جو ڪم به فقير صادق جي هڪ اهم همعصر ۽ همشرب اهل دل فقير  نور الله· سرانجام ڏنو آهي. هن انتخاب جو هڪ نسخو فقير غلام علي مسرور مرحوم کان جناب لطف الله· صاحب بدويءَ کي هٿ آيو هو، جنهن تان پڻ پنهنجي ڪتاب تذڪره لطفيءَ“ ۾، صوفي صادق جي تذڪري ۾ سندن ڪلام جو انتخاب ڏنو اٿس. ٿي سگهي ٿو ته اهو نسخو جناب بدوي موصوف وٽ اڃا به محفوظ هجي. ”درد نامي“ جي جامع، ۽ تاليف جي سال ۽ انتخاب ڪندڙ لاءِ بدوي صاحب لکي ٿو:

”صديق فقير جي هڪ تصنيف ”درد نامه“ نظر مان گذريو“ جنهن ۾ شاعر جو صحيح ڪلام موجود هو. ”درد نامي“ جو جامع فقير نور الله·، جهوڪ ميران پور جو طالب هو، جو صديق فقير  جو همعصر هو. ڪتاب صوفيانه تعليم سان ڀرپور آهي ۽ نهايت ئي محنت سان تيار ڪيل آهي. هر هڪ صوفيانه نڪتي بيان ڪرڻ کان پوءِ ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ جامع (نور الله· فقير) هيٺيون مختصر تعارف اصل مصنف ڪتاب جي لاءِ ڏئي ٿو:

”هي رسالو ”دردنامه“، مرشد حضرت مخدوم فضل الله· شاهه قلندر صوفي القادريءَ جي خليفي صديق شاهه، جنهن جو نالو محمد صديق فقير سومرو هو، جيڪي ڏيک ڏٺا ۽ عروج ۽ نزول جي مقامن ۾ غيب ڏٺا، ۽ ٻيا ڪي نڪتا وحدت جا نصيحت سان ڀريل پنهنجي حال جا ٿي ڏٺا، سي مٿئين حضور جي روبرو بيان ٿي ڪيا. اهڙن مان جي مرشد جي نظر ۾ قبول ٿي پيا، ۽ انهيءَ وقت ۾ جيڪي لفظ انهيءَ حال موجب حضرت صاحب جن پنهنجي زبان مبارڪ سان ٿي فرمايا، سي سڀ جنسي سال 4 2 2 1  هجريءَ ۾ ٻن خليفن جدا ڪاغذن تي لکي ٿي رکيا. تنهن کانپوءِ هن شائق، نور الله· صوفيءَ انهن ڪلامن کي گڏ ڪري گهٽ وڌ لفظ پنهنجي حوصلي موجب لکي سال 6 2 2 1 هه ۾ رسالو جوڙيو(1).“

        فقير صاحب جي ڪلام جو هي انتخاب، ڄڻ ته فقير صاحب جي نظرداريءَ هيٺ تيار ٿيو آهي: ڇو ته جڏهن هي ڪلام آخري طرح فقير نور الله· تاليف ڪري رهيو هو، تڏهين جهوڪ شريف ۾ فقير صادق جو قيام هو. جنهن جي تصديق فقير صادق جي سڀ کان وڏي فرزند فقير بايزيد جي ولادت جي سال ۽ جنم واري جڳهه وارين روايتن مان ٿئي ٿي، ته صوفي بايزيد جي ولادت سن 6 2 2 1 هه ۾ ٿي آهي ۽ جهوڪ شريف ۾ ٿي آهي. تڏهين يقين سان فقير صاحب جي رهائش جهوڪ شريف ۾ تسليم ڪبي، ۽ ”درد نامو“ به غالباً جهوڪ شريف ۾ ئي تاليف ڪيو ويو هوندو. هن رسالي تاليف ٿيڻ کان پوءِ فقير صادق جن 38-39  سال حيات رهيا آهن. ٿي سگهي ٿو ته سندن حياتيءَ ۾ سندن ڪلام کي باقاعده قلمبند ڪيا ويا هجن ۽ ممڪن آهي ته انهن ۾ ڪي ٻيا بيت به شامل ڪيا ويا هجن. اها به حقيقت آهي ته ”درد نامه“ جا خاص نقل وقت بوقت ٿيندا رهيا آهن. جناب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ”ميٻين شاهه عنايت جو ڪلام“ جي مهاڳ ۾ فقير صادق جي ڪلام جي هڪ نسخي جو نالو ”راز نامه“ ڄاڻايو آهي، حالانڪه ان نالي سان فقير صاحب جي ڪلام جو ڪو به نسخو هيستائين ٻڌڻ ۾ ڪونه آيو آهي، تنهن ڪري راقم الحروف ان نالي بابت ڊاڪٽر صاحب جن کان استفسار ڪيو، جنهن جي جواب ۾ ڊاڪٽر صاحب جن لکن ٿا:

”جو نسخو منهنجي نظر مان گذريو هو، غالباً ان جي سر ورق تي ”رازنامه“ لکيل هو. ٿي سگهي ٿو نظر ڀل وچان ”درد نامي“ جي بجاءِ ”راز نامه“ لکجي ويو هجي. وڌيڪ تصديق لاءِ مهرباني ڪري هيٺئين ائڊريس تي خط لکندا، جو نسخو مون وٽن ئي ڏٺو هو. جناب حاجي سومر خان گل محمد خان لغاري، پوسٽ آفيس ٺارو خان لغاري، شهدادپور، ضلعو سانگهڙ.“ (ڊاڪٽر صاحب جو خط لکيل، تاريخ 4 1 اپريل 1964 ع).

        جناب ڊاڪٽر صاحب جن جي نوازش نامي اچڻ کان پوءِ، مٿئين ائڊريس تي وڌيڪ تصديق لاءِ خط لکيو ويو، پر هيستائين ڪو به جواب موصول ڪونه ٿيو آهي، نڪا جواب ملڻ جي ڪا اميد به آهي. اهو نسخو گمان غالب آهي ته ”درد نامه“جوئي ٻيو يا به نقل هوندو. نظرڀل وچان مٿس عنوان ”راز نامه“ لکجي ويو آهي. ”درد نامه“ جا ٻيا به نقل نسخا هوندا، پر انهن جو پتو پئجي نه سگهيو آهي. عام طرح اسان کي فقيرن ۽ سگهڙن کان جيڪي بيت هٿ آيا آهن، انهن ۾ ”درد نامه“ وارا بيت به هٿ آيا آهن. هيٺ قارئين جي واقفيت لاءِ ڪلام جي انتخاب واري باب ۾ به موجود آهن. پر آيل آهن جدا جدا سُرن ۾، تنهن ڪري خبر پئجي ڪانه سگهندي ته اهي بيت ”درد نامه“ جا آهن يا ٻيا عام بيت:

هُو جي ٿورا سڄڻين، سو مون ڀانيان سور،

پهتس تان نه پور، ڳُڻ ڳڻيندين تن جا.

 

روئي ريجهائج، ڳجهون ڳرهي ڳالهيون،

پهت سان پهائيج، ليلا پنهنجي ڪانڌ کي.

 

سي ويري نه واهرو، جي مان ڀانيا مٽ،

سورن سندي سِٽ، پاڻان پاڙهي هليا.

 

معنيٰ مثل نه جڙي، عجب آهيم ايءُ،

ڏسيو ڏِسان نه سپرين، جلي پيو جيءُ،

هاڻي ويو هيءُ، هُو پڻ ويو هُنَ کان.

 

سارنگ سِڪي وڄ، وڄ وسي منجهه ڪين،

تان سڪ سنيها ڏين، پرينِ پاڻ لڪايو.

 

نالي ۾ نالو ٿيا، پرين سي پسن،

آهي احديت تن، جي واحدون واحد ٿيا.

(تذڪره لطفي ۾ آيل)

فقير محمد صادق جي ڪيڏاري تي تحقيق

        سنڌي ادب ۾ سر ڪيڏاري تي بحث، لطيفي شارحن ۽ محققن جو جو خاص موضوع گفتگو رهيو آهي. آنجهاني پروفيسر ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ پنهنجي عظيم تاليف ”شاهه جو رسالو“ ۾ پنهنجي تحقيق جي بنياد تي، سر ڪيڏاري کي شاهه جو ڪلام تسليم ڪري، پنهنجي رسالي ۾ داخل ڪيو، تڏهين کان ”شاهه جي رسالي ۾ ڌاريو ڪلام“ جي موضوع تي ان دور جي عالمن ۽ لطيفي ڄاڻن زوردار بحث ڪيا. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ کان ويندي موجوده دور جي لطيفي محققن ان ڳالهه تي پنهنجا خاص دليل ۽ رايا قائم ڪيا آهن، ته سر ڪيڏارو شاهه جو چيل آهي يا احسان فقير جو؟ ۽ جي واقعي شاهه سر ڪيڏاري جا بيت چيا آهن، ته پوءِ انهن ۾ شاهه جي بيتن جو تعداد ڪيترو آهي؟ وغيره. هيستائين شاهه جي سُر ڪيڏاري جي بيتن جي تعداد متعلق بحث ڪندي انگن اکرن جو عجيب سلسلو پيدا ڪيو ويو آهي. ڪن محققن شاهه جا ٻاهتر (2 7 ) بيت مڃيا، ته ڪن وري ستر (0 7 ) لکيا، ته ڪن عالمن جي ڇنڊ ڇاڻ اَٺ (8 ) بيت باقي شاهه جا بچايا، ۽ ڪن ان سلسلي جي سموري بحث جو جائزو وٺي، انهن اٺن کان وڌيڪ چار بيت ”شاهه لطيف“ تي ”ڇاڻيا آهن. مطلب ته اهو بحث اڻکٽ آهي، جيڪو شايد اڃا به لطيفي محققن ۾ گهڻو وقت هلي! اسان مٿيان لطيفي شارحن جي تحقيق جا مختصر اشارا فقط ان ڪري ڏنا آهن، ڇا لاءِ ته لطيف جي سر ”ڪيڏاري“ تي بحث دوران ”فقير صديق“ جي سر ”ڪيڏاري“ ۾ آيل شاهه جي بيتن تي به خاص طرح بحث ڪري، ڪي رايا قائم ڪيا ويا آهن.

        ”صوفي صديق فقير“ جي سر ڪيڏاري جي تحقيق ۽ تاليف جو ڪم سڀ کان اول مخدوم محمد صالح ڀٽي هالائي مرحوم ڪيو آهي. مخدوم مرحوم، احسان فقير جي سر ڪيڏاري جي تحقيق ۽ تصحيح لاءِ فقير صديق جو ڪيڏارو جمع به ڪيو ۽ ان ۾ ڌارئين ڪلام جي تحقيق به ڪئي. مخدوم مرحوم جي اها تحقيقي ڪاوش سندن وفات (1953ع) کان پوءِ ”ڪيڏارو“ نالي ڪتاب ۾ آيل آهي. اسان جي اڳيان ڪتاب جو ٻيو ڇاپو آهي، جنهن جي اشاعت جو سال ڏيکاريل ڪونهي(*) ڪتاب ڪيڏاري ۾ جامع (1 ) فقير احسان، (2 ) سيد جيئندل شاهه، (3 ) اسماعيل فقير، (4 ) جاڙو فقير، (5 ) صديق فقير ۽ آخر ۾ جامع پنهنجي ڪيڏاري جا بيت، وايون، زاريون ڏنيون آهن: ان کانپوءِ، احسان فقير جي سر ڪيڏاري جي بيتن کانسواءِ فقيرن جي ٻين يارهن سرن جا بيت پڻ ڪتاب ۾ درج ڪيا ويا آهن. صديق فقير جو سر ”ڪيڏارو“ مولف ڇا لاءِ، ڪٿان ۽ ڪيئن هٿ ڪيو، تنهن بابت مرحوم جو فرزند لکي ٿو:

”صادق فقير جو ڪيڏارو، جو هتي ڏجي ٿو، سو والد محترم محمد صالح ڀٽي هالائي کي درگاهه جهوڪ شريف توڙي درگاهه اهُر شريف جي مهربانيءَ سان هٿ آيو، جنهن کي ڳچ ورهيه گذريا. شايد سندن خيال هو ته احسان فقير جي ڪيڏاري جي تصحيح بعد هن ناياب تحفي کي پڻ شايع ڪيو وڃي.“(1)

        صاديق فقير جا ”ڪيڏاري“ سان گڏ، مولف پنج (5) بيت سر ”سوڌڙي“ جي عنوان سان جدا ڏنا آهن، جن جومضمون به سر ڪيڏاري وارو آهي. افسوس هن ڳالهه جو آهي ته مولف جي فرزندن مٿين وضاحت ۾ اهڙو ڪو به اطلاع ڪونه ڏنو آهي ته مخدوم محمد صالح جي هٿ ڪيل ڪيڏاري جو ماخذ ”صادق فقير“ جي ڪلام جو ڪو مڪمل قلمي نسخو هو، يامٿي ذڪر ڪيل درگاهن جي راڳيندڙن جي يادداشت موجب مختلف ڳائڻن کان لکرايو ويو هو؟ ڇو ته ڪيڏاري جو ماخذ جيڪڏهن فقير جي ڪلام وارو مشهور ”مڪمل بياض“ آهي ته پوءِ ان سر کي مڪمل تصور ڪري سگهجي ٿو: پر جيڪڏهن اهو ڪلام ڳائڻن جي يادداشت تان لکيو ويو آهي، ته پوءِ چئي سگهجي ٿو ته ان سر جا ڪي ٻيا بيت به هوندا، ڇو ته ڳائڻن کي سارو ڪلام ياد هجي سو ته ٿي نٿو سگهي. شاهه جي ڪيڏاري تي بحث ڪندي، مولف جو هڪ فقرو، پروفيسرو محبوب علي چنا جو هن طرح آيل آهي ته:

”سر ڪيڏاري جا ٻارهن بيت صادق فقير صوفيءَ جي رسالي ۾ موجود آهن.“ (1)

        ”ڪيڏاري“ جي مولف جي مٿئين فقري مان ڪنهن حد تائين اهو نتيجو وٺي سگهجي ٿو، ته سر ڪيڏارو، صديق فقير جي ڪنهن رسالي تان نقل ڪيو هئائين، يا صديق فقير جو رسالو مطالعو ضرور ڪيو هئائين: نه ته مٿئين فقري ۾ رسالي جو لفظ نه لکي ها، ته: ”صديق صوفي جي ڪيڏاري ۾ شاهه جا ٻارهن بيت موجود آهن.“ ڇو ته رڳو ”اهر“ ۽ ”جهوڪ“ تان هٿ آيل ڪيڏاري کي سندن جهڙو محقق، ”رسالو“ نٿو لکي سگهجي. ٻي هڪ خاص ڳالهه جنهن جو هت ذڪر ڪرڻ ضروري آهي ته مولف، صديق فقير جي ڪيڏاري ۾ جيڪي ”ٻارهن بيت“ ڄاڻايل ئي ڪونهي ته شاهه جي ڪهڙي رسالي جي ترتيب جا نمبر آهن: ڇو ته شاهه جا مختلف رسالا آهن، ۽ هر ڪنهن رسالي جي ترتيب پنهنجي پنهنجي آهي. تنهن ڪري سندن ڏنل نمبرن موجب جتي ڪنهن به هڪ ڇاپي جو حوالو ڏنل ڪونهي، ته پوءِ ان صورت ۾، ڀيٽ ڪندڙ لاءِ وڏو مونجهارو پيدا ٿي سگهي ٿو.

        مخدوم محمد صالح مرحوم، صديق فقير جي سر ڪيڏاري ۾ ٽيونجاهه بيت ۽ ست صدائون جمع ڪيون آهن. انهيءَ ڪيڏاري ۾ پاڻ ”شاهه“ جا ٻارهن بيت پڻ ڏنا اٿن، جيڪي ڪيڏاري ڪتاب ۾ سندس قائم ڪيل ترتيب موجب هيٺين نمبرن سان درج ٿيل آهن. هن مهراڻ ۾ صادق فقير جي ڪلام جي انتخاب ۾ به اهي بيت انهيءَ ترتيب ۽ نمبرن سان ڏسي سگهجن ٿا، 4 ، 10 ، 11 ، 13 ، 14 ، 15 ، 18 ، 22، 28 ، 33 ، 38 ، 39 .

انهن ٻارهن بيتن مان بيت نمبر يارهون، چوڏهون، ارڙهون ۽ اٺٽيهون، جملي چار بيت فقط شاهه جا ڄاڻايل آهن، باقي اٺ بيت احسان فقير جي بيتن جهڙا آهن، ۽ مشڪوڪ آهن. جن مٿان شاهه ۽ احسان جي هڪجهڙائي وارن بيتن جا حوالي ڏنل آهن، انهيءَ کانسواءِ جيڪي احسان فقير جي ڪيڏاري ۾ آيل اڻپورا ٻه بيت نمبر چاليهه ۽ ايڪتاليهه احسان فقير جا آهن، جيڪي احسان فقير جي سر ڪيڏاري ۾ مڪمل طرح واڌاري سان موجود آهن. ان کانسواءِ، فقير جي ڪيڏاري ۾ آيل بيت نمبر پنجاهون به ”يتيم“ نالي يا تخلص واري ڪنهن شاعر جو ٿو پانئنجي، جنهن لاءِ مخدوم مرحوم يا سندس فرزند اهڙو ڪو به ذڪر ڪونه ڪيو آهي، بيت هن طرح آهي:

بيبي بيبان ۾، اڀي ٻاڪاري،

گهوٽ گهڙيا گهمسان ۾، سي ڏاتر ڏيکاري،

لڳي جنگ ”يتيم“ چوي، هنيائون هاڪاري،

سر به سينگاري، مانجهي گهڙيا مچ ۾.

        هن بيت پڙهڻ کان پوءِ، صديق فقير جي ٻين بيتن تي به هڪ نظر وجهڻ گهرجي ۽ فيصلو ڪرڻ گهرجي ته هن بيت جي زبان، انداز بيان ۽ شاعراڻو قالب ۽ مضمون، صديق فقير جو ٿي سگهي ٿو ڇا؟ يقيناً هي بيت ”يتيم“ جو ئي آهي.

        ان طرح هاڻ صديق فقير جي سر ڪيڏاري ۾ ڌارئين ڪلام جو تعداد هن طرح ٿو بيهي. ٻارهن بيت شاهه جي نالي ٿيل، ٻه بيت احسان فقير جا، هڪ بيت ”يتيم“ نالي شاعر جو -  جملي پندرهن بيت .باقي اٺٽيهه بيت صديق فقير جا ئي آهن، جن ۾ ”سوڌڙي“ جي عنوان وارا پنج بيت ملائجن، ته پوءِ اهو تعداد ٽيتاليهه بيت ٿيندا ۽ ست وايون به سر ڪيڏاري ۾ صديق فقير جون ئي آهن. ”ڪيڏاري“ جي مولف، ڪيڏاري ۾ جيڪي وايون ڏنيون آهن، سي صديق فقير جي ٻين سرن ۾ چيل واين جي ڀيٽ ۾ نهايت ئي ڪُجَسيون آهن ۽ بلڪل ”پار“ ۽ ”اوساري“ جي انداز ۾ آهن. ياد رهي ته مرحومَ مولف، ڪيڏاري ۾ آيل واين مٿان ”واين“ سان گڏ ”صدائون“ به لکيو آهي. ٿي سگهي ٿو ”وائي“ ۽ ”صدا جي معنيٰ ۾ ڪو تفاوت مرحوم مولف جي مدنظر هجي; يا صديق فقير، جهڙي طرح ٻين شاعرن امامن جي ڏک وارو جيڪو ڪلام ”زاري“ جي نالي سان سڏيو آهي، تنهن کي ”صدائون“ ڪوٺيو هجي. مثال لاءِ هڪڙي صدا پيش ڪجي ٿي:

ڪانڌ کي ڪوڏ منجهان، ڪوڏ منجهان،

هلي هار ٻڌائون، هيج منجهان، هيج منجهان.

اي هو ... متان، پوئيم، رات وچان، رات وچان،

اچي، اچي ڪانڌ ڪڪوريو، ڪوڏ منجهان ڪوڏ منجهان،

هلي هار ٻڌائون، هيج منجهان، هيج منجهان!

(ڪتاب ڪيڏارو - ص 5 8 )

        مٿئين ”صدا ۾، عام طرح جيئن ڳائڻا يا اوساريندڙ عورتون جيئن پار ڪڍن ٿيون، تيئن ورائي ورائي ساڳيون سٽون ”اي هو“ سميت لکيون ويون آهن. اهي ”صدائون“ اهڙي نموني ۾ ”ڪيڏاري“ جي مولف ڪيئن لکيون آهن، تن بابت ڪا به خبر پئجي نه سگهي آهي. ڇپجڻ بعد ته انهن ”واين يا صدائن“ خواهه ٻين ڪيڏاري جي بيتن ۾ گهڻيون غلطيون ٿي ويون آهن، جن جي تصحيح جي سخت ضرورت آهي. ان هوندي به مخدوم محمد صالح مرحوم جي تحقيقي ڪاوشن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي.(*)

صوفي صادق جو سنيهو

        سنڌ جي صوفي بزرگ شاعرن مان لطيف، سچل ۽ سامي، جو ڪلام پنهنجي فن ۽ افاديت جي لحاظ سان وڏو مقام حاصل ڪيو آهي، بلڪل انهن وانگر پنهنجي وقت جي يگانهء روزگار، عظيم صوفي ۽ اهل دل بزرگ حضرت صديق فقير ”صادق“ رحه جن (وفات 1265هه) به پنهنجي اثر انگيز ۽ دلنشين، پرتاثير ۽ پاڪيزه ڪلام ذريعي خدا جي خلق کي حق جو پيغام رسايو. هن فقير بينظير پنهنجي صوفيانه ۽ عارفانه ڪلام جو بيمثال ۽ لازوال خزانو ڇڏيو آهي، جنهن جو لفظ لفظ حق جي طالبن لاءِ عظيم نعمت ۽ بيبها دولت آهي. جنهن کي سهيڙي ۽ سموهي، سنواري ۽ سينگاري، هڪ مستند ۽ معتبر متن جي صورت ۾ شايع ڪرڻ جو فرض هو سنڌيدان تي يڪسان عائد ٿئي ٿو. ان سلسلي ۾، ان تي عالمانه ۽ مبسوط شرح لکڻ جو ڪم اديبن ۽ عالمن جي ذميدارين ۾ شامل آهي، جيڪي اهڙين ”ادبي ۽ شعري“ صوفياڻين نڪتهء سنجين ۽ موشگافين کي سمجهي ۽ پرجهي سگهن ٿا. ناچيز کي نه تصوف جي ايڏي ڄاڻ آهي ۽ نه وري ”صادق شناسيءَ“ جي دعوا. صادق صوفي کي سمجهڻ لاءِ ”عارف جي دل“، ”شاعر جو شعور“ ۽ ”صوفيءَ جي بصيرت“ کپي: تاهم ”صوفي صادق فقير“ جي ڪلام کي مطالع ڪرڻ ۽ سهيڙڻ جي جا سعادت حاصل ٿي آهي، انهيءَ جي آڌار تي هيترو ضرور چئي سگهبو ته صوفي صادق رحه جن جي ڪلام ۾ زبان جي سادگي ۽ سٺائي، سهڻائي ۽ سريلائي، سوز ۽ اثر، جو جيڪو ثمر ۽ سامان آهي، اهو قدر ڪرڻ جي لائق آهي. سندن ڪلام ۾ زبان ۽ بيان جون علمي ۽ ادبي خوبيون ۽ خاصيتون به آهن، ته صوفيانه جوش ۽ خروش، بيباڪي ۽ بيخوفي به آهي، ۽ انهن سان گڏ عاجزي ۽ انڪساري ۽ نماڻائي به ڪمال تي پهتل آهي. گويا ”لطيف“ واري اعتدال پسندي ۽ لطيف انداز، ۽ ”سچل سرمست“ واري صوفياڻي بيباڪي ۽ بيڊپائي، سرمستي ۽ سرفرازيءَ جو، سندن ڪلام ۾ سهڻو سنگم ۽ امتزاج موجود آهي. جيئن هر ڪنهن عظيم ۽ اعليٰ، آفاقي ۽ عرفاني شاعر جو ڪلام، عرفاني ۽ جاوداني، ابدي ۽ الهاس هئڻ ڪري، سدائين حيات ۽ حيات بخش هوندو آهي، تيئن صادق فقير جو ڪلام به زنده جاويد رهڻو آهي.

        عظيم شاعر جي نظر فيض اثر، نه رڳو سندس وقت جي مختصر ۽ محدود ماحول تي هوندي آهي: پر هن جي نگاهه حق آگاهه، ماضي، ”حال“ ۽ مستقبل جي تهذيبي ۽ تمدني، روحاني ۽ اخلاقي ماحول تي به هوندي آهي. تنهن ڪري انهيءَ جو ”شعر“ هر دور ۽ هر زماني جي انسان جي جذبات ۽ مقتضيات جي ترجماني، رهبري ۽ رهنمائي ڪندو آهي، ۽ اهڙو شعر هر وقت شگفته ۽ تازو، وڻندڙ ۽ لذيذ، اثر پذير ۽ دل آويز، اخلاق آموز ۽ روحاني طمانيت جو حامل هوندو آهي. هر دور جو انسان منجهانئس قلبي حَظ ۽ حضور، سوز ۽ سرور حاصل ڪري سگهي ٿو. ”صديق فقير“ جڏهن ته ”شاهه شهيد“ جي صوفياڻي سلسلي جو نمائندو شاعر ۽ سندن عارفانه ”نظريات ۽ تعليمات“ جو عظيم ترجمان آهي: تنهن ڪري، جهوڪ جي صوفين جي نظريهء تصوف کي سمجهڻ لاءِ هڪ مستند ماخذ جي حيثيت پڻ رکي ٿو. فقير صاحب تصوف جي عميق ۽ دقيق مسئلن - ”وحدت الوجود“ ۽ ”وحدت الشهود“، ”نفي ۽ اثبات“، ”فنا ۽ بقا ”وجودِ باري“ ۽ ”رويت باري“، ”عروج ۽ نزول“، ”حقيقت محمدي“، ”خير ۽ شر“ ، ”جبر ۽ قدر“ - وغيره جهڙن وڏن مسئلن تي به گهڻو ڪجهه چيو آهي. انهن مسئلن تي هن کان اڳ گهڻن ئي متڪلمين ۽ صوفين سڳورن پنهنجي حال آهر گهڻي ڪجهه خيال آرائي ڪئي آهي، پر صوفي صادق انهن مسئلن کي هڪ خاص زاويهء  نظر سان ڏٺو ۽ پيش ڪيو آهي.

        مٿي بيان ٿيل صوفيانه مسئلن متعلق، فقير جي شعر جا مثال ڏيئي مضمون کي واڌ ڏيڻ نٿا گهرون. اڳتي جيڪو فقير جي ڪلام جو انتخاب ڏنو ويو آهي، اُهو فقير صاحب جي ڪلام جو شاهد عادل آهي. ان ۾ اهي مڙيئي خوبيون موجود آهن. فقير صاحب جن جي ڪلام کي پڙهڻ ۽ پرجهڻ کانپوءِ، اهو اعتراف ڪرڻو پوندو ته صادق صوفي رحه جن جو ڪلام سڪ ۽ سوز، سچائيءَ ۽ نهٺائيءَ جو سنهيو: شريعت ۽ طريقت، حقيقت ۽ معرفت، جو رهبر: عرفان ۽ ايقان جو پيغام: اندر جي اُجرائيءَ ۽ ضمير جي روشنائيءَ، خود آگاهي ۽ خدا آگاهيءَ جو نبار نياپو آهي. ٿورن لفظن ۾ چئجي ته روزانه زندگيءَ ۾ سچ ۽ سچائيءَ، محبت ۽ خلوص، ديانتداريءَ ۽ ايمانداريءَ سان هلڻ: صحيح انساني ڪردار جي تشڪيل ۽ تعمير ڪرڻ: روحاني ۽ اخلاقي، علمي ۽ ادبي دور انديشي ۽ دانشمنديءَ کان ڪم وٺڻ: صادق فقير جي تعليم جو اهم پيغام آهي. معرفت جي هن مٿير پنهنجي شعر ۾ جتي ڪٿي ڪامل مرشد وانگر زندگيءَ جي اسرارن، روحانيت جي رازن ۽ تصوف جي باريڪ نڪتن ۽ رمزن کي آشڪار ڪندي: سنڌ سڳوريءَ جي ٻين صوفي بزرگن وانگر ”هندو - مسلم اتحاد“، محبت ۽ ميلاپ سان گڏ، عام انسانذات جي عزت ۽ احترام ڪرڻ جي تلقين ڪئي آهي. صادق فقير انساني برادريءَ واري عالمي نظريي هيٺ، هڪ انسان کي حسب ۽ نسب، قوم ۽ قبيلي، ملڪ ۽ علاقائي حد بندين، ڪاري ۽ گوري، امير ۽ غريب، عربي ۽ عجمي جي اضافي نسبتن کانسواءِ، هڪ ”انسان“ جي حيثيت سان غير معمولي عزت ۽ احترام ڏيڻ لاءِ تلقين ڪري ٿو. اهڙو اظهار فقير صاحب پنهنجي ڪلام ۾ جتي ڪٿي ڪري ٿو.

        صوفي صادق، هڪ صوفي فنڪار ۽ پنهنجي دور جي عظيم عوامي ترجمان هجڻ سان گڏ، وقت جو نهايت بيباڪ ۽ باحوصله مرد پڻ هو، جنهن، وقت جي حاڪمن کي سندن ظلم خلاف کليءَ درٻار ۾ للڪاريو: ۽ کين سندن ظالمانه ۽ عوام ڪُش، غريبانمار روش ۽ بيجا مشغولين ۽ مصروفيتن کان شرمايو: ۽ سندن بدانتظاميءَ ۽ بيهمتيءَ تي زودار چوٽون ڪيائين.

        ٻيو ته فقير صاحب جي ڪلام ۾ صوفيانه عنصر سان گڏ، عشقيه واردات ۽ ڪيفيات، لطيف جذبات ۽ احساسات جي به ڀرپور، ترجماني موجود آهي، جنهن کي پڙهڻ سان هڪ سوز واري انسان کان بيساخته دانهن نڪري وڃي ٿي. فقير صاحب جو ڪلام، جيڪو هٿ آيو آهي، ان کي پنهنجي علمي بساط آهر پيش ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪئي اٿم. باقي رهيو صادق فقير جي ڪلام جي مطالعي جائزي ۽ شرح جو سوال، سو فقير جي ڪلام جي شرح لکڻ جو منصب آهي، ان سلسلي سان وابسته صوفي عالمن خواهه سنڌ جي اديبن، محققن ۽ ناقدن جو، جن کي پنهنجي فرض جو احسان ڪرڻ گهرجي.

ڪلام جي وچور

        صوفي ”صادق رحه“ جو اڳتي هلي پيش ڪيل ڪلام، مختلف ذريعن سان هٿ آيو آهي. ڪلام ڪنهن به هڪ ڪتاب، يا فقير صاحب جي ڪلام جي ڪنهن هڪ نسخي تان نه اُتاريو ويو آهي، بلڪ چار وايون هتان، پنج هُتان، ڏهه بيت هڪ فقير کان ته پندرهن بيت ٻئي سگهڙ کان ڪري هٿ ڪيا ويا آهن. چند بيت يا وايون ڪن اهڙن ”آهل ذوق“ دوستن جي نوٽ بڪن تان ورتل آهن، جيڪي انهن پنهنجي ذوق جي تسڪين ۽ تڪميل لاءِ لکيا هئا. واين ۽ بيتن کي سُرن وار لکيو ويو آهي. جن ذريعن کان ڪلام مليا آهن، انهن جي ترتيب ۾ ڪا به گهڻي ڦير ڦار نه ڪئي ويئي آهي. ٿي سگهي ٿو ته ڪن کي انهن سرن جي ترتيب سان اختلاف هجي. اسان جي خيال ۾ بيت ۽ وايون، جن جن سرن ۾ لکيون ويون آهن، گهڻو ڪري اهي صحيح سمجهڻ گهرجن، ڇو ته گهڻي ڀاڱي فقير صاحب جي شعرن جي مضمونن مان سُرَ ظاهر آهن. ان سلسلي ۾ شاهه جي رسالي جي سُرن ۽ انهن جي مضمونن کي پڻ نظر هيٺ رکڻ گهرجي، ڇو ته فقير صاحب، شاهه صاحب جي تتبع ۽ پنهنجي دور جي عام شاعرانه روايت موجب، تمثيلي رنگ ۾ شعر چيو آهي.

        ٻيو ته صادق فقير جي رسالي جي گڏ ڪندڙ جامعين ۽ ڪاتبن به، شاهه جي رسالي جي ترتيب کي سامهون رکي فقير صاحب جو رسالو ترتيب ڏنو هوندو. اسان جيڪي به بيت، هتي، جن جن سرن ۾ لکيا آهن، انهن لاءِ ڪا به اهڙي آخري راءِ ڏيئي ڪانه سگهبي ته اهي بيت هميشه لاءِ انهن سرن جا تسليم ڪيا وڃن، يا اها ترتيب ڪا آخري آهي. اهڙي راءِ لاءِ ڪا به سَنَد اسان وٽ موجود نه آهي، بجز نقل ۽ روايت جي. وڌيڪ تحقيق ڪرڻ محققن جو ڪم آهي.

        دستياب ٿيل ڪلام مان ڪجهه سنڌي ۽ سرائڪي زبان جا، بيت ۽ ڪجهه وايون، هن انتخاب ۾ ڏيڻ کان روڪيل آهن، ڇو ته ان ڪلام ۾ تمام گهڻيون فني ۽ معنوي غلطيون آهن، مختلف پڙهڻيون آهن، جيڪي عام پڙهندڙن لاءِ مونجهارو ٿيون پيدا ڪن. اهڙي ڪلام کي مختلف پڙهڻين جي ڀيٽڻ ۽ درست ڪرڻ کانپوءِ شايع ڪري سگهجي ٿو، ۽ اهو ڪم به محققن عالمن جو آهي. صوفي صادق فقير جي رسالن لاءِ جن به رسالا ڏنا آهن، انهن جي متفق راءِ آهي ته  - ان ۾ شاهه جو ۽ ٻين شاعرن جو ڪلام گهڻو گڏوچڙ آيل آهي، ان ڪري عام طرح ”صديق فقير“ جي رسالي کي پڙهندڙن، ”شاهه ۽ صادق“ جي بيتن ۾ جيڪو حقيقي تفاوت آهي، ان کي محسوس نه ڪيو آهي: ۽ اهو فرق معلوم ڪرڻ عام ماڻهن جي وس جي ڳالهه به نه آهي، تنهنڪري صادق فقير جي سلسلي ۾ فقيرن ۾ گهڻيون غلط فهميون پيدا ٿيل آهن. اهڙن فقيرن جي خيال ۾ صادق فقير جي رسالي ۾ جيڪي بيت ”شاهه ”جا آيل آهن، سي صادق فقير جا ئي آهن، بلڪ غلطيءَ وچان ”شاهه جي رسالي“ ۾ لکجي ويا آهن! عقل سليم اها ڳالهه ڪڏهن به تسليم ڪونه ڪندو ته صوفي صاحب جا بيت ڪي شاهه جي رسالي جي سڀ کان قديم نسخي ”گنج شريف“ ۾ لکجي ويا هوندا! جڏهن ته گنج جي تاليف وقت نڪو ”صادق فقير“ اڃا فقيري اختيار ڪئي هئي ۽ نڪا شاعري شروع ڪئي هئي.

        فقير صاحب جي شاعري شروع ڪرڻ ۽ فقيري اختيار ڪرڻ واري روايتن ۾ (جيڪي سماهي مهراڻ 1 ،2  /1965 ) پرچي ۾ ڏسڻ گهرجن)، بيان ٿي آيو آهي ته فقير صاحب جو جنم 1170 هجري جو آهي. ان حساب سان چئبو ته فقير صاحب 1196 هه ڌاري شاعري به شروع ڪئي ۽ جهوڪ شريف ۾ رهي فقيريءَ جي راهه ورتي. ”لطيفيات“ تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته، ان سال بلڙيءَ ۾ شاهه جو هڪ رسالو اڳئين پيل رسالي تان نقل ڪيو ويو آهي، اهڙي روايت مولانا دين محمد وفائيءَ مرحوم پنهنجي ڪتاب ”شاهه جو مطالعو“ ۾ آندي آهي.

        مولانا وفائي لکي ٿو:

        ”ٻي هڪ روايت آهي ته تمر فقير واري نسخي تان سرن جي ترتيب موجب ٻه نسخا تيار ڪرايا ويا، جن مان هڪ ڀٽ تي رهيو ۽ ٻيو درگاهه ڪريميءَ تي رکيو ويو. درگاهه ڪريميءَ واري اصلي نسخي تان 1196 هه مطابق 1780 ع جي ٻيو نسخو لکرايو ويو، جو اڄ تائين موجود آهي. گويا اهو نسخو شاهه صاحب جي وفات کان 31  سال پوءِ تيار ڪرايو ويو“(1).

        شاهه صاحب جي رسالي جي هن ”اهم“ نقل ٿيل رسالي واري سال، فقير صاحب مس مس شاعريءَ جي دنيا ۾ قدم رکيو آهي. ڀلا ان ئي سال فقير صاحب جو ڪلام ڪيئن ٿو لطيفي دفتر ۾ درج ٿي سگهي؟ افسوس جو ان فرق کي مدنظر نه رکيو ويو آهي. ان کان پوءِ، جيڪي شاهه جا رسالا لکيا ويا آهن، اهي گهڻو ڪري بلڙيءَ ۽ ڀِٽَ وارن رسالن جي نقل در نقل آهن، ۽ انهن ۾ ”اضافا به گهٽ ڪيا ويا آهن. اهڙي حال ۾ اها ڳالهه نه مڃي سگهبي ته فقير جو ڪلام شاهه جي ڪلام ۾ لکجي ويو آهي.

        اسان کي ڪيترا شاهه صاحب جي رسالي جا تسليم ٿيل ۽ عام بيت، صادق فقير جا ڪري لکرايا ويا هئا، جيڪي چٽاپٽا شاهه جا هئا، سي داخل نه ڪيا ويا آهن. باقي ڪلام هن طرح الف - بي وار سهيڙيو ويو آهي:

        (الف) مختلف سرن جا بيت: پندرهن سرن جا جملي ٻه سئو ٻٽيهه (232) بيت. جن ۾ سر ”ڪيڏاري“ جا ٽيوانجاهه (3 5 ) ۽ سر ”سوڌڙي“ جا پنج (5 ) - جملي اٺونجاهه (8 5 ) بيت مخدوم محد صالح ڀٽي جي ڪيڏاري تان ورتل آهن، باقي هڪ سئو چوهتر (4 7 1 ) بيت پهريون دفعو هيتري انداز ۾ يڪجا شايع ٿي رهيا آهن.

        (ب) سرائڪي وايون ۽ دوها: ست (7 ) وايون، ۽ ڇهه (6) دوها. جي به پهريون دفعو شايع ٿي رهيا آهن.

        (ج) سنڌي وايون: مختلف سرن جون جملي چوراسي (4 8 ). جن مان ست (7 ) وايون مخدوم محمد صالح ڀٽي جي ڪيڏاري تان ورتل آهن، باقي ستهتر (7 7 ) وايون هت پهريون دفعو شايع ٿي رهيون آهن.

        مطلب ته هن انتخاب ۾ جملي سڀ سنڌي ۽ سرائڪي ايڪانوي (1 9 ) وايون، ٻه سئو ٻٽيهه (232 ) بيت - (جن مان مخدوم واري ”ڪيڏاري“ وارن بيتن مان چوڏهن (4 1 ) شاه ۽ احسان فقير جي بيتن سان مشابهه بيت، جن جي حيثيت مشڪوڪ آهي ۽ هڪ بيت (”يتيم“ شاعر جو) کي ڌاريون ڪلام سمجهڻ گهرجي.) - ۽ ڇهه  (6 ) سرائڪي زبان جا دوها شامل آهن. فقير صاحب جي ڪلام جو هيتري انداز ۾ صحيح نموني هٿ اچڻ ۽ ”اهل تصوف“ ۽ ”صاحب ذوق“ حضرات لاءِ غنيمت به آهي ۽ سنڌ جي ادبي تاريخ لاءِ نيڪ فال به.

 

*-------------*-------------*

 

 

سُرن وار ڪلام جي ترتيب

لف) مختلف سرن جا بيت

 

ڪلياڻ 2 5    راڻو 3 3       سارنگ9 1    سسئي 17     رام ڪلي 5

سامونڊي 7    وهاڳڙو 0 1    ڏهر8   بلاول 2 1      سورٺ 4

ليلان چنيسر2 ڪاپائتي3     مارئي2        ڪيڏارو 3 5   سوڌڙو5   .

                                                  ڪل انداز232

 

(ٻ) سرائڪي وايون ۽ دوها

وايون 7                دوها6

 

(ج) سنڌي وايون

ڪلياڻ13      سسئي40     راڻو6   ڪانرو6        رامڪلي6

مارئي2        سارنگ 1      سهڻي 2       نوري 1 ڪيڏارو7   .

ڪل انداز 4 8


(1)  .تذڪره لطفي“ حصو ٻيو_ ص: 320 ۽ 321_ سال 56_1955ع

(*)  ماهنامه نئين زندگي ڪراچي_ جنوري 1966ع مضمون، ”سنڌي ادب جي اشاعت ۾ هالاين جو حصو“ جي ٻي قسط ۾ جيڪا ڪتابن جي فهرست ڏني ويئ يآهي، ان ۾ ڪتاب ”ڪيڏارو“، جامع مخدوم محمد صالح، جي اشاعت جو سال 1955ع لکيو ويو آهي. ص 29)

(1)  ڪتاب ”ڪيڏارو“ ص 69،

(1)  بحواله پروفيسر محبوب علي چنا_ مخزن ”نذر لطيف“

(*)  صفحي 68 تي فقير صديق جي ولادت جي جڳهه، ڳوٺ اهر شريف هاڻوڪو صوفي ڳوٺ ڄاڻايو ويو آهي، جيڪو فقير صاحب جي خانداني روايت موجب غلط آهي. فقير جي ولاديت ”ٻني“ لڳ ڪڇ ۾ چئي وڃي ٿي، جيڪا روايت درست آهي.

(1)  ”شاهه جو مطالعو“ از مولانا دين محمد وفائي مرحوم. ص: 103_104_ اشاعگت جو سال 1962ع، وفائي پبلشنگ هائوس، ڪراچي_1.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com