سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1966ع

مضمون

صفحو :8

 

لف) مختلف سُرن جا بيت

سر ڪلياڻ

الف سندي اڳ ۾، سڄي ڪونه شريڪ،

چوڏس سڄڻ سامهون، اندر روح رفيق،

تن ۾ جو تحقيق، سو سڃاتو سپرين.

 

احدان اڳي جو هئو، سو سڀ هئڻ سندوس،

پسڻ منجهان پڌرو، نبيءَ نُور ڪيوس،

مظهر نُور ٿيوس، هر ڪا قدرت ان جي.

 

احدان اڳي جا هئي، سوڌي سا صفت،

اها اشارت، سانڍڻ گهڻو سٿري.

 

نالي ۾ نالو ٿيا، پرين سي پسن،

آهي احديت تن، جي واحدئون واحد ٿيا.

 

مڙيو ئي منهن ٿيو، هلڻ ٿيو حيران،

جوڳي سندي جُوءِ ۾، سڀوئي سبحان،

ڪعبو ۽ قرآن، ڪيڏانهن نيئي نيتيان.

 

معنيٰ مثل نه جڙي، عجب آهيم ايُ،

ڏَسيو ڏِسان نه سپرين، جلي پيو جيءُ،

هاڻي ويو هيءُ، هو پڻ ويو هِن کان.

 

الله· اوراهون ڇڏئون، پنڌ پراهين پيا،

بنا نالي سپرين، اڃا ڪي ٻيا،

واڪيندي ويا، ”صادق“ ٻڌيو سندرا.

 

الله· الله· ڪن، اسين مور نه مڃيون تن کي،

اسين منجهان تن، جن نانءُ نه ورتو ڪڏهين.

 

سڀت صاحب هڪڙو، جاءِ بجاءِ ذاتي،

سو ”صادق“ سو سپرين، سو ڪسڻ سو ڪاتي،

جان مون اک پاتي، حوصلو حيران ٿيو.

 

سو سڀوئي سبحان، جو تو ڄٽ نه ڄاتو،

عقل سين الله· ڏانهن، پير نه ڪنهن پاتو،

سندو نينهن ناتو، ڀورن ڀاڱي آيو.

 

اتي گڏيا سپرين، جتي وسري آئون،

تهان پراهون، قدم قريبن جو.

 

ڪَهي ڪلمون هڪڙو، جان قلب ڪوڏ ڪَهيوم.

اندر روح رهيوم، آواز اناالحق جو.

 

جيڪي ڏنئي جڳ کي، سو اسان کي م ڏي،

سو مڙيو ئي ني، جوٺو جو جهان جو.

 

جيڪي تنهنجو سپرين، سو اسان جو نه هو،

اسين تنهنجا تو، تون نه اسان جو سپرين.

 

منهن لکيائون ”ميم“، اندر لکيائون ”احد“،

ڪرين ڪوهه وَحَد، جو پيو تو پٽن تي.

 

لکڻ لکيو جن، تون جي ڏسين سي،

ته ٻيئي ”الف - بي“، هوند وڃنئي وسري.

 

اکر لکيائون ”الف“ جو، سنواري سنئون،

پڙهين جي ٻهون، ته نُڪتو آهي نفيءَ جو.

 

پڙهڻ ات پورو ٿيو، جتي ويو وجود،

ريءَ سجدي سجود، ”سبحاني“ سڀ ٿيو.

 

ناحق ڪجان سپرين، جو شرع مور نه هو،

جهلجي اچان تو، مان گناهن گڏجي.

 

جڙيو آهي جهان ۾، آدم اڃا هير،

قادر ”ڪن فيڪون“ سين، نڪا ويل نه وير،

پِر تئون کڻج پير، سناسي صدق سين.

 

ويا جي وجود کان، تن ڪانهي قالب ڪاڻ،

تون هت پسين پاڻ، هو الستئون اڳي ٿيا.

 

ڪان ڪڄاڙو پر، امر منجهه اچي،

هنيو جو سڃي، سو گهاءُ گسندو ڪينڪي.

 

ڪان ڪهڙو ڏوهه، وٺي هٿ هنيو،

لئون لئون منجهه ليو، لڳي لوهه لڱن ۾.

 

ڪان ڪاني نه جُڙي، گُهر پريان گهاءُ،

جا پر پريان آهه، سا وڍڻ کان وتري.

 

نه سيڱ نه سپرين، ڪاني نه ڪانُ،

ڏکن سڀ مَڪانَ، ڪوهه ڄاڻان ڪنهن گهائيا.

 

سيڱ ساهي سپرين، هڻج ٻيو ڪان،

وڃي سو گمان، آڏو جو اکڙين کي.

 

هو جي پاران پرينءَ جي، لڳن تکا تير،

گهڻو گهائين ان کي، جي هون واصل وير،

مرڦَٽين فقير، جهلج سيني سامهان.

 

هو جي ٿورا سڄڻين، سي مون ڀانيا سور،

پهتس تان نه پور، ڳُڻ ڳڻيندي تن جا.

 

مري مُترڪن سان، سڙي ويئي سانڌاڻ،

تن منجهه تاڻو تاڻ، مون پريان جي نه لهي.

 

جيئن تون سڄو سُٿرو، عاشق ائين نه هُون،

پهه پروڙيو پرين جو، ٿا راتو ڏينهن رونِ،

اڀا ائين چون، ته سر لٿو سور ويو.

 

آهون ڪن اَڏيءَ تي، عاشق اَڌَ ڪُٺا،

مرن ڪين مُٺا، سڄا ڪُهه ”صديق“ چئي.

 

وسيلو واسئين مينهن جيئن، لوري جت لڳن،

ڪنڌ نه ڪڍيو ڪڏهين، اتان عاشقن،

اوڏاهين اگهن، جيڪي گهڻين، ڀَتَئين گهائيا.

 

ڪُهڻي ڪاتي يار جي، ڪُهي ڀَتئون ڀت،

سدا آلي رت، مور نه سُڪي ڪڏهين.

 

سَڃين ڪوهه ”صديق“ چئي، هڻي مار هٿيار،

اچي نه ٿهار، لوچان پئي لهرئين.

 

متان ڏين سپرين، ڏيڻ نه آهه ڏات،

جا وائي ڪريون وات، سا پڻ وڃي وسري.

 

متان ڏين سپرين، مر ٺَلي هجان ٺَل،

هو جا تنهنجي پَل، سا ڪنين ڪين سڻان.

 

پري هلي نه پيچرو، نالو ٿيو نانهن،

تنهان پري دانهن، شڪارين شڪار جي.

 

شڪاري شعور سان، ڪوڙن منجهان ڪي،

سڃاڻي صورت کي، وسهي ويٺا سي،

ڪيائون الف  - بي، عنقا آندائون ڪين ڪي.

 

شڪاري شڪار ۾، تون پاڻ وڃائي ويهه،

مري مِل مقصود کي، عنقا اهڙو ڏيهه،

سجهي جو ساڻيهه، اتان سئو شڪاري سِڪي ويا.

 

گڏجڻ تنهنجو گهوريو، جدا ٿي تون يار،

ماڻهو مُنجهائين معنيٰ ۾، جيئن ڪک ٻڏي منجهه ٻار،

پهتا سي ئِي پار، جن وصال ئي نه ٿيو.

 

گڏجڻ تان گمراهي، جدائي تان جس،

پري اُڀو پس، پاسي ڪيو پاڻ کي.

 

عشق سندي آگ جو، قلم ڪڍيائون،

معرفت جي مس سان، ٿي ”لا الله·“ لکيائون،

سو پنو پڙهيائون، جو مَنجهائي معلوم ٿيو.

 

محبت جي ميدان ۾، عشق ڪَڙو ڪڍيج،

فڪر ساڻ فقير چئي، هنئين کي هڻيج،

اندر اُجاريج، ته ڪٽ نه چڙهي ڪڏهين.

 

محبت جي ميدان ۾، ڪنهن چيو تون اچ،

سيڻن جي سراهه ۾، ٿو مَئِي جو ٻري مچ،

پرين چونئي پچ، تون آگ اوڏوئي نه اچين.

 

محبت جي ميدان ۾، تو ڪنهن چيو آءِ،

سيڻن جي سراهه ۾، ٿا گهاٽا لڳن گهاءِ،

مهندا محبوبن جي، اچي جان جلاء،

سوري سر سنڀاء، جي نالو ڳيڙهيئي نينهن جو.

 

ولوڙي مَٽ مان، ڪنهن جو ڪيف ڪڍيو،

توري ترازوءَ سين، صورت منجهه سَڃيو،

مٽ جو مثل نه جُڙي، هو قطرو ڪوثر جو،

مَئي جو مُلهه نه ڪو، سر تان ڪاني ڪاڻ ۾.

 

صورت ڀانيم شيخ کي، معنيٰ مڙيوئي،

ٿيو ثابت سڀوئي، حق حقيقت جنهن کان.

 

صوفي سڀن ۾ اڳرو، ٻيا مڙيوئي پوءِ،

جهڙي صفائي صوفي کي، تهڙي سج نه هوءِ،

هتي آهي ڪونه ڪو، نه ڪو مرد نهَ جوءِ،

ڳجهه اندر جون ڳالهيون، اندر مان پيو چوءِ،

”صادق“ آهي سوءِ، جنهن کي اندر هُو هلي ويو.

 

ڏنو سر ڏِک تي، صوفين جي سردار،

ڳائي ڳالهائڻو ٿيو، سر ڌڙان ئي ڌار،

تنهن جي ڪندو ڪير ڪُوار، جيڪو ڪلمي سين ڪاٽيو.

 

ڪَنجهيون ڪِيرت ڪينرا، هي هنگاما هُل،

مٿا ڪن ٿا مَل، صوفين جا ”صديق“ چئي.

 

نڪو سر نه ڦر، نه ٽينگ نه ٽيڏارو،

لڳو آهي نه لهي، من اندر مارو،

سڄوئي سارو، هِينئون حيرت ۾ پيو.

 

ڪک لڳي رت نڪري، هينئون ڪڄاڙو کاءِ،

مون کي ماٺ جڳاءِ، دل دانهن ريءَ نه رهي.

 

سر مومل راڻو

 

ڪو جو گڏين ڪاپڙي، بابو منجهه بَرَ،

تنهن سامي ڏني سڀڪا، ويهي خاص خبر،

گهوٽن ڇڏيا گهر، ويچارن وِههَ ٿيا.

 

ڪو جو گڏين ڪاپڙي، بابو بيکاري،

تاڻي آيا تتهين، جت مومل موچاري،

آيا نه ماري، جيڪس وِهن سڀ واهٽيا.

 

ڪو جو گڏين ڪاپڙي، گيڙو سان گلزار،

تنهن موچاري مومل جا، پيهي ڏنا پار،

گهوڙا گهوٽ سوار، ڪاهي آيا ڪاڪ تي.

 

اڀرندي اُس ڪري، جيڏو سج سهاءُ،

تيڏي ڪاڪ ڌڄائين، بابو جي بناء،

مومل مان مناء، ڪنهن ويل نه وڃي وسري.

 

پرهه جو پيدا ٿيو، ڳاڙاهي جو ڳچ،

سامي کي صورت جو، منهن ۾ ٻري مچ،

سامي ڳالهاءِ سچ، ته ڪٿان ڪڪورين ڪاپڙي.

 

ڪٿان هلين ڪاپڙي، ڪٿي هئين ڪالَ،

اکيون رت گاڏيون، ٿو لڙڪ وهائين لال،

ڏٺئي جي جمال، سو سامي ڪوهه نه سلين.

 

ويا ويراڳي وسري، تيرٿ سڀ تمام،

دونهين پائي دام، ويٺو ويروماس ۾.

 

سرها شڪاري ٿيا، جوڳي ڏٺائون،

گهوڙا ڪاهي گهوٽيا، پر ۾ پڇيائون،

ڇيل ڇاڳر ڇوڙي، پاڻي پيتائون،

چڙهندي چيائون، ته موٽڻ ڪو مس ٿئي.

 

سرها شڪاري ٿيا، پرمل پيتائون،

ڪا جا ڪاڪ وڻن جي، ٻولي ٻڌائون،

رَهَن نهَ رتيءَ جيترو، اسين ۽ آئون،

سوتڙ سوٺائون، جت وايون ويين وسري.

 

سرها شڪاري ٿيا، ڪو جو پين پڙاءُ،

تتهين وين وسري، جن سين جيءَ جڙاءُ،

تکو ڪاڪ تڙاءُ، لوڌي پئي لال ٿيا.

 

لوڌي پئي لال ٿيا، ڪي جو ڪن پيون،

وهڻ وهه ٿيونِ، ڪاهيائون ڪاڪ تي.

 

اَتڻ چڙهي ڪاڪ جي، جڏهين ڏٺو جن،

تڏهين منجهان تن، موٽي آيو ڪو نه ڪو.

 

گڏ جي کي گجرئيين، ڏنو اَتڻ اوراتو،

سورن پئي ”صديق“ چئي، پيرجن پاتو،

اهو نهوڙي ناتو، گهائيندو گهڻن کي.

 

اوري ڪيم آءُ، متان ڪاڪ ڪڙهي،

وڃي پاڻان هڻند ئي گهاءُ، گڏجي کي گجرئيين.

 

مڙيا ڪاڪ ڪنڌئين، لوڌي اچي لک،

اَتڻ منجهان ان جي، پين ڪا پرک،

ويچارا ورک، ويٺا واچين سور جا.

 

اَئين ٿي آڌيءَ جو، جڏهين ريهيئي ٿي راڻا،

سَٺا ٿي ”صديق“ چئي، تو مومل جا ماڻا،

ٽاڻا ٽڪاڻا، تنهن جا مارين مهندرا.

 

راڻا رتولن ۾، تو اچي ڪوهه ڪيو،

گڏ جي کي گجرئيين، ڏنئي سور ٻيو،

هاڻي ماريندو، ورهن وڇوڙو تنهنجو.

 

 

رس مَ رسڻ گهوريو، پرچ وڃ مَ پري،

ماريس ڦٽ فراق جي، ان جِهَت جي ذري،

آيس ته ڳري، آءُ سوڍا سُکياڻي ٿيان.

 

مومل جيئن ماري، تيئن راڻي کي ريس گهڻي،

سوڍي سمجهي ڳالهڙي، سڀائي ساري،

تنهن لاءِ ٿيا باري، ”صادق سور پرين جا.

 

ڏک چڙهندي جو ڏنئين، ڪوٺي جو ڏهاڳ،

راڻو رهيم روح ۾، جنهن جو سڙيو سڀ سهاڳ،

هي مُٺي جو ڀاڳ، ڀينر ڀيڙو ئي نه ٿئي.

 

مومل مُٺي مهندرا، سڻي ڪو سلام،

ڀڳيس سڪ ”صديق“ چئي، اچيس نه آرام،

ڪٺل کي ڪلام، موٽي آيو منهن ۾.

 

راڻا رتولن ۾، ويا رات رهي،

اڀي ڪاڪ تڙن تي پڇايم پهي،

جڳن جا جڳ ٿيا، ويا ورهه پئي،

سوڍو ڳالهه صحي، ڪري ڪونه ڪٺل سان.

 

سُڃا پَس ”صديق“ چئي، محلاتون ۽ ماڳ،

جن جي ٿي مڇ مرڪي، ٿي ڪيئون رس ۽ راڳ،

سي وِير ورائي واڳ، راڻا ڪنهن رخ ويا.

 

ڌرتيءَ ڌِڱ سنڀري، ڪئين جوڌا ۽ جوان،

هئا هزارين ڪيترا، صوبا ۽ سلطان،

تنين جا مڪان، ”صادق“ سنڀري ڪونه ڪو.

 

ميڙي ميڙي مال، سڃا ويا ”صديق“ چئي،

ڏس ڀلي جا ڀال، ڪين ڏنائين ڪڇ ۾.

 

ڪين ڏنائين ڪڇ ۾، توڙي ميڙيئون مڏ،

ڪين نيائون گڏ، سڃا ويا ”صديق“ چئي.

 

سُڀان ناهي ”صديق“ چئي، اٿي اور هير،

ڊگها ڪري پير، پئي رهندين پٽ ۾.

 

سُڀان ناهي ”صديق“ چئي، اٿي اور اڄ،

واڄي وانگر اڄ، مٿي کي مرلي ڪري.

 

ساريون راتيون سمهي، تون ليٽين پيو لٽ،

مرندين جي اُڦٽ، ته ڪهڙو ٿورو سڄڻين.

 

راڻو آيو راڄ ۾، ٿي سهيلين سَڌ،

پٽُ پهريون پدمڻين، ويس ڪيائون وڌ،

اديون اڌو اڌ، پهرينَ رات پرينءَ سان.

 

مٿان اڱڻ ڪَر هو، جهليئي جيئن جهوڪي،

سِڪ منهنجي سپرين، راڻا وئين روڪي،

آءُ سڪان ٿي توکي، من منهن ڏيکارين مينڌرا.

 

مٿان اڱڻ ڪَر هو، وئين جيئن واري،

سڪ تنهنجي سپرين، ڏيل وڌو ڏاري،

مون کي ٿي ماري، سوڍل سائي ڳالهڙي.

 

ڳمندي ٿي ڳاڙهي، راڻا روئڻ منجهاءُ،

سائين ڪارڻ سپرين، هڪڙو ڀيرو آءُ،

هي نه اهڙو گهاءُ، جو مُئي وڃي وسري.

 

سر سارنگ

 

اڄ پڻ اتر پار ڏي، سحر سونهاريءَ ڍار،

اڳ مَ وڃ تون ولها، محب منهنجا منٺار،

رس، راڳ توهان ڌار، آءُ ڪانڌ ڪنديس ڪن سان.

 

اڄ پڻ اتر پار ڏي، سحر سونهاريءَ سِٽ،

اڳ مَ وڃ ولها، محب منهنجا مِٽ،

اڱڻ راڳي چِٽ، آءُ ڪانڌ ڪنديس ڪن سان.

 

اڄ پڻ اتر پار ڏي، سحر سونهاريءَ جوڙ،

اڳ مَ وڃج ولها، تون محب منهنجا موڙ،

توريءَ ڪنڌيءَ توڙ، آءُ ڪانڌ ڪنديس ڪن سان.

 

اڄ پڻ اتر پار ڏي، ڪڪر ڪارونجهر سونهن،

لڳو ڦٽ فراق جو، دل ۾ دکيا دونهن،

توريءَ ور ورونهن، ڪانڌ ڪنديس ڪن سان.

 

سارنگ سنبهي آيو، ڪوڪ ڪري ڪڙڪو،

سرهيون سنگهاريون ٿيون، پسي ڦڙيءَ ٺڙڪو،

پرينءَ جو پڙڪو، واءُ وڄن کان وِترو.

 

سارنگ سنبهي آيو، جهڙ لائي جهاٽي،

لفظ سئين ”لام“ جي، ڪفر ڇڏيئين ڪاٽي،

جا برهه جي آٽي، سا واءُ وڄن کان وتري.

 

سارنگ سنبهي آيو، پرين جا پارا،

آئي مند مينهنِ جي، وڄڙين ڪيا وارا،

جن اڏيا اکڙين اوتارا، سي ”صادق“ ملن سپرين.

 

جهان جهان ڪري جهميو، اوهيرن آيو،

اکين آگم لائيا، ڪنهن ڏک ڏسايو،

جن جي قرب ڪوڏايو، سي اٺي وئڙم اڪري.

 

جهان جهان ڪري جهميو، اوهيرن اچي،

اکين آگم لائيا، پرينءَ لاءِ پچي،

جن جي سڪ سچي، سي اُٺي وئڙم اُڪري.

 

وٺو مينهن وڏ ڦڙو، جهان جهان ڪري جهڪور،

موچاري ملير جون، مينهنون ٽلن مور،

هاديءَ لاٿا هور، ولهارن وس ٿي.

 

گهڻا گهاريا ڏينهڙا، اوسر اسان ساڻ،

دوستن دلاسو ڪيو، پرين اچي پاڻ،

ريلن منجهه رهاڻ، آءُ اُٺي ڪنديس ان سان.

 

سڄڻ جنهن وڇوڙيا، تنهن اوسر پُنا ڏينهن،

پرين پيهي گهر آئيا، مندن اُٺا، مينهن،

ڏولائي جا ڏينهن، واحد سڀ وڃائيا.

 

سڄڻ اڳيئي سهڻا، ٻيا ويتر ڪيائون ويس،

منهن ڳورائي چنڊ جئين، ڪارا پرينء ڪيس،

جي هيئڙي منجهه هميش، سي مر اوڏا هون اکين کي.

 

سڄڻ اڳيئي سهڻا ٻيا ڪجل ڀِنن نيڻ،

اچي رهيم روح ۾، جيئن ماکي اندر ميڻ،

اهڙا سوڌا سيڻ، سي مر اوڏاهُونِ اکين کي.

 

سڄڻ اڳيئي سهڻا، ٻيو پهريائون پَٽ،

نماڻا نيڻ کڻي، گهائي چڙهيم گهٽ،

جن جو ملهه نه مٽ، سي مر اوڏاهونِ اکين کي.

 

سارنگ سڪي وڄ کي، وڄ وري منجهه نانهن

مارو هليا ملڪ کي، اتي ڇڏيائون اَنهن،

جا دل اندر ۾ دانهن، سا ڪوڪ سڻيان ڪن کي.

 

سارنگ سڪي وڄ کي، وڄ وراڪي ڪين،

پرين پاڻ لڪائيو، ٿا سڪ سنهيڙا ڏين،

نيڻين سي ٿيون نين، ڏکويون ڏکن کي.

 

سارنگ سڪي وڄ کي، وڄ وراڪي پٽ،

”صادق“ سونهن پرين جي، تنهن جو ملهه نه مٽ،

آءُ پرين مون وٽ، قه اوسر اوسيڙو لهي.

 

وسن ڪين وسان، اکيون منجهه خمار،

درد دائم ٿيڙو، تاڙي جيئن تنوار،

مانَ ملن منٺار، سِڪَندِيَن کي ”صديق“ چئي.

 

سر سسئَي

 

سنجهي ويا ”صديق“ چئي، پرهه کڻي پير،

”هئي هئي“ هڻي هٿڙا، اٿي آڌيءَ وير،

ڏکي ۽ سي ڏير، پرچي نه ويا پاڻ ۾

 

ڀنڻ ۾ ڀيڙيون ٿي، کڻو پنهل جا پار،

جنين وڇڙيا يار، سي سمهنديو ڪيئن ”صديق چئي.

 

کڻ پٿر پرين جو، سڀوئي ساري

ڏک منهنجي ڏيل ۾، ويو ٻاروچل ٻاري،

امڙ، مون ڏاري، وِرهه واٽون لائيون.

 

 

کڻ پٿر پرين جو، هت نه هونداسون،

جيجل جوڀن ڏينهڙا، ڏکيا جالياسون،

آيل هاڻي مون، ورهه واٽون لائيون.

 

جتن ڏنس جان ۾، ڀَنڻ ۽ ڀَن،

سياڪو ۽ سڱ، سسئي ناهه ”صديق“ چئي.

 

جيئن جيئن گهُنڊ پائينِ، تيئن تيئن سهڻا سپرين،

ڪوڙين يوسف ڪيترا، اڀا ڪرَ نائين،

اهڙائي آهين، ”صادق“ منهنجا سپرين.

 

”صادق“ ڪنهن سڃ پئين، جنهن ڄپر نه آهه ڇيهه،

هلان ته هلڻ نه اچي، وهان ته چون مَ ويهه،

هي انهن جو ڏيهه، جي ويا جَلائي جان کي.

 

هڪ جبل جاڏا آيا، ٻي جهنگل پئي جهڪ،

اچن اڻ سونهين کي، شرڪ گهڻيرا شڪ،

سي سڀ لنگهائين لڪ، ڪنهن سبب ساڻ ”صديق“ چئي.

 

سسئي سياڪو، ڪج نه ڪيچين ساڻ،

لڪائيندا پاڻ، ڇُلائيندا ڇپرين.

 

ڪيئن ڪريان ڪڙهي هنيون، گهوڙن هيون گهر،

وري ڏيندس ور، هوتن لاءِ هڪڙو.

 

ساعت ساعت سور، مون کي پل پل پور پيا،

هنئڙي منجهه هئا، ٻاهر ٻڌايم ڪينڪي.

 

سچي ڪين سل، منجهه متيون ڏي من کي،

پئي ڪندا هل، پڌر پونديون پرينءَ سان.

 

متان جيءُ چوين، سڻيو بوڏ سَرهي ٿيان،

پل پل پڇن خبرون، لِک لِک ۾ لوڌين،

پرين جا ٻوڌين، سا مت سکج جندڙا.

 

هاڃي تنهنجي هنئي، جيئن، هڄن گهوڙا ۽ اٺ،

مٽيءَ ڀريو مٽ، ”صادق“ وسائي سر تي.

 

ٻاهر پاڻي پون، اندر ڄيري ڄڀيون،

پرينءَ گڏي ڪبيون، ڦوڙاهي جون ڳالهڙيون.

 

مون ڀانيو مون ساڻ، ساعت نه ويندا سپرين،

مادر ها مهربان، مون وسيليءَ وڃائيا.

 

سي ويري نه واهرو، جي مون ڀانيان مِٽ،

سورن سندي سِٽ، پاڻان پاڙهي هليا.

 

سر رامڪلي

 

ڀڃ ڍٻي ڪر ٽُڪريون، خوديون کانئي ڇڏ،

جوڳي جُنگ جپان ڏي، مڙهيون مور مَ اڏ،

ونئُن تنين جي سڏ، جي نڱيا ناهه ڪُلهي ڪري.

 

آڌيءَ اوطاقن مان، ويا ورائي واڳ،

ٻهون ٻاري هليا، اندر منهنجي آڳ،

توسان ڪريان ڳالهڙيون، جيجان اُٿي جاڳ،

سامين جو سهاڳ، مادر مون نه ماڻيو.

 

پايو منهن مونن ۾، رئن رت ڦڙا،

وين سُڌ ”صديق“ چئي، پڙدي جي پڙا،

ويراڳين وڙا، ٿيو حق حقيقت هيڪڙو.

 

نانگا وڃن نڱيو، دونهيون ٿيون دکن،

ڪين ورايم ڪاپڙي، ڪَر ها منجهه ڪکن،

هئي هئي، منجهان هٿن، وڃن ويراڳي لنگهيو.

 

وڃن ويراڳي لنگهيو، تون ويسري نه ويهه،

ڇنان سڱ سنياسئين، ديهه ڇڏي ٻي ديهه،

”صادق“ ويا ساڻيهه، جو ڪنهن پر ملن نه ڪاپڙي.

 

سر سامونڊي

 

اهريا ڪارونڀار ڏي، ڪري گواسي گت،

انهن جي اپت، سمنڊ سوجهي آئيا.

 

وڻ ٻرنئي سپرين، کامنئي پنا،

اسين تو ڪنا، سکون سبق سور جو.

 

وساريان نه وسري، صحي ڪيو سيڻ،

ٿيا نهارا نيڻ، مون ڏانهن معشوقن جا.

 

ذڪر مند فڪرمند عقلمند، اهي مند مڙيئي ماڪ،

آهي عناصرن مان، ڦڪائيءَ جي ڦاڪ،

هتي جا هيراڪ، تن اورڻ ٿيو عميق سان.

 

وڄ کوندي ويسلا، ستين ڪهڙي ساءِ،

هڪل هنئين لاءِ، سُڄي جا ساڻيهه ۾.

 

تُرها توکي تار ۾، ٻڌي وڌو ڪن،

ڪٿي تنهنجا سپرين، ڪٿي تنهنجا پن،

ذوقئون جوڙيو جن، تن ڪيئن وئين وسري.

 

مٿي هئم سپرين، جن وڌم هت آڻي،

پاڙون پن جدا ٿيا، جيئن جيئن تک تاڻي،

انهيءَ لئه هاڻي، ٿو تران ڪين ڪپن تي.

 

سر وهاڳڙو (وهاڳ)

 

ڪلهي پائي ڪينرو، ڀيري وجهه مَ ڀاڻ،

سهڄئون سپڙ ڄام جي، اڀي پس رهاڻ،

تن لٿي هِنئائي هاڻ، جي رونجهاڻي رسيا.

 

ڪلهي پائي ڪنيرو، ڏور مَ ڏيهه ٻيو،

ڪين لهندين مڱڻا، سپڙ ڄام جِهو،

خالي ڪو نه ٿيو، جي رونجهاڻي رسيو.

 

ڪلهي پائي ڪينرو، ڏِسيون هڏ مَ ڏور،

سامهون سپڙ ڄام کي، اوڏو ويهي اور،

تن لٿو هنئين هور، جي رونجهي کي رسيا.

 

دل دنبورو درد جو، پورو رک پرڀات،

مَ ڏج زور زبان تي، وائي وڄائي وات،

ٽيپ ٽوڙڻ گهور گهورڻ، ڇني جاڙن جي جِهات،

سمهيو سڄي رات، ٿو لنگها ڏينهن لڄائين.

 

نڪو هٿ نه پير ڪو، نه تو جيئڻ جس،

ڏسن جي ڏاتار کي، وڃي ڏوري ڏس،

ته سپڙ سونهن سندس، سُڄي ٿي ”صديق“ چئي.

 

سمهي سمهي مڱڻا، اڃا اٿين هير،

نڀاڳا ننڊون ڪرين، ڊگها ڪريو پير،

وڏيءَ ڪنهن وير، مڱي ويا مڱڻا.

 

سمهين ٻانهن سر ڏيئي، ٿو چائين مڱڻهار،

ڪهڙو تن قرار، جن چوٺاڻي چِت چئبي.

 

چارڻ چوٺاڻي مڙهي، وئين ”سمنگ“ سٽي،

ساز ڌارج سُٿرو، مڱڻهار مٽي،

نڱي وڃي نڪري، هي ويل جا وٽي،

ڪنجهي جا ڪٽي، وئو چارڻ اوڏهين.

 

ڪنجهي رت هٿ ڪري، ڪينر ڇنن ڪنڌ،

ڇن ته ڇڄڻن بند، ۽ تندون طمع سنديون.

 

جي نه وڄائين مڱڻا، طمع جون تالون،

سَڄن سپڙ ڄام کي، تنهنجو هي حوالون،

لاکيڻيون لعلون، ٿيون ملن ماٺيڻن کي.

 

سر ڏهر

 

سڪي ڀانگر جيئن، تيئن ٻاٻيهل آءُ مياس،

ڪي تو چورياس، ڪي مون سڄڻ ساريا.

 

ڏنگي ٻڌ مَ پڳڙي، بڊامن پاڙي،

رائڙ رئاڙي، ائين پانڌ اڇيليا.

 

ڪاڇيءَ ۾ ڪوڪ ٿي، ڀريو بڊاما،

ادا اَن وٽان، لاکو ٿو لوڙهيون ڪري.

 

گهڻو ڏُهلو، ڪاڇو بڊامن،

راتيان ننڊون نه ڪن، ڏينهان وڙهن ويرئين.

 

رائي ۾ رات ڪيو، ڪرڳل ڪونجڙين،

وِرهه ويچارين، راتو ڏينهان نه لهي.

 

ڪُڪ تنهنجي ڪونجڙي، مرمَنجهيئي هوءِ،

ٻاهر واڪا ووءَ، ڪوهه لايو ”صديق“ چئي.

 

ڏکن ڏينهن گذرايان، سورن راتڙيون،

تو ۾ مالهڙيون، ٻَڌيون آتڻ واريون.

 

سر بلاول

 

ميرانپور جا مڱڻا، ڏسين جي ڏيو،

سنواري سون ڪري، سڀوئي سيهو،

جاسين تان جيو، ته رڙهو انهيءَ راهه ڏي.

 

هل ميرانپور جا مڱڻا، جت ڏاتر ڏئي ٿو ڏات،

”ڪان پڇي ٿو ذات، آيا سي اگهيا.

 

ميرانپور جا مڱڻا، ڏسين جي ڏاتار،

توڙئون طلبگار لئي، صلح جو سينگار،

منجهان نُور نبار، پکڙجي پيدا ٿيو.

 

ظاهر تون باطن تون، هادي منجهه حضور،

پرين تنهنجي پور، واسينگيو وک کڻان.

 

نِم  - نُوراني پير جا، کڙن  ۽ کُلن،

کٿوري خوشبوءَ جا، مشڪون مينهن وسن،

ميرانپور ميرن، ڪوسو واءُ نه وارئين.

 

نم نوراني پير جا، سمن وسي نُور،

”قلندر شاهه“ ڪرم سان، ڀريو ڏئي ڀرپور،

منجهان نُور ظهور، وڻ به وڃن واسيا.

 

ڪي ڪنين جا ڪارڻي، ڪي ڪنين سندا،

اسين ”صوفي شاهه“ جي، بلي لڳ بندا،

ميرا جي مدا، ته به پِير نه ڇڏي پنهنجا.

 

ڪي ڪنين جا ڪارڻي، ڪي ڪنين جا پر،

اسان کي موج ميرانپور مير جي، وسيلو واهر،

ٿَڪن کي ٿاهر، جهلو جهوڪ ڌڻين جو.

 

جو تون هينئڙا اُڃون، ته ڀلا اٿئي ڀر،

وينيد واٽڙين جو، ٿڌو ڀانئج ٿر،

”قلندر شاهه“ ڪرم سان، ڪندو نيڪ نظر،

وئون دوستاڻي در، ”صادق“ گهڻي صدق سان.

 

دليئون دستگير کي، جيڪو ڪري دانهَنَ،

انهيءَ سندي ٻانهن، ڇڏائيندو ڇيهن مان.

 

دليئون دستگير کي، جيڪو ڪري سڏ،

انهيءَ سندا هڏ، اُڪاريندو اوکيءَ مان.

 

اڀرندي کان اڀريو، ڪري گيڙو گل،

هادي هدايت جو، سندم ڪونهي مُل،

”صادق“ ڳالهه مَ سل، فضل شاهه فقير جي.

 

سر سورٺ

 

محلين آيو مڱڻو، طنبيري تاڻي،

ڪري راڳ رباب سين، وڌائين ڇاڻي،

وِرهه ويو واڻي، راڻيءَ کي راءِ ڏياچ چئي.

 

الله جي آس ڪري، چارڻ چوريو چنگ،

مِرون جي جهنگل جا، ڪن رهاڻيون رنگ،

بيجل سندو ٻنگ، خاوند خالي نه ڪري.

 

اٿئي سين صبوح جو، ٿيو ڪڙڪو اندر ڪوٽ،

چارڻ تندون چوريون، چاڙهي مٿي چوٽ،

گهائيا گهڻا گهوٽ، سڻي سُر ”صديق“ چئي.

 

ڪنجهيون ڪيرت ڪينرا، هي هنگاما هوءِ،

اچي ٿيو روءِ، صبوح جو ”صديق“ چئي.

 

سر ليلان چنيسر

 

روئي ريجهائيج، ڳجهيون ڳرهي ڳالهيون،

پهت سان پهائيج، ليلان پنهنجي ڪانڌ کي.

 

چنيسر سان چاڳ ڪري، محبي تو نه سري،

”لا ۾ لڪي وڃ تون، ”هو“ ۾ جهل ڪري،

سر تي پير ڌري، هار وڃاءِ هئڻ جو.

 

سر ڪاپائتي

 

ارٽ اولاڻي ٻانهيون، منجهان وجهج مال،

ڦيرج گهڻو فڪر سان، ”صادق“ منجهه سنڀال،

ڪَتِي ڪج ڪمال، ته سُڄي صرافن ۾.

 

ارٽ چاڙهي انڱرا، گهاڙو ڪنهن گهڙيا،

ڦيرج گهڻو فڪر سان، سڳا جيءَ سندا،

جي اُلڙي ارٽ پيا، هڻندين گهڻو هٿڙا.

 

ڪڏهين ڪڏهين ڪاپري، هِن ڪتڻ ۾ ڪاڻ،

اچيو چون اٻوجهه کي، ته هي سُٽ مَ کڻج ساڻ،

”هئي هئي“ منهنجو هاڻ، ڪنهن پر ڪاپو آگهٻي.

 

سر مارئي

 

مٺو نالو الله· جو، مڙني مٿاهون،

ڪيئن ڪري قبوليان، عمر کي آئون،

رازق سنديون رضائون، مون مڙيئي مٿي مڃيون.

 

وعدا اوس ڏينهن، جي مون مارن سان ڪيا،

ڪُڻڪن منجهه هينيئن، پاڻان ٿين نه پڌرا.

 

سر ڪيڏارو(1)

 

چڙهيا شاهه حسين سين، مرد متارا مير،

واڳيا وَڌي ويريين، تڪيو هڻن تير،

ڦريا تان نه فقير، امر منجهه اڀي ويا.

 

حسن مير حسين سين، جنگ ٻڌي جنگ جال،

ڪيو ڪان ڪٽاريون، تيغ ترارين تال،

سانگن سانوڻ مينهن جئن، مٿن ڪيا مثال،

قتل ڪڙڪو ڪربلا ۾، لائي اڀا لال،

ڪوڏيا ساڻ ڪمال، شير شهادت رسيا.

 

حسن مير حسين جي، جنگ سُئي سڀن،

چوڏس رڪ چمڪيو، مٿي ملوڪن،

وونڪا ويرين سامهان، هاڪاريو هڻن،

مانجهي تان نه مڙن، جان جان رڻ نه رڱيو.

 

حسن مير حسين جي، سئي جنگ جهان،

اٺا اوهيرا ڪري، ڪارهين بَکي ڪان،

بندوقون ۽ بان، مانجهين جهليا منهن ۾(1)

 

مانجهين منهن نه موڙيو، پسي پکڙيون،

رڻ رتائون رڪ سين، موڙي مڇڙيون،

تنهن وير وکڙيون، ڪانڌ وڌندي پائيو.

 

ڪانڌ ڪلورئين ڪپرئين، ور وناهيو آهه،

جتي سيلهن جي سرهه وهي، تت پير وڌندو پاءِ،

تان تان ڀئو مَ لاهه، جان جان نئڌڻ نه چڙيين.

 

مچڙيا منهن مانجهيين، پچڙيا پاونگ،

فوجن فيل سنڀاهيا، ڪڙن ڪنڍن، تنگ

هڻن ڀر ڀرن کي، بڙڇا کوڙئو، ٻنگ،

ڪُلها ڪنڌ ڪڙنگ، جهرن جهونجهارن جا.

 

جهونجهارڪي ذات جو، جان پير پروڙيو مون،

ته اچن عراقين تي، ڀڙَ ڀيڙيندا ڀون،

ور ورنهه تون، متان انبارن جئن ارڀوءِ.

 

ڪو ڪهين جا نه سڻي، سانگن وچان سڏ،

رڻ ۾ رتولن جا، پيا هارجي هڏ،

جتي مڙن مڏ، اتي جهڄن جئن جوکو ٿئي.

 

ڏاڙهي ڏاڙهون گل جئن، منجهان رت رتياس،

سولهي چوڏهين چنڊ جيئن پِڙ ۾ پاڳڙياس،

پٽڻ ۾ پار کنيو، مر مرڪي مائڙياس،

نيزا نند ٿياس، گهوڙا گهوٽ وناهيو(1).

 

جيئڻ ٿورا ڏينهڙا، گهوڙن ۽ گهوٽن،

ڪڏهن منجهه ڪوٽن، ڪڏهن راهي رڻ جا(2).

 

ٽڪر مٿي ٽئرئين، آيا اجارين،

سانگون سائن هٿ ۾، ڪلهنئون نه لاهين،

اڀائي آهين، مانجهي مرڻ مهل ۾.

 

کٽن هيٺ نه کوڙيا، پاڪ جنين جا پير،

سي تنگ ترارين تڇيا، ڇڻيو پون ڇڳير،

ڍونڍ تنين جا ڍير، ڳجهڙين ڳري لايا(1).

 

(*)ويٺي ڳجهن ڳاڙيا، ڏجان ڏک گهڻان،

تُن کي لٿين توڻ جي، جي سورهه ساماڻان،

ڪندا راماڻان، ڪۇنر ڪلي جا ڪوڏيا(2).

 

ڪونر ڪلي جا ڪوڏيا، تون جانڪين ٿو جئين،

اڙيِن مٿي اُسري تون، رُڪ پيالو پِئيَن،

ڳاهه ڳجهن جو ٿئين، ويئي جن وِرهه ٿيا(3).

 

تارا تاڻ مَ ڳجهڙي، ڄڀون ڪڍي مَ کاءُ،

رڻ ۾ رڪن هاريا، ري گهڙيا راڙاءُ،

مٿا ملوڪن پاڻاءُ، گهوري ڪوهه نه چونڊئين.

 

+تيئن ڳجهڙين رڻ ڇانئيو، جيئن ڪِين ڇٻرون،

وونڪا ويرين سامهان، ڊوڙيو ڏين ڊِهون،

جهونجهارن وهون، نير مهانگو ڪنديون.

 

جهوليون جهونجهارن جون، جهمنديون اچن،

پايو ٻڪ ٻُهار جا، ان جون وهون واڪا ڪن،

پِٽيو پار ڪڍن، چي رڻ متو راڙو ٿيو(1).

 

رڻ متو راڙو ٿيو، رُئي نه ڏسجي سڄُ،

مرون مرندا اڄ، جويُن پاند جهر ڪيو.

 

پاڳ ڦڙڪو جو هڻي، ٻڌي ٻَه پاڳون،

اڳين جون آڳون، ڪانڌ ڪُرهي لاٿيون.

 

مرمرين آءُ روئان، تون موٽي ڪانڌ مَ آءُ،

اڳي هئي ڇانوَ تنهنجي، اڄ اُس قبولي مان،

آءُ پاڻ ٻين سان، پوري ڪريو اُن پُرندي.

 

مرمرين آءُ روئان، تون موٽي اچ مَ ڪانڌ،

ڪَچن وڏا پاند، جيئڻ ٿورا ڏينهڙا(2).

 

ماءُ هماري ڪنت جي، اڙين سر اوطاق،

تنهين کي منهن ۾ مصرين جا، سدا چڪن چاڪ،

جئڻ جن فراق، مرڻ تن مشاهدو.

 

سورهين چيو سج کي، الهي ڪرم آوير،

سجهندي ئي سائن جا، پڙ ۾ ڏسون پير،

ڇَلن جت ڇڳير، اتي ڪانئر اڀي ڪک چُرن.

 

دلدل آيو سکڻون، ڏورانهن ڏٺائون،

بيبيءَ کي بيبان ۾، اچي خبر ڏنائون،

چي، شير شهادت رسئو، پڙ لهي لائون،

مڃي رضائون، داخل ٿيا دين جي.

 

رسيو رُڪانين۾، جهڙ جهڙو جهم جهَڪ،

ڪڪيون ڪپارن ۾، چمڪيو پائن چڪ،

ماءُ هماري حق، مانجهن مشاهدا ڪيا.

 

رسيو رُڪانين ۾، جهُڙ جهوڙو جهم جهور،

ڪڪيون ڪپارن ۾، ڪيرئينِ ڪنگور،

گهاءُ جهليندي گهٽ ۾، مرڪن مانجهي مور،

آڻيان الور، هاڪيو هڻن هاٿئين.

 

ڪلي وير ڪٽڪ ۾، پاکر جو پائي،

تنهن کي جيئڻ جو آسرو، وڏو ئي آهي،

سر سورهيه سوچائي، جو رڳوئي رڻ گهڙي(1).

 

ڪَلي وير ڪٽڪ ۾، مَلهي جي نه مرن،

سي ڪُند ڪٽارا ڪاتيون، ڪيرا ڪوهه کڻن،

سياٿا سهن، سندا مانجهين مِهڻان.

 

هڻ ڏائي، هڻ جيڻي، هَڻ  هڻندن سوڀ،

جني ڇڏيو لوڀ، رڻ تنين جو ڪنترا!

 

هڻ ڏائي هڻ جيڻي، هڻ هڻندن حال،

مار مهنديان، پل پويان، وڙهج وڍ وصال،

ڪنجهين پوندي ڳال، سڀان سورهيه تنهنجي.

 

نائي جو نفس کي، سورهيه آهي سوءِ،

ڪلي وير نه ڪاهڻو، چئِي او نه چوءِ،

مانجهي ماري ٿوءِ، تحمل سندي تيغ سين.

 

سائو مرين سوڀ کي، ٽيڏي ڍال مَ ڍار،

وڙهه ڀالين پوءُ ڀاڪرين، ترس مَ پَسي تار

مٿي تيغ ترار، مار ته متارو ٿئين(2).

سائو مَرين سوڀ کي، ته جنگ جيءَ سين جوڙ،

آرڻ تيغ عشق جي، تون مرڻ ڪاڻ مَ موڙ،

خواب خيال خطرا، وڍج سڀ واڍوڙ،

ناجي نفس نهوڙ، ته راز پروڙين رڻ جو.

 

سائو مَرين سوڀ کي، ته جنگ جيءُ سين لاءِ،

آرڻ تيغ عشق جي، واڳڻ تي وهاءِ،

ان پر تنهنجو آهه، پڙ پنجاهين وچ ۾

 

سائو مرين سوڀ کي، ته پاهون رک م پير،

من مدعي مڃيان، رکن پايو وير،

اچي اُڀ آرڻ ۾، ڀري ڀالج ڀير،

ان پَرَ نفس نبير، جا تو ڪَرههَ ڪپار ۾.

 

 

وڙهيا واڳيا واپريا، سي سچا صوفي شير،

واڳيل وڌي آئيا، مانجهي مل مٿير،

مسافر ميدان ۾، چڙهيا گهڻا ڇڳير،

پِڙَ ۾ کوڙي پير، سر ڏنائون صدقا،

 

ڪٽڪ وير ڪليءَ ۾، هئي جي حَسن هوءِ،

ته ڀيڙو پنهنجي ڀاءُ تان، پتنگن جيئن پوءِ،

ڪندو ڪير ٻيوءِ، حملو مير حسين سان(1).

مون جهيڙيندي ڇڏيا، ڪاري ڪڪر هيٺ،

ڪارا ڪُند هٿن ۾، ٻيا اُنند وڇيرا هيٺ،

مون ڪا ٿيئي ڏيٺ، سائن جي سردار سين(1).

 

محرم موٽي آئيو، آيا تا نه امام،

مديني جا ڄام، ڏاتر تون ڏيکارئين(2).

 

محرم موٽي آئيو، آيا تان نه امير،

مديني جا مير، ڏاتر تون ڏيکارئين(3).

 

ماءُ چيو پٽ کي، آءُ نه تنهنجي ماءُ،

جت سيلهن سيڙهه وهي، اُت وک وڌندي پاءُ،

آءُ ٻين گهاءُ، پورهيو ڪنديس پانهنجو.

 

گهائي گهوڙو گهوٽ جو، رت ۾ رتائون،

آڻي آل رسول جا، رڻ ۾ ڪُٺائون،

مفت مُٺائون، بيبيءَ کي بيبان ۾،

 

خالي گهوڙو گهوٽ جو، هليو ڏانهن حرمن،

جهنڊا جهلي آئيا، مٿي مَرِ مردن،

شاهه ويرين ويڙهو، ڀالا ٿا ڀڙڪن،

ڪُتا ٿا ڪُهن، عملو مير حسين جو.

 

اولاد عليءَ شير جو، ڪوفين ڪوٺايو،

دغا رکي دل ۾، ٿي رڻ ۾ رلايو،

جهيڙو جهونجهارن تي، اوچتو آيو،

ڏيئي دين دنيا هو، وِلهن وڃايو،

ڪُتن ڪُهايو، عَملو مير حسين جو،

 

ڪاهيئون ڪربلا ڏي، گهِڙيا منجهه گهمسان،

آيا اوهيرا ڪري، قهري وٺا ڪان،

گوڙيون گرزن ڪيون، نينهن کوڙيا نيشان،

ڏاڍو امر الله· جو، ڪنهن جي چلي ڪان،

اتي سامهان ٿيا سلطان، سر ڏنائون صدقو.

 

ڪاهيئون ڪربلا ڏي، گهڙيا مانجهي گهوٽ،

اچي ويريين ويڙهيا، ڪوفين ٻڌا ڪوٽ،

ڀالن ڀڙڪارا ڪيا، چڙهيا نيزن چوٽ،

هئا امت جي اوٽ، شير شهادت رسئا.

 

ويڙهيا وڳرئا واپريا، اٽل اڻيارا،

اچي ابتارن تي، ويرين ڪيا وارا

تيلانهه ويا نڪري، جيلانهه هئا ٻپارا،

رضا جا رحمان جي، سا قضا ڪيارا،

انهيءَ پر اوتارا، ڪيا پرڏيهين پڙ ۾.

 

وڙهيا وڳريا واپريا، جهيڙي جهوڪ ڌڻي،

امر سان الله· جي، اونچي ڪيائون اڻي،

رضا جا رحمان جي، سا واحد کي به وڻي،

کاهوڙي کڻي، ويا گذاري ڏينهڙا.

 

بيبي بيبان ۾، اُڀي ٻاڪاري،

گهوٽ گهڙيا گهمسان ۾، سي ڏاتر ڏيکاري،

لڳي جنگ ”يتيم“ چوي، هيائون هاڪاري،

سر به سينگاري، مانجهي گهڙيا مچ ۾.(1)

 

مانجهي گهڙيا مچ ۾، سي ڪوڏيا موٽن ڪيئن،

ڏسيو اڃ اولاد جي، جهڄن راتو ڏينهن،

سي قول ڀڃن ڪيئن، ڪاهي آيا ڪربلا ۾.

 

آڻي ڪربلا ۾، خيما کوڙيائون،

ڏسي رضا رب جي، منهن نه موڙيائون،

لال لَهي لائون، ٿيا مسافر ميدان ۾.

 

ٿيا مسافر ميدان ۾، واڪو وهي ووءِ،

ته تخت سپ تاراج ٿيو، با با بيبي روءِ،

تهان پوءِ ٿيوءِ، ماتم ان جو ملڪ ۾

 

سر سوڌڙو

 

ڪوڪون ڪربلا جون، ڪي جو ڪن پيونِ،

تيئن مرڻ انهيءَ ماڳ تي، بلڪل پَڪ، ٿيونِ،

جيئڻ جال ٿيونِ، سهڻا گهوٽ شهيد ٿيا.

 

ڪڙڪو ڪربلا ۾، پوئينِ پهر پيو،

سورهه سڄي رات ۾، قتل پهه ڪيو،

اڀري سج ويو، سائوئن تان شهود جو.

 

ڪربلا ۾ ڪوڪ ٿي، هڻو ۽ هڻو،

اچي اڪبر جنگ ۾، ميخين منجهه مرو،

”صادق“ ٻڌو سندرو، امر منجهه اڙو،

واڳڙاءِ وڻو، سائن جي سردار کي.

 

ڪانڌ ڪڪورهين ڪپرين، ور وناهيو روءِ،

پرين ڪنان پوءِ، متان ڏِک نه چڙهين گهوٽيا.

 

سورهيه جاوڻ- ڦر  آوڻ، هيهي نه هوندياءِ،

سِسي پٽ پوندياءِ، نند نچندي ڪڏهين.


 


(1)  ڪتاب ”ڪيڏارو“ از مخدوم محمد صالح ڀٽي هالائي_ ص 71 کان 90

(1)  هي بيت احسان فقير جي بيت 84 جهڙو آهي.

(1)  هي بيت احسان فقير جي بيت نمبر 80 جهڙو آهي، ۽ شاه جي بيت 10 جهڙو، فصل 5

(2)  شاهه فيصل 4، بيت 4 جهڙو.

(1)  احسان فقير بيت نمبر 56، شاهه فيصل ڇهون بيت 2.

(*)  (ٻي پڙهڻي) ڳجهن ويٺي گهاريا ڏنجا ڏک گهڻان.

(2)  شاهه فيصل ڇهون بيت 9.

(3)  شاهه فيصل ڇهون بيت 1، احسان بيت 32.

+  (ٻي پڙهڻي) ڇپر جيهن پيون، تئن رڻ ڳجهن ڇانيو.

(1)  شاهه فيصل ٽيون بيت 10

(2)  شاهه فيصل چوٿون بيت

(1)  احسان بيت 31، شاهه فيصل ٻيو بيت 2.

(2)  شاسهه جي رسالي ۾ فصل ڇهون بيت 15، احسان فقير جو بيت نمبر 22.

(1)  شاهه جو بيت نمبر 4_ فصل 2.

(1)  شاهه فصل چوٿون بيت 6، احسان فقير جو بيت نمبر 51.

(2)  احسان فقير بيت نمبر 5.

(3)  احسان فقير بيت نمبر 7.

(1)  هي بيت ”يتيم“ شاعر جو ٿو ڀانئجي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com