سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 2017ع

باب:

صفحو:8 

مجاهد حسين سولنگي

 

 

 

مفتون هزارين

 

تارا، شمس، قمر ۽ مفتون هزارين قربان ڪندڙ، پنهنجي دور جو عالم، بزرگ ۽ برک شاعر مولانا عبدالغفور ’مفتون‘ همايوني جي والد جو نالو محمد يعقوب پيچوهو هو. پاڻ اصل بلوچستان جو هو، پر غازي خان سومري جي فرمائش تي ڳوٺ همايون ۾ مدرسو قائم ڪري رهڻ لڳو. همايون ڳوٺ جي نالي پٺيان همايوني سڏجڻ ۾ آيو، پاڻ ڪيترين ئي ٻولين جو ڄاڻو هو. غزل ۽ ڪافين جو مجموعو ’ديوان مفتون‘ موجود آهي. همايوني جو سڄو ئي ڪلام بي بها فني ۽ فڪري پختگين سان سرشار آهي، پر پاڻ هڪ عدد هيٺ ڏنل ڪافي سرجي جنهن جي مقبوليت جو اندازو نه ٿو لڳائي سگهجي ڇاڪاڻ ته جڏهن ريڊيو پاڪستان خيرپور جي اسٽوڊيو مان ڪافي هلندي آهي ته ماڻهن جي دلين کي مُنڊي ڇڏي ٿي.

هڪ ڳالهه ٻڌائيندو هلان ته جڏهن اسان ننڍا هوندا هئاسين ته اسان جو استاد علي ڏنو سولنگي فائينل اديب سنڌي (سلور ميڊل) راڳ جي راڻي عابده پروين سان ڳائيندو به هلندو هو ڪنڌ به هڻندو هو، جڏهن ڪافي پوري ٿيندي هئي ته آخر ۾ همايوني صاحب جي مذڪوره ڪافي ۽ ميان سرفراز ڪلهوڙي جي مدح بابت ضرور اظهار ڪندو هو ته ’سنڌي ادب ۾ هي ٻه تخيل مرڻا ئي نه آهن.‘

سو سائين علي ڏني سولنگي جي ڳالهه وانگر جڏهن هاڻي ان جو اڀياس ڪجي ٿو ته سچ پچ همايوني صاحب جي فن ۽ پختگي جي حد نه آهي. ان دور کان وٺي موجوده دور تائين مفتون ٿيل ڪيترن ئي شاعرن نقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر همايوني سان همسري نه ڪري سگهيا آهن، البت سندن ڪلام ته رسيلو ۽ ڳائڪي جي سحرانگيزيءَ سان ٽمٽار آهي. ٻيو ته اڄ تائين اهو فيصلو به نه ٿي سگهيو آهي ته اهو تخيل گهاڙيتي جي لحاظ کان ڪافي، غزل يا نعت آهي. منهنجو مذڪوره استاد علي ڏنو سولنگي ته سدائين ڪافي چوندو هو، باقي علم عروض جو ماهر عبدالقيوم ’صائب‘ غزل جي لحاظ کان تقطيع ڪندي لکي ٿو ته ’بحر متدارڪ مخبون مضاعف (سورهن رڪني) ۽ وزن: فعلن فعلن فعلن فعلن فعلن فعلن فعلن فعلن. (صائب: عروض جا اهڃاڻ: ص 254/255: 2013) جڏهن ته مخدوم طالب المولا ڪتاب ڪافي ۾ حڪيم سيد عبدالغفار شاهه راشدي جي مضمون تي ٽيڪا ٽپڻي ڪندي لکيو آهي ته: ’مولانا صاحب جي ڪافي نه بلڪ غزل آهي‘ (مخدوم: ڪافي: ص 51: 2014ع) نوجوان محقق ڊاڪٽر الوسايو سومرو وري صنفي درجابنديءَ جي لحاظ کان مولود جو مطلب وٺي ٿو ۽ هن غزليه  تخيل کي نعتيه شاعري ڪوٺيندي لکي ٿو ته: ”مولانا امروٽي جي هڪڙي مولود مان ائين لڳي ٿو ته مٿس مولانا عبدالغفور همايونيءَ جو اثر هجي، ڇاڪاڻ ته پاڻ مولانا همايونيءَ جي هڪ مشهور نعتيه ڪلام جي تتبع ۾ هيءُ مولود چوي ٿو.“ (سومرو: خانقاهه ڀرچونڊي شريف جي ادبي تاريخ: ص 244: 2015ع)

منهنجي سمجهه مطابق سومرو صاحب صنفي درجا بندي ڪرڻ وقت ڪجهه غور فڪر ڪري ها ته بهتر هو ۽ جلدي ٻنهي عالمن جي غزلن/ ڪافين (غزل نما ڪافي) کي مولود نه چوي ها. جڏهن ته محمود شاهه بخاري پنهنجي ڪتاب ’آزادي جو امام‘ ۾ مذڪوره ڪلام غزل جي حصي ۾ ڏنو آهي. مولانا عبدالغفور همايونيءَ بظاهر 21 جون 1918ع تي وفات ڪئي آهي پر سندس علمي ادبي خدمتن باعث عوام ۽ سنڌي ادب جي سيني ۾ هميشه زنده رهندو.

ڪافي صنف جي فن ۽ تاريخ بابت ڪافي حد تائين تحقيق ٿي چڪي آهي، جنهن ۾ هيٺيون اشاعتون قابلِ ذڪر آهن. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: ڪافيون- 1، 2، 3: ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ

مخدوم محمد زمان ’طالب المولا‘: ڪافي: هالا طالب المولا اڪيڊمي

ڊاڪٽر فهميده حسين/ تاج جويو: ايڊيٽر: سنڌي ٻولي تحقيقي جرنل- ڪافي نمبر: حيدرآباد، سنڌي لينگئيج اٿارٽي ۽ ٻيا ڪتاب ۽ مقالا شايع ٿيل آهن، تنهنڪري اسان هتي ڪافيءَ جي تاريخ ۽ فن بابت ڊيگهه نه ٿا ڪريون. هن مقالي لکڻ جو مقصد صرف مولانا همايوني جي تخيل ’تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا‘ جي ادبي اهميت ۽ ان تخيل جي ڪاميابيءَ کان پوءِ جن شاعرن ساڳئي ڌارا ۾ ڪوشش ڪئي آهي، ان بابت ڄاڻ ڏيڻ آهي.

مولانا عبدالغفور همايوني جي ڪافي:

تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا، زندان هزارين مان نه رڳو،

تنهنجي شاهي دستر خوان مٿي، مهمان هزارين مان نه رڳو.

ڪئي گهايل تنهنجي گهور سندا، مخمور غفور سُرور سندا،

تنهنجي نور ظهور حضور سندا، نگران هزارين مان نه رڳو.

ڪيئي ابرو تيغ شهيد ڪيا، ڪيئي ناز مزيد مريد ڪيا،

ريءَ ناڻي ديد خريد ڪيا، قربان هزارين مان نه رڳو.

تنهنجي جلوي جمال عشوه گري، ڪيا ملڪ مطيع وسيع وري،

ڇا جن ملائڪ حور و پري، حيران هزارين مان نه رڳو.

ڪيئي نوڪر چاڪر جمع اڪبر ڪيئي خادم آهن خاقان نوڪر،

سوين در تنهنجي تي دارا سڪندر، دربان هزارين مان نه رڳو.

ماهه لقا محبوب مٺا تنهنجي ناز ادا تان جان فدا،

ٿيا دامن گير امير گدا، سلطان هزارين مان نه رڳو.

دلبر پيارا ڪر نور نظر، تون ته سُرور عالم جن بشر،

توتان قربان تارا شمس و قمر، مفتون هزارين مان نه رڳو.

سيد سخي صالح شاهه ولد غلام محي الدين جي ولادت 1870ع ڌاري راڻيپور ۾ ٿي، سندس نسبي سلسلو پيران پير سيدنا عبدالقادر جيلاني سان ملي ٿو، پاڻ باڪمال شاعر ۽ پنهنجي وقت جو وڏو بزرگ ٿي گذريا آهي. راڳ ويراڳ ۽ علم و ادب سان بيحد چاهه رکندا هو. سندس مشهور ڪافي ’سگهو موٽ سانول وري آ وطن تي‘ اڄ به موسيقي جي شوقينن جي سماعتن جو محور رهي آهي، ان دور جي مشهور ڪافي ’تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا‘ جو نقل ڪندي خوبصورت تخيل سرجيو اٿن، سندس وفات 1943ع ڌاري ٿي.

تنهنجي زلف جي پيچ اسير ڪيا، عرفان هزارين مان نه رڳو،

تنهنجي حسن جي تعريف سهڻا سدا، جن ملائڪ حيوان ڪندا.

آهن تابع تنهنجا شاهه گدا، انسان هزارين مان نه رڳو،

محبت تنهنجي دل ۾ دام وِڌو، پوءِ قابو ٿيڙس عام ٻَڌو.

انهيءَ پيچ پريت جي قيد ڪيو، ملوان هزارين مان نه رڳو،

ديدار تنهنجي لئه شمس و قمر، ٿيا زير زبر ان جي اختر.

حيوان پرنده لڳ دلبر، ديوان هزارين مان نه رڳو.

تنهنجي خاڪ قدم تان ڪيان جان فدا، دارا جهڙا ڪئين در جا گدا،

مفتون صالح وه نيڪ هدا، قربان هزارين مان نه رڳو.

(الطاف اثيم، مرتب: ساعت ساعت راهه نهاريان- سخي صالح شاهه جو ڪلام: ص 54: ناريجا پريس دادو سال نه آهي)

مولانا تاج محمود امروٽي جو اصل نالو سيد تاج محمود شاهه ۽ والد صاحب جو نالو سيد عبدالقادر عرف ڀورل شاهه هو. سندس تخلص ’حسن‘ ڪتب آيل آهي پاڻ خيرپور ضلعي جي ڳوٺ ديواني لڳ پريالو ۾ 1858ع ۾ پيدا ٿيو. پاڻ جيد عالم، فاضل، شاعر، قومي درد، روحاني فيض رکندڙ انسان هو، 1929ع ۾ وفات ڪري ويو (بخاري: آزاديءَ جو امام: ص 31/64: 2016)

تنهنجي جلوي جوت جمال مٺا، موهيا خان هزارين مان نه رڳو.

تنهنجي نيڻن ناز ڪمال ڪيا، حيران هزارين مان نه رڳو.

تنهنجي ورهه منجهان مخمور وتن، درس ڌيان ڇڏي، ديوانا ڦرن،

مجنونءَ وانگي مستان ڦرن، صنعان لکين ڦرن هڪ مان نه رڳو.

تنهنجي عشق اتان يا خيال سندن، سنسار سندي سامان ڪنا،

جند جان جثو، مڏيون مال سڄا، قربان لکين هڪ مان نه رڳو.

جڏهن ذات اوهان جي ظهور ڪيو، هر مظهر کي پُرُ نور ڪيو،

تڏهن عشق مون کي مخمور ڪيو، پڙهن سبحان لکين هڪ مان نه رڳو.

انهيءَ ويس صورت جي واهه مٺا، ماريون بڙڇيون بره جون ڪان چٽا،

سوين صرواحين سوز جي آهن ڪُٺا، مرد ميدان لکين هڪ مان نه رڳو.

مشتاق ملڻ جي ڪاڻ مٺا، لک ليئا پائي جهان سڄو،

سڪن ملڪ فلڪ حيوان سڀئي، جن انسان لکين هڪ مان نه رڳو.

جڏهن پرتئون پيچ ”حسن“ کي تن ۾، وجهي قيد ڪيو تو موهيو من ۾.

ويو هوش عقل هن شان حُسن، ڪيا پريشان لکين هڪ مان نه رڳو.

(بخاري: آزاديءَ جو امام: ص 337/ 338: 2016)

مير علي نواز ناز 9- آگسٽ 1884ع تي مير امام بخش خان ٽالپر واليءَ رياست خيرپور جي گهر پيدا ٿيو. مير صاحب اعليٰ تعليم يافته، يورپ ۽ هندستان جي ڪجهه ادارن جي سرپرستي ڪندڙ، اعليٰ پايي جو شاعر ٿي گذريو آهي. مير صاحب 25 ڊسمبر 1935ع ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه ڪربلا معليٰ عراق ۾ آهي. مير جي هن ڪافيءَ ۾ حضرت عشق جي مختلف وارتائن جو ذڪر آهي البت ڪافيءَ جو فني گهاڙيتو ۽ نمونو عبدالغفور مفتون همايوني جي ڪافيءَ سان گهري مماثلت ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي. مير صاحب جي ڪافيءَ ۾ ترنم ۽ ڳائڪي جا سمورا لوازمات چٽا پٽا ۽ سحر پذيري پيدا ڪندڙ آهن.

توتي جن ملڪ انسان ٿيا، حيران هزارين مان نه رڳو،

تنهنجي اکڙين جا احسان ٿيا، جن سورن جا سامان ڪيا.

تنهنجي پنبڙين جي پيڪان ڪيا، قربان هزارين مان نه رڳو،

تنهنجي زلفن ڏاڍا زور ڪيا، ڄڻ نانگ بشيهر شور ڪيا.

جن ڏنگ هڻي في الفور ڪيا، بيجان هزارين مان نه رڳو،

تنهنجي حُسن جا جلوا ڇا چئجن، جيڪي تازو ٿا ايمان ڪن،

جن تي دمدم ٿا صلوات پڙهن، انسان هزارين مان نه رڳو.

تنهنجي ناز گهڻا نروار ڪيا، جيڪي تنهنجا تابعدار ٿيا.

تنهنجي نينهن جا نوڪر يار ٿيا، سلطان هزارين مان نه رڳو.

(حامي: مرتب، ڪلياتِ ناز: مختلف صفحا: 1988ع)

فقير اميد علي ولد شيخ احمد جي ولادت 1890ع ڌاري روهڙي ۾ ٿي هئي، ڪجهه تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ ڍڪ منشي ٿي رهيو، ان نوڪري دوران پيرڳوٺ، ڪنڌرا ۽ صالح پٽ ۾ قيام ڪيائين، بعد ۾ نوڪري ڇڏي بکري ۾ باقر شاهه جي قبي جي ڀرسان شيخ احمد جي مزار تي اچي متولي بڻجي ويٺو. روحاني فيض حاصل ڪرڻ لاءِ سخي قبول محمد ثاني جو مريد ٿيو ۽ پوءِ فقير اميد علي دلگير سڏائڻ لڳو. پاڻ سٺو شاعر، موسيقي جو ماهر، ڀلو ڳائڻو هو. فقير صاحب ستر ورهين جي ڄمار ۾ 2 ڊسمبر 1956ع ۾ وفات ڪئي، کيس روهڙيءَ جي عيدگاهه واري قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. هيٺين ڪافي مولوي عبدالغفور مفتون همايوني جي فني تتبع تي سرجيل ڏسڻ ۾ اچي ٿي، ان ۾ فڪري نڪتو پنهنجي مرشد سخي قبول محمد فاروقي درازي (ٻئي) سان عقيدت ۽ محبت جا پيچ وريا آهن البت فني گهاڙيتي ۽ وزن بحر جي حوالي سان همايوني سائين سان فني توڙي فڪري مماثلت ڏسجي ٿي.

تنهنجي ديد سڄڻ خريد ڪيا، سلطان هزارين مان نه رڳو.

نينهن جا نيزا روز نوان، مون ڪاهيون اچن ٿا سيني سنوان.

ڪريو مهر جي بخش مون تي اوهان، قربان هزارين مان نه رڳو.

وڃان آءٌ سخي ڏي هاڻي هلي، ڪندو مرشد منهنجي پاڻهه ڀلي.

او سر تاج صاحب آهي بلي، انسان هزارين مان نه رڳو.

روز رڙان ٿي راڙو ڪري، ويو دلڙي کي ير ڌاڙو ڪري.

من محب اچي مون لاڙو ڪري، حيران هزارين مان نه رڳو.

لڪي نينهن ڳنڍڻ آ اوکو ادا، دلگير جيها اتي ڪيئي گدا.

اچي يار برهه مون باري وڌا، ديوان هزارين مان نه رڳو.

(شوق نواز علي: سخي قبول محمد ٻئي جي سلسلي جا شاعر: سرمست 14، ص 84/86 سال 1994ع)

جديد شاعرن جي ترجمان شاعر شيخ اياز جو جنم شيخ غلام حسين جي گهر ۾ شڪارپور ۾ ٿيو. پاڻ اعليٰ پايي جو شاعر ۽ نثر نويس هو، سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن. سندس تخليقن جو محور سنڌ وطن آهي. شيخ اياز قومي فڪر جي بنياد تي مولانا همايوني جي لاجواب طرز/وزن ۽ بحر تي تخليق ڪيل مزاحمتي غزل بابت عبدالواحد آريسر لکي ٿو ته: ”اها اياز جي مزاحمتي شاعريءَ ئي هئي، جنهن مون جهڙي ڪمزور ماڻهوءَ ۾ فولادي سگهه پيدا ڪئي، پر اهائي شاعري، ان کان اڳ هزارين نوجوانن کي ميدان ۾ آڻي ون يونٽ جو قهري ڪوٽ ڪيرائي چڪي هئي“ (آريسر: مضمون: مهراڻ شيخ اياز نمبر: ص 274: 2005)

شيخ اياز جو قومي ڌارا تحت سِرجيل ڪلام هيٺ پيش ڪجي ٿو.

بي موت مئا، تولاءِ ڪُٺا، انسان هزارين مان نه رڳو،

هن دنيا ۾ اي ديس هئا، نادان هزارين مان نه رڳو.

جي راهه اجل ورتي آ، هن ڀونءِ ڪئي ٻي ڀرتي آ،

هيءَ ڌرتي توکي پرتي آ، مهمان هزارين مان نه رڳو.

تون چئو م ڪڇان، تون چئو م لڇان، پر تو کان هڪڙي ڳالهه پڇان،

تون ڪنهن ڪنهن کي خاموشي ڪندين، اعلان هزاين مان نه رڳو.

هيءُ دور ”اياز“ گذرڻو آ، ۽ پنهنجو وارو ورڻو آ،

ڪو ٻارڻ نيٺ ته ٻرڻو آ، امڪان هزارين مان نه رڳو.

شاهه محمد ”ثاقب“ منگي ولد علي نواز منگي 01 فيبروري 1930ع ۾ پيدا ٿيو. تعليم حاصل ڪرڻ بعد استاد مقرر ٿيو، ترقي ڪري مختلف عهدا ماڻيائين، شاهه محمد ثاقب منگيءَ کي علم، ادب، موسيقي ۽ اداڪاريءَ سان ڏاڍو شوق هوندو هو، پاڻ ڪافيءَ جي صنف تي گهري دسترس رکندو هو. (هڪڙو: شڪارپور شهر جو ادب ۾ حصو: ص 374: 2009ع) مولانا عبدالغفور همايوني جي مذڪوره ڪافيءَ جو تتبع ڪندي خوبصورت لفظن ۾ پنهنجا خيال پيش ڪيا آهن، جنهن مان سندس ڪافيءَ بابت پختي مشق گوئي ثابت ٿئي ٿي.

تنهنجي ديد جي عيد سعيد ڪيا سلطان هزارين مان نه رڳو،

تنهنجي سونهن جي روح ورونهن سندا غلطان هزارين مان نه رڳو.

ڪيئي گهايل تنهنجي گهور سندا، ڪيئي عارف عبد غفور سندا،

مد مست شراب طهور سندا، مستان هزارين مان نه رڳو.

تنهنجي جلوي جوت جمال ڪيا، رخ روشن خد خال ڪيا،

تنهنجي نينهن نجيب نهال ڪيا، سلمان هزارين مان نه رڳو.

اي جاني تنهنجي جود سخا، سڀ ڪنهن تي روا آ صبح مسا،

منصور شمس تبريز ته ڇا صنعان هزارين مان نه رڳو.

اي روح ڪل تزئين زمن اي نور اول مختار عدن،

تنهنجي مدح ۾ ”ثاقب“ ڪيئي مگن، مهمان هزارين مان نه رڳو.

(هَڪڙو: شڪارپور شهر جو ادب ۾ حصو: ص 375: 2009ع).

غلام علي مخمور ولد محمد حيات 1906ع ڌاري شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. تعليم پوري ڪرڻ بعد سرڪاري نوڪريءَ ۾ گهڙيو، مخمور صاحب سٺو نثر نويس هجڻ سان گڏ ڀلو شاعر به هو، پاڻ مولانا همايوني جي مشهور ڪافيءَ ”تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا“ جي وزن بحر ۽ تخيل جو تتبع ڪندي بهترين طبع آزمائي ڪئي آهي.

در تنهنجي گدا ڏينهن رات سدا، سلطان هزارين مان ڇاهيان.

مفتون لکين ڪاڪل تي ٿيا قربان هزارين مان ڇاهيان.

تون نور منور نور خدا، سلطان زمن محبوب خدا،

هن حسن تجليءَ تيز ڪيا مستان هزارين مان ڇاهيان.

محبوب زليخا سان نسبت هو عڪس تنهنجي تصور جو آ،

هن صورت زيبا خون ڪيا ارمان هزارين مان ڇاهيان.

آ چاٽ لڳي الفت جي جنهن مدهوش سدا ديوان رهن،

حيران پريشان حال زبون حيران هزارين مان ڇاهيان.

مخمور ڪيا هڪڙي نگه مخمور سوين مخمور رهن.

هن صبح مسا هو در تي پيا ديوان هزارين مان ڇاهيان.

(هَڪڙو: شڪارپور شهر جو ادب ۾ حصو:ص 275: 2009ع).

لطف الله بدوي ولد امام بخش ’خادم‘ 4 جولاءِ 1904ع تي شڪارپور ۾ ڄائو. هو تعليم پوري ڪرڻ بعد تعليم کاتي ۾ استاد جي حيثيت سان گهڙيو. پاڻ مڃيل نثر نويس ۽ پختو شاعر ٿي گذريو آهي، سندس تخلص جوڳي، لطف بدوي رهيس. مفتون همايوني جي ڪافي جو نقل نهايت دلڪش پيرا ۾ ڪيو آهي.

تنهنجي حسن جهان افروز مٿي، حيران هزارين مان نه رڳو،

تنهنجي نقش قدم تي سجده ڪنان، قربان هزارين مان نه رڳو.

تون روز ازل جو راز نهان، تنهنجي نانءَ سندو مشتاق جهان،

تنهنجي قدسي ذات صفات مٿان، ناز ان هزارين مان نه رڳو.

اي صاحبِ حسن جميل الشيم، تنهنجي دست ڪرم ۾ لوح و قلم،

تنهنجي لطف سندا ارباب هم، نگران هزارين مان نه رڳو.

تنهنجي ذات جڏهن ٿي جلوي نما، هر ذري پڙهيو صل عليٰ،

هي ارض و سما، هي خلق خدا، خواهان هزارين مان نه رڳو.

جي صرف ڪريان هيءَ عمر سڄي، تعريف لکان مان ڪين رُڄي،

هي بحر عميق ۽ فصيح لڄي، غلطان هزارين مان نه رڳو.

هي ذڪر جميل آ ’لطف‘ لکيو، آ هجر ۾ جنهن جو حال ڏکيو،

هي ڪين فقط پروانو ٿيو، مستان هزارين مان نه رڳو.

(هَڪڙو: شڪارپور شهر جو ادب ۾ حصو: ص 269: 2009ع).

آغا غلام نبي ”صوفي“ ولد آغا گل حسن جو جنم 18 سيپٽمبر 1889ع تي شڪارپور ۾ ٿيو، بنيادي تعليم شڪارپور مان حاصل ڪرڻ بعد سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي پڙهڻ لاءِ ويو. ڊاڪٽر هڪڙو صاحب لکي ٿو ته: ”آغا صوفي پنهنجي دور جي وڏن شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو. هُو مئٽرڪ جي امتحان ۾ سنڌي مضمون جا پيپر نثر بدران نظم ۾ ڏيندو هو. آغا صوفي جي شاعريءَ ۾ فني ۽ فڪري سٺائي اعليٰ پايي جي آهي. صوفي صاحب، مولانا همايوني جي ڪافيءَ ”تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا“ جو تتبع به تمام خوبصورت انداز ۾ ڪيو آهي، جيڪا پنهنجيءَ جاءِ تي هڪ ڪامياب شاعر جي نشاني محسوس ٿئي ٿي.

تنهنجي زلف جي سياه خط خال مٿان، قربان سوين هڪ مان نه مٺا،

هڪ زلف اوهان جي ماه لقا، ڪيا خادم خاقان شاهه گدا.

تنهنجي در تي دارا دلربا، دربان سوين هڪ مان نه مٺا،

ٿا لات پکي ڏينهن رات لنون، تنهنجي ساراه ملڪ به ملڪ چون،

تنهنجي در تي نادر ناٿ نِوَنِ، ٿا خان سوين هڪ مان نه مٺا.

تنهنجا عين مثل الماس ٻئي، سڌ سونهن سندي هر سوءِ پئي،

تنهنجي الفت جا ٿا ڪن ڪيئي، ارمان سوين هڪ ما نه مٺا.

ڪيئي محبت ملهه خريد ڪيا، ڪيئي پاڪ پريت پليد ڪيا،

تنهنجي ديدن مست مريد ڪيا، سلطان سوين هڪ مان نه مٺا.

ڪئي آه آغا خوب ثنا، وڃ هوت اڳيان پڙهه بادِ صبا،

ڪن مفت اوهان جي صلِ اعليٰ، انسان سوين هڪ مان نه مٺا.

(هَڪڙو: شڪارپور شهر جو ادب ۾ حصو: ص 217/218: 2009ع).

مير علي نواز علويءَ جا وڏا ڪلهوڙا دور ۾ افغانستان مان لڏي اچي شڪارپور ۾ رهڻ لڳا. ميرعلي نواز علوي اعليٰ پايي جو حڪيم، اديب، شاعر، فارسي، عربي ۽ مادري زبان سنڌيءَ تي مڪمل دسترس رکندڙ عالم هو. سندس ڪيتريون ئي تصنيفون آهن. علوي صاحب به مولانا همايونيءَ جي ڪافيءَ جو تتبع ڪيو آهي، جيڪو پنهنجيءَ جاءِ تي دلپذير آهي.

تنهنجي حسن سڄڻ حيران ڪيا، انسان هزارين مان نه رڳو،

تنهنجي شان برابر شاهه نه ڪو، تنهنجي سونهن سندو مٽ ماه نه ڪو.

تنهنجي خيال کان خالي ساهه نه ڪو، خواهان هزارين مان نه رڳو،

قرآن سراسر شان تنهنجو، آهي واصف خود رحمان تنهنجو.

ٻيو ڪهڙو ڪري ته بيان تنهنجو، حيران هزارين مان نه رڳو،

ٻڌا جاني جن ڪلام تنهنجا، ڪن سهسين سڪ مان سلام تنهنجا.

ٿيا حلقه بگوش غلام تنهنجا، سلطان هزارين مان نه رڳو،

تنهنجا مادح ميڪائيل جهڙا، ڪيئي عاشق اسرافيل جهڙا.

تنهنجي در تي جبرائيل جهڙا، دربان هزارين مان نه رڳو،

تو تان پاڻ فدا ڪن شاهه گدا، ريءَ ناڻي ٻانها ٻول ٻڌا.

ٿيا خادم تنهنجي خلق سندا، خاقان هزارين مان نه رڳو.

ناهي ’علوي‘ هڪ مفتون تنهنجو، آهي عالم سڀ ممنون تنهنجو.

ٿيو جاني جڳ مرهون تنهنجو، خواهان هزارين مان نه رڳو.

(هَڪڙو: شڪارپور شهر جو ادب ۾ حصو: ص 217: 2009ع).

الحاج رحيم بخش ’قمر‘ لاکو، اباڻي ڳوٺ عمر راهو تعلقي دولت پور ضلعي نوابشاهه ۾ 1933ع ڌاري جنم ورتو ۽ وفات 27 نومبر 1993ع ۾ ٿي. پاڻ سڄي عمر دينداري ۽ پيش نمازيءَ ۾ گذاري. الحاج صاحب ڪيترائي نظم ۽ نثر ۾ ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي جهولي ۾ وڌا آهن. پاڻ ڀلوڙ شاعر هو، مولانا همايوني جي مشهور ڪافي ”تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا“ جو تتبع به لاجواب پيرائي ۾ ڪيو آهي. ڪلام هيٺ ڏجي ٿو:

تنهنجي مست نظر، بيخبر ڪيا، مخمور هزارين مان نه رڳو.

تنهنجي زلف اسير، ڪثير ڪيا، مجبور هزارين مان نه رڳو. (الحاج رحيم بخش ’قمر‘- سيرت محمدصه: ص 104:) مٿئين ڪافيءَ جو صرف بند ملي سگهيو آهي.

ڪافي 2.

تنهنجي مست اکين مخمور سڄڻ، ڪي مست ڪيا، ڪي مريد ڪيا،

گهائي گهوٽ گهڻا تنهنجي گهور سڄڻ، ڪي مست ڪيا ڪي مريد ڪيا.

تنهنجي صورت تي سج، چنڊ فدا، تنهنجي مرڪ تي ٿيڙو منڊ فدا،

تنهنجي نيڻ جي نت نور سڄڻ، ڪي مست ڪيا ڪي مريد ڪيا.

تنهنجو جوڙ نه جڳ ۾ رب جو قسم، لب تنهنجا گلاب جي گل کان اتم،

تنهنجي زلفن جي کستور سڄڻ، ڪي مست ڪيا ڪي مريد ڪيا.

تنهنجي نينهن ڪيا نروار لکين، تنهنجي ناز و ادا تان نثار لکين،

تنهنجي سونهن، سخا ۽ سُرور سڄڻ، ڪي مست ڪيا ڪي مريد ڪيا.

توتي ملڪ سڄو مستان پرين، توتان لاکو ’قمر‘ قربان پروين.

تنهنجي محفل جي مذڪور سڄڻ، ڪي مست ڪيا ڪي مريد ڪيا.

(الحاج رحيم بخش ’قمر‘: کڻي نيڻ خمار مان: ص 50)

اسان مٿي سنڌي ادب جي 12 ناليوارن شاعرن جون ڪافيون جيڪي ڳائڪي ۽ فڪر جي لحاظ کان مولانا عبدالغفور همايوني جي مشهور ڪافي ’تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا‘ جو تتبع آهن، سي پيش ڪيون آهن، پر مٿئين مواد جي دستيابيءَ مان پڪ آهي ته اڃا ڪي صاحبِ ڪهنه مشق عالم/شاعر ضرور هوندا جن مولانا همايوني جو تتبع ڪيو هوندو، پر مون کي وڌيڪ مواد نه ملي سگهيو آهي. مٿي حاضر مواد مان واضح ٿئي ٿو ته همايوني صاحب اعليٰ فڪر، فهم، پختگي رکندڙ سنڌي ادب جو ستارو هو، جنهن جي فن ۽ فڪر تي سنڌ جو ايندڙ نسل به ناز ڪندو رهندو.

حوالا:

1. صائب، عبدالقيوم: عروض جا اهڃاڻ: سنڌي ساهت گهر 2013ع

2. مخدوم، محمد زمان طالب المولا: ڪافي: هالا، طالب المولا اڪيڊمي 2014ع

3. الطاف اثيم، مرتب: ساعت راهه نهاريان- سخي صالح شاهه جو ڪلام: ص 54: ناريجا پريس دادو سال نه آهي.

4. بخاري، محمود شاهه، ڊاڪٽر: آزاديءَ جو امام: ڪراچي، سنڌيڪا اڪيڊمي 2016ع

5. سومرو، الهوسايو، ڊاڪٽر: خانقاهه ڀرچونڊي شريف جي ادبي تاريخ: ڀرچونڊي شريف، حافظ الملت اڪيڊمي 2015ع.

6. حامي، عطا محمد، ڊاڪٽر: مرتب، ڪلياتِ ناز: مختلف صفحا: ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ 1988ع).

7. شوق، نوازعلي، ڊاڪٽر: سخي قبول محمد ٻئي جي سلسلي جا شاعر: سرمست 14: خيرپور، سچل سرمست يادگار 1994ع.

8. آريسر عبدالواحد: مضمون: مهراڻ، شيخ اياز نمبر: ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ 2005ع.

9. هَڪڙو، انور فگار، ڊاڪٽر: شڪارپور شهر جو ادب ۾ حصو: ڄام شورو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي 2009ع.

10. کڻي نيڻ خمار مان/سيرت حمدصه: الحاج رحيم بخش ”قمر“: شڪارپور، مهراڻ اڪيڊمي. 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org