سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 2017ع

باب:

صفحو:20 

آصف نظاماڻي

 

 

 

ڪريئيٽوز فورم خيرپور پاران خيرپور جي علم، ادب، فن ۽ ثقافت جي مختلف رنگن سان سينگاريل ٽن ڏينهن تي مشتمل پهرئين خيرپور لٽريچر فيسٽيول جو افتتاح جيم خانه ڪلب خيرپور ۾ ٿيو. ڪتابي ميلي ۽ تصويرن جي نمائش جي افتتاح کانپوءِ افتتاحي تقريب منعقد ٿي، جنهن ۾ مولا بخش لاڙڪ، ادل سومرو، ايازگل، ڊاڪٽر يوسف خشڪ، محمد علي ٻانڀڻ، نور احمد ميمڻ، ڊاڪٽر مجيد چانڊيو، قربان منگي، فريد ڀٽو، سعيد منگي، نظام زائر، رياض وساڻ، پروفيسر شاهه محمد لهراڻي، خان محمد خان هن تقريب جا خاص مهمان رهيا. ڪريئيٽوز فورم جي آرگنائيزر محمد علي سهتي آجياڻو پيش ڪيو. ان موقعي تي آيل مهمانن خيرپور لٽريچر فيسٽيول جي انعقاد کي خيرپور جي تاريخ جو اهم حصو ڄاڻائيندي اميد ظاهر ڪئي ته هيءُ ادبي ميلو خيرپور جي شاهوڪار ادبي ۽ ثقافتي تاريخ کي اجاگر ڪندو. افتتاحي تقريب لاءِ ميزبان امراقبال رهيو.

”خيرپور رياست: علم، ادب فن ۽ ثقافت“ واري نشست ۾ مولا بخـش لاڙڪ چيو ته خيرپور هڪ فلاحي رياست رهي آهي، جنهن ۾ تعليم مفت هئي، ناز هاءِ اسڪول جيڪو مير علي نواز ناز جي نالي سان منسوب آهي. سنڌ جي قديم ۽ وڏي درسگاهه طور سڃاتو وڃي ٿو. رياست جي دؤر ۾ تعمير جي فن، راڳَ ۽ موسيقيءَ کي ترقي وٺرائي وئي. ڊاڪٽر يوسف خشڪ چيو ته رياستون حڪمرانن جي نالن سان نه، پر انهن جي تعميري ڪمن سان سڃاتيون وينديون آهن. خيرپور رياست دنيا جي تاريخ ۾ علم، ادب، فن، ثقافت، صنعت ۽ تجارت جي حوالي سان مٿانهين رياست جو درجو رکي ٿي. فريد ڀـٽو چيو ته رياست خيرپور جي دؤر ۾ درسگاهن جا ڄارَ وڇايا ويا. تعليم عام ۽ مفت هئي، بي پهچ شاگردن لاءِ هاسٽلون تعمير ڪرايون. هن نشست جو ماڊريٽر ضمير لاشاري رهيو.

”خيرپور جا صوفي شاعر“ واري سيشن ۾ سجاد ميراڻيءَ چيو ته سچل سرمست، فقير نانڪ يوسف، خوش خير محمد هيسباڻي ۽ ٻيا صوفي شاعر سموري عالم ۾ سڪ جو سنيهو پهچائي چڪا آهن. اختر درگاهيءَ چيو ته خيرپور سان تعلق رکندڙ جيڪا صوفي شاعرن جي مالها آهي. اها مالها سنڌ جي صوفي اثاثي جو اهم حصو آهي. استاد عبدالغفور سومري چيو ته سچل جا سرمست ٻول ۽ ٻين صوفي شاعرن جو ڪلام سنڌ جي صوفي راڳ تي به بيمثال انداز ۾ اثر انداز ٿيو آهي. وحدت الوجودي فڪر جو هڳاءُ خيرپور جي هوائن ۾ شامل آهي. ابراهيم کرل چيو ته خيرپور جي صوفي شاعرن ۾ الڳ الڳ رنگ هئڻ جي باوجود هڪ رنگ ملي ٿو. هن سيشن جو ماڊريٽر غفور چانگ رهيو. هن ٽن ڏينهن واري لٽريچر فيسٽيول ۾ زندگيءَ جي مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ سياسي، سماجي، ادبي شخصيتن  ۽ عورتن سميت شهرين جي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

صوفي راڳ رهاڻ جي نشست ۾ استاد عبدالغفور سومري، رجب سهراب فقير، سلامت سهراب فقير، ۽ رخسانه مارويءَ مختلف صوفي شاعرن جو ڪلام ڳائي ماحول کي مهڪائي ڇڏيو هن نشست جو ميزبان هاشم ڀٽي رهيو.

ٽن ڏينهن واري، پهرين خيرپور لٽريچر فيسٽيول جي ٻي ڏينهن مختلف نشستون منعقد ٿيون، جنهن ۾ پڻ مهمانن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

”خيرپور جي جديد شاعريءَ جو سفر“ جي موضوع تي منعقد ٿيل نشست ۾ شريڪ مهمانن ۾ ادل سومرو، ايازگل، قدير انصاري، حبيب ساجد، امر اقبال، آڪاش عامر ۽ حفيظ باغيءَ چيو ته خيرپور جي جديد شاعريءَ جو سرواڻ تنوير عباسي آهي، جنهن شاعريءَ ۾ فڪري، فني ۽ هيئتي حوالي سان نوان لاڙا متعارف ڪرايا، شاعريءَ کي مختلف تحريڪن سان سلهاڙيو ۽ نين صنفن کي سنڌي روپ ڏنو. گڏوگڏ عطا محمد حامي، تاجل بيوس، خادم سنڌي، اميد خيرپوري، ملڪ نديم کان وٺي نئين ٽهيءَ جي شاعرن تائين سنڌي شاعريءَ جي سفر کي اڳتي وڌايو آهي. هن نشست جو ماڊريٽر نياز نديم رهيو.

”خيرپور جي ڪهاڻيءَ جو سفر“ جي موضوع تي منعقد ٿيل نشست ۾ مهمانن ممتاز بخاري، مظهر ابڙو، ابراهيم کرل، منظور لاڙڪ ۽ مختيار چنا خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته نسيم کرل خيرپور سان تعلق رکندي سنڌي ڪهاڻيءَ جي ميدانَ ۾ پاڻ کي قداور ڪهاڻيڪار ثابت ڪيو، سندس ڪهاڻيون عالمي سطح جون ڪهاڻيون آهن. حفيظ شيخ بيمثال ڪهاڻيون لکيون ۽ اهو سلسلو هن وقت تائين جاري آهي. هن نشست جو ماڊريٽر دريا خان شنباڻي رهيو.

”خيرپور جو راڳ ۽ موسيقي“ جي موضوع واري نشست ۾ ڳالهائيندي مهمانن ڪوثر ٻرڙو، اختر درگاهي ۽ قدير انصاريءَ چيو ته خيرپور رياست جي دؤر کان وٺي راڳ ويراڳ ۽ موسيقيءَ جو محور رهي آهي.  راڳَ جا وڏا گهراڻا خيرپور سان ساٿَ ۾ رهيا آهن. خيرپور جي صوفي شاعرن جي شاعريءَ ۾ راڳُ سمايل آهي. هن نشست جو ماڊريٽر امان منگي رهيو.

”خيرپور جا تاريخي ماڳ مڪان“ جي موضوع تي منعقد ٿيل نشست ۾ خيالن جو اظهار ڪندي مهمانن پروفيسر قاصد ملاح، پروفيسر اسد عابدي، امير گل ڪٽوهر ۽ حزب الله آءِ سومري چيو ته خيرپور جي آرڪيالاجيءَ جي قدامت تاريخ جو لازوال باب آهي. ٽالپرن جي دؤر ۾ تعمير فن کي زور وٺرايو ويو. ڪوٽڏيجيءَ جو قلعو، فيـض محل، ان جا مثال آهن. ڪوٽڏجيءَ جا آثارَ موئن جي دڙي کان به آڳاٽي تاريخ رکن ٿا. هن سيشن جو ماڊريٽر حبيب ساجد رهيو.

”خيرپور جو اسٽيج ۽ ريڊيو ناٽڪ“ جي موضوع تي ٿيل نشست ۾ ويچار ونڊيندي مهمانن هاشم ڀٽي، ابراهيم کرل، جبار گلال ۽ ذوالفقار بـڙديءَ چيو ته خيرپور ۾ رياست جي دؤر کان وٺي ناٽڪ منڊلين جو بنياد پيو، اڳتي هلي خيرپور ۾ سئنيمائن ڊرامو ۽ فلم ڏسندڙن جو وڏو حلقو پيدا ڪيو. ريڊيو خيرپور ايم.يحيٰ ڀٽو، سعيد واگھو، مظهر شيخ جهڙا وڏا صداڪار پيدا ڪيا جن اڳتي هلي ٽيليويزن جي ڊرامن ۾ به پاڻ مڃايو. هن نشست جو ماڊريٽر محمود سومرو رهيو.

”خيرپور جو تحقيقي ۽ تنقيدي ادب“ جي موضوع تي رٿيل نشست ۾ خيالن جو اظهار ڪندي قربان منگي، ڊاڪٽر مهر خادم، هادي ڀٽ ۽ خواجه ذوالفقار چيو ته خيرپور جي تحقيقي ۽ تنقيدي ادب ۾ ڊاڪٽر عطا محمد حاميءَ جو ٽالپر حڪمران دؤر ۽ سچل سرمست جي فڪر جي حوالي سان ڪم ڪيل ۽ تنوير عباسيءَ شاهه لطيف جي شاعريءَ تي ڪيل اڀياسي ڪم وڏي حيثيت رکن ٿا. خادم عباسي ۽ محمد علي حداد جو تحقيقي ڪم به بيمثال آهي. هن سيشن جو ماڊريٽر حسن شيخ رهيو.

”منهن تنين مشعل“ جي عنوان سان ادل سومري، ايازگل ۽ رسول ميمڻ سان خاص نشست منعقد ٿي. هن نشست ۾ رسول ميمڻ ڪهاڻي ۽ ادل سومري ۽ ايازگل شاعري ٻڌائي ۽ پنهنجي تخليقي سفر جون ڳالهيون ڪيون. هن نشست کي صدارتي خطاب ڪندي تاج جويي چيو ته ادل سومرو ۽ ايازگل جديد سنڌي شاعريءَ جو پنهنجي لهجي وارا منفرد ۽ سرموڙ شاعر آهن ۽ رسول ميمڻ سنڌيءَ ۾ اڻ ڳڻيون سرريئلسٽڪ ڪهاڻيون ۽ ناول لکي وڏي مڃتا ماڻي آهي. هن سيشن جو ماڊريٽر اختر درگاهي رهيو.

ڪتابن جي مهورت واري نشست ۾ ادل سومري جي شعري مجموعي ”نيروليءَ جو خواب“، اختر درگاهيءَ جي مقالن جي مجموعي ”سچل سائين ۽ درازي فيض“، ڪوثر ٻرڙو جي يادگيرين جي ڪتاب ”پنهنجيون پرايون ڳالهڙيون“، ابراهيم کرل جي ڪهاڻي ڪتاب ”موٽي ايندس مان“، تاج جويي جو شيخ اياز تي لکيل مقالن جو ڪتاب ”رابيل رُت مايا نگر“، حبدار سولنگيءَ جي مرتب ڪيل ڪتاب ”سنڌي غزل جو اڀياس“ حزب الله.آءِ سومري جي مضمونن جي ڪتاب ”اک اُلٽي ڌار“ ۽ علي حسن سرڪيءَ جي شعري مجموعي ”وساري ڇڏيو ٿي“ ۽ رسول ميمڻ جو ”اسٽيل جا 5 گلاس“ جي مهورت ڪئي وئي. هن سيشن لاءِ ميزبان نشاء ڪنول رهي.

مشاعري جي صدارت ايازگل ڪئي، جڏهن ته خاص مهمان رسول ميمڻ، پارس حميد، منظور خاموش، آڪاش عامر، وحيد انصاري، حفيظ باغي، رحيمداد جوڳي، توقير شاهه ۽ ٻيا رهيا. مشاعري ۾ پنجاهه کان مٿي شاعرن شاعري پڙهي. مشاعري جي ميزباني روشن شيخ ڪئي. راڳ رهاڻ واري نشست ۾ آصف سومري، مختلف شاعرن جو ڪلامُ ڳائي محفل کي مهڪايو.

خيرپور لٽريچر فيسٽيول جو ٽيون ۽ آخري ڏينهنُ پڻ پُروقار انداز ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ هزارين مهمانن شرڪت ڪئي. ڪريئيٽوز فورم خيرپور پاران جيم خانه ڪلب خيرپور ۾ منعقد ٿيل هن فيسٽيول جي پهرين نشست ”خيرپور جا مصور“ جي موضوع تي منعقد ٿي جنهن ۾ سعيد منگي، نعمت خلجي، مجيد منگي، شڪيل خاصخيلي ۽ عدنان منگيءَ ڳالهائيندي چيو ته خيرپور رياست جي دؤر ۾ تعمير ٿيل دلشاد منزل جي ديوارن ۽ ڇتين تي جيڪي تصويرون اُڪريل هيون اهي آرٽ جو شاهڪار هيون، جيڪي هاڻي ميسارجي ويون آهن، پر آرٽ جو سفر جاري آهي. هن نشست ۾ قرارداد پاس ڪئي وئي ته لطيف يونيورسٽيءَ ۾ فائن آرٽس جو شعبو قائم ڪيو وڃي. هن سيشن جو ماڊريٽر ڪليم شيخ رهيو.

”خيرپور جا ادبي ۽ ثقافتي ادارا“ جي موضوع واري نشست ۾ مهمانن پروفيسر شاهه محمد لهراڻي، قربان منگي، ابراهيم کرل، ضمير لاشاريءَ چيو ته سچل اڪيڊمي، ريڊيو پاڪستان خيرپور، سچل يادگار ڪاميٽي، حامي يادگار ڪاميٽي، سچل چيئر ۽ ٻيا ادارا هڪ تاريخ رکن ٿا جن ادب ۽ ثقافت جي ترقيءَ ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي. ادبي ۽ ثقافتي تنظيمن جي پڻ هڪ الڳ تاريخ آهي. هن سيشن ۾ مطالبو ڪيو ويو ته خيرپور آرٽس ڪائونسل سميت مختلف ادارن تان سياسي غلبو ختم ڪيو وڃي. هن سيشن جو ماڊريٽر سعيد سانڱري رهيو.

خيرپور سول سوسائٽي جي موضوع واري نشست ۾ خيالن جو اظهار ڪندي مهمانن پروفيسر غلام قادر ڦلپوٽو، ڊاڪٽر خادم ڏهوٽ، ضمير لاشاري ۽ اڪرم شيخ چيو ته سِگا سميت، مزدور استاد ۽ شاگرد تنظيمن، صحافين، تاجر تنظيمن، وڪيلن ۽ انساني حقن جي تنظيمن ۽ ٻين سرڪاري تنظيمن ۽ گروپن بهتر حُڪمراني، سياسي سماجي سجاڳي، شهر جي ترقي ۽ ٻين مسئلن تي پاڻ پتوڙيو آهي. هن سيشن جو ماڊريٽر رياض منگلو رهيو.

”ادب ۽ سوشل ميڊيا“ جي موضوع واري نشست ۾ مهمانن نثار کوکر، فياض امر ٻرڙو، سليمان وساڻ، لطيف انصاري ۽ آصف نظاماڻي چيو ته سوشل ميڊيا سنڌي ادب جي ڦهلاءَ ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪيو آهي. ادبي ويب سائيٽن تي موجود هزارين ڪتاب، لغتون ۽ انسائيڪلوپيڊيائون ٻوليءَ جي ترقيءَ جو سبب بڻيون آهن ۽ سنڌي ادب عالمي ڌارا سان جُڙي پيو آهي. هن سيشن جو ماڊريٽر غفور چانگ رهيو.

”سگھڙ ڪچهريءَ“ ۾ فياض مهيسر، محرم اُڄڻ، ملهار ڪٽوهر، صابل ناريجو، قلندر بخش شيخ، محرل هُليو، مجاهد ڦلپوٽو ۽ ٻين سگھڙن لوڪ شاعريءَ جون مختلف صنفون پيش ڪري پنهنجي ڏات جا واهڙ وهايا. خيرپور جي تاريخ جي حوالي سان ڊاڪيومينٽري پيش ڪئي وئي، تنهن بعد ابراهيم کرل جو لکيل اسٽيج ڊرامو ”ڏور ٿيندا وڃن روز جوڳيئڙا“ پيش ڪيو ويو جنهن جو ڊائريڪٽر فهيم يحيٰ ڀٽو رهيو. هن ڊرامي ۾ جبار گلال ۽ فهيم يحيٰ ڀُٽو ڪردار ادا ڪيا. هن موقعي تي اسرار لغاري، ايس ڀٽي، شمع منگي، نائمه خان، تانيه خان، عباس گل، جبار گلال، هاشم ڀٽي، غلام حسين منگي، فهيم يحيٰ ڀٽو سميت ڊرامه سيريل ”سرڪار“ جي سَٿَ کي اجرڪن جون سوکڙيون پڻ پيش ڪيون ويون. نامياري شاعر ادل سومري جي صدارت هيٺ مشاعري ۾ سيد نور رضوي، مظهر ابڙو، قدير انصاري، خواجه ذوالفقار، حاجره ناز ملڪ، مفتون ڪورائي، اظهر ٻانڀڻ، سجاد ميراڻي، مهر خادم خاص مهمان رهيا. جڏهن ته 50 کان مٿي شاعرن پنهنجو ڪلام پيش ڪيو. اختتامي تقريب ۾ فيسٽيول آرگنائيزر محمد علي سهتي ٽن ڏينهن ۾ آيل هزارين مهمانن ۽ 25 مختلف نشستن ۾ حصو وٺندڙ شخصيتن جا ٿورا مڃيا.

هن موقعي تي  ادل سومري، ايازگل، اختر درگاهي، قربان منگي، رخسانه ميراڻي، ممتاز بخاري، نياز نديم سميت مختلف مهمانن جي هٿان مڃتا سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا. اختتامي تقريب جي مهمانن پهرين خيرپور لٽريچر فيسٽيول کي خيرپور جي تاريخَ جو نه وسري سگهجندڙ باب قرار ڏنو. جيڪو خيرپور جي تخليقڪارن پنهنجي مدد پاڻ جي جذبي تحت منعقد ڪيو. راڳ رهاڻ جي نشست ۾ اختر درگاهي، شازيه ماروي ۽ نادره پروين سنڌ جي صوفي ۽ جديد شاعرن جو ڪلامُ ڳايو. راڳ رهاڻ جي نشست ۾ ئي ٺيڪ ٻارهين بجي ڪيڪُ ڪاٽي نئين سال جي آجيان ڪئي وئي. خيرپور لٽريچر فيسٽيول جي راڳ رهاڻ واري نشست رات دير تائين جاري رهي.

 پروفيسر لعل بخش جسڪاڻي

 

 

 

 

ڪتاب: ڪڻي مان ڪيچَ جو مختصر جائزو

 

سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ جيڪي استاد، محقق، اديب، عالم لکن ٿا، اها هڪ ڏات آهي، ڇو ته انهن پنهنجون سڀ محبتون ڪتابن کي ارپي ڇڏيون. اهڙن خوشنصيبن ۾ پروفيسر رشيده ڀٽي پڻ آهي جيڪي لاڳيتو لکندي اچي ۽ موجوده ڪتاب ’ڪڻي مان ڪيچَ‘ سندس چوٿون ڪتاب آهي. جيئن ته پاڻ فزيالاجيءَ جي پروفيسر رهي آهي، جيڪو سندس دلپسند موضوع پڻ آهي. هيءُ ڪتاب نِج علمي ۽ سائنٽيفڪ تحقيق جي بنياد تي آڌاريل موضوع جي لحاظ کان منفرد ضخيم ۽ تفصيلي معلومات جو خزانو چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. هن ڪتاب کي پڙهي محسوس ٿيو ته گهڻي وقت کانپوءِ تحقيقي سائنٽفڪ ڪارائتي علمي ڪتاب پڙهڻ جو موقعو مليو آهي، ۽ خوشي ٿي ته اسان جي مادر علميءَ ۾ محقق ۽ لائق فائق استاد موجود آهن، جن تي اسان سڀني کي فخر ڪرڻ گهرجي.

ڪتاب موضوع جي لحاظ کان ڇهن بابن تي ٻڌل آهي، جنهن جي هر باب ۾ معلومات جا انمول خزانا ملن ٿا، هن ڪتاب ۾ غذا بطور شفا، ميوا ڀاڄيون ۽ اَناج جي اهميت ۽ طبي فائدا شامل آهن. علم بدن، صحت صفائي، غذا ۽ ان جي اهميت کانسواءِ متفرقات ۾ گهڻا دلچسپ موضوع شامل ڪري ليکڪا ڪتاب ۾ وڌيڪ دلچسپي پئدا ڪرڻ لاءِ انيڪ ۽ منفرد انڊلٺ جهڙا رنگ ڀري ڪتاب کي تدريسي مقصد لاءِ بهتر کان بهترين بڻايو آهي. ڪتاب جي آخري ڇهين باب ۾ ڄڻ ڪيئي ڪتاب موجود آهن، جيڪي ليکڪا جو ڪارنامو ۽ ڪمال چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو.

ليکڪا وڏي محنت ۽ جاکوڙ ڪري ڊڪشنري آف هيماٽالاجي لکي ميڊيڪل جي هڪ اهم برانچ جو سنڌيءَ ۾ نهايت اهميت وارو ڪتاب پڙهندڙن تائين متعارف ڪرايو آهي، جيڪي سندس سنڌي ٻولي ادب ۽ پنهنجي لاڳاپيل شعبي سان محبت ۽ ڪمٽمينٽ جو تمام وڏو مثال آهي ۽ اسان جي نئين نسل لاءِ اُتساهه جو سبب پڻ بڻجي ٿو. چوندا آهن ته علم آزاديءَ جو دروازو کولي ٿو ۽ رشيده ڀٽي ان دروازي کان نڪري علم ادب ۾ پير پائي مادرِ علميءَ جي خدمت وسيلي علم جي آبياريءَ ڪئي، سندس اباڻي تاريخي شهر روهڙيءَ ۽ والدين جون ساروڻيون هن ڪتاب جي سونهن ۽ سوڀيا ۾ اضافو ڪيو آهي.

جيئن ته فزيالاجي کي هڪ جديد سائنسي علمن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو، انڪري سڀ ڪتاب انگريزي ٻوليءَ ۾ موجود آهن، ليکڪا هن علم جي اهم حصن کي سنڌيءَ ۾ آڻي تمام وڏو ڪارنامو ڪيو آهي ۽ هيءُ ڪتاب سنڌيءَ ۾ مني انسائيڪلوپيڊيا جي اهميت چئجي، ته ڪتاب سان انصاف ڪري سگهجي ٿو. مثال طور: ماءُ جي کير جي باري ۾ لکي ٿي ته ماءُ جي کير ۾ ٻارن جي بيمارين خلاف سڀ کان وڌيڪ قوت مدافعت موجود هوندي آهي ۽ ساڳي وقت ماءُ جو کير ٻار کي ايڊز جهڙي موزي مرض کان بچائي سگهي ٿو. ڪتاب ۾ جتي علم بدن کي تفصيل سان بيان ڪيو ويو آهي ان سان گڏ ميون ۽ ڀاڄين سان علاج ۽ غذا جا حيات پرور جوهر جو اُپٽار پڻ ملي ٿو. ٽماٽي کي ايسپرين جي نعم البدل ٻڌائي اسان کي ليکڪا حيران ڪيو ڇڏي، ڇا ته ان جي طبي اهميت ۽ افاديت آهي جنهن جي اسان گهڻن کي ڄاڻ به ڪانهي.

ڇاهين (هنداڻو) ۽ کارڪن کان وٺي ڏاڙهونءَ جي غذائي اهميت ۽ طبي فائدن جي باري ۾ هن ڪتاب ۾ اُپٽار ملي ٿو ته ساڳي وقت جَوَ ۽ انجير ۽ ڇاهين جي باري ۾ جيڪي آسان ٻوليءَ ۽ سمجهائڻي وسيلي مواد ملي ٿو، اها هڪ وڏي ڪاوش ۽ تحقيق جو نتيجو آهي ۽ عام ماڻهن لاءِ جتي هيءُ ڪتاب وڏي اهميت رکي ٿو ته ساڳي وقت استادن، شاگردن، محققن لاءِ هڪ لاثاني ۽ علمي تحفو آهي.

مولانا روميءَ جي روحاني استاد شمس تبريز ڪٿي چيو هو ته توهان پڙهڻ وسيلي سِکي سگهو ٿا، پر محبتن کان سواءِ سمجهي نٿو سگهجي، ليکڪا هن ڪتاب ۾ گهڻو پيار ۽ محبتون شامل ڪري جَس لهڻي.

هن ڪتاب جي اهميت ۽ افاديت کي نظر ۾ رکندي ان چوڻ ۾ ڪابه هٻڪ نه ٿيندي ته هيءُ ڪتاب سنڌ جي سڀني اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي لائبريرين ۾ مهيا ڪيو وڃي، جيئن استاد، شاگرد، اديب ۽ عالم ماڻهو پڻ انمول تحفي مان فائدو حاصل ڪري سگهن.

ميرزا فياض علي بيگ

 

 

 

 

رثائي ادب جو شاهڪار

سياه پوش حرم آ، سرخ پوش حسين

 

حيدرآباد جي معروف مرثيه گو شاعر ۽ مرثيه خوان ميرزا فتح علي بيگ ’فتح‘ جي ٽئين نمبر فرزند ميرزا قاسم علي بيگ ’قاسم‘ جي سنڌي زبان ۾ چيل سلامن کي ميرزا ڪاظم رضا بيگ سهيڙي، اُن تي بهترين مقدمو لکي، ”سياه پوش حرم آ، سرخ پوش حسين“ جي نالي سان مرتب ڪيو. جيڪو موج وحدت پبليڪيشن روهڙيءَ طرفان سال 2017ع جي ايامٖ عزا ۾ ڇپجي پڌرو ٿي، پڙن، امام بارگاهن ۽ بارگاه حسينيءَ ۾ بلڪ هيئن چوان ته جناب سيده سلام الله عليها جي حضور ۾ پهچي، مقبوليت جي سَنَدَ ماڻي چڪو آهي.

هِن ڪتاب جو ٽائيٽل تمام بهترين ۽ جاذب آهي. اڳئين ورق تي ڪعبة الله ۽ موليٰ امام حسين عليہ السلام جي روضي جي تصوير ۽ پوئين ورق تي ميرزا قاسم علي بيگ جي تصوير ڏنل آهي. هيءُ ڪتاب 102 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن جي قيمت -/100 رپيا آهي.

انهيءَ ڪتاب جي ”اداري پاران“ ۾ انجنيئر عبدالحسين موسوي صاحب لکي ٿو ته:

”ٻين اصناف سخن ازين قسم مثنوي ۽ رباعي وغيره تي عروض جي عالمن پاران چند مقالا ته لکيا ويا، پر ڪو جامع ڪتاب جنهن ۾ مذڪور صنفن جي فني، علمي ۽ ادبي ڄاڻ کان علاوه انهن صنفن جي شاعرن جو ڪو جامع تذڪرو هجي، سامهون نه اچي سگهيو آهي.“

محترم موسوي صاحب بلڪل صحيح لکيو آهي، ته ”مثنوي“ ۽ ”رباعي“ بابت ڪوبه جامع ڪتاب سندن سامهون نه اچي سگهيو آهي، بلڪ آءٌ هيئن چوان ته انهن صنفن تي ڪوبه جامع ڪتاب ڇپيو ئي ڪونهي! البته شاعريءَ جي انهن ٻنهي صنفن تي منهنجي محترم استاد ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم ’خليل‘ جا جامع ۽ ضخيم ڪتاب لکيل آهن، جيڪي اڻڇپيل، پر هاڻي ته الائجي ڪهڙي ڪنڊ ۾ دفن ٿيل آهن!

پهريون ڪتاب ڊاڪٽر صاحب ”سنڌي مثنويون“
جي نالي سان لکيو، جنهن جون ڪي قسطون ماهوار رسالي ’نئين زندگي‘ ۾ ڇپيون. اِهو ڪتاب الڳ الڳ پنجن ڪاپين تي لکيل آهي، جن مان ٽي ڪاپيون منهنجي مامي ميرزا سلطان حيدر بيگ جون ۽ ٻه ڪاپيون راقم الحروف جون نقل ڪيل آهن. ان ڪتاب ۾ سنڌي مثنويءَ جي فن جي ڄاڻ، ارتقا ۽ سنڌيءَ ۾ لکيل جيڪي مثنويون ڊاڪٽر صاحب کي ملي سگهيون، تن جو ۽ انهن مثنوين جي شاعرن جو مفصل احوال قلمبند ٿيل آهي.

 

ڊاڪٽر صاحب جو ٻيو ڪتاب رباعيءَ تي به لکيل آهي، جنهن جو نالو ”فنٖ رباعي ۽ سنڌي رباعي-گو شاعر“ آهي. هيءُ ڪتاب ٻن ڪاپين ۾ اٽڪل ست سؤ صفحن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر صاحب رباعيءَ جي فن تي ڀرپور نموني ۾ وضاحت سان لکيو آهي ۽ ان کان علاوه سنڌي رباعيءَ جي شاعرن جون رباعيون ۽ رباعي-گو شاعرن جو احوال پڻ ڏنو ويو آهي. انهيءَ ڪتاب ۾ ڊاڪٽر صاحب، ميرزا مراد علي بيگ ’سائل‘ کي سنڌيءَ جو پهريون رباعي-گو شاعر ثابت ڪيو آهي ۽ نموني خاطر سندس اٽڪل پنجويهه رباعيون پڻ ڏنيون آهن. هيءُ ڪتاب ڊاڪٽر صاحب 1966ع ۾ لکيو هو. هن ڪتاب جي لکجڻ بابت منهنجو تفصيلي احوال لکيل آهي، جيڪو طوالت سبب هِتي نه ٿو ڏئي سگهان. علاوه ازين راقم الحروف به رباعيءَ تي هڪ ڪتاب ”رباعي جا راوي ۽ رباعي جا راهي“ نالي لکيو آهي، جيڪو وڏي فل سائيز رجسٽر تي لکيل آهي، جيڪو اڍائي سؤ صفحن جي لڳ ڀڳ آهي. اهڙيءَ ريت ڇپيل مواد ۾ ميرزا علي محمد بيگ ’مظفر‘ جي سنڌي رباعين جو مجموعو ”عظمت فصاحت“ جي نالي سان راقم الحروف جي ڀاءُ ميرزا فتح علي بيگ ’شاهد‘ مرتب ڪيو، جنهن ۾ پڻ رباعيءَ جي فن ۽ تاريخ تي مشتمل هڪ جامع مقدمو لکيل آهي. هِن ڪتاب کي گلشن پبليڪيشن حيدرآباد سال 1993ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.

ممڪن آهي، ته انهن ٻنهي اصنافِ سخن تي سنڌي اديبن ۽ شاعرن ڪي جامع ڪتاب لکيا هجن، جيڪي اڃا ڇپجي منظرعام تي نه اچي سگهيا هجن!

هن ابتدائي ڪلمات بعد آءٌ ڪتاب ’سياه پوش حرم آ، سرخ پوش حسين‘ تي تبصري ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريان ٿو.

ميرزا قاسم علي بيگ جي شاعريءَ جي ابتدا اٽڪل روءِ 1855ع جي لڳ ڀڳ ٿئي ٿي. شاعريءَ ۾ سندس استاد سندس والد محترم ميرزا فتح علي بيگ ’فتح‘ هو، جنهن کيس فنٖ شاعري ۽ علمٖ عروض جي مڪمل تعليم ڏني. جنهن جي نتيجي ۾ هن پوري ذوق، شوق ۽ محنت سان عروضي اصنافٖ سخن تي خوب طبع آزمائي ڪئي ۽ سندس ڪلام ۾ حمد، نعت، منقبت، قصيدا، سلام، مرثيا، رباعيون وغيره اچي وڃن ٿيون. سندس اِهو سمورو ڪلام ’ڪليات قاسم‘ جي نالي سان مشهور آهي، جنهن مان في الحال سندس 39 سلام ميرزا ڪاظم رضا بيگ مرتب ڪري، شاعر جي مختصر سوانح حيات لکي ۽ سلامن تي بهترين معلومات افزا تبصرو ڪيو آهي. هِن ڪتاب ۾ اِها وڏي خوبي آهي، ته هر سلام جي مٿان اُن جو بحر وزن پڻ ڏنو ويو آهي، جيڪا محنت ۽ عروضي فن جي ڄاڻ مرتب ميرزا ڪاظم رضا بيگ جي قابلِ داد آهي.

اسان جي بزرگن جي بياضن مان ميرزا قاسم علي بيگ جا سلام ميرزا سلطان حيدر بيگ (ڪتاب مرتب ڪندڙ جو والد) سال 1960ع ڌاري پنهنجي ڪن بزرگ شاعرن جي سلامن جي چونڊڪري”بحرالبڪا“
جي نالي سان بياض لکيو، جنهن ۾ هِن پنهنجي پَڙڏاڏي ميرزا قاسم علي بيگ جا سلام پڻ لکيا. وري احوال بابت، ته جڏهن غلام رسول بلوچ ’سنڌي مرثيه نويسي‘ تي ايم.فل لاءِ مقالو پئي لکيو، تڏهن کيس راقم جي والد ميرزا حامد علي بيگ، پنهنجي بزرگن ميرزا فتح علي بيگ، ميرزا قاسم علي بيگ، ميرزا غلام رسول بيگ ۽ ميرزا ٻڍل بيگ جا مرثيا ۽ انهن جو مختصر احوال لکي ڏنو، ان سان گڏ کيس خواجه ناصر علي جو مرثيو پڻ ڏنو، جن مرثين مان هڪ هڪ بند بلوچ صاحب پنهنجي ان مقالي ۾ ڏنو آهي. اِهو مقالو انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄام شورو سال 1970ع ۾ شايع ڪيو.

ميرزا حامد علي بيگ، ميرزا قاسم علي بيگ جو ڏهٽو هو ۽ هن ئي پهريون ڀيرو پنهنجي ناني ميرزا قاسم علي بيگ جو مختصر احوال ۽ سندس چيل مرثيو ’جڏ شہ جا اقارب ٿي ويا شہ تان فدائي‘ اشاعت لاءِ غلام رسول بلوچ صاحب کي ڏنو. جنهن بعد ئي سنڌي ادبي تاريخ ۽ شاعريءَ تي جيڪي به ڪتاب ڇپيا، تن ۾ ميرزا قاسم علي بيگ جو احوال شايع ٿيندو اچي.

ميرزا قاسم علي بيگ جو مرثيو ’جڏ شہ جا اقارب ٿي ويا شہ تان فدائي‘، جيڪو بلوچ صاحب کي ڏنو ويو، سو ميرزا حامد علي بيگ سال 1940ع کان 1960ع تائين عصرِ عاشور امام بارگاه علي آباد ۾ ٿيندڙ مجلس ۾ ڏوهيڙي جي سوز ۾ پڙهندو هو. هن مرثيه جا ڪي بند ايترا ته پُردرد آهن، سي جڏهن هيءُ پڙهندو هو، تڏهن سامعين تي شدتِ غم کان رقت طاري تي ويندي هئي.

ميرزا قاسم علي بيگ جا سلام بيشڪ مذهبي رنگ ۾ رڱيل رثائي اشعار آهن، پر جڏهن انهن سلامن جو فني نقطهء نگاهه سان مطالعو ڪجي ٿو، تڏهن انهن سلامن ۾ اهڙا به شعر نظر اچن ٿا، جيڪي غزل، ناصحانه، بي ثباتي دنيا جي زمري ۾ اچي وڃن ٿا. مثال لاءِ هيءُ اشعار قابل غور آهن، جن ۾ غزل جو عنصر نمايان ڇَلڪندو نظر اچي ٿو:

 

قامت اها قامت ٿي خجل جنهن کان ٿيو شمشاد،

انگشت نِدامت لبِ جُو سروِ چمن ٿيو.

عارض اهو عارض ٿيو قمرشرم کان ٿيو داغ،

غنچي کي ڪٿي پيش دهن تاب سخن ٿيو.

ڇا تاب لب لعل ٿيو جنهن کان سببِ رشڪ،

دل سوخته لاله جي طرح لعلِ يمن ٿيو.

--

لڳائي آتش غم باهه آب ۾ اهڙي،

جو سيخ موج تي هر ذرو دل ڪباب ٿيو.

--

فرمايو ڪنهن ته عارض و ڪامل کان هي جوان،

هڪ هنڌ تي پسائي پيو صبح و شام کي.

ابرو سو آ هلال ته جنهن جي ڪمال کان،

سڀ نا تمام چون ٿا ماه تمام کي.

--

ڇا نگهتِ رخسار آ ڇا شوڪت رفتار،

هُو گل ۾ نه آهي هي صنوبر ۾ نه آهي.

سيب ذقن موج لبِ خشڪ جو ثاني،

طوبيٰ ۾ نه آ چشمهء ڪوثر ۾ نه آهي.

--

ڪٿي دماغ ٻُڌان ويهي داستان بهار،

نه گل جو رتبه شناس ۽ نه قدردانِ بهار.

--

قفس ۾ ڪيئن نه ٿي تسڪين بلبل شيدا،

سڪون لب لئي حوضِ گلاب باقي آ.

سنڌ ۾ گهوٽ جي شاديءَ جي موقعي تي شاعر گهوٽ لاءِ سهرو چوندا آهن ۽ اهڙا ڪيترائي سهرن جا مشاعرا سنڌ ۾ ٿيندا رهيا آهن. ميرزا قاسم علي بيگ، شهزادي قاسمعه ابن امام حسن عه جي شاديءَ تي پُردرد سهرو چيو آهي. سهري جا هيءُ بند تقريباً غزل جي زمري ۾ اچن ٿا، جيڪي اهڙي گهوٽ لاءِ چيا ويا، سَر سهرو ٻَڌي وڃي رڻ ۾ شهادت جو جام نوش ڪيو:

نه ڪرائي ٻڌو ڳانو نه لڳي ميندي هٿين،

هَئي قضا ڪهڙا ته نوشاهه جا ڳايا سهرا.

موت جي ميندي ته لاتائون هٿن تي هن جي،

گهوٽ هئي هئي وڃي منجهه گاهه وڍايا سهرا.

نه چڙهيو سيج تي ۽ ڪين لڌائون لائون،

رسم شادي جي نه ٿي آه وڍايا سهرا.

ميرزا ’قاسم‘ جي سلام ۾ بي ثباتي دنيا جو عنصر ڏسو:

سفيد وار ٿيا پيري ٿي صاف سر تي مگر،

خضاب ڪرڻ تي فرضِ شباب باقي آ.

رقم عمل ڪيا فرشتن سڄي عمر ڇا ٿيو،

اڃا لحد جو حساب و ڪتاب باقي آ.

ميرزا قاسم علي بيگ جي سلامن ۾ علمٖ عروض مطابق شاعراڻيون فني خوبيون نمايان نظر اچن ٿيون، جيڪي هڪ ڪامياب شاعر جي ڪلام ۾ هئڻ گهرجن. ميرزا قاسم علي بيگ جي سڄي ڪلام تي ان جي والد ميرزا فتح علي بيگ جي شاعريءَ جو رنگ نمايان نظر اچي ٿو. هُو سواءِ پنهنجي والد جي ٻي شاعر کان متاثر ٿيندي نظر نه ٿو اچي، ڇاڪاڻ جو پاڻ هڪڙي قادرالڪلام مرثيه-گو شاعر جو پُٽ ۽ ان جو ئي شاگرد هو، جنهنڪري هن پنهنجي ڪلام ۾ پنهنجي والد وارو رستو اختيار ڪندي پاڻ قادرالڪلام شاعر ثابت ٿيو.

ميرزا قاسم علي بيگ جي سلامن جو هيءُ مجموعو ڇپجڻ سان سنڌي رثائي ادب ۾ بهترين اضافو ٿيو آهي، جيڪو رثائي ادب لاءِ لعل بي بها جي حيثيت پڻ رکي ٿو. آءٌ برادرم ميرزا ڪاظم رضا بيگ کي دل سان دعا ٿو ڪريان، جنهن پنهنجي خاندان جي هن عظيم المرتبت شاعر جي سلامن کي مرتب ڪري ههڙي بي بها ذخيري کي تاقيامِ قيامت محفوظ ڪري جس کٽيو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ اسين ميرزا قاسم علي بيگ جو اولاد موج وحدت پبليڪشن اداري جا ممنون آهيون، جنهن تمام سٺي نموني ۾ هن ڪتاب کي ڇپائي رثائي ادب ۾ اضافو ڪيو آهي.

مرحبا صد مرحبا صد مرحبا ’عبدالحسين‘

تو رثائي ادب ۾ ڪيو حق بجا ’عبدالحسين‘

بارگاهه سيد الشهداء ۾ ٿي مقبول وئي

جيڪا محنت آهي ڪئي ’ڪاظم رضا‘ ’عبدالحسين‘

بر لب ڪوثر بود ’قاسم علي‘، ٿيو حشر ۾

جام وٺندا ان کان ٻئي ’ڪاظم رضا‘’عبدالحسين‘

در دوعالم ميشوم قربان بَر نامٖ علي

ورد هو ’قاسم علي‘ جي دائما ’عبدالحسين‘

گڏ ڪيا ڪيڏي عقيدت سان ۽ محنت سان ڏسو

مرثيه گوشاعرن جا مرثيه ’عبدالحسين‘

هي علي آباد پڙ ۾ ٿي دعا ’فياض‘ جي

خوشدل وخندان رهن ’ڪاظم رضا‘’عبدالحسين‘.

 

علي نواز آريسر 

 

 

 

ڪهاڻين جو ڪتاب: ”ترورو“

 

ڪي ماڻهو پنهنجن ملوڪ مهانڊن جي ڪري وڻندا آهن، ڪي شخصيتون پنهنجي ڪردار ۾ مانائتيون هونديون آهن، ڪي شهر پنهنجي سونهن جي ڪري موهيندا آهن، اهڙيءَ طرح ڪي ڪتاب پاڻ ڏانهن ڇڪيندا آهن ۽ مون کي سدائين سُٺن ڪتابن جي اُڃ رهي آهي. ڪڏهن ڪڏهن مهينا گذري ويندا ڪنهن سُٺي ڪتاب لاءِ واجهائيندي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته روز جو سٺا ڪتاب پڙهڻ لاءِ پيا ملندا آهن پوءِ چپن، دل توڙي اکين جي اُڃ لهي ويندي آهي، جيئن ريگستان ۾ رهندڙ هرڻ لاءِ اهو مشهور آهي ته، هُو سال ۾ هڪ ڀيرو پاڻي پيئندو آهي، جڏهن برسات پوندي آهي ۽ برسات جو پاڻي هُن جي اُڃ لاهيندو آهي، پر پڙهندڙ جي اُڃ عارضي لهندي آهي، ڪجهه ڏينهن گذرندا ته وري اُڃ ستائيندي آهي، منهنجي ڪيفيت به ڪجهه اهڙي ئي آهي. مون پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪيترن ئي ڪتابن ۾ پناهه ورتي آهي، ڪيترا تاريخ جا ڪتاب پڙهيا آهن، ڪيترا ناول رَٽيا آهن، ڪيتريون ڪهاڻيون پنهنجي ذهن ۾ محفوظ ڪيون آهن، پوءِ به اُڃارو آهيان ۽ هر پل ڪنهن نئين ڪتاب جي ڳولا ۾ ڀٽڪندو آهيان.

اسان جي مانائتي ڪهاڻيڪاره ثمينه ميمڻ جي ڪهاڻين جو مجموعو ”ترورو“ ڪنهن حد تائين پڙهندڙ جي اُڃ اُجهائڻ جهڙو آهي. سندس هن مجموعي ۾ ڪُل 15 ڪهاڻيون شامل آهن، جيڪي سڀئي گهريلو زندگيءَ ۽ عورت سان ٿيندڙ  اتياچار تي آڌاريل آهن ۽ واقعي عورت جو درد عورت ئي سمجهي سگهي ٿي ۽ اُها ئي ان سان انصاف ڪري سگهي ٿي. مون ڪيترين اهڙين عورتن کي به ڏٺو آهي، جيڪي اندران ڀور ڀور ٿيل هوندي به مُرڪندي ۽ ٽهڪندي نظر اينديون آهن، ڇاڪاڻ جو اهي حالتن سان سمجهوتو ڪري وٺنديون آهن ۽ ڪيتريون اهڙيون عورتون به ڏٺيون آهن، جيڪي ڪمپرومائيز نه ڪرڻ ڪري پنهنجو گهر ٻار وڃائي ويهنديون آهن. آئون اهو نه ٿو چوان ته هر عورت کي ڪمپرومائيز ڪرڻ گهرجي ۽ هوءَ سڀ ڪجهه ڏسندي ۽ سهندي خاموش رهي، پر اهو ضرور چوڻ چاهيان ٿو ته جذبات ۾ اچي ڪو اهڙو قدم به نه کڻجي جيڪو پڇتاءُ جو باعث بڻجي. ثمينه جي ڪهاڻي ”رُوح رڙيو جنهن لاءِ“ اهڙي پڇتاءُ تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ ’پريت‘ پنهنجي انا جي ڪري ’سُندر‘ کي وڃائي ٿي ويهي ۽ پوءِ سڄي زندگي ان پڇتاءُ جي نالي گذاري ٿي ڇڏي. پريت ڪهاڻيءَ جي دنيا ۾ نئين نالي طور اُڀري ٿي اچي ۽ سُندر اڳ ۾ ئي ادب جي دنيا ۾ پاڻ مڃائيندڙ باشعور نوجوان هجي ٿو، اتفاق سان ٻنهيءَ کي يونيورسٽيءَ ۾ نوڪري به ملي ٿي وڃي ۽ هڪٻئي سان رسمي ڳالهه ٻولهه به شروع ٿئي ٿي ۽ پوءِ سُندر پنهنجي پيار جو اظهار هڪ خط وسيلي ڪري ٿو، جيڪو پريت کي گهڻو خراب لڳي ٿو ۽ هوءَ ٻئي ڏينهن يونيورسٽي پهچي هن جي تذليل ڪري ٿي، ٻئي ڏينهن جڏهن سُندر يونيورسٽيءَ ۾ نظر نه ٿو اچي ته هوءَ سندر جي پُڇا ڪري ٿي ۽ خبر پوي ٿي ته هُو 15 ڏينهن جي موڪل وٺي ڳوٺ ويو آهي. ان ئي گهڙي پريت جو پڇتاءُ شروع ٿئي ٿو ۽ هُو انهن 15 ڏينهن جي ختم ٿيڻ جو اوسيئڙو ٿي ڪري ۽ پنهنجي پاڻ کي آماده ٿي ڪري ته هوءَ سندر کان معافي وٺندي، پر هاڻي وقت گذري چُڪو هو، سندر 15 ڏينهن کانپوءِ شادي ڪري موٽي آيو هو ۽ پريت وٽ سواءِ پڇتاءُ جي ٻيو ڪجهه به نه بچيو هو. ثمينه جي هيءَ ڪهاڻي هن هڪڙي سٽ تي بيٺل آهي.

”جيڪا هميشه ڏيئا ٻاريندي رهي، اها ئي روشنيءَ لاءِ سِڪي ڪيڏو نه الميو آهي.“

اهڙيءَ طرح ثمينه جون ٻيون ڪهاڻيون به ذهن کي جنجهوڙي ٿيون ڇڏين، هر ڪهاڻي ڪنهن دُکي عورت جي درد ڪٿا آهي. اسان جو سماج ڪهڙي پاسي پيو وڃي، رشتن ناتن جي اهميت ڪهڙي ۽ ڪٿي بيٺي آهي، ان پسمنظر کي واضح ڪندڙ سندس ڪهاڻي ”ترورو“ آهي. هيءُ ڪهاڻي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندڙ هڪ اهڙي ڇوڪريءَ جي ڪهاڻي آهي، جنهن جون حسرتون لاش بڻجي ويل آهن، جوانيءَ جي جوڀن ۾ به هن جون آسون ڪر نٿيون موڙين،  هاسٽل هن لاءِ پناهه گاهه آهي، موڪلن ۾ به هن جي دل ڪڏهن ڇِڪ ڪونه کاڌي گهر وڃڻ لاءِ، گهر وڃي به ڪنهن وٽ؟ اُتي سندس پنهنجو هو به ڪير؟ ڀائر، جيڪي زالن جي حڪم جا پابند هُئا، هڪڙو پيءُ ئي ته سهارو هو، سو به خدا هن کان کسي ورتو هو. هن ڪهاڻيءَ جي منظرنگاري نهايت ئي وڻندڙ رُوپ ۾ ڪئي وئي آهي:

”هن جا نيڻ ته تڏهن کان کُليا پيا هُئا، جڏهن کان هن جو رشتن تان اعتماد کڄي ويو هو.“

”هن جي دل چاهيندي آهي ته موڪلون ڪڏهن به نه ٿين ۽ هوءَ هميشه هاسٽل ۾ رهي پئي هُجي.“

”اهي هاسٽلون اسان جهڙين ڇوڪرين لاءِ ئي ٺهيل آهن، جيڪي پنهنجي گهر جي اوڙاهه مان نڪري هت رهڻ تي مجبور هونديون آهن.“

اوچتو جڏهن دانش انيتا جي زندگيءَ ۾ آيو هو ته هُوءَ سڄي ڏڪي وئي هُئي، هن نه ٿي چاهيو ته هن جي زندگيءَ ۾ ڪو مرد شامل ٿئي ۽ اهو به هن سماج جي قهر جو شڪار ٿئي، پر محبت جڏهن ڪڙو کڙڪائيندي آهي ته اُها زوردار هوا جيان اندر ڌُوڪي ايندي آهي. ثمينه انيتا جي واتان گفتگو جيڪا ڪرائي آهي،  سا هن سُڌريل دَور ۾ جهالت جو هوڪو ٿي ڏي ته:

”اسين ڪيتريون به ايڊوانس هجون، ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجيءَ ۾ ڪيترا ڦاڙها ماريون، پر اسان وٽ پنهنجي حق لاءِ زبان کولڻ کي بي حيائيءَ جو لقب ڏنو ويندو آهي.“

انهن سڀني ڳالهين جي باوجود هن ڪهاڻيءَ جو ڪلائميڪس شاندار آهي، جنهن ۾ مايوس زندگيءَ کي به مرڪندي ڏيکاريو ويو آهي.

”چهڪ“ هيءَ ڪهاڻي به عورت جي درد جي ترجمان آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ جيتوڻيڪ هڪ سماجي اداري کي عورت جي لاءِ پناهه گاهه ڏيکاريو ويو آهي، پر هن ڪهاڻيءَ جو ٻيو پاسو اهم آهي، اُهو آهي خودداري. ڇاڪاڻ جو ساجد، حُور کي ٻي عورت جي ڪري ڇڏيو هو ۽ حُور همٿ ڪونه هاري هُئي، هن پنهنجي عزت به سلامت رکي هئي ته زندگي به شانائتي نموني گذارڻ شروع ڪئي هُئي ۽ جڏهن ساجد کي ان ٻي عورت ڇڏيو هو ته ساجد کي گهڻو پڇتاءُ ٿيو هو ۽ هن مختلف طريقن سان حُور کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر حُور هڪ همٿ واري عورت هئي، سا پنهنجي ڳالهه تي ثابت قدم رهي، هُن سماج کي اهو نياپو ڏنو ته عورت پنهنجي پيرن تي بيهڻ سکي  ورتو آهي.

”اندر رُوح رَهيام“ هيءُ ڪهاڻي هڪ ڳوٺاڻي عورت جي ڪٿا آهي، جنهن کي نه ڪيل ڏوهه جي سزا سڄي زندگي ڀوڳڻي پئي هُئي. هيءُ ڪهاڻي ڳوٺن جي ذهنيت کي ظاهر ڪري ٿي.

”آٿت“ هيءُ ڪهاڻي دل ۾ ريهون ڪڍائيندڙ ڪهاڻي آهي. ڇاڪاڻ جو سڪينه ٻي شادي ان لاءِ ٿي ڪري ته سندس پُٽ پڙهي سگهي ۽ ان کي پيءُ جو نالو ۽ سهارو ملي، ڇاڪاڻ جو سڪينه کي اڳئين مڙس طالق ڏئي ڇڏي هئي، ان کان پوءِ هوءَ پنهنجي ڀاءُ جي گهر ۾ رهيل هئي، جيتوڻيڪ سڪينه کي ڀاءُ ۽ ڀاڄائي هر طرح جو پيار ڏنو هو، ان جي باوجود هن کي پنهنجي گهر جو اونو هو، پنهنجي پُٽ جي پريشاني هئي، اهو ڄاڻي هن پاڻ کان وڏي عمر جي مرد سان شادي ڪئي هئي، جنهن شروع ۾ ته کيس ۽ پُٽ کي گهڻو گهُريو هو، پر پوءِ آهستي آهستي اها محبت گهٽبي وئي هئي ۽ هڪڙو ڏينهن اهڙو به آيو هو، جو اُهو پُٽ پنهنجي اصلي پيءُ ڏانهن هليو ويو هو ۽ هُوءَ هڪ ڀيرو ٻيهر اڪيلي رهجي وئي هُئي.

”ڏولي ڪير کڻي“ هيءَ ڪهاڻي موجوده برگر ڪلاس تي آڌاريل آهي، جيڪو نه مُئي جو آهي نه جيئري جو، ڪو ماڻهو مري ٿو وڃي ته ان جا گهر ڀاتي بجاءِ پريشاني ۽ روڄ راڙي جي تيل ڦليل ڪري سينگارجي سنوارجي اچي ويهندا آهن، ڄڻ ڪو ڪاڄ هجي، ان حد تائين جو ميت کي ڪُلهو ڏيڻ به عيب سمجهيو ٿو وڃي. هن ڪهاڻيءَ ۾ ڏولي کڻڻ وارو منظر لڱ ڪانڊاريندڙ آهي:

”ادي! ڳالهه ئي ڇڏي ڏي، ماڻهو مرن هڪڙن جا ۽ ڏوليون وري اسين کڻي مسجدن ۾ پهچايون.“

ميت جا گهر ڀاتي ميت کي مٽِيءَ ماءُ حوالي ڪري ڪپڙا ڇنڊي گهر هليا ٿا وڃن، ڏوليءَ به کڻڻ لاءِ تيار ڪونه آهن، اهڙي بيحسي، ماڻهن مان احساس ئي موڪلائي ويو آهي.

”ڏاهيون ڏک ڏسن“ هيءَ ڪهاڻي ٻن مردن جي سوچ تي مشتمل آهي. هڪڙو مرد اُهو آهي، جيڪو پنهنجي زال تي ٻين جي چوڻ تي شڪ ٿو ڪري ۽ ٻيو مرد اهو آهي جيڪو پنهنجي ڀيڻ جو چوڻ ڪندي اُن عورت جي مڙس کي سمجهائڻ لاءِ راضي ٿئي ٿو. هيءُ سڄي ڪهاڻي هن پيراگراف تي ٻڌل آهي:

”ڪوهياري پاڻ سان ئي جنگ ڪرڻ لڳي. وري پاڻ کان ئي سوال ڪرڻ لڳي ته ڇا سڀ مرد هڪجهڙا آهن؟ ڇا ايئن هميشه ٿيندو رهندو؟ نه نه ايئن ته ڪونهي. مرد ته منهنجو پيءُ به آ، ڀاءُ به آهي. پوءِ...نه نه ايئن ڪيئن ٿو ٿي سگهي. ڇو ته هڪ اِهو به ته مرد منهنجي سامهون آهي، جيڪو مون سان گڏجي هڪ عورت جي زندگي برباد ٿيڻ کان پيو بچائي.“

ثمينه جي هن ڪتاب ۾ سڀئي ڪهاڻيون احساسن تي ٻڌل آهن ۽ سڀني ڪهاڻين ۾ عورت جا سماجي پهلو، مجبوريون ۽ نا انصافيون ظاهر ڪيون ويون آهن. ۽ ثمينه پنهنجي ڪردارن سان خوب نباهه به ڪيو آهي. هيءُ ڪهاڻيون رُڳو فليش بيڪ ڪونه آهن، پر هنن ۾ سندس مشاهدو به شامل آهي، ڇاڪاڻ جو ڪنهن وڏي ڪهاڻيڪار چيو آهي ته:

”آئون جيڪي ڪهاڻيون لکان ٿو، اُهي رُڳو منهنجيون ته ڪونهن، اُهي اوهان جون به آهن.“

۽ واقعي اديب ته سماج جو نمائندو آهي جيڪو  انهن جا درد توڙي خوشيون پيو هڪٻئي تائين پهچائيندو آهي، جنهن کي اياز پيغمبر ڪوٺيو آهي.

”اديب پوسٽ مئن نه پيغمبر ٿيندا آهن ۽ انهن جو پيغام قومن جي تقدير بدلائي وجهندو آهي.“

پوپٽ پبلشنگ هائوس پاران ڇپيل هن ڪتاب جو مهاڳ ناليواري ڪهاڻيڪاره ۽ محقق ڊاڪٽر تنوير جوڻيجو لکيو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org